آگم ڪيو اچن...

ساٿر ھڪ جڙي ٻوٽي

ساٿر بابت

ساٿر ٻوٽي ۽ عرق

نباتاني نالوOriganum Vulgare

ساٿر هڪ خوشبودار ٻوٽو آهي، جنھن جا ٻہ قسم ٿين ٿا: اڇي ساٿر ۽ ڪاري ساٿر. ھن جڙي ٻوٽيءَ جو اصل ديس يورپ ۽ وچ ايشيا آهي. ھيءَ جڙي ٻوٽي مختلف کاڌن ۽ دوائن ۾ ڪم اچي ٿي. ھيءُ آرام ڏيندڙ ۽ سُور کي ٺاريندڙ پسارڪو وکر آھي، جيڪو مختلف بيمارين لاءِ دوائن ۾ ڪم ايندو آهي. سنڌ ۾ ڦٽ ڦرڙيءَ لاءِ ساٿر لُپري (Poultice) تيار ڪرڻ ۾ ڪم اچي ٿي. ساٿر، جيوڙي مار، پيٽ جي علاج ۽ ساھ کڻڻ ۾ رڪاوٽ جي علاج طور بہ ڪم ايندي آهي .