ورجيس، لفظن جو اھڙو ايڪو يا ننڍڙو جملو آھي، جيڪو بيان ۾، ڪنھن جملي جو جُزو ٿي ڪم اچي ۽ ان جي اکري ۽ حقيقي معنيٰ ساڳي ھجي.
لغت ۾، ’ورجيس‘ لفظ جي ڪا حتمي ۽ چٽي معنيٰ نٿي ملي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات ۾ لکي ٿو: ”ورجيس ج ورجيسون: رسم – رواج، دستور، پر، ھلي چلي، عادت، تھذيب، خيال، فڪر، الڪو، انتظار، ھار سينگار جو شوق، ٺاھ ٺوه جو شوق – سنڀال، حفاظت، جاچ، صرفو، مرجات، اصطلاح (جنھن جي لفظي معنيٰ ھڪڙي آھي ۽ رواج موجب ٻي)، جُڳت.“ (بلوچ، 2007ع، ص: 511)
سنڌيڪا لغت ۾ وَرِجيَس جي معنيٰ ھن ريت لکيل آھي:
”وَرِجيَس: مشق – وري وري ڪرڻ وارو عمل، ڪسرت، اصطلاحي معنيٰ.“ (بلوچ، عبدالستار، 2006ع، ص: 835)
ورجيس جي وصف بابت، سنڌي ٻوليءَ جا عالم، ڪنھن ھڪ راءِ تي سھمت ناھن. سمورن عالمن، پنھنجي پنھنجي مطالعي ۽ مشاھدي جي آڌار تي، ورجيس جون، ڌار ڌار وصفون بيان ڪيون آھن.
پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌي ورجيسي ٻولي‘ ۾، پھاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ محاورن کي مجموعي طور ورجيس جا مختلف قسم ڄاڻائي ٿو: ”ورجيسي ٻوليءَ جا ڪيترائي نمونا ٿين ٿا، مثلاً پھاڪا، محاورا، اصطلاح ۽ ٻيون ڪي جڙاوتون ان سان شامل آھن.“ (عرساڻي، 1997ع، ص: 13)
ھو وڌيڪ لکي ٿو: ”در حقيقت اصطلاح، محاورا توڻي پھاڪا ٻوليءَ جي ھڪڙي واحد جنس سان تعلق رکن ٿا، گفتگوءَ جي اھڙي انداز پويان ساڳيو ئي انساني مزاج ۽ تجربو شامل رهيو آھي، البت گفتارون وري بہ تخيلقي عمل سان ڳنڍيل آھن.“ (عرساڻي، 1997ع، ص: 21)
جڏهن تہ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌي پھاڪا: لسانياتي ۽ سماجي – ثقافتي اڀياس‘ ۾ لکي ٿو: ”محاورو يا اصطلاح معنيٰ جي لحاظ کان ورجيس کان الڳ آھي، حقيقت ۾ ورجيس اھڙو استعمال آھي، جيڪو لفظي معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندو آھي.“ (ٽيڪچنداڻي، 2010ع، ص: 85 - 86)
ورجيس، مروج استعمال جو ھڪ قسم آھي. مروج استعمال جي ٻين قسمن ۾ پھاڪا، چوڻيون ۽ محاورا يا اصطلاح اچي وڃن ٿا. مروج استعمال جي، انهن مڙني قسمن جي وچ ۾، ڪھڙو فرق آھي؟ ان تي مرليڌر جيٽلي، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌي پھاڪا ۽ محاورا: ھڪ اڀياس‘ ۾، تفصيلي ۽ جامع ڄاڻ ڏني آھي. ان موجب، سنڌيءَ ۾ ڪتب ايندڙ مروج استعمال جا ڪُل ٻہ قسم آھن. ھڪ اھو مروج استعمال، جيڪو بيان ۾ ھڪ ڌار ايڪي يا مڪمل جملي جي روپ ۾ ڪم اچي، ٻيو اھو جيڪو بيان ۾، ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪم اچي. ان سان گڏوگڏ مروج استعمال جي انهن ٻنهي طريقن مان، ھر ھڪ معنيٰ جي حوالي سان وڌيڪ ٻن قسمن ۾ ورهائجي ٿو.
|
مروج استعمال (Formal Usage) |
|||
|
الڳ پورو جملو يا ايڪو |
جملي جو جُزو |
||
|
ٻي معنيٰ ڏيندڙ |
اکري معنيٰ ڏيندڙ |
ٻي معنيٰ ڏيندڙ |
اکري معنيٰ ڏيندڙ |
|
(پھاڪو) |
(چوڻي) |
(محاورو) |
(ورجيس) |
(جيٽلي، (1996ع)، ص: 24)
مختلف عالمن جي ڏنل راين موجب، ’پھاڪو‘، ھڪ مڪمل جملو يا ھڪ کان وڌيڪ ننڍڙن جملن جو اھڙو ايڪو آھي، جنھن جي لفظي معنيٰ ھڪڙي، تہ ڳجهي معنيٰ ٻي ھوندي آھي.
مثال طور: رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا.
مينھن ٿي چئي ڳئون کي، ھل ڙي پُڇ ڪاري.
مٿئين پھاڪن مان پھرئين ۾ ھڪ ۽ ٻئي ۾ ٻہ جملا آھن، جيڪي پنھنجي لغوي معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ۾ ڪتب ايندا آھن.
پھريون پھاڪو جاھل يا اڻڄاڻ ماڻهن پاران چڱي ڳالهہ، صلاح يا نصيحت تي ڪَن نہ ڏيڻ مھل ڳالهايو ويندو آھي. جڏهن تہ ٻيو پھاڪو پنھنجا عيب وساري، ٻين جا عيب ڳولڻ جي معنيٰ ۾، ڪتب ايندو آھي.
ساڳيءَ ريت ’چوڻي‘ بہ ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ ننڍڙن جملن جو ايڪو ھوندو آھي، پر ان ۾ ڪا بہ لِڪل معنيٰ نہ ھوندي آھي. ’چوڻيءَ‘ جي لفظي توڙي حقيقي معنيٰ ساڳي ھوندي آھي، ان کي قول چئي سگهجي ٿو، جيڪو ڪنھن ماڻهوءَ سان نسبت بہ رکي سگهي ٿو.
مثال طور:
يار اھو جو اوکي ويل ڪم اچي.
ڏُکن پٺيان سُکَ بہ ايندا.
’محارو‘ يا ’اصطلاح‘ لفظن جو ھڪ ايڪو ھوندو آھي، جيڪو جملي جو جزو ٿي ڪم ايندو آھي. ’اکيون ڏيکارڻ‘، ’هٿ مهٽڻ‘، ’ٿُڪ چٽڻ‘، ’ڪنڌ ڪڍائڻ‘، ’پاڻي پاڻي ٿيڻ‘ ۽’ پيٽ تي لت ڏيڻ‘، محاورا يا اصطلاح آھن، جيڪي جملي ۾، بيان ٿيل ڌار ڌار زمانن پٽاندڙ رُوپ مٽائي ڪتب ايندا آھن.
مثال طور: ’اکيون ڏيکارڻ‘ معنيٰ: ناراضگيءَ جو اظھار ڪرڻ، سختي ڪرڻ، ڊيڄارڻ
ان کي اکيون ڏيکاريم، تڏهن منھنجو نقصان ڀريائين.
پئسا موٽائڻ تہ ٺھيو، پر اکيون ڏيکارڻ لڳو.
پُٽ کي سمجهايان ٿو تہ اکيون ڏيکاري ٿو.
ورجيس ۽ محاورو، ٻئي ھڪ ٻئي کي تمام ويجها آھن، پر ان ويجهڙائيءَ ھوندي بہ منجهن فرق آھي.
مرليڌر جيٽلي لکي ٿو: ”محاوري وانگر ورجيس پڻ ھڪ اھڙو ايڪو آھي، جيڪو جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آھي. ٻنهي ۾ فرق اھو آھي تہ محاورو اکري معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ڏيندو آھي، پر ورجيس پنھنجي اکري معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿيندي آھي.“ (جيٽلي، 1996ع، ص: 67)
مٿين وصفن جي روشنيءَ ۾، اھو چئي سگهجي ٿو تہ ورجيس، لفظن جو ھڪ اھڙو ايڪو يا ننڍڙو جملو آھي، جيڪو ٻئي جملي سان ڳنڍجي استعمال ٿيندو آھي ۽ ان جملي جي معنيٰ کي وڌيڪ واضح ۽ پُراثر بڻائيندو آھي. ورجيس جي لغوي ۽ حقيقي معنيٰ ساڳي ھوندي آھي. ورجيس منجھان، ڪنھن بہ لفظ جي گهٽتائي يا واڌارو ڪري نٿو سگهجي، ائين ڪرڻ سان ورجيس جي معنيٰ وڃائجي وڃي ٿي.
مثال طور، ڪو ماڻهو شرم، ڊپ يا ڪنھن بہ سبب ڪري ڪُڇي نہ سگهي ۽ سندس وائي بند ٿي وڃي، تہ ان جي حالت ظاھر ڪرڻ لاءِ، ورجيس چوندا آھن: ماستر، موهن کان سوال پڇيو، پر ھو اھڙو ڪُڇي، جھڙي ڀِت‘. ھن ورجيس ۾ ڪُڇي جي جاءِ ڳالهائي، ’ڀت‘ جي بدران ’ديوار‘ لکڻ سان نہ رڳو ورجيس جي سُونھن وڃائجي وڃي ٿي، پر معنيٰ بہ ساڳي نٿي رهي.
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، پھاڪن، چوڻين، محاورن ۽ اصطلاحن سان گڏوگڏ، ورجيسن جو پڻ استعمال ڪيو آھي. مثال طور ’گهڙيا سي چڙهيا‘ ھڪ ورجيس آھي، جنھن جي معنيٰ آھي تہ جيڪي بنا ڪنھن گوهي يا بھاني جي خطرن ۾ ڪاھي پوندا آھن، سي ئي منزل تي پھچندا آھن.
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام کي سُونھن ۽ سُندرتا بخشڻ لاءِ اصطلاحن، چوڻين، پھاڪن، تشبيھن، استعارن، اشارن، ڪناين ۽ تمثيلن سان گڏوگڏ ورجيسن جو پڻ تمام گهڻو واھپو ڪيو آھي. ھيٺين باب ۾ ’شاھ لطيف جي ڪلام‘ ۾ ورجيس جو اڀياس ڪيو ويو آھي.
آتَشان آبُ ٿِئي:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’باھ جو پاڻي ٿيڻ.‘ اھا ورجيس ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:
جوڳي تنھنجٖي جوڳَ ۾، ڳالهہ گهرجي ڳَچُ،
وَڍِيو، چِيرِيو، چِچِرِيو، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،
سوئِي ٻارِجِ مَچُ، جو آتَشان آبُ ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان چوٿون، بيت 13، ص: 796)
ھن بيت واري ورجيس ۾ شاھ لطيف، جوڳيءَ سان مخاطب ٿيندي چئي ٿو تہ اي جوڳي، توکي پنھنجي اندر ۾ عشق جي اھڙي باھ ٻارڻي پوندي، جيڪا ڦري من ٺاريندڙ پاڻي (وصل) ٿئي.
اَکين ۾ اَلماسَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر مومل راڻو‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’هيري جھڙيون تيز ڪٽيندڙ اکيون‘. (الماس ھڪ قيمتي پٿر آھي). شاھ لطيف، مومل جي اکين جي سونھن جو بيان ڪندي، ھن ورجيس جو استعمال ھيٺئين ريت ڪيو آھي:
مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکين ۾ اَلماسَ،
نَه ڪا عامَ نہ خاصَ، جي وِيا سي وَڍِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٻيو، بيت 3، ص: 520)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، مومل جي اکين جي سونھن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو تہ، مومل جون اکيون ھيرن جيان سهڻيون ۽ وڍيندڙ آھن.
اُونداھي اَنڌَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر کنڀات‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ جي پھرئين پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’گُگھهَ اونداھي‘:
چَنڊَ! لَڳَنَئِي مَنڊَ، سنجھي ئي سِيخ ٿييٖن،
ڪَرِ اُونداھِي اَنڌَ، تہ مِلان مَحبُوبَنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 15، ص: 134)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، اوندھه کي عاشقن جي ملاقات لاءِ سازگار ھئڻ جو تاثر ڏنو آھي، ان ڪري سندس ڪردار چوي ٿو تہ، اي چنڊ! ٻاٽ اونداھي ڪر، تہ جيئن محبوب سان وصال نصيب ٿئي.
بي بَھا بالِمَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’املهه دوست‘:
اَوتَڙِ ڪنھن نہ اولِيا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ،
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِيا، اَحَدَ سين عالِمَ،
بي بَھا بالِمَ، آگيٖ ڪيا اَڳَھِين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 8، ص:67)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، وحدت الوجود جي حلول واري فلسفي جو پرچار ڪيو آھي. جنھن ۾ خدا جو سچو سالڪ پنھنجو وجود وڃائي حقيقت سان ھڪ ٿي ويندو آھي. اھڙن عارفن کي الله تعاليٰ روز اول کان ئي املهه انسان/دوست ڪري پيدا ڪيو آھي.
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ليلا چنيسر‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ٻاراڻي وهيءَ جون ڳالهيون ۽ چنچلتائون‘:
ٿِڙِڪي، پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي، تَڪَبّرَ ۾ پَئِي
اَچِئو اَچِئو ’اَگِلي!‘، چَئي لِيلا کي لوڪُ
اَندَرُ اوڀالَن سين، ساڙي ڪَيائُنس سوڪُ
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِئو ويچاريَ وِسرِي.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلا چنيسر، داستان ٻيو، بيت 1، ص: 293)
شاھ لطيف ھن بيت ۾، ليلا لاءِ چوي ٿو تہ، ھوءَ قيمتي زيور ڏسي، گمراھ ٿي ويئي ۽ وڏائي/هٺُ اختيار ڪيائين. لوڪَ جي طعنن ۽ مهڻن، ھن جي اندر کي ساڙي ڇڏيو آھي، جو ھن کان ننڍپڻ جو پيار ۽ چنچلتائون ئي وسري ويون آھن.
ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’جن جي اندر ۾ باھه ٻري پئي‘:
وَڃو سَڀ وَرِي، اَئِين جي وَرَنِ وارِيُون،
ڦوڙائٖي فِراقَ جِي، سُڄٖي ڳالهہ ڳَرِي،
ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگَرَ سٖي ڏورِيندِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان چوٿون، بيت 8، ص: 298)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، سسئيءَ جي زباني سڌائتن ماڻهن کي صلاح ٿو ڏي تہ توهين اندر ۾ عشق جي آگ نہ جلائيندا، تيسين پنھنجي مقصد لاءِ ڪشالا ڪونہ ڪڍندا.
تَوَڪُلَ جو تُرَهو:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ جي پھرئين پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’الله تي ڀروسو رکڻ ‘:
ڀَرِيُون ڀَرِ دَرِياھ، پَسُ! جي پارِ پَوَندِيُون،
ٻَڌُ تَوَڪُلَ جو تُرَهو، آھَرَ ساڻُ اَللهُ،
جَنِ جِي ساھَڙَ ساڻُ صَلاحَ، سي ڪِينَ ٻُڏَندِيُون ڪَڏِهين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ستون، بيت 9، ص: 256)
شاھ لطيف چئي ٿو تہ تون ڪنھن بہ خطري کان ڊڄڻ بدران الله تي توڪل ۽ ڀروسو رکي، (پنھنجو پاڻ کي) ان جي آڌار تي ڇڏي ڏي، منزل تي پھچي ويندينءَ.
تُون پارِسُ، آئُون لوھ :
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر پرڀاتي‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’تون پارس مثل ۽ آئُون لوھ مثل آھيان ‘:
اُتِ ڪِيرت وارا ڪيتَرا، ڪيرت ڪَبو ڪوهُه،
جيڪِي بَندو ڪَمُ ڪَري، سو مِڙوئِي ڏوهُه،
تُون پارِسُ، آئُون لوھ ، جي سَڃِين تہ سونُ ٿِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پرڀاتي، داستان پھريون، بيت 8، ص: 859)
ھن ورجيس جو مفھوم اھو آھي تہ، ڳڻائتي انسان سان يا ڌڻيءَ تعاليٰ سان ويجهائپ، ان جو ڇھاءُ، اھا خوبي پيدا ڪري ٿو سگهي، جيڪا پارس جي لوھ کي لڳڻ سان پيدا ٿيندي آھي ۽ لوھ سون ٿي پوندو آھي.
ٽَڪَرَ ۾ ٽونڪارَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪوهياريءَ‘ جي ھيٺئين وائيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’جبل ۾ آواز‘:
ٽَڪَرَ ۾ ٽونڪارَ ٿِي، صُبُحِ ساٿِيئَڙنِ، ميان!
سَسُئِيءَ جي سورَن لَئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر ڪوهياري، داستان ڏهون، وائي پھرين، ص: 477)
ھن وائي جي معنيٰ ھن ريت آھي تہ: صبح جي پھر جبلن ۾، منھنجي محبوب ۽ سندسن ساٿين جو آواز/کنگھڪار ڪَن پيو، يعني تہ عشق وارن جي آواز جي گونج ٿي.
پاڙي ناھِ پَرُوڙَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر حسينيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’پاڙي وارن کي سُڌ (ڄاڻ) ناھي‘:
پاڙي ناھِه پَرُوڙَ، تہ ڪا راتِ رَنجائي گُذِري،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گھائي وِڌِي گُھورَ،
ھِڪَ سَسُئِي ٻِيا سُورَ، وِيا پِٽِيندا پاڻَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ڏھون، بيت 9، ص: 473)
ھن بيت جي ورجيس ۾ شاھ لطيف، سسئيءَ جي سورن جي مام ۾ چئي ٿو تہ، پاڙي وارن کي اھا خبر ڪانہ ھوندي آھي تہ ڪو ڪنھن جي (سسئيءَ جي) سموري رات ڏک ۽ درد ۾ گذري آھي.
پُڇَنِ سي پَسَن:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر حسينيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’پُڇا ڪندڙ ئي ڳولي لهندا آھن (ڄاڻ وٺندڙ ئي منزل تي پھچندا آھن)‘:
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏھن تَڏھن پِرينءَ کي،
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱڻَ عَجِيبَنِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ستون، بيت 1، ص: 460)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، اُتساھه ڏياريندي چئي ٿو تہ، جيڪي منزل جو ڏس پتو پُڇائيندا ويندا آھن، سي ڪڏھن نہ ڪڏھن ضرور منزل مقصود تي پھچندا.
پَرَ کَنڊين پيياسِ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر معذوريءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’پرديس ۾ يا مُلڪان ملڪ پُھتيس‘:
سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرَ کَنڊيٖن پيٖياسِ،
ڪيرَ بِرَھَمِڻِ ڪَنِ جِي، ڪيرُ ڄاڻي ڪٖيڻاسِ،
ھوند نہ سِنڌِ سُياسِ، ھِنَ پُرئين ڪِيَسِ پَڌَرِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرمعذوري، داستان پھريون، بيت 14، ص: 348)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، سسئيءَ جي زباني چئي ٿو تہ، ھونءَ جيڪر مون کي تہ، سنڌ ۾ بہ ڪير نہ سڃاڻي ھا، پر پُنهُون سان سڱ ڪري منھنجي شجري/ پُريءَ بہ مشھوري ماڻي، يعني عشق مون کي ملڪان ملڪ مشھوري ڪري ڇڏيو.
پَرو پاندُ نَہ ڪوءِ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڏهر‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ حد حساب ناھي ‘:
اَللهَ جيئن نالوءِ، تيئن مُون وَڏو آسَرو،
خالِقَ تنھنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نَه ڪوءِ،
نالو رَب سَندوءِ، رَهِيو آھِمِ رُوحَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان ٻيو، بيت 18، ص: 875)
ھن ورجيس وسيلي شاھ لطيف، ڌڻيءَ جي ساراھ ڪندي چئي ٿو تہ اي مالڪ، تنھنجي صبر ۽ ٻاجهه جي ڪا حد حساب ئي ناھي.
پَرُون پروڙَڻُ ڏاکِڙو:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر آسا‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’اھا رمز سمجهڻ ڏکي آھي‘:
سَڄَڻَ سَنئيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي وِنگِيُون،
سَندِيُون سُپيريَنِ، پَرُون پَروڙَڻُ ڏاکِڙو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان ٽيون، بيت 20، ص: 717)
شاھ لطيف چئي ٿو تہ، محبوب سنوان سڌا ڪارج ڪري، تن کي بہ عام ماڻهو ڏِنگا سمجهندا آھن. منھنجي پرينءَ جي اِھا رمز سمجهڻ ڏکي ڳالهہ آھي.
پُورَ اُبَتِي وَڳُ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’اوڀارو وڃ ‘:
سُپيرِيان جي تُرَهٖي، ٻُڏين، توءِ مَ لَڳُ،
جي ڀانئييٖن پِرِينءَ مِڙان، تہ پُورَ اُبَتِي وَڳُ،
پاءِ تيڏانهين پَڳُ، ناھِه جيڏانهين نِجهرو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ڇھون، بيت 21، ص: 252)
شاھ لطيف، سهڻيءَ کي تاڪيد ڪندي، چئي ٿو تہ، جي سڄڻ سان ميلاپ جي سَڌ رکين ٿي تہ اُبتي وهه طرف وڌ، ان ڏس ڏانھن پير پائي، جيڏانھن تنھنجو گهر (نجهرو) نہ سُجھي.
جِتِ ڪُڙَمَ نہ قَبِيلا:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’مائٽ مٽ نہ ھجڻ‘.
مثال طور:
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا،
اُتي عَبدُاللطِيفُ چي، ڪِيا ھيڪَلِيَنِ حِيلا،
جِتِ ڪُڙَمَ نہ قَبِيلا، اُتِ رَسِجِ، رَھَبَر! راھهَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ' شاھ جو رسالو`، سُر سسئي آبري، داستان ٻيو، بيت 9، ص: 291)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، ورجيس ذريعي الله تعاليٰ کي انسان جي پارت ڪندي چئي ٿو تہ انسان ھن دنيا ۾ اڪيلو اچي ٿو ۽ اڪيلو ئي وڃڻو اٿس، ساڻس مٽن مائٽن مان ڪير ڪونہ ويندو. ان ڪري تون ئي سندس رهنمائي ۽ رهبري ڪري سگهين ٿو.
جُتِي جاتِ نہ پائِيان:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر معذوريءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ھرگز جُتي نہ پائينديس‘:
ڪَنڊا مُون پيرَن ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ،
آڱرِ، آڳوٺٖي نہ مِڙيٖ، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ،
وِيندٖي ڏانھن پِرِينِ، جُتِي جاتِ نہ پائِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان ٽيون، بيت 10، ص: 354)
ھن بيت ۾، پيرين اُگهاڙين پُنهُون جي ڳولا ۾ نڪتل سسئيءَ جي زباني شاھ لطيف چئي ٿو تہ، ڀلي منھنجا پير ڦٽجي رتو رت ٿي وڃن، تہ بہ پُنهُونءَ ڏانھن ويندي آئون جُتي ھرگز نہ پائينديس، اھا تڪليف پنھنجي مقصد جي راھ ۾ مون کي قبول آھي.
جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سريراڳ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’وڏا جھاز ڍرڪي پيا/ٻُڏي ويا‘:
دَنگِي وِچِ دَرياھ، ڪِين ٻُڏي ڪِين اُپِڙي،
ھُو جي واڍي واڻِيا، سي سُونهَڻَ سَڀِ سَڙِيا،
مُعلِمَ ماڳِ نہ اَڳِيين، ڦِلِنگِي مَنجھه ڦِرِيا،
مَلاحَ! تُنھِنجِي مَڪڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙهيا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تنھنجي!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 11، ص: 168)
ھن بيت ۾، سامونڊي ٻيڙيءَ جو منظر پيش ڪيو ويوآھي تہ، ٻيڙي وچ درياھ ۾ وڏي خطري ۾ آھي. سامونڊي قزاق ٻيڙيءَ ۾ ڪاھي پيا آھن. اھڙي مصيبت جي وقت ۾ جتي وڏا سامونڊي ٻيڙا ٻُڏي وڃن، اُتي ڌڻيءَ جو ئي آسرو آھي.
جِيئَڻُ جالَ ڪِيامِ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر معذوريءَ‘ جي ھيٺئين وائيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’جيئڻ جنجال ڪرڻ‘. شاھ لطيف، ھن ورجيس کي پنھنجي ڪلام ۾، ھيٺين ريت ڪتب آندو آھي:
جيڏِيُون! جا جَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سا مُون، سَرَتِيُون! سيباڻِيامِ: تنھن جِيئَڻُ جالَ ڪِيامِ،
جِيءُ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان ٽيون، وائي، ص: 355)
وائيءَ جي انهن سٽن ۾، سسئي پنھنجي سرتين سان حال اوريندي چئي ٿي تہ، منھنجي من ۾ پُنهُونءَ سان عشق جي جيڪا ميخ لڳي آھي، ان منھنجو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آھي.
ڄُلَڻَ مَنجهان ڄاڻُ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ھلڻ ڦرڻ يا گهمڻ مان ڄاڻ حاصل ڪرڻ‘:
سوئي کَڻِيو ساڻُ، سوئِي ڏورِييٖن سَسُئِي،
ڪَڏھِن ڪَنهين نہ ڪِيو، ڄُلَڻَ مَنجھان ڄاڻُ،
پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ، تَھ تُون تِئائِين لَهين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان ٽيون، بيت 9، ص: 294)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، سسئيءَ کي سمجھائيندي چئي ٿو تہ، جنھن کي تون ڳولڻ نڪتي آھين، سو تو ۾ ئي سمايل آھي. فقط ظاھري ھلڻ ’ھلڻ ڦرڻ ۽ پنڌ ڪرڻ‘ (جهنگ جهاڳڻ) مان ڪڏھن ڪنھن کي پرينءَ جي پروڙ نہ پئي آھي. ان لاءِ توکي پنھنجي اندر ۾ جهاتي پائڻي پوندي.
جَهپَ نہ اَچي جهاتِ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سارنگ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ننڊ جو جھوٽو بہ نہ اچڻ‘:
ڪانڌَ! تنھنجي پاندَ ري، سيءَ مَران سَڀُ رات،
ڪامِلَ! ڪَپاھُنِ ۾، جَھپَ نہ اَچي جهاتِ،
اَچِين جي پِرِڀاتِ، تہ آئُون سِيءُ نَه سارِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان ٽيون، بيت 11،ص: 696)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، پرڻيل عورت جي جذبن جو احوال ٿو ڏي تہ، ڪيئن ھوءَ مڙس بنا، انتظار ۾ سڄي رات سيءَ ۾ ٺري ٿي ۽ ڪپھ جي ٿُلهين ۽ گرم سوڙن ۾ به، ھن کي ننڊ جو جھوٽو ڪونہ ٿو اچي.
جُهونجارَڪو جَهڳَڙو:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪيڏارو‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’بهادرن جي ويڙهه يا جنگ‘:
ڏِٺو ڪالَھه ڪِنهين، جُھونجهارَڪو جَھڳَڙو،
ھاٿِيَنِ ھَڏَ مُڇائِيا، ريلو رَتَ نَئِين،
ڀانئِين سا سَنئِين، جِئا جِيءَ جوکو ٿِئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 666)
شاھ لطيف، ڪربلا جي واقعي جو منظر پيش ڪندي چئي ٿو تہ، اھڙو ڪو آھي، جنھن ڪلهه (ڪربلا جي واقعي ڏانھن اشارو) بهادرن جي ويڙهه ڏٺي ھجي؟ اھڙن بهادرن ۽ جهونجارن جي جنگ لاءِ اھا ورجيس ڪم ايندي آھي.
چانڊُوڻا چَمَڪَنِ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سورٺ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٽين سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’چمڪندڙ روشن ڪرڻا‘:
رِيءَ مَصِلحَتَ مَڱَڻا، قَصَرِ ڪِينَ اَچَنِ.
نُورَ تَجَلّو نُورَ سين، نَمِيو نيڻَ پَسَنِ،
خيمٖي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمَڪَنِ،
لَڌائِين، لَطِيفُ چٖي، سَندا ڏاڻَ ڏِسيَنِ،
تيلانهن مُلڪَ-ڌَڻِيَنِ، مَڃِيو مَڱَڻَهارَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان چوٿون، بيت 1، ص: 653)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، مڱڻھار جي ساراھ ڪندي چئي ٿو تہ، سچا فنڪار ڪڏھن به، بنا ڪنھن خاص مقصد جي درٻارن، محلن ۽ ماڙين ۾ نٿا وڃن. انهن جي اکين ۾، ھميشه الاھي نور جي تجليءَ جي چمڪ ھوندي آھي، جنھن جو ملڪ جو بادشاھ بہ قدر ڪندو آھي. ڇو تہ اھي بہ ڄاڻندا آھن تہ، سندس فن جي روشن ڪرڻن سان سمورو شاھي محل روشن ٿي ويندو، ان تي بادشاھ سر ڏيڻ بہ قبولي سگهي ٿو.
چوٽِيءَ تائين چُورُ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سريراڳ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’چوٽيءَ تائين ٻڏل/وڪوڙيل‘:
ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَھدَ الله جا،
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائين چُورُ،
معلومُ اَٿيٖئِي مُورُ، ڳُوڙها! اِنِهِينءَ ڳالهہ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 8، ص: 154)
ھن بيت جو مفھوم آھي تہ، انسان سڄي عمر ڪُوڙ جو واپار ڪري الله تعاليٰ سان ڪيل اقرار ٽوڙي ڇڏي ٿو ۽ سندس جسم چوٽيءَ تائين گناھن ۾ ٻڏل ھوندو آھي. الله ان سموري ڳالهہ جو ڄاڻندڙ آھي. ائين اھا ورجيس ڪو بہ گناھگار ماڻهو چئي سگهي ٿو.
چؤڏِسِ چِٽاڻو:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر مومل راڻو‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’چئني پاسن کان چانڊوڪي‘:
ڪيڏانھن ڪاھِيان ڪَرَهو، چَؤڏِسِ چِٽاڻو،
منجھهِين ڪاڪِ ڪَڪورِي، منجھهِين لُڊاڻو،
راڻو ۽ راڻو، رِيءَ راڻٖي ٻيو ناھِه ڪو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان نائون، بيت 6، ص: 552)
شاھ لطيف، مومل جي ڪيفيت کي بيان ڪندي چوي ٿو تہ مون کي ھر پاسي راڻي جو جلوو نظر اچي رهيو آھي. ھن ورجيس جو مطلب آھي تہ عاشق کي ھر شيءِ ۾ محبوب جو جلوو نظر ايندو آھي.
ڇورِيءَ ۾ ڇوھ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر معذوريءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ جي پھرئين پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’جوشيلي يا ارڏي ڇوڪري‘:
ماڙهُو ڏيئِي مِيهَڻا، مُون کي ڪَندا ڪوھُه؟
جنھن ڇورِيءَ ۾ ڇوھ، سا پِٿُون ٿِيندِي پيرَ تي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان پنجون، بيت 14، ص: 361)
ھن بيت ۾ سسئيءَ جي زباني چيل آھي تہ، عشق جي ڇوهه، آڳ ۽ جوش ۾ ورتل ڪو بہ انسان بنا ڪنھن ڊپ ۽ پرواھه جي، پرينءَ ڏانھن ويندي پُرزا پُرزا ٿيڻ کان بہ نٿو مُڙي.
حُورُون حَيرَتَ ھَنڌُ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر بروو سنڌي‘ جي ھيٺئين بيت جي ٽئين سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’حُورون حيرت جي مڪان ۾ ‘:
نازَ مَنجهاران، نِڪِري، جَڏهن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،
ڀُونءِ پُڻِ ”بِسمِ الله“ چَئي، راھ چُمي ٿي رَندُ،
اُڀيُون گهڻي اَدَبَ سين، حُورُون حَيرَتَ ھَنڌُ،
سائِينَ جو سَوگَندُ، ساجَنُ سَڀَنِيان سُهڻو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان ٻيو، بيت 6، ص: 768)
ھن بيت جي ٽين سِٽَ جي معنيٰ کي وڌيڪ پُر اثر بڻائڻ لاءِ شاھ لطيف، ورجيس استعمال ڪندي چئي ٿو تہ منھنجو محبوب، جڏهن پنھنجي ناز ڀري لوڏ سان پنڌ ڪري ٿو، تہ ھيءَ ڌرتي ’بسم الله‘ چئي، اُن جو گَسُ چُمي ٿي، حُورون سندس حُسن پسي حيرت ۾ وٺجي، ادب وچان بيھي رهن ٿيون. بيشڪ تہ سپرين جي سُونھن سڀني کان سرس آھي.
دُپارا دَڙَڪا:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ٻنھي پاسن کان دڙڪا دھمان‘:
ڪارا ڪُنَ، ڪارِي تُڳِي، جِتِ ڪارِيهَرَ ڪَڙَڪا،
مَئٖي مَتٖي مِهراڻَ ۾، اَچَنِ دُپارا دَڙَڪا،
وِيندي ساھَڙَ سامُهان، جهولَ ڏِنَسِ جھڙَڪا،
کَرِڪيَنِ جا کَڙَڪا، سُونهان ٿِيَئڙَسِ سِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان چوٿون، بيت 4، ص: 237)
شاھ لطيف، درياھ جي منظرنگاري ڪئي آھي تہ، ڪاري اونداھيءَ رات ۾ درياھ پنھنجي موج ۾ آھي، ۽ ٻنهي پارن کان خوفناڪ لهرون دھشت جو ماحول پيدا ڪن ٿيون، پر عاشق کي ھر طرف کان خطرو ھوندي بہ اھو محبوب جو پنڌ نہ ٿو ڇڏي.
دَرَهَڙَ ڌونسَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ جي پھرئين پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڌڌڪو ۽ دھمان‘:
دَرَهَڙَ ڌونسَ دَرياھهَ ۾، جِتِ لَهرِيُون ڪَنِ لوڙا،
سنئٖين اَچِي سَمُونڊَ ۾، ٿِيا سيڻھايا سوڙها،
جي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ ھَرٻو ڀانيو ھيڪَڙو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ٻيو، بيت 12، ص: 228)
شاھ لطيف ھن بيت ۾، چوي ٿو تہ، درياھ جي تيز لهرن جو دھمان ۽ وڏو آواز آھي، جيڪي پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۾ سيڻاھ ساڻ کڻي گهڙيا آھن، انهن لاءِ بہ ڏکيائي آھي، پر جيڪي ھميشه کان اھڙي عشق جي درياھ ۾ تري ڄاڻن انهن لاءِ، اھو ھڪ ڇال/ڇلانگ جيترو مفاصلو آھي.
ڌُوڌا جِت ڌَڳَن:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر يمن ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’جتي باھ جو مچ ٻري‘:
ڪَٽُ ڪَڙهي، لوھ ٻَري، ڌُوڌا جِت ڌَڳَن،
مُتَرِڪَنِ مُنھُن ڪَڍِيا، سانداڻِيُون سَڪَنِ،
اَڄُ پُڻِ اَڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 29، ص: 99)
ھن بيت جي ورجيس ذريعي شاھ لطيف، عشق جي آگ لڳڻ ۽ مچ مچڻ تي گڏ ٿي زندگيءَ تان ڪٽ لاھي ان کي اُجارڻ وارو مفھوم ورتو آھي.
ڏَمَرُ ڏولائو:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر يمن ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڪاوڙ، ڏکَ جو سبب آھي‘:
نَمِي کَمِي نِهار تون، ڏَمَرُ ڏولائو،
ٿِيَئِي ساڃائو، جي اُڀِين اِنَهِين پيرَ تي،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 13، ص: 125)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، انسانن کي نياز ۽ نوڙت سان زندگي گذارڻ جو درس ڏنو آھي، ڇو تہ ڪاوڙ ھميشھ، انسان لاءِ مصيبت جو ڪارڻ رهي آھي. ان ڪري ڪاوڙ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
ڏِينھن مڙيئِي ڏُون:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُرڪلياڻ‘ جي وائيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’زندگي رڳو ٻن ڏينھن جي آھي ‘:
جِيئَڻُ ناھي جَڳَ ۾، ڏِينهن مڙيئِي ڏُون،
ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، وائي، ص: 77)
شاھ لطيف، دنيا جي بي ثباتيءَ ڏانھن اشارو ڪندي چئي ٿو تہ اي انسان، جهان ۾ ھميشہ لاءِ جيئڻ ناھي، پر زندگي تہ رڳو ٻن ڏينھن جي آھي، يعني تمام مختصر آھي.
ڏيھان ڏيھ ڏهڪارُ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ليلا چنيسر‘ جي ھيٺئين بيت جي چوٿين سٽ ۾ ٻئي پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ملڪان ملڪ ڌاڪو‘:
مَڻيو وِجھان مَچَ ۾، ھائِيءَ ھَڻِي ھارُ،
سوڀِي! سُکُ، سَيّدُ چٖي، ڪَرييٖن ڪوههُ قَرارُ،
راڄا رِيساڻو گهڻُو، سَٽاڻو سَردارُ،
چَؤڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيهه ڏهڪارُ،
ٺاڪُرُ اَکِيٖين ٺارُ، مَڻِيٖي تٖي ٿِي مَٽِييٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرُ ليلا چَنيسرُ، داستان پھريون، بيت 2ن، ص: 498)
شاھ لطيف، ليلا جي پڇتاءٌ واري ڪيفيت کي بيان ڪيو آھي. ھن ورجيس جو مفھوم آھي تہ انسان کي معمولي عارضي خوشيءَ لاءِ وڏو مقصد نہ ڇڏڻ گهرجي.
رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪيڏارو‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻئي سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’عقل ۽ فھم وارا ئي راز کي ڄاڻندا آھن‘:
سَختِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ،
رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِئٖي ڪَرِبَلا جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، بيت 11،ص: 662)
شاھ لطيف، ڪربلا جي واقعي جو ذڪر ڪندي چئي ٿو تہ، حقيقت ۾، شھادت جون سختيون سھڻ، امامن لاءِ وڏو ناز ھو ۽ ڪي اصل عاشق ئي ان ڪربلا واري واقعي جو ڳجهه پروڙي سگهن ٿا.
رِڻُ گَجِيو راڙو ٿِيو:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪيڏارو‘ جي ھيٺئين بيت جي ٽين سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’جنگ جي ميدان ۾ گجگوڙ لڳي ۽ ھاءِ ھاءِ مچي وئي‘.
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ ڪربلا جي واقعي جي بيان ۾، ھن ورجيس کي ڪتب آندو آھي:
جِھمَندِيُون اَچَنِ، جهوليُون جُھونجهارَنِ جُون،
پايو ٻُڪَ ٻُھارِ جا، اُنِ جُون وَھُون واڪا ڪَنِ،
پِٽِينِ، پارَ ڪڍَنِ، رِڻُ گَجِيو، راڙو ٿِيو.
(آڏواڻي، ڪلياڻ، (2019ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان ٻيو، بيت 7، ص: 389)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، ڪربلا جي ڪوس جو منظر، ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ پيش ڪندي چئي ٿو تہ، جنگ جو ميدان گجگوڙ سان گجي پيو ۽ ھر پاسي رڙيون ۽ واڪا آھن. اھا ورجيس ڪنھن بہ اھڙي جنگ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي.
رُوحَ رُچَندو رڄُ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’روح کي راضي ڪندڙ ڍؤ‘:
اَڱڻِ آھِينِ اَڄُ، صُبُحَ وِيندَءِ صابِرِي،
ڪَجِ ڪو ڪاپِڙَينَ مان، رُوحَ رُچَندو رڄُ،
پيرَ تَنِين جي پُڄُ، مَتان سِڪِين سَناسين کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان اٺون، بيت 1، ص: 813)
شاھ لطيف چئي ٿو تہ، ڪاپڙي ڪنھن ھڪ جاءِ نٿا ويهن، ھُو اڄ رات ھتي آھن تہ سڀاڻي صبح جو ڪنھن ٻئي جوءِ ڏانھن ھليا ويندا. تنھن ڪري تون انهن وٽ پھچي روح جي تشنگيءَ/اُڃ اُجهائي وٺ.
روحَ رِھاڻِ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’روح کي راحت ڏيندڙ ڪچھري‘:
جان پيھي ڏِٺُم پاڻَ ۾، ڪَري روحَ رِھاڻِ،
تان نَہ ڪو ڏُنگرُ ڏيھَ ۾، نَه ڪا ڪيچِيَنِ ڪاڻِ،
پُنهُون ٿِيَسِ پاڻ، سَسُئِي تان سُورَ ھئا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو ‘، سُر سسئي آبري، داستان ٽيون، بيت 7، ص: 294)
ڪنھن بہ پياري دوست يا محبوب سان دل گهري ڪچھري روح کي سرشار ڪري ڇڏيندي آھي. پنھنجي پاڻ سان بہ انسان اھڙي روح رهاڻ ڪري سگهي ٿو ۽ پنھنجي دل جي مام پروڙي سگهي ٿو.
سَڄَڻَ ماکِيءَ مَنڌِ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر کنڀات‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’پرين ماکي جھڙو مٺو آھي‘:
ھُنَ تاري، ھُنَ ھَنڌِ، ھُتِ منھنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ مَنڌِ، ڪَؤڙا ٿِينِ نہ ڪَڏهين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 22، ص:135)
ھن ورجيس جو مطلب آھي تہ، عاشق کي محبوب ھر ھنڌ، ھر شيءِ ۾ نظر ايندا آھن، ڇو تہ اھي ھميشه دل جي ويجهو ھوندا آھن، انهن لاءِ محبت جو احساس ڪڏهن بہ گهٽبو نہ آھي.
سَدا سائِر سِيرَ ۾:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ پھرئين پد ۽ ٽين سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’سدائين سمنڊ جي موجن ۾ ‘:
سَدا سائِرَ سِيرَ ۾، اَندَرَ لَهٖي نَه اُڃَ،
پَسَڻُ جو پِرِينءَ جو، سا سَڀائِي سُڃَ،
تيلانهن مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پھريون، بيت 7، ص: 284)
شاھ لطيف ھن بيت ۾ چئي ٿو تہ، عاشق سدائين عشق جي سمنڊ جي موجن/اٿاھ پاڻيءَ ۾ ھوندا آھن، پر سندن اندر جي اُڃ لهندي ڪانهي. محبوب کي ڏسڻ کان پوءِ بہ اندر جي سڃ ۽ اُڃ نہ ٿي لهي ۽ ائين لڳندو آھي تہ، اھا اڃا بہ وڌي وئي آھي.
سُرِ پُرِ ھُوند سُياءِ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪوهياريءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’سُسُ پُس يا ڀُڻڪو ضرور ٻُڌين ھا‘:
سُتِينءِ پيرَ ڊِگھا ڪَريٖ، وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ،
دَرَ ڀَرِ اُڀِينءَ دوسَ جي، تہ سُرِ پُرِ ھُوند سُياءِ،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نہ سِياءِ،
پُنهُونءَ سين پِياءِ، ٿِي، نِڀاڳِي! نِنڊُون ڪَرين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو، سُر ڪوھياري، داستان پھريون، بيت 9، ص: 414)
شاھ لطيف، سسئيءَ کي سندس غفلت تي ننديندي چئي ٿو تہ، تو وڏي غلطي ڪئي جو بي پرواھ ٿي سُمھي رهئين. ائين سُمھڻ بدران جي تون در تي ڪن ڏئين ھان تہ، ضرور سندن ڀُڻڪو ٻُڌين ھان. ھتي ھر وقت خبردار رهڻ جي تلقين ملي ٿي.
سِرَ ڏني سَٽِ جُڙي:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’سِر جو سودو ڪرڻ‘:
جٖي مَٿٖي وٽِ مِڙَنِ، تہ سڀڪنهين سَڌَ ٿئٖي،
سِرَ ڏني سَٽِ جُڙي، تہ عاشقَ اِئين اَچنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلهہ مَهَنگا سُپِرِين،
(شاھواڻي،غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 31، ص: 77)
ھن بيت ۾ ورجيس جو مطلب آھي تہ جيڪڏهن سر ڏيڻ جي عيوض محبوب سان ميلاپ ٿئي تہ عاشق ان کي سستو سودو سمجهندا، يعني ڪو بہ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جان جي بازي لڳائڻ ضروري آھي.
سِسِي نيزي پاندِ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر يمن ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٽين سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’سيسُ/ڪنڌ نيزي جي نوڪ تي رکڻ‘:
عِشقُ نہ آھي راندِ، ڪِي ڪَنِسِ ڳَڀَرُو،
جِيءَ، جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃٖي جو ھيڪاند،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇلِ تہ اَڌَ ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ڇھون، بيت 19، ص: 118)
ھن ورجيس جو مطلب آھي تہ عشق ھڪ اھڙي ڪيفيت جو نالو آھي، جنھن ۾ عاشق، پنھنجي سِسِي، نيزي جي نوڪ تي اُڇلي ٻہ اڌ ڪندا آھن (جان جي بازي لڳائيندا آھن).
سونَ سارِيڪا ھَٿَڙا:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪاپائتيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’سون جھڙا ھٿ / سونا ھٿ‘:
سونَ سارِيڪا ھَٿَڙا، ڪوهَه نَه ڪِتين رَڏِ؟
ويھي ڪُنڊَ ڪاپو ڪَرِ، گھتُون گوهِيون ڇَڏِ،
تہ صَرافاڻٖي سَڏِ، مَرَڪِيو ھوندَ مَٽائِييٖن!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، بيت 12، ص: 831)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، ڪاپائتي عورت کي نصيحت ڪندي چئي ٿو تہ، اي ڪاپائتي! تو وٽ سون جھڙا (قيمتي) ھٿ آھن، تہ پوءِ تون ڪتين ڇو نہ ٿي؟ (پورهيو ڇو نٿي ڪرين؟) ھن ريت ھو ھر قسم جي پورهيت کي ڄڻ چتاءُ ٿو ڏي تہ تون گوٿناٿ ڇڏي، دل سان پورهيو ڪر، تہ وقت تي ان جو صحيح اُجورو حاصل ڪري سگهندين.
سِيرَ سِراڙو:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ٻرانگ، سَٽ پنڌ ‘:
مَحبَتي ميھارَ جون دَلِ اَندرِ دونھيون
آڻيو وجهي آرَ ۾ ڏي لوهاڻو لُوهيُون
جي ساھَڙَ جون سونھيُون، سِيرَ سِراڙو تَنِ کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان چوٿون، بيت 20، ص: 387)
شاھ لطيف، سهڻيءَ جي واتان چئي ٿو تہ، منھنجي مَن ۾ ميھار جي محبت جون دونھيون پيون دُکن، درياھ (لوهاڻي) جو وهڪرو، تيزي ۽ تِک سان (هر شيءَ کي) اوڙاھ ۾ اُڇليندو پيو وڃي، پر جيڪي ساھڙ جي ساڃاھ رکن ٿيون، اُنهن محبتين لاءِ درياھ جو اٿاھ پاڻي بہ سڏ پنڌ يا تکي ڊوڙ جيان آھي.
صُوفِي لاڪُوفِي:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر يمن ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’صوفين جو ڪو فرقو ناھي‘:
صُوفِي لاڪُوفِي، ڪونَه ڀانئيٖس ڪيرُ،
مَنجھان ئِي مَنجھه وِڙهي، پَڌَرِ نهَ آھِسِ پيرُ،
جَنِين ساڻُسِ ويٖرُ، ٿِئٖي تَنِين جو واھَرُو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت 4، ص: 107)
ھن ورجيس جي معنيٰ آھي تہ، صوفي مذھب جي فرقن کان آجا ھوندا آھن. يعني ھُو انسانن کي ورهائڻ ۽ مت ڀيد کان وئُون ويندا آھن ۽ ھر ڪنھن سان ھڪ جھڙو وهنوار رکندا آھن.
طَعامَ نَہ طامائُو:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ کاڌي جي سڌ نہ ڪرڻ ‘:
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَه طامائُو،
سَئِنَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، پَھَرَ نَه پينائُو،
اَوَسَرَ آسائُو، اُٿِي گُوندَرَ گَڏِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان ستون، بيت 1، ص: 807)
شاھ لطيف، ڪاپڙين جو احوال بيان ڪندي چئي ٿو تہ، ڪاپڙي ٿورو کائيندڙ آھن ۽ لذيذ طعامن جا شوقين ناھن. ھو اڻ ھوند جا ھيراڪ آھن.
قَلَبَ قَرارُ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سارنگ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’دل کي راحت ملڻ ‘:
جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلَبَ قَرارُ،
وَهِلو وچائِين وِيو، ڪَري غَمُ گُذارُ،
نِظارو نِرِوارُ، پِيّ پَسايو پانهنجو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 4، ص: 684)
شاھ لطيف ھن ورجيس ۾ چئي ٿو تہ، جڏهن ڪنھن جو پرين جُوءِ ۾ ايندو آھي تہ دل کي راحت ملندي آھي. ڏک سور ختم ٿي ويندا آھن ۽ سندس ديدار سان دل کي قرار ملندو آھي.
ڪاسائِڪِي ڪارِ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر بروو سنڌيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڪاسائين واري ھلت ‘:
ڪِئان سِکِيين سُپِرِين! ڪاسائِڪِي ڪارِ؟
تِکِي ڪاتِي ھَٿِ ڪَري، مُڏِيءَ سين مَ مارِ،
چوري چاڪَ نِهارِ، جي سُورَنِ سانگھيئَڙا ڪِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان ٽيون، بيت 10، ص: 773)
شاھ لطيف، ھن ورجيس ۾ عاشقيءَ ۾ محبوب جي ڪٺورتا ۽ زخمي ڪندڙ ھلت ڏانھن اشارو ڪيو آھي.
ڪوڏ ڪَپُورَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٽين سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’انگل آرا يا سَرهايون ۽ سُرهاڻيون.‘:
مَحَلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِيَم مُنھُن مَلُورَ،
اَڻَڀا سَڻَڀا نَه ڪَري، سُونھن وِڃايَسِ سُورَ،
پِيَسِ لوھ ، لَطِيف چٖي، لَٿَسِ ڪوڏ ڪَپُورَ،
چِتَ جَنِين جا چُورَ، سي مَکٖي مَرَڪُ نَه ڪَندِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان چوٿون، بيت 7، ص: 572)
ھن بيت ۾، مارئيءَ جي ملولائيءَ جي منظرنگاري ڪئي وئي آھي. مارئي، محلن ۾ اُداس ۽ ويڳاڻي پئي ڏسجي، جدائيءَ جي جهوريءَ سندس حُسن ۾ زوال آندو آھي. جن جون دليون درد کان ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيل ھجن، سي ڪھڙا انگل آرا يا سينگار ڪنديون.
کِجايُون کَرَنِ کي:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر کنڀات‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’رقيبن کي ڪاوڙ ڏيارڻ‘:
راتِ سَھائِي، ڀون سَنئِين، ڀائِي! گهرجي ڀَلُ،
اَھُرَ ۾ ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرِي چَلُ،
مُون توهين سين ڳالهڙي، ٻئِي ڪنهين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪندو ھَلُ، تہ کِجايُون کَرَنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 6، ص:133)
شاھ لطيف ھن ورجيس ۾، اُٺ کي مخاطب ٿيندي چئي ٿو تہ، رات روشن آھي ۽ واٽ سڌي آھي. منھنجي اندر جي ڳالهہ توکي معلوم آھي بس تون ھونگار ڪندو ھل، تہ جيئن ساڙيلن رقيبن کي چِڙَ وٺي.
کَڻِي ھوتُ ھَنجِ ڪيو:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ھوت پنھنجو ڪيو ‘:
پُنهُون ٿِيَسِ پاڻِهين، ويئِي سَسُئيءَ جِي سُونھن،
”خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُورَتِہ“ اِيءَ وَڻَنِ مَنجِھه وِرُونھن،
چَريءَ مَنجھان چُونھن، کَڻِي ھوتُ ھَنجِ ڪيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو ‘، سُر سسئي آبري، داستان پنجون، بيت 6، ص: 304)
شاھ لطيف چئي ٿو تہ، جڏھن سسئي، پُنهُونءَ سان ملڻ خاطر پنڌ ۾ آيل ڏکن ۽ مصيبتن کي سھندي پنھنجي سُونھن وڃائي ٿي، تڏھن وڃي کيس اھا ڳالهہ سمجھه ۾ اچي ٿي تہ، پُنهُون، ٻاھر ڪٿي بہ ناھي، اصل ۾ ھو تہ منھنجي ئي وجود ۾ سمايل آھي.
گُرِي گُوندرَ وَلِ جِي:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر حسينيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڏکن جي ول جي گُري يا ڳنڍ‘:
سُورَنِ سانڍيياس، پُورَنِ پالِي آھِيان،
سُکَن جي سيّد چي، پُکٖي نهَ پيياسِ،
جِيڪُسِ آئون ھُياسِ، گُرِي گُوندرَ-وَلِ جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سر حسيني، داستان ڏهون، بيت 16، ص:475)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، سسئيءَ جي زباني چوي ٿو تہ، آءٌ ڏکن جي تاتيل ۽ ڳڻتين جي نپايل آھيان. منھنجي لکئي ۾ سک تہ ھئا ئي ڪين! ڄڻ تہ آءٌ ڏکن جي ول جي ڳنڍ يا گُري ھيس.
گُوندرَ لَٿا گولِيين:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر کنڀات‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ٻانِھِين جا ڏک ختم ٿي ويا‘:
جَڏِھن پيئِي ڇَٽَ، ڇَپَرِ ھوتَ پُنهُونءَ جِي،
پَرَھي وِيٺيُون پَٽَ، گُوندرَ لَٿا گولِيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ستون، بيت 9، ص:406)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف چئي ٿو تہ، جبلن ۾ پُنهُونءَ جي سُرهاڻ (سڳنڌ) پھچڻ سان، ٻانِھِين جا ڏک ختم ٿي ويا ۽ انهن سينگار ڪيو يعني محبوب جي آمد سان ھر ڪنھن جي دل خوش ٿئي ٿي ۽ اھي سرها ٿي شادمانا ڪن ٿا.
ڳالهڙينِ ڳوڙها ڪِيو:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر کنڀات‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’ڳالھين اھنجايو‘:
آڻي ٻَڌمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکَرِيُون چَري،
ڪُڌاتُورو ڪَرَهو، لِڪِيو لاڻِي کاءِ،
اِنَ مَيي سندي ماءِ، مون ڳالھڙينِ ڳوڙها ڪِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيون، بيت 18، ص:142)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، اُٺ جي عادتن کي بيان ڪندي چئي ٿو ته؛ جيئن اُٺ خراب عادتن سبب پريشان ڪري ٿو، تيئن اھڙن ماڻهن جون ڳالھيون بہ منجھائي ڳوڙها ڪري ڇڏينديون آھن.
ڳُجهہ ڳُجهاندَرَ ڳالهڙِي:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ ڳُوڙهي اسرار واري ڳالهہ ‘:
ساھَڙُ، سا سُوهَڻِي، سائِرُ پُڻِ سوئِي،
آھي نِجوئِي، ڳُجهه ڳُجهاندَرَ ڳالھڙِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان پھريون، بيت 34، ص: 224)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، وحدت ۽ ڪثرت جي اسرار جو پرچار ڪيو آھي، تہ جيڪو ساھڙ آھي، سوئي سهڻي ۽ سمنڊ آھي، اھا ڳالهہ ھڪ نج ۽ ڳوڙهو راز آھي.
گهڙِيا سي چَڙهِيا:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’جيڪي (درياھ ۾) گهڙيا، سي پار پھتا ‘:
گهڙِيا سي چَڙهِيا، ايهين اٿٖيئِي،
مَئٖي مَتٖي مِهراڻَ ۾، پِئو ٽپو ڏِيئِي،
تہ ميھار مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھَه سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان پنجون، بيت 4، ص: 243)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، سهڻيءَ سان مخاطب ٿي چئي ٿو تہ جيڪي (سِر جو سانگو لاھي) درياھ ۾ گهڙيا، سي وڃي پار پھتا. ورجيس جو مفھوم آھي تہ ائين ڪو بہ سچو عاشق زندگيءَ جي بي ڌڙڪ مست مهراڻ ۾ ٽپو ڏئي گهڙي پوي تہ، ڪو سبب ناھي تہ کيس منزل مقصود نہ ملي.
گهنگهرِيا گهڻَ ڄاڻَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر گهاتوءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’داناءَ مُنجهي پيا ‘:
گهنگھرِيا گهڻَ-ڄاڻَ، مُوڙهِي مَتِ مَهائِييٖن،
وِيا گڏِجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنھُن مهراڻَ،
اَڳِيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسَرِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان پھريون، بيت 1، ص: 632)
ھن بيت ۾، درياھ جي اونهائيءَ جو تذڪرو ڪندي، شاھ لطيف ورجيس ذريعي چئي ٿو تہ، ھن دنيا جي سمنڊ ۾ وڏا سچيت بہ ويل ۾ پئجي ويا، مانجهين ۽ دانائن جي مت ئي مُنجهي ويئي ۽ ان جي ويرن وهڪرن ۾ لڙهي ويا.
لَڳِيَسِ ڪامَ ڪِرِڪَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٽين سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’عشق جو تکو تير لڳڻ‘:
ميھاران مِرِڪَ، پِيتائِين پِرِيم جي،
تنھن مُنڌَ مَتوالِي ڪِي، سَندِيءَ ساءَ سُرِڪَ،
لَڳِيَسِ ڪامَ ڪِرِڪَ، لوهان تِکِي، لَطِيفُ چي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان چوٿون، بيت 16، ص:239)
شاھ لطيف ھن بيت ۾، سهڻيءَ لاءِ چوي ٿو تہ سهڻيءَ، ميھار وٽان عشق جي اِھڙي سرڪي پيتي، جنھن جي سواد ھن کي مستانو بڻائي ڇڏيو ۽ کيس لوھ جي تير کان تهائين تکو، عشق جو تير لڳو. اھا ورجيس اھڙي ڪنھن بہ ماڻهوءَ جي ساڳي ڪيفيت ڏسي چئبي آھي.
لَڳي واءُ وَڏاندرو:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سريراڳ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’تيز يا طوفاني ھوا ‘:
سامُونڊِي! ٿو سَنبَھيٖن، ساڄو جهلِ سُکاڻُ،
لَڳي واءُ وَڏاندرو، مُنجھائٖي مَهراڻُ،
جنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ڇھون، بيت 8، ص: 184)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، ملاحن کي چتاءُ ڏيندي خبردار ڪري ٿو تہ، درياھ ۾ تيز طوفاني ھوائون ھلن پيون. تنھن ڪري، اوهان کي ٻيڙيءَ جي سکاڻ کي مضبوط ڪري خبرداريءَ سان نڪرڻو آھي، پر جن ائين نہ ڪيو، تن کي ڇيهو رسيو.
مٿي پاڻيءَ پير:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’پاڻيءَ ۾ پير پائڻ يا پاڻيءَ ۾ گهڙڻ ‘:
ڪيرَ ڪُنَ، آئون ڪيرَ؟ ڪير ڏَمَرَ سَھٖي ڏمَ جا،
قضا رِيءَ ڪيرَ ڌَري، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ،
ڀَينَرُ! ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو تٖي ٿِي لوڙِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان پنجون، بيت 18، ص: 246)
ھن بيت ۾ سهڻي چئي ٿي تہ، مون لاءِ ڪُنن جي ڪا حيثيت ڪانھي، نہ ئي ڏم جو وجود اھم آھي. مون سان جيڪي ٿيو، سو منھنجي قسمت ۾ لکيل ھو، جنھن مون کي درياھ جي حوالي ڪيو، يعني انسان پنھنجو لکيو لوڙهي ٿو.
مِٺي مُصيبَتَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر يمن ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’مصيبت بہ راحت ڏيندڙ آھي‘:
سُورُ جَنِين کي سَرِيو، سَرِي تَنِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصِيبَتَ، آھي عاشقن کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2009ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 2، ص:66)
ھن بيت جو مطلب آھي تہ، جن عشق جي راھ ۾ درد پرايو، انهن کي ئي ڇڱڀلائي حاصل ٿي آھي، ڇاڪاڻ تہ درد کان پوءِ ئي راحت جو احساس ٿيندو آھي. عاشقن کي ڏکن مان ئي راحت ملندي آھي.
مُلَهہ اَمُلَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ جي پھرئين پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’بي بها، لاثاني ‘:
جھڙا ڪَڙِڄَ ڪَڪِرا، تَھِڙا جائِن ڦُلَ،
تن سامِيَنِ جي سَڌَ مَران، جن جي گودِڙِيَنِ ۾ گُلَ،
اَندَرِ مُلَهہ اَمُلَ، ٻَھَرِ ڪوجها ڪاپَڙِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان ڇھون، بيت 11، ص: 806)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، جوڳين جي بظاھر ٻاھرين سادگيءَ جي بدران سندن اندر ۾ موجود سونھن کي ساراھي، انهن کي ملهہ امل سڏيو آھي. اھڙي ئي ڪنھن موقعي مھل تي اھا ورجيس ڪتب ايندي آھي.
نِجَسَ نِکاري:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ جي پھرئين پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ناپاڪيءَ کي اُجرو ڪري پاڪ ڪرڻ‘:
صَدا وڌِيَم سُورَ جِي، اَڳِيان ڪوھِياريٖ،
جو نِجَسَ نِکاريٖ، سو پُنهُون وِڌُمِ پاندَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، اَبيات متفرقة، بيت 3، ص: 332)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، سسئيءَ جي زباني چئي ٿو تہ، مون پُنهُونءَ جي اڳيان سورن جي صدا ھنئي، جنھن تي ھن جيڪي ڪجهہ ڏنو تنھن مون منجھان سموري ناپاڪيءَ کي اُجاري پاڪ ڪيو.
نِرتُون مَنجهان نينھن:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’سچي دل سان‘:
وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہ، جان ٿو چَئين ايِئن،
تان مَڃِ مُحَمّدُ ڪارڻِي، نِرتُون مَنجهان نينھن،
تان تُون وَڃيو ڪيئن، نايين سِرُ ٻِيَنِ کي،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 5، ص: 66)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، اھو پيغام ڏنو آھي تہ، جنھن انسان، خدا جي وحدانيت تي ايمان آندو ۽ سچيءَ دل سان محمدﷺ کي پنھنجو اڳواڻ مڃيو، تنھن کي ڪنھن ٻي در ڏانھن واجهائڻ نٿو جُڳائي.
نِرمَلَ نُورَ نِھاريو:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر يمن ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين وائيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’قربائتي نظر سان نهارڻ‘:
سَئون مُنھُن ڪَري سُپِرِين، اَئِين نِرمَلَ نُورَ نِهاريو،
منھنجو جِيءُجِيارِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٽيون، وائي، ص: 100)
ھن وائيءَ جي معنيٰ ھن ريت آھي تہ، اي منھنجا محبوب اوهين سڌو منھن ڪري مون ڏي محبت واري نگاھ کڻي نهاريو، منھنجي جيءَ کي جياري ڇڏيو.
نِسَتُ آئون نِٻَرُ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر کنڀات‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’آءٌ نِٻَر يا ڪمزور آھيان‘:
ناسِيندي نَظَرَ، پِھرين ڪِجِ پِريَنِ ڏي،
قَمَرَ! ڪَھِجِ قَريبَ کي، نِسَتُ آئون نِٻَرُ،
ٻِي ڀيٖڻِي ناھيم ڀَرُ، اَکِيُون اوهان جي آسَري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو ، بيت 2ن، ص:139)
شاھ لطيف ھن بيت ۾، چنڊ کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو تہ، اُڀرڻ سان ئي پھرين نگاھ کڻي منھنجي محبوب کي ڏسجانءِ ۽ منھنجي محبوب کي اِھو پيغام ڏجان تہ، آءٌ توکان سواءِ بلڪل ھيڻي/ڪمزور آھيان. منھنجي لاءِ ٻي ڪا بہ پناھ نہ آھي، اڄ بہ اکيون اوهان لاءِ واجهائي رهيون آھن.
نِظاري نِروارُ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’پڌري پَٽ ھُئڻ‘:
سُوري آھهِ سينگارُ، اَڳِھِين عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻُ مِيهَڻو، ٿِيا نِظارٖي نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشقن کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 5، ص: 71)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف چيو آھي تہ، عاشقن ازل کان وٺي سوريءَ کي سينگار سمجهيو آھي. ھو سوريءَ تي چڙهڻ کان پُٺتي موٽڻ/مُڙڻ کي مهڻو سمجهي، پڌري پَٽ سوريءَ تي چڙهندا آھن، ڇاڪاڻ تہ کين اتان ئي سُک ۽ سُڪون نصيب ٿيندو آھي.
نہ ڪو قَدُ نَہ مَدُ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر آسا‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’حد حساب يا ماڻ ماپو نہ ھئڻ ‘:
لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَهان نَه حَدّ،
سُپيرِيان جي سونھن جو، نہ ڪو قَدُ نَه مَدُ،
ھِتِ سِڪَڻُ بي عَددُ، ھُتِ پِرِينءَ پَرِواھ ناھ ڪا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان پھريون، بيت 1، ص: 705)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف چئي ٿو تہ، محبوب جي حُسن جي ڪا حد حساب يا ماڻ ماپو ئي ناھي. ھڪڙي پاسي (منھنجي مَن ۾) بيحد سِڪَ آھي تہ ٻئي پاسي (محبوب) بي نياز آھي، ان ڪري ان کي لامڪان ۾ ڳولڻ بھتر آھي.
نيرانا ئِي نيڻَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر آسا‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’نيرانيون اکيون‘:
نيرانا ئِي نيڻَ، نيئي آڇ پِريَنِ کي
سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جُہُ ڏِٺو مُنہُ مَحبوب جو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان ٻيو، بيت 4، ص: 334)
ھن ورجيس ۾، محبوب جي ديدار جي مُسرت کي، پُر اثر نموني بيان ڪندي، شاھ لطيف چئي ٿو تہ، پنھنجون نيرانيون اکيون (جڏهن انهن ڪنھن کي نہ ڏٺو ھجي) محبوب جي اڳيان پيش ڪر، جيڪڏهن انهن کي محبوب جو ديدار نصيب ٿيو تہ ڄڻ ستر طعام کاڌائون.
ھَٿِ ڪاتِي، ڳُڙُ واتِ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’هٿ ۾ ڪاتي ۽ منھن ۾ ميٺاج‘:
تو جنِين جِي تاتِ، تَنِ پُڻِ آھي تنھنجي،
فاذُکُرُوني اَذکُرُکُم، اِيءَ پَرُوڙِج باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي، ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پريَنِ جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 13، ص: 80)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، قرآن شريف جي آيت مان مثال ڏيندي چئي ٿو تہ، تون جن کي ياد ڪرين ٿو، تن کي بہ تنھنجي سنڀار آھي. محبوبن جي اھا نرالي ادا آھي تہ ھو بظاھر مٺو ٻولين ۽ پڇن ٿا، پر سندن انداز دل کي ڦٽيندڙ آھي.
ھَٿين ھَٿَڪَڙولَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’هٿن ۾ ھٿ ڪڙيون ‘:
ھَٿين ھَٿَڪَڙولَ، ھِينئَڙي پِيَمِ ھُنِ جا،
سانگِي سارِيَم، سُومَرا! ڍاٽِي پاسي ڍولَ،
ٻاٻاڻَنِ سيٖن ٻولَ، ڪِيَمِ نَه ڪوٽَ ويهَڻَ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ڇھون، بيت 16، ص: 582)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، مارئي جي زباني چئي ٿو تہ، منھنجي ھٿن ۾ (عمر بادشاھ جون) ھٿ ڪڙيون لڳل آھن، پر مَنُ ماروئڙن جي ھٿڪڙين ۾ قابو آھي. ھينئون انهن سان جڙيل آھي.
ھنڌِ ھنڌِ پُوندي ھاڪَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر يمن ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’ مشھور ٿيڻ‘:
وِجهجِ واٽاڙُئنِ تي، ميخاني جي ماڪَ،
ٿيندي سُڌِ سَڀَڪَنهيِن، ھنڌِ ھنڌِ پُوندي ھاڪَ،
پِرهَ جا پِياڪَ، جُہُ سٖي اَڱڻِ آئِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان چوٿون ، بيت 11، ص: 102)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، موکيءَ کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو تہ، راھ ويندڙن کي بہ پنھنجي ميخاني (جي ماڪ ۾ ڀڄائيندي ڪر) مان ٿورو سرور ونڊيندي ڪر، جيئن تنھنجي ھر پاسي مشھوري ٿئي ۽ اوري پري وارن کي تنھنجي خبر پوي. تڏهن باک مھل ايندڙ آسودا پياڪ بہ تنھنجي ميخاني تي ايندا.
ھَھِڙا سيڻَ سُڌِيرَ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪوهياريءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ چڱا ۽ بردبار مائٽ‘:
ڏونگَرَ ڀُونيٖين ڪِيرَ، سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين،
ھَهِڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪينَ لَهَندينءَ ڪي ٻِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر ڪوهياري، داستان ٻيو، بيت 14، ص: 418)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، قرآن شريف جي ھڪ آيت ڏانھن اشارو ڪندي چوي ٿو تہ، جبل ڌرتيءَ لاءِ ڪِير ۽ ڪِلا آھن، منھنجا محبوب انهن جبلن ۽ پھاڙن جون ميخون (پھاڙن کي مضبوط بيھاريندڙ) آھن. شاھ لطيف، سَسئيءَ کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو : اي سَسئي! اھڙا منٺار محبوب توکي ٻيا ڪٿي ملي سگهندا؟
ھيجان ساڻُ ھِنيّئنِ:
ھيءَ ورجيس شاھ جي رسالي جي ’سُر ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٻي سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’دل جي خوشيءَ ۽ پختي ارادي سان ‘:
وحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، جڏهن چَيو جَنِ،
تَنِ مَڃيو مُحمّد ڪارَڻي، ھٖيجان ساڻُ ھِنيّئنِ،
تڏهن منجھان تَنِّ، اَوَتَڙِ ڪونهَ اولِيو،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 6، ص:66)
ھن بيت ۾، شاھ لطيف، اھو پيغام ڏنو آھي تہ، جن الله جي ٻانهن، ھينئين جي حُب ۽ ھيج سان، خدا جي وحدانيت ۽ محمدﷺ جي رسالت تي ايمان آندو، اھي ڪڏهن ڀٽڪي نٿا سگهن.