ڪنھن شيءِ يا حالت جو اھڙيءَ طرز سان بيان ڪرڻ، جو انهيءَ ماحول جي تصوير پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي اکين اڳيان تري اچي، اھڙي تخليقي عمل کي ’محاڪات‘ يا ’عڪسيت‘ چيو ويو آھي. ان ۾ شاعر جي اعليٰ تخيل جو وڏو عمل دخل ھوندو آھي. علم ادب جي محققن محاڪات کي شعر جو روح چيو آھي.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي راءِ موجب، ”محاڪات جو واسطو فقط قدرتي نظارن جي بيان سان آھي. ان حوالي کان محاڪات، عڪس جي اڀياس جو محدود طريقو آھي.“ (عباسي، تنوير، 2015ع، ص:158)
پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي شاھ جي رسالي جي مقدمي ۾ لکيو آھي: ”شاھ لطيف سنڌ جو پھريون شاعر ھو، جنھن طبعي شعر چيو. ھُو سير ۽ سياحت جو شائق ھو. ھن قدرت جي ھر ڪرشمي کي پنھنجي نوراني ۽ باريڪ نظر سان جاچي، ان جي جمال ۽ جلال تي اونهو تصور ڪيو آھي، ۽ پوءِ ان جي ھوبھُو تصوير پنھنجي ڪلام ۾ پيش ڪئي آھي. شاھ لطيف، سنڌ جي ڍنڍن ۽ ڍورن، برن ۽ بحرن، ٽڪرن ۽ نھرن، ڀٽن ۽ ماٿرين جو عاشق ھو.“ (آڏواڻي، ڪلياڻ، 2019ع، ص:28)
سندس ھر بيت جيئري جاڳندي عڪس ۽ محاڪات جو مَنُ موهيندڙ روپ آھي. سُر سارنگ ۾ مينھن واري ماحول جو ھر نقش جھڙيءَ ريت شاھ لطيف لفظن سان چٽيو آھي، اُھو ڪنھن بہ ڪمانگر جي وس جي ڳالهہ نظر نہ ٿي اچي، جيئن ھيٺين بيتن ۾ منظر آھي:
اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪَڪَرِيُون ڪارِيُون،
وسٖي ٿو وَڏَڦُڙو، ٽَھڪَنِ ٿِيُون ٽارِيُون،
لَٿِيَن لُکّ، لَطِيفُ چي، ڍايُون تاسارِيُون،
ڀِڄَندِيُون ڀَٽارِيُون، وَرِي وَٿاڻٖين آئِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 8، ص: 685)
بَرَ وٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون،
پِرِهَه جو پَٽَنِ تٖي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،
مَکَڻَ ڀَرِينِ ھَٿَڙا، سنگهارِيُون سايُون،
ساري ڏُهَنِ سامُهِيُون، ٻولايُون، رايُون،
ٻانِھِيُون ۽ ٻايُون، پَکٖي سُونھن پانهنجي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 26، ص: 689)
شاھ لطيف، قدرت جي ھر رنگ ۽ روپ جو چاھيندڙ آھي. سندس ھيٺيون بيت پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي دل ۽ روح ۾ رومانويت، جماليات، عڪس ۽ محاڪات جي خوشبو اوتي ڇڏي ٿو:
اَڱَڻَ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُونھن،
سُرَهِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا مينھن وَسَنِ،
اسان ۽ پِرِين، شالَ ھُونِ بَرابَرِ ڏينھڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 25، ص: 689)
غلام محمد شاھواڻي، شاھ جي رسالي جي مقدمي ۾ شاھ لطيف کي ’محاڪات‘ جو ماھر سڏيو آھي. لکي ٿو: ”شاھ جي نقش نگاري ھر بيت مان ڇلڪي رهي آھي... شين ۽ دلي ڪيفيتن جو چِٽُ چِٽڻ تہ ڪو شاھ کان سکي. ٿرن ۽ برن، ڏکن ۽ ڏونگرن، درياھ ۽ سمنڊ جي خطرن جون اُھي تصويرون ڪڍيون اٿس، جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن. ڪوبہ ڪمانگر اھڙو نقش مشڪل ڪڍي سگهي، جھڙو سُر سهڻيءَ ۾ شاھ درياھ جي دھشتناڪ صورت جو ڪڍيو آھي.“ (شاھواڻي، 2005ع، ص:43-42)
ھيٺ ڏنل بيت مٿين راءِ جي ساک ڀرين ٿا:
دَهَشَتَ دَمُ درياھَه ۾، جِتِ سَٽاڻا سِيسارَ،
بيحَدِ باڳُو بَحَر ۾، ھَيبَتَناڪَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَه سَرِيرَ ۾، طاقَت تو ھان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، سِگهو رَسِجِ سِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ٻيو، بيت 4، ص: 226)
دَهَشَتَ دَمُ دَرياھ ۾، جِتِ جايُون جانارَنِ،
نَه ڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نہ مَلاحَنِ،
دَرِندا دَرياھَه ۾، واڪا ڪِيو وَرَنِ،
سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، ھَلِيا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرزو پَيدا نہ ٿِئي، تَختو مَنجھان تَنِ،
ڪو جو قَهرُ ڪُنَنِ ۾، وِيا ڪِينَ وَرَنِ،
اُتٖي اَڻتارُنِ، ساھَڙَ! سِيرَ لَنگھاءِ تون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ٻيو، بيت 11، ص: 228)
’سُر ڪاموڏ‘ ۾ شاھ لطيف، نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي رومانوي قصي کي بيان ڪندي، ڪينجهر جو اُھو نرمل نظارو پيش ڪيو آھي، جو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ بہ ان جھڙي منظرنگاريءَ جو مثال ملڻ ممڪن نہ آھي:
ھيٺِ جَرُ، مَٿِي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھ،
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جِي ساءَ،
لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِينجهر ھِندورو ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان ٻيو، بيت 4، ص: 627)
شاھ لطيف، سنڌ جي قدرتي نظارن کي ھڪ باريڪ فلسفياڻي، عارفاڻي ۽ عاشقاڻي نظر سان جاچيو آھي. سندس طبعي شعر جي وڏي ۾ وڏي خوبي اھا آھي تہ، اُن ۾ نھايت گھرائيءَ سان ھيڪلائيءَ جي ماريل دلين جو احوال چٽيل آھي. ان حوالي سان سُر سامونڊيءَ جي سِٽ سِٽ ۾ چٽي تصوير نڪتل آھي، جنھن ۾ وڻجارن ۽ سندن بيقرار ونين جو احوال عمدي پيرايي ۾ ڏنل آھي:
اُلوڙَڻ نہ ڏِئٖي، وَرُ وِڌائِين وَنجھه کي،
رَهُه اَڄوڪِي راتَڙِي، لالَنَ! مُون لائي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 21، ص: 193)
ڳِرِيو جهلِيو روءِ، مَٿي مُهريٖ ھَٿَڙا،
کوءِ! سودو سَندوءِ، جو تو ڍولِيا! سِکيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 20، ص: 192)
کُوهَنِ سِرِ وائُنٽِيُون، وائُنٽِيُنِ سِرِ ڳَنڊَ،
کيڙي کيڙي کَنڊَ، ماءِ! سامونڊي آئِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٻيو، بيت 21، ص: 202)
ھيٺين بيت ۾ تصوير جا رنگ ڏسو:
سارَنگَ سائِي سِٽَ، جھڙي لالِي لاکَ جِي،
اِيئن سي اُٻُنِ اَنگِيا، جيئن سٖي چُنِيءَ چِٽَ،
بَرَسِيو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان ٻيو، بيت 1، ص: 692)
مٿئين بيت کي محاڪات ۽ مصوريءَ جي لحاظ کان ڏسنداسين تہ ھن ۾ ٻن تصويرن جو نقش پيش ڪيل آھي: ھڪ جُھڙ جو ۽ ٻيو ڪِراڙ ڍنڍ تي مينھن وسڻ جو. بيت جي ٽن مصراعن ۾ جُهڙ جهڙالي ٿيڻ، حسين منظر جي صورت اختيار ڪرڻ، خوبصورت ڪنوار جي لاک رتي چنيءَ تي سفيد گلن جو خوشنما تصور پيش ڪرڻ ۽ آخر ۾ اڃايل ڪراڙ کي برسات جي وسڪاري سان ٽمٽار محسوس ڪرائڻ، بي مثال نقش نگاري آھي، جنھن اڳيان ڪنھن اعليٰ پايي جي مصّور جو شاھڪار بہ بيھي نٿو سگهي.
شاھ لطيف جي ڪلام ۾ عڪس
انسان جي لاشعور ۾ ڪيئي واقعا ۽ نظارا موجود ھوندا آھن، تن کي ٻيھر ياد ڏيارڻ يا ٻيھر لفظن جي مدد سان چٽڻ جو نالو ’عڪس بندي‘ آھي.
جيئن تہ اسان جو ھر حواس ڪنھن شيءِ جي مختلف خاصيتن کي ڌار ڌار محسوس ڪري ٿو. ان ڪري اسان جي لاءِ ان شيءِ جو وجود مڙني حواسن جي ڏنل معلومات کي وري تصوراتي وجود ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿيندي. ڪنھن اکين ڏٺي نظاري يا واقعي جو ذڪر ڪبو، يا ڪنن سان ٻڌل ڪنھن آواز جو تاثر پيدا ڪبو، يا ڪنھن شيءِ جي ذائقي جو احساس ڏياربو، يا ان جي کھراڻ، لساڻ، گرم يا ٿڌي ھجڻ، نرم يا سخت ھجڻ يا ڪنھن شيءِ جي سُرهاڻ يا بدبوءِ جو ذڪر ڪبو.
عڪسيت جو موضوع، نفسيات توڙي ادبي اڀياس؛ ٻنهي سان واسطو رکي ٿو. نفسيات ۾ عڪس جي معنيٰ گذريل احساسن ۽ محسوسات کي وري پيدا ڪرڻ آھي.
شاعر کي پنھنجي محسوس ڪيل جذبن کي عام ماڻهوءَ تائين پھچائڻ لاءِ پنھنجي محسوس ڪيل ڪائنات، ٻيھر تخليق ڪرڻي پوي ٿي. ڪائنات جي ان ٻيھر تخليق لاءِ عڪس بھترين ذريعو آھي.
سنڌي لوڪ شاعري توڙي شروعاتي اساسي شاعري ’عڪس‘ سان ڀرپور آھي. اڃا ٿورا سال ٿيا آھن جواولهہ جا شاعر ۽ نقاد جپاني ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنف ’هائيڪو‘ ۾ عڪسن جي اھميت بابت سجاڳ ٿيا آھن.
اولهہ ۾ عڪسي شاعريءَ جي باقاعدي تحريڪ ھلي، جنھن طرفان ھڪ رسالو ‘Imagist’ بہ شايع ٿيو. ان تحريڪ جو مهندار ازرا پائونڊ ھو ۽ ھلڊا ڊولٽل، رچرڊ آرلنگٽن، فلنٽ ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا. سندن چوڻ ھو تہ، عڪس پيش ڪرڻ جو مقصد اھو نہ آھي تہ ڪو اسان چترڪار آھيون، اسان کي ان ڳالهہ ۾ يقين آھي تہ شاعريءَ کي شين جا تُز (Exact) عڪس ڏيڻ گهرجن ۽ اڻ چٽين عام ڳالهين سان واسطو رکڻ نہ گهرجي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي پنھنجي ڪتاب ’شاھ لطيف جي شاعري‘ ۾، شاھ لطيف جي عڪسي شاعريءَ تي پيرائتو بحث ڪيو آھي. عڪس ۽ محاڪات جي فرق بابت سندس راءِ آھي تہ: ”ان (محاڪات) جو پڻ عڪس سان واسطو آھي، پر عڪس جي اڀياس جو اھو طريقو محدود آھي، جو اھو فقط قدرتي نظارن جي بيان سان واسطو رکي ٿو.“ (عباسي، تنوير، 2015ع، ص:158)
ڊاڪٽر تنوير عباسي اڳتي لکي ٿو تہ: ”شاھ لطيف جي شاعري ڪتابن جي مطالعي بدران فطرت جي مشاھدي مان ڦٽي نڪتي آھي، ان ڪري ئي سندس شاعري عڪسن سان ڀري پئي آھي. سنڌ جو ھر نظارو سندس شاعريءَ ۾ موجود آھي. ٿر، بر، رائو، رُڃ، ڏِنگا چارا، ڍنڍون ڍورا، پاڻيءَ تي ترندڙ ٻيڙيون، ڪنول جا گُل، بندر بازاريون، جھاز، جھازن جا سِڙه، ٻيڙياتا، سامونڊي، اٺن جون قطارون، پکين جا ولر، ڪونجون، ڪانءَ، ھنجَ، درياھ، ان جي مستي، ڇولين جو شور، سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، لھندڙ سج، ڦٽندڙ باک، موکيءَ جا مٽ، مينھن جا وسڪارا، ڪُنڍيون مينھون، ڀنل ڀنڀا وار ۽ ٻيا ڪيترائي اھڙا عڪس آھن. جن کي شاھ لطيف ڪمال فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آھي.“ (عباسي، تنوير، 2015ع، ص:159)
گهڙِي گهڙو ھَٿِ ڪري، اِلاھي تُھارَ،
ڄَنگهہ ڄَرُڪٖي واتَ ۾، سِسِيءَ کي سِيسارَ،
چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِيَسِ وارَ،
لَکين چَھُٽِيَسِ لوهَڻِيُون، ٿيلِھيُون ٿَرَنِئُون ڌارَ،
مِڙِيا مَڇَ ھَزارَ، ڀاڱا ٿيندي سُوهَڻِي!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان پھريون، بيت 15، ص: 220)
بيت جي سٽ سٽ، سٽ جو لفظ لفظ ھڪ عڪس پيش ڪري رهيو آھي ۽ اھو بہ خيال، جذبي ۽ ڪنھن نہ ڪنھن احساس سان ڀريل، جيئن ھن بيت ۾ سهڻي سراپا اکين اڳيان لڙهندي نظر پئي اچي. لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ ڪارا وار ۽ چوڙيون گپ چِڪ ۾ ڀريون پيون آھن. ڄرڪا ۽ سَيسَر سندس جسم کي پٽي رهيا آھن، مَڇَ بہ مڙي آيا آھن. بيت جو آخري حصو ’ڀاڱا ٿيندي سهڻي‘ ھن سڄي دردناڪ منظر ۽ شاعر جي داخلي ۽ احساساتي ڪيفيت کي اڀاري ٿو. ان لحاظ کان ھي عڪس فقط عڪس نہ، پر جذبي سان ڀرپور عڪس آھي، جنھن کي ’ڀريل عڪس (Charged Image) چيو ويو آھي. ڌار ڌار حواسن جي آڌار شاعريءَ ۾ مختلف قسمن جا عڪس پيدا ٿين ٿا، جن کي شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ پڻ ڏسي سگهجي ٿو.
شاھ جي ھڪ پارکوءَ اڪرم انصاريءَ تہ اھو بہ لکيو آھي تہ، ’عڪس نہ صرف خوبصورت نظارن ۽ ماڻهن جا ھوندا آھن. حقيقت پسند شاعر سماج ۾ موجود ڪنھن اڻ وڻندڙ منظر کي بہ چٽي سگهي ٿو، جيئن سُر ڪاموڏ ۾ ککين ۽ کارين جا منظر آھن:
ڪارِيُون، ڪوجهيون، ڪُوَڙيُون، مُورِ نہ موچاريُون،
وَٺِي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکِيءَ جُون کارِيُون،
اُنِين جُون آرِيُون، سَمي رِيءَ ڪيرُ سَھي؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 11، ص: 622)
نظري عڪس (Visual Image):
ھي عڪس جو عام قسم آھي، جنھن ۾ ھوبھُو اھو نظارو اکين اڳيان چٽائيءَ سان اڀري اچي.
شاھ لطيف جي ڪلام ۾ نظري عڪس نھايت چٽا آھن. ھو جنھن بہ نظاري جو ذڪر ڪري ٿو تہ اھو نظارو اکين آڏو اچي بيھي رهي ٿو:
راتِ سَھائِي، ڀُون سَنئِين، پَٽئين وڏو پَنڌُ،
ھَلَندي حَبيبَن ڏي، ڪَرَها! موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَنڌُ، جو پَھُچائي پِرِينِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 5، ص: 132)
چانڊوڪي رات آھي، آسمان تي چمڪندڙ چنڊ، ھيٺ سڌو سنئون ميداني پٽ، جيڪو نظر جي حد تائين پکڙيل آھي. لفظي تصوير ۾ اٺ ۽ سندس بيقرار سوار جي اُڻ تُڻ جو منظر بہ ايڏو چٽو ۽ اڀريل آھي، جيڏو چنڊ ۽ سنئين پَٽَ جو نظارو پسجي ٿو. سر کاھوڙيءَ ۾ کاھوڙين جو نظارو شاھ لطيف ھن ريت پَسائي ٿو:
سُڪا مُنھُن سَندِنِ، پيرين پُراڻا کيترا،
سا جوءِ ڏوري آئِيا، سُونھان جِتِ منجهن،
ڳُجهان ڳُجُهون ڪَنِ، تِنھان پَرانھٖين پَنڌَ جُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان پھريون، بيت 26، ص: 751)
کاھوڙين جا مُنھُن يا سندن کلين جا مُنھُن خشڪيءَ ۽ اُڃ کان سُڪا پيا آھن، پيرن ۾ پراڻيون ڇنل جُتيون اٿن ۽ ڪَڇُن ۾ سُڪل ساندارا، سندن گودڙيون مٽيءَ ھاڻيون آھن. لاڳيتي سفر جي ڪري مُنھُن تي دز لڳل اٿن، اکين مان آب ٿا وهائين:
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرِڪَڻا پيرين،
ٽِمَندٖي نيڻٖين، آن ڪي کاھوڙِي گَڏِيا؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان پھريون، بيت 27، ص: 751)
شاھ لطيف جي سموري شاعري متحرڪ نظري عڪسن جو باڪمال نمونو آھي، جنھن لاءِ ازرا پائونڊ جي ھيءَ راءِ تہ سؤ سيڪڙو سچ ثابت ٿئي ٿي تہ: ”شاعريءَ جو ھڪ ٻيو قسم آھي، جنھن ۾ ايئن ٿو لڳي تہ تصويرون يا بُت (Sculpture) ھاڻي ڳالهائڻ لڳندا.“ (عباسي، تنوير، 2015ع، ص: 159)
آوازي عڪس (Auditory Image):
ڪنھن ٻڌل آواز يا سُر جو بيان اھڙن لفظن ۾ ٿيل ھجي، جو ان جو پڙاڏو ڪنن ۾ پيو ٻُري، تہ ان کي ٻڌڻ جو عڪس يا آوازي عڪس چئجي ٿو. جيئن نظري عڪس ڏسڻ جي حواس سان واسطو رکي ٿو، تيئن آوازي عڪس ٻڌڻ جي حواس سان لاڳاپيل آھي. شاھ لطيف جو ڪلام آوازي عڪسن سان پڻ ڀريو پيو آھي. مثال طور سُر سهڻيءَ جو ھي بيت ڏجي ٿو:
چَؤڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا،
سُتي سَنڀارَنِ جو، پِيُمِ ڪَنِ پَڙاءُ،
وِهَڻُ مون نہ وَڙاءَ، سُڻِيو جهانءِ جهڄي ھِنيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان چوٿون، بيت 2، ص: 236)
مٿيون بيت آوازي عڪس جو نرالو ۽ مڪمل روپ آھي، جنھن ۾ چئني طرفن کان چَڙن جو آواز، ننڊ ۾ ستل سهڻيءَ ٻڌو، تہ سندس ننڊ ڦٽي پيئي، سمهڻ نہ ٿو وڻيس، ماٺ ڪري ويهڻ بہ سندس وس ۾ نہ رهيو آھي ۽ ھنيون جهڄي پيو اٿس. ھي بيت، جنھن ۾ شاھ لطيف ٻٽا آوازي عڪس چٽيا آھن:
ڪارا ڪُنَ، ڪارِي تُڳِي، جِتِ ڪارِيھَرَ ڪَڙَڪا،
مَئٖي مَتٖي مِهراڻَ ۾، اَچَنِ دُپارا دَڙَڪا،
وِيندي ساھَڙَ سامُهان، جهولَ ڏِنَسِ جَهڙَڪا،
کَرِڪيَنِ جا کَڙَڪا، سُونھان ٿِيَئڙَسِ سِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان چوٿون، بيت 4، ص: 237)
خوفناڪ ماحول، گجندڙ آواز، ڪڙڪا، ڇولين جا دڙڪا، درياھ جي گجگوڙ، سهڻي انهن خوفائتن آوازن تان ڌيان پَلَي وڏن چڙن جي آواز کي ياد ڪري ٿي، اُھي کَرڪا، جيڪي ميھار جي مينھن جي ڳچين ۾ ٻڌل ھئا. ھڪ پاسي دھشتناڪ آواز ۽ انهن جي پس منظر ۾ چڙن جا مٺڙا ۽ وڻندڙ آواز، ٻئي آواز ھڪ ٻئي جي متضاد ھوندي بہ شاھ لطيف، ڪيڏي نہ چٽائي ۽ معنويت سان ٻنهي آوازن کي بيان ڪيو آھي.
سُنگهڻ وارو عڪس (Olfactory Image):
ڪنھن ماحول يا شيءِ جو ذڪر اھڙي ريت ڪجي، جو ان جي سُرهاڻ، باس يا ڇَٽَ جو احساس ٿئي تہ اھڙي عڪس کي سُنگهڻ سان حاصل ٿيندڙ بدبوءِ يا سُرهاڻ جو عڪس چئجي ٿو.
شاھ لطيف لاءِ ’بَرُ مڙيوئي بوءِ‘ آھي کيس ساڻيھ جي کِھ مان بہ کٿوريءَ جي خوشبوءِ ٿي اچي:
بَرُ مِڙوئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون،
ٻَھِ ٻَھِ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي ھُوءِ،
راڻِنِ وَرِي رُوءِ، گُوندرَ لَٿا گولِيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ستون، بيت 8، ص: 406)
جَڏِهن پيئِي باسَ، ڇَپَرِ ھوتَ پُنهُونءَ جِي،
اَديُون! آرِيچَنِ جا، وَڻَنِ مُڪا واسَ،
آيَلِ! پُنِي آسَ، پُنهُون آيو ڪيچَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ستون، بيت 10، ص: 406)
سُر ’مومل راڻي‘ ۾ بہ اھڙا بيت آھن، جن کي پڙهڻ سان ماحول ۾ ھڳاءُ پکڙجي وڃي ٿو:
جھڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھڙا مَٿَن ويٖسَ،
چوٽا تيلَ چَنبيلِيا، ھا ھا ھو ھَميشَ،
پَسِيو سُونھن سَيّدُ چي، نينھن اَچَنِ نيٖشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتُڻِ اَکَرُ نَه اُڄَھي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 524)
جھڙا پانَنِ پَنَ، تِھڙِيُون سالُون مَٿِنِ سائُيون،
عَطُر ۽ عَبِيرَ سين، تازا ڪِيائُون تَن،
مَڙِهيا گهڻُو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَن،
سُونھن رُپٖي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنّ،
ڪِيائِين، لالُ لَطِيفُ چي، وَڏا ويس وَرَنّ،
مَنجهہ مَرَڪِيُس مَن، سوڍي سين سَڱُ ٿِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٽيون، بيت 2، ص: 524)
شاھ لطيف جي سُر سهڻيءَ جي ھيٺين سُرهي عڪس جو عالمي شاعريءَ ۾ بہ مٽ نہ ھوندو، جنھن ۾ بيان ڪيو ويو آھي تہ، سهڻي درياھ ۾ ٻُڏي ٿي ۽ درياھي مڇيون ان جو ماس ٿيون کائن تہ سندس رت جي رنگ سان لهرون لال ٿي ويون آھن ۽ سهڻيءَ جي جسم جي خوشبوءِ درياءَ جي پاڻيءَ ۾ رلمل ٿي وئي آھي.
وهڪري مان کٿوريءَ کان بہ وڌيڪ وڻندڙ، سهڻيءَ جي جسم جي خوشبوءِ ٿي نڪري، نہ رڳو ايترو، پر ان عنبير جي خوشبوءِ جا اوٻارا ٿا اچن. سڄو ماحول سهڻيءَ جي جسم جي خوشبوءِ سان واسجي وڃي ٿو. درياھ جي لهرن ۾ لالائي، وهڪري ۾ خوشبوءِ ۽ ماحول ۾ عنبير جا اوٻارا، اھڙو جادوئي بيان پڙهندڙن کي خوشبوءِ سان واسي ٿو ڇڏي:
لَهَرِ مِڙوئي لالَ، وَهَڻُ کَٿوريان وِتَرو
اوٻارا عَبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ
ڪُنَنِ گهڙِي ڪالَ، سِڪَ پِريان جي سُنهَڻِي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سنهڻي، داستان پنجون، بيت 23، ص: 388)
سواد وارو عڪس (Taste Image):
ڪنھن بہ شيءِ جي ذائقي کي وري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي سوادي عڪس چئجي ٿو.
شاھ لطيف، ھر حواس کي تيز ۽ خبردار رکيو آھي. ھن ڪائنات جي مشاھدي وقت ھر حس کي کليل رکيو آھي ۽ ان مشاھدي جي اظھار وقت ۽ ان جي شاعراڻي بيان مهل، ھن انهن سڀني ڪيفيتن جو اظھار ڪيو آھي، جيڪي ھن کي مختلف حواسن جي ذريعي حاصل ٿيون آھن. سُر ’مارئي‘ ۾ مارئيءَ جي قيد واري ڪيفيت کي محسوس ڪندي شاھ لطيف، کٻڙن جي کاري سواد کي ياد ٿو ڪري:
کارا کَٻَڙَ ڏيھَ ۾، ٻِيا وارِيءَ مَنجهہ وَٿاڻَ،
ساٿِيَنِ کي، سَيّدُ چٖي، ڀَرِيو ڏِيَنِ ڀاڻَ،
عُمَرَ! اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومرا!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 17، ص: 569)
سُر ڪلياڻ جو ھي بيت سوادي عڪس جو مڪمل اظھار آھي:
پِريان سندي پارَ جِي، مِڙَئِي مِٺائِي،
ڪانهٖي ڪَڙائي، چَکين جي چٖيت ڪَرٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 11، ص: 80)
ڇُھاءَ وارو عڪس (Tactile Image):
ڪنھن شيءِ جي لساڻ يا کھراڻ، نرمي يا سختيءَ جي بيان سان پيدا ٿيندڙ احساس کي ’ڇُھاءَ وارو عڪس‘ چئجي ٿو. شاھ لطيف جيتري متحرڪ روح سان مشاھدو ڪيو آھي، اوترو ئي چٽائيءَ سان ان جو اظھار بہ ڪيو آھي. سندس ڪلام ۾ ڇھاءَ وارو عڪس بہ ڪمال سان اظھاريل آھي:
سِھَ سِيارو، پاڻِي پارو، جِت جُهڙُ، جَهڪَ ۽ جهولَ،
مَنَ اندَرِ ميھار جا، ھينئڙي اَچَنِ ھولَ،
جيلانهَن ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تٖي اَڙانگا آرَ تَران.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ٽيون، بيت 15، ص: 232)
ڪانڌَ! تنھنجي پاندَ ري، سَنجهي سِيءَ مَران،
ڪامِلَ! ڪَپاھُنِ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران،
تارِيءَ تنھن تَران، جيئن وَرُ وِهاڻِيءَ وارِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان ٽيون، بيت 10، ص: 696)
اُتَرَ ڏِنِي اوتَ، نہ مُون سوڙِ، نہ گَبَرو،
چارَئِي چُنِيءَ پوتَ، مون ريڙِهيندي راتِ گَئِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رپ، داستان ٻيو، بيت 14، ص: 741)
حرارتي عڪس (Thermal Image):
ٿڌي ۽ گرم جي تاثر پيدا ڪرڻ واري عڪس کي ’حرارتي عڪس‘ چئجي ٿو.
لَڳيٖ ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئِي لَهَسِيو،
اُڀَنِ مَنجهان آئِيو، ’هَئٖي ھَئٖي!‘ جو ھُڳاءُ،
طَيُورَن تَنواريو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
رَسِيو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،
مِرُوئَنِ مَوتُ قَبُولِيو، اَپَرِ اَفسوساءُ،
بَرَ پُڻِ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِيا آرِيءَ لَئٖي گهڻُو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پھريون، بيت 11، ص: 285)
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ جائوُ جَمُرَ جَرَ،
ڪوسا تَپَنِ ڪَڪِرا، ٻي دَمِدَمِ تَپي ڌَرَ،
ويچارِي ڏي وَرَ، پيرُ نہ لَهٖي پرينءَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان ٻيو، بيت 8، ص: 291)
ڪوسو واءُ، لُڪ، ڪڪرن جو تپي وڃڻ، تتل ڌرتي، گرميءَ جو سڄو نظارو اکين آڏو ڦري اچي ٿو، پر ان جي حس جو بيان گرميءَ جو احساس بہ ڏياريو ڇڏي.
شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عڪس جي مٿئين اھم قسمن کان سواءِ متحرڪ ۽ غير متحرڪ، مفرد ۽ مرڪب، موافق ۽ متضاد عڪسن جا روپ بہ تجلا ڏيندي نظر اچن ٿا، جيڪي ڌار ڌار جاين تان شعور کي ھڪ اھڙي نڪتي تي مرڪوز ٿا ڪن، جنھن مان شعور ۽ ادراڪ جو عرفان حاصل ٿئي ٿو.