آگم ڪيو اچن...

شاھ لطيف جي زندگيءَ جا واقعا

شاھ لطيف جي زندگيءَ جا واقعا

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت سير سفر، ملاقاتون، مسجد ۽ روضي جي اڏاوت، صوفي روايتون ۽ لطيفي فقيرن جون ڳالهيون — گڏيل ۽ مڪمل.

ابجد سان مرزا بيگ جي وفات جو سن

روايت آھي تہ، جڏهن مرزا بيگ، ’دل‘ ذات جي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪندي، پنھنجي ساٿين سميت مارجي ويو، ۽ سندس مارجي وڃڻ جي خبر مشھور ٿي. ھڪ ڏينھن مجلس ۾ شاھ لطيف جي فقيرن مان ھڪ فقير، شاھ لطيف جي سامهون ھيٺيون فقرو سندس وفات جي سن متعلق چيو: ’بود خبيث‘، يعني ’هو بڇڙو ھو‘. 

 ان فقري مان ابجد جي حساب سان مرزا بيگ جي مارجي وڃڻ جو سال، 1124ھ مطابق 1712ع تي نڪتو ٿي. تنھن تي شاھ لطيف فرمايو تہ: ’ايئن چوڻ نہ گهرجي، پر چؤ تہ : يڪ مغل بہ بود‘، يعني ’هڪ سٺو مغل ھو‘ (جڏهن تہ ان فارسي جملي جي لفظي معنيٰ آھي تہ، ’هڪ مغل ھو‘)؛ جڏهن ابجد جي حساب سان انهن لفظن جو حساب ڪيو ويو، تہ انهن لفظن مان بہ ساڳيو سال يعني 1124ھ مطابق 1712ع نڪتو. 

 ھن روايت مان شاھ لطيف جي علم ابجد ۽ فارسي ٻوليءَ جي ماھر عالم ھجڻ جي بہ ثابتي ملي ٿي، تہ گڏوگڏ ڪنھن گذاري ويل لاءِ چڱا لفظ چوڻ جو اھڃاڻ بہ ملي ٿو، جيڪو سندس نيڪ نيتيءَ ڏانھن اشارو ڪري ٿو. 

اَٽل ۽ چَنچل جو شاھ وٽ اچڻ

شاھ لطيف کي راڳ ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو. جڏهن پاڻ ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچي ڀٽ وسايائين، تڏهن ماڻهو ڀٽ تي سندس زيارت لاءِ اچڻ لڳا. ڪيترائي استاد راڳيندڙ ۽ گويا، ھندستان جي جدا جدا ايراضين مان بہ ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ اچڻ لڳا. چون ٿا تہ ’اٽل‘ ۽ ’چنچل‘ نالي، دھليءَ جا ٻہ مشھور راڳيندڙ بہ اچي، سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. 

 اھي ٻئي راڳيندڙ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾، دھليءَ مان سنڌ ۾ آيا. ميان غلام شاھ کي خبر ھئي تہ، شاھ لطيف راڳ ۽ سرود جو شوقين آھي ۽ اھي ٻئي راڳيندڙ بہ موسيقيءَ جي علم جا ڄاڻو آھن، ان ڪري ٻنهي کي شاھ لطيف جي خدمت ۾ موڪليائين. اھڙيءَ طرح، انهن ٻنهي راڳين جي، شاھ لطيف سان ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ اھي اتي، ڀٽ تي ئي رهڻ لڳا، پوءِ فقيرن سان گڏجي، ساز سرود ۽ سماع جون محفلون مچائيندا ھئا. شاھ لطيف کين پنھنجي ڪلام مان بہ چونڊ بيت ياد ڪرايا. ڀٽ تي تہ سارو ڏينھن سرود ۽ سماع لڳو پيو ھوندو ھو. روايت آھي تہ، جڏهن اھي ڳائيندا ھئا تہ، شاھ لطيف ٻنهي ھٿن جي آڱوٺن جي ننھن کي ننھن تي ھڻي، تال ڏيندو ھو. 

 مير عبدالحسين خان سانگي، جي ڪتاب ’لطائف لطيفيءَ‘ مان ڄاڻ ملي ٿي تہ: انهن راڳيندڙن، سندس تصنيف (رسالي) جي تقسيم ڪئي. رسالي کي سُرن ۾ ورھائي، انهن کي جدا جدا صورت ڏنائون، ۽ ھر داستان جو نالو بہ رکيائون. رسالي ۾ جيڪي ھندي بيت آھن، اُھي، انهن جا آھن يا ٻين جا چيل آھن؛ جيئن تہ شاھ لطيف جي مجلس ۾ اُھي ھندي بيت بہ پڙهيا ويندا ھئا، ان ڪري فقيرن رسالي ۾ درج ڪري ڇڏيا. 

 جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ: ”غور ڪجي ٿو تہ اٽل ۽ چئنچل جي اچڻ وارو سڄو بيان شڪي ۽ ناقص نظر اچي ٿو... جيڪڏھن کڻي مڃجي تہ اٽل ۽ چئنچل دھلي مان ڪين آيا، پر اصل دھلي جا ھئا ۽ ھتي سنڌ ۾ ئي ھئا جو ڀٽ تي آيا، تہ بہ سندن جيڪا عمر ڄاڻايل آھي سا ايڏي وڏي ناھي جو ھنن کي سنڌ جي انوکن مقامي راڳن تي ملڪو ٿيو ھجي. ان کانسواءِ اھو پڻ ثابت ڪونهي تہ ڪو ھنن نوان ھندستاني راڳ اچي سيکاريا. ”شاھ جي راڳ“ ۾ ’ڪلياڻ‘ ۽ ’بلاول‘ اھي ساڳيا ٻہ مشھور راڳ آھن جيڪي ’هندستاني موسيقي‘ ۾ آھن، پر اھي بہ اٽل ۽ چئنچل جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ رائج ھئا؛ ڇاڪاڻ تہ اُھي راڳ ميين شاھ عنات جي ڪلام جي ’سرودن‘ ۾ پڻ موجود آھن. ’لطائف لطيفي‘ واري بيان مان پڻ اصولي ڳالهہ جيڪا پڌري ٿئي ٿي سا ھيءَ آھي تہ، ’شاھ جي راڳ‘ بابت اٽل ۽ چئنچل بہ جيڪي ڪجهہ سکيو سو شاھ صاحب کان ئي سکيو، ڇاڪاڻ تہ ”راڳن جا نالا“ يعني ”راڳ“ خود حضرت شاھ صاحب مُتعيّن ڪيا ۽ پڻ دنبوري جي وڄت ۽ تار شاھ صاحب ويھي کين سمجهائي.“ (بلوچ، 2003ع، ص: 199-200)

اڪثر محقق ھن روايت کي درست سڏين ٿا. سنڌ جو مشھور راڳي خير محمد خان عرف استاد خيرو، ماڙيچي گهراڻي سان واسطو رکندو ھو. چيو وڃي ٿو تہ، اٽل ۽ چئنچل بہ ماڙيچي خاندان مان ھئا، جيڪي شاھ جا معتقد ھئا، جن ضلعي ’جيسلمير‘ ۽ ’ٻاڙ مير‘ ۾ رهي شاھ جي راڳ جي خدمت ڪئي. اھا ڳالهہ اُستاد امير علي خان، پنھنجن ڪتابن: ’سُر شاھ سمنڊ‘ ۽ ‘شاھ جو راڳ‘ جلد پھريون ۾ ڪئي آھي. ھو جڏهن شاھ جا معتقد ۽ ڄاڻو ھئا، تہ پوءِ اھا حقيقت ثابت آھي تہ، انهن شاھ لطيف جي موجودگي ۾ رسالي جي سُر وار ترتيب ڏني ھوندي. 

الياس فقير ٻگهيي وارو واقعو

ڀٽ جي ڀرسان، شاھ لطيف جو ھڪ مريد، فقير الياس ٻُگهيو رهندو ھو. روايت آھي تہ، ھڪ دفعي الياس فقير، ڊگهي مسافريءَ تي ھليو ويو. گهر ۾ فقط اڪيلي زال ھيس، جنھن جو نالو ’ماکي‘ ھو، جيڪا مڙس جي مسافريءَ تي وڃڻ کان پوءِ، پاڻ مينھيون چارڻ ويندي ھئي ۽ شام جو انهن کي موٽائي وٿاڻ تي آڻيندي ھئي. ھڪ ڏينھن چور، مائي ماکيءَ جون مينھيون چورائي ويا. مائي ماکي، ڏاڍي پريشان ٿي، پر اڪيلي ھجڻ جي ڪري ڪجهہ ڪري نٿي سگهي. لاچار ماٺ ڪري ويھي رهي. ٻئي ڏينھن تي اتفاق سان اوچتو شاھ لطيف سندس گهر آيو، ۽ کيس غمگين ۽ پريشان ڏسي، کانئس ان جو سبب پڇيائين. مائيءَ، شاھ لطيف کي مينھين جي چوريءَ ٿيڻ جو سمورو احوال ڪري ٻڌايو. ان کان پوءِ شاھ لطيف، بنا دير جي اتان روانو ٿي، وڃي مينھين جي ڳولها شروع ڪئي. گهڻيءَ ڳولها کان پوءِ، شاھ لطيف مينھين جو پرو ڪڍيو، ۽ چورن وٽ ھلي وڃي، کانئن مينھيون ورائي مائي ماکيءَ ڏانھن موڪليون. 

باغ فقير کيبر واري جي روايت

باغ فقير کيبر واري کان نقل آھي تہ: ”هڪ ڏينھن آءٌ سانگر ڍوري تي ٻڪريون چاري رهيو ھوس، لوَن ۽ ڪرڙ جي وڻن جو گهاٽو جهنگل ھو، ھڪ لڱي اوچتو انهن وڻن مان حضرت شاھ عبداللطيف ٻاھر نڪري آيو مون کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيائون، مون وٽ پاڻيءَ جو ھڪ ڪونئرو ڀريو رکيو ھو، کڻي آڻي خدمت ۾ حاضر ڪيم. پاڻ وات تي ھٿ رکي ان ۾ پاڻي پيئندا ويا ۽ سمورو ڪونئرو پئي خالي ڪري ڏنائون. ڏٺم تہ وري انهن وڻن ۾ ھليا ويا. گهڻين رياضتن ۽ اُڃ بک ڪري سندس بدن ڏاڍو ڏٻرو ٿي چڪو ھو ۽ چھري تي تازگي ڪانہ رهي ھين.“(وفائي، 1978ع، ص: 52)

بيبي صاحبہ جي پلي کائڻ واري سڌ

شاھ لطيف جي شادي، مرزا بيگ جي نياڻيءَ سان ٿي، جنھن جو نالو ’سيدہ بيگم‘ ھو. ڪجهہ مھينن کان پوءِ بيبي صاحبہ کي اميدواري ٿي. روايتن موجب ھڪ دفعي بيبي صاحبہ اميدواريءَ ۾، پلي کائڻ جي خواھش ڪئي ۽ شاھ لطيف جو ھڪ فقير، وڏي تڪليف سان وڃي پلو ھٿ ڪري آيو. ان کان پوءِ جڏهن تکو تکو ڀڄندو، ۽ سهڪندو شاھ لطيف جي خدمت ۾ آيو، فقير کي آيل تڪليف واري ڳالهہ شاھ لطيف کي نہ وڻي. (وڌيڪ ڏسو عنوان: شاھ لطيف جي سوانح حيات، صفحو 23)

”بيگ تنھنجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪانَ“

روايتن ۾ آھي تہ، مرزا بيگ جي شاھ لطيف سان اڻبڻت کي ڪي ٿورا ڏينھن مس گذريا، تہ ھڪ ڏينھن اوچتو ’دَل‘ ذات جا شاھينگ وجهہ وٺي، مرزا بيگ جي حويليءَ تي ڪاھي آيا. مرزا بيگ پاڻ گهر ۾ موجود ڪونہ ھو، ۽ ٻيا مڙس ماڻهو بہ ڪم ڪار پٺيان ويل ھئا، سو چورن کي بہ وجهہ لڳو، جيڪو مال متاع ھٿ آين، سو ٻُھاري کڻي ويا.(وڌيڪ ڏسو عنوان: شاھ لطيف جي سوانح حيات، صفحو 21 -22) 

’ڀاڻ‘ سبب وڻ سڪڻ وارو واقعو

روايت آھي تہ، شاھ لطيف ھڪ دفعي ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي، پنھنجي ھڪ مريد جو مھمان ٿيو. ان شخص وٽ ڍور ڍڳا ۽ مال گهڻو ھو، جنھن ڪري سندس گهر ۾ ڇيڻا ۽ ڀاڻ بہ گهڻو ھو. سندس گهر ۾ ھڪ سُڪل وڻ بہ بيٺل ھو. شاھ لطيف کانئس پڇيو تہ: ’هي وڻ ڇو سڪي سڙي ويو آھي؟‘ تنھن تي ان شخص جواب ڏنو تہ: ’سائين ڀاڻ جي ڪري وڻ سڪي ۽ سڙي ويو آھي.‘ تڏهن شاھ لطيف فرمايو تہ: ’هائو! ڀاڻ شيءِ ئي اھڙي آھي، جو ساون کي بہ سڪايو ڇڏي.‘

سنڌيءَ ۾، ’ڀاڻ‘ لفظ جون ٻہ معنائون آھن. ھڪ تڪبر، وڏائي يا ھٺ؛ ٻي جانورن جا ڇيڻا وغيره. شاھ لطيف ھتي ’ڀاڻ‘ مان پھرين معنيٰ وڏائي، تڪبر يا ھٺ واري مراد ورتي ۽ فرمايائين تہ: ’برابر ڀاڻ يعني وڏائي ۽ تڪبر سڪائيندڙ آھي يعني ھٺ ۽ تڪبر تباھ ۽ برباد ڪندڙ آھي.‘ فرمائي ٿو تہ: ”

ڀوري ڪِيُئِھ ڀاڻُ، تي آيُئِھ ڏنءُ ڏُھاڳَ جو.

(بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ ۽ رسالو‘، سُر ليلان، داستان 2، بيت 9، ص: 274)

ڀِٽَ تي مڇرن جو تنگ ڪرڻ

چيو وڃي ٿو تہ، اڳ ڀٽ جي آس پاس ساوڪ، وڻڪار ۽ گهاٽو جهنگ ھوندو ھو، ان ڪري اڌ رات کان پوءِ مڇر ماڻهن کي بي آرام ڪندا ھئا ۽ لطيفي فقيرن جي ننڊ ڦٽائيندا ھئا. ھڪ دفعي فقيرن شاھ لطيف سان اھا شڪايت ڪئي تہ: ’ڀِٽ ھونءَ تہ بهترين جاءِ آھي، پر ھتي مڇر تمام گهڻا آھن ۽ انهن اسان کي اھڙو تہ تنگ ڪيو آھي، جو اڌ رات کان پوءِ سمھڻ ئي نٿا ڏين ۽ اسان جي مِٺي ننڊ ٿا ڦٽائين.‘ تنھن تي شاھ لطيف فرمايو تہ: ’ابا! مڇر تہ پاڻ اوھان جا سڄڻ آھن، جو اوھان کي غافل ٿي سمھڻ نٿا ڏين. اھي اوھان کي سجاڳ ٿا ڪن، تہ سستي ڇڏي اُٿي، پنھنجي رب سائينءَ کي ياد ڪريو. ھو اوھان جي ننڊ ڦٽائي، غفلت ڇڏائي، اوھان کي عبادت ڪرڻ جي لاءِ بيدار ٿا ڪن.‘ 

ڀِٽ لاءِ شاھ ڪريم جي اڳڪٿي

 شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، ۽ مخدوم نوح ھالن وارو ھڪٻئي جا ھمعصر ۽ پاڻ ۾ تمام گهرا دوست ھوندا ھئا. ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي پريت ھوندي ھئي ۽ وقت بہ وقت ھڪ ٻئي وٽ ملاقات لاءِ ايندا ويندا ھئا. روايت آھي تہ، ھڪ دفعي شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ملاقات ۽ روح رهاڻ لاءِ حضرت مخدوم نوح وٽ ھالا وڃي رهيو ھو تہ واٽ تي ھڪ واريءَ جي ڀٽ تي اچي منزل ڪيائين. اتي مانجهاندو ڪرڻ کان پوءِ پنھنجن ماڻهن کي حڪم ڏنائين تہ: ’ڀٽ جي ڪجهہ ٽُڪري جو جهنگ ۽ گاھ ڪپي زمين صاف ڪريو.‘ ان کان پوءِ سڀني کي سڏي انهيءَ ھنڌ باجماعت نماز پڙهيائين ۽ ذڪر ڪري دعا گهري، پوءِ اڳتي روانو ٿيو. حاضر جماعت، واري جي انهيءَ ڀٽ تي اچڻ ۽ ان جو ايترو خيال ڪرڻ جو شاھ ڪريم کان سبب پڇيو. جنھن تي پاڻ فرمايائين تہ: ’منھنجي اولاد مان ھڪ الله لوڪ ولي پيدا ٿيندو، جنھن جو آستانو ھن ھنڌ ٿيندو، ۽ ھن ويرانيءَ کي اچي وسائيندو، ۽ ھو ھڪ زبردست شاعر پڻ ٿيندو.‘ 

 شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ’ڀٽ‘ جي حوالي سان ڪيل اِھا اڳڪٿي سچي ثابت ٿي ۽ سندس پوئينرن مان، شاھ عبداللطيف پيدا ٿيو، جنھن اُن ’ڀٽ‘ کي آباد ڪيو. شاھ لطيف، پنھنجي اھل عيال سميت ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچڻ کان اڳ ۾ بہ پنھنجي فقيرن سميت ڪڏهن ڪڏهن اتي وڃي عبادت ۽ رياضت ۾ وقت گذاريندو ھو. بعد ۾، شاھ لطيف پنھنجي اھل عيال سان گڏ اُتي مڪمل رهائش اختيار ڪئي ۽ فقيرن کي پڻ آباد ڪيو. پاڻ پنھنجي زندگيءَ جا آخري 30-35 سال اُتي ئي گهاريائين ۽ وفات پڻ اتي ئي ڪيائين. سندس روضو انهيءَ ڀٽ تي ئي آھي. 

ڀَٽِي بزرگ وارو واقعو

روايت آھي تہ، ھالن پراڻن ۾ ھڪ ڀٽي بزرگ رهندو ھو، جيڪو وڏو عالم ۽ سھروردي طريقي جو معتقد ھو. اھو ھر ھڪ سومر تي مخدوم عربي دياني جي مقبري تي ختمو پڙهڻ ويندو ھو. انهيءَ رستي تي شاھ لطيف جو اوتارو ھوندو ھو. ھڪ دفعي انهيءَ بزرگ کي سندس شاگردن، شاھ لطيف جي اوتاري وٽان لنگهندي چيو تہ: ’هن اوتاري ۾ ھڪ سيد ڪامل ولي رهندو آھي، ڇو نہ ان جي زيارت ڪجي ۽ ساڻس ملاقات ڪجي؟‘ انهيءَ تي مخدوم صاحب کين جواب ڏنو تہ: ’اسان کي اڃا تائين اھو معلوم ٿي نہ سگهيو آھي تہ، ھي سيد صاحب سچي سڪ جو سالڪ آھي. الائي دنيا ڪمائڻ لاءِ ھي ڍونگ رچايو اٿس.‘ ايئن چئي ھي بزرگ اڳتي روانو ٿي ويو. 

 شاھ لطيف کي جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن فقيرن کي چئي ڇڏيائين تہ، جڏهن بزرگ ڀٽي موٽي تہ مون کي ڏسيو وڃي. بزرگ جي موٽڻ وقت شاھ لطيف کي ٻڌايو ويو تہ، ھو واپس اچي رهيو آھي. شاھ لطيف، انهيءَ بزرگ جو استقبال ڪرڻ لاءِ پنھنجي جهوپڙيءَ مان نڪري، رستي تي اچي بيٺو. بزرگ ڀٽيءَ جڏهن شاھ لطيف کي پري کان ڏٺو، تڏهن گهوڙي تان لھي، ساڻس ملڻ لاءِ اڳتي وڌيو تہ شاھ لطيف بہ ھن ڏانھن وڌندو آيو. جڏهن پاڻ ۾ مليا، تڏهن شاھ لطيف کيس چيو تہ: ’آءٌ جيڪو بہ قدم توھان ڏانھن وڌائي رهيو ھئس، سو ثواب ۾ داخل ھو، ۽ توھان جيڪا بہ وک، مون ڏانھن وڌائي ٿي سا گناھ ۾ شامل ھئي.‘ پوءِ ٻئي ڄڻا، شاھ لطيف جي بيٺڪ واري اوتاري ۾ اچي ويٺا. بزرگ ڀٽيءَ، شاھ لطيف کان پڇيو تہ: ’هي جو اوھان فرمايو تہ منھنجون اوھان ڏانھن وکون ڀرڻ گناھ ۾ داخل ھيون ۽ اوھان جا قدم خدائي قربت ۾ ھئا. انهيءَ جي معنيٰ ڇا آھي؟‘ شاھ لطيف فرمايو تہ: ’اوھان جو مون ۾ گمان ھو تہ ھي سيد الائي سچو عاشق آھي يا الائي دُنيوي ڍونگ ڪيو اٿس! اوھان کي تہ ڪو يقين ئي ڪونہ ھو. پوءِ مون کي ڏسي جو گهوڙي تان لھي پيا تہ اھا سکڻي خوشامد ھئي، جا گناھ ۾ شامل آھي. باقي آءٌ تہ اوھان کي دين جو عالم سمجهي، اوھان جي استقبال ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيس ٿي، جنھن ڪري مون کي ضرور ثواب ملڻ گهرجي.‘ بزرگ ڀٽي اھو قول ٻڌي، ماٺ ۾ اچي ويو، ۽ پوءِ فارسيءَ جي سِٽ پڙهڻ لڳو:

’مقصود من آن ست کھ مقصود توباشد.‘

يعني: ’منھنجو مقصد اھو ئي آھي، جيڪو اوھان جو آھي.‘ ان کان پوءِ ھميشه لاءِ اھو بزرگ، شاھ لطيف جو معتقد ۽ دوست ٿي رهيو. 

پَلو ورهائي کائڻ وارو واقعو

روايتن موجب، ھڪ ڏينھن ھڪ مھاڻو، ھڪ پلو شاھ لطيف جي خدمت ۾ کڻي آيو. شاھ لطيف رحمون فقير بورچيءَ کي پلي پچائڻ جو چيو. جڏهن رحمون فقير پلو کڻي وڃي رکيو، تہ ان جي منڍي ڪپي، بچو فقير پچائي کائي ويو. محمد عالم فقير، پلي جي پڇڙي پچائي کائي ڇڏي ۽ ورو فقير، پلي جو ڦوٽو پچائي کائي ڇڏيو. دستور موجب ڪابہ شيءِ ايندي ھئي تہ شاھ لطيف فقيرن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. رحمون فقير پلو تيار ڪري کڻي آيو، ۽ جڏهن پلي ورھائڻ جو وقت آيو تہ پلو ڏسي شاھ لطيف پڇيو تہ: ’پلي جي منڍي ۽ پڇ ڪٿي آھن؟‘ معلوم ٿيو تہ فلاڻا فلاڻا فقير کائي ويا آھن. شاھ لطيف کي اھا ڳالهہ نہ وڻي، ڇاڪاڻ تہ، جيڪا شيءِ سڀنيءَ لاءِ ھئي، ان مان ڪجهہ حصو اڳواٽ بنا اجازت جي کائڻ، سٺو ڪم نہ ھو. ان واقعي تي پاڻ ھيٺيون بيت فرمايائون:

ڦوٽو ھو ڦُڪِرو، سو وروءَ ور پيو، 

 ڪاڙهو ڪَلين تي، بَچَي ڀڙ ڪيو،

آيو جو ٽيو، تنھن پُڇڙي ني پاڻ سان. 

(سانگي، عبدالحسين، مير، (2012ع)، ’لطائف لطيفي‘، ص:116)

(نوٽ: جيتوڻيڪ ھي بيت مير عبدالحسين سانگي پنھنجي ڪتاب ’لطائف لطيفي‘ ۾ ڏنو آھي، پر ممڪن آھي تہ، اھو شاھ لطيف جو نہ ھجي ۽ فقيرن بيان ڪيو ھجي، ڇاڪاڻ تہ اُن جي ٻولي، شاھ لطيف جي نٿي لڳي. ’ايڊيٽر‘)

”پيئي کڻي پساھ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي“

مير عبدالحسين خان سانگي، ’لطائف لطيفيءَ‘ ۾، مرزا قليچ بيگ، ’احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ‘ ۾ ۽ مولانا دين محمد وفائي ’لطف اللطيف‘ ۾ ھڪ روايت نقل ڪئي آھي، جنھن جو تت ھن ريت آھي تہ، ھڪ دفعي ننڍيءَ عمر ۾، ڀٽ کان ڪجهہ مفاصلي تي برپٽ ۾، واريءَ جي ھڪ دڙي تي ويٺي، شاھ لطيف تي بيخوديءَ جو غلبو ٿيو، ۽ محويت جي حالت ۾ جسم ۽ جان، دنيا ۽ ماسوا جو ڪوبہ سماءُ نہ رهيس ۽ برابر ٽي ڏينھن اھڙيءَ ئي حالت ۾ رهيو. 

 جڏهن شاھ حبيب کيس ڳولي ڳولي ٿڪو، تڏهن ڏک ۽ پريشانيءَ واري حالت ۾، ڪنڊيءَ جي وڻ ھيٺان وڃي ويٺو، ۽ پنھنجو ھٿ واريءَ ۾ ھنيائين تہ ڪپڙي جي ڪُنڊ، ان مان ظاھر ٿي. جڏهن اُن ڪپڙي کي ڏٺائين تہ ان مان شاھ لطيف کي سڃاتائين. کيس پڪ ٿي تہ شاھ لطيف اتي ئي آھي، پر گمان ٿيس تہ شايد مري ويو ھجي. سو نھايت ئي ڏُکاري آواز ۾ چيائين تہ :

لڳي لڳي واءُ، ويا اڱڙا لَٽجي، 

 انهيءَ دردناڪ دانھن تي، شاھ لطيف، بيخوديءَ جي حالت مان ڇرڪ ڀري اُٿيو، ۽ وراڻي ڏنائين تہ :

پيئي کڻي پساھ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي. 

 اھا سٽ ۽ اھو واقعو ثابت ڪن ٿا تہ شاھ لطيف وٽ، ننڍيءَ عمر ۾ ئي شاعراڻو شعور موجود ھو. 

پير موسن شاھ جيلانيءَ سان ملاقات

پير موسن شاھ جيلاني، ’لوءِ مبارڪ‘ (گهوٽڪي) جو عالم، عارف ۽ سجادہ نشين ھو، جنھن 1101ھ/1689ع ۾، شاندار جامع مسجد جوڙائي، اُتي مدرسو قائم ڪيو ھو. روايت آھي تہ، شاھ لطيف جڏهن ’لوءِ شريف‘ ۾ آيو تہ انهيءَ مسجد ۾ اچي ترسيو، جتي پير صاحب سان سندس روح رهاڻ ٿي، جنھن ۾ شاھ لطيف، مارئيءَ جي سر مان ڪي پنھنجا بيت پڙهيا، جيڪي پوءِ اتي پير صاحبن وٽ يادگار طور رهيا. روايت موجب شاھ لطيف جيڪو پھريون بيت پڙهيو ۽ جنھن پير صاحب تي وڏو اثر ڪيو، سو ھيءُ ھو: 

 زُمرِ زُخُرفِ سُومرا، حَمدُ جَنِي جو ھَنڌُ، 

 اھدِنَا الصِّرَاطَ المُستَقِيمَ ، اِيءُ پَنوَھَارَنِ پَنڌُ،

بَارِي لاھِيين بَندُ، تَھ مِلان مَارُوئَڙَنِ کي.

(شيخ، ٻانھون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽِئو، سُر مارئي، داستان 21، بيت 1، ص: 507)

ان ملاقات دوران، شاھ لطيف جيڪي بيت پڙهيا، انهن مان ھڪ ھيءُ بہ آھي: 

 مَارُئي نَہ ڄَائي، تَہ مَارُو نہ پِئا مَامِري،

ديسُ ڇَڏي پَرديسَ ۾، ڪِنھن ايرادي آئِي،

جا ڄَارِيُنِ ۾ ڄَائِي، تِنهِن جو پَروَرَ پَنُ رهائِيين. 

 (شيخ، ٻانھون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽِئو، سُر مارئي، داستان 6، بيت 5، ص: 412)

جَتَ وارو واقعو

 ھڪ دفعي جڏهن شاھ لطيف، ھنگلاج کان ھيڪلو موٽندي، ٺٽي ڏانھن اچي رهيو ھو، تہ واٽ تي ھڪ دردناڪ آواز ڪن تي پيس. اڳڀرو وڌي ڏٺائين تہ غار ۾ ھڪ شخص سندس بيت جي ھيءَ سِٽ ھر ھر پيو آلاپي: 

 ھيڪَلِيَائِي ھيلَ، پُورِيندِيَسِ پُنهُونءَ ڏي.

(شيخ، ٻانھون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر معذوري، داستان 8، بيت 14، ص: 115)

’لطائف لطيفي‘، ’احوال شاھ عبداللطيف‘، ۽ ’مقدمہ لطيفيءَ‘ ۾ لکيل آھي تہ، شاھ لطيف کي ھي واقعو ھنگلاج کان ٺٽي ڏانھن موٽندي پيش آيو ھو، انهن ٽنهي ڪتابن ۾ اھا ڳالهہ ڪانہ ڄاڻائي وئي آھي تہ، اھو واقعو ڪھڙي جاءِ تي ٿيو ھو. جڏهن تہ محمد سومار شيخ پنھنجي ڪتاب ’لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا‘ ۾ ھن واقعي جو ھنڌ ’هيلاين جي ٽڪري‘ ڄاڻايو آھي. (وڌيڪ ڏسو عنوان: سير سفر، صفحو 32)

”جي ڇورين ڏنا ڇال...“

روايتن موجب، ھڪ ڀيري ميان نور محمد ڪلهوڙي، شاھ لطيف جي پاڪدامنيءَ جي پرک لھڻ لاءِ، کيس دعوت ڏيئي پنھنجيءَ محلات ۾ گهرايو. ماني ٽِڪي کائڻ کان پوءِ، ميان نورمحمد، شاھ لطيف کي پنھنجي مھمان خاني ۾ وٺي ويو، جتي ڪي حسين ۽ جميل ناريون، ھار سينگار ڪريو ويٺيون ھيون.(وڌيڪ ڏسو عنوان: سوانح حيات، صفحو 24)

حافظ طيب لاڙائيءَ وارو واقعو

مولانا دين محمد وفائيءَ، ’لطف اللطيف‘ ۾ حافظ طيب لاڙائيءَ جي روايت نقل ڪندي ڄاڻايو آھي تہ، حافظ طيب لاڙائيءَ جو حافظو ڪمزور ھوندو ھو، ۽ کيس ڪجهہ بہ ياد رهي نہ سگهندو ھو. سندس پيءُ کيس پڙهائڻ لاءِ مڪتب ۾ داخل ڪرايو، پر ڪجهہ بہ سکي نٿي سگهيو. ھڪ دفعي شاھ لطيف سندس ڳوٺ، ’راھن‘ ۾ آيو. حافظ طيب کي سندس پيءُ، شاھ لطيف وٽ دعا لاءِ وٺي ويو. شاھ لطيف، ان وقت ٺڪر جي ھڪ پيالي ۾ سائي ڀاڄي مانيءَ سان کائي رهيو ھو. پڇاڙيءَ ۾ پاڻ مانيءَ جو ٿورو ٽڪر ۽ ٿوري ڀاڄي کڻي، حافظ کي کائڻ لاءِ ڏني. انهيءَ ھڪ گرھ کائڻ بعد خدا جي قدرت حافظ طيب لاڙائيءَ جو سينو کلي پيو، ۽ سندس حافظي جي قوت وڌي ويئي. ان کان پوءِ ھن، مڪتب ۾ قرآن شريف پڙهي پورو ياد ڪيو، ۽ حافظو ايڏو تيز ٿي ويو ھوس، جو جيڪي بہ پڙهندو ھو يا ٻڌندو ھو سو ياد ٿي ويندو ھوس. 

حافظ ميين اسحاق درس سان ملاقات

حافظ ميون اسحاق درس پوٽو عرف ميون اسحاق، بنوري، ’ميين مشائخ ھوٿيءَ‘ واري ماڳ کان ڏيڍ ڪلوميٽر کن ڏکڻ طرف، موجود ڳوٺ ’ملڪو دڙي‘ (تعلقي سانگهڙ) ۾، مڪتب ۾ پڙهائيندو ھو. ھڪ ڏينھن مڪتب ۾ ٻارڙن کي پڙهائي رهيو ھو تہ شاھ لطيف اچي ساڻس مليو، ۽ پڇيائينس تہ: ’ادا! پاڙهين ٿو يا کارين ٿو؟‘ حافظ اسحاق جواب ڏنو تہ: ’جي کاريندس تہ بہ لطيف ٿيندا.‘ (يعني اکرن ۾ کريا تہ بہ اخلاق ۾ لطيف (نيڪ ۽ پاڪ) ٿيندا.) شاھ لطيف اشارو سمجهي ويو، ۽ ساڻس وڏيءَ محبت سان مليو. شاھ لطيف وٽس ڀيرا ڪندو رهندو ھو. 

خواجہ محمد زمان لنواريءَ سان ملاقات

شاھ لطيف، پنھنجي وقت جي جن بزرگن سان ملاقاتون ڪيون، تن مان خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو بہ ھڪ ھو. خواجہ صاحب ھڪ وڏو عالم ۽ عارف ھو. شاھ لطيف جڏهن خواجہ صاحب جي فيض ۽ فڪر جي بلنديءَ جي ھاڪ ٻڌي، تڏهن ڀٽ کان ڪشالا ڪري، ساڻس ملڻ ۽ فيض پرائڻ لاءِ لنواريءَ ويو. ملاقات وقت، خواجہ صاحب جي ڦوھ جواني ھئي ۽ شاھ لطيف پيريءَ واري وھيءَ ۾ ھو. 

 روايت موجب، شاھ لطيف جڏهن لنواري شريف ۾ خواجہ صاحب جي حُجري ٻاھران پھتو، تڏهن ملازم کي چيائين تہ: ’وڃي اندر اچڻ جي اجازت وٺي اچ‘. نوڪر خواجہ صاحب کي وڃي نياپو ڏنو، جنھن تي خواجہ صاحب نوڪر کي چيو تہ: ’سيد صاحب کي وڃي چئو تہ، ٿورو ترسو، اسين پاڻ اوھان جي استقبال لاءِ ٿا اچون.‘ نوڪر اھو نياپو شاھ لطيف کي رسايو، تنھن تي شاھ لطيف پڇيو تہ: ’خواجہ صاحب ڪھڙيءَ مشغوليءَ ۾ ھئا؟‘ ملازم وراڻيو تہ: ’ماٺ ڪيو ويٺا ھئا‘. شاھ لطيف وراڻيو تہ: ’انهيءَ مشغوليءَ مان ڪڏهن واندا ٿيندا، جو اسان ڏي متوجھ ٿيندا. اٿ تہ اندر لنگهي ھلون.‘ 

 جڏهن شاھ لطيف، خواجہ صاحب سان روبرو ٿيو، تڏهن کيس مخاطب ٿيندي چيائين:

”سامي سفر ھلئا، ڪو پَروڙي پنڌ،

جنين ھيٺاھون ڪنڌ، آءٌ نہ جيئندي ان ري. 

 خواجہ صاحب ٺھ پھ جواب ڏنو تہ: 

 ڪِينَ آھين، ڪِينَ ٿئين، وڃي ڪِينَ ڪماءِ،

لاڳاپا لوڪ جا، ’لا‘ سين سڀ لھراءِ، 

 سامي پوءِ سلنداءِ، ڳالِ پريان جي ڳُجهہ جي. 

 انهيءَ تي شاھ لطيف فرمايو:

قلم وھي وئو ڪانہ.، سرتيون! ڪنھن سُهاڳ لئہ، 

 انگ اڳيئي لکئو، ات نہ پھچي ٻانھن، 

 ڪنھن کي ڏيان دانھن، تہ پرينءَ مون سين ھيئن ڪِئو. 

 خواجہ صاحب وراڻيو تہ: 

 ويھ وڃي وٽ تن، قلم جنين جي ھٿ ۾،

ميٽئو انگ اڳيون، واري ٻيو لکن،

پنو سو پاڙهن، جنھن سان پسن پرينءَ کي.“(گربخشاڻي، 1977ع، ص: 52-53)

مٿي ذڪر ڪيل شاعراڻي طبع آزمائي، ’نفي‘ ۽ ’اثبات‘ واري حوالي سان ٿي رهي ھئي. انهيءَ مناظري کان پوءِ، شاھ لطيف، سڌيءَ طرح، نثر ۾ خواجہ صاحب سان مخاطب ٿيندي پڇيو تہ: ’فنا کان پوءِ ڇا آھي، ان جي ڪا ڪَل آھي؟‘ ان تي خواجہ صاحب جواب ۾ فرمايو: ’فنا کان اڳ ڇا آھي؟‘ 

 خواجہ صاحب جي ان سواليہ جواب، شاھ لطيف تي ايترو تہ اثر ڪيو، جو خواجہ صاحب جي مسلڪ ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو ڪندي کيس چيائين تہ: ’ارادو اٿم تہ توھان جو مريد ٿيان.‘ 

 خواجہ محمد زمان جو صوفياڻو مسلڪ، نقشبندي ھو، جنھن ۾ ساز ۽ سرود جي سخت منع ھئي. خواجہ صاحب، شاھ لطيف کي چيو: ’اوھان راڳ ترڪ ڪندا، ڇو تہ سماع ۽ گانو، سواءِ ڪن شرعي موقعن جي، اسان جي طريقي ۾ منع ڪيل ۽ حرام ٺھرايل آھن.‘ 

 شاھ لطيف، جنھن جو راڳ سان عشق ھو، سندس سڄي زندگي ساز ۽ سرود جي محفلن ۾ گذري ھئي، تنھن لاءِ خواجہ صاحب جو اھو شرط ڏاڍو مھانگو ۽ اڻ ٿيڻو ھو. ان ڪري پاڻ خواجہ صاحب کي اھڙي سوال تي چيائين تہ: ’سڄي ڄمار سماع ۽ سرود ۾ صرف ڪئي اٿم، انهن کي ھينئر ترڪ ڪرڻ مون لاءِ محال آھي.‘ 

 اھڙيءَ ريت، شاھ لطيف، خواجہ صاحب جي مشوري تي ساز سرود کي ترڪ نہ ڪرڻ ڪري، خواجہ صاحب جو مريد تہ ڪونہ ٿي سگهيو، پر ڪافي وقت ڳوڙھيءَ رهاڻ کان پوءِ، جڏهن شاھ لطيف موڪلايو، تڏهن کيس خلافت جي چادر ڍڪايائين. چون ٿا تہ، شاھ لطيف وصيت ڪئي تہ: ’هيءَ چادر مون کي ڪفن ۾ ڏجو.‘ شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ، سندس وصيت موجب اھا چادر، جنازي جي مٿان وڌي وئي ۽ دفن کان پوءِ وري سندس قبر مٿان پڙ ڪري چاڙهي وئي. 

 خواجہ صاحب جي ان رهاڻ، شاھ لطيف جي دل تي ايترو تہ اثر ڪيو، جو ھميشه خواجہ صاحب جي شان ۾ ھيٺيون شعر چوندو رهندو ھو: 

 مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي،

تَنِي سَندِي ڪاءِ، ڪَري نہ سَگهان ڳالَهڙِي. 

(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 1، بيت 1، ص: 128)

 شاھ لطيف جي وڃڻ کان پوءِ خواجہ صاحب فرمايو تہ: ’اسان جي صحبت اختيار ڪيائين، پر ھمٿ نہ ٿيس، جو اسان جي طريقت ۾ داخل ٿئي، جي ٿئي ھا تہ اھڙي عميق ۾ غوطا کارايونس ھا، جو وري پنھنجي نالي نشان جو بہ سماءُ ڪونہ پويس ھا.‘ 

 انهيءَ تي ھڪ مريد خواجہ صاحب کان شاھ لطيف جي منزل بنسبت پڇيو. فرمايائون تہ: ’هن جي منزل اوھان جھڙي آھي، يعني ھو بہ اوھان وانگر صاحب دل آھي، پر صاحب دل ٿيڻ ڪا سٿري ڳالهہ نہ آھي، ھڪ وڏي دولت آھي، جا سڀاڳن کي ئي ملي ٿي، ۽ (اھا) سواءِ فنا جي ھرگز حاصل نہ ٿي ٿئي.‘

ان وضاحت کان پوءِ خواجہ صاحب فنا جي مفصل سمجهاڻيءَ طور ھيٺيون بيت پڙهيو: 

 جيئن چَتُونءَ کي خِزرانِ، تيئن مون پاڙو سپرين، 

 ھن وڃائي جَانِ، مون نشاني نہ لڀي. 

 خواجہ محمد زمان ۽ شاھ لطيف جي ملاقات واري سلسلي ۾، ھڪ ٻي روايت پڻ ملي ٿي. محمد سومار شيخ پنھنجي مقالي ’شاھ جون ملاقاتون‘ ۾، پريي فقير سولنگيءَ جي حوالي سان لکيو آھي تہ، ھن کيس ٻڌايو تہ: ”اسان جا فقير، ڀٽ ڌڻيءَ جي، خواجہ محمدزمان سان ملاقات جي ڳالهہ ھن ريت ڪندا آھن تہ: ڀٽ ڌڻي جيئن ٻين بزرگن سان ملندو پئي آيو، تيئن خواجہ صاحب سان بہ ملاقات ڪيائين. شاھ لطيف جڏهن خواجہ صاحب ڏانھن وڃي رهيو ھو تہ، روحاني منزل وسيلي خواجہ صاحب کي معلوم ٿيو تہ، ڀِٽ ڌڻي ملاقات لاءِ اچي رهيو آھي. جڏهن شاھ صاحب خانقاھ اندر پير رکيو، تڏهن خواجہ محمد زمان جن فرمايو تہ: 

 ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنِين پاتو پيرِيين،

جِئان مُنجَھڻُ ماڙُهوئين، سَڄَڻَ تِئان ئي سيرُ،

اِنَ ڀوُنءِ سَندو ڀيرُ، ڪوڙِيَنِ مَنجھان ڪو لھي. 

 (شاھواڻي، غلام محمد، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 1، بيت 4، ص: 756)

 اھو ٻڌي شاھ لطيف فرمايو تہ: 

 ڪُپيرِيان پَري ٿيا، اَٻُڌِي ٻُڌائُون،

اُنِين کي آئُون، ھيرَ ڏِسِي آئيو. 

 (شاھواڻي، غلام محمد، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 1، بيت 5، ص: 756)

 انهيءَ کان پوءِ، پاڻ ٻئي گڏجي ويٺا، روح رهاڻ ڪيائون... انهيءَ کان پوءِ موڪلاڻي ٿي. خواجہ صاحب چيو تہ: ’آءٌ ڌڻيءَ کان ڌار رهي نٿو سگهان.‘ خواجہ صاحب جا لفظ آھن تہ: 

 ’جيئن چَتُونءَ کي خزران، تيئن مون پاڙو سپرين‘ 

 انهيءَ جو جواب ڏيندي شاھ صاحب چيس تہ: 

 ’تو وڃائي جان، مون نشاني نہ لڀي‘.“(محمد سومار شيخ، ، نئين زندگي، آڪٽوبر، 1986ع، ص: 30-31)

(نوٽ: ھن ملاقات جي حوالي سان ’ڪُپيريءَ ۾ پير، ڪنين پاتو پيرئين‘ وارو بيت خواجہ محمد زمان جو ڄاڻايل آھي، سو شاھ لطيف جي سُر کاھوڙيءَ جي داستان ٽئين جو بيت آھي ۽ ’جيئن چتونءَ کي خزران‘ وارو پورو بيت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، ’مقدمھلطيفيءَ‘ ۾ خواجہ محمد زمان جو ڪري ڏنو آھي، پر اھو بيت خواجہ محمد زمان جي ترتيب ڏنل ڪلام، ’ابياتسنڌيءَ‘ ۾ ڏنل ڪونهي.’ايڊيٽر‘) 

درويش غلام پيرزادي ۽ جِن

بدين تعلقي جي ڳوٺ، ’راڄي‘ ۾، غلام پيرزادي نالي ھڪ وڏو عارف درويش ٿي گذريو آھي. روايت آھي تہ، ان کي سندس جوانيءَ جي زماني ۾، طلب خدا جي اوچتو ايڏي ڪشش ٿي، جو سندس پيءُ سمجهيو تہ شايد کيس جن ورتو آھي، تنھن ڪري کيس جن ڪڍڻ وارن وٽ وٺي ويو. ھنن گهڻا ئي ڦيڻا، جهاڙون ۽ منتر پڙهيا ۽ ھن مان جِن ڪڍڻ لاءِ کيس ڏاڍيون مارون بہ ڏنائون، پر ڪوبہ فرق ڪونہ پيو، ڇو تہ کيس جِن تہ ھو ئي ڪونہ، سو نڪري ڪٿان؟ آخر ھن جي پيرن ۾ زنجير وجهي، کيس ٻڌي ڇڏيائون. ان وچ ۾ سندس والد کي، شاھ لطيف جي اچڻ جو پتو پيو. شاھ لطيف، تلھار ۾ اچي، منزل ڪئي ھئي. درويش غلامپيرزادي جو پيءُ، زنجيرن ۾ جڪڙيل پنھنجي پٽ کي، شاھ لطيف جي خدمت ۾ وٺي آيو، ۽ کيس عرض ڪيائين تہ: ’دعا ڪريو تہ منھنجي پٽ تان جن جو اثر لھي وڃي.‘ شاھ لطيف ھن درويش جي منھن ڏانھن چتائي ڏٺو، ۽ سندس اندر ۾ موجود الاھي محبت جي اسرار کي پروڙيندي فرمايائين تہ: ’خدا ڪري تہ اھڙو جن، شال لطيف کي وٺي!‘ ايئنءَ چئي، شاھ لطيف ھن درويش جي پيرن مان زنجيرون ڪڍي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.

’ديري‘ جي ڪيھرن جو ڏاچين کي ڏکوئڻ

لاڏين (تعلقي شاھ بندر) کان اٽڪل 16 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، ’ديري‘ نالي ھڪ پراڻي بندر واري بستيءَ جا ڦٽل نشان آھن. اھو ديرو، شاھ لطيف جي ڏينھن ۾ ڪيھر ذات جي طاقت جو مرڪز ھو. اتي جا ڪيھر حاڪم، نھايت سرڪش ھوندا ھئا، ايتري قدر جو غريب جتن جون ڏاچيون جيڪڏھن سندن طرف اينديون ھيون تہ انهن کي باھ جا مُوئا ٻڌرائي ڇڏيندا ھئا، تہ ڀل رڙيون ڪري سڙي مرن. ھڪڙي دفعي شاھ لطيف، انهن جتن فقيرن جي جهوپڙين ۾ ٽڪيل ھو، جو ڪي ڏاچيون رڙنديون آيون. پڇا تي, جتن شاھ لطيف کي حقيقت ڪري ٻڌائي ۽ چيائون تہ: ’سائين! ھي گُگدام ھاڻي توکي دانھون ٿيون ڏين.‘ اھو ٻڌي شاھ لطيف کي نھايت رحم آيو، ۽ بي اختيار چيائين:

کَوءِ پلنگ ٻَنِ ماڙيون، جيءُ سي پکا پن،

اُست جو اٺين جو، مون کي رهيو من،

جيءَ ۾ جت رهن، ٻي پَرٿَڻي پاسي ٿئي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1990ع)، ’شاھ عبداللطيف - سوانح‘، رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي مضمون، ص: 87)

پوءِ انهن غريب جتن کي مخاطب ٿي چيائين تہ: ’ابا! جتي آھن ڪيھرن جا ديرا اتي ٿيندا اٺن جا پيرا.‘ چون ٿا تہ ان کان پوءِ سگهوئي ڪيھرن جي اچي ڦٽي ۽ سندن ديرو تباھ ٿي ويو، ۽ جت آزاديءَ سان اُٺ چاريندا ۽ زندگي گذاريندا رهيا. 

”ڏوريان ڏوريان مَ لھان“

روايت آھي تہ، ھڪ ڏينھن شاھ لطيف رستي جي ڀر ۾ ويٺو ھو تہ ڪي مسافر اتان اچي لنگهيا، جيڪي حج تي ٿي ويا. شاھ لطيف کي ساڻن گڏجي، حج تي وڃڻ جو شوق ٿيو، ۽ جنھن حالت ۾ ھو، ان ۾ ئي سواءِ ڪنھن سنبت جي ساڻن گڏجي، حج لاءِ روانو ٿيو. منجهند جو، پاڻيءَ جي ھڪ تلاءَ وٽ مانجهاندي ڪرڻ لاءِ اچي ترسيا. اُتي اڃا ويٺا ئي ھئا تہ ايتري ۾ پري کان ٻڪرين جو ھڪڙو ڌڻ، پاڻي پيئڻ لاءِ ڏاڍي اُتساھ سان، تلاءَ طرف ڊوڙندو آيو. جڏهن ٻڪرين اتي پھچي پاڻي پيتو، ۽ ان کان پوءِ انهن جو پاڻيءَ لاءِ اھو ذوق شوق نہ رهيو، ۽ اھي پاڻيءَ کي پٺي ڏيئي، ڦولھڙيون لاھي، پيشاب ڪري، گندگي ڦھلائڻ لڳيون ۽ پوءِ اتان ھليون ويون، ۽ وري پاڻيءَ ڏي خيال بہ نہ ڪيائون. شاھ لطيف کي اھو نظارو ڏسي، تمام گهڻي حيرت ٿيڻ لڳي ۽ ھيٺيون بيت چيائون تہ: 

 ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَھان، شالَ مَ مِلان ھوتَ، 

 مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِئي. 

 (شاھواڻي، غلام محمد، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان 7، بيت 3، ص: 460)

 شاھ لطيف پوءِ اڳتي ھلڻ جي سَڌَ ڦٽي ڪري، پوئتي موٽيو، ۽ اچي ڀٽ تي پھتو. 

’راھوجن ۾ رات‘

روايت آھي تہ، شاھ لطيف ھڪ دفعي ڏهيسر پليجي نالي وڏيري جي دعوت تي سندس ڳوٺ، دعا ڪرڻ لاءِ پنھنجي جماعت سان گڏ وڃي رهيو ھو تہ رستي ۾ راھوجن جي ڳوٺ ۾ رات پئجي وين. انهي ڳوٺ جي ماڻهن شاھ لطيف ۽ سندس جماعت سان سٺو سلوڪ نہ ڪيو، پوءِ پليجن جي ڳوٺ مان ڀت جي پاٽ ڀرجي آئي. شاھ لطيف کي جڏهن اھا خبر پئي تہ ھي بيت چيائين. 

 راھوجن ۾ رات، قادر وجهي نہ ڪنھن جي،

رنون رب رلائيون، آھر اڳلي ذات،

پليجن مان پاٽ، ڀرجي آئي ڀت جي.

(سانگي، عبدالحسين، مير، (2012ع)، ’لطائف لطيفي‘، ص:110)

راول فقير کي تنبيھ

روايت آھي تہ، ھڪ دفعي شاھ لطيف، پنھنجن فقيرن کي نصيحت ڪئي تہ ھر قسم جي نشي کان پاسو ڪن. ٻين فقيرن نَشو ڇڏي ڏنو پر راول فقير، جيڪو حُقو پيئندو ھو، سو امر موجب يڪدم حُقو ڇڪڻ ڇڏي نہ سگهيو، ۽ ڪنڊ پاسي ۾ پيو پيئندو ھو، تان جو ھڪ ڀيري شاھ لطيف کيس حُقو پيئندي ڏسي ورتو، ۽ ھيٺيون بيت چيائين:

ڇڪڻيون ٿو ڇڪئين، پيئڻيون ٿو پيئين، 

 ناھي تو تِر جيتري، ھدايت ھنئين، 

 جوڳي جاڙ جئين، ڇڏيو گس گروءَ جو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1990ع)، ’شاھ عبداللطيف - سوانح‘، رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي مضمون، ص: 89)

سفر ۾ جهنگ ۾ نوجوان سان ملاقات

روايت آھي تہ، شاھ لطيف ھڪ دفعي پنھنجن فقيرن سان، ڪنھن جهنگ مان اچي لانگهائو ٿيو. اتي ڏسن تہ ھڪ نوجوان، اونڌي منھن ستو پيو آھي ۽ زار و قطار پيو روئي. پڇا تي کيس ڪنھن ماڻهوءَ ٻڌايو تہ، ’سائين! حقيقت ھيءَ آھي تہ، ھڪ ڇوڪرِي، ھن ڇوڪر سان مڱايل ھئي، جنھن سان ھن جي شادي ٿيڻ واري ھئي، پر ڇوڪِريءَ جي مائٽن ھاڻِ سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي ۽ سندس مڱ، ھاڻِ ٻئي کي ٿا پرڻائين. ڇوڪريءَ جي مائٽن ھن طرف جون سڀ ميڙون موٽائي ڇڏيون آھن ۽ صفا انڪار ڪيو اٿن. جنھن تي ھاڻي ھن ڇوڪري کي اچي سوز لڳو آھي ۽ ايئن پيو جهنگ ۾ گذاري، روئي ۽ رڙي.‘ انهيءَ تي شاھ لطيف انهيءَ نوجوان کي دلداري ڏيڻ لاءِ اچي ساڻس ڳالهايو، ڇوڪري شاھ لطيف کي چيو تہ: 

 اڻ ڏٺا، اڻ سونھان، پرين ڪيئن پسجن؟ 

 شاھ لطيف جواب ڏنو تہ: 

 قلم جن جي ھٿ ۾، سي جي ڪرم ڪن، 

 تہ انگ مٽائي اڳيون، واري ٻيو لکن.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1990ع)، ’شاھ عبداللطيف - سوانح‘، رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي مضمون، ص: 32)

 مقدمہ لطيفيءَ ۾، ھيءُ بيت شاھ لطيف ۽ خواجہ محمدزمان لنواريءَ واري جي پاڻ ۾ ملاقات کان پوءِ ڪيل روح رهاڻ جي حوالي سان پڻ ڏنل آھي، جيڪو خواجہ محمد زمان جو چيل آھي: 

 ويھ وڃي وٽ تن، قلم جنين جي ھٿ ۾،

ميٽئو انگ اڳيون، واري ٻئو لکن،

پنو سو پاڙهن، جنھن مان پَسڻ پرينءَ کي. 

 شاھ لطيف جي ڏنل اميد ڀرئي جواب تي اھو نوجوان اٿيو، ۽ کانئس دعا گهري وري وڃي ڪوشش ڪيائين. اتفاق سان حالتون اھڙيون بڻيون، جو سندس مڱ وري کيس موٽي ملي ۽ ان سان سندس شادي ٿي. 

سيد اَجن شاھ جو واقعو

روايت آھي تہ، مٽيارين جو سيد اَجن شاھ، مخدوم مير محمد عرف مخدوم مير پير ’پنج پڳيھ‘ جو مريد ھو. تنھن جي شاھ لطيف سان ڏاڍي اڻ بڻت ھوندي ھئي. ھڪ دفعي چند سوار وٺي ڀٽ تي اچي پھتو، جتي شاھ لطيف مٿي، پنھنجي حجري ۾ ويٺل ھو. سيد اجن شاھ، جهيڙي وڌائڻ لاءِ شاھ لطيف جي شان ۾ ڪي خراب گفتا ڪڍڻ لڳو، ۽ شاھ لطيف کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. جڏهن شاھ لطيف وٽان ڪا بہ ورندي ڪانہ مليس، تڏهن ھڪ ماڻهوءَ ھٿان، شاھ لطيف ڏانھن چوارائي موڪليائين تہ: ’تون ڇا آھين؟ تون سَنُي نانگ ۽ ٿوري زھر واري سپ جھڙو آھين. وڏي قوم (وڏن نانگن) سان اجايو ٿو دم ھڻين ۽ مقابلو ڪرين.‘ شاھ لطيف اھو سنيھو سڻي جواب ۾ فرمايو تہ : 

 سَنَها ڀانءِ مَ سَپَ، وِياءَ واسينگَنِ جا،

جَنِين جي جَهڙَپَ، ھاٿِي ھَنڌان ئِي نَه چُري. 

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان 2، بيت 3، ص: 118)

ان کان پوءِ، ھن جلد وفات ڪئي. سندس مقبرو سيد حسن شاھ ڍير ڌڻي جي نالي قبرستان ۾ آھي. جڏهن تہ سيد حسن شاھ (ڍير ڌڻي) جي موجودہ گادي نشين، سيد جمن شاھ اجناڻي، شاھ لطيف ۽ اجن شاھ جي دشمنيءَ وارين ڳالھين بابت ٻڌايو تہ اسين پنھنجن وڏڙن کان اھو ٻڌندا ٿا اچون تہ انهن ڳالھين ۾ ڪابہ صداقت ڪانهي. وڌيڪ ٻڌايائين تہ، سيد حسن شاھ، شاھ لطيف جي سوٽاڻ مان ھو ۽ شاھ لطيف اڪثر ھتي ايندو ھو. ھن وقت بہ قبرستان جي ڀر ۾ ھڪ تمام ويڪري منھن وارو کوھه آھي، جيڪو پاڻي سان ڀريل آھي، جتي شاھ لطيف ۽ سيد اجن شاھ جو والد بزرگوار سيد حسن شاھ (ڍير ڌڻي) ويھي رهاڻيون ڪندا ھئا. 

 سيد حسن شاھ جي قبر ھن وقت ھڪ مٿانھين دڙي تي آھي، جتان شاھ لطيف جو مقبرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ھڪ روايت آھي تہ، شاھ لطيف کي سيد حسن شاھ چيو ھو تہ، ’منھنجي قبر تنھنجي نيل جي برابر ھوندي، تنھن ڪري حسن شاھ جي قبر تي اڄ تائين مقبرو اڏيل ناھي. حسن شاھ جي مزار، شاھ لطيف ۽ مخدوم نوح جي مقبري جي ٿوري فرق سان بلڪل وچ ۾ ھڪ جيتري پنڌ تي آھي حسن شاھ (ڍير ڌڻي) وارو قبرستان شھدادپور روڊ کان 7 ڪلوميٽر اڀرندي طرف يو سي اجن شاھ، ديھه گهوگهاٽ، تعلقو ھالا ۽ ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي. 

سيد مير محمد عطا ’امير خانيءَ‘ وٽ ترسڻ

روايت آھي تہ، ٺٽي جي مشھور شاعر ۽ امير، سيد مير محمد عطا اميرخانيءَ (وفات 3 شعبان 1178ھ/1765ع) وٽ بہ شاھ لطيف وڃي ترسندو ھو. سيد مير محمد عطا اميرخاني، جڏهن کان شاھ لطيف جي صحبت ۾ آيو تہ پنھنجون تلخ طبع واريون عادتون ۽ مذھبي نفرتون ترڪ ڪري، صاف دل صوفي ٿي پيو. ان کان پوءِ شاھ لطيف بہ کيس وڌيڪ ڀانئڻ لڳو، ۽ ٺٽي ۾ ڪڏهن ڪڏهن وٽس وڃي ٽڪندو ھو. ھڪ دفعي شاھ لطيف وٽس ترسيل ھو، تہ اتي حبيب شاھ ڪلهوڙي نالي، ھڪ مجذوب درويش، مير صاحب جي حويليءَ جي ڏيڍيءَ ۾ چادر تاڻي اچي سمھي پيو، ۽ پورا ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون اتي ستو پيو ھو، ۽ پاسو ڪونہ ٿي ورايائين. ماڻهو ڏاڍا تنگ ٿي پيا. آخر شاھ لطيف کي انهيءَ مست جي ڊگهي ننڊ جي ماجرا ٻڌائي وئي، جنھن تي شاھ لطيف مست جي ڀرسان ويھي چيو تہ: ’اي مست! توکي جيڪي ننڊ ۾ حاصل آھي، سو اسان جاڳندي پيا ڳوليون، اھڙي ننڊ تون ڪنھن کان سکئين!‘

سي سُتَائِي سُونھھَنِ، نِنڊَ عِبَادَتَ اُنِ جِيُ.

(شيخ، ٻانھون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽِئو، سُر آسا، داستان 7، بيت 18، ص: 357)

ڪربلا جي زيارت لاءِ اُسھڻ

 روايت آھي تہ، شاھ لطيف کي پنھنجي حياتيءَ جي پوين ڏينھن ۾، دل ۾ اھو خيال اچي پيدا ٿيو تہ ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪريان. ٻئي ڏينھن پاڻ پنھنجي ڪجهہ فقيرن سان گڏ، ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪرڻ لاءِ سنڀري نڪتو، ۽ اچي ’ونگي ولاسي‘ جي ڳوٺ ۾ منزل ڪيائين، جتي سندس عزيز رهندا ھئا. سيد جمال شاھ،جيڪو سندس ڀائٽيي جو پٽ ھو، تنھن سندس گهڻي خاطر تواضح ڪئي. شاھ لطيف بہ کانئس ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کيس اشاري طور چيائين تہ: ’مون کان پوءِ تون ئي گاديءَ تي ويھڻو آھين.‘ ھن کي پاڻ سان گڏ، ساڳئي ھنڌ تي سمهاريائين ۽ ايئن بہ چيائين تہ: ’ابا! پاڻ ٻنهي جي نيٺ ھڪڙي ھنڌ جاءِ آھي.‘ 

 ٻئي ڏينھن، اتان روانو ٿيو. واٽ تي ھڪڙو مريد گڏيس، جيڪو پڻ پھتل شخص ھو. شاھ لطيف کي ڏسندي ئي چيائين تہ: ’سائين! ھي ڇا؟ ماڻهن کي چوندا وتو تہ اسان جو ڪفن دفن بہ ڀٽ تي ٿيندو، ۽ ھاڻ وري پڇاڙيءَ جي وقت نڪتا آھيو ھڪ وڏي سفر تي!‘ شاھ لطيف جي دل ۾ اھي اکر چُڀي ويا. ٿوريءَ دير تائين تہ ماٺ ڪري ويھي رهيو، ۽ اتي ئي خيال ۾ محو ٿي ويو. آخر ارادو ترڪ ڪري، موٽي ڀٽ ڏانھن رخ رکيائين. ڪربلا جي شھيدن کي عقيدت جو خراج پيش ڪندي ’سُرڪيڏارو‘ چيائين. ڪن محققن سُر ڪيڏاري کي سندس آخري ڪلام سڏيو آھي. 

مسلڪ بابت روايت

روايت آھي تہ، ھڪ دفعي وقت جي ڪن عالمن، شاھ لطيف کان پڇيو تہ: ’شاھ لطيف، توھين سني آھيو يا شيعا؟‘ 

 شاھ لطيف فرمايو تہ: ’آءٌ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آھيان.‘ 

 تنھن تي ھنن وراڻيو تہ: ’انھن ٻنهي جي وچ ۾ تہ ٻيو ڪي ڪين آھي!‘ شاھ لطيف جواب ڏنو تہ: ’آءٌ آھيان بہ اھو ’ڪي ڪين‘. ان مان ثابت ٿئي ٿو تہ، شاھ لطيف سڀني مسلڪن کان مٿانھون ۽ تعصب کان آجو انسان، سٺو شاعر ۽ ڏاھو ھو. 

شاھ حبيب جو لاڏاڻو

مير عبدالحسين خان ’سانگي‘، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ مولانا دين محمد وفائي، شاھ حبيب جي وفات جو واقعو بيان ڪندي لکن ٿا تہ، شاھ لطيف، ڪوٽڙيءَ ۾ ھو تہ پويان سندس والد، سيدحبيب شاھ سخت بيمار ٿي پيو. شاھ لطيف کي پنھنجي والد، جي بيماريءَ جي خبر ملي ۽ اتي ئي شاھ لطيف ڏانھن ھڪ قاصد شاھ حبيب جو نياپو کڻي آيو. چيو وڃي ٿو تہ، شاھ حبيب، شاھ لطيف ڏانھن قاصد جي ھٿان پنھنجو ھي بيت بہ نياپي طور ڏياري موڪليو ھو: 

 ڪِہ جِہُ نينھ نَنڌاه، جي مون واجهائيندي نہ ورو،

جيڪين مُئي ڪنداءِ، سو جانب ڪَرِهو جيئري.

(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1993ع)، ’شاھ جو رسالو‘، شاھ جي سوانح عمري، ص: 35) 

 شاھ لطيف، سيد حبيب شاھ ڏانھن قاصد کي جواب ۾ چوائي موڪليو تہ: ’آءٌ پنھنجي مرشد ۽ والد جي وفات جو واقعو اکئين ڏسي نہ سگهندس، ڇو تہ الله تعاليٰ سان منھنجو واعدو آھي تہ، مصيبت جي وقت سڀ ڪجهہ سھندس ۽ ھر حال ۾ رب جي رضا تي راضي رهندس. ھاڻِ جيڪڏھن روبرو ھلي، ابي کي ڏسندس تہ دل جهلي ڪين سگهندس ۽ منھنجو رضا ۽ قضا تي راضي رهڻ وارو وچن ٽٽي پوندو. سائينءَ کي چئج تہ اسان ۽ اوھان جي ساڳي حد آھي. آءٌ اوھان سان گڏ آھيان ۽ ٻيو تہ ابي کي چئج تہ ماڻهن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو تہ وفات ڪرڻ کان پوءِ ڀٽ تي محمود شاھ جي سيرانديءَ ۾ رکن، جو منھنجي جاءِ سندس پيرانديءَ ۾ آھي.‘ 

 جڏهن تہ ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو تہ: ”شاھ عبداللطيف قاصد کي چيو تہ: ’آءٌ اجهو آيس ڪي آيس‘، ۽ ھيءُ بيت سندس ھٿان روانو ڪيائين:

مَتان ٿيين مَلُورُ، ڪِينَ آڳاھون آھيان، 

 ڏسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏُور، حَدَ ٻِنيِن جي ھيڪڙي.“(گربخشاڻي، 1977ع، ص: 47) 

 شاھ لطيف جي پيغام ملڻ شرط، شاھ حبيب جي دل کي آٿت آئي، پر شاھ لطيف جي پھچڻ کان اڳ ئي گذاري ويو ۽ کيس ڀٽ تي شاھ لطيف جي خاص مريد محمود شاھ جي سيرانديءَ کان دفنايو ويو، جتي ھاڻي سندس مقبري تي گنبذ ٺھيل آھي. 

 جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھ حبيب جي وفات جي حوالي سان مير عبدالحسين سانگي جي بيان ڪيل روايت جي ترديد ڪندي لکيو آھي تہ: ”مير عبدالحسين خان سانگي ھن واقعي بابت جيڪا روايت قلمبند ڪئي آھي، سا شاھ حبيب ۽ شاھ لطيف جي پيار ڀريي ناتي جي سراسر ابتڙ آھي.“(بلوچ، 2009ع، ص: 20)

ڊاڪٽر بلوچ انهيءَ واقعي جي حوالي سان لکيو آھي تہ: ”ڀٽ تي دائمي سڪونت لاءِ تياريون ڪرڻ، جايون ٺھرائڻ ۽ ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچي ڀٽ تي ويھڻ وارو مرحلو پورو ٿيو ھو جو شاھ حبيب بيمار ٿيو. شاھ عبداللطيف پوءِ سڄي توجھ پنھنجي شفيق والد ۽ مرشد جي چڱڀلائيءَ لاءِ دوا درمل ۽ خذمت طرف ڪئي. سندس سڀ فقير پڻ انهيءَ اوسيئڙي ۾ ھئا، ۽ وڏي شاھ جي صحت ۽ عافيت لاءِ دعا گهرندا رهندا ھئا. 

 شاھ صاحب گهڻو سارو وقت حويليءَ ۾ اندر پنھنجي والد جي خدمت ۾ پئي گذاريو، ۽ جنھن وقت ٻاھر ايندو ھو تہ فقير کانئس جو احوال پڇندا ھئا. ھڪ طرف شاھ حبيب پاڻ پنھنجي دينداري ۽ درويشيءَ جي ڪري مشھور ھو تہ ٻئي طرف شاھ عبداللطيف پڻ پنھنجي عام خاص ۾ مقبول ھو. انهيءَ ڪري ڪيئي وڏا ڄاڻو طبيب آيا ويا ھوندا، پر ڦڪين فرق نہ ڪيو. شاھ عبداللطيف سڄو وقت پنھنجي والد جي خذمت ۾ رهيو، ۽ پئي پيار پرين لفظن مان حال پڇائين. پر آخر اھڙو وقت آيو جو شاھ حبيب طرفان ڪا ورندي ڪانہ وري. شاھ صاحب ان وقت ٻاھر آيو تہ سڀنيءَ کي اڳواٽ ڄاڻ ھئي؛ جڏهن سندس پيارن فقيرن اڳتي وڌي اچي کانئس حال پڇيو، تڏهن جواب ڏنائين تہ: 

 اوٺي اُٻهرا ٿيا، بيٺا تنگَ ڪَشينِ،

ڪُڇن پڇن ڪينڪي، ورندي واتَ نہ ڏينِ،

لاکيڻا ’لطيف‘ چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏينِ،

نيڻ نماڻا کڻيو، ھنجون ٿا ھارينِ. 

 سي جُنگ جواب نہ ڏينِ، ڏاڍي ڪيف ڪڪوريا.“

(بلوچ، 2009، ص: 20)

ڀٽ تي مسجد جي اڏاوت

شاھ لطيف ڀٽ شاھ تي مسجد جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرايو، ۽ پاڻ اڏاوتي ڪم جي نظرداري ڪندو رهيو. مسجد جڏهن جڙي راس ٿي، تہ کيس ڏاڍي پسند آئي ۽ خواھش ظاھر ڪيائين تہ پنھنجي تڙ ڏاڏي شاھ عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جي مزار لڳ بہ اھڙي مسجد اڏرائجي.

آخر اھا خواھش بہ پوري ڪيائين ۽ ملتان مان ڪاشيءَ جون سِرون خريد ڪري، شاھ ڪريم جي مزار سان لڳو لڳ مسجد بہ جوڙايائين، جيڪا اڄ بہ بلڙي شاھ ڪريم ۾ موجود آھي. 

شاھ ڪريم جو روضو جوڙائڻ

شاھ لطيف جڏهن پنھنجي تڙڏاڏي شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو روضو جوڙائي راس ڪيو، تڏهن ھڪ سر تي ’لطيف‘ لفظ اڪرائي، اھا روضي جي دروازي جي سامهون اتر طرف واريءَ ديوار ۾ ھڻايائين. ان وقت شاھ ڪريم جي درگاھ جو گادي نشين سيد عبدالواسع ھو، جنھن جو ڌيان، درگاھ کان وڌيڪ دنيوي ڪاروبار طرف ھو. ان کي اچي دل ۾ اھو وھم ويٺو تہ شاھ لطيف، درگاھ ٺھرائڻ کان پوءِ شاھ ڪريم جي روضي تي پنھنجي نالي جي سِرَ شايد ان ڪري ھڻائي آھي تہ، جيئن آخر ۾ سندس حجت ثابت رهي ۽ ھن درگاھ ڪريميءَ جو وارث بڻجي، ۽ درگاھ تي قبضو ڪري، سو شاھ لطيف جي وڃڻ کان پوءِ پاڻ درگاھ تي اچي، اھا سر جنھن تي لطيف لکيل ھو، پٽائي، ڦٽي ڪيائين ۽ ان جي جاءِ تي ھڪ ٻي لسي سر ھڻائي ڇڏيائين. شاھ ڪريم جي اولاد مان اتي، سيد محمد صلاح نالي بہ رهندو ھو، جيڪو شاھ لطيف جو ڏاڍو معتقد ۽ سندس گهڻگهرو ھو، تنھن اھا سر کڻي وڃي، شاھ لطيف جي خدمت ۾ پيش ڪئي ۽ کيس سمورو احوال ڪري ٻڌايائين. شاھ لطيف کي ڏاڍو تعجب لڳو، ۽ چيائين تہ: ’هن ضعيف جو نالو ’عبداللطيف‘ آھي، باقي ’لطيف‘ نالو تہ الله تعاليٰ جي نالن مان ھڪ آھي، جنھن جو آءٌ پاڻ ھڪ ٻانهو آھيان ۽ ھن سر تي الله تعاليٰ جو اسم ’لطيف‘ لکيل ھو، تنھن ڪري ان جي پٽڻ سان سيد عبدالواسع کي ڪوبہ فائدو ڪونہ رسندو.‘

آخر ٿيو بہ ايئن جو عبدالواسع لاولد وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ سيد محمد صلاح جي اولاد مان سجادہ نشين ٿيو. لفظ لطيف واري نڪتل سِرَ جو ھاڻ ڪوبہ ڏس پتو نٿو ملي. 

 جڏهن تہ اُن وقت جي لڳل ھڪ ٻي سِرَ جنھن تي شاھ ڪريم جي روضي جي مڪمل ٿيڻ جو سال 1156 ھجري ڏنل آھي. اھا سِرَ درگاھ ڪريميءَ جي نوادرات ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ شاھ لطيف جي ھٿن سان لڳل ھجڻ ڪري تمام گهڻي اھميت رکي ٿي. ان سِرَ تي قطع تاريخ، مخدوم محمد صادق جي لکيل آھي، ”هست درگاھ ڪريم و جلوہ گاھ حق ابد-1156“، جنھن مان ابجد جي حساب سان سال 1156هجري نڪري ٿو. 

ھالن جو عالم — رزق جي دعا

روايت آھي تہ، پراڻن ھالن ۾ ھڪ عالم ۽ نيڪ شخص رهندو ھو، پر غربت ۽ مفلسيءَ جي ڪري ڏاڍو ڏکيو گذران ٿيندو ھُئس. ھڪ دفعي پنھنجي رزق ۽ روزيءَ ۾ برڪت ۽ ڪشادگيءَ واسطي دعا لاءِ شاھ لطيف وٽ ھلي آيو. شاھ لطيف کانئس پڇيو تہ: ’مون ٻڌو آھي تہ، حضورﷺ جن جون چاليھ حديثون ياد ڪرڻ ضروري آھن، ان ڪري مون ڪجهہ حديثون ياد ڪيون آھن، اُھي ٻُڌو، ۽ جيڪڏھن غلط پڙهان تہ انهن جي اصلاح ڪريو.‘ اھو عالم حديثون ٻُڌڻ لاءِ شاھ لطيف ڏانھن متوجھ ٿي ويٺو. شاھ لطيف جڏهن ھڪ حديث پڙهي کيس ان جي معنيٰ ۽ مفھوم ٻڌايو تہ اھو عالم ان حديث جي معنيٰ ۽ مفھوم ٻڌي حيران ٿي ويو، ۽ سندس اکين تان اولا لھي ويا. پنھنجي ارادي کان توبھ تائب ٿي، دنيا جي مال گهرڻ جي خواھش جو ارادو ڇڏي، شاھ لطيف جي محبت ۾ رهي يادِ الاھي ۾ مشغول رهڻ لڳو، ۽ ٿوري تي صبر ۽ شڪر ڪري گذر ڪرڻ لڳو. 

ڪراڙ ڍنڍ ۾ ڪلام لوڙهڻ

شاھ لطيف جي اٽڪل سمورن سوانح نگارن جي ڪتابن ۾ اھا روايت ملي ٿي تہ شاھ لطيف پنھنجو ڪلام ڪراڙ ڍنڍ ۾ اُڇلايو ھو. ھن بابت شاھ لطيف جو شارح ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو: ”عام اعتقاد آھي تہ شاھ،وفات کان ٿورو وقت اڳ، رسالي جا نسخا فقيرن کان وٺي، ’ڪراڙ‘ جي ڍنڍ ۾ اڇلائي ڦٽا ڪيا، ڇو تہ اھو خيال اچي پيس، تہ متان ماڻهو سندس معنوي ڪلام جي رمز نہ پروڙي، گمراھيءَ ۾ گرفتار ٿين. ڪي چون ٿا تہ رسالي جو ھڪ اڌ نسخو، ڪنھن فقير وٽ رهجي ويو ۽ ڪي وري چون ٿا، تہ رسالن نِھوڙڻ تي، شاھ جي مريدن ۽ فقيرن واويلا مچائي ڏني. شاھ کي رحم اچي ويو، جنھن پنھنجي ھڪ مريدياڻيءَ مائي نيامت (نعمت) جنھن کي گهڻا بيت بر زبان ياد ھئا، فرمايو تہ مريدن کي اھي بيت لکارائي. جڏهين اھو نسخو تيار ٿيو، تڏهين شاھ ان کي پنھنجي نظر مان ڪڍي، تصديق ڪئي ۽ فرمايائين تہ سندس ڪيترو ڪلام، صحيح نقل ڪيو ويو ھو. انهيءَ نسخي کي ’گنج‘ ڪري ٿا سڏين.

اوائل ۾ اھو ’گنج‘، شاھ صاحب جي وڏي خليفي تمر فقير جي قبضي ۾ سپرد ڪيو ويو ۽ اڃا تائين سندس پويان ان جي حفاظت ڪندا اچن. ’گنج‘ ۾ شاھ جا بيت، بنا ڪنھن ترتيب يا سلسلي جي درج ٿيل آھن. شاھ صاحب جي وفات کان ٿورو ئي پوءِ، فقيرن بيتن کي مضمون موافق بيھاري سُرن جي صورت ۾ آندو. 

 ھاڻي اھڙي قسم جون آکاڻيون، ٻين مشرقي شاعرن بنسبت پڻ ڏنيون وينديون آھن. امير دولت شاھ سمرقنديءَ پنھنجي ڪتاب ’تذکرة الشعراءَ‘ ۾ پڻ ڪيترن شاعرن بابت اھڙيون راويتون آنديون آھن. مثلاً چوي ٿو تہ مظفر ھروي مرڻ کان ٿورو وقت اڳ پنھنجو، ’ديوان‘ درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ لاءِ تہ کائنس پوءِ، سندس شعر جو نڪو ڪو قدر ڪري سگهندو، ۽ نڪا ڪا ان جي معنيٰ سمجهي سگهندو! چوندا آھن تہ مشھور فارسي شاعر حافظ، پنھنجا غزل ٺِڪرين تي لکندو، مٽ ۾ وجهندو ويندو ھو، جي سندس نوڪر، ٻُھاري کڻي ٻاھر ڦٽا ڪندا ھئا! پر سندس گھرو دوست محمد گل اندام، جنھن سندس ’ديوان‘ گڏ ڪيو سو تہ اھڙي ڳالهہ ڪري ئي ڪانہ ٿو. ھُو چوي ٿو تہ ’آئون بار بار حافظ کي سمجهائيندو ھوس تہ اھي پنھنجا بينظير گوھر ھڪ لڙهيءَ ۾ پوئي ڇڏ تہ تنھنجي ھمعصرن ۽ پوين لاءِ ھڪ سينگار ٿين، مگر ھو ھميشه ھيءُ عذر ڏيندو ھو تہ ماڻهن ۾ قدرشناسي ڪم آھي.‘ 

 اھا ڳالهہ بنه اعتبار جوڳي نہ آھي، تہ ڪو شاعر پنھنجو ڪلام ناحق ضايع ڪندو. ڏسو تہ انسان، پنھنجي اولاد جي پرورش ۽ پرگهور ڪرڻ ۾ ڪيتري نہ دقت ۽ ھلاکي وٺي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ سندس وفات کان پوءِ سندس در کليل رهي. تہ پوءِ ڪيئن شاعر چاھيندو تہ پنھنجا روحاني دادلا، يعني شاعرانا خيال، جي ھن رڳن جو رت ڏيئي رچيا آھن، تن جو پنھنجي ھٿن سان گهات ڪري؟ مشھور انگريزي شاعر مِلٽن ڪھڙي نہ سھڻي ۽ ڳالهہ ڪئي آھي تہ ’ڪا بہ عُمدي تصنيف، ھڪ اعليٰ انسان جي جگر جو خون آھي، جنھن کي واسي ڌوپي، ھميشه جي جياپي لاءِ سانڍي رکي ٿو.‘ خود شاعرن کي بہ پنھنجي ڪلام جي قدرشناسي ٿئي ٿي. ڪيترن شاعرن پنھنجي ڪلام جي تحفظ جي خواھش، پنھنجي شعر ۾ اظھار ڪئي آھي. سچو شاعر ھميشه حق ڳائي ٿو ۽ حق ڪڏهين بہ مرڻ يا مارجڻ جو نہ آھي. ’انحَقَ يَعلُو وَلا يُعَليٰ‘. فردوسي، شاھنامي ۾ پنھنجي شعر بہ نسبت چوي ٿو:

بنا ہاي آباد گردد خراب، ز باران وز تابش آفتاب،

پيءِ افگندم از نظم کاخ بلند، کھ از باد و باران نيا بد گزند. 

 اھڙي طرح ڪيترن ئي وڏن شاعرن، پارسي توڙي عربي، جن مان ڪن کي اولياءُ ڪري ليکيو وڃي ٿو، پنھنجي شعر جي پابندگيءَ جو ذڪر ڪيو آھي. 

 مولانا رومي بہ فرمائي ٿو:

بعد از وفات تربتِ ما در زمين مجوي

در سيد ھادي مردم عارف مزارِ ماست. 

 شاھ عبداللطيف جيتوڻيڪ ٻين شاعرن وانگي سڌيءَ طرح سان اھڙو اشارو ڪونہ ڪيو آھي، پر تڏهين بہ ھيٺين بيت ۾ اڻ سڌيءَ طرح، اھو خيال ظاھر ڪيو اٿس:

سَڌَرَ سين سَڱُ ڪري، پَرَکَنڊين پيِياس،

ڪير بِرَهمَڻ ڪَنِ جي، ڪيرُ ڄاڻي ڪِڻاسِ، 

 ھُند نہ سِنڌ سُياس، ھِنَ پُرِيين ڪِيسَ پڌري!

وقت آيو آھي جو شاھ جي پڌرائي، سندس شعر جي ذريعي ديسان ديس ٿي ويندي ۽ ڪھڙو عجب جو ستت ئي سندس نسخن جو سُڳنڌ وڃي ولايت کي بہ واسي؟“ (گربخشاڻي، 2012ع، ص: 89 ۽ 90) 

ميين شاھ عنات رضويءَ سان ملاقات

روايت آھي تہ، شاھ لطيف اڃا نوجوان ھو، ۽ بيت پئي چيائين تہ، اھا مشھوري وڃي شاھ عنات جي ڪن پئي. شاھ عنات کيس پاڻ وٽ گهرايو، ۽ کيس چيو تہ: ’ڇوڪرا، اسان شاعريءَ جي لحاظ کان ڌرتيءَ تي تہ ڪو اسم ڇڏيو ئي ڪونہ آھي، جو اوھان ڳايو...‘ تڏهن شاھ لطيف شاھ عنات کي جواب ڏنو تہ: ’سائين! پوءِ آءٌ سمنڊ کيڙيندس.‘

روايت آھي تہ، ھڪ ڀيري شاھ لطيف درد واريءَ ڪيفيت ۾ ھو تہ، شاھ عنات جي حويليءَ جي ٻاھران آيو. ان وقت ٻاھر پھر بہ ڪانہ ھئي، در تي ڪا ٻانهي مليس، انهيءَ کي چيائين تہ، شاھ عنات کي وڃي چؤ تہ، ڪو ماڻهو آيو آھي ۽ چوي ٿو تہ: 

 ’در تي ڪري دانھن، در تي ڪري دانھن.‘ 

 ميون عنات، اھو نياپو ٻڌي در تي آيو تہ، شاھ لطيف تي نظر پيس، تڏهن فرمايائين تہ: 

 ’ڪلهي لائي ٻانھن، کڻي پرين ڪندس پنھنجو‘ 

 ايئن چئي، شاھ لطيف کي ڳراٺڙي پائي، تسلي ڏئي پاڻ وٽ رهايائين. 

ميين ابراھيم آڌيلي کي دعا

ميون محمد ابراھيم آڌيلو سومرو، کاري جو بزرگ ھو. پاڻ، شاھ لطيف جي خليفن مان مکيہ خليفو ٿي گذريو آھي. کيس شاھ لطيف کان حڪم مليو تہ، کاري ۾ وڃي رھ ۽ اتي وڃي ڏينھن گهار. پوءِ ميون محمد ابراھيم، شاھ لطيف جي حڪم موجب کاري ۾ وڃي رهيو. 

 ھڪ دفعي شاھ لطيف ساڻس ملڻ لاءِ ويو، ڇو تہ شاھ لطيف، لڪُڻ ھڻي کيس ڀٽ مان ڪڍيو ھو، جو ھو مُرشد جو ماڳ ڇڏڻ لاءِ تيار نہ ھو. ھوُ پوءِ کاري جي طرف، لاڙ واري پاسي وڃي رهيو ھو. شاھ لطيف جڏهن وٽس ويو تہ، ھو تمام گهڻو خوش ٿيو، ۽ کيس عرض ڪيائين، ’قبليٰ! مون اوھان جو امر مڃي، کارو وسائڻ لاءِ ھتي اچي گهاريو. ھاڻ وٽم اوھان رهو يا پاڻ سان گڏ وٺي ھلوم.‘ شاھ لطيف چيس تہ: ’تون اتي ئي رھ، اسان توکي پنھنجي اڌ امانت ڏيون ٿا. تون اڄ کان ابراھيم، آڌيلو آھين. اسان جي ڀٽ کان تنھنجي ڀٽ اڌ آھي. اسان کي بہ اُڏيرو لال آڏو آھي. توکي بہ اُڏيرو لال آڏو آھي.‘ 

جوڳيءَ کي جهنگ ۾ نہ ڇڏڻ

شاھ لطيف، جوانيءَ جي زماني ۾ ھندو جوڳين سان گڏ، سير سفر ڪندو رهندو ھو. روايت آھي تہ، ھڪ دفعي شاھ لطيف جڏهن ھندو جوڳين جي جماعت سان سفر تي پئي ويو، تڏهن سندن ساٿين مان ھڪ جوڳي بيمار ٿي پيو، ۽ منجهس اڳتي ھلڻ جي ھمٿ ۽ طاقت نہ رهي. انهن جوڳين جو دستور ھوندو ھو تہ، سندن ساٿين مان جيڪڏھن ڪو سفر ۾ بيمار ٿي پوندو ھو، ۽ منجهس اڳتي ھلڻ جي طاقت نہ رهندي ھئي تہ، ٻيا ان جو انتظار نہ ڪندا ھئا ۽ ان کي اتي ئي جهنگ ۾ اڪيلو ڇڏي، پنھنجيءَ منزل طرف روانا ٿي ويندا ھئا. ھن دفعي بہ ايئن ئي ڪيو، پر شاھ لطيف ايئن نہ ڪيو، ۽ انهيءَ بيمار جي پرگهور لاءِ ساڻس گڏ رهي پيو. ان رڻ پٽ ۾، اَن ۽ پاڻي اڻلڀ ھو، ان ڪري شاھ لطيف وٽ جيڪو ثمر ھو، ان مان پورت ڪيائون. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ جڏهن اھو بيمار جوڳي چاق ٿيو، تڏهن ھو ۽ شاھ لطيف گڏجي پنھنجيءَ منزل طرف روانا ٿيا ۽ اچي منزل کي پھتا. سندن ٻيا ساٿي جيڪي کين جهنگ ۾ اڪيلو ڇڏي ويا ھئا، سي رستو ڀُلجي، جهنگ ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي، شاھ لطيف ۽ جوڳيءَ جي پھچڻ کان اٽڪل پنج ڏينھن پوءِ، اچي منزل تي پھتا. جڏهن ھو آيا ۽ ڏٺائون تہ ڇپر ۾ ڇڏيل ساٿي تہ اسان کان بہ اڳ ۾ اچي پھتا آھن، تڏهن شاھ لطيف جا ڏاڍا معتقد ٿي پيا ۽ کيس گرو (مرشد) جي لقب سان سڏڻ لڳا. ان ڏينھن کان پوءِ، ھندو ويراڳين ۾ اھا رسم جاري ٿي تہ، جيڪو سنگتي بيمار ٿي پوندو ھو تہ، ان کي راھ ۾ اڪيلو ھرگز نہ ڇڏيندا ھئا، پر ان جي پرگهور لهڻ لاءِ رهي پوندا ھئا. جيڪڏھن اتفاق سان منزل خطرناڪ ھوندي ھئي ۽ ٻيا روانا ٿي ويندا ھئا تہ، بہ انهن جو اڳواڻ ان بيمار سان رهي پوندو ھو. 

صالح فقير جي ساراھ ۽ جواب

صالح فقير، شاھ لطيف جي معتقدن ۽ مريدن مان ھڪ ھو. شاھ لطيف جي سڪ ۽ ثنا ۾ ھن ڪيترائي بيت چيا، جن مان سندس ھڪ بيت ۽ شاھ لطيف طرفان ان جو جواب، ’رسالي‘ جي ’سُرڌناسريءَ‘ ۾ موجود آھي. صالح فقير شاھ لطيف جي بزرگيءَ جي واکاڻ ڪندي چيو تہ: سَيدُ پِيرُ سَمُونڊر ھي، ڄامَن سَندو ڄامُ، اَگهيو دَرِ اَللهَ جي، تنھن ڪاملَ جو ڪَلامُ، اوڏو ٿئو عَظيمَ کي، لَئَھ سِين لائي لامُ، پُرِي پُڇو پانڌَيا! سندو گوھَرَ گامُ، جَنِ ڏِٺو لال لطيف کي، آيو تَنِ آرامُ، ڪونہ رهيو ڪو خامُ، سڀ سُکِي ٿيا صالحُ چَئي. (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڌناسري، داستان 4، بيت 24، ص: 428) صالح فقير جي ھن ظاھري تعريف کي شاھ لطيف ڀلو نہ ڀانيو، ۽ فقير کي پنھنجي خدا ۽ مُرشد کي ياد ڪرڻ جي تلقين ڪيائين تہ: صالحَ! ٿيءُ سُڌيرُ، سُڻ ھِنئين سين ھِيڪَڙي، مَنجهہنءِ لَئُھ ’لَطِيفَ‘ جو، پَر ۾ پُڇجُ پيرُ، (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1990ع)، ’شاھ عبداللطيف - سوانح‘، رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي مضمون، ص: 89) ڌاران مُنہ مُرشَدَ جي، کوءِ! کنڊون ٻَنِ کير، جو اسم چوءِ اَمِيرُ، ويھه تنِھين سِين واڳِجِي. (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1990ع)، ’شاھ عبداللطيف - سوانح‘، سُر ڌناسري، داستان 4، بيت 29، ص: 429)

شاھ عنايت شھيد بابت بيت

صوفي شاھ عنايت شھيد، شاھ لطيف جو ھمعصر ۽ ساٿي ھو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ: ”اھو ناممڪن آھي جو ڀٽائي صاحب جھڙي اھل نظر ۽ سياح جو ساڻس ڪو بہ تعلق نہ رهيو ھجي.“(بلوچ، 1990ع، ص: 90) صوفي شاھهعنايت شھيد جي شھادت واري واقعي کان پوءِ شاھ لطيف، شاھ عنايت شھيد جي ياد ۾ سُر رامڪليءَ جي داستان اٺين ۾ ھي بيت چيا آھن: اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ، آدِيسِي اُٿي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ، ھُو جي جِيءَ جِيارين، سي لاھُوتِي لَڏي وِيا. (شاھواڻي، غلام محمد، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 8، ص: 814) اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، سَندِي جوڳين ذاتِ، ساري سَناسِين کي، رُنُم سارِي راتِ، مُون تَنَ جَنِين جِي تاتِ، سي لاھُوتِي لڏي وِيا. (شاھواڻي، غلام محمد، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 10، ص: 815)

کٿو سوکڙي ڏيندڙ مريد

روايت آھي تہ، شاھ لطيف جو ھڪ مريد، ڪنھن پرانھين شھر جو رهاڪو ھو. اھو ھر سال شاھ لطيف سان ملڻ لاءِ ايندو ھو، ۽ پاڻ سان ھڪڙو کٿو، شاھ لطيف لاءِ سوکڙيءَ طور کڻي ايندو ھو. 

 اتفاق سان ھڪ سال غربت جي ڪري ھو، کٿو خريد ڪري نہ سگهيو، تنھن ڪري انهيءَ سال حياءَ وچان، شاھ لطيف سان ملڻ ئي ڪونہ آيو. ٻئي سال کٿو ھٿ ڪري، شاھ لطيف سان ملڻ لاءِ آيو. خوش خير عافيت کان پوءِ شاھ لطيف کانئس گذريل سال نہ اچڻ جو سبب پڇيو. تنھن تي ھن جواب ڏنو تہ: ’سائين! پر سال تنگدستيءَ سببان کٿو خريد ڪري نہ سگهيس ۽ چيم تہ خالي ھٿين وڃڻ نہ جڳائي، تنھن ڪري منھنجو اچڻ نہ ٿيو.‘ تڏهن شاھ لطيف کيس چيو: ’اھا شيءِ ئي گهوري، جيڪا ھڪ دوست کي ٻئي دوست کان پري ۽ جدا ڪري.‘ 

کيبرن جي مسجد ۾ مثنوي

روايت آھي تہ، ھڪ ڀيري کيبرن جي شھر ۾، شاھ لطيف جي منزل ھئي. اتي جي ڪکائين مسجد ۾ ويٺو ھو، جو شاھ لطيف، ميين محمد صلاح کي چيو تہ: ’خليفا مولانا روم جي مثنوي پڙھ!‘، جنھن تي ميين محمد صلاح اھو داستان پڙهڻ شروع ڪيو تہ: 

 ’گوش خر بگذار ديگر گوش خر – الخ‘

ميون محمدصلاح، وڏيءَ عمر جو ھو، جڏهن مثنوي پئي پڙهيائين تہ، مٿان مسجد جي ڪکائين ڇت مان، مٿس تڙڪا پئي پيا. شاھ لطيف اٿي بيٺو، ۽ پنھنجي جبي يا چادر سان تڙڪن واري پاسي کان ڇانوَ ڪيائين. پوءِ خليفي ھڪ بيت تي بيھي، ان جو تفسير ڪيو، جو شاھ لطيف کي ڏاڍو وڻيو. ميين محمد صلاح کي چيائين تہ: ’خليفا، جيئن مون کي خوش ڪيو اٿئي، تيئن ڌڻي توکي خوش ڪري.‘

گادي نشينيءَ جو تڪرار

روايت آھي تہ، جڏهن شاھ لطيف جي وصال جو وقت ويجهو ٿيو. تڏهن ھڪ دفعي فقيرن کي پاڻ وٽ گهرائي کين چيائين تہ: ”جن ڪپڙن ۾ آئون محبوب (حقيقي) تي ساھ قربان ڪيان، مون کانپوءِ اھو لباس جنھن جي بدن تي ڏسو تہ، ان جو ادب ضروري ڄاڻجو.“(سانگي، 1986ع، ص: 126) 

 جڏهن شاھ لطيف ھن جھان مان وصال ڪيو تہ، شاھ لطيف جا اھي ڪپڙا محبت فقير کي مليا. شاھ لطيف جي وصال کان پوءِ گادي نشينيءَ جي مامري تان سيدن ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. محمد عالم ڏيري جي مرضي ھئي تہ، شاھ لطيف جو ڀاڻيجو گادي نشين ٿئي ۽ شاھ لطيف جا ڪپڙا پھرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ۽ محبت فقير وري سيد جمال شاھ سان ٻَڌل ھو. ٻئي خليفا، وڏي پھچ وارا ھئا، پر محبت فقير، شاھ لطيف جي اھا پوشاڪ، سيد جمال شاھ کي پھرائي ۽ بلند آواز سان چيو تہ: ”اي فقيرو! ھن ماڻهو کي سڃاڻو ٿا. جنھن لاءِ اولياء صاحب جي وصيت آھي ۽ ان اولياء صاحب واري پوشاڪ پھري آھي. اوھان کي ان جو ادب ڪرڻ واجب آھي. اولياء صاحب جي لٺ مبارڪ کي ڏسو، جيڪا ان جي ھٿ ۾ آھي.“(سانگي، 1986ع، ص: 126)

لطيفي فقيرن جڏهن ان پڪي نشانيءَ کي ڏٺو تہ ان وقت ئي بيعت ڪيائون. گادي نشينيءَ جي حوالي سان روايت آھي تہ، شاھ لطيف، ھڪ ٻي وصيت بہ ڪئي ھئي تہ، گادي نشين کي ’چنگل‘ گهوڙي سڃاڻيندي يا چڙهڻ ڏيندي. سيد جمال شاھ کي جڏهن مسند نشينيءَ لاءِ پسند ڪيو ويو، تڏهن ٻين ساداتن بہ دعويٰ ڪئي ۽ حقداري ڏيکاري. لطيفي فقيرن، گهڻيئي جمالشاھ جي باري ۾ شاھ لطيف جي وصيت ياد ڏياري، پر ھر ڪنھن پاڻ کي گاديءَ جو وارث پئي سمجهيو. آخر ڳالهہ اِتي اچي بيٺي تہ: ’چنگل‘ گهوڙيءَ کي سنجي ان جماعت ۾ آندائون. گهوڙي ھر ھڪ کي شوخيءَ سان ڏسندي گذري، جڏهن سيد جمال شاھ وٽ پھتي، تڏهن شاھ لطيف وانگر سيد جمال شاھ کي ڏسي خوشيءَ مان ھڻڪار ڪيائين ۽ ناز سان ھلڻ لڳي. تنھن تي سيد جمال شاھ ان تي سوار ٿي چڪر ڏيئي آيو، ۽ گهوڙيءَ جي پيشانيءَ تي چُمي ڏنائين. ان کان پوءِ ٻيا بہ گهوڙيءَ تي سوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، پر ٻئي ڪنھن کي گهوڙيءَ ڏٺو ٿي تہ ان کان منھن ٿي موڙيائين ۽ جنھن زوريءَ سوار ٿيڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي تہ ان کي ڪِرڻ نصيب ٿي ٿيو. 

 جڏهن تہ مير عبدالحسين سانگيءَ (لطائف لطيفي)، مرزا قليچ بيگ (احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي) ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ (لطف اللطيف) ڪتابن ۾، ھڪ روايت ۾ اھو بہ لکيو آھي تہ، جڏهن ميان غلام شاھ ڪلهوڙي کي خبر پيئي تہ، مسند نشينيءَ واري دعويٰ تي تڪرار وڌيڪ تيز ٿي ويو آھي، تڏهن سڀني ساداتن کي پاڻ وٽ گهرائي سيدجمال شاھ جي گادي نشين مقرر ٿيڻ جو حڪم ڏنائين. ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جو پيءُ، ميان نور محمد ڪلهوڙو، جيڪو ان وقت سنڌ جو حاڪم ھو. اھو بہ ھن فيصلي تي خوش ٿيو. ان کان پوءِ، سيد جمال شاھ کي گادي نشين مقرر ڪيو ويو. ’سالاره‘ ذات جا ھڪ سؤ سٺ جنگي ماڻهو، ھٿيارن سميت، وقت جي حاڪم طرفان، سيد جمال شاھ جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا ويا، ڇو تہ سندس دشمني تمام گهڻي وڌي وئي ھئي ۽ ٻيا سادات سيد جمال شاھ جا مخالف ٿي پيا ھئا ۽ محمد عالم بہ انهن مخالفن سان گڏ ھو. 

گنگا جتڻ وٽ ’اُست‘

 ڳالهہ ٿا ڪن تہ، شاھ لطيف، رمضان جت جي ڳوٺ جي ڀرسان جڏهن ساڱري واھ جي ڪناري تي بڙ ھيٺ مانجهاندو ڪيو ھو، تڏهن نڪي ساڻس ڪي خليفا ھئا ۽ نڪي ڪي ساٿي ھئا. پاڻ مانجهاندي ڪرڻ ۽ سفر جي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ بڙ ھيٺ ويٺو ھو. ان وقت گنگا جتڻ پنھنجي ساھيڙين سان دلا کڻي، ساڱري درياھ تان مٺو پاڻي ڀرڻ لاءِ آئي ھئي. دلا لاھي پاڻي ڀرڻ لڳي تہ، سندس نظر شاھ لطيف تي وڃي پيئي ۽ ھُن سڃاتو تہ، اھو ڀلارو لطيف آھي، جڏهن انهن عورتن بہ غور سان نھاريو تہ، گنگا جتڻ جي ڳالهہ جي تصديق ڪيائون. پوءِگنگا وڌي شاھ لطيف وٽ آئي ۽ وڏيءَ عقيدت ۽ احترام سان عرض ڪيائين تہ: ’سائين! اسان جا وڏا ڀاڳ آھن، جو اوھان ڀال ڀلايا آھن. احسان ڪري اسان جي گهر ھلو تہ، اسان کي اوھان جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي.‘

محبت ۽ عقيدت ڀريا ماڻهو، شاھ لطيف پري کان ئي سڃاڻندو ھو. مائي گنگا جتڻ جي دعوت ٽارڻ، شاھ لطيف لاءِ ڏکيو ڪم ھو. پاڻ گنگا سان گڏجي، سندس گهر آيو. شاھ لطيف جيئن تہ اُڃايل ھو، انهيءَ ڪري مائي گنگا کيس تڏو وڇائي انهيءَ مٿان رلي رکي عزت سان وھاريو، ۽ شاھ لطيف لاءِ ’اُست‘ ٺاھيو. (اُٺِين جي رکيل سڪل کٽي کير ۾ ٿورو پاڻي ملائبو آھي، انهيءَ کي ’اُست‘ سڏبو آھي.) پوءِ ھڪ وڏي ڪٽوري ۾ ’اُست‘ وجهي آڻي، شاھ لطيف کي پيش ڪيائين. 

 شاھ لطيف سڄيءَ سنڌ جو سيلاني ھو. تڙ تڙ جو پاڻي پيتو ھئائين، ڌار ڌار شھرن ۾ مهمانيون کاڌيون ھئائين ۽ ڪيئي مٺا پاڻي پيتا ھئائين، پر کيس اھڙو مزو ڪنھن ٻئي مان نہ آيو ھو، جھڙو مزو کيس انهيءَ ’اُست‘ مان آيو ھو، اتي ئي فرمايائون:

کوءِ پلنگ ٻَن ماڙيون، پَکا سندن ٻَنِ،

اُستُ جو اُٺِينِ جو، مون کي رهيو من،

جيءَ ۾ جَتَ رهن، ٻي پَرٿَڻي پاسي ٿئي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1990ع)، ’شاھ عبداللطيف - سوانح‘- رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي مضمون، ص: 87)

 شاھ لطيف کي، جتن وٽان گهڻو مانُ مليو، تنھن ڪري پاڻ بہ جتن جي گهرن، گنگا جتڻ جي اُست ۽ جتن جي محبت کي اڳيان رکندي ۽ انهن جذبن کي امر بنائيندي، ڪيئي بيت چيا آھن. 

گُلان ڳائڻيءَ کي دعا

 مشھور آھي تہ، ميان نور محمد ڪلهوڙي کي، شاھ لطيف جي دعا سان گلان مان، ميان غلام شاھ پُٽ ڄائو ھو. 

 روايت آھي تہ، ھڪ دفعي، ’گلان‘ نالي ھڪ خوبصورت ۽ نوجوان ڳائڻي، ڀٽ تي شاھ لطيف جي زيارت ڪرڻ ۽ کانئس دعا پنڻ لاءِ آئي. اُتي ھن اھڙو تہ درديلو راڳ ڳايو، جو شاھ لطيف ۽ فقيرن جي جماعت ۾ وجد ۽ بيخودي طاري ٿي وئي. اھڙي عجيب حالت ڏسي، گلان، شاھ لطيف کي عرض ڪيو تہ: ’منھنجي حق ۾ دعا ڪريو تہ آءٌ پنھنجي واري ٿيان، حلال جي روزي نصيب ٿئيم ۽ پڇاڙي خير جي گذريم‘. شاھ لطيف، خدا تعاليٰ جي درگاھ ۾ ھٿ کڻي دعا ڪئي ۽ پوءِ گلان کي چيائون تہ: ’گُلان مان گُل ٿيندو، جيڪو ساريءَ سنڌ تي حڪومت ڪندو.‘ 

 ھوڏانھن، شاھ لطيف جي مخالفن منجهان ڪن ماڻهن ميان نورمحمدڪلهوڙي کي وڃي، اھو احوال ٻڌايو تہ، شاھ لطيف ھونئن تہ پاڻ کي درويش ٿو سڏائي، پر حال ھيءُ اٿس جو ڳائڻيون سڏايو راڳ پيو ٻڌي ۽ انهن جا ناچ پيو ڏسي.

ميان نور محمد، اھا خبر ٻڌڻ شرط پنھنجي ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ، ھڪدم وڃي حقيقت حال معلوم ڪري اچو تہ، ڇا واقعي ڪا ڳائڻي عورت، شاھ لطيف وٽ آيل آھي؟ جيڪڏھن ھجي تہ ان کي وٺي اچي، منھنجي سامهون حاضر ڪريو.

ان کان پوءِ ميان صاحب جا ماڻهو، شاھ لطيف ڏانھن روانا ٿيا. ھوڏانھن جڏهن گلان، شاھ لطيف کان موٽي وڃڻ جي موڪل ٿي گهري تہ، شاھ لطيف چيس تہ: ’گُلان! تڪڙ نہ ڪر، ترس تہ ڀلي موتين جا خريدار اچن.‘ ايئن گفتگو ٿي رهي ھئي تہ، ميانصاحب جا ماڻهو بہ پھچي ويا. گُلان کي پاڻ سان وٺي وڃي ميان صاحب جي دربار ۾ حاضر ٿيا ۽ ھن کي ميان صاحب جي سامهون آڻي پيش ڪيائون.

ميان صاحب ھن جي سونھن ۽ جواني ڏسي، مٿس عاشق ٿي پيو، ۽ ڀانيائين تہ ساڻس صحبت ڪري، پر گُلان کيس چيو تہ: ’ميان! جي شرع موجب نڪاح وجهندين تہ، آءٌ ان لاءِ راضي آھيان، باقي ايئن مون کان ھرگز ڪين ٿيندو.‘

ميان صاحب، ان وقت ئي قاضي گهرائي، گلان سان نڪاح ڪيو، ۽ کيس پنھنجين راڄ راڻين ۾ شامل ڪيائين. گلان مان، ميان صاحب کي ميان غلام شاھ ڄائو، جيڪو کانئس پوءِ سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ اُن پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ شاھ لطيف جو روضو جوڙايو.

مخدوم دين محمد سان پڳ مٽائڻ

 شاھ لطيف جي گهاٽن دوستن مان ھڪ، مخدوم دين محمد صديقي سيوھاڻي بہ ھڪ ھو. شاھ لطيف، سيوھڻ ۾ مخدوم دين محمد صديقيءَ وٽ تمام گهڻو وقت وڃي رهندو ھو، ۽ پاڻ ۾ رهاڻيون ڪندا ھئا. شاھ لطيف جي مخدوم صاحب سان ايڏي تہ محبت ھئي، جو روايت آھي تہ، ھڪ دفعي ھڪٻئي جون پڳون مٽائي، پاڻ ۾ پڳ مٽ يار بڻيا.

مخدوم صابر ولهاري سان ملاقات

مخدوم صابر ولهاري، پنھنجي وقت جو وڏو عالم، درويش ۽ نقشبندي طريقي جو بزرگ ٿي گذريو آھي. روايت آھي تہ، ھڪ دفعي شاھ لطيف، ٿر جي پاسي سفر ۾ ھو تہ سندس اکيون اٿي پيون ھيون، جنھن ڪري اکين تي ڪپڙو ڏيئي ڇڏيو ھئائين، مخدوم صابر پنھنجي تر ۾ شاھ لطيف جي اچڻ جو ٻڌي، ساڻس ملاقات لاءِ ھليو آيو. شاھ لطيف، مخدوم صابر ولهاريءَ جو اڳ ۾ ئي نالو ٻڌو ھو. جڏهن مخدوم صاحب سندس ڪچھريءَ ۾ اچي ويٺو، تڏهن شاھ لطيف اکين تان ڪپڙو ھٽائيندي فرمايو تہ: ’اَي منھنجون اکيون! ھي اھڙو ئي آھي نہ، جھڙو مون اوھان کي چيو ٿي؟‘ مخدوم صاحب سان ھڪ مريد، مُلاحسين نالي گڏ ھو، تنھن کي شاھ لطيف جو مٿيون گفتو نہ وڻيو. ھن ڀانيو تہ شاھ لطيف منھنجي مرشد تي ٽوڪ ڪئي آھي، ان ڪري شاھ لطيف کي چيائين تہ : ’اوھان جو والد تہ ڪھڙو نہ وڏو بزرگ ۽ ديندار درويش ھو، جنھن جو ظاھر ۽ باطن شريعت سان سينگاريل ھو. توھان پاڻ کي ايئن ڇو بڻايو آھي، جو الله تعاليٰ جي نعمتن کان محروم رهجي، کٿو ڍڪيو گهمندا وتو.‘ شاھ لطيف فرمايو تہ: ’مخدوم صاحب آھي گلاب جو گل، جنھن جي خوشبوء کان دماغ کي تازگي پھتي آھي، پر گل سان ڪنڊا بہ ٿيندا آھن، جي پيا چڀندا آھن.‘ پوءِ اتي شاھ لطيف ھي بيت چيو: 

 پنوھارڪي ٻَرهي، جي ھوند چکيائين. 

 تہ ميھارڪي مَھي، ساجهر ڇڏيائين.

(بيگ، قليچ، مرزا، (1987ع)، ’احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي‘، ص: 63)

مخدوم عبدالباسط هالائي

مخدوم عبدالباسط ھالائي، ھڪ وڏو عالم ۽ شاھ لطيف جو معتقد ھو. روايتن ۾ آھي تہ، ان جي گهر، گهڻي عرصي کان پوءِ پٽ ڄائو. مخدوم صاحب اُٿي شڪراني جا نفل پڙهيا. جڏهن سلام ورائڻ لڳو، تڏهن ھن ڏٺو تہ، شاھ لطيف سندس پاسي کان ھڪ خاص ڪيفيت ۾ بيٺو آھي. مخدوم صاحب کي شاھ لطيف جي اوچتو اچڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ کيس وٺي وڃي، پنھنجي حويليءَ ۾ ويھاريائين. مخدوم صاحب جي گهر ۾، مھريءَ جي پٽڙي دال رڌل موجود ھئي، جا آڻي، شاھ لطيف جي خدمت ۾ پيش ڪيائين. شاھ لطيف اھا کائي، مخدوم صاحب کي چيو تہ: ’فقيرن جي جماعت منھنجي ڳولها ۾ ھوندي، اُن کي منھنجو پتو نہ پوي، اڄ اڪيلائيءَ ۾ رهڻ پسند ڪريان ٿو.‘ پوءِ شاھ لطيف ھي بيت چيو:

وَرُ اُوندَاھِي رَاتَڙِي، چَانڊُوڻِيءَ چَانڊا،

اوري ميھَارَا، مُنھُن مَ پَسَان ڪو ٻيو.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سھڻي، داستان 10، بيت 11، ص: 301)

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي بابت

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، شاھ لطيف جو ننڍو ھمعصر ھو. ھن روايت بابت ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو لکي ٿو: ” حڪيم معين الدين صاحب گلچين ھالائي کان ھي روايت ٻڌيم تہ ھڪ ڀيري شاھ صاحب پنھنجي ڪنھن مريد ھٿان ھيٺيون سوال ميين عبدالرحيم ڏي جواب لاءِ موڪليو: 

’جو مڙني موچارو، سو آھي ڪڄاڙو ؟‘

ميين عبدالرحيم ھي جواب ڏياري موڪليو: 

 ’هڪڙي صحت سرير جي ، ٻيو پرين جو پاڙو.‘

فرض ڪري وٺجي تہ شاھ عبداللطيف ۽ ميين عبدالرحيم جي پاڻ ۾ ملاقات نہ ٿي، ليڪن انهيءَ ڳالھ ۾ ذري جو بہ شڪ نہ آھي تہ شاھ عبداللطيف جي ڪلام جو اثر شيخ عبدالرحيم جي ڪلام تي گهڻي قدر پيو آھي. پنھنجي مرشد حضرت سلطان الاولياء خواجہ محمد زمان وانگي جدا جدا موقعن تي شاھ جو شعر شاھديءَ طور چيو اٿس، ۽ پڻ ڪيترائي شاھ جا بيت سندس بيتن سان گڏوچڙ ٿي ويا آھن. شيخ عبدالرحيم صاحب کي شاھلطيف جي لاثاني ڪلام لاءِ بيحد عزت ھئي، جيئن ھن بيت مان پڌرو آھي: 

 آھي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،

جوڙي جنھن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.“

(دائود پوٽو، 1995ع، ص: 50)

مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي ۽ راڳ

نقشبندي سلسلي ۾ ساز سرود جي سخت منع ٿيل آھي، پر شاھ لطيف جي راڳ ويراڳ کان سواءِ سرندي ڪانہ ھئي. راڳ سندس جان جو جياپو ھو، ۽ ساھ بہ سماع دوران ڏنائين. گهڻيئي ڀيرا عالمن ۽ مولوين کيس انهيءَ کان روڪڻ جي ڪوشش بہ ڪئي، پر ھن تي ڪوبہ اثر ڪونہ ٿيو. آخر ھڪ دفعي مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، جو ان زماني ۾ وڏو عالم ۽ زاھد ھو، سو ٻين عالمن سان گڏجي شاھ لطيف وٽ سندس ساز بند ڪرائڻ لاءِ پھتو. جڏهن شاھ لطيف کي عالمن جي اچڻ جو پتو پيو، تڏهن سندن احترام خاطر فقيرن کي حڪم ڪيائين تہ، جيڪي بہ دنبورا يا سرود ٻاھر پيل ھجن، سي کڻي اندر ڪنھن ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري رکو تہ، جيئن دين جي عالمن جي انهن تي اک بہ نہ پوي. 

 جڏهن عالم سڳورا آيا، تڏهن رواجي مرحبا ۽ خوش خيرعافيت کان پوءِ ھُنن سرود ۽ سماع جي خلاف شرعي دليل پيش ڪندي، شاھ لطيف کي انهن جي ترڪ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. شاھ لطيف ماٺ ڪري سندن ڳالهيون ويھي ٻڌيون. جڏهن ڳالهائي بس ڪيائون، تڏهن شاھ لطيف ھڪڙو مثال ڏيندي کانئن سوال پڇيو تہ: ’جيڪڏھن ڪو اھڙو وڻ ھجي، جنھن مان عام ماڻهن کي فائدي پھچڻ جي اميد ھجي. پر اھو وڻ سوڪھڙي سبب سڙي سڪي وڃڻ تي ھجي، ڀر ۾ گندي پاڻيءَ جو تلاءُ بيٺو ھجي. ھاڻي ٻڌايو تہ، انهيءَ گندي پاڻيءَ جي تلاءَ مان پليد يا ناپاڪ پاڻي وڻ کي ڏجي يا ڇڏي ڏجيس تہ، پاڻي صاف ڪونهي، تنھن ڪري ڀلي سڙي سڪي وڃي؟‘ ان تي عالمن يڪزبان ٿي ھي جواب ڏنو تہ: ’اھڙيءَ حالت ۾ وڻ کي گندو پاڻي ڏيڻ جائز آھي ۽ ان ۾ ڪوبہ ڀؤ ڪونهي. ڀلي ان کي عام فائدي لاءِ سائو رکيو وڃي.‘ تنھن تي شاھ لطيف چيو تہ: ’منھنجي دل ۾ بہ الاھي محبت جو ھڪ وڻ آھي، جو سرود ۽ سماع بنا سُڪيو ٿو وڃي ۽ ان جي سرسبزي ۽ شادابيءَ لاءِ راڳ پاڻيءَ جو ڪم ڏئي ٿو.‘ روايت آھي تہ، شاھ لطيف اڃا ايترو چئي بس ڪئي تہ ڪوٺيءَ ۾ جيڪي دنبورا ۽ ساز بند پيا ھئا، سي ازخود وڄڻ لڳا.

عالمن کي سازن وڄڻ تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ شاھ لطيف کي چيائون تہ: ’هيءَ ڪھڙي شرافت آھي، جو شريعت جي خلاف رستو اختيار ڪيو ويو آھي ۽ اسان جي موجودگيءَ ۾ ھيءَ حرڪت ڪئي وئي آھي. اسان تہ خاص شريعت تي عمل ڪرائڻ لاءِ سرودن جي روڪڻ لاءِ آيا آھيون ۽ فقير اندر سازن وڄائڻ ۾ مصروف آھن.‘ شاھ لطيف کين چيو تہ: ’ان ۾ منھنجو ڪو ڏوھ نہ آھي، ڏسو وڃي تہ اُھي پاڻمرادو وڄي رهيا آھن؛ پر جيڪڏھن ڪنھن کي سازن وڄائيندي ڏسو تہ، ان لاءِ جيڪو بہ حڪم جاري ڪندؤ، ان تي عمل ڪيو ويندو.‘ عالمن وڃي ڏٺو تہ ڪوٺيءَ کي رڳو ھڪ دروازو ھو، ۽ ٻي ڪابہ دري وغيرھ ڪانہ ھئي ۽ ساز ۽ دنبورا واقعي بہ ازخود وڄي رهيا ھئا. اھو ڏسي کين تمام گهڻي حيرت ٿي. شاھ لطيف کان سبب پڇڻ تي ھن کين چيو تہ: ’جڏهن اوھان ھڪ وڻ جي پليد پاڻيءَ سان پرورش جائز ٺھرائي، تڏهن خدا جي قدرت سان تنبورن وڄڻ شروع ڪري ڏنو تہ، جيئن منھنجي دل واري درخت کي سيرابي ۽ تازگي رسي.‘ 

 اھو ٻڌي عالم سڳورا تمام گهڻو متاثر ٿيا ۽ شاھ لطيف کان محبت سان موڪلائي روانا ٿي ويا.

(نوٽ: مرزا قليچ بيگ ۽ ڪن ٻين عالمن پاڻ مرادو سازن وڄڻ واري روايت کي درست نہ ڪوٺيو آھي. ’ايڊيٽر‘)

مدن ڀڳت جون روايتون

شاھ لطيف وٽ اڪثر عقيدتمند، عالم، فاضل ۽ صوفي سنت اچي رهندا ھئا ۽ ساڻس رهاڻيون ڪندا ھئا. انهن مان مدن ڀڳت بہ ھڪ ھو. مدن ڀڳت ڪوٽڙي مغل ۾ رهندڙ ھڪ ھندو صوفي ھو. ھوُ ھڪ سٺو شاعر پڻ ھو. شاھ لطيف جي ساڻس گهري دوستي ھئي. مدن اڪثر ڪري شاھ لطيف کي ڪچھريءَ ۾ ڏاھپ جا گفتا ٻڌائيندو ھو. ھڪ دفعي جيئن شاھ لطيف جي مدن ڀڳت سان ملاقات ٿي تہ شاھ لطيف کيس چرچي ۾ چيو:

”حشر ويل حساب ۾، ڪافر ڪيئن ڪندا؟“

(وفائي، 1978ع، ص: 95)

’مدن‘ ان وقت بلڪل خاموش رهيو، ۽ ڪوبہ جواب نہ ڏنائين. آخر شاھ لطيف جي زور ڀرڻ تي جواب ۾ صرف ايترو عرض ڪيائين تہ: ’سائين! انهيءَ جو جواب اوھان کي ڪنھن مناسب موقعي تي ڏيندس.‘ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ، درياءَ جي پتڻ تي ٻنهي جي ملاقات ٿي. کين پار پھچڻو ھو، پر جيئن تہ ڪناري کان پاتڻي ٻيڙي ڇوڙي، پتڻ کان پرڀرو ٿي چڪو ھو. انهيءَ ڪري ٻئي بيوس بيٺا ھئا. کيس سڏ تہ گهڻيئي ڪيائون، پر ھن (پاتڻيءَ) وراڻين تہ: ’ٿورو ترسو، ٻئي پور ۾ توھان کي اُڪاريندس.‘ اُتي مدن ھڪدم پنھنجي کيسي مان (ڪلدار) رپيو ڪڍي، وڏي واڪي پاتڻيءَ کي ھڪل ڪري چيو تہ: ’ٻيلي! اسين توکي پھرئين پوُر ۾ پھچائڻ لاءِ ٻيڻو ڀاڙو ڏينداسين.‘ ٻيڻي ڀاڙي جي لالچ تي پاتڻي ٻيڙي موٽائي آيو۽ ٻنهي کي ٻيڙيءَ ۾ کنيائين. ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ وقت مدن، شاھ لطيف کي کِلي چيو تہ: ’سائين! ھينئر شايد توھان کي پنھنجي سوال جو جواب ضرور ملي ويو ھوندو!‘ شاھ لطيف مشڪيو، جنھن تي مدن جي زبان مان نڪتو تہ: 

 ”هٿ جني جو ھِيئن، سي پھرين پتڻ پار پيا.“

(وفائي، 1978ع، ص: 96)

مدن ڀڳت جو مجلس ۾ شاھ لطيف سان گڏجي ويھڻ مريدن کي ھرگز پسند نہ ھو. ھڪ دفعي جڏهن مدن شاھ لطيف سان رهاڻ ڪرڻ کان پوءِ مجلس مان اُٿي گهر روانو ٿيو تہ مريد شاھ لطيف جي ويجهو ويھي، کيس چوڻ لڳا: ’قبلا! توھان مدن واڻئي کي پاڻ سان گڏ ٿا ويھاريو، اھا ڳالهہ اسان کان سَٺي نٿي ٿئي.‘ شاھ لطيف مشڪي وراڻيو تہ: ’ابا! توھان انهيءَ ڳالهہ ۾ اَرها نہ ٿيو، ڇو تہ مدن ھڪ درويش فقير آھي. اللهتعاليٰ وٽ ذات پات جو ڪو ڀيد ڀاءُ ڪونهي.‘ پر مريد نہ مڙيا. اُن تي شاھ لطيف چيو: ’ابا! جيڪي منجهيل مسئلا مدن سلجهائي سگهندو، سي توھان کي سمجھ ۾ بہ ڪين ايندا، ضد نہ ڪريو مُڙي وڃو.‘ پر مريد چوڻ لڳا: ’اسان بہ ھر سوال جو جواب ڏئي سگهون ٿا؛ توھان ڀلي اسان جو امتحان وٺو، پر واڻئي کي توھان سان گڏ ويھڻ نہ ڏينداسين.‘ 

 شاھ لطيف چيو: ’ابا! ڀلا ٻڌايو تہ توھين ڇا آھيو، ۽ آءٌ ڇا آھيان؟‘ مريد چوڻ لڳا: ’سائين، اھو بہ ڪو ڏکيو سوال پڇيو اٿو. توھين اسان جا مُرشد آھيو، ۽ اسين اوھان جا طالب، خادم ۽ مريد آھيون.‘ شاھ لطيف چيو تہ: ’ابا! توھان کي سوال جو جواب ڏيڻ نہ آيو. ھاڻي توھان وڃي مدن واڻئي کان پڇو تہ: مدن تون ڇا آھين ۽ لطيف ڇا آھي؟ پوءِ جيڪو جواب ڏئي سو اچي ٻڌايو.‘ مريد گڏجي مدن وٽ آيا ۽ کيس چوڻ لڳا تہ: ’مدن! مرشد موڪليو آھي. سوال جو جواب پُڇي اچڻ لاءِ تہ: آءٌ ڇا آھيان ۽ تون ڇا آھين؟‘ مدن وراڻي ڏني: ’ابا! جي پُڇيو اٿس تہ چئوس وڃي تہ تون آھين ’ڌوڙ‘ ۽ آءٌ آھيان ’ڇائي‘. اھو جواب ٻڌي مريد گستاخي سمجهي مٿس ڏمريا ۽ ساڻس وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا، پر ڪي مريد سياڻا سيبتا ۽ سنجيدہ قسم جا ھئا، جن جهيڙي جي نوبت ٽاري شاھ لطيفَ تائين موٽائي آندن. جواب ٻڌي شاھ لطيف مُشڪندي مريدن کي چيو تہ: ’ابا! مدن تہ سچ چيو آھي. جسم اڳي پوءِ فنا آھي، مُئي کان پوءِ مون کي پُوريندا، ڌوڙ سان وڃي ڌوڙ ملندي؛ ھن کي ساڙيندا اھا بہ ڇائي يعني رک ٿي پوندي.‘ مريد چوڻ لڳا تہ: ’سائين اھڙي سوال جو جواب تہ اسان کي بہ ٿي آيو، ڪو ڏکيو ٿوروئي ھو.‘ شاھ لطيف چيو: ’ابا! جي سولو سوال آھي تہ، ٻئي سوال جو جواب ڏيو تہ: رب کي ڪھڙي شيءِ پسند آھي؟‘ مريدن بنا سوچ ۽ ويچار جي وراڻيو تہ: ’سائين! مرشد جي ذات‘. شاھ لطيف چيو تہ: ’ابا! اوھان کي جواب ڏيڻ نہ آيو. ھاڻي وڃي مدن مھتي کان پڇي اچو، پر وڙهوس متان.‘ حڪم جا بندا مدن وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا: ’مرشد موڪليو آھي ۽ پڇيو اٿن تہ رب کي ڪھڙي شيءِ پسند آھي؟‘ مدن جواب ۾ وراڻيو تہ: ’رب کي وڻن گڏھيون ۽ ڏيڏر‘. ايترو ٻڌندي مريد مٿس تپي باھ ٿي ويا، پر کيس ڪجهہ بہ ڪونہ چيائون ۽ موٽي شاھ لطيف وٽ آيا، پر کيس اھڙي اڍنگي جواب ٻڌائڻ کان ڪيٻائڻ لڳا. پوءِ اخلاقي قدرن کي سامهون رکي منجهانئن ھڪ مريد اٿي، مدن جو جواب شاھ لطيف کي ٻڌايو تہ: ’سائين! مدن چوي ٿو تہ رب کي وڻن گڏھيون ۽ ڏيڏر.‘ شاھ لطيف جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. مريدن کي حيران ڏسي، کين وضاحت سان سمجهائيندي چيائين تہ: ’ابا! ربَ سان گڏ ’هنيون‘ يعني دل رب سان گڏ ۽ ’ڏيڏر‘ مان مراد آھي: ’ڏي‘ بہ ۽ ’ڏر‘ (ڊڄ) به. توھان تہ اجايو مدن کي گهٽ وڌ پيا چئو .‘

ميان نور محمد جو سرڪش گهوڙو

سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو، جيڪو بظاھر شاھ لطيف جي شھرت کان خائف ھو ۽ شاھ لطيف سان ڪونہ ٺھندو ھو. تنھن بابت روايت آھي تہ، ھن ھڪ دفعي شاھ لطيف سان ملاقات ڪرڻ جي خواھش ڏيکاري ۽ کيس دعوت ڏياري موڪليائين. شاھ لطيف، ميان صاحب جي دعوت قبول ڪئي ۽ مقرر ٿيل ڏينھن تي وٽس پھتو. جڏهن شاھ لطيف ماني ٽِڪي کائي، ميان صاحب کان موڪلائڻ لڳو تہ، ميان صاحب کيس سواري ڪرڻ لاءِ سونن سنجن سان سينگاريل ھڪ گهوڙي تحفي طور ڏني، اُھا گهوڙي ڏاڍي سرڪش ھئي. 

 ميان صاحب جيئن تہ، انهن ڏينھن ۾ شاھ لطيف سان اندر ۾ عداوت رکندو ھو، ان ڪري ئي ھن شاھ لطيف کي اھڙي سرڪش گهوڙي تحفي طور ڏني تہ، جيئن ڀلي تہ شاھ لطيف ان گهوڙيءَ تي چڙهي روانو ٿئي ۽ اُھا گهوڙي شاھ لطيف سان پڻ ٻين سوارن جھڙي حالت ڪري. شاھ لطيف جا ڪي خيرخواھ ماڻهو موجود ھئا، جن شاھ لطيف کي ان گهوڙيءَ جي سرڪشيءَ جي باري ۾ ٻڌايو، پر شاھ لطيف انهن ڏانھن ڪو بہ ڌيان ڪونہ ڏنو، ۽ ٽپ ڏيئي گهوڙيءَ تي سوار ٿي ويٺو، ۽ گهوڙيءَ جو لغام پڻ لاھي ڦٽو ڪيائين. گهوڙيءَ اچي کنيس ۽ گهڙي کن ۾ نظر کان غائب ٿي وئي. ڪيترائي ماڻهو پٺيان ڊوڙيا، پر پھچي نہ سگهيا. 

 مير عبدالحسين سانگي لکي ٿو تہ، ان تي ميان صاحب جي چھري مان ظاھري طور تہ پريشانيءَ جا آثار ظاھر ٿي رهيا ھئا، پر اندر ئي اندر تمام گهڻو خوش پئي ٿيو.

آخر ڪجهہ دير کان پوءِ، شاھ لطيف گهوڙيءَ کي ڪُڏائيندو، ساڳئي ماڳ تي اچي پھتو، جتي ڪيترائي ماڻهو سندس انتظار ۾ بيٺا ھئا. شاھ لطيف گهوڙيءَ تان لھي، اُن کي ميان نورمحمد جي اڳيان آڻي بيھاريو. 

 جڏهن ميان نور محمد، اھو حال ڏٺو، تڏهن ڏاڍو پشيمان ٿيو، ۽ پنھنجي بدنيتي باسي، شاھ لطيف کان معافي گهريائين. پوءِ شاھ لطيف کان پڇيائين تہ: ’اوھان گهوڙيءَ جو لغام ڇو لاھي ڇڏيو؟‘ شاھ لطيف جواب ڏنس تہ: ’جڏهن خود منھنجي حياتيءَ جي واڳ ئي ڌڻيءَ جي وس آھي، تڏهن ھن وھٽ جي واڳ پنھنجي ھٿ ۾ جهلڻ مناسب نہ ڄاتم، اھا بہ ڌڻيءَ کي ئي سپرد ڪيم، تہ اھو ئي پاڻ روڪيندس يا ھلائيندس.‘ 

 اھو نُڪتو ٻڌي، ميان نور محمد جي دل تي ڏاڍو اثر ٿيو، ۽ ان کان پوءِ دل مان شاھ لطيف لاءِ دشمني ۽ ڪدورت ڪڍي ڇڏيائين.

ميين سلام الله سان ملاقات

صوفي سلام الله شاھ، صوفي شاھ عنايت شھيد جو ننڍو پُٽ ھو، جيڪو ھڪ وڏو عابد ۽ زاھد ٿي گذريو آھي. 

صوفي شاھ عنايت شھيد جي شھادت ڪري، سندس اھلوعيال وقت جي مصلحت ڪري ڪجهہ عرصي لاءِ پنھنجي سھنج لاءِ، مريدن ۾ پناھ ورتي. ٿوري عرصي کان پوءِ جڏهن حالتون سازگار ٿي ويون تہ، سندس اھل عيال وري ميرانپور ۾ (جهوڪ کان ڪجهہ پرڀرو) اچي آباد ٿيو. صوفي سلام الله شاھ بہ اتي رهندو ھو. 

 روايتن موجب، صوفي سلام الله، شاھ لطيف جا بيت ٻڌندو ھو ۽ پسند ڪندو ھو، ڪڏهن ڪڏهن ورجائيندو بہ ھو. روايتن موجب سندن پاڻ ۾ روح رهاڻيون پڻ ٿينديون رهنديون ھيون. 

نانيءَ تي کير ھارڻ

روايت آھي تہ، شاھ لطيف جڏهن جهنگن ۽ بيابانن جو سير ڪري رهيو ھو تہ ھڪ ڏينھن سنياسين جي جماعت ڏٺائين، جيڪي ’نانيءَ‘(ناني ھندن جي ھڪ ديوي آھي، جنھن جو ھنگلاج ۾ ھڪ وڏو تيرٿ آھي. ھندو کيس ھنگلاج، ديوي، ماتا ۽ امبا (اما) سڏيندا آھن، جڏهن تہ مسلمان، ان کي ’ناني‘ سڏيندا آھن. مسلمانن جو عقيدو آھي تہ، اھا حضرت عليؓ جي دائي ھئي) جي ياترا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا ھئا. شاھ لطيف بہ انهن سنياسين سان گڏجي روانو ٿيو، ۽ آخرڪار سنياسين جي ٽولي سان منزل تي پھتو. سنياسين جو ٽولو جڏهن نانيءَ تي پھتو، تڏهن دستوري رسم موجب ان تي کير ھارڻ لڳا، جيڪو وھندو ھيٺ ھليو ٿي ويو، پر شاھ لطيف جڏهن انهن سنياسين جي رواج پٽاندڙ ان پٿر يعني ’نانيءَ‘ تي کير ھاريو تہ، اھو سمورو کير، ان ۾ جذب ٿي ويو، ۽ ھڪ ڦڙو بہ ھيٺ نہ ڪِريو. ان تي سنياسين جي جماعت حيران ٿي وئي. کين گمان جاڳيو تہ ھي ڪو وڏو پھتل ساڌو آھي. ان ڪري ارادو ڪيائون تہ کيس ڪُھي کائي ڇڏجي، تہ، جيئن سندس سموريون ڪرامتون سندن اندر سمائجي وڃن. 

 شاھ لطيف کي جڏهن انهيءَ منصوبي جي خبر پيئي، تڏهن پاڻ اتان سنياسين جي ٽولي کان جدا ٿي، ٺٽي شھر ڏانھن روانو ٿي ويو، ۽ اتي اچي، مخدوم محمد معين (مخدوم ٺارو) سان مليو.

واحد ڏني فقير واري روايت

واحد ڏني فقير کان روايت آھي تہ، ھوُ ھڪ اھڙي شخص سان مليو، جنھن شاھ لطيف سان ملاقات ڪئي ھئي، جيڪو ذات جو شورو ھو، ۽ ٽنڊي قيصر جي آس پاس رهندو ھو. ھڪ ڏينھن شاھ لطيف، ٽنڊي قيصر ۾ منزل انداز ٿيو. اُھو شخص جيئن تہ ھڪ مسڪين، مفلس ۽ مقروض ماڻهو ھو، تنھن ڪري دل ۾ خيال پيدا ٿيس، تہ شاھ لطيف جو نالو تہ گهڻو ئي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، اڄ ھلي کيس رزق جي ڪشادگيءَ واسطي دعا لاءِ عرض ڪريان تہ جيئن ھن مفلسيءَ جي مصيبت کان ڇوٽڪارو ملي. دل ۾ اھو ارادو رکي، شاھ لطيف جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ آداب بجا آڻي ويھي رهيو. ان وقت فقير نيرن جي ماني ڪري رهيا ھئا. جڏهن فقير کاڌي پيتي کان واندا ٿيا، تڏهن شاھ لطيف سڀني کان پڇيو تہ ’باقي ڪو فقير رهيل تہ ڪونہ آھي؟‘ جواب ڏنو ويو تہ ’نہ سائين! سڀني کائي ڍؤ ڪيو آھي.‘ ان کان پوءِ شاھ لطيف پاڻ ماني کائڻ ويٺو، ۽ ان شخص کي بہ پاڻ سان گڏجي ماني کائڻ جي صلاح ھنيائين. ان شخص ادب کان گهڻو ئي انڪار ڪيو، پر شاھ لطيف قبول نہ ڪيو، ۽ فرمايو تہ: 

 ’ننگا آھيوُن نڱئا، اسين مارو لوڪ،

ٿر کي ڀانيون ٿوڪُ، جو ڍڪَ ڍاٽيئڙن جو.‘ 

 (شاھواڻي، غلام محمد، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقه، بيت 31، ص: 611)

پوءِ اھو شخص شاھ لطيف سان گڏ ماني کائڻ ويٺو. شاھ لطيف پاڻ ڀورا کائي رهيو ھو، جڏهن تہ ان شخص کي ماني کائڻ جو چوندو رهيو. جڏهن ماني کائي ورتائون، تڏهن شاھ لطيف پھرين ان شخص جا ھٿ ڌئاريا، پوءِ پنھنجا ھٿ ڌوتا. ان وقت ان شخص پنھنجو غريباڻو حال ساڻس اوريو، ۽ خير جي دعا لاءِ عرض ڪيو. شاھ لطيف فرمايو تہ: ’الله تعاليٰ مون کان وڌيڪ طاقت وارو، ۽ مھربان آھي.‘ انهيءَ شخص چواڻي تہ ان ڏينھن کان پوءِ خدا جي مھرباني ۽ ڪرم سان مال متاع ۽ رزق ۾ برڪت پئي ۽ خوشحال زندگي گذارڻ لڳو.

وڏيري جاني ڏيري جو پٽ عنايت

چون ٿا تہ ڀٽ شاھ جي ويجهو ’جاني‘ نالي ذات جو ’ڏيرو‘ زميندار رهندو ھو، جيڪو شاھ لطيف جو مخالف ھو. ھڪ ڏينھن شاھ لطيف، بلاول شاھ جي ڳوٺ کان ٿيندو، پنھنجيءَ جماعت سان ڀٽ شاھ ڏانھن ٿي ويو تہ رستي ۾ ھڪڙو ڇوڪر ڏٺائين، جنھن مينھيون ٿي چاريون. شاھ لطيف ان ڇوڪري کان نالو پڇيو، تنھن تي ان ڇوڪري چيو تہ: ’سائين منھنجو نالو عنايت آھي ۽ وڏيري جاني ڏيري جو پٽ آھيان ۽ مينھيون چاريندو آھيان.‘ 

 خير، شاھ لطيف اتان تہ روانو ٿي ويو، پر ھن نوجوان عنايت کي، شاھ لطيف جو انداز وڻي ويو، سو مينھيون اُتي ئي ڇڏي، سندس پٺيان ويو، ۽ ڀٽ شاھ تي وڃي ويٺو، ۽ سج لٿي بہ گهر نہ ويو. وڏيري جانيءَ کي جڏهن خبر پئي تہ سندس پُٽ، ڀٽ شاھ تي ھليو ويو آھي، تڏهن ڪاوڙ ۾ تپي باھ ٿي ويو. گهٽ وڌ ڳالهائيندي، ڪي ھمراھ ساڻ ڪري، ڀٽ شاھ تي اچي پھتو، ۽ شاھ لطيف جي جماعتين کان سندس پٽ جي اچڻ جو سبب پڇيائين. فقيرن کيس جواب ۾ چيو تہ، ’ڪير بہ ھن کي زور زبردستيءَ سان ھتي ڪونہ وٺي آيو آھي ۽ نہ ئي وري ڪو ھن کي ڪنھن قيد ڪيو آھي، جيڪڏھن ان کي وٺي وڃو تہ ڪنھن جي جهل پل ڪانهي.‘ وڏيرو جاني، پنھنجي پٽ کي وٺي ويو، پر ھو نوجوان، درويشيءَ جي دام ۾ ڦاسي چڪو ھو. پڻس کيس گهر وٺي ويو تہ وري ٻئي ڏينھن ساڳيءَ ريت ھو، شاھ لطيف جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. وڏيرو جاني، پنھنجي پٽ کي، وري وري ڀٽ تان وٺي ٿي آيو، ۽ ڇوڪرو بہ وري وري ڀٽ شاھ تي ايندو رهيو. 

 مير عبدالحسين خان سانگي ۽ مرزا قليچ بيگ لکيو آھي تہ، وڏيرو جاني، ست ڀيرا پنھنجي پٽ کي ڀٽ تان وٺي ويو، پر ھر ڀيري عنايت موٽي ٿي آيو. جڏهن اٺون ڀيرو وڏيرو جاني، عنايت ڏيري کي ڀٽ تان وٺڻ ڪاڻ آيو، تڏهن شاھ لطيف، وڏيريجانيءَ کي گهرائي چيو تہ: ’توھان پنھنجي نينگر کي اسان کان جدا ڪرڻ ڪو سولو ڪم ٿا سمجهو؟‘ وڏيري جانيءَ عرض ڪيو تہ: ’آخر سائين ڇا ڪريان، آبروءَ وارو ماڻهو آھيان. پنھنجي پٽ کي فقيرن سان رولو ڪري ڇڏڻ تہ نٿو وڻيم.‘ تنھن تي جواب ۾ شاھ لطيف ھي بيت پڙهيو: 

 عِنَاتَا! اِتَاھِين، جَانِي جَڙي ٻَڌُ، 

 آھي گَهڻُو اَھکو، فقيريءَ جو ڦَـندُ،

چَکين تہ چَرئو ٿِيين، مَيخَاني جو مَنڌُ،

ڪِينَ ڪَڍَندين ڪَنڌُ، مَنجَهان سَنگَ سيد چئي.

(شيخ، ٻانھون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر جمن ڪلياڻ، داستان 10، بيت 12، ص: 93)

ان کان پوءِ وڏيري جانيءَ شاھ لطيف جي مخالفت ڇڏي ڏني ۽ سندس فرزند، شاھ لطيف جو خاص مريد ٿي رهيو. 

 جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مطابق، جاني فقير ڏيرو، شاھ لطيف جو ننڍپڻ جو دوست ھو. شاھ لطيف جي ساڻس دوستي تڏهن ٿي ھئي، جڏهن شاھ لطيف جو ننڍپڻ ۾ پنھنجي والد، شاھ حبيب سان ڳوٺ علي محمد ڏيري ۾ رهڻ ٿيو.

ڏهيسر پليجي جو پاراتو

 شاھ عبداللطيف جون شاھ عنايت رضويءَ سان ملاقاتون ٿيون ھيون. شاھ لطيف ڪيترائي دفعا ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ نصرپور بہ ويو ھو. روايت آھي تہ، ڏهيسر پليجي نالي ھڪ زميندار، شاھ عنات رضويءَ جي بي ادبي ڪئي ھئي. جنھن تي شاھ عنايت کي ڏاڍو رنج پھتو، ۽ سندس واتان بددعا نڪتي. وڏيري کي پوءِ اچي ڊپ ورايو. شاھ لطيف انهن ڏينھن ۾ اتي ڪنھن ويجهي ڳوٺ ۾ آيل ھو. وڏيري ڏهيسر پليجي کي جڏهن خبر پيئي، تڏهن سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو، ۽ شاھ لطيف کي پنھنجي ڳوٺ اچڻ جي دعوت ڏنائين. وڌيڪ کيس عرض ڪيائين تہ: ’شاھ عنايت رضوي مون تي ناراض ٿي بددعا ڪئي آھي، اوھان خير جي دعا فرمايو تہ ڪو بچاءُ ٿئي ۽ معاملو رفع دفع ٿي وڃي.‘ شاھ لطيف فرمايو تہ: ’شاھ عنايت خدا وارو درويش آھي، ان سان ھر حالت ۾ نيڪي ڪرڻ ضروري ھئي. توکان اھا غلطي ٿي آھي.‘ چون ٿا تہ آخر اھو ڳوٺ ئي ويران ٿي ويو، ۽ ان ۾ ڪوبہ ڪونہ رهيو. 

”هنيون نہ سڪايئي ھوت لئي“

روايت آھي تہ، شاھ لطيف ’ڪوٽيسر‘ (ڪڇ) ويو، تہ اتي ’ڌيڻو ڌر‘ جبل واري مڙهيءَ جي ڪنھن ڪاپڙيءَ کي (ٻي روايت موجب خود ڌرمناٿ کي) ڏٺائين، جيڪو تپسيا ۾ وچن مطابق پنھنجي ٻانھن مٿي اُڀي ڪري جهليو بيٺو ھو. شاھ لطيف ساڻس گفتگو ڪئي ۽ کانئس ايئن ڪرڻ جو سبب پڇيو تہ ھن چيو تہ: ’تپسيا طور ٻانھن کي اُڀو جهلي سڪائي ڇڏڻ جو وچن ڪيو اٿم.‘ تڏهن شاھ لطيف کيس تنبيھ طور چيو تہ :

اَندَرِ نہ ساھُ سُڪائِيين، ٻَھَرِ سُڪايين ٻانھُون، 

 مُٺا مُٺئِي پاڻ کي، چَئينِ ’آديسي آئون‘،

او پَنڌُ پَراھُون، جِتي نظرُ ناٿ جو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 36، ص: 316)