سُر ڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ ۾ آيل اصطلاح ۽ پھاڪا

پروفيسر مظهر علي قريشي

انسان ۽ حيوان جي درميان فرق ڪندڙ شين مان ”ٻولي“ ھڪ اھم شيءِ آھي. ان ڪري انسان کي ”حيوان ناطق“ سڏيو وڃي ٿو. ”ٻارهين ڪوھين ٻي“ جي مصداق، دنيا ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائجڻ ۾ اچن ٿيون. انهن ٻولين مان ڪي ٻوليون ادبي آھن تہ ڪي غير ادبي، ڪن ٻولين ۾لوڪ ادب جو ذخيرو تمام گهڻو آھي تہ ڪن ۾ وري گهٽ. ججهي لوڪ ادب جي ذخيري سان مالامال ٻولين مان، سنڌي ٻولي سرفھرست آھي. ڇاڪاڻ تہ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا ئي مختلف لھجا آھن، جن مان ھر ھڪ ۾ لوڪ ادب تمام ججهو آھي. جيڪو ميڙي چونڊي ۽ ڪٺي ڪرڻ سان وڏو ذخيرو بنجي ٿو ۽ کيس دنيا جي وڏين ٻولين جي صف ۾، اول نمبر تي آڻي بيھاري ٿو. 

لوڪ ادب، جيئن تہ ھر ٻوليءَ لاءِ وڏي اھميت ۽ پٺيءَ جي ڪرنگهي واري ھڏي جي حيثيت جو حامل آھي، ان کي ”عوامي ادب“ سڏجي تہ بہ روا آھي. ان جا سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ٻہ مکيہ حصا آھن ۱- لوڪ گيت ۲- لوڪ ڪھاڻيون. لوڪ گيت واري حصي جا وري ڪيترا ئي مختلف قسم آھن. مثلًا؛ سھرا، ڳيچ، لوليون ۽ سينگار وغيرہ. 

لوڪ ادب جي ٻئي حصي ۾ نثري ادب سمايل آھي. جنھن ۾ڪھاڻيون، اصطلاح، پھاڪا، ڳجهارتون وغيرہ اچي وڃن ٿيون. جنھن مان ھر ھڪ صنف جي پنھنجي خاص خوبي آھي ۽ وري تن منجهان، پھاڪا وڏي اھميت رکندڙ آھن. 

 سنڌي ٻولي اصطلاحن ۽ پھاڪن جي اڻ کٽ ذخيري جي ڌياڻي آھي. جنھن سبب ھيءَ ٻولي تمام سوادي، سلوڻي، سھڻي ۽ سدا شاھوڪار ليکي وڃي ٿي. اھڙيءَ طرح روزمرہ جي عام ڳالهائڻ ۾، ڪم ايندڙ اصطلاحن توڙي پھاڪن کان پري رهي صرف شاھ لطيف جي ڪلام ۾ڪم آيل اصطلاحن ۽ پھاڪن کي پوريءَ ريت گڏ ڪرڻ سان بہ تمام وڏو ذخيرو ظاھر ڪري سنڌي ادب ۾ اضافو آڻي سگهجي ٿو. مضمون ۾ شاھ لطيف جي ڪلام مان صرف سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾استعمال ٿيل اصطلاحن کي ڪٺو ڪري، پيش ڪجي ٿو. 

عام طور تي پھاڪي ۽ اصطلاح کي ھڪ شيءِ تصور ڪيو ويندو آھي. پر ايئن نہ آھي. ھنن ۾ فني طور تي يا مجموعي طور تي ڪافي فرق آھي. 

پھاڪا:

فني لحاظ کان ڏسبو تہ پھاڪا ڪجهہ لفظن جو ھڪ اھڙو با معنيٰ ميڙ آھن، جنھن ۾ ”درياھ ڪوزي ۾ بند ھجڻ“ جي مصداق تمام وڏو مطلب سمايل ٿئي ٿو. ھن ۾ لفظ تمام سادا ۽ سليس ھوندا آھن. ھنن جي تاريخ، تمام قديم آھي. پھاڪا ملڪ توڙي ان قوم جي تاريخ، جاگرافي، تاريخي واقعات، حالات، ماڻهن جي خيالات، رجحانات، عقيدن، تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪھڻي، سماجي توڙي معاشي حالتن جو چٽو پٽو آئينو آھن. ھي جملا وڏڙن، سياڻن، سگهڙن ۽ سالڪن وغيرہ جي سياڻپ، ڏاھپ، مشاھدات ۽ زندگي جي تجربات تي ٻڌل نچوڙ ۽ نتيجو آھن. ھنن ننڍڙن ٽوٽڪن ۾ وڏو فلسفو سمايل آھن. ھي سائنسي تجربات وانگر، سياڻن جي تجربن مان اخذ ڪيل نتيجا آھن. ان ڪري پھاڪا، اصطلاحن کان تاڃي ۾ توڙي جوڙجڪ ۾، مختلف آھن. 

اصطلاح

مجموعي طرح سان ”اھڙا لفظَ“ آھن، جن جي ظاھري معنيٰ ۽ مطلب ھڪڙو ھجي، پر اصل معنيٰ ۽ مطلب ٻيو ھجي. اھا معنيٰ، جيڪا سوچ ويچار ۽ اونهي اڀياس سان ظاھر ڪئي ويندي ھجي. يعني ”ڪنھن لفظ جي ٻي خاص معنيٰ کي اصطلاح سڏبو آھي.“ 

فني لحاظ کان ڏسبو تہ اصطلاح جي جوڙجڪ ۽ مطلب، پھاڪن کان بلڪل مختلف آھي. ھي رڳو ھڪ يا ٻہ لفظ آھن، جن جو ظاھري مفھوم ھڪڙو تہ باطني مفھوم ٻيو آھي. مگر پھاڪن جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ لفظن جو اھڙو ميڙ آھي، جنھن جي باطني معنيٰ ڪا نہ آھي. اصطلاح بہ تمام پراڻا آھن، ٻوليءَ جو سينگار ۽ سونھن آھن، سندن معنيٰ بہ وسيع آھي. ھي جيتوڻيڪ مشاھدات ۽ زندگيءَ جي تجربات سان واسطو رکندڙ نہ آھن، پر ٻوليءَ لاءِ وڏي وقعت وارا آھن. اصطلاح جيتوڻيڪ تاريخ ۽ جاگرافي ظاھر ڪندڙ ڪين آھن، پر ٻوليءَ جا موتي مڻيادار آھن. جن سان ٻولي، تمام سوادي ۽ زود اثر بنجيو پوي ٿي. اصطلاح توڙي پھاڪا، ٻوليءَ جي وڏي وٿ، وڏي اھميت ۽ حيثيت جا حامل آھن. 

 1.   اَوتڙ نہ اولڻ (ناکئن جو اصطلاح) = نجات حاصل ڪرڻ، منزل مقصود کي پھچڻ. 

 2.  اڄي ٻڄي اچڻ/ اجهي ٻجهي اچڻ = ٿڪجي/ ھلاک ٿي اچڻ، چڱيءَ طرح ٻڌي سمجهي اچڻ. 

 3.   اڇون ٿيڻ = منجهڻ، حيوان ٿيڻ. 

 4.  اڱار اوتڻ = اڱر ڳھڻ/ ٻارڻ. 

 5.   اڱارن آٽي ٿيڻ = ڳري ھڪ ٿي وڃڻ. 

 6.   اگهي اگهائڻ = درد جو قدر ٿيڻ. 

 7.   اُميري پائڻ (ڪورين جو اصطلاح)  = ڳنڍڻ، ملائڻ. 

 8.   اونچي ڳاٽ اچڻ = مٿي ڪنڌ ڪري اچڻ. 

 9.   انڌا اونڌا ويڄ ھجڻ = ڄٽ حڪيمن جو ھجڻ. 

 10.  انگن انگ چاڙهڻ = بدن سوريءَ تي چاڙهڻ. 

 11.  انگن چڙهڻ/ انگهن چڙهڻ = عذاب/ مصيبت ۾ پوڻ. 

 12.   اوتڙ اولڻ = ڦاسڻ. 

 13.   اورڻ = حال ٻڌائڻ، مناجات/ اڀياس ڪرڻ. 

 14.   آچام ٿي بيهڻ = نشان ٿي بيهڻ. 

 15.         بي بھا بالم ڪرڻ = بي مثال پيارو بنائڻ. 

 16.         ٻاجهہ جي ٻڪي ڏيڻ =  فضل/ مھرباني ڪرڻ. 

 17.         ٻڪي ٿيڻ = فائدو ٿيڻ/ ملڻ. 

 18.         ٻنگ لهڻ = وجهہ وٺڻ. 

 19.         ٻہ ڏاھين ٻرڻ = ٻہ ڀيرا ھلڻ/ سڙڻ. 

 20.         ٻھون بجهڻ = گهڻو سمجهڻ. 

 21.         پتي تي پوڻ = دل تي اثر ٿيڻ، نظر اچڻ. 

 22.        ڀَلائين سندو ڀر ھجڻ = محبوب/ سڄڻ بڻجڻ، سڄڻ ھجڻ. 

 23.         ڀورو ڪين ڀڃڻ = سمجهہ ۾ نہ اچڻ 

 24.        ڀيڏي ڀر ڏيڻ = ٽيڪ ڏيڻ (ٻانھن کي). 

 25.         ڀيرو ڪرڻ = چڪر ھڻڻ، گمراھ ٿيڻ. 

 26.         ڀيرڻ ۽ ڀانئڻ = خيال ڊوڙائڻ، ڪمائي ڪرڻ، ڪرڻ کان پوءِ مغروري ڪرڻ. 

 27.         پاٻوھيو پڇڻ = ھيج مان حال پڇڻ، کلندي پڇڻ. 

 28.         پاند ۾ پائي وڃڻ = فائدو حاصل ڪرڻ/ فائدو ملڻ. 

 29.         پاڻ سي نہ ڪرڻ = پري نہ ٿيڻ، ھٽي نہ وڃڻ. 

 30.         پاڻ وڃائڻ =  خودي ختم ڪرڻ. 

 31.         پاڻي پيارڻ = تکو ڪرڻ (اوزار کي). 

 32.         پاھان پڳ ڏيڻ = پوئتي موٽڻ، پويان پير ڪرڻ، ڀڄي وڃڻ. 

 33.         پاھون پسڻ = پوئتي ڏسڻ. 

 34.         پٽ پڙاڏو ڪرڻ = ٻيائي ڪڍڻ، وڏيون دانھون ڪرڻ. 

 35.         پٽي وجهڻ = آزي ڪرڻ. 

 36.         پٽيون ٻڌڻ = علاج ڪرڻ. 

 37.         پڌر پير نہ ھجڻ = راز نہ ٻڌائڻ. 

 38.         پر سين پچارون ڪرڻ = ٻين کي ٻڌائڻ، ڌارين سان ڳالهہ ڪرڻ. 

 39.         پر ۾ پڇڻ = ڪنڊ/ ڪن/ ڳجهہ ڳوھ ۾ڳالهائڻ. 

 40.         پر پيئڻ = تمام گهڻو پيئڻ. 

 41.         پرت وٽڻ = پيار ونڊڻ. 

 42.        پريتڻون پڇڻ = محبت ڪرڻ. 

 43.         پرهون پساھ/ پويون پساھ پسڻ = (صوفين جو اصطلاح) الا اللہ جو ذڪر دل تائين پيدا ڪري، ساڳيو ذڪر دل کان مٿي کڻڻ واري ذڪر جي عمل کي ”پويون پساھ“ چوندا آھن. مرڻ گهڙيءَ تي ھجڻ، سڪرات تي ھجڻ. 

 44.        پرھ جا پياڪ ھجڻ = سويرو پيئندڙ/ عبادت ڪندڙ ھجڻ. 

 45.         پريان سين پيڪار ڪرڻ = پرين سان ھم صلاح ٿيڻ. 

 46.         پڙاڏو پٽ ڪرڻ = ٻيائي / ڪينو ڪڍڻ. 

 47.         پڪئين پر چرڻ = ٿورڙي تي خوش ٿيڻ. 

 48.         پند پارڻ = صلاح/ نصيحت تي ھلڻ، صلاح وٺڻ. 

 49.         پوڄ پيارڻ = گهڻو پاڻي ڏيڻ. 

 50.         پھ پوڻ = پور پوڻ، يادگيري اچڻ. 

 51.         پھاڻ پڄائڻ = ڪشالا ڪڍڻ، تڪليفون ڪرڻ. 

 52.         پيڄ پيارڻ = پرهيز جو کاڌو کارئڻ. 

 53.         پير ڀرڻ = ھلي اچڻ. 

 54.         پيڙا پاڻ سان نيڻ = درد دفع ڪرڻ. 

 55.         پيش پوڻ = حاضر ٿيڻ، آڻ مڃڻ. 

 56.         توڙ تائين تاڙڻ = پڇاڙي تائين ھلڻ/ ڪاھڻ، آخر تائين نہ رڪجڻ. 

 57.         ٺپ ٺرڻ/ ٺپ ٺري وڃڻ = حيران ٿي وڃڻ، خاموش ٿي وڃڻ. 

 58.         ٺڇڻ ٺار وجهڻ = زخمن کي ٺارڻ لاءِ دوا وجهڻ (علاج ڪرڻ). 

 59.         ٽوھ ٽارڻ = تڪليفن کان پاڻ بچائڻ/ پري ڀڄڻ، سک طلبڻ. 

 60.         جنت جو جام پيڻ = پاڪ شراب پيڻ، خوشيون ماڻڻ. 

 61.         جهالو ٿي جهلڻ = پختگي سان (تير) سھڻ. 

 62.         جھان جون جوڙون جوڙڻ/ جھان جون جوڙون جوڙ ڪرڻ = ڪاريگري سان جھان کي خلقڻ، جھان جون اميدون پوريون ڪرڻ. 

 63.         جيءُ جڙڻ = بدن کي قابو ڪرڻ. 

 64.         ڄاڻ وڃائي ڄلڻ = بي خبر ٿي ھلڻ، ھستي ماري ھلڻ. 

 65.         چار ئي پھر چورڻ = سمورو وقت ھلائڻ. 

 66.         چاڪ چٽڪا چکڻ = ڌڪ/ زخم کائڻ، عذاب/ سور سھڻ. 

 67.         چاڪ چڪڻ = ڦٽ اٿلڻ، ڦٽن جو سور ڪرائڻ. 

 68.         چاڪ چيهون ڪري چڪڻ = ورون ڪري/ وڏو ڦٽ ٿي وھڻ. 

 69.         چانگ ٿيڻ = ڪامل/ چڱو ڀلو ٿيڻ، خوش ٿيڻ. 

 70.         چاھ لڳڻ = باھ لڳڻ، شوق جاڳڻ. 

 71.         چت ۾ چتائڻ = اندر ۾ جاچڻ، خواھش ڪرڻ. 

 72.         چڪيا ڪرڻ = علاج ڪرڻ، ٽہل ٽڪور ڪرڻ. 

 73.         چڱائي چکڻ = سک ملڻ، بقا حاصل ڪرڻ. 

 74.         چنگ چڙهڻ = مشھور/ پڌرو ٿيڻ، سينگارجڻ، خوش ٿيڻ، سوري تي چڙهڻ. 

 75.         چنگ چورڻ = ڪمان کي ڪڇڻ، ڪمان کي ڇلڪڻ. 

 76.         چيٺي چڱو ڪرڻ = سنڀالي/ حيلو ڪري چاق ڪرڻ. 

 77.         ڇيت ڪري ڇلڻ = چڱي طرح ڏسڻ، ھوش/ ڌيان ڪري جاچڻ. 

 78.         حال حاصل ڪرڻ = حقيقت ھٿ ڪرڻ. 

 79.         حقاني حرف = حق، اللہ تعاليٰ. 

 80.         حقاني حرف چوڻ = حق/ سچ چوڻ. 

 81.         دارون ۽ ڪارون ڪرڻ = حيلا وسيلا ڪرڻ. 

 82.         دائودي ديون ڪرڻ = حشمت/ ڏهڪاءُ ڏيکارڻ. 

 83.         دؤر ڪرڻ = وري وري پڙهڻ، وظيفو بنائڻ. 

 84.         ديڳ ۾ دوڳ ھجڻ = ۱- ديڳ ۾ بدن/ جسم جو رجهڻ/ ڪڙهڻ. ۲. گوشت جي ٽڪرن جو ديڳ ۾ ڪڙهڻ. 

 85.         ديون ڪرڻ = چمڪڻ، بھار لائڻ. 

 86.         ڊٺن ڊڀ ھجڻ = بيمارن جي دوا بنجڻ/ ھجڻ. 

 87.         ڏسڻ جو ٽوھ ھجڻ = ظاھر ۾ سٺو/ سھڻو ھجڻ. 

 88.         ڏکندو ڏاڍو ٿيڻ = مرض/ ڏک وڌڻ. 

 89.         ڏکندو ڏاڍو ٿيڻ = مرض/ ڏک وڌڻ. 

 90.         ڏنڀ ڏيڻ = عذاب/ ايذاءَ ڏيڻ. 

 91.         ڏونگرين ڏٻائون ڏيڻ = (۱) مصيبتن کي مھڻو ڏيڻ. (۲) جبلن کي ڏوراپو ڏيڻ. 

 92.         ڏيٺائي ڏيٺ ھجڻ = تماشبين بڻجڻ. 

 93.         ڏينھن ڏون ھجڻ = (۱) جٽادار نہ ھجڻ (۲) ھن دنيا جو فاني ھجڻ (۳) ٿورڙي ڄمار ھجڻ. 

 94.         ڌئي ڌار ڌرڻ = حسد کي پري ڪرڻ. 

 95.         راھ رد ڪرڻ = رستو بند ڪري ڇڏڻ. 

 96.         رڪن چيت نہ ھجڻ = سڪل گل يعني عاشقن کي ڪل/ خبر نہ ھجڻ. 

 97.         رڳون رباب ٿيڻ = وحدت ۾ ھڪ ٿي وڃڻ. 

 98.         رلڻ ڇلڻ = ڏورڻ ۽ سمجهڻ. 

 99.         روز راس ڪرڻ = ھڪ ڏينھن ۾ خوش ڪرڻ. 

 100.     رهنما راحت ھجڻ = شفاعت جو رهنما ھجڻ. 

 101.     ساٿر صحت ھجڻ = چڱ ڀلائي جي دوا ھجڻ، مفيد ھجڻ. 

 102.     سانگ ڪرڻ = لحاظ/ خيال ڪرڻ. 

 103.     ساھ جون رڳون سوجهڻ = (۱) اندر کي چڱيءَ طرح پرکڻ. (۲) صاف ڪرڻ. 

 104.     ساھ سلهاڙي ڏيڻ =  ساھ گڏي ڏيڻ. 

 105.     سبق سابق = الست جو سبق ھجڻ. 

 106.     سڀ سڀوئي ھجڻ = سڀ ڪجهہ ھجڻ. 

 107.     سٽ ۾ سر ڏيڻ = سر عيوض ۾ ڏيڻ، سودو ٿيڻ. 

 108.     سٽ جوڙڻ = مقابلو ڪرڻ، ترتيب بيهارڻ. 

 109.     سٽ سارڻ = پڙهڻ، ظاھري علم پڙهڻ. 

 110.     سڃ ڪرڻ = ڏيکارڻ. 

 111.     سڄين آڱرين ھجڻ = چڱو ڀلو ھجڻ. 

 112.     سر سٽ ۾ ھجڻ = سر عيوض ۾ ھجڻ. 

 113.     سر سڃڻ = تير ھڻڻ، نشان ڪري چٽڻ. 

 114.     سر سانداڻ ڪرڻ/ سر سنداڻ ڪرڻ = ڌڪن لاءِ تيار ٿيڻ. 

 115.     سرو سنباھڻ = شراب تيار ڪرڻ. 

 116.     سکائون ڪري سانڍڻ = تمام پيارو ھجڻ. 

 117.     سڳر سوٺڻ = رستو ڳولي لهڻ (مڪان ۽ لامڪان جو). 

 118.     سڳر سونھڻ = ڳولڻ، رستو لهڻ/ جاچڻ. 

 119.     سلي سوري چاڙهڻ = سلهاڙي ڦاھي ڏيڻ. 

 120.     سمجهڻي رهڻ = کامي/ سڙي وڃڻ. 

 121.     سور سجھائڻ = ڳارڻ، جهورڻ. 

 122.     سور سڃ ڪرڻ = ڏک ملڻ. 

 123.     سوري سورانگهڻ = سوري مٿان ھلڻ، سوري چڙهڻ. 

 124.     سوريءَ سر ھجڻ = سوري تي چڙهڻ. 

 125.     سور سڃ ڪرڻ = (۱) سورن سان سٻنڌ ڪرڻ. (۲) سور پٺيان لائڻ. 

 126.     سير سڀن ۾ ڏسڻ = سڀني ۾ پنھنجو پاڻ پسڻ/ ڏسڻ. 

 127.     طالعن کي تنوارڻ = ڀاڳ/ بخت کي چورڻ، بخت کي سڏڻ. 

 128.     عام سان آھ سلڻ = ٻين کي ٻڌائڻ. 

 129.     غور غريب ڪرڻ =  مسڪينن جي سنڀال لهڻ. 

 130.     فڪر ڪفر ڪرڻ = (صوفين جو اصطلاح) وڏي توجھ سان خدا جي ذات ۽ صفات تي غور ڪرڻ. 

 131.     ڦڪيون فرق ڪرڻ = دوا مان فائدو ٿيڻ. 

 132.     قلب ۾ ڪھڻ = ھينئين سان ڪھڻ. 

 133.     کل کانئڻ =  جان جلائڻ، بدن ساڙڻ. 

 134.     کنيو ڇڏڻ = کسائڻ. 

 135.     ڪاتي پائڻ = ڪھڻ/ ھٺ وڃائڻ. 

 136.     ڪاتي پوڻ = ڪسجڻ. 

 137.     ڪارون ڪرڻ = دانھون ڪرڻ، ڪوششون ڪرڻ. 

 138.     ڪانيارو ٿيڻ = محتاج ٿيڻ، ڪاڻ ڪڍڻ وارو ٿيڻ. 

 139.     ڪايا سان ڪپج ڪرڻ = (آيرويد جو اصطلاح) پرهيز نہ ڪري بدن سان، ظلم ڪرڻ. 

 140.     ڪباب ڪرڻ = (فارسي اصطلاح) ذرا ذرا ٿيڻ، ذرا ذار ڪرڻ، پرزا پرزا ڪري جلائڻ. 

 141.     ڪٿ ڪڇڻ = ڪجهہ بہ نہ چوڻ. 

 142.     ڪر کڻڻ =  پاسو ورائڻ، ٻانھن چورڻ. 

 143.     ڪرلاھو ٿي اچڻ = عبادت ڪرڻ. 

 144.     ڪرلاھو ٿيڻ = خبر لهڻ وارو ٿيڻ. 

 145.     ڪڙئين ڪڙڪو نہ لهڻ = زخمن جي ڪڙين جو آواز بند نہ ٿيڻ. 

 146.     ڪڙو ڪلام نہ ھئڻ = مٺو ھئڻ (محبوب جو سخن). 

 147.     ڪسڻ جو ڪوپ ڪرڻ = ڪسجڻ جو ڌنڌو ھلڻ/ ظلم ھلڻ. 

 148.     ڪک چٽڻ = ڪک ھڻڻ، ڪک لائڻ. 

 149.     ڪلهن ئان ڪورڻ =  ڪلهن کان ٻانھون وڍڻ، پاڙ کان ٻانھن ڪپڻ. 

 150.     ڪمائي ڪرڻ = پورهئو/ عبادتون/ ڪشالا ڪرڻ. 

 151.     ڪنجهو ڪنجهه ھئڻ = دانھون ۽ رڙيون ھجڻ. 

 152.     ڪو ڪلام ڪھڻ = ڳجهہ ڳالهائڻ. 

 153.     ڪيو ڪان ڇڏڻ = تير گسائڻ. 

 154.     گهٽ اندر گهوڙا ھجڻ = اندر ۾ زور ڀريو آواز ھجڻ. 

 155.     ڳنڍ ڪرڻ = ھٿ ڪرڻ، وٺڻ. 

 156.     ڳنگا لھي ٻاڻ ھڻڻ = تير چتائي چڱيءَ طرح ھڻڻ. 

 157.     لاڳ لاھي وھڻ =  آسرو نہ ڪرڻ، لاڳاپو نہ رکڻ. 

 158.     لائي لت ڏيڻ = مٿان پير رکي زور ڏيڻ. 

 159.     لڇڻ ڪڇڻ نہ ٿيڻ = بلڪل خاموشيءَ ۾ ھجڻ. 

 160.     لکڻ ۾ نہ لکجڻ = نصيب ۾ نہ ھجڻ. 

 161.     ليکا جي نہ لکجڻ ۾ اچڻ = حساب ۾ نہ آڻڻ، عشق ۾ شمار نہ ڪرڻ. 

 162.     لڱن لوھ لڳڻ = بدن ۾ تير لڳڻ. 

 163.     لوري لڳڻ = تير لڳڻ، يادگيري ھجڻ، تات ھجڻ. 

 164.     لوڪ لکائڻ = عام کي ڄاڻائڻ. 

 165.     لوھ چاڙهڻ = تير ھڻڻ. 

 166.     لوھ لچڪي وڃڻ/ لوھ لڇي وڃڻ = بدن ڏڪي وڃڻ، لرزي ۾ پوڻ. 

 167.     لوئي وات ڪرڻ = ڳالهائڻ، ٻڌائڻ، ظاھر ڪرڻ. 

 168.     ليکي لکڻ =  ڳڻڻ/ حساب ۾ آڻڻ. 

 169.     لئن لڳڻ = محبت/ عشق ٿيڻ. 

 170.     ماري ميڻ ڪرڻ = قبضي ۾ آڻڻ، تابع ڪرڻ. 

 171.     ماڳ ھئڻ = پوري نشان تي تير ھڻڻ، پوري جاءِ تي ھجڻ. 

 172.     ماموري پوڻ = بخار ٿيڻ، بخارجڻ. 

 173.     مٿي وٽ مڙڻ = سر جي عيوض ملڻ. 

 174.     مٽي ٿيڻ = خراب ٿيڻ (دز ۾). 

 175.     منجھان ئي منجهہ وڙهڻ = اندر جو اندر ۾ وڙهڻ (نفس سان وڙهڻ). 

 176.     منجهہ ڏيڻ = اندر جو احوال/ راز ٻڌائڻ. 

 177.     مونن ۾ منھن پائڻ = مراقبي / ڌُن ۾ ويهڻ. 

 178.     ناڙون نھارڻ = نبضون ڏسڻ. 

 179.     نفس جو نهو = عالم ارواح. 

 180.     نيزي نظاري ٿيڻ = تير جي آڏو اچڻ، تير جي سامھون اچڻ. 

 181.     نينھن ڳري گچڻ = وڏي عشق ۾ ڦاسڻ. 

 182.     نينھن نيڻين ڳڻ ڳالهہ ڪرڻ = اکين سان عشق ڪرڻ. 

 183.     واءُ ورائڻ = ملاقات جي خوشخبري موڪلڻ. 

 184.     وائي پوڻ = ڳالهائڻ، تڪرار ڪرڻ. 

 185.     وائي ور لھڻ = رمز پروڙڻ. 

 186.     وترا ورق ورائڻ = گهڻا پنا پڙهڻ (غير کي ڏسڻ). 

 187.     وجود جو ورق ڌوئڻ = خودي ختم ڪرڻ. 

 188.     وڄا وسري وڃڻ = علم/ ڄاڻ ختم ٿي وڃڻ. 

 189.     وچ پوڻ = ويڇو پوڻ، جدائي ٿيڻ. 

 190.     وحدت سين وھانءُ ڪرڻ = پاڻ فنا ڪري ڇڏڻ. 

 191.     ور پوڻ = حاصل ٿيڻ، ملڻ. 

 192.     ورسي وڃڻ = ڀلجي وڃڻ. 

 193.     ورق پوڻ = رنڊڪ پوڻ. 

 194.     ورق ورائڻ = ٻئي کي ڏسڻ، گهڻن سان دل لائڻ. 

 195.     ورھ وھائڻ = عشق پرائڻ، عشق ونڊڻ. 

 196.     وري ورق پوڻ، ورق ورڻ = وارو ورڻ/ بخت اچڻ. 

 197.     وصالان وچ پوڻ = رنڊڪ پوڻ. 

 198.     وھ پاڻ وڃائڻ = عشق ۾ غرق ٿي وڃڻ. 

 199.     وھ ووڙڻ = زھر جي ڳولا ۾ ھجڻ، موت جي تلاش ۾ ھجڻ. 

 200.     وھائڻ = وٺڻ، خريد ڪرڻ. 

 201.     ويءَ وھائڻ = سودو ڪرڻ، دستورالعمل ڪرڻ، شيوو بنائڻ. 

 202.     ويڄ وھارڻ = حڪيمن کي آڻڻ (ٻين کي آڻڻ؟). 

 203.     ويڄن وات ھجڻ = حڪيمن کي ياد ھجڻ، اھا دوا جيڪا حڪيمن کي ھر گهڙي زبان تي ھجي. 

 204.     ويرو تار نہ وسرڻ = سدائين ياد رهڻ. 

 205.     ويڻ وارئڻ، ويڻ ورائي چوڻ = ورندي ڏيڻ، موٽائي چوڻ. 

 206.     ھٿ ۾ حاضر ھجڻ = (سر) تيار رکڻ/ سر تري تي ھجڻ. 

 207.     ھنجون ھارڻ = زاروزار روئڻ، ڳوڙها ڳاڙڻ. 

 208.     ھو ھلاچو ھل ھجڻ = خدا تعاليٰ جو نالو ھجڻ، غوغاءُ ھجڻ. 

 209.     ھيجا ساڻ ھينئين ھلڻ = دل سان/ سچي محبت سان ھلڻ، ذوق سان ھلڻ. 

 210.     ھيڪائي ھيڪ ٿيڻ = محو ٿي وڃڻ، ملي ھڪ ٿي وڃڻ. 

   

 ڪم آندل ڪتاب 

 ۱ . شاھ جو رسالو، ڊاڪٽر گربخشاڻي. 

 ۲ . شاھ جو رسالو، (بمبئي) ڪلياڻ آڏواڻي. 

 ۳ . شاھ جو رسالو، غلام محمد شھواڻي. 

 ۴ . شاھ جو رسالو، سر ڪاري ڇاپو. 

 ۵ . قديم سنڌي لغات، مرزا قليچ بيگ. 

 ۶ . لغات لطيفي، مرزا قليچ بيگ. 

 ۷ . فيروزالغات، اردو. 

 ۸ . انگريزي لغت، A.T شاھاڻي. 

 ۹ . انگريزي - سنڌي لغت، شاھ صاحب.