آگم ڪيو اچن...

ٻانڀڻن بابت

ٻانڀڻ جو ھڪ پراڻو عڪس

ھندن جي ڌرمي اڳواڻ کي ”ٻانڀڻ“ چئبو آھي. ھندن جي سمورن فرقن ۾ ٿوري ڦير گهير سان گهڻو ڪري ساڳيون رسمون ھونديون آھن. مثلا ويڏي پڙهڻ، ھون ڏيڻ، ٻل چاڙهڻ (قرباني ڪرڻ) ڪريا ڪرم ڪرڻ، پتر کارائڻ، جڻيو پارائڻ وغيره. جيتوڻيڪ اشلوڪ، ڀڄن ساڳيا گيتا يا اپنشدن مان ھوندا آھن، پر منجهن فرق رڳو اھو ھوندو آھي تہ ھر فرقي وٽ جدا جدا ٻانڀڻ مقرر ھوندو آھي. مثلا مھيشورين وٽ جدا، ٺڪرن وٽ جدا، ھريجنن وٽ جدا، تہ وري سوٽہڙن وٽ جدا. لفظ ”ٻانڀڻ“ اصل ۾ ”برهمڻ“ جو بگاڙ آھي، جيڪو مقامي محاوري موجب بدلجي ٻانڀڻ ٿيو آھي. 

برھمڻ: ھندو ڌرم جي ذات پات واري نظام ۾ برهمڻ چئن طبقن (برهمڻ، کتري، وئش ۽ شوڌر) ۾ سڀ کان اتم سمجهيو وڃي ٿو. برهمڻ جو سماجي ڪم پوڄا پاٺ ڪرڻ ۽ ڪرائڻ آھي پر ضروري نہ آھي تہ ھر برهمڻ پوڄاري بہ ھجي. برهمڻن جي تشريح موجب ھندو ڌرم ۾ برهمڻ سموري مخلوق کان اتم آھي، کيس سمورا اعليٰ سماجي رُتبا، حق ۽ رعايتون حاصل آھن. ’سپتا برهما‘ موجب ڀڳوان ٻن قسمن جا آھن. ھڪڙا ڀڳوان ۽ ٻيا برهمڻ، جيڪي ويدن جو پاٺ ڪن ٿا. برهمڻن جو بنيادي ڪم ويد پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، قربانيءَ جو رسمون ادا ڪرڻ يا مذھبي فريضا ادا ڪرائڻ ۾ مدد ڏيڻ آھي. پر اڄڪلهه اڪثر برهمڻ پراڻين ريتن کي نٿا مڃين ۽ عام سيڪيولر زندگي گذارين ٿا. منو مھاراج جي قانون موجب برهمڻ جي زندگي چئن مرحلن ۾ ورھايل آھي.

(1) برهمچاري: جنھن ۾ ھُو ويدن جو علم حاصل ڪري ٿو. زندگي عاجزي، عبادت ۽ تعبيداريءَ ۾ گذاري ٿو.

(2) گِرهستي: جنھن ۾ شادي ڪري ٿو ۽ گهر ٻار سنڀالي ٿو ۽ پنھنجي زال ۽ ٻارن سان گڏجي برهمڻ واريون ذميواريون پوريون ڪري ٿو.

(3) وَن پرسٿا: جنھن ۾ ھو جهنگ ۾ زندگي گذاري ٿو. يعني ھو دنيا ۾ ماڻهوءَ طور پنھنجو ذميواريون ادا ڪري چڪو ۽ ھاڻي رٽائر ٿي پاڻ کان ۽ زندگيءَ جي سکن کان انڪار ڪري سختيءَ سان رسمي ذميواريون پوريون ڪري ٿو.

(4) سنياسي: سنياس ڌرم برهمڻ جي حياتيءَ جو آخري مقصد آھي، جنھن ۾ ھو دنيا سان لڳ لاڳاپا نٿو رکي ۽ پرم آتما کي ويجهو ٿئي ٿو . 

ويدن جي زماني کان پوءِ مذھبي قيادت ”برهمڻن“ جي ھٿ ۾ آئي. ھُنن ويدن جي سمجهاڻيءَ (شرح) ۾ پنھنجا ڪتاب لکيا، جن کي ”برهمڻا“ چيائون. انهن ڪتابن ۾ ھڪڙي ئي ”گروھ“ يعني برهمڻن جي فوقيت کي برقرار رکڻ جي ڳالهہ آھي، ان ڪري مذھبي روايتون ۽ عبادت جا طريقا اھڙا اختيار ڪيا ويا، جن مان صرف برهمڻن جي برتري برقرار ٿئي ٿي. برهمڻن انسان کي چئن جاتين ۾ ورھايل قرار ڏنو، برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر، جنھن ۾ شودرن کي انتھائي ڪريل درجو ڏنو ويو ۽ برهمڻ لاءِ چيو ويو تہ اھي پرماتما جي مٿي مان پيدا ٿيل آھن. ننڍي کنڊ ۾ عورت کي ويدن واري زماني ۾ وڌيڪ آزادي ھوندي ھئي. ھو مذھبي رسمون مردن سان گڏجي ادا ڪنديون ھيون ۽ شادي وھانءَ جي موقعي تي آزاديءَ سان نچنديون ۽ لوڪ گيت چونديون ھيون. لالا لجپتراءِ جو خيال آھي تہ ويدڪ زماني ۾ عورتون فلاسافي ۽ مذھبي ڪتابن جو مطالعو ڪنديون ھيون، ۽ رنڙ عورت جي ٻيھر شاديءَ تي ڪابہ بندش ڪانہ ھئي، جا بعد ۾ برهمڻ سماج مڙهي ڇڏي. سماجي عالمن جو رايو آھي تہ برهمڻيت بنيادي طور تي ڪو مذھبي نظريو نہ آھي، بلڪہ اھو آڳاٽي برهمڻ طبقي پاڻ پيدا ڪيو آھي. ھنن جي ئي دور ۾ ”ستيءَ“ جي رسم جنم ورتو، جيڪا 500 ق. م کان 300 ق. م تائين پنھنجي اوج تي ھئي، تان جو گوتم ٻڌ جي نظرئي اچي برهمڻ سماج جي فوقيت کي ڌڪ ھنيو .