ٽُوھ ول ھڪ جهنگلي قسم جي ٻوٽي ٿيندي آهي، جنھن جي پنن ۽ ول جي شڪل گدري وانگر هوندي آهي. ھيءَ هئڊي رنگ جي ٿيندي آهي، جيڪا واريءَ ۾ ٿئي ٿي؛ ھن جو ميوو جنھن کي ٽوھ سڏجي ذائقي ۾ انتھائي ڪڙو زهر جهڙو ٿيندو آهي. هن ول کي ٿر ۾” ٽُوسڻ “چوندا آهن. هيءُ ول پٽ تي پکڙبي آهي. ان جا ڪڇا ڏھ ٻارهن فوٽ کن ڊگها ٿيندا آهن. ٽوھ جي ول نرم توڙي سخت زمين تي ٿيندي آهي. ٿر واري پاسي تمام گهڻي ٿئي ٿي. هن ول جو ڦر چٽڪمرو ۽ سائي رنگ جو ٿيندو آهي، جيڪو پچڻ تي پِيلو ٿي پوندو آهي. ٽُوھ ڏسڻ ۾ تمام سھڻا، پر کائڻ ۾ زهر جھڙا ڪڙا ھوندا آهن، تنھنڪري چوڻي آهي تہ ” ٽوھ ڏسڻ جا سھڻا، پر ڪڙا زهر جهڙا “. هڪ ٻي چوڻي مطابق ”سھڻا ٽوھ پٽن تي پڌرا“. ٽوهن کي ٻڪريون ۽ اٺ مزي سان کائيندا آهن .طبي لحاظ کان تمام ڪمائتي ول آهي. هن جون پاڙون، پن ۽ ٽوھ سڀ پسارڪي وکر طور ڪم ايندا آهن. خاص ڪري ڳوٺن ۾ ٽوھ جو جلاب صحت لاءِ اڪسير چوندا آهن ۽ ڪيترين بيمارين ۾ استعمال بہ ڪندا آهن.