آگم ڪيو اچن...

شاھ لطيف جا خدمتگار / فقير

شاھ لطيف جا خدمتگار/فقير

ڀٽ ڌڻيءَ جي خاص حاضريءَ وارن فقيرن، خليفن ۽ مريدن جو تفصيلي احوال ۽ سندن ذميواريون.

اَٽل فقير دھلوي ۽ چَنچل فقير دھلوي

اھي فقير اصل دھليءَ (هندستان) جا رهاڪو ھئا، جيڪي ھندستاني موسيقي ۽ راڳ جا ماھر ھئا. ميرعبدالحسينسانگيءَ مطابق، اُھي ٻئي موسيقيءَ جا ڄاڻو ھئا، ۽ مياننورمحمدڪلھوڙي جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ ۾ آيا، ۽ حڪومتي درٻار تائين موسيقيءَ ذريعي رسائي حاصل ڪيائون. انهن جي موسيقيءَ واري ڄاڻ ڏسي ميان غلام شاھ ڪلھوڙي کين ڀٽ تي شاھ لطيف ڏانھن موڪليو، جتي شاھ لطيف جي حاضريءَ ۾ رهي، نج سنڌي موسيقيءَ کان بہ واقف ٿيا. شاھ لطيف جي چوڻ تي دنبورو وڄائڻ سکيا، ۽ فقيرن سان گڏجي، دنبورو بہ وڄائيندا ھئا. انهن ٻنهي فقيرن، شاھ جي ڪلام کي سُروار راڳداريءَ واري حوالي سان تقسيم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪئي. اُھي ٻئي فقير، آخري دم تائين ڀٽ تي ئي رهيا، ۽ اُتي ئي وفات ڪيائون. (وڌيڪ ڏسو عنوان: شاھ لطيف جي زندگيءَ جا واقعا، صفحو 138-139)

اَجن فقير ڏيرو

اَجن فقير ڏيرو، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو حاضريءَ جو خاص فقير ھو. ھُو ڀٽ تي ھميشه حاضر رهندو ھو، ۽ شاھ لطيف جي خدمتــگذاريءَ ۾ مصروف رهندو ھو.

احمد فقير

احمد فقير، ذات جو سمو ھو، ۽ اصل ’کھلي‘ جو ويٺل ھو. ھو شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص مريد ھو، ۽ ھميشه شاھ لطيف جي خدمت ۾ گذاريندو ھو. احمد فقير جو ڪم شاھ لطيف جي گهوڙيءَ، ’چَنگلُ‘ جي سارسنڀال ۽ گاھ پٺو ڪرڻ ھو. ڊاڪٽر نبيبخش خان بلوچ احمد فقير کي اصل ’گهلين‘ جو ويٺل ڄاڻايو آھي.

اسماعيل فقير سمو ڀينءَ پور وارو

اسماعيل فقير سمو، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص حاضريءَ جو فقير ھو. اسماعيل فقير سمو شروع ۾ شاھ حبيب جو مريد ھو، شاھ حبيب جي وفات کان پوءِ آخري وقت تائين شاھ لطيف جو مريد ٿي رهيو. سندس ڪم صرف ڀٽ تي حاضر رهڻ، ۽ خدمتگذاري ڪرڻ ھو.

بچو فقير

بچو فقير، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص فقير ھو، ۽ ڀٽ تي شاھ لطيف جي خدمتگارن مان ھڪ ھو. ڀٽ تي رهندڙ سڀني فقيرن شاھ لطيف جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪجھہ ڪم ورھائي کنيا ھئا. بچو فقير شاھ لطيف لاءِ وضوءَ وقت ڪونئرو جهليندو ھو.

تماچي فقير نھڙيو

 تماچي فقير اصل ڪڇ جو رهاڪو ھو. ڪڇ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ارادت ۽ عقيدت جو بنياد، وَنۡهِيين فقير ۽ تماچي فقير نھڙيي وڌو. ونهيين فقير کي شاھ لطيف پاڻ وٽ ڀِٽَ تي رهايو، جڏهن تہ تماچي فقير شاھ لطيف جي حڪم مطابق ڪڇ ۾ ئي رهيو. وفات کان ڪجھہ وقت اڳ، شاھ لطيف کيس سڏي پاڻ وٽ رهايو ھو. شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ، ھي فقير اوريئڙا ڳوٺ (ڪڇ) موٽي ويو، ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين. 

تَمر فقير

 شاھ لطيف جي پھرين خليفن مان تمر فقير نھايت مشھور خليفو ٿي گذريو آھي. تمر فقير جي زندگيءَ جي باري ۾ اسان کي ڪافي ڄاڻ ملي ٿي، پر سندس ولادت ۽ وفات جي باري ۾ ڪا بہ صحيح ڄاڻ نہ ٿي ملي. تمر فقير جا وڏا، شاھ لطيف جا مريد ھئا. ھو جڏهن حج ڪرڻ ويا تہ کين اھو ٻار (تمر) ڄائو ھو. واپس اچي ان ٻار کي شاھ لطيف جي پيرن ۾ وجهي، سندس مريد ڪيائون، جنھن لاءِ مشھور آھي تہ، شاھ لطيف ڇوڪر کان پڇيو تہ: ’تنھنجو نالو ڇا آھي؟‘ ڇوڪر وراڻيو: ’حاجي علي‘. شاھ لطيف کي ڇوڪر جو آواز سٺو لڳو، ۽ چيائينس تہ: ’اھو نالو تہ ڪاملن جي سردار ۽ عالمن جي امام جو آھي. تنھنجو نالو اسين تَمر رکون ٿا. جڏهن تہ تون عرب ۾ ڄائو آھين، ۽ تمر (کجي) جي وڻ ھيٺ ڄائو ھئين، ۽ ڄمڻ وقت عرب عورتن جهمريون پائي خوشيون ڪري توکي ھيءَ لولي ڏني ھئي: فوق المطر، تحت التمر، لبن البقر، آت الله، آتالله (يعني مٿان مينھن، ھيٺان کجور، ڳئون جو کير، ڏي الله ڏي الله.)‘ 

 اھو ٻڌي، تَمر جا مائٽ وائڙا ٿي ويا، ۽ ڏندين آڱريون اچي وين تہ حقيقت بہ اھڙيءَ طرح ھئي. ان کان پوءِ، ننڍڙو تمر ڪچي وھيءَ کان، شاھ لطيف جي صحبت ۾ رهيو. شاھ لطيف جي ڪلام ڳائڻ ۾ وڏي مھارت حاصل ڪيائين. ڪڏهن بہ شاھ لطيف کان پري نہ ويندو ھو. شاھ لطيف کي ساڻس گهڻي محبت ھئي. جڏهن شاھ لطيف وفات ڪئي، ان وقت تمر فقير اڃا ننڍو ھو. شاھ لطيف پنھنجي ھن ننڍڙي مريد ۽ خليفي لاءِ اوطاق جي زمين جو ٽڪر ليڪي ڇڏيو ھو، جيڪو اڃا تائين سندس نالي سڏجي ٿو. شاھ لطيف پنھنجي دوست، محڪم الدين سيلانيءَ کي تمرفقير جي پارت ڪري ويو ھو، جنھن تمر کي درويشيءَ جا طريقا سمجهائي، ڪمال تي پھچايو. تمر فقير، ھڪ وڏو اھل دل درويش ھو، ۽ ھميشه درگاھ تي رهي فقيرن جي خدمت چاڪري ڪندو ھو. پاڻ ڳائڻن فقيرن جي جماعت جو رهبر پڻ ھو، ۽ کين ذڪر فڪر سيکاريندو ھو. مسجد جي امامت پڻ سندس حوالي ھوندي ھئي. شاھ لطيف جي شاعريءَ کي سھيڙي، گنج جي صورت ۾ پڻ تمر فقير ئي گڏ ڪرايو. وفات کان پوءِ سندس آخري آرامگاھ، شاھ لطيف جي مقبري جي ڏاکڻي طرف احاطي جي ڪنڊ ڏانھن ڪاٺ جي ھڪ تجر ۾ آھي. 

خليفو محمد عالم ڏيرو

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’شاھ جو رسالو‘ ۾ لکيو آھي تہ: ”خليفو محمد عالم ڏيرو، شاھ صاحب جو ماسات، ذڪر ۽ سماع جو نگران ھو.“(بلوچ، 2009ع، ص: 25) جڏهن تہ، مير عبدالحسين خان سانگيءَ ’لطائف لطيفي‘ ۽ مرزا قليچ بيگ ’احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي‘ ۾ ميان محمدعالم ديانہ لکيو آھي، يعني تہ خليفومحمدعالم، مخدوم عربي ديانہ جي اولاد مان ھو، جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’شاھ عبداللطيف ڀٽائي (تحقيقي مضمون)‘ ۾ لکيو آھي تہ: ”محمد عالم، جيڪو بيشڪ ڀٽائي صاحب جو خاص خليفو ۽ مڙني فقيرن ۾ ممتاز ھو، سو ’سئي قنڌر‘ وارن ڏيرن درويشن جي اولاد مان ھو، ڀٽائي صاحب جو ماسات ھو ۽ ڀٽ تي شاھ صاحب جي سلسلي جي سماع ۽ ذڪر جو سرواڻ ھو.“(بلوچ، 1990ع، ص: 43)

خليفو محمد عالم ڏيرو، شاھ لطيف جو وڏي ويساھ وارو فقير ھو، ۽ شاھ لطيف کيس ’محمد عالم، سچو سالم‘ ڪري سڏيو.

رحمون فقير

رحمون فقير، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص مريد ۽ فقير ھو. ڀٽ تي رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ، شاھ لطيف پنھنجي خاص ويجهن فقيرن کي جيڪي ساڻس گڏ رهندا ھئا، مختلف ڪم ورھائي ڏنا ھئا. رحمون فقير بہ شاھ لطيف جي خدمت ۾ سدائين حاضر ھوندو ھو. رحمون فقير اصل ۾ راڌائو (بورچي) ھو، ۽ لنگر خاني جي سنڀال ڪندو ھو. 

سکر فقير ڏيرو

سکر فقير ڏيرو، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص حاضريءَ جو فقير ھو؛ ھميشه حاضري ۽ خدمتگذاريءَ ۾ رهندو ھو.

سومر فقير لاڙڪ

سومر فقير لاڙڪ، اصل ڳوٺ خانپور جو ويٺل ھو، جيڪو پير پٺي کان 11 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. سومر فقير وڏو عارف ۽ ديندار ماڻهو ھو، جيڪو شاھ لطيف جي ڀٽ تي اچڻ کان پوءِ، ڀٽ تي اچي رهيو، ۽ شاھ لطيف طرفان پيري مريديءَ جو ارشاد مليل ھوس. يعني ڀٽ تي جيڪو ماڻهو مريد ٿيڻ لاءِ ايندو ھو تہ اھو سومر فقير سان ملندو ھو. فقيرن جي جماعت ۾ سندس مانُ مٿانھون ھو. 

عارف فقير ٿيٻو

عارف فقير ٿيٻو، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص فقير ھو. ھو اصل ۾ ٽنڊي الھيار جي آس پاس جو ويٺل ھو. عارف فقير نھايت عبادتگذار انسان ھو. پاڻ ڀٽ تي آيل نون مريدن کي نماز ۽ ٻين ظاھري عبادتن جي تعليم ڏيندو ھو. 

عبدالجميل فقير انڙ

عبدالجميل فقير، ذات جو انڙ ھو. ھو شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص فقير ھو. ڀٽ تي سندس ڪم شاھ لطيف جي نماز ۽ عبادت جو بندوبست ڪرڻ ۽ مصلو ۽ تسبيح سنڀالڻ ھو. .

عبدالواسع فقير سالارو

عبدالواسع فقير، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص مريد ۽ فقير ھو. شاھ لطيف جڏهن ڀٽ تي رهائش اختيار ڪئي تہ ان وقت شاھ لطيف جا خاص مريد ۽ فقير ساڻس گڏ ھئا. عبدالواسع فقير بہ انهن منجھان ھڪ ھو. ھو ڀٽ تي خاص حاضريءَ جو فقير ھو. 

عرس فقير ساند

عرس فقير ساند، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص مريد ۽ فقير ھو. کيس شاھ لطيف جو سمورو ڪلام ياد ھو، ۽ عمدي نموني سان ڳائيندو ھو. عرس فقير سڄي عمر شادي نہ ڪئي. ھو ڀٽ تي حاضر مريدن ۽ فقيرن ۾ خاص ھو. 

عمر فقير سھتو

 عمر فقير سھتو، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص فقير ھو. ھن شاھ لطيف جي ننڍي ھوندي، پالنا ۽ خدمت ڪئي ھئي. 

عنايت فقير ڏيرو

عنايت فقير، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص فقير ۽ مريد ھو، ۽ گهڻو وقت ڀٽ تي رهندو ھو. عنايت فقير لاءِ روايت مشھور آھي، تہ ھڪ ڀيري شاھ لطيف کي بلاول شاھ جي ڳوٺ کان ڀٽ شاھ موٽندي، رستي ۾ ھڪ نوجوان نينگر مينھيون چاريندي مليو، شاھ لطيف جي پڇا ڪرڻ تي ھن پنھنجو نالو عنايت ۽ پيءُ جو نالو ’وڏيرو جاني ڏيرو‘ ٻڌايو.

عنايت فقير وساڻ

عنايت فقير وساڻ، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص فقير ھو. ھو انُهن فقيرن مان ھو، جيڪي شاھ لطيف سان گڏ ڀٽ تي مستقل رهندڙ ھئا. عنايت فقير، شاھ لطيف جي اُٺ جي مھار جهليندو ھو. 

فقير اسماعيل ڏيرو

فقير اسماعيل ڏيرو، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص حاضريءَ جو فقير ھو. ھوُ سدائين شاھ لطيف سان گڏ رهندو ھو، ۽ خدمتگذاريءَ جو ڪم سرانجام ڏيندو ھو. 

فقير سائين ڏنو شاھ متعلوي

فقير سائين ڏنو شاھ متعلوي، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ لاءِ ھنڌ (بسترو) وڇائڻ جو ڪم ڪندو ھو. 

فقير سيد نھال شاھ

 فقير سيد نھال شاھ، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص حاضريءَ جو فقير ھو. ھُو ڀٽ تي ھميشه حاضر رهندو ھو. 

فقير ولي محمد ڀٽي

فقير ولي محمد، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي استاد آخوند نور محمد ڀٽي ’وائيءَ واري‘ جو پُٽ ھو، ۽ شاھ لطيف جو خاص مريد ھو. فقير ولي محمد، شاھ لطيف جي مڙه کي غسل ڏيڻ ۽ جنازي نماز پڙهائڻ جو ڪم سرانجام ڏنو.

قاسم فقير

قاسم فقير، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مريد ھو. ھو اصل ۾ حجام ھو، ۽ شاھ لطيف جي سنوارت ٺاھيندو ھو. 

مائي بُوئا وساڻ

مائي بوئا وساڻ، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مريدياڻي ھئي ۽ حويليءَ اندر خدمتگار ھئي. 

مائي صالحان تُنياڻي

مائي صالحان تنياڻي، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مريدياڻي ھئي ۽ اندر حويليءَ ۾ خدمتگار ھئي. 

مائي گنگا جتڻ

مائي گنگا جتڻ، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مريدياڻي ھئي ۽ حويليءَ اندر خدمتگار ھئي. 

محمد رحيم فقير

محمد رحيم فقير، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص مريد ۽ فقير ھو، جيڪو ھميشه لطيفي حضور ۾ حاضر رهندو ھو. محمد رحيم فقير منشي ھو، ۽ ڀٽ تي رهندڙ ٻين فقيرن جيان کيس لکپڙه جو ڪم سونپيل ھو. 

نور محمد ابڙو فقير، ڪاٺڙي مڪان وارو

نور محمد ابڙو فقير، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص حاضريءَ جو فقير ھو. ھُو ڀٽ تي ھميشه حاضر رهندو ھو، ۽ شاھ لطيف جي خدمتگذاريءَ ۾ رُڌل رهندو ھو. 

ونھيون فقير جت

 ونھيون فقير، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص فقير ھو، ۽ سندس ڌاريل ٻن ڪتن؛ ’موتي‘ ۽ ’کينھون‘ جو نگھبان ھو. شاھ لطيف ٻہ ننڍڙا گلر، ڪٿي بک مرندي ڏٺا، سو ٻنهي کي پاڻ سان کڻي آيو. ونھيون فقير، انهن ٻنهي ڪتن جي سار سنڀال لھندو ھو، جيستائين ٻئي جيئرا رهيا. 

 ونھيون فقير، ڪڇ جو رهاڪو ھو. ڪنڊو مڪان (تعلقو کاھڙ)، ونھھين فقير جو اصل ڳوٺ ھو. ڪڇ ۾ شاھ لطيف سان عقيدت جو بنياد ونھين فقير ۽ تماچي فقير وڌو. پوءِ شاھ لطيف ونھين فقير کي پاڻ وٽ، ڀٽ تي رهايو، ۽ سندس خلوص جي ڪري کيس پنھنجو خاص خليفو مقرر ڪيائين.

وَرُو فقير ’وڳند‘

وَرُو فقير، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص مريد ھو، ۽ ھر وقت شاھ لطيف سان گڏ موجود ھوندو ھو. ھي فقير کائڻ پيئڻ جو گهڻو شوقين ھو. شاھ لطيف ڪڏهن ڪڏهن ساڻس ڀوڳ چرچا بہ ڪندو ھو. ورو عرف وڳند فقير جو ذڪر شاھ لطيف سُر بلاول جي ڪجھہ بيتن ۾ پڻ ڪيو آھي. 

 اَسُورَ سَندو آسَرو، وَڳَندَ کي وَڏو،

جُسي ۾ جَڏو، پَرَ کِيَڻَ تي کُڙا کَڻي.  

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 4، بيت 4، ص: 906) 

ھاشم علي فقير ريحاڻ پوٽو

 ھاشم علي فقير، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص مريد ۽ فقير ھو. ھو ڀٽ جي راڳي فقيرن مان ھڪ ھو، ۽ تمام سٺو ڳائيندو ھو. ھاشم فقير لاءِ مير عبدالحسين خان سانگيءَ ’لطائف لطيفي‘ ۾ لکيو آھي تہ: ”ميان ھاشم علي ريحان پوٽو لطيفي باغ جي بلبل ھو.“(سانگي، 1986ع، ص: 113)

ڀٽ تي رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ خود شاھ لطيف جي حاضريءَ ۾ ھر جمعي رات تي راڳ جي محفل ٿيندي ھئي، جنھن ۾ ھاشم علي فقير ۽ ٻيا راڳائي فقير ڳائيندا ھئا.