آگم ڪيو اچن...

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ تائين طريقت جو سلسلو

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ تائين طريقت جو سلسلو

مير عبدالحسين سانگيءَ جي ’لطائف لطيفي‘ مان منقول سند: اويسي فيض، ظاهري بيعتون، ۽ سلسلو حضور ﷺ تائين.

جائزو

’لطائف لطيفي‘ ۾ مير عبدالحسين سانگيءَ، شاھ لطيف سرڪار جي طريقت ۽ پيري مريديءَ جو سلسلو حضور ﷺ تائين مرتب ڪري پيش ڪيو آهي. بيان موجب حضرت اولياءَ صاحب (سيد عبداللطيف ڀٽائي) حقيقت ۾ ”اويسي“ هئا—روحاني طريقي سان حضور ﷺ کان فيض ياب؛ ۽ جڏهن ڪو پڇندو هو ته پاڻ ظاهري اعتبار سان مرشد سيد حبيب شاھ کي سڏيندا هئا.

سلسلي جي ڪڙي (’لطائف لطيفي‘ مطابق)

”حضرت اولياء صاحب (يعني سيد عبداللطيف ڀٽائي) جي طريقت ۽ ارشاد، پيري مريديءَ جو سلسلو حضرت محمدﷺ تائين تحرير ڪجي ٿو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي ’تارڪ‘ پنھنجي پيءُ سيد حبيب شاھ کان تلقين ورتي پر حقيقت حال ھن طرح آھي تہ، حضرت اولياء صاحب ’اويسي‘ ھو. روحاني طريقي سان حضورﷺ کان فيض حاصل ڪيو ھئائون. جھڙيءَ طرح اويس قرني، حضورﷺ کان فيض حاصل ڪيو ھو، جيتوڻيڪ سندن حضور پرنور ۾ حاضري بہ ڪانہ ڀري سگهيو ھو. جيڪڏھن ڪو حضرت اولياء صاحب کان ان باري ۾ پڇندو ھو تہ پاڻ فرمائيندا ھئا تہ، لطيف جو مُرشد سندن والد حبيب شاھ آھي.

حضرت اولياء صاحب جو ظاھري طريقت جو سلسلو ھن طرح آھي: سيد عبداللطيف شاھ ’ڀٽ ڌڻي‘ پنھنجي پيءُ سيد حبيب شاھ جي ھٿ تي بيعت ڪئي. ان پنھنجي پيءُ حضرت عبدالقدوس کان فيض حاصل ڪيو. ان پنھنجي پيءُ سيد جمال شاھ کان تلقين ورتي. ان سيدعبدالڪريم بلڙي واري جي ھٿ تي بيعت ڪئي. ھي پاڻ اويسي ھو، پر ظاھري فيض سلطان ابراھيم بهاري کان حاصل ڪيو ھئائين. ان وري شاھ علي الهاشمي کان فيض ورتو. ان شاھ شرف الدين کان فيض پرايو. ان شاھ شھاب الدين قاسم کان فيض حاصل ڪيو. ان وري بدرالدين يحيٰ کان فيض پرايو. ان شاھ نورالدين حسين کان فيض ورتو. ان شاھ شمس الدين محمد کان فيض ورتو. ان سيف الدولہ يحيٰ کان فيض ورتو. ان ظھيرالدين احمد کان فيض ورتو. ان شھاب الدين احمد کان فيض ورتو. ان عمادالدين ابو صالح نصر کان فيض ورتو. ان شاھ عبدالرزاق کان ذڪر ورتو. ان سيد عبدالقادر حسني حسيني جيلانيءَ کان فيض پرايو، جنھن جو روضو بغداد ۾ آھي. ان پنھنجي مرشد ابو سعيد بن علي مبارڪ المخزوميءَ کان فيض حاصل ڪيو. ان ابوالحسن عمل يبن محمد يوسف القرشيءَ کان فيض ورتو. ان ابو الفرح طرطوسيءَ کان فيض ورتو. ان ابوالفضل عبدالواحد بن عبدلعزيز اليمني کان فيض پرايو. ان ابوبڪر شبليءَ کان فيض حاصل ڪيو. ان جنيد بغداديءَ کان فيض پرايو. ان خواجا ابوالحسن سري سقطي کان فيض ورتو. ان خواجا معروف ڪرخيءَ کان ذڪر ورتو. ان امام علي رضا کان فيض حاصل ڪيو. ان امام موسيٰ ڪاظم کان فيض پرايو. ان امام جعفر صادق کان فيض ورتو. ان امام محمد باقر کان فيض ورتو. ان امام زين العابدين کان فيض ورتو. ان امام حسين شھيد ڪربلا کان فيض حاصل ڪيو. ان حضرت عليؓ بن ابي طالب کان فيض حاصل ڪيو. ان شافع روز محشر حضرت محمد مصطفيٰﷺ کان فيض حاصل ڪيو.“

حوالو

(سانگي، 2012ع، ص: 29–30)