الله لفظ بابت
لفظ الله لکت ۾
![]() |
![]() |
الله: (عربي ٻوليءَ جو لفظ) خدا تعاليٰ جو ذاتي نالو (لفظي معنيٰ = عبادت ڪرڻ). اللہ جي ذات اعليٰ ۽ بلندترين آھي. قرآن شريف ۾ ”الله“ جو لفظ 2697 ڀير آيو آھي. ابن العربيءَ جو قول آھي تہ ”الله“ جو اسم علم آھي ۽ انهيءَ برحق معبود تي دلالت ڪري ٿو، جنھن ۾ سڀ حقائق وجوديہ موجود آھن. ”الله“ ذات باري تعاليٰ جو اسم اعظم آھي: ”اللہ لا الہ الا ھو وحدھ“. گهڻن عارفن جو اھوئي خيال آھي. علامہ بيضاويءَ جو چوڻ آھي تہ ”الله“ جو لفظ ’الله‘ مان مشتق آھي. ابوالهيثم کان جڏهن ’الله‘ جي اسم جي لغوي تحقيق جي باري ۾ پڇيو ويو تہ ھن چيو تہ ”حقيقت ۾ ’الاھ‘ ھو، ال تعريف داخل ڪيو ويو تہ اللہ ٿي ويو. يعني ٻہ متحرڪ لام ھڪڙي ھنڌ گڏجي ويا، انهيءَ ڪري ھڪڙو لام ٻئي ۾ مدغم ٿي ويو ۽ ’الله‘ ٿي ويو.“ البيضاويءَ جو اھو چوڻ آھي تہ اصل ۾ ھي صفاتي نالو ھو، مگر جڏهن اللہ جي ذات سان مختص ٿيو، تڏهن اللہ جي ذات کان سواءِ ٻئي ڪنھن لاءِ استعمال نٿو ٿئي. تڏهن ھن کي اسم عَلَمَ جي حيثيت حاصل ٿي وئي. انهيءَ سلسلي ۾ قاضي شھاب الدين الخفاجيءَ جو ھيءُ قول آھي تہ ”الله“ جو اصل يا اشتقاق يا ان جي عربي غير عربي ھئڻ جي باري ۾ ڪئين قول آھن ۽ انهن ۾ اختلاف آھي. جيتوڻيڪ چيو ويو تہ جيئن انساني عقل خدا جي ذات ۽ صفات جي باري ۾ ٺوڪرون کائيندو رهيو آھي، اھڙيءَ طرح لفظ ’الله‘ بابت پڻ ششدر ٿي ويو آھي، ڇو تہ ھن لفظ ۾ بہ ان جي صفاتي نوراني شعاعن جو عڪس آھي، جنھن جي ڪري اھل بصارت ۽ بصيرت حيرت زدہ آھن.
ڪي عالم لفظ ’الله‘ کي سامي زبان جو لفظ ڄاڻائين ٿا، مگر انهيءَ باري ۾ يقين سان ڪجهہ چئي نٿو سگهجي. دراصل سامي ٻولين ۾ ڪي اھڙا لفظ مشابھت رکندڙ ھم معنيٰ ھوندا آھن. الزبيدي چوي ٿو تہ ’الله‘ جو ’الف‘ حذف ڪري نٿو سگهجي، بلڪ الف سميت سڄي لفظ مان ئي ’الله‘ جو مقدس نالو بنجي ٿو. ٻيو تہ ’الله‘ انهن اسمن مان آھي، جن جي فعل مان اشتقاق جائز ڪونهي. ان جي برعڪس ’رحمان‘ ۽ ’رحيم‘ جي فعل مان اشتقاق ٺھي سگهندو آھي. زبيدي چوي ٿو تہ صحيح قول آھي تہ ’الله‘ ان ذات جو اسم علم آھي، جو واجب الوجود آھي ۽ جنھن ۾ سڀئي صفتون ڪمال انداز ۾ جمع آھن ۽ ھيءُ غيرمشتق ھوندو آھي.
”الله“ اسم ذات آھي ۽ ذات باريءَ جي نالي لاءِ اھڙو موزون لفظ دنيا جي ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ موجود ناھي. اھو لفظ ذات باري تعاليٰ جي سلبي مفھوم سان گڏ ايجابي مفھوم کي بہ جامعيت سان ادا ڪري ٿو. ان مان ھڪ طرف سڀني باطل معبودن جي نفي ٿئي ٿي تہ ٻئي طرف انهيءَ ھستيءَ جي اثبات ٿئي ٿي، جنھن لاءِ قرآن شريف ۾ آھي تہ ”اللہ ھڪڙو ئي تہ آھي“.
”الله“ جي صفتن يعني تخليق، ربوبيت ۽ قدرت ڪاملہ جو ادراڪ تہ ٿي سگهي ٿو، پر ذات جي حقيقت انسان جي علم ۽ فھم کان بالا آھي. مسلمان انهيءَ پاڪ نالي سان گڏ تعظيمي لفظن (تبارڪ و تعاليٰ، جل جلالہ وغيرہ) جو اضافو ڪندا آھن.
الله تبارڪ و تعالى جا 99 اسماءُ الحسنيٰ ھن ريت آھن:
الرحمٰن، الرحيم، الملڪ، القدوس، السلام، المومن، المھيمن، العزيز، الجبار، المتڪبر، الخالق، الباري، المصور، الغفار، القھار، الوھاب، الرزاق، الفتاح، العليم، القابض، الباسط، الخافض، الرافع، المعز، المذل، السميع، البصير، الحڪم، العدل، اللطيف، الخبير، الحليم، العظيم، الغفور، الشڪور، العليُ، الڪبير، الحفيظ، المقيت، الحسيب، الجليل، الڪريم، الرقيب، المجيب، الواسع، الحڪيم، الودود، المجيد، الباعث، الشھيد، الحق، الوڪيل، القوي، المتين، الولِيُ، الحميد، المحصي، المبدي، المعيد، المحي، المميت، الحَي، القيوم، الواجد، الماجد، الواحد، الصّمد، القادر، المتقدر، المقدم، المؤخر، الاول، الآخر، الظاھر، الباطن، الوالي، المتعالي، البر، التّواب، المنتقم، العفو، الرؤف، مالڪ الملڪ، ذوالجلال وَالاڪرام، المقسط، الجامع، الغني، المغني، المانع، المعطيُ، الضار، النافع، النور، الهادي، البديع، الباقي، الوارث، الرشيد، الصبور.