آگم ڪيو اچن...

مھراڻ ساگر (ندي)

مھراڻ ساگر

اضافي ڄاڻ

مھراڻي ملڪچين، ڀارت ۽ پاڪستان
مھراڻ نديءَ جي ڊيگهہ3180 ڪلوميٽر
سمنڊ جو ڇوڙسنڌ
رسالي جا سرگهاتو

موجود ڊجيٽل نقشو

موجودہ ڊجيٽل نقشو

مھراڻ ندي جنھن کي انگريزيءَ ۾ (Indus River) سڏجي ٿو  ان لاءِ اھو چيو وڃي ٿو تہ: آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌو نديءَ مان ڪيتريون ئي شاخون پئي نڪتيون آھن ۽ بند ٿيون آھن. خود سنڌو ندي بہ پيئي وقت بہ وقت وھڪرا ڦيرائي. آر-جي- بئنر جي بھاولپور رياست کان وٺي (جتان ھاڪڙو نديءَ جو وھڪرو معلوم ٿئي ٿو  کيرٿر جبلن جي قطار تائين 18 جاين تي سنڌونديءَ جي جهونن وھڪرن جا نشان معلوم ڪيا آھن. اڄ تائين ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ رامڪي بازار جي ويجهو پُراڻ آھي. پراڻ لفظ جي معنيٰ آھي پراڻو درياءُ. ڪي چون ٿا تہ سنڌو نديءَ جي ھڪ شاخ اڳي اُتان وھندي ھئي. سنسڪرت ۾ سنڌو معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ، اُن جو ڌاتو يا بنياد آھي ”سينڌ“، معنيٰ وھڻ. جنھن سنڌوءَ جي بنيادي معنيٰ آھي ”جا سدائين پيئي وھي“. اھو سٿين يا تاتاري نالو آھي. سنسڪرت ۾ مھارڻو، مھا =وڏو ۽ اَرڻو= جل. سمنڊ يا وڏو سمنڊ. سمنڊ جو پاڻي کارو ٿيندو آھي، پر ھن نديءَ جو پاڻي مٺو ھو، جنھنڪري اُن کي مٺو مھراڻ ڪري چوندا ھئا ۽ ڪڇ جي رڻ مان ٻيڙيون ۽ جھاز ھلندا ھئا، جي رامڪي بازار ۽ ٻلهياري (تعلقي ڏيپلي) وٽ اچي پڳھ ھڻندا ھئا، جنھنڪري اھي بندر ھئا ۽ نديءَ جو پاڻي رڻ مان وھي لکپت تائين پھچندو ھو ۽ لکپت جي ساريال پوک جو مدار ئي انهيءَ پاڻي تي ھو. 

ھن بابت ڪرنل جيمس ٽاڊ لکي ٿو تہ ”بکر کان اتر 7 ميل پنڌ تي سنڌو نديءَ مان ھڪ شاخ نڪري لکپت جي ڀرسان سمنڊ ۾ پوي ٿي. اھا سنڌ جي اوڀر پاسي ڀٽن جي ڀرسان وھي ٿي. ھن کي مٺي ندي يا مٺو مھراڻ چون ٿا. انهيءَ ڪري اڄ تائين ڀٽن جي ڏاڍي زمين جي دنگ واري ٽڪر کي ”مھراڻو“ چوندا آھن. ھيءَ ندي ھاڪڙو شاخ بند ٿيڻ کان پوءِ وھندي ھئي. ھينري ڪزنس لکي ٿو تہ ”قديم زماني کان وٺي سنڌ ۾ ٻہ وڏيون نديون وھنديون ھيون: ھڪڙي ھاڻوڪي سنڌو ندي ۽ ٻي مھراڻ ندي. سن 962ع ۾ ھڪ خوفناڪ زلزلو آيو، جنھن سکر ۽ بکر وارا ٽڪر ٽوڙي ڇڏيا. انھيءَ زلزلي سبب الور وٽان مھراڻ رخ ڦيرايو تہ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب شھر ڦٽي ويو.“ چوڻ ۾ اچي ٿو تہ مھراڻ ندي وڳہ ڪوٽ جي ڀرسان وھندي ھئي ۽ اڄ تائين وڳہ ڪوٽ جي ويجهو زمين مان پاڻيءَ جون ڳريل ڪاٺيون ۽ ٻيا اھڙا نشان ملندا آھن، جنھن مان سمجهجي ٿو تہ مھراڻ ندي ضرور اڳي اِتان ئي وھندي ھئي.

’وادي مھراڻ‘ جو نالو ڪيئن پيو؟ 

 آرڪيالاجيءَ جا ماھر چون ٿا تہ مھين جو شھر پوئين پٿر جي دؤر جو حسين يادگار آھي. پوئين پٿر جي دؤر جي طبعي عمر ڏھ ھزار سال چئي وڃي ٿي. ’مھراڻ جي وادي‘ سنڌوماٿريءَ کي چيو وڃي ٿو. ’مانسرو ور ڍنڍ‘[1] کان کاري ڇاڻ تائين سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن جي وڇايل ميدانن کي ’مھراڻ جي وادي‘ چيو وڃي ٿو. اڃا مھراڻ جي وسعت کي وڌائڻ لاءِ ھيئن چئي سگهجي ٿو تہ سنڌوءَ جو پاڻي جتي پھچي زمين آباد ڪري ٿو، اھي سڀ آباد علائقا ’وادي مھراڻ‘ ۾ اچي وڃن ٿا. 

 مھين جي اؤج واري زماني جي ھڪ روايت سنڌوءَ جي تڙ يعني بندر رڪڻ جي ھڪ وڏي ٻيڙيائت، اڀريي خان ھيئن بيان ڪئي تہ: ’مھين جو شھر مھاڻن جو ٻڌرايل ھو، جيڪو سنڌوءَ جو ھڪ وڏو بندر ۽ واپاري مرڪز ھو. مھين ۾ سنڌوءَ جا ٽي بندر ھئا، جن تي آمد رفت ٿيندي ھئي؛ مھين جو بندر، دلمون بندر مھراڻ بندر. 

 مھين ۾ درياھ جو وڏو پوڄارو ’مھراڻ‘ نالي ھڪ مھاڻو ھو، جنھن سنڌ ۾ پھرين ٻيڙي ٺاھي، سنڌوءَ ۾ لاٿي. ممڪن آھي تہ ھو ٻيڙيءَ کان اڳي ٽلو ۽ تر ٺاھي درياھ ۾ اور پار آيو ويو ھوندو ۽ ان مان ٻيڙي ٺاھڻ جو خيال ذھن ۾ آيو ھوندس. 

 چون ٿا تہ ان سمي مھين کان ڪجهہ فاصلي تي اتر ۾ چيل يا ديال جھڙي ڪاٺ جا ٻيلا ھئا، جتان ھن مھاڻي ڪاٺ وڍرائي ٻيڙي ٺاھي، جنھن جي ساخت موجودہ سنڌي ٻيڙيءَ جھڙي ھئي. مھراڻ، اھا ٻيڙي، واھوندن جي موسم ۾ درياھ ۾ لاٿي. يارهن ڏينھن لڳاتار مھين جي ماڻهن جشن ملهايو ۽ درياھ شاھ جي پوڄا پاٺ ڪئي. ھر سال ان ڏينھن تي ’مھراڻ جشن‘ ملهايو ويندو ھو. مھراڻ مھاڻي پنھنجي ٻيڙي انھيءَ طرف رواني ڪئي، جيڏانھن سنڌو وھي آئي ٿي. مھراڻ، ست پھلوان جوان ٻيڙي ڪاھڻ لاءِ ساڻ کنيا. چئن پنجن مھينن جي پنڌ کان پوءِ مھراڻ ’مانسرو ور ڍنڍ‘ تي پھتو. اتان جا سنڌوءَ جي ڪنارن تي آباد ٿيل ماڻهو ’مھراڻ‘ کي ديوتا سمجهڻ لڳا ۽ سندس قدم چمڻ لڳا. ٻھ مھينا مھراڻ پنھنجي ٻيڙي مانسرو ور ڍنڍ ۾ ڦيرائي گهيرائي. ان سمي مانسرو ور جا ٻھ ڊيم يا ٻھ حصا ھئا: ڏکڻ واري حصي کي مھراڻ ديوتا جي ڍنڍ چوڻ لڳا ۽ اتر واري حصي کي مانسرو ور. مھراڻ جڏھن واپس مھين طرف موٽيو، تڏھن ھڙپ ۽ ڌرپ نالي ٻن ديوتائن، مھراڻ کي ٿورن ڏينھن لاءِ پاڻ وٽ ترسايو. مھراڻ جي آجيان لاءِ ھڪ جشن ڪرايو ويو، جنھن ۾ ’سنڌوءَ‘ جو نالو بدلائي ’مھراڻ‘ رکيائون. ’مھراڻ‘ سانوڻ جي مند ۾ مھين جي تڙ تي پھتو. مرد ۽ عورتون قطارون ٻڌي گهٽين ۾ بيٺا ۽ مھراڻ ۽ سندس ساٿين تي ڪنول جي گلن جي ورکا ڪندا رهيا. مھراڻ جي ستن ساٿين کي ’ميد مھاڻا‘ سڏيائون. يارهن ڏينھن وٽن رهي، مھراڻ، انھيءَ طرف ٻيڙي ڌڪي، جيڏانھن سنڌوءَ جو وھڪرو وھيو ٿي. ستن ڏينھن اندر ٻيڙي شاھبندر واري ھنڌ تي پھتي. سمنڊ متل ڏسي مھراڻ جي ھمراھن دل نہ جهلي ۽ سنڌوءَ جي ڪناري تي ٻيڙي ٻڌي ڇڏيائون. مھراڻ ٻن مھينن بعد وري موٽ کائي، سڀني ساٿين سان گڏ مھين بندر تي پھتو“. 

 روايت ڪندڙ اڀري خان ملاح وڌيڪ ٻڌايو تہ ”مھراڻ جڏھن کاري ڇاڻ کان ٿي موٽي آيو تہ ھن کي پٽ ڄائو، جنھن جو نالو مھين وارن ’سوڀارو‘ رکيو. مھراڻ، کاري ڇاڻ ۾ سمنڊ جي ڏيا ڏٺي ھئي ۽ محسوس ڪيائين تہ سندس ٺھيل ٻيڙي سمنڊ جي سٽ سھي نہ سگهندي. ھن پوءِ پوري ھڪ سال جي محنت سان وڏو ٻيڙو تيار ڪيو ۽ ان کي مھين جي وڏي تڙ تي بيھاريو. پاڻيءَ ۾ لاھڻ کان پوءِ انھيءَ ٻيڙي يا ’واڻ‘ جا رسا، سڙهہ، آلات ۽ کوھو تيار ڪيائين. وري بہ واھوندن جي مند ۾ سون، چاندي، عاج ۽ ڪپھھ ٻيڙي ۾ وجهي، کاري ڇاڻ کان سمنڊ ۾ پھتو. انھيءَ دؤر ۾ بابلين ۽ سميرين جو واپار سنڌ جي واپاري مرڪز ’مھين‘ سان ھلندو ھو. مھراڻ بہ سمنڊ جو واپار سکيو. 

 روايت ڪندڙ وڌيڪ ٻڌايو تہ ”سؤ سال مھراڻ ڏيساور سان واپار ڪندو رهيو، پوءِ سوڀاري، جنھن کي ’ناکئو سوڀارو‘ سڏيو ويندو ھو، بابلين ۽ سميرين سان واپاري تعلقات قائم رکيا ۽ مھراڻ جي نقش قدم تي ھلندو رهيو.“ 

 مھاڻا: ’مھاڻا‘ نالو ميربحرن جو بنيادي نالو آھي. ڪن محققن جو چوڻ آھي تہ ’مھاڻو‘ لفظ ’مھراڻو‘ آھي، جو بدلجي مھاڻو ٿيو آھي؛ ڪن جو چوڻ آھي تہ ’مھاڻو‘ لفظ جي معنيٰ آھي ’مانائتو‘ ميربحر يا اميرالبحر (بحر جو بادشاھ). ميربحر نالو عربن کان پيل آھي. مھاڻو بہ ايترو ئي تعظيم وارو نانءُ آھي. مھاڻا رڳو مڇي ڪونہ ماريندا ھئا، مگر ھو ٻيڙا ۽ غوراب بہ ھلائيندا ھئا. سنڌ جي ملاحن کي وڏا ٻيڙيائت بہ چوندا آھن. ملاح يا مھاڻو قبيلو، سنڌ جو اوائلي قبيلو آھي، ڇو جو پھرين سڀ ماڻهو درياھ جي ڪنارن تي آباد ٿيا ھئا. ان ڳالهہ جي ڪوبھ محقق يا تاريخدان مخالفت نٿو ڪري سگهي. مھين جا مھاڻا، ھنرمند ۽ وڻجارا ھئا. ھنن جو ڏورانھن ڏيھن سان واپار ھلندو ھو. مھين جو شھر مھاڻن جو ٻڌايل شھر ھو، ان لاءِ رئيس ضياءُ الدين بلبل ۽ تاج صحرائيءَ ڪيترا دليل ۽ ثبوت ڏنا آھن. 

 مھاڻو قبيلو سنڌ جو وطن پرست قبيلو آھي، جيڪو صدين کان سنڌ جي حفاظت لاءِ جان ۽ مال جي قرباني ڏيندو رهيو آھي. 

 ’ميد‘ پھريان جان نثار آھن، جن سڪندراعظم کي ٽوٽا چٻايا. سڪندر پاڻ سان گڏ فنيقي ملاح آندا ھئا. ميدن سڪندر جي لشڪر تي رات جو حملا ڪري، يوناني لشڪر کي جاني ۽ مالي طرح وڏو نقصان رسايو. جيتوڻيڪ سڪندر جا سپاھي، جن ميدن کي ماريندا ھئا، تن جا سر وڻن ۾ ٽنگي ڇڏيندا ھئا تہ جيئن ميدن تي ھراس ويھي، پر ھو بھادر مرد، ھر روز مٿن راتاھا ڏيندا يعني سڪندر جي لشڪر تي حملا جاري رکندا ھئا. ميدن جي ڊپ کان سڪندر دل مان دنيا فتح ڪرڻ جو خيال لاھي، بابل ڏانھن موٽ ڪئي ۽ ناڪاميءَ جي سور ۾ اتي وڃي مئو. 

 راءِ گهراڻي جي حڪمران راءِ سھاسيءَ جي دؤر ۾ ملاحن يا مھاڻن کي آبياني جو حصو ملندو ھو، جنھن جي عيوض ھو درياھي يا سامونڊي حدن جي حفاظت ڪندا ھئا. چچ ۽ ڏاھر بہ ملاحن کي آبياني جو ڪجهہ حصو ڏنو. ان دور ۾ جيڪي آباديون سنڌو درياھ جي پاڻيءَ تي ٿينديون ھيون، تن جي آبياني جي رقم ملاحن کي ملندي ھئي. ديبل بندر تي واسو يا واسوا (ڪارو) راڄنيتي ۽ پئنچات جو مکيھ ميمبر ھو. راجا ڏاھر جي وقت ۾ جڏھن سرانديپ/ سلون جا جھاز توائي ٿي، طوفان ۾ ڌڪجي، سنڌ جي حدن ۾ آيا، تڏھن ڪاري واسو پنھنجي غورابن تي چڙهي، چار جھاز يا غوراب، جن ۾ عربن جون چند عورتون بہ ھيون ۽ گڏوگڏ ڪيترو ئي مال اسباب پڻ ھو، گهيري ۾ آڻي، ديبل بندر تي آندا. ديبل شھر جي گورنر عربن جي مال ۽ عورتن مان سرڪاري اعلانيھ حصو نہ ڏنو، ان ڪري واسو ناراض ٿي پيو ۽ عربن جا جھاز جڏھن ديبل بندر فتح ڪرڻ لاءِ سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيا تہ واسوءَ جي حڪم تي درياھي ڌاڙيلن (ملاحن) جھازن کي نہ روڪيو ۽ اھي آسانيءَ سان بندر تي پھچي ويا. 

 مھين کان پوءِ ميدن پنھنجا حق سنڌو درياھ تي قائم رکيا ۽ پنھنجيءَ طاقت سان ملاح قبيلي کي اوج ڏياريو. ان کان ڪيتريون صديون پوءِ بہ ملاح يا مھاڻا پنھنجن حقن جي حفاظت ڪندا آيا. عربن جي دور- حڪومت ۾ مڇيءَ تي ڪا ڍل وغيرہ ڪانہ ھئي، پر سنڌ جي سامونڊي حدن جي نگھباني عرب ملاحن جي حوالي ڪئي وئي. 

 سنڌو درياھ جي وھڪرن جو جائزو: 

 سنڌو درياھ جي قدامت، سنڌ جي تھذيب کان بہ پراڻي آھي. ٿٻيٽ مان ”سنگي ڪباب (شينھن جي وات وٽان) مانسرو ور ڍنڍ ۽ ھماليھ جي اوچن پھاڙن جي گود مان ٿيندي، سنڌوندي جابلو علائقن مان ور وڪڙ کائي، ميداني علائقن ۾ پھچي ٿي. ان بعد سنڌ جي حسين واديءَ مان وھي، کاري ڇاڻ کان بہ ھيٺ ڊيلٽا ٺاھي، سمنڊ ۾ پوي ٿي. 

 سنڌو نديءَ بابت آثار قديمھ جي ماھرن جي تحقيقات آھي تہ سنڌ ڌرتيءَ تي پنجن ميلن کان وڌيڪ ڪٿي بہ اھڙي زمين ڪانہ ملندي، جا سنڌوءَ اٿلائي نہ ھجي. سنڌونديءَ وقت بہ وقت پنھنجا رخ پئي بدلايا آھن: ڪڏھن ’کير ٿر‘ جي ڀر ۾ وھي آھي تہ ڪڏھن ٿر جي سار لڌي اٿس. سنڌ جون سموريون ڍنڍون، سنڌو درياھ جا پراڻا پيٽ آھن. ’منڇر‘ جھڙي ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ پڻ سنڌوءَ جي ڇڏيل پراڻ آھي. سنڌوءَ جڏھن بہ پنھنجي وھڪري جو رخ بدلايو آھي تہ پراڻي وھڪري کي ڍنڍ جي صورت ۾ ڇڏيو آھي. ڪيترا سال ’بَر ھرن‘ جي موسم يا درياھي چاڙهہ جي موسم ۾ اھي پراڻ جا ڍورا ڀرجي وھندا ھئا. لطيف سائينءَ سر ڏھر ۾ ڍور، ڍاڳي، ٻلھيار ۽ پراڻ جو ذڪر ڪيو آھي، اھي بہ سنڌوءَ جا ڇڏيل ڍورا آھن. ’منڇر‘ واري درياھ لاءِ ھڪ آرڪيالاجيءَ جي ماھر لکيو آھي تھ: ”منڇر جي پيٽ وارو درياھ، مھين جي تباھيءَ جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو“. ھن وڌيڪ لکيو آھي تہ: ”راتو رات منڇر واري درياھ جي پيٽ ۾ ٻھ ٽڪر اڀري پيا، ڄڻ درياھ کي آڏو بند اچي ويو ۽ پاڻيءَ پوئتي اٿل کاڌي لوھم ۽ مھين جا شھر انھيءَ اٿل ۾ تباھ ٿيل ڀانئجن ٿا.“ 

 سنڌوءَ جو منڇر وارو وھڪرو: 

 سنڌو درياھ مھين جي اوڀر ۾ وھندو ھو. موجودہ ڏوڪريءَ جي ڏکڻ کان وٺي راڌڻ جي ’گهڙي جي پراڻ‘: انھيءَ درياھ جو پيٽ ھو. گهڙي جي ڍنڍ کان درياھ، ’ٻيلي پتڻ‘ کان وھندو، سون مياڻيءَ جو اولهہ وارو پاسو وٺي، موجودہ جوھيءَ ۽ ڇنيءَ کان منڇر جي پيٽ ۾ وڃي پوندو ھو. ان درياھ کان اڳي سنڌوءَ جو وھڪرو موجودہ ’چڪڻ ڍنڍ‘ وارو ھو، جيڪو اوڀر کان وھي لوھم جي اولهہ ۾ وھندو، منڇر واري پيٽ ۾ وڃي پوندو ھو. مھين جي تباھيءَ جو ڪارڻ جيڪڏھن منڇر جي پيٽ ۾ اڀريل ٽڪر آھن تہ منڇر ڍنڍ، سنڌوءَ جي ڇڏيل ڍنڍ چئبي، جيڪا مھين جيتري پراڻي آھي. اھا ڳالهہ تہ واضح ٿيل آھي تہ سنڌ جا مشھور شھر، سنڌونديءَ جا مشھور واپاري بندر پڻ ھئا. 

 سنڌوءَ جا ڦاٽ ۽ واھ:

 سنڌو، جڏھن ڊيمن ۽ بندرن جي گرفت ۾ ڪانہ ھئي، تڏھن پنھنجا وھڪرا بدلائيندي رهندي ھئي، ان ڪري سنڌوءَ کي ’پورالي ندي‘ چوندا ھئا. سنڌو جڏھن سانوڻ يا ھاڙهہ جي برهرن ۾ موج ۾ ايندي ھئي، تڏھن ننڍين ننڍين ڪسين کي ويڪرا ڦاٽ ٺاھيندي ھئي، جيڪي سنڌ جي سرزمين کي آباد ڪندا ھئا. اھڙا ڦاٽ سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن تي ھوندا ھئا. 

 الھندو نارو، اڀرندو نارو، ڦليلي ۽ پيڃاري، انھيءَ دؤر جا اھڃاڻ آھن. سنڌ ۾ ڪن ٻين درياھن جا بہ تاريخي نالا آھن، جھڙوڪ ھاڪڙو درياھ، ريڻ درياھ، سھڻيءَ جو درياھ، اھي درياھ، سنڌو درياھ مان ڦٽا آھن. ھاڪڙي لاءِ محقق لکن ٿا تہ ھي سنڌوءَ کان الڳ درياھ ھو. آءٌ پنھنجي خيال موجب چٽو چوڻ چاھيان ٿو تہ ھاڪڙو سنڌوءَ جي ٻھ درياھيءَ جو اھڃاڻ آھي. ھر دؤر ۾ سنڌوندي ڪيترين جاين تي ٻھ درياھي ڪندي ھئي: ھڪ وھڪرو (سون مياڻي دادوءَ جي شھر جي اتر اولهہ ۾ چند ميلن تي بہ آھي)، اصلي وڏو وھڪرو سنڌوءَ جي نالي سڏبو ھو. ٻئي وھڪري کي ٻھ درياھي چوندا ھئا. ھاڪڙو بہ روھڙيءَ کان ستر ميل اتر ۾ سنڌوءَ جي ٻھ درياھيءَ جو روپ ٺاھي، بڪار جي ميدان مان وھي، اروڙ جي اوڀر کان ٿيندو ڪڇ تائين پھچندو ھو. ڍوري ناري جو ڍورو، ھاڪڙي جو ڇڏيل آھي. پاڻيءَ جي لحاظ کان سنڌ جي ڪيترن شھرن جا نالا ملن ٿا، جھڙوڪ: سر، چاھي، وانءِ، تڙ وغيره. مثال: نبيسر، سليمان جي چاھي، ھنڱورن جي وانءِ، گجوءَ جو تڙ وغيره.