ڏياري، ديپ والي، ديپالي، ديوالي
ڏياريءَ جو ڏڻ
تصويرن ۾ |
![]() ![]() |
| ڪھڙن سُرن ۾ ذڪر ملي ٿو | سر سامونڊي |
|---|
ڏياريءَ کي ديوالي ۽ ديپاولي بہ چوندا آھن. ھي ھندو ڌرم وارن جو وڏي ۾ وڏو مذھبي تھوار آھي، جنھن کي ھنديءَ ۾ ’ديوالي ‘، ’ديپاولي‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’ڏياري‘ چوندا آھن. ڏياريءَ جو ڏڻ ھر سال آڪٽوبر/ نومبر مھيني دوران وڪرمي سال جي ڪارتڪ مھيني جي اُماس تِٿ تي سڄيءَ دنيا ۾ ملهايو ويندو آھي. ھن تھوار بابت ڪٿا مشھور آھي تہ تريتا يُگ ۾ ايوڌيا نگريءَ جي راجا دسرت جي دئيتن ۽ راڪشسن سان جنگ دوران، رٿ جي هڪ ڪِلِي ڀَڄِي پئي تہ اُن ٿيل سوراخ ۾ راجا دسرت جي پتني ڪيڪئيءَ پنھنجي آڱر وجهي، پنھنجي پتيءَ جي مدد ڪئي. جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏھن راجا دسرت کي اُن ڳالهہ جو پَتو پيو تہ ھُن ڪيڪئيءَ سان ڪي بہ ٻہ وچن پاڙڻ جو واعدو ڪيو، پر ڪيڪئيءَ آھي ٻئي وچن ضرورت ويل وٺڻ جو چئي امانت طور راجا وٽ رکيا. ڪافي عرصي کان پوءِ راجا دسرت ٻُڍاپڻ سبب ايوڌيا نگريءَ جو تخت پنھنجي موڀي پُٽ شري رامچندر (ڀڳوان جي ستين نمبر اوتار) جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اھا خبر جڏھن ڪيڪئيءَ ٻُڌي، تہ هُن راجا کان امانت طور رکيل ٻئي وچن پاڙڻ جو چيو:
- ”ايوڌيا نگريءَ جو تخت شري رامچندر بجاءِ سندس (ڪيڪئيءَ جي) پُٽ ڀرت حوالي ڪيو ويندو“،
- ”شري رامچندر، راجائي لباس بجاءِ بنواسي (سنياسي) ڪپڙا پائي 14 سالن لاءِ بنواس ۾ رھندو ۽ اُتي رشين ۽ منين وارو سادو کاڌو کائيندو.“
ڪيڪئيءَ پاران اھڙا ڪٺور وچن ٻُڌي، راجا دسرت بيھوش ٿي ڪِرِي پيو، پر شري رامچندر پنھنجي پيءُ جي وچن پوري ڪرڻ لاءِ بنواس وڃڻ جي تياري شروع ڪري ڏني. آخرڪار شري رامچندر، سندس ننڍو ۽ پيارو ڀاءُ لڪشمڻ ۽ سندس پتني سيتا رٿ تي چڙهي بنواس پھتا. اُتي ھڪ ڏينھن سيتا جي اسرار تي ٻئي ڀائر ھڪ ھرڻ کي پڪڙي آڻڻ لاءِ تمام پري نڪري ويا، پويان لنڪا جي راڪشس راوڻ، وجهہ ملندي ئي، دائري ۾ ويٺل سيتا کي جوڳيءَ جو روپ ڌاري بِکيا بھاني اغوا ڪيو ۽ سمنڊ پار ڪري، لنڪا جي ’اشوڪ واٽڪا‘ علائقي ۾ اچي رکيو. روايت موجب سيتا کي بنواس مان اغوا ڪرڻ دوران ’جٽايو‘ نالي پکيءَ مزاحمت ڪئي، جنھن کي راوڻ زخمي ڪري وڌو ھو. اُن پکيءَ ذريعي رامچندر کي پنھنجي پتني سيتا جي اغوا جو اطلاع مليو ۽ اھو پکي زخمن جو تاب نہ سھي مري ويو، جنھن جو ڪرياڪرم شري رامچندر پنھنجن ھٿن سان ڪيو.
ھوڏانھن سيتا کي واپس آڻڻ لاءِ شري رامچندر، ھنومان (شري رامچندر جي شيواڌاري ۽ باندر فوج جي اڳواڻ) جي اڳواڻيءَ ۾ فوج تيار ڪئي ۽ شري رامچندر ۽ راوڻ وچ ۾ جنگ شروع ٿي.
جنگ دوران شري رامچندر جو ڳَرو ٻاڻ لڳڻ سبب راوڻ مارجي ويو. راوڻ جي جنگ ۾ مات ٿي ۽ شري رامچندر سوڀارو ٿيو. پوءِ شري رامچندر، سيتا کي وٺي واپس بنواس پھتو. شري رامچندر، سيتا ۽ لڪشمڻ، راڪشسن راوڻ جي مارجڻ کان ٺيڪ 20 ڏينھن بعد واپس ايوڌيا پُھتا. شري رامچندر جي بنواس ڪاٽي، ايوڌيا نگريءَ ۾ اچڻ تي عوام پاران وڏو جشن ملهايو ويو ۽ گهرن ۽ گهٽين ۾ ڏيئا ٻاريا ويا ۽ خوشيءَ وچان وڏا وڏا ٺڪاءَ ڪيا ويا. ان ڏينھن کي ياد رکندي، ھر سال ھندو ماڻهو ھن تٿ تي ’ڏياري‘ ملهائيندا آھن.
ھڪ ٻيءَ روايت موجب مايا، ڌن ۽ دولت پراپت ڪندڙ مشھور ديوي ’لڪشميءَ‘ جو جنم بہ ھن ڏينھن تي ٿيو ھو، اُن ڪري ڏياريءَ جي ڏينھن تي سنجها ويلي ’لڪشمي پوڄا‘ بہ ڪئي ويندي آھي. ان ويلي ھندو پنھنجن گهرن جا دروازا کليل رکندا آھن. سندن عقيدو آھي تہ لڪشمي ديوي وٽن ايندي تہ ڌن وڌندو. ڏياريءَ کي شيطان، ڪوڙ ۽ دوکي کان نجات ۽ حق، سچ جي فتح جو ڏينھن سمجهيو ويندو آھي. ھن ڏِڻ تي ڀارت، نيپال، سريلنڪا، گيانا، مليشيا ۽ سينگاپور ۾ عام موڪل هوندي آھي، جڏهن تہ پاڪستان (خاص ڪري سنڌ) ۾ بہ اِن ڏينھن تي ھندو ڌرم وارن لاءِ حڪومت عام موڪل ڪندي آھي.
دنيا جي مختلف ملڪن سان گڏ ڏياري آمريڪا ۾ بہ ڌام ڌوم سان ملهائي ويندي آھي. آمريڪا ۾ 2003ع ۾ پھريون ڀيرو وائيٽ هائوس ۾ ڏياري ملهائي وئي ۽ 2007ع ۾ آمريڪي ڪانگريس اِن تھوار کي سرڪاري تھوار جو درجو (Official Status) ڏنو، جڏهن تہ 2009ع ۾ آمريڪي صدر بارڪ اوباما وائيٽ ھائوس ۾ ڏياري تقريب جو افتتاح ڪيو.
ڏياريءَ کي ھندو ڌرم کان سواءِ جين مت ۽ ٻُڌ مت ۾ بہ مذھبي اھميت حاصل آھي. جين مت وارا اِن ڏينھن کي پنھنجي آخري چوويھين (24) تيرٿنڪر، سوامي مھاوير جو جنم ڏينھن ڪري ملهائيندا آھن، جيڪو 15 آڪٽوبر (تٿ اُماس) 527 ق.م تي ڄائو ھو، جڏھن تہ سِکَ، پنھنجي ڇھين گُرو، گُرو گوبند سنگهہ جي گواليار قلعي واري واقعي ۾ مغلن جي قيد مان ڇوٽڪاري ماڻڻ تي، ھن ڏينھن تي گولڊن ٽيمپل ۾ ڏيئا ٻاري ڏياري ملهائيندا آھن.
ٻوڌي ڀِڪشُو، هن ڏينھن کي اَشوڪا جي ٻُڌ مت اختيار ڪرڻ جي ڏينھن يعني ’اشوڪ وجئہ دشمي‘ ڪري ملهائيندا آھن ۽ اِن ڏينھن تي مھاتما گوتم ٻُڌ جي پوڄا ڪندا آھن. ڏياريءَ کي شاھ لطيف سميت سنڌي ٻوليءَ جي وڏن ۽ ناميارن شاعرن، شيخ اياز، نارائڻ شيام، امداد حسيني، ادل سومري ۽ ٻين پنھنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آھي:


