آگم ڪيو اچن...

ريٻارين بابت

ريٻاري

گيتا ريٻارڻ جيڪا لوڪ فنڪارہ آھي

سر جتي ذڪر ملي ٿوسر ڏھر

ريٻاري يا رٻاري ھڪ قديم قبيلو آهي. ريٻاري سنڌ کان سواءِ راجسٿان، گجرات، پنجاب، هرياڻا، اتر پرديش ۽ مڌيه پرديش ۾ بہ رھن ٿا. هنن کي ڊيسائي، ڏيواسي، هرونشي ريواڙي ۽ رائڪا جي نالن سان بہ سڏيو وڃي ٿو. لفظ ريٻاريءَ جي معنيٰ آھي ’ٻاهريون‘. هنن کي ٻاهريون، ٻھراڙين ۾ رھڻ ڪري سڏيو ويو، ڇاڪاڻ جو ھي ماڻهو اٺ ۽ ٻڪريون چارڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا، جنھنڪري کين رھڻ لاءِ وڏي ايراضيءَ جي ضرورت پوندي هئي، جيڪا کين شھرن ۾ ميسر ڪا نہ هئي. اصل ۾ ھي مالوند ماڻهو هئا، سندن گذر سفر رڍن، ٻڪرين ۽ اٺن چارڻ تي رھيو آهي. ريٻارين بابت ڪيتريون ئي ڏندڪٿائون مشھور آهن، جن ۾ ڄاڻايل آھي تہ ھو اصل ۾ شِوَ جا پوڄاري آهن. ھو ھندو آهن، پر ڪي سک مذھب بہ رکن ٿا. سندن خيال آھي تہ مال چارڻ سبب ماتا ديويءَ جو مٿن پاڇو آهي. سندن روايتن موجب کين پارپتيءَ (پاروتيءَ) جنم ڏنو هو، پر ڪي بشريات جا ماھر چون ٿا تہ ھي هُنن (Huns) جا پونير آهن، جن سنڌ، گجرات، ڪڇ وغيرہ تي، پنجين صدي عيسويءَ ۾ حڪمراني ڪئي هئي. ريٻارين جي بادشاھ ميھرڪل (Mihirkul) ڇھين صدي عيسويءَ ۾ هندومت کي قبوليو ۽ شِوَ جو پوڄاري ٿيو. اڄ بہ ريٻاري پاڻ کي راجپوتن جي ڪَل مان سمجهن ٿا. جيئن راٺوڙ (Rathore)، سولنڪي (Solanki)، ڀٽي (Bhatti)، پرمار (Parmar)، پنور (Panwar) ۽ چوھاڻ (Chauhan) وغيرہ. مشھور انگريز تاريخدان جيمس ٽاڊ پنھنجي ڪتاب ’راجسٿان‘ ۾ کين ڀٽي سمجهي ٿو. ڀٽي، جيڪي شري ڪرشن جي ستين زال ڀدرا مان پيدا ٿيا، ھي گهڻو عرصو راجسٿان واري پاسي رهيا، پر ھڪ واقعي کين اتان لڏڻ تي مجبور ڪيو.

نامور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو پنھنجي ڪتاب ’در در جا مسافر‘ ۾ لکي ٿو تہ تقريباً ڇھہ سئو ورهيہ اڳ ڪڇ جو راجا ڄام جاڙيجو رڻ ۾ شڪار سانگي اچي نڪتو. اتي ھن ھڪ حسين ريٻارڻ کي ڏٺو ۽ عاشق ٿي پيو. ريٻارين جي چڱي مڙس کي گهرائي چيائين اھو سڱ ڏيو. في الحال تہ هنن راجا کي آسرو ڏئي موٽائي ڇڏيو. پويان ست راڄيءَ فيصلو ڪيو تہ نہ اڳي سڱ ٻاھر ڏنو اٿئون نہ ھاڻي ڏينداسين ۽ سڀ ڪجهہ ڇڏي راتو رات رڻ پار ڪري اچي دودي سومري سان مليا، جنھن سام جهلي. ڄام جاڙيجي دودي کي نياپو ڪيو، پر دودي سومري جواب موڪليو تہ جنگ ڪبي، پر سام نہ موٽائبي. جنگ لڳي، ڄام جاڙيجو مارجي ويو، ترت علاؤالدين وڳھہ ڪوٽ تي حملو ڪيو، جنھن ۾ دودو مارجي ويو. تنھنڪري ريٻارين پنھنجي محسن جي موت تي ڪارا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا، ڪڏھن اڇو نہ اوڍيائون، چوڙا پائڻ ڇڏيائون، کٽ تي سمهڻ ڇڏي ڏنائون، سندن اھو سوڳ ڇھہ سئو سال هليو. پوءِ 1970ع ڌاري فتح ٽيڪسٽائيل مِل جي مالڪ فتح ڀائي سومريون نياڻيون ميڙ وٺي سندن سوڳ ٽوڙايو.

اڄ بہ هنن جون ڪيتريون ئي نکون ڪڇ ۽ راجسٿان ۾ رھن ٿيون. ڪجهہ قبيلا هاڪڙي درياھ جي ڪناري تي رھن ٿا. ڪن جو چوڻ آھي تہ ٿر ۾ جيڪي ريٻاري رھن ٿا، اھي لاکي ڦلاڻيءَ جي ڊپ کان ھتي اچي رهيا آهن. لاکي ۽ راءِ کنگهار وارو جهيڙو، جنھن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جا دوست جسو ۽ جسراج، چئنچل جي چالن سبب مارجي ويا هئا، اھا ريٻارڻ هئي، بعد ۾ اھو جهيڙو وڌي ويو ۽ لاکي کي سندس مامي راءِ کنگهار مارائي ڇڏيو هو. ريٻاڙين جو ڌنڌو ڌڻ پالڻ رھيو آهي. ھن قسم جي مالوند ماڻهن جون ٻيون ذاتيون بہ برصغير ۾ پکڙيل آهن، جيئن ملڌاري، ڍانگر، گروڙا وغيرہ. اھي ماڻهو ھزارن سالن کان ھتي رھن ٿا. ھي ماڻهو ئي آهن، جن سنڌوءَ جھڙي شاندار تھذيب کي جنم ڏنو. پراڻين تاريخن ۾ هنن کي دراوڙ سڏيو ويو آهي. ھاڻي اھا ڳالهہ ثابت ٿي چڪي آھي تہ دراوڙ يا آريا ھتي جا ئي هئا، فرق صرف طبقي جو هو. دراوڙ ٻھراڙين جا ۽ آريا شهرن جا رھاڪو هئا. (تفصيل لاءِ ڏسو اين. ڪي. ڀوس جو انگريزي ڪتاب ’Castes‘، جيڪو انسٽيٽيوٽ فار هيومن اشوز واري شعبي فيلڊيلفيا آمريڪا ۽ انڊيا مان 1937ع ۾ ڇپايو هو). اھي اصل ھتان جا قبيلا آهن، جن کي پنھنجا لکيل شجرا نہ ھجڻ سبب ڌڪاريو ويو يا مذھبي آڙ ۾ کين نيچ ڏسيو ويو. ريٻارين جون 133 نکون چيون وڃن ٿيون، جن مان ڪي ھي آهن: اندر (Ander)، اهيارو (Ahiyaru)، اھير ((Ahar، ڀرواد (Bharwad)، ’ڀراوادرو (Bharavadaru)، ڍنگر (Dhangar)، دنگاڙ يا ڌڻوار (Dhandar/ Dhanwad)، ڍنڪا (Dhanka)، دوڍي (Doddi)، گڙيريا (Gadaria)، گڌيريا (Gadhariya)، گووڙا (Gowda)، گادري (Gadri)، گــُرجــر (Gurjar)، گولاواڙ (Golla Vadu)، گونڊر (Gounder)، هـلـوماٿا (Halumatha)، هگاڙيز (Haggades)، اڊيار (Idyar)، ڪروڪ (Kruck)، ڪوڙا (Kuda)، ڪروبا (Kuruba)، ڪرونبا (Kurumba)، ڪرمار (Kurmar)، ڪلاوار (kalavar)، ڪروما (Kuruma)، ڪروماوار (Kurumavaru)، ڪرکي (Kurkhi)، ڪُروپُو (Kurupu)، ملڌاري، مير (Mer)، نيڪر (Naiker)، اوران (Oran)، پل (Pal)، پلارا (Palara)، پالاڪا تريا (Paala kyatriya)، پودوار (Podowar)، يادو (Yadav) ۽ پشوپلڪ (Passupalak)، ڪڇي (Kachhi)، دٻاريا (Dubaria)، واگهاڏيا (Waghadia) وغيره. اھي ذاتيون هڪٻئي سان ويجهيون نہ سھي، پر سلهاڙيل ضرور آهن. ھي ماڻهو ڌارين کي نہ سڱ ڏين نہ وٺن، نہ وري اهڙي حرڪت ڪن جو سندس نسل ۾ ملاوت ٿئي. ھي خالص دراوڙي نسل آهن. سندس بدن مضبوط ۽ منھن مھانڊو سھڻو رڳو سندن خوراڪ جي مضبوطيءَ سبب آهي، نہ تہ دراوڙن لاءِ مشھور آھي تہ اھي رنگ جا ڪارا ۽ بيڊولا هوندا هئا، پر اھا نفرت سماجي نابرابري سبب هئي، نہ تہ نسل تہ ٿوري ڦيرڦار سان ساڳيو آهي. ڀاڄ سبب ڪي ريٻاري بلوچستان ھليا ويا، جن بروهين وٽ پناھ ورتي. اھي ھاڻي بروهڪي زبان کي پنھنجي ڪري چڪا آهن، پر ڪن عالمن جو چوڻ آھي تہ ھي بروھي آهن. بروهڪي زبان لاءِ عام راءِ آھي تہ اھا ٻولي دراوڙي خاندان مان آهي.

ريٻاري ماتا ديويءَ کي پوڄين ٿا. گهڻا ريٻاري ماتا ديويءَ جي مندرن ۾ پروھت بہ آهن، جن کي ڀوپا سڏجي ٿو. ريٻاري ’گوگي مهراج‘ کي بہ مڃين ٿا، جنھن لاءِ چون ٿا تہ اھو ساڳيو گوگو چوھاڻ آهي، جنھن بهادريءَ سان پنھنجي جان جوکي ۾ وجهي سندن ڳئن ۽ ٻڪرين جي حفاظت ڪئي هئي، پر نانگن وارو شايد ڪو ٻيو گوگو چوھاڻ هو، نہ تہ ھي بہ ويراڳ وٺن ها، نانگ پوڄين ها، پر اهڙي روايت ڪا نہ ٿي ملي. ڪڇي، دٻاريا ۽ واگهاڏيا، ماموئي ماتا جا پوڄاري آهن، جنھن جا مندر گهڻوڪري گجرات ۾ آهن. ھي ھر سال نوراتڙي سڄي قبيلي سان گڏجي ملهائيندا آهن، جنھن کي ھو ’ڀوڄ‘ چوندا آهن. ڪڇي ريٻارڻ ڪنن ۾ اهڙيون ڪيوٽيون وجهندي آهي، جيڪي نانگ جي نموني هونديون آهن. سندن پوشاڪ پنھنجي پنھنجي خطي جي نمائندگي ڪري ٿي. 1970ع کان اڳ سنڌ جا ريٻاري سواءِ ڪاري پوشاڪ جي رنگين پوشاڪ، چوڙا، زيور وغيرہ نہ پائيندا هئا. ريٻاري ڳائڻ وڄائڻ جا سريلا ٿين ٿا. ريٻاري عورتون پنھنجي پياري جي مرڻ تي بہ سُرَ سان آلاپ ڪنديون آهن. راڳ ۽ سونھن سندن سرير ۾ سمايل آهي. اڳي ھو رولاڪ تصور ڪيا ويندا هئا. سندس ڪو مقرر ماڳ مڏي ڪا نہ هئي، جتي رهندا هئا ڇپرا اڏي يا ڪچين جاين ۾ هئا. سندن گهر جو سڄو ڪاروهنوار عورتون هلائين. کير مکڻ گڏ ڪرڻ، کپائڻ، سودا ڪرڻ سڀ عورتن جي وس آهي. مرد رڳو مال سان هوندا آهن. عورتون قد جون ڊگهيون، مضبوط ۽ بيھڪ ۾ سهڻيون ٿين، مرد بہ سهڻا، ۽ قداور ۽ مضبوط ٿين ٿا. ھي سال ۾ سوين ميل پنڌ ڪري پنھنجي مال لاءِ چراگاھ ڳوليندا آھن تہ جيئن سندن مال خوش گذاري. ريٻاري، گجرات طرف ڌوتي ٻَڌن ٿا، ھٿ ۾ وڏي ڏانگ کڻن ٿا، جڏھن تہ هاڪڙي نديءَ جي ڪناري نهٽي وٽ رهندڙ ريٻاري ڪجهہ مختلف آهن. سندن لباس ۾ شلوار خاص قسم جي آهي، جيڪا کڙين کان گوڏي تائين سوڙهي ٿئي، جنھن کي بيگي چوندا آهن. قميص تي وري ڇاتيءَ ۽ ٻانھن تي پٽيون پيل هونديون آهن، جيڪي اڳي اُن جون ٺھيل هيون، ھاڻي سوٽي ڪپڙي جون آهن. مٿي تي اڇو يا ڳاڙهو پٽڪو ٻَڌن ٿا. عورتون بنا پُٺئي وارا ڪارا ڪپڙا پائينديون هيون، جيڪي ھاڻي سوٽي ڪپڙا پھرين ٿيون. هاڪڙي وارا ريٻاري ٿر وارن ريٻارين کي پنھنجي ذات يا قبيلي ۾ ڪونہ ڳڻين. اصل ۾ هاڪڙي ۽ سکپور وارن ريٻارين جو ڪلچر مٽجي ويو آهي، پر ٿر ۽ راجسٿان وارا ريٻاڙي پنھنجو ڪلچر رکيو ويٺا آهن. سندن شاديون ننڍي ھوندي ٿين ۽ گهڻو ڪري ھڪ ئي ڏينھن گهڻيون شاديون ٿينديون آهن.

هاڻي ريٻاري لاڏائو قبيلو نہ رهيا آهن، جتي بہ رھن اتان جي علائقي جي ترقيءَ ۾ حصو وٺن ٿا، لکن پڙهن ٿا. ھاڻي تہ ريٻاري راجسٿان ۽ سنڌ جون سرحدون ڇڏي آمريڪا ۽ ڪيناڊا ۾ بہ گهر وسائي ويٺا آھن ۽ سڌريل جاتيءَ ۾ شمار ٿين ٿا.

سنڌ ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر، لاڙ ۾ يعني بدين ضلعي ۽ ھندستان جي گجرات رياست ۾ ريٻاري وڏي تعداد ۾ رھن ٿا.