مکيہ سير
شاھ لطيف کي جبلن، ماٿرين ۽ کليل ميدانن ۾ گهمڻ جو گهڻو شوق ھوندو ھو. مينھوڳيءَ جي موسم ۾ جڏهن وڻ ٽڻ ڌوپجي چھچ ساوا ٿي ويندا ھئا ۽ چؤطرف ڌرتيءَ تي سائي چادر وڇائجي ويندي ھئي، تڏهن فطري سونھن کيس پاڻ ڏانھن ڇڪي، گهر مان نڪرڻ تي مجبور ڪندي ھئي، ڇو تہ قدرت جا نرمل نظارا سندس قلب کي قوت ۽ روح کي راحت بخشيندا ھئا. ڪڏهن بلڙي شريف ۾، پنھنجي تڙ ڏاڏي شاھ ڪريم جي درگاھ تي، تہ ڪڏهن وري خيرپور رياست جي ڳوٺ، درازن ۾، سچل فقير جي ڏاڏي صاحبڏني فاروقيءَ سان ملڻ ويندو ھو ۽ يا وري ڪڏهن ڪنھن مريد جي ڳوٺ وڃي ڪجهہ ڏينھن مھمان ٿي رهندو ھو. اھڙيءَ طرح شاھ لطيف ذري گهٽ سڄي سنڌ گهميو. ھڪ ڀيري شاھ ڪريم جي قبي جوڙائڻ لاءِ، ڪاشيءَ جون سرون خريد ڪرڻ لاءِ ملتان ويو ھو، جتان درياھ جي رستي، ٻيڙيءَ ۾ لھوارو آيو ھو، ۽ خداآباد وٽ ساھي کڻڻ لاءِ لنگر انداز ٿيو ھو. ھو ملتان نہ رڳو سير جي ارادي سان پر ڪم سانگي بہ ويو ھو. پاڻ سچو سير، ٽي ورهيہ ساندھ، جوڳين ساڻ گڏجي ڪيائين ۽ ھندن جا ڪيترا تيرٿ ۽ تڪيا ڀيٽيائين. انهيءَ عرصي ۾ ھو، ٻہ ڀيرا ھنگلاج ۽ ھڪ ڀيرو لس ٻيلي ۽ ڪڇ جي شھر گرنار بہ ويو ھو. ھُو جيسلمير بہ ويو ھو، ۽ ھڪ دفعي لاھوت لامڪان جي زيارت پڻ ڪئي ھئائين. اھي ھئا سندس مکيہ سير جيڪي ھن ھند ۽ سنڌ ۾ ڪيا.
شاھ جو رسالو ڪو سفرنامو ڪونهي، جنھن مان پوري پروڙ پوي، تہ ھو انهن سيرن تي ڪھڙين ڪھڙين واٽن کان ويو ۽ اتي ڇا ڇا ڏٺو ھئائين. تنھن ھوندي بہ رسالو انهيءَ ڏس ۾ گهڻي رهنمائي ڪري ٿو. رسالي ۾ شاھ لطيف پنھنجي سير سياحت جو احوال عمديءَ عبارت ۽ سھڻن ورنن ۾، ڏاڍي ڍنگ ۽ طرز سان بيان ڪيو آھي. ٿر جو تہ سربستو احوال ڪيو اٿس ۽ اتي جا اھڙابيان ٻڌايا اٿس، جي ٻئي ڪنھن بہ ڪتاب مان ملڻ مشڪل آھن. اھي سڀ بيت، رسالي ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آھن، جيڪي ترتيب وار بيھاربا تہ ھڪ چڱو خاصو سفرنامو تيار ٿي سگهي ٿو، جنھن مان پوريءَ ريت پروڙ پوندي تہ ھو اُنهن پاسن ڪھڙين ڪھڙين واٽن کان ويو ھو ۽ ڪھڙا ڪھڙا بيت چيا اٿس. ھن قسم جي کوجنا ڪرڻ سان، شاھ لطيف جي حياتيءَ جي احوال تي ھڪ نئين قسم جي روشني پئجي سگهندي ۽ رسالي مان بہ ھڪ نئون رس ايندو.
شاھ جي رسالي ۾ رڳو روحاني راز بيان ٿيل ڪونهي، پر ڪيترن ھنڌن تي نصيحت جا نڪتا منظوم انداز ۾ بيان ٿيل آھن. ڪٿي تہ صفا سنڌ جي آڳاٽي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا بيان آھن، جن مان پڙهندڙن کي پوريءَ طرح پروڙ پوندي تہ سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا ڪيترا گم ٿيل ورق رسالي ۾ موجود آھن. اھڙيءَ ريت ڏُڪار ۽ سُڪار جي حالتن ۾ عام ماڻهن جي ڪھڙي ڪيفيت ھوندي ھئي، اُھا بہ بيان ڪئي آھي. سُر سامونڊي ۾ تہ وڻجارن جي وَھِين جون اھڙيون تہ المناڪ حالتون بيان ڪيون اٿائين جو پڙهندي جيءُ پيو جهڄي.
مکيہ سير ۽ انهن جا سبب
شاھ لطيف، ھڪ وڏو وطن دوست شخص ھو. سنڌ سان اھڙي تہ دل ھيس جو ان لاءِ ڌڻيءَ جي بارگاھ ۾ دعا پني اٿس:
سائِين سَدائين ڪَرين مٿي سنڌُ سُڪارَ،
دوستَ مِٺا دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 23، ص: 412)
شاھ لطيف جي پنھنجي وطن لاءِ ايڏي سڪ ۽ دل ھوندي بہ آخر ڪھڙو سبب ھو جو ھن ٽي ورهيہ سانده ڏک ڏاکڙا قبوليا؟
بِرهَه مَڻايُسِ بَرُ، ناتَ سُکِي ڪيرَ سَڌون ڪَري،
گهڻُو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لئي ڏُونگرُ،
وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُييءَ جا سابِ پِيا.
(غلام محمد شاھواڻي، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 3، بيت 19، ص: 389)
اھا برھ جي باھ ھئي، جنھن شاھ لطيف کان اباڻي ڳوٺ جا وڻ ڇڏايا. ھن جي اندر ۾ محبت اھڙو تہ مچ مچايو ھو، جو ھو ڏينھن جا ڏينھن برپٽ بيابان جهاڳڻ لڳو. شاعري، جيڪا ھيلتائين ھن جي دل ۾ لڪل ھئي، سا ھاڻ عشق جي تاثير ھيٺ ڀڙڪو کائي ٻاھر نڪتي. پوءِ ھو ڦوڙائي ۽ فراق جا اُھي بيت چوڻ لڳو جو سندس نينھن جي نعرن جا پرانھن پَٽن ۾ پڙاڏا ٻُڌا ويا. حبيب شاھ پنھنجي پياري پُٽ جي اھڙي پريشان حالت ڏسي، کيس سڀاويڪ خيال ٿيو ۽ سندس خاطريءَ لاءِ انهيءَ سڱ ڇڪڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪيائين، پر ڪو وقت سندس سعيا سجايا نہ ٿيا. شاھ لطيف نھايت نااميديءَ وچان ديس ڇڏي، پرديس جا ڏک ڏاکڙا سٺا:
ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولِي سَسُئِي،
اَندَرِ جَنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃَيو اُنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 1، بيت 8، ص: 285)
وطن جا وڻ ڇڏڻ: ڪراڙ ڍنڍ، جا شاھ لطيف جي وسايل ڀٽ جي ڀر ۾ آھي، تنھن جو نالو توڙي ديھ گنباٽ ۽ ٻين ويجهن مڪانن جا نالا رسالي جي سُر سارنگ ۾ ڏنل آھن، جن مان ظاھر آھي تہ شاھ لطيف پنھنجي ڳوٺ جي پسگردائيءَ ۾ چڱا چڪر ھنيا ھئا، پر ھاڻي اھڙا چڪر ھڻڻ جو چاھ ڪونہ رهيس. ھو عشق جي اثر ھيٺ ھو ۽ ڪي بہ مِٺو نٿي لڳس، تنھن ڪري پنھنجي وطن جا وڻ ڇڏي، ھالن کان شاھي رستو وٺي حيدرآباد ڏي رُخ ڪيائين. آڳاٽي وقت ۾ حيدرآباد کي ’نيرون ڪوٽ‘ چوندا ھئا. نيرون نالي ھڪ راجا جيڪو ٻڌ ڌرم جو پوئلڳ ھو، تنھن جو ڪوٽ ھاڻوڪي پڪي قلعي واري پَٽ تي اڏيل ھو.
حيدرآباد وارو موجودہ قلعو، سن 1768ع ۾، ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جوڙايو. شاھ لطيف، 1752ع ۾ گذاري ويو، تنھن ڪري چئبو تہ ھي شھر کانئس سترهن ورهيہ پوءِ وڌيو ۽ ويجهيو. رسالي ۾، حيدرآباد جو نالو ڪونهي، پر سُر کاھوڙيءَ ۾، گنجي ٽڪر جو نالو ڪيترن ئي بيتن ۾ ڏنل آھي:
پيئِي جَنِين پَروڙَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڇَڏي سَڀِ ضَرُورَ، لوچي لاھُوتِي ٿِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 2، بيت 5، ص: 753)
جَنِين پيئِي باسَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڇَڏي سَڀِ لِباسَ، لوچي لاھُوتِي ٿِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 2، بيت 6، ص: 753)
گَنجو ڏُونگَرُ گامُ، پيھي جَنِ پَرُوڙِيو،
ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچـٖي لاھُوٽي ٿِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 2، بيت 7، ص: 753)
گنجو ٽڪر، ايامن کان مشھور آھي. اھو ھنڌ اڳي مقدس ليکبو ھو، جو اُتي ڪي درويش دفن ٿيل آھن. گنجي ٽڪر جي مھڙ ۾، ڪالي ماتا جو مندر بہ آھي. ڪاليءَ تي اڳي ڪٿي ڪٿي جا جوڳي، ديويءَ جي درشن لاءِ ايندا ھئا ۽ اڄ بہ ڪيترائي سنياسي، ساڌو ۽ ٻيا قسمين قسمين فقير اتي ايندا آھن، جي ڪڙڄ ڪاٺيون ميڙي دونھيون دکائين ٿا.
شاھ لطيف، اھل دل انسان ھو، ۽ مذھبي ڪٽرپڻي جو ڪَٽُ سندس قلب تي چڙهيل ڪونہ ھو، تنھن ڪري ڪاليءَ تي وڃي، جيڪڏھن ڪن جوڳين، سامين، سنياسين ۽ ساڌن سان سنگت ڪيائين، تہ ان ۾ عجب جي ڳالهہ ڪانهي. ھو جيتوڻيڪ ان وقت اڃا ايڪيھن ورهين جي ڄمار جو ھو، ۽ دنيا جو آزمودو اڃا پرائڻو ھوس، تہ بہ ڪن ٺوڳين جي ور چڙهڻ وارو نہ ھو. پاڻ چيو اٿس:
گولا جي گِراھِ جا، جُوٺا سي جوڳِي،
ڦِٽَل اُو ڦوڳِي، جَنِين شِڪَم سانڍِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 4، بيت 16، ص:796)
سندس ھن بيت مان ظاھر آھي تہ، ھو فقيرن کي پريائين پرکي سگهندو ھو. رسالي مان معلوم ٿئي ٿو تہ، ڪاليءَ تي جيڪي جيڪي جوڳي کيس گڏيا، تن کي بہ پھريائين ڀليءَ ڀت ويھي پرکيو اٿس.
ڪِيَم ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِھرِيين ڏينھن پَرُوڙَ،
سَگها ساعَتَ نَه ھيڪَڙِي، چارَئي پَھَرَ چُورَ،
سَدائِين، سَيَدُ چي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،
جوڳِي ساڻُ ضَرورَ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي داستان 2، بيت 1، ص: 786)
اھڙيءَ طرح سُر رامڪليءَ ۾، ٻارهن ڏينھن بابت بيت موجود آھن. ٻانهي خان شيخ جي سھيڙيل شاھ جي رسالي جي ٽئين جلد ۾، سُر رامڪليءَ ۾ (ص: 40 کان 50) ٽيھن ڏينھن بابت بيت آھن. اھي بيت ڏيکارين ٿا تہ ھن، اھي ڏينھن جوڳين ساڻ ويھي جاڳيا ڇو تہ پوريءَ پرک ڪرڻ ڌاران ھو، ڪنھن جي صحبت ڪرڻ وارو نہ ھو. اھڙيءَ طرح جڏهن خاطري ٿيس تہ اھي برابر ڪامل جوڳي آھن ۽ سندن صحبت مان فيض رسندو، تڏهن نہ رڳو سندن ساراھ ڪيائين، پر گنجي ٽڪر جا ڳُڻ بہ ڳايائين:
پيرُ پروُڙي پاءِ، گَنجي ۾ گُنَ گَهڻا،
کاھوڙِي کَرا وِيا، نَه ڪا اوڏِي ماءِ،
جَنِين ڏِٺي جاءِ، تَنِين موٽَڻُ مِيھَڻو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 2، بيت 9، ص:754) گنجي ڏونگر ۾، حيدرآباد کان ويھارو ميل پري ٽکڙائي ساداتن، عام ماڻهن ۽ سرهندي پيرن جو مقام آھي، جيڪو شاھ لطيف کان پوءِ جو آھي، پر شاھ لطيف جي دؤر ۾ اُتي ٻہ ڀائر ميون احمد ۽ ميون محمد درس رهندا ھئا، جن جون قبرون ڳنڀيرن واري مقام کان ھيٺان آھن. اھي ڪورڪو ڌنڌو ڪندا ھئا ۽ انهن جي آڏاڻن جا اھڃاڻ ڳنڀيرن واري مقام وٽ موجود آھن. انهن ٻن ڀائرن سان شاھ لطيف جي روايت پڻ ملي ٿي، جيڪي اُن وقت وڏي ڄمار جا ھئا. ميون محمد ابراھيم درس بہ ان روايت کي صحيح چيو ھو. شاھ لطيف ھي بيت شايد انهن درويشن بابت چيو آھي:
جيڪي ڏِنائون، سو سِرُ ڏيئِي سَھُ ڄندڙا!
مَ چَئو ڇِنائُون، اِي پُڻ ڳَنڍِئو سَڄڻيٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 8، بيت 9، ص:125)
ھنگلاج ويندي:
ڪَنَ-ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپڙِي، ڪَنوٽيا ڪن ڌار،
ھَلَنِ جي ھِنگِلاجَ ڏي، بابوُ ڇڏي بارَ،
جي ڪِينَ قَبوُلَڻَھارَ، ھلو تَھ تَڪِيا پَسوُن تَنِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 8، ص:791)
حيدرآباد ۾، گنجي ٽڪر وٽ جيڪي جوڳي شاھ لطيف کي گڏيا، تن بابت چوي ٿو تہ، منھنجي ملاقات انهن جوڳين سان ٿي، جن جي اٺئي پھر، نانيءَ (هنگلاج) ڏي نھار ھئي، يعني کين اوڏهين ھلڻ جو اونو ھو. اتي پاڻ بہ ھنگلاج ھلڻ لاءِ دل ٻڌائين ۽ سائينءَ در سوال ڪيائين تہ شل آءٌ انهن جي سنـڱ ۾ رچي ريٽو ٿيان:
سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سين جوڳِيين،
ھَلَڻَ جو ھِنگلاجَ ڏي، آديسِنِ اُتومَ، سائِين! سَڱُ سَندومِ،
نِيئِي پُوربَ پارَ ڏي، ويراڳينِ وِڌومِ، سائِين! سَڱُ سَندومِ،
سو ئِي تِيرَٿَ تَڪِيو، سو ئِي پَنڌُ سَندوم، سائِين! سَڱُ سَندوم،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان 1، وائي-1، ص:843-844)
ھيءَ، سر پورب جي وائي آھي، جنھن ۾ شاھ لطيف چوي ٿو تہ آءٌ پاڻمرادو جوڳين جي پٺيان ڪاھي ڪونہ پيس، پر ھنن پاڻ مون کي ھنگلاج ھلڻ لاءِ چيو. اھو پاسو اڳي منھنجو ڏٺل ئي ڪونہ ھو، اِھو سامين ڏيکاريم. رسالي مان ھيءَ ڳالهہ بہ ظاھر آھي تہ، شاھ لطيف سمجهيو ٿي تہ، اھو ڪشالي جو پنڌ آھي تہ بہ ھنگلاج ھلڻ جا ڏک ڏاکڙا قبول ڪيائين.
ھنگلاج جو تيرٿ، ھڪ فقيراڻو تيرٿ آھي، جيڪي جوڳي، ساڌو، سنت، عامل ۽ ڀائيبند اوڏانھن ويندا آھن، سي زالين مڙسين، ٻارين ٻچين گيڙوءَ رتا ڪپڙا ڪري ويندا آھن. شاھ لطيف سان جيڪي بہ جوڳي ھئا، تن کي تہ اڳيئي گيڙو ويس ھوندو، پر کيس بہ ضرور اھڙي پوشاڪ ڍڪڻي پيئي ھوندي. ھن ڳالهہ جو ذڪر سُرسسئي آبريءَ ۾ ھن طرح ڪيو اٿس:
اَڄُ مَلِيندِس ماءِ! ڌَاڄَا ڪَنديس ڪَپَڙا،
جِيجان! جوڳِياڻي ٿِيان، آيَلِ جُهلَ مَ پاءِ،
ھوتَ ٻروچي لاءِ، ڪنين ڪُنَرَ پِائيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آبري، داستان 4، بيت 10، ص: 299)
شاھ لطيف جي گيڙوءَ رتي ڪفني ليڙون ٿيل حالت ۾ اڃا تائين درگاھ جي گادي نشين وٽ محفوظ آھي.
ڪَڇٖي ڪاڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينھن جِي،
جِهَڙا آيا جَڳَ ۾، تَھِڙا وِيا موٽِي،
اُنِين جِي چوٽِي، پُورَبِ ٿِيندِي پَڌِرِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 9، بيت 7، ص: 818)
ھن مان سمجھجي ٿو، تہ ان وقت لانگوٽ بہ چاڙهيو ھئائين. انهن جوڳين سان گڏجي شاھ لطيف پنھنجي وطن جا وڻ ڇڏي، دنيوي لاڳاپا ٽوڙي، ھڪ سنياسي ساڌوءَ جي ويس ۾، ڏونگر ڏورڻ لاءِ گنجي ٽڪر کان ھنگلاج وڃڻ لاءِ ڪراچيءَ ڏانھن رُخ ڪيو. جوڳين جا پيٽ ھميشه ڪشيل ھوندا ھئا ۽ ھو پنڌ ڪرڻ تي سدائين ھريل ھوندا ھئا. جوڳين سان گڏ شاھ لطيف بہ پيادو روانو ٿيو، ۽ پوءِ ھيٺين ماڳن تان ٿيندو، ھنگلاج پھتو. انهن ماڳن جو ذڪر ھن ريت آھي.
هيلايا ۽ ڪينجهر وٽان گذر
تِھَڙو ڪينجهر ۾ ڪِينَ ٻِيو، جِهَڙِي سونھن سَندِياسِ،
مَڏَ، مِياڻِيُون، مَڪُڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياسِ،
مُورِڇَلَ مَٿاسِ، اُڀو تَماچِي تٖي ھَڻٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 1، بيت 24، ص:624)
ميءِ ھَٿَ ۾ مَڪُڙِي، ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ،
سَڄو ڏينھن شِڪارُ، ڪِينجُهرَ ۾ ڪالهَه ھُئو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 2، بيت 7، ص:627)
شاھ جي رسالي ۾، گنجي ٽڪر کان پوءِ، ڪينجهر ڍنڍ جو نالو ڌيان ڇڪائي ٿو. ڪينجهر جو نالو، ٿورن بيتن ۾ آندل آھي جن مان سمجهي سگهجي ٿو تہ شاھ لطيف، ھنگلاج ڏانھن وڃڻ لاءِ ڪھڙي واٽ ورتي ھئي. ھيءَ جوڳين جي جاٽ، گنجي ٽڪر کان ھيلاين ڏانھن رواني ٿي. ھن وقت ھيلاين وڃڻ لاءِ ٺٽي کان حيدرآباد ويندڙ روڊ تي، 26 ڪلوميٽر اولھائين ڏاکڻي ڪُنڊ تي نئشنل ھاءِ وي کان منو ڪلوميٽر پري ھڪ ٽڪري آھي، جنھن جي ڊيگهه ويڪر لڳ ڀڳ ٻہ ڪلوميٽر کن ٿيندي، ان کي اڄ بہ ھيلاين جي ٽڪري ڪوٺيو ٿو وڃي. ھيءَ ٽڪري، ڊيگهه ۾ ھڪ ڪلوميٽر تي پکڙيل آھي. ھن ٽڪريءَ تي قديم دؤر جون چٽساليءَ واريون ۽ ساديون قبرون بہ آھن. ٽڪريءَ جي ڳچ حصّي تي قبرون پکڙيل آھن. ڪن قبرن تي ٽي ساڍا ٽي فوٽ ڊگها پٿر اُڀا ٿيل آھن. ٽڪريءَ تي ڳوٺ يوسف ھيلايو آھي، ڳوٺ جي اندر پٿر جون گهاڙي قبرون آھن، جن کي ’هندورو پير‘ جي نالي سڏين. اھي قبرون بہ مٿان ڊھي چڪيون آھن ۽ ھيٺيون حصو ھندوري نما بچيل آھي. ھن تر ۾ اھا ڳالهہ عام آھي تہ ھتان ئي شاھ لطيف جي واٽ آھي، ڪي ماڻهو ان ھندوري پير جي ڀرسان ھڪ ٿلهي نما صاف ٿيل جاءِ کي ’شاھ جو تڪيو‘ بہ سڏين ٿا، تہ شاھ لطيف ڪينجهر تي ڀيرو ڪندي ھتي ترسندو ھو. ھن جُوءِ ۾ ٿوھر جا وڻ بہ آھن، پر ٽڪريءَ تي ڪوبہ ٿوھر جو وڻ ڪونهي. ٽڪريءَ جي مٿاڇري تي ھن وقت ڳوٺ جي آبادي وڌندي پئي وڃي، آھستي آھستي قبرون گهرن جي اڱڻن جي ھيٺيان اينديون وڃن، تازو ڳوٺ جي چڱي مڙس جي ٺھيل ٺاھوڪي اوطاق بہ ڪيئي قبرون ڳڙڪائي وئي آھي.
ھيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھ،
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جِي ساءَ، لڳي اُتَرَ واءَ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 2، بيت 7، ص:627)
شاھ لطيف چوي ٿو تہ ھيٺ جر (جل’) يعني پاڻي آھي، يعني ھيلاين واري ٽڪريءَ جي ھيٺان ڪينجهر ڍنڍ پيئي وھي، مٿي يعني ھيلاين واري ٽڪريءَ جي مٿان، ڪنڊيءَ جي وڻن ۾ سڱر بہ آھن. ڪنڊيءَ جي وڻ جي ٻور کي ’مڃر‘ چئبو آھي. ٻئي ’پاسي ۾ وڻراھ‘، يعني وڻڪار جو ذڪر آھي. اھڙيءَ طرح ٻيءَ مصرع ۾ تماچيءَ جي ڳالهہ ڪئي اٿس. سما گهراڻي جي ڄامن، جن سنڌ تي راڄ ڪيو، تن مان ھڪ ڄام تماچي ھو. ھن حاڪم، پنھنجي لاءِ ڪينجهر ڍنڍ جي ڀرسان، ھيلاين واري ٽڪريءَ تي ھڪ عاليشان ماڙي جوڙائي ھئي. شاھ لطيف اھا ماڙي ضرور ڏٺي ھوندي، ڇاڪاڻ تہ اھا ويجهڙائيءَ واري عرصي ۾ ڀڄي ڀُري وئي، پر اتي جا وڏڙا اُن ماڙيءَ جي ڪن آثارن جو ذڪر ڪن ٿا، اُن جا نشان ڪينجهر جي بند جي ڀرسان اوڀر واري پاسي اڄ بہ ڏسي سگهجن ٿا، شاھ لطيف بہ ان ماڙيءَ جو ذڪر ڪيو آھي:
ماڙِيءَ چَڙهِئو مي، ٿي ھَڻي حرف حساب جو.
(شيخ، ٻانهون خان، (2002ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرڪاموڏ، جلدٽئو، داستان 1، بيت 8، ص: 533)
ڄام تماچي، مھاڻن جي نوريءَ نالي ھڪ نماڻي گندري پرڻيو ھو. سندن ذڪر ڪندي شاھ لطيف چوي ٿو، تہ سنڌ جي حاڪم جي مھاڻن سان مائٽي ٿي، تہ ننڍي وڏي گندريءَ (مُھاڻيءَ) جي ھيلاين واري ماڙيءَ تي ڌُوم مچي وئي ھئي يعني اتي بنا جهل پل جي اينديون وينديون ھيون. انهيءَ عاشقاڻي قصي بابت شاھ لطيف سُر ڪاموڏ ۾ ڪيترائي بيت چيا، پوءِ سُر ڪارايل ۾ بہ، ڪينجهر ڍنڍ جي ڪنڌيءَ وٽ گهمندي جيڪي ڪجهہ ڏٺو اٿس، تنھن جو بہ ذڪر ڪيو اٿس. مثلاً: ڪنول گلن ۾ ڀؤنر جو واسو، درياھي پکين جو مڇي مارڻ، پارهيڙين جو پکين ڦاسائڻ لاءِ پھ ڪرڻ ۽ پکين جو ڍٻيءَ ۾ ڍير ٿيڻ، انهن مڙني ڳالھين بابت ٿورا پر نھايت وڻندڙ بيت چيا اٿس. اھڙيءَ طرح ڪينجهر ڍنڍ تي ھر ڪا ڳالهہ جاچيندو، ٺٽي ڏانھن روانو ٿيو. ٺٽي وٽان گذر: سنڌ ۾ جڏهن سمن جي صاحبي ھئي، تڏهن سندن گاديءَ جو ھنڌ پھريائين ساموئي نگر ھو. اڄ اھو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي، جو مڪلي ٽڪريءَ جي اتر طرف، بنه ڇيڙي تي آھي، مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي ئي ڄام نظام الدين ۽ مائي مڪليءَ جي مزارن جي وچ واري ايراضيءَ ۾، پٿر جو ھڪ چبوترو ٺھيل آھي، جنھن ۾ ٻہ وڏيون قبرون ۽ ھڪ ننڍڙي قبر آھي، اھي نوري ۽ ڄام تماچيءَ جون قبرون چيون وڃن ٿيون. ’ساموئيءَ‘ کان پوءِ، گاديءَ جو ھنڌ ’ڪلان ڪوٽ‘ ٿيو، جنھن کي ’تغلق آباد‘ بہ سڏيندا ھئا، ڪلان ڪوٽ جا آثار ھن وقت مڪلي - غلام الله روڊ تي، مڪليءَ کان ٽي ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، لڳ ڀڳ ستر کن ايڪڙن ۾ ڏسي سگهجن ٿا. ھتي چوڌاري ڊٺل ڪوٽ جا نشان، اندر سرن وارين ڍٺل جاين جا نشان بہ آھن، ھن ڪوٽ جي اتر ۾، ھاڻي سينٽرل جيل ٺٽو ٺھي رهيو آھي.
ان کان پوءِ، ٺٽي جو شھر سومرا دؤر ۾ سن 1340ع ڌاري ٻڌو ويو. ٺٽي پاسي، سنڌو نديءَ ۾ واڳون ۽ سيسار جام ھوندا ھئا ۽ بگهياڙ واھ تہ ڄڻ واڳن جو گهر ھو. شاھ لطيف کي انهن مڪاني حالتن جي سُڌ ھئي، تنھن ڪري سُر سھڻيءَ ۾ واڳن، سيسارن، مَڇن وغيرہ جو ذڪر ڪيو اٿس. ٺٽي کان گُجي ڏانھن شاھي رستو وڃي ٿو. گُجي کان اٽڪل 20 ڪلوميٽر پري گهاري جو شھر آباد آھي، ھي شھر ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آھي. شاھ لطيف انهيءَ واٽ جو ڪوبہ ذڪر ڪونہ ڪيو آھي، پر گهاري کان ٿورو ئي اڳتي ڀنڀور اچي ٿو، جنھن جو گهڻو ذڪر ڪيو اٿس.
ڀينَرُ! ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَل ٿِي گهارِيان،
سَڄَڻَ جي سانگِ وِيا، سيئي ٿِي سارِيان،
سي ڪيئن وِيسارِيان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان 3، بيت 5، ص:444)
ڀنڀور وٽان گذر
ڀنڀور، ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آھي، ۽ گهاري شھر کان اٽڪل 8 ڪلوميٽر پري اولهہ طرف واقع آھي. ھيءُ اڳي ھڪ وسندڙ شھر ھو. ھاڻ رڳو کنڊرن جا آثار آھن. لوڪ داستان جي ڪن روايتن موجب ھيءُ اھو ساڳيو شھر آھي، جنھن ۾ سسئي، محمد کٽيءَ جي گهر نپني ھئي ۽ پنھونءَ سان پرڻي ھئي. سسئي ۽ پنھونءَ جي پريت سببان اڄ بہ ڪيترائي ماڻهو، انهيءَ ھنڌ جي زيارت ڪرڻ ايندا آھن.
شاھ لطيف ٻين ڪردارن بابت بہ گهڻا ئي بيت چيا آھن، پر جيترو ڪلام سسئيءَ بابت چيو اٿس، اوترو ٻئي ڪنھن بہ ڪردار بنسبت ڪونہ چيو اٿس. اِن لاءِ ٻہ سبب آھن:
پھريون ۽ مکيہ سبب ھي آھي تہ شاھ لطيف جي دل جون حالتون سسئيءَ جي حالتن سان بلڪل ٺھڪي ٿي آيون. سسئي پنھونءَ جي طالب ھئي ۽ شاھ لطيف بہ ساڳي مجازي ڪيفيت مان گذرڻ کان پوءِ وڃي جوڳين سامين وٽ پھتو ھو ۽ سندن صحبت ۾ حق جي تلاش ۾ نڪري پيو ھو. انهي ڪري ئي ڪفني پھري، جوڳين سان گڏ، جوڳ پچائڻ نڪتو ھو. اھڙيءَ طرح ھنن ٻنهي جون حالتون ھڪٻئي سان گهڻو ملي ٿي آيون، تنھن ڪري ئي شاھ لطيف، پنھنجي سڪ ۽ درد جا داستان گهڻو تڻو سسئيءَ جي واتان (پنجن سُرن ۾) چوايا آھن.
ٻيو مکيہ سبب ھي ھو تہ ڪيچ ڏانھن وڃڻ لاءِ جيڪا واٽ سسئيءَ ورتي ھئي، اُھا ئي واٽ گهڻو ڪري شاھ لطيف کي لاھوت ۽ ھنگلاج ڏانھن وڃڻ لاءِ وٺڻي پيئي ھئي. اھو جبلن جو پنڌ نھايت ئي اڻانگو آھي. شاھ لطيف، ڏونگرن جا اھي ڏاکڙا پاڻ ڏٺا ۽ سَٺا، تہ وِک وِک تي سسئي ياد آئي اٿس ۽ ڪوھستان جي ڪوھسارن جي ڪشالي واري پنڌ جو سمورو احوال، ان جي واتان چوايو اٿس. جن جي ڪري شاھ لطيف ٻين ڪردارن بابت ھڪ ھڪ سُر، پر سسئي بابت پنج سُر چيا آھن.
سسئي، پنھنجي پنھونءَ لاءِ جوڳياڻي بڻجي، ڀنڀور کان ملير (ڪراچي) وئي ۽ اتان ’مَيي جبل کان ٿيندي، لوھارڪي لنگه‘ واري واٽ وٺي حب ندي اُڪري، پٻ جبل واري پاسي وئي ھئي. شاھ لطيف بہ ڀنڀور کان ملير ڏي آيو آھي تہ، اُتي جي مينديءَ جو ذڪر ڪيو اٿس. ملير جي ميندي اڳي مشھور ھوندي ھئي.
’لائينديس لڱن کي، مليران ميندي.‘
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان 12، بيت 34، ص: 490)
ڪلاچيءَ (ڪراچي) وٽان گذر
ڪراچيءَ ۾، ڪياماڙيءَ جي ويجهو، اڳي ھڪ وڏو ڪُن ھوندو ھو، جنھن کي ’ڪلاچيءَ جو ڪُن‘ ڪري سڏيندا ھئا. انهيءَ ڪُن ۾ ھڪ وڏو مانگر مڇ رهندو ھو، جنھن مورڙي نالي ھڪ مھاڻي جا ڇھَ ڀائر ڳھي ڇڏيا ھئا، پر آخر مورڙي ان کي ماريو ۽ ڀائرن جو بدلو ورتو. شاھ لطيف انهيءَ ڳالهہ بابت بيت چوندي، ھن قھري ڪُن جو ذڪر ھيٺين ريت ڪيو آھي:
ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ ويا، ڇَتِيُون کَڻِي ڇُڳيرَ،
ڀائَرِن ڀيرو نَه ڪِيو، اَدن ڪِي اوير،
اَھِڙِي خاصِي کيرَ، ڪُن وَرائي جَهلِيي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان 1، بيت 4، ص:632)
شاھ لطيف جڏهن ڪراچيءَ وٽان لانگهائو ٿيو، تہ ان وقت ڪلاچيءَ جو ڪُن مشھور ھو ۽ اتي فقط ھڪ ڳوٺڙو ھو، جنھن ۾ مھاڻا رهندا ھئا. سيٺ نائون مل ڀوڄواڻيءَ پنھنجي حياتيءَ جي احوال ۾ ڄاڻايو آھي تہ: ’ڪراچيءَ جو شھر، 1769ع ۾ وسيو‘. جيئن تہ شاھ لطيف 1689ع ۾ ڄائو ۽ ايڪيھن ورهين جي عمر ۾، يعني 1710ع ڌاري جوڳين سان گڏ، ھنگلاج ويو ھو، ان وقت اڃا ڪراچيءَ جو شھر ٻَڌل نہ ھو، پوءِ بہ ’ڪلاچي‘ ۽ ’ڪُن‘ شاھ جي شاعريءَ جا اھم استعارا آھن.
حب ندي
حب ندي، ڪراچيءَ کان اٽڪل 22 ڪلوميٽر پري آھي. اھا ندي، پٻ جبل جي اتر واريءَ قطار وٽان، بلوچستان جي حد مان ھلي، اٽڪل 386 ڪلوميٽرن تائين پنھنجو گس ٺاھيندي، ڪراچيءَ جي اولهہ طرف سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
ھنگلاج ڏانھن وڃڻ لاءِ حب کان وِندر وارو رستو وٺڻو پوي ٿو. ھن وقت اھو رستو پڪو ٺاھيو ويو آھي ۽ ان تان موٽر گاڏين ذريعي ھنگلاج وڃي سگهجي ٿو. ھنگلاج طرف پنڌ وڃڻ وارا جاٽي، ڪراچيءَ مان نڪرڻ مھل، ھڪ پيادو پاڻ سان کڻندا ھئا، جنھن کي ’اڳوئو‘ يا ’بورائو‘ يعني ’اڳواڻ‘ ڪوٺيندا ھئا. ان، ’اڳوئي‘ پٺيان سڄو ٽولو ھلندو ھو. اھا ھڪ جهوني رسم ھوندي ھئي جا پنڌ ويندڙ اڃا نڀائيندا اچن. شاھ لطيف سُر حسينيءَ ۾ ’بورائي‘ (قاصد/سونھين) جو ذڪر ڪيو آھي. سسئيءَ کي صلاح طور چيو اٿس تہ:
لَکين لوڙائُو، سَھَسين آھِنِ سُڃَ ۾،
بَرَ ۾ بورائو، کَڻُ پيادِي پاڻ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان 12، بيت 25، ص: 489)
ڪراچيءَ کان ھنگلاج، اٽڪل 300 ڪلوميٽر پري آھي، تنھن ڪري جاٽين کي ضرور منزلون ڪرڻيون پون ٿيون. ھن تر جا ماڻهو، ’منزل‘ بدران عام طرح ’پاڻو‘ لفظ ڪم آڻيندا آھن. ’پاڻو‘ معنيٰ جتي ماني پاڻي يا چپو چُورو ڪجي. ھنگلاج جا جاٽي، پھريون پاڻو، حبنديءَ تي ڪندا آھن. رسالي جي سُر آبريءَ ۾، شاھ لطيف چيو آھي تہ:
واقِفِ نَه وڻِڪارَ جِي، جِتِ جَبَلُ جوراڻُو،
اُتي عبداللطيف چي، سُڄي سَفَرُ سٽاڻُو،
پِھرو ئِي ’پاڻُو‘، سَوَلو ڪَرِيين ساٿ جو.
)شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سسئي آبري، داستان 2، بيت 7، ص: 290(
ھن مان معلوم ٿئي ٿو تہ اھو ’پاڻو‘ لفظ ھن تر ۾ عام ھو. شاھ لطيف حب واري پاسي ’روجهہ‘ جانور جو ذڪر بہ آندو آھي:
روجَھ ڏِٺائِين راتِ، ھوتُ ڳولِيندي حَبَ ۾،
ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِيِئي، توءِ تَنِين جي تاتِ،
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَناءَ مُئِيءَ نَه وِسَرِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 5، بيت 3، ص: 396)
روجهہ ھڪ جابلو ڳئون (نيل گانءِ) آھي، جنھن جي پيرن واري مٿين کل، اَٰڇسري ھوندي آھي. حب نديءَ واري پاسي تنھن وقت روجهہ ھوندا ھئا، جيڪي اڪثر رات جي وقت حب نديءَ مان اچي پاڻي پيئندا ھئا. ھن وقت ھن سڄي تر ۾ روجهہ يا جهنگلي ڳئون سپجي بہ ڪانہ، باقي حب جي ٻنهي پاسن واري جهنگ ۽ ننڍين ماٿرين ۾ ڳاڙهو ھرڻ ملي ٿو ۽ سامهونءَ وارن جبلن ۾ جهنگلي ٻڪر (Sindh) ۽ جهنگلي گهٽو (Wild Sheep) جهجهي تعداد ۾ ھوندا آھن، جيڪي ڏڪار واري حالت ۾، جبلن مان لهي، حب نديءَ جي ڊھن مان پاڻي پيئندا آھن. اھڙيءَ طرح شاھ لطيف، بيتن وسيلي پنھنجي سفر جو ٿورو ٿورو احوال ڏنو آھي.
گھَٽيڪُ/گهَٽِيڪا لَڪُ وٽان لانگهو
وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪ،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان، بيت 21، ص:389)
ھنگلاج جا پانڌيئڙا، حب نديءَ کان پوءِ ڀواڻيءَ (ديوي) جي کوھيءَ تي منزل ڪندا آھن. ھتي ڀواڻيءَ جو ڪو مندر ڪونهي، باقي ھڪ ڌرمشالا ٺھيل آھي، جنھن ۾ مسافر رهندا آھن. شاھ لطيف انهيءَ منزل جو اشارو ڪونہ ڪيو آھي، باقي ڀواڻيءَ کان پوءِ واٽ تي جيڪي ور ۽ وراڪا آھن، تن جو مٿينءَ مصرع ۾ ذڪر ڪيو اٿس. انهيءَ ھنڌ کي عام طرح ’گهٽيڪ/گهٽيڪا‘ چوندا آھن. اھا سموري واٽ اھڙي تہ سوڙھي ۽ ورن وڪڙن واري آھي، جو جيڪڏھن ھڪ قافلو، ھنگلاج پيو ويندو آھي ۽ ٻيو پريان پيو ايندو آھي، تہ پريان ئي ھڪ ٻئي کي ھڪل ڪري بيھاري ڇڏيندا آھن، تہ اول ھڪ قافلو لنگهي وڃي، تہ پوءِ ٻئي جي لنگهڻ لاءِ جاءِ ٿئي. شاھ لطيف، انهي سوڙھي واٽ کي ’سوڙھي سڳر‘ بہ ڪوٺيو آھي. شاھ لطيف سڳر جو ذڪر ھيٺين بيت ۾ ڪيو آھي:
لَيلَ نہ جاڳينءَ لِکَ سينءَ، شامَ سُتِينءَ سَڀَ راتِ، اوڳِي!
اوٺيئَڙَن جا، ٿِي پَھَه پُڇين پِرِڀاتِ!
ٿِيءُ سَڳرِ تَنِ جي ساٿِ، تہ ڀورِي! ڪنھن ڀالَ مِڙين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪوھياري، داستان 1، بيت 2، ص: 412)
جن بيتن ۾ شاھ لطيف اِھي لفظ ڪم آندا آھن، تن جي چوڻ جو خيال ھنن ’گهٽيڪ‘ مان لنگهندي آيو ٿو ڏسجيس. مٿينءَ مصرع ۾، ’لکين آڏا لڪ‘ چيو اٿس. اھو ان ڪري جو گهٽيڪ مان نڪربو تہ، اول بدوڪ لڪ وارو مٿانھون پوٺو ايندو آھي، جنھن جو نظارو نھايت وڻندڙ آھي. ھتي قدرتي طرح ھڪ ٽڪري، جبلن جي قطار کان ڇڄي، ڌار ٿي بيٺل آھي. پريان سمنڊ نظر اچي ٿو. بدوڪ لڪ جي ويجهو ڪجهہ کوھيون ھيون جي ’سيتا ماتا‘ جون کوھيون سڏجن ٿيون. ھن وقت اھي کوھيون ختم ٿي چڪيون آھن.
وِندُرَ تان ور
ھيجُ نہ ھوندو جن، سي ڪيئن وِندُر وينديُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آبري، داستان 4، بيت 1، ص: 297)
’وندر‘ ھڪ نئن جو نالو آھي، جا پٻ جبل مان نڪري، اٽڪل 125 ڪلوميٽر وھي، سون مياڻيءَ جي ڏاکڻي پاسي عربي سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿي. حب نديءَ کان وندر ڏانھن وڃبو تہ اول کارڙي ناڪو ايندو. انهيءَ ناڪي تي لس ٻيلي جي ڄام جا ملازم ھنگلاج جي پانڌيئڙن جو سامان کولائي ڏسندا ھئا، جيڪي ڪپڙا بُت تي پيل ھوندا ھئن، تن تي محصول نہ ھوندو ھو، باقي ٻيا وڳا توڙي سيڌو سامان ۽ مٺايون، تن سڀنيءَ تي کين محصول ڏيڻو پوندو ھو. شاھ لطيف وٽ رڳو سڪ جو سمر ھو، تنھن ڪري ھن کي سڀ محصول معاف ھئا.
کارڙي ناڪي کان پوءِ واٽ تي ھڪ ھنڌ ٿورا باغ ھئا. اتي جيڪي وڻ آھن، تن ۾ انب جا وڻ گهڻا ھئا، تنھن ڪري انهي ھنڌ کي ’انبي‘ يا ’انباولي‘ سڏيندا ھئا. وندر نئن انهي انباولي ۽ سون مياڻيءَ جي وچ ۾ آھي. ھن وقت انباوليءَ جو ڪوبہ نالو نشان ڪونهي، سون مياڻي ان ئي نالي سان سڏجي ٿي. وندر کان سون مياڻي اٽڪل 10 ڪلوميٽر پري آھي. سون مياڻيءَ کان اٽڪل 20 ڪلوميٽر پنڌ تي اتر طرف ھڪ ڊٺل قلعي جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ قلعي کي ’بالاوارو ڪوٽ‘ ڪري چيو وڃي ٿو. ڪئپٽن ھارٽ سون مياڻيبندر جو احوال ڏيندي ڄاڻايو آھي تہ اڳي ھن پاسي سامونڊي ڦورن رڻ ٻاري ڏنو ھو. چورن تي چوڪسي ڪرڻ لاءِ اِھو ڪوٽ جوڙايو ويو ھو، جنھن ۾ چوڪيدار، رات ڏينھن پھرو ڏيندا ھئا. ان ڪوٽ کان اٽڪل 4 ڪلوميٽر اترئين پاسي، ھڪ وڏو گهاڙي قبرستان آھي، جنھن ۾ 500 کن گهاڙي قبرون، ثابت حالت ۾ موجود آھن، جن مان 80 سيڪڙو قبرن تي نالا بہ نروار آھن، جي آسانيءَ سان پڙهي سگهجن ٿا. سون مياڻيءَ ۾، ھنگلاج جي پانڌيئڙن کان محصول ورتو ويندو ھو، جنھن مان لس ٻيلي جي ڄام کي سالياني اُپت ٿيندي ھئي. اھو محصول نياڻين ۽ فقيرن کان ڪونہ ورتو ويندو ھو، تنھن ڪري شاھ لطيف کي ھي سونگ بہ ڪونہ ڀرڻو پيو ھوندو.
گرو چيلي جو رڻ لتاڙڻ
سون مياڻيءَ کان 16 ڪلوميٽر اولهہ طرف، ھنگلاج واري واٽ تي ھڪ رڻ آھي، جنھن کي ’گرو چيلي جو رڻ‘ چون ٿا. انهيءَ رڻ جي حوالي سان، روايت مشھور آھي تہ، ھڪ گرو پنھنجي چيلي سان گڏجي، ھنگلاج ڀيٽڻ ٿي ويو. جڏهن ٻئي ھن ھنڌ آيا، تڏهن اڃ اچي عاجز ڪين. ھنگلاج جي واٽ تي ٻين سڀني منزلن تي پاڻي ملي سگهي ٿو، پر ھتي رڳو سڃ ئي سڃ آھي. ھنن ٻنهي کي اڃ اھڙو تہ عاجز ڪيو، جو اُھي ماندا ٿي ڪري پيا ۽ اتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا. انهيءَ اتفاق ٿيڻ کان پوءِ، ھي رڻ سندن نالي پٺيان سڏجي ٿو. جيئن شاھ لطيف ھيٺئين بيت ۾ اشاري طور اھڙو ذڪر ڪيو آھي:
پَرينديئي پَنڌ ٿئَا، گنجو ڇَڏي گَامُ،
تَنِ ويھِي ڪِئو نَه وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ،
رَهَ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽَا ڪَاپَڙِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر رامڪلي، داستان 6، بيت 19، ص:79-80)
ھن بيت جون سڀ حقيقتون، گرو چيلي واري رڻ ۾ اڄ بہ اکين سان ڏسي سگهجن ٿيون. ھتي سُڃ ئي سُڃ آھي ۽ چؤطرف سڌو سنواٽو پوٺو آھي، جتي سال جا ڇھ مھينا لُڪ لڳي ٿي، جي مُند جو مينھن نہ پوي تہ پوءِ اھا لُڪ سڄو سال بہ پيئي لڳندي آھي، جتي رُڃ پيئي واڪا ڪري. ھتي پاڻي پري پري تائين ڪونهي، تنھن ڪري اُڃ مرڻ جو امڪان ھن وقت بہ موجود آھي.
ھاڙِهي ۽ ھِنگول تي چڙهڻ
ھَلندي ھَاڙِهو مَڻِي، گَسان تان مَ گُسان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان 3، بيت 4، ص:353)
گرو چيلي واري رڻ مان رائو ۽ رُڃ جهاڳي، اڳڀرو ٿبو تہ ڦوڙ ندي ايندي، جا چوماسي ۾ ڀرجي وھندي آھي. ھيءَ اھا ساڳي ندي آھي، جنھن جي اُٿل سببان، سسئي اڳڀرو وڌي ڪين سگهي ھئي، جنھن ڪري موٽي پٻوڻي ناڪي ڏانھن وئي ھئي. اھا ندي ھاڙهي جبل جي پڇڙيءَ وٽان وَھي ٿي.
ھاڙهو جبل لس ٻيلي کان ٿيندو، ڦوڙ نديءَ وٽ اچي دنگ ڪري ٿو. ھتان ٿورو اڳتي ھڪ ڪلراٺو ميدان آھي، جنھن کي ’چندر ڪوپ‘ چون ٿا. چندر ڪوپ وارا سڀ کوھ، ڪنھن ماڻهوءَ جا کوٽيل نہ آھن، پر قدرتي طرح پيدا ٿيل آھن، جنھن ڪري ڌيان ڇڪائين ٿا. ڪئپٽن ھارٽ، سون مياڻي بندر جو ذڪر ڪندي ڄاڻائي ٿو تہ، چندر ڪوپ، جُملي ارڙهن آھن، جن مان ست ھتي آھن ۽ يارھن مڪران طرف، ڪيچ ۽ گوادر جي وچ ۾ آھن، ھن پَٽ ۾ سڀني ذاتين وارا، انهن کي عام طرح ’راجا چندر جا ڪوپ‘ سڏين ٿا. ان علائقي ۾ ڪوپ معني کوھ. ھن پَٽ وارا ٻيا کوھ سڪي ويا آھن، جيڪي ھن وقت سرسائي مٽيءَ جا وڏا دڙا آھن، پر منجهائن اڃا بہ ھڪ ڪوپ، وڏي دڙي جي صورت ۾ اٽڪل 200 فوٽ اوچائي تي موجود آھي، جنھن جي مٿئينءَ چوٽيءَ مان دونھھاٽيل مٽيءَ جو ڳارو، اُٻڙڪا ڏيئي نڪري پيو. ھنگلاج جا جاٽي پنھنجون آسون اميدون پوريون ٿيڻ لاءِ، ھن کوھ ۾ اڄ تائين بہ اچي ناريل وجهندا آھن. ھن ڪوپ کان سمنڊ 10 کن ڪلوميٽر پرتي آھي.
ڀيرو مل مھرچند آڏواڻيءَ جي چواڻي موجب: ”چندر ڪوپ وٽ ڪاري گپ لڳي پيئي آھي. انهيءَ گپ جا تھن جا تھ، ھڪ ٻئي مٿان ڄمي، ايڏا وڏا دڙا ٿي ويا آھن، جو ٻہ ٽي دڙا چَوماڙ جيترا اونچا ٿيندا. ھتي رکي رکي پاڻمرادو ڪي آواز ٿيندا آھن، تہ جاٽي چون تہ ھنگلاج ٿو ٻولي! اھي آواز جيڪڏھن ٻڌڻ ۾ نہ اچن تہ چون تہ اسان جو تيرٿ قبول نہ پيو!“ (ڀيرومل، 1989ع، ص: 33)
انهن آوازن جي باري ۾، ڀيرومل اڳتي لکي ٿو تہ: ”هاڙهي جبل جي ھڪ شاخ جي پاڙ ۾، ڪيترائي ننڍا سوراخ آھن، جي بلڪل اونها آھن ۽ شايد پريان سمنڊ تائين وڃي پھتا آھن. انهن سوراخن مان رکي رکي بُڙ بُڙ جھڙا آواز اچن ٿا. اھي آواز نہ رڳو سمنڊ جي وير چڙهڻ مھل، پر پوءِ بہ رکي رکي پيا اچن؛ ڪڏهن تہ ڪيترو وقت بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ اچن، شايد جنھن وقت سوراخن ۾ ھوا زور ڀري ٿي، تنھن مھل اھي آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
’وِيا جي ھِنگِلورِ، تہ ڪَرَم مِلَندَءِ ڪاپَڙي.‘
’هنگلور‘ جنھن کي عام طرح ’هنگول‘ چون ٿا، سا ھڪ ندي آھي، جا بلوچستان جي سڀني ندين ۾ وڏي آھي. اھا ندي ٽي سئو اٺونجاھ ميلن ۾، ڪٿي غارن جي اندران ئي اندارن واٽ ڪري وھي ٿي، ۽ ڪٿي ماٿرين مان منھن ڪڍيو، پنھنجو پاڻ پَسائي ٿي ۽ آخر لس ٻيلي جي حد اندر، عربي سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿي. ھاڙهي جبل جي اورئين پاسي آھي، ھنگول ۽ پرئين پاسي اگهور. ھنگلاج جا پانڌيئڙا چندر ڪوپ کان سنگل مان ٿيندا، اگهور تي ايندا آھن. ’سنگل‘ نالي ٻہ مڪان آھن، ھڪ وڏو سنگل ۽ ٻيو ننڍو سنگل سڏجي ٿو. ھي ٻئي منزل گاھ آھن.
’اگهور‘ ھڪ ندي آھي، جا ٻن جبلن جي وچ مان وھي ٿي. انهن جبلن مان ھڪ جو نالو ’جيءِ‘ ۽ ٻِئي جو ’وِجيءِ‘ آھي. پُراڻن پٽاندڙ جَيءِ ۽ وجيءِ ٻہ وڏا ’دئت‘ ھئا، جن کي ديويءَ ماريو ھو.
ھنگول ۽ اگهور ندين جي نزديڪ ’آشاپور‘ نالي مڪان ۾، ڪاليءَ جو آستان آھي ۽ ان جي پريان ڏيڍ ڪوھ کن پنڌ تي ھنگلاج آھي.“ (ڀيرومل، 1989ع، ص: 34)
ھنگلاج تي ڀيٽا ڏيڻ
ھنگلاج، ڪراچيءَ کان لڳ ڀڳ 300 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، بلوچستان جي پھاڙن جي وچ ۾ واقع آھي. ھنگلاج جو ٿانُ، ھاڙهي جبل جي پاڙ وٽ ھڪ غار ۾ آھي. غار، گهڻو ھيٺ لاھيءَ تي نہ، پر مٿانھينءَ تي آھي ۽ اھڙو ڪشادو آھي، جو منجهس سَو ماڻهو، آرام سان رهي سگهن ٿا. انهي غار ۾، ڏکڻ واري پاسي ٻہ فوٽ کن ڊيگهہ ويڪر وارو ھڪ ٽُنگ آھي، جنھن کي ’شاھ لطيف جي دري‘ چون ٿا، ھتي اڄ بہ ڪالي ديويءَ جي پٿر جي مورتي موجود آھي، جيڪا پَٽَ تي ستل آھي ۽ سڄي بُت تي ’سنڌور‘ لڳل اٿس. ديويءَ جي بُت تي، ھندو ماڻهو، ’اکيو‘ ۽ ’ڇٽ‘ چاڙهيندا آھن. ھتي پانڌيئڙا توڙي ھنگلاج جا فقير، ھر گهڙيءَ ديويءَ مٿان کير پيا اوتيندا ھئا، ۽ اھو ڪڏهن بہ سڪڻ نہ ڏيندا ھئا، جي سُڪو تہ چيو ويندو ھو، تہ ان ۾ سندن لاءِ چڱائي نہ آھي، پر ھاڻي ايئن ڪونهي. اھو کير ديويءَ مٿان اوتڻ واري رسم، ھاڻي فقط ميلي جي ڏينھن ۾ ادا ڪئي ويندي آھي.
ھنگلاج کي ھندو ڌرم وارا، ديوي ماتا ’اَمبا‘ (اما) ۽ ٻين نالن سان سڏيندا آھن، پر مسلمان ھن کي عام طرح ’نانيءَ‘ جي لقب سان ڪوٺيندا آھن. عام طرح ماءُ جي ماءُ کي بہ ناني چئبو آھي. ھن صورت ۾ ناني ۽ ماتا، ساڳيءَ معنيٰ وارا لفظ آھن. ھنگلاج جا مجاور مسلمان بہ آھن. جن جو خيال آھي تہ ھنگلاج ناني، حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي دائي ھئي:
نانگا نانِيءَ ھَلِيا، ھِنگلاجان ھَلِي،
ديکِي جَنِ دُوارِڪا، مَهيسِنِ مَلھِي،
آڳَھُه جَنِ عَلِي، آئون نَه جيئندِي اُنِ ريٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 28، ص: 783)
ھنگلاج جي ويجهو ٻيون بہ ننڍيون ننڍيون زيارتگاھون آھن ۽ ھنگلاج جي زيارت لاءِ وڃڻ وارا انهن زيارتگاھن تي بہ ويندا آھن. ھتي ھر سال مارچ يا اپريل مھيني ۾ ميلو لڳندو آھي. ھنگلاج ياترا تي اچڻ وارا ’اگوري‘ چَوارائيندا آھن. (شاھ لطيف ھتي ٻہ دفعا سير ڪرڻ آيل ٿو ڀانئجي) ان کان پوءِ شاھ لطيف ھفت تلھار واري نانيءَ جي غار تي بہ ويو، جنھن جي ڀرسان ھينئر شاھ لطيف جو تڪيو پڻ آھي.
ھفت تلار تان پير گهمائڻ
ھي ھڪ پٿريلو سامونڊي ٻيٽ آھي، جيڪو بلوچستان جي گوادر ضلعي جي سب ضلعي پسنيءَ کان 35 ناٽيڪل ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف آھي. پسنيءَ کان عام ٻيڙيءَ تي ھفت تلار جو سفر چئن کان پنجن ڪلاڪن جو آھي، پر موٽر ٻيڙيءَ (Motor Boat) ڪلاڪ کن ۾ پھچائي ٿي. کُليل ۽ اُونهي سمنڊ جي ڪري ھي سفر تمام گهڻو اڻانگو آھي.
ھن ٻيٽ جي پکيڙ، ڊيگهه ۾ 7 ڪلوميٽر ۽ ويڪر ۾ اڍائي ڪلوميٽر ٿيندي، جڏهن تہ ٻيٽ جي ھاڻوڪي مڪمل ماپ 2.6 چورس ميل آھي. 2013ع واري زلزلي جي ڪري ٻيٽ جو ھڪ حصو سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو. ٻيٽ جي مٿان ست غار آھن، تنھن ڪري اُتي جا مقامي بلوچ، بلوچي ٻوليءَ ۾ ان کي ’هفت تلار‘ ۽ ھنديءَ ۾ ’ساتا ديپ‘ سڏيندا آھن. ھفت تلار ٻيٽ تي ڪٿي ڪٿي ساوڪ نظر اچي ٿي، پر ڪو بہ وڏو وڻ بيٺل نہ آھي.
ٻيٽ تي ڪابہ مستقل آبادي نہ آھي، پر مقامي مھاڻا جُون کان آگسٽ مھيني تائين ھتي ديرو ڄمائي وڏي انگ ۾ گانگٽ (وڏا جهينگا) ۽ ڪالو مڇي ماريندا آھن. ھفت تلار جو فطري ماحول ڏاڍو پرسڪون ۽ وڻندڙ آھي. ھتي سمنڊ مٿان صبح شام ٽيٽو، فريبڻ ۽ ٻيا مختلف قسم جا پکي اُڏامندا رهندا آھن. ساوا ڪڇون (Green Turtles) ۽ جهنگلي پلا بہ وڏي انگ ۾ موجود آھن.
’هفت تلار‘ جي اولھائين ڪُنڊ تي بنه ھيٺ خواجا خضر جي نالي سان منسوب ھڪ آستان بہ آھي، جنھن تي ھر سال سياري ۾ ميلو لڳندو آھي. جنھن جي چوڌاري پٿرن تي ’ٻڌڪا‘ نشان بہ اُڪريل آھن. ھفت تلار جي مٿي اوڀر واري ڪُنڊ تي ’نانيءَ جو آستان‘ آھي، جنھن جي جي ڀر ۾ شاھ لطيف جو تڪيو آھي، جنھن کان ٿورو پرڀرو ھڪ وڏو غار بہ آھي، جيڪو ھاڻي ڪٿان ڪٿان ڀُري پيو آھي. ھي غار ٻن وڏن ڪمرن جيڏو آھي، ھن غار ۾ ھيٺ لهڻ لاءِ پٿرن جون چاڙهيون بہ ٺھيل آھن. نانيءَ جي آستان کان سڏ پنڌ اولهہ طرف ھڪ قبر جھڙو نشان آھي، جنھن لاءِ مشھور آھي تہ، ھي پير صبغت الله شاھ پير پاڳاري جي قبر آھي. ھتي ھڪ پراڻو پٿر پيل آھي، جنھن تي انگريزيءَ ۾ S.S.V. اکر اُڪريل آھن، جن جي اُڪر ۾ ڪارو رنگ ڀريل آھي ۽ اُن قبر جي ڀرسان پٿرن جو ھڪ چڱو چوکو ڍير بہ پيل آھي. انهن پٿرن جي ڍير وٽان ئي ’نانيءَ جي آستان‘ تي چڙهڻ ۽ لهڻ جو رستو آھي، جنھن تي کجيءَ جا ٻہ ننڍا وڻ بہ لڳل آھن.
جيڪي ماڻهو ھنگلاج ويندا آھن، انهن مان ڪي نانيءَ جي ھن آستان تي بہ حاضري ڀريندا آھن. ھندن جو اھو عقيدو آھي تہ، ناني اٺن پھرن مان ست پھر ’ستيا ديپ‘ ۾ رهي ٿي ۽ ھڪ پھر ’هنگلاج‘ ۾ رهي ٿي. ھن ٻيٽ جي تاريخ تمام پراڻي آھي. سڪندر مقدوني 326 ق.م. ۾ ھتي آيو ھو، جڏهن تہ پورچوگيزن ۽ انگريزن بہ ھفت تلار مٿان پير پاتا ھئا.
انگريزن جي دؤر جو ھفت تلار جي چوٽيءَ تي پاڻيءَ جي جھازن جي رهنمائي لاءِ ھڪ لوھي ٽاور جو جيڪو اٽڪل 100 فُٽ ڊگهو آھي، جنھن ۾ ھڪ ڳاڙهي بتي لڳل آھي، بتي جي ٻارڻ لاءِ ٻہ گيس جا سلينڊر بہ لڳل آھن، جيڪي ھاڻي ڳريل حالت ۾ آھن، اُن ٽاور کان ٿورو پري اولهہ پاسي ھيلي پيڊ جا بہ آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ھنگلاج کان موٽندي: روايتن ۾ اچي ٿو تہ، شاھ لطيف ٻہ ڀيرا ھنگلاج ويو ھو. سندس حياتيءَ جي احوال ۾ ڄاڻايل آھي تہ، پوئين ڀيري ھن اتي جوڳين جون ريتيون رسمون بجا نہ آنديون، جنھن ڪري جوڳين سان ناسازي ٿي پيس ۽ کيس اڪيلو ئي موٽڻو پيو. پروفيسر ڀيرومل انهيءَ جو سبب ڄاڻائيندي لکيو آھي تہ: ”هنگلاج جا جاٽي ڪراچيءَ کان وٺي چندرڪوپ تائين، اٺ ڏهه ڏينھن ساندھه ڏندڻ ڪونہ ڪندا آھن، جو ھن تيرٿ پرسڻ لاءِ پورو پورو اوڌوت ٿي ھلڻو آھي. عجب ڪونهي جي شاھ صاحب کي انهيءَ ڳالهہ تان بڇان آئي ھجي، تہ اٺ ڏه ڏينھن ساندھ ڏندڻ ڪرڻ ڌاران رهجي. ٻي ڳالهہ تہ جاٽي جيڪو ’اڳوئو‘ پاڻ سان کڻندا آھن، سو نہ رڳو سونھون ٿي ھلندو آھي، پر منزل منزل تي جاٽين کي ديويءَ جي پوڄا ڪرائيندو ھلندو آھي، جنھن لاءِ کيس ڏکڻا ملند آھي. ٻين منزلن تي تہ ننڍيون ننڍيون پوڄائون ڪن، پر چندرڪوپ ۽ ھنگلاج تي وڏيون پوڄائون ڪندا آھن. شاھ صاحب وقتي پوڄائن ڪرڻ تي اعتراض آندو ھجي. ھي ڳالهيون ھيڪاري ثابت ڪن ٿيون تہ پاڻ جيتوڻيڪ ھندو فقيرن سان رل مل ڪيائين ٿي، تہ بہ پنھنجن اصولن تي اھڙو محڪم ھو، جو جن جوڳين سان ھيڏي پريت ھيس، تن جي سنگت تان بہ آھون کنيائين. اھي جوڳي بہ شايد پنھنجي نالي سان ھئا. شاھ صاحب سندن رسمن پٽاندر نہ ھليو، تہ ھو کيس اتي ئي ڇڏي، پاڻ رمندا رهيا. ھن ايئن نٿي ڀانيو تہ جوڳي اھڙا جُٺر ٿيندا جو کيس ھيئن ھيڪلو ڇڏي ويندا. سندس حياتيءَ جي احوال ۾ ڄاڻايل آھي تہ ھو پوءِ اڪيلو ئي اڪيلو لس ٻيلي مان ٿيندو، ٺٽي ڏي آيو.“(ڀيرمل، 1989ع، ص: 36) جوڳين کان وڇڙڻ مھل شاھ لطيف کي بہ ڏک ٿيو ھو:
لکين ڪِيا لِسانَ سين، لاھُوتِيَنِ لوڙا،
گهوڙا ڙي گهوڙا! آئون نَه جيئندِي اُنِ ري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 3، ص:778)
مَران، مَٿو پِٽِيان، نِھارِيان نيڻانِ،
سُخُنَ جي سَندانِ، آئون نَه جيئندِي اُنِ ري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 5، ص: 779)
اھڙيءَ طرح سُر رامڪليءَ ۾ پڻ جوڳين جي جدائيءَ ۾ پنھنجي حال جو ذڪر ڪندي چوي ٿو تہ: ”انھن جوڳين کان سواءِ منھنجو جيئڻ ڪونهي. اھي جوڳي ويا ڪھڙي پاسي؟“
ھُو جي ڪَھِيا ڏُونھھن قَلاتُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 21، ص: 782)
سُر رامڪلي ۾ ھيئن بہ چوي ٿو تہ:
وَٽان تو وِيندا، ڪاپَڙِي ڪابُول ڏي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 6، ص: 814)
انهن مصراعن مان لڳي ٿو تہ، جوڳين قلات ڏانھن رُخ رکيو ھوندو، جو ڪابل پاسي وڃڻو ھئن. رسالي مان ھيءَ ڳالهہ بہ ظاھر آھي تہ، شاھ لطيف پاڻ بہ اُتان اُھا واٽ وٺي، ڳچ پنڌ تائين سندن پٺيان ويو ھوندو تہ، من ڪنھن مھل سندن ڪاوڙ ڍري ٿئي ۽ مون کي پاڻ سان وٺي ھلن. اھو انومان ’وڻڪار‘ وارن بيتن مان ڪڍي سگهجي ٿو:
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ جائُو جَمُرَ، جَرَ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آبري، داستان، بيت 8، ص: 291)
لس ٻيلي ۽ قلات جي وچ ۾، قلات رياست جو ھڪ وڏو ڀاڱو ’جهالاوان‘ نالي آھي، جتي ساوڪ ۽ سرسبزي گهڻي آھي. انهيءَ علائقي جي جن ماٿرين ۾ وڏا چراگاھ آھن، تن مان ھڪ جو نالو ’جائُو‘ آھي. اتي ’جائُو‘ نالي ھڪ وڏو جبل بہ آھي، جنھن جي سلسلي جي قطار وارين چوٽين کي ’جهمر ۽ جر‘ جي نالي سڏيو ويندو آھي. سسئيءَ جي منزل، ڪيچ مڪران ھُئي. ڪيچ مڪران، لس ٻيلي جي ڏکڻ الهندي پاسي آھي. ’جائو‘، لس ٻيلي جي بنه اولهہ ڏانھن ۽ ڪيچ کان گهڻو پري آھي. ھن مان ظاھر آھي تہ، شاھ لطيف پاڻ ان پاسي ويو ھو، پر ظاھري سسئيءَ جو نالو کنيو اٿس. ’وڻڪار‘ جي وسندي، لس ٻيلي جي اتر اڀرندي طرف، کيرٿر جبلن جي قطار سان لڳ آھي. حاصل مطلب تہ، شاھ لطيف جوڳين جي پٺيان قلات تائين ڪونہ ويو ھو، پر اڌ واٽ تي ’جائوءَ‘ تائين وڃي، پوءِ اڪيلو ئي اڪيلو جوڳين جي فراق ۾ جبل جهاڳيندو، لس ٻيلي آيو ھو، ۽ اتان ڪراچيءَ ڏانھن موٽيو ھو.
لاھوت لامڪان جي زيارت
لاھوت لامڪان، ڪراچيءَ کان اٽڪل 125 کان 130ڪلوميٽر پري، پٻ جبل جي پيٽ ۾ واقع آھي. شاھ لطيف لاھوت لامڪان ويو ھو، ۽ اتي چلو بہ ڪڍيو ھئائين. اھا جڳھ جتي شاھ لطيف چلو ڪڍيو ھو، ان کي شاھ لطيف جي چلي طور محفوظ ڪيو ويو آھي.
شاھ لطيف جي حياتيءَ جي احوال ۾ ڄاڻايل آھي تہ ھڪ دفعي ھن لاھوت لامڪان ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪئي، تہ سندس پيءُ شاھ حبيب منع ڪيس ۽ چيائينس تہ انهي پاسي جن ڀوت ۽ نانگ بلائون آھن، ۽ رستي ۾ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي، تنھن ڪري اوڏهين نہ وڃ. تنھن تي شاھ لطيف وراڻيءَ ۾ ھيءُ بيت چيو:
نڪو جن جھان ۾، نڪو سُڄي نانگ،
سسئي ڇڏيو سانگ، تہ ڇپر مڙوئي ڇاڙڪي.
(آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند، (1989ع)،’لطيفي سئر‘، ص: 39)
شاھ لطيف جي حياتيءَ جي احوال ۾ ڄاڻايل آھي تہ، ھو ٻہ دفعا ھنگلاج ۽ لاھوت لامڪان ويو ھو، جنھن مان پھريون دفعو ھو، گنجي ٽڪر، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ کان ٿيندو، ھنگلاج ۽ لاھوتلامڪان ويو ھو. جيئن تہ ھو جاکوڙ تي ھريل ھو، ۽ جبل جي ڪشالن جي پرواھ ڪانہ ھيس، تنھن ڪري ھو گنجي ٽڪر کان ٿيندو، ٺٽي کان ڪراچيءَ ويو ۽ ڪراچيءَ کان لاھوت لامڪان ڏانھن وڃڻ لاءِ، منگهي پير وارو رستو ورتو ھئائين. منگهي پير جون ٿڌي ۽ گرم پاڻي جون ڪُندرڪيون (چشما) ۽ اتي جا واڳو، شاھ لطيف کان گهڻا آڳاٽا ۽ قلندر لعل شھباز جي وقت جا آھن، تنھن ڪري سمجهجي ٿو تہ شاھ لطيف، ھتي جي درگاھ جي زيارت سان گڏ واڳن جو ديدار پڻ ضرور ڪيو ھوندو.
منگهي پير کان حب ندي 40 ڪلوميٽر پري آھي. انهيءَ واٽ ۾ ڪيترائي ننڍا ڍورا آھن. حب ندي پار ڪرڻ واري لانگهي کي، لھاراڻي لنگهہ/لنگهہ لوھار بہ چون، جتان 40 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ٿاڻو ويراب آھي ۽ اتان 48 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي شاھ بلاول نورانيءَ جي درگاھ آھي. شاھ بلاول نورانيءَ کان ٻہ کن ڪلوميٽر جابلو پنڌ ڪري، جبل جي مٿانھين چوٽيءَ تي پھچبو تہ، مٿي ھڪ غار ۾ لاھوت لامڪان جي زيارت آھي.
شاھ حبيب، ھن واٽ جي تڪليفن بابت ذرو بہ وڌاءُ ڪونہ ڪيو ھو. ھيءُ ھڪ نھايت ئي اڻانگو پاسو آھي. واٽ تي جيڪي خوف ۽ خطرا آھن تن جي پروڙ پوءِ شاھ لطيف کي بہ پيئي، پاڻ چوي ٿو تہ:
چيتا چور چُنجن ۾، بَر ۾ بلائون.
(آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند، (1989ع)،’لطيفي سئر‘، ص: 40)
برن پٽن ۾ بلائون جتي ڪٿي آھن، ۽ پٻ جبل جي پاسي اڳي چيتا بہ ھوندا ھئا. ھاڙهي جبل ڏانھن وري، بگهڙ ۽ ھاتار جام ڏسڻ ۾ ايندا ھئا، ۽ ھينئر بہ آھن. شاھ حبيب ٻيو، جنن ڀوتن جو ذڪر ڪيو ھو، سو ديون ۽ جنن ڀوتن جون ڳالهيون اڄ بہ شاھ بلاول نوراني ۽ لاھوت لامڪان واري پاسي عام ٻڌبيون آھن. ھتي گوڪل ديو وارو آستان، اڄ بہ موجود آھي.
بلاول شاھ نورانيءَ واري پاسي اڳي، قدرتي پاڻيءَ جو چشمو وھندو ھو، جو ھاڻي جهڪو ٿي ويو آھي، جنھن تي انجير، کجي ۽ پِپر جا وڻ آھن. ھن جابلو علائقي ۾، اھا باغات ڪٿان آئي، تنھن بابت مختلف ڏندڪٿائون آھن، ھن اولياءَ بابت وڌيڪ معلومات نٿي ملي، رڳو ايترو چيو وڃي ٿو تہ ھو، قلندر لعل شھباز جو ھمعصر ھو. ھن جي درگاھ پٻ جبل وٽ آھي، جتي ھر سال رمضان جي مھيني جي نائين کان ٻارنھن تاريخ تائين ميلو لڳندو آھي، جيڪو ٽي ڏينھن سانده ھلندو آھي، جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو ايندا آھن.
شاھ لطيف جو لاھوت لامڪان ڏانھن سفر: ناٿ پنٿي جوڳين جا ٽولا ۽ قافلا، ڀارت جي گجرات رياست جي ’هردوار‘ واري شھر جي مندرن وٽان، پنھنجي سفر جي شروعات ڪندا ھئا. اھي سنڌ ۾ پھچي، پھرين ڪالي ديويءَ جي آستان، گنجي ٽڪر تي اچي، اُتي پنھنجو مٿو ٽيڪي رسمون ادا ڪري پوءِ، ٻن ٽولين ۾ ورھائجي ويندا ھئا. ھڪ ٽولي، مڪلي ٽڪريءَ تي موجود مندر وٽان ٿيندي، منگهي پير ۽ لنگهہ لُھار واري واٽ وٺي، لاھوت لامڪان پھچندي ھئي، تہ ٻي ٽولي وري، سيوھڻ شريف کان بڊي جبل ۽ ڀِت جبل واري واٽ وٺي، لاھوت لامڪان طرف وڌندي ھئي.
شاھ لطيف جي حياتيءَ جي احوال مان معلوم ٿو ٿئي تہ ھو ٻہ ڀيرا ھنگلاج ۽ لاھوت لامڪان طرف ويو ھو، جنھن مان ھڪ ڀيرو ھو مڪلي ٽڪري ۽ ڪراچيءَ کان ٿيندو، ھنگلاج ۽ پوءِ لاھوت لامڪان ويو ھو؛ جڏهن تہ ٻيو ڀيرو ھو، سيوھڻ شريف کان ٿيندو، لاھوت ۽ پوءِ ھنگلاج ويو ھو. ھن رستي تي شاھ لطيف جي نالي بڊي جبل کان الهندي طرف نئينگ نئين جي اُڀرندي ڪپ تي، شاھ جا ڪنڊا (هاڻي عليءَ جا ڪنڊا) نئينگ واري چشمي تي شاھ لطيف جي کروت (ننڍي مسجد)، حب نئين جي الهندي ڪپ تي ڳوٺ حاجي يوسف باريچي ۾، شاھ لطيف جي مسجد، شينھن لڪ کان 10 ڪلوميٽر الهندي حَب ميڙا ڀورا لڪ وٽ، شاھ لطيف جي کوھي مشھور آھن. اڄ بہ ھن رستي تان پنڌ ويندڙ لاھوتي، انهن جاين جي زيارت ڪندا آھن. شاھ لطيف، پنھنجيءَ شاعريءَ ۾ ھن رستي تي ايندڙ ڪنھن بہ ماڳ جو سنئون سڌو ذڪر ناھي ڪيو، پر سُر رامڪليءَ ۾، ڏينھن وارا بيت، جي ڪن رسالن ۾ ٻارنھن (12) ڏينھن تائين تہ ڪن رسالن ۾ وري ٽيھن (30) ڏينھن تائين بہ آھن، اھي بيت علامتي طور تي لاھوت ۽ ھنگلاج ويندڙ سامين ۽ جوڳين سان شاھ جي سفر جا ساکي آھن. سيوھڻ شريف کان لاھوت لامڪان طرف وڃڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آھي. ھاڻي بہ قلندر لعل شھباز جي سالياني ميلي جي پُڄاڻيءَ تي، ھزارين لاھوتي، سيوھڻ شريف ۾ لال باغ کان پنھنجو سفر شروع ڪندا آھن. ان رستي کان پنڌ وڃڻ لاءِ، کين اڪثر ڪري ٻارهن سورهن ۽ ڪن لاھوتين کي ارڙهن ڏينھن بہ لڳن ٿا. لاھوتي پنھنجيءَ منزل تي پھچڻ لاءِ گهڻو ڪري ٻارهن يا سورنھھن منزلن جو سفر ڪري لاھوت لامڪان پھچندا آھن. ان سفر ۾ کين جيڪي ڏکيائيون آڏو اينديون آھن ۽ ان وقت سندن دل جي جيڪا ڪيفيت ھوندي آھي، ان جي عڪاسي شاھ لطيف جي ھنن بيتن ۾ پڻ ملي ٿي، جيڪي ھُن جي رسالي جي سُررامڪليءَ جي ٻئي داستان ۾ شامل آھن. انهن بيتن ۾، شاھ لطيف، سنياسين جي رنگ ۽ ڍنگ، لاھوتين جي پنڌ، ۽ عارفن جي عبادت ۽ رياضت، جوڳين جي ھمٿ، حوصلي جي لڳاتار سفر بابت، روز جو احوال بيان ڪيو آھي. شاھ لطيف جي انهن بيتن ۾ سڀني آدرشي انسانن جون نشانيون بہ واضح طور نظر اچن ٿيون.
شاھ لطيف ۽ قلندر لعل شھباز لاءِ اھو عام طور مشھور آھي تہ لاھوت لامڪان ۾ سندن بيٺڪون ۽ چلا موجود آھن، جن جو سڀ لاھوتي اڃا تائين درشن ڪندا آھن. سيوھڻ شريف کان لاھوت لامڪان تائين پنڌ سفر جي انهن منزلن مان ٽي منزلون شاھ لطيف جي نالي سان اڄ تائين مشھور آھن. ھڪ شاھ جي ڪنڊن واري منزل، ٻي شاھ لطيف جي مسجد واري منزل، جنھن مان خبر پوي ٿي تہ شاھ لطيف، ھن رستي کان بہ لاھوت لامڪان ويو ھو، پر شاھ لطيف اِھي منزلون پنھنجي طريقي سان ئي طيءِ ڪيون ھونديون، جي ھن وقت لاھوتي، ٻارهن کان سورنھن ۽ ڪي ارڙهن ٻڌائين ٿا، پر ٻارنھن منزلون اَوَسۡ ڪرڻيون آھن، جيڪي ھن ريت آھن:
1. لال باغ، 2. جهانگارا (سيد احمد شاھ جي مزار)، 3. باجارا (سيد نجف شاھ جي مزار)، 4. ڪائيءَ جو چشمو (حضرت علي ڪرم الله وجهہ جو باغ)، 5. نئينگ (پنجتني باغ)، 6. شاھ جا ڪنڊا (هاڻ عليءَ جا ڪنڊا)، 7. بگاشير درگاھ (هاھوت - اھو ويجهڙائيءَ ۾ نالو رکيل آھي) بڊو جبل، 8. ڀِتِ جبل (نور واھي)، 9. چُنگهڻ جبل، 10. مائي ڪِٽڙي، 11. بَھلُول شاھ ديوانو، 12. لطيفي مسجد، 13. شِينھن لڪ/لڪي، 14. ڀورا لڪ (حب ميڙا) شاھ لطيف جي کوھي، 15. خان محمد جي ھٽي (خان محمدمينگل جو دڪان)، 16. محبت فقير، 17. بلاول شاھ نوراني، 18. لاھوت لامڪان.
ھنن منزلن مان باجارا، شاھ جا ڪنڊا، ڀورا لڪ ۽ خان محمد جي ھٽيءَ تي ھاڻي گهڻا لاھوتي رات ڪونہ ٽڪندا آھن، باقي ٻين منزلن تي ھڪ يا ٻہ راتيون ضرور ٽڪندا آھن.
پھرين منزل - لال باغ :
سيوھڻ شريف ۾ لال باغ قديم زماني ۾ سيوھڻ شريف جي بندرگاھ لاءِ ھڪ آرامگاھ واري جاءِ ھئي. جڏهن لعل شھباز قلندر سيوھڻ آيو تہ ڪجهہ وقت ھتي آرام ڪيو ھئائين. ان ڪري ھاڻ ھن جاءِ کي لال باغ سڏيو وڃي ٿو. قلندر جي ميلي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ لاھوتي فقير ھِت ھڪ رات رهي، صبح جو سوير فجر مھل ”جيئي شاھ، جبل ۾ شاھ“ جا نعرا ھڻندا، لاھوت لامڪان طرف ھلڻ جا ھوڪا ڏيندا، پنھنجو سفر شروع ڪندا آھن. اھڙو نظارو مسلسل ڪجهہ ڏينھن لال باغ ۾ نظر ايندو آھي. ان جو عڪس شاھ لطيف ھينئن بيان ڪيو آھي:
ڪِيَم ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِھرِيٖين ڏينھن پَرُوڙَ،
سَگها ساعَتَ نَه ھيڪَڙِي، چارَئي پَھَرَ چُورَ،
سَدائِين، سَيّدُ چي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،
جوڳِي ساڻُ ضَرورَ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 1، ص: 786)
ٻي منزل - ڳوٺ جهانگارا (درگاھ سيد احمد شاھ) :
ھي ڳوٺ بہ سيوھڻ شريف جي قديم ۽ تاريخي ماڳن مان آھي. ھتي گهڻائي بخاري ساداتن جي آھي، جن مان سيد احمد شاھ پڻ پنھنجي زماني جو ھڪ ڪامل درويش ھو. جيڪي لاھوتي باجارا ۾ نہ ترسندا آھن، اھي ھن منزل تي رات ضرور ترسندا آھن. سندن ٻئي ڏينھن جي سفر جو بيان ھن طرح ھوندو آھي:
ويھي ويراڳِيَنِ جو، ٻئي ڏينھن ٻُڌُمِ حالُ،
تَنِ جا ڌاڄا ڌُوڙِ ڀَڪَلِيا، جَاڳوٽا زوالُ،
اُنِ ڄاڻِي جَٽائون ڇَڏِيُون، چَوٽا چَڱِيءَ چالِ،
ويچارا وُجُودَ جِي، ڪنھن سين ڪَنِ نہ ڳالِ،
نانگا ٿِيا نِھال، لِڪا ڀُڻَن لوڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 2، ص:786)
ٽين منزل - ڳوٺ باجارا (درگاھ سيد نجف شاھ) :
سيوھڻ تعلقي جو ھيءُ ڳوٺ، ماضيءَ کان لاھوتين لاءِ ھڪ آسائشي ماڳ رهيو آھي. ھن ڳوٺ ۾ ھڪ درگاھ سيد نجف شاھ وٽ ڪي لاھوتي رات ترسندا آھن. اھو سيد پاڻ بہ لاھوتي ۽ سيلاني ھو. ھو صوفياڻين رهاڻين جو ڪوڏيو ۽ لاھوتين جو خدمتگار ھو. لال باغ کان وٺي، ھن منزل تائين ھاڻ پڪو رستو جڙيل آھي، ان سھولت جي ڪري اڪثر ڪي ٽولا ھن جاءِ تي نہ ترسندا آھن، پر وڏيءَ عمر وارا لاھوتي، ھت ترسڻ کي اھميت ڏين ٿا. اُنهن ڏينھن ۾، لاھوتين جون انهيءَ واٽ تي دونھيون دُکندي نظر اينديون آھن، جن جو ذڪر شاھ لطيف ھن ريت ڪيو آھي:
ٽئيٖن ڏينھن ٽمڪائِينِ، دونھيون دائِرَنِ ۾،
ميڙِيو ڪَڙِڄ ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ،
سَنديُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيَنِ آھِينِ،
ڳُجُهہ نہ ڳالهائِينِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 3، ص:787)
چوٿين منزل - حضرت علي ڪرم الله وجهہ جو باغ (ڳوٺ ڪائي) :
شروع وارين ٽنهي منزلن کي عبور ڪرڻ کان پوءِ، ھن چوٿينءَ منزل جو سفر ڪجهہ اڻانگو ھوندو آھي. اٽڪل ھڪ ڪلاڪ جي جبل واري پنڌ کان پوءِ، ڏاٺ جبل واري ھڪ پراڻي نئين وٽ پھچبو آھي. نئين ۾ پاڻي ھجڻ جي صورت ۾ لاھوتي خوش ٿيندا آھن، ٻيءَ صورت ۾ ٿورو ساھ پٽي، وري جوش وارا نعرا ھڻندا، اڳتي وڌندا، اچي ڪائيءَ جي خوبصورت قدرتي باغ ۾ داخل ٿيندا آھن. ھن باغ کي ’حضرت علي ڪرم الله وجهہ جو باغ‘ سڏيندا آھن. ھي باغ ڪافي وڏو ۽ گهاٽي وڻڪار وارو آھي. سموري باغ ۽ آسپاس جي سموري زمين کي ھڪ تيز وھندڙ ويڪرو چشمو آباد ڪندو آھي، جيڪو ڏينھن رات پيو وھي. ھن باغ جي چوگان ۾ ترسيل لاھوتي اڪثر حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي ڪرامتن جو ذڪر ڪندا آھن. ھن باغ ۾ ’پنجتني ڪچھريءَ‘ جي نالي ھڪ ڪوٺيءَ جي اڱڻ ۾، حضرت علي ڪرم الله وجهہ، لال شھباز قلندر ۽ شاھ لطيف جي نالن وارا ٺڪر جا ڪاشيءَ وارا شينھن بہ ھڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿورو پرڀرو بيھاريل آھن. باغ کان اُتر طرف سڏ پنڌ تي ھڪ ٽڪري جي اندر ئي کوٽائي ڪري، چئن ڪمرن واري جاءِ ٺھيل آھي، جنھن ۾ روشني ۽ ھوا جو بہ عجيب نمونو رکيو ويو آھي. ھيءَ جاءِ بہ قديم دؤر جي آھي. لاھوتين جي ڪچھرين ۽ فلسفي جو منظر شاھ لطيف، ھن طرح بيان ڪيو آھي:
چوٿين ڏينھن چَوگانَ ۾، ڪنھن جنھن پھ پِيا،
وَھَمَ پِريان جي وَڍِيا، تَنِ ۾ ڪُوڙَ ڪِھا،
اَنَدَرِ آديسِيَنِ کي، اچَنِ جوشَ جِھا،
سامِي سون ٿِيا، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 4، ص:787)
پنجين منزل - پنجتني باغ (نئينگ شريف) :
نئينگ ۾، سيد قمر علي شاھ جيلانيءَ جي وڏي مزار، مائي روھيءَ جي مزار ۽ لکمير ڪافر جي ماڙيءَ جي نالي سان مٿانھينءَ تي، ھڪ پراڻي جاءِ جي آثارن سان گڏ ھڪ وڏو کجيءَ جي وڻن جو باغ آھي. ھي باغ من موھيندڙ ۽ سڪون واري جاءِ آھي، ان ڪري ھر لاھوتي ھن جاءِ تي ترسڻ ۽ رات ٽڪڻ ضروري سمجهندو آھي. ھن باغ کي ’پنجتني باغ‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ھتي جا مقامي ماڻهو، توڙي لاھوتي، ھن باغ لاءِ ڪيترائي معجزا بيان ڪن ٿا. ھن باغ کي پڻ ھڪ چشمو آباد ڪري ٿو. ان چشمي جي ڀرسان، شاھ لطيف جي کروت (ننڍي مسجد) بہ آھي، جنھن تي شاھ لطيف جي نالي واري تختي لڳل آھي. ھن باغ ۾ کجين جا وڏا ۽ گهاٽا وڻ آھن. ھي باغ ڄڻ تہ نخلستان جو ڏيک ڏي ٿو. ھن باغ ۾ ڪي لاھوتي، وڌيڪ وقت بہ ترسندا آھن ۽ ٿڪ لاھڻ کان پوءِ منجهن وري ھڪ نئون جذبو پيدا ٿيندو آھي ۽ احساس ٿيندو اٿن تہ محبت جي ميدان ۾ لھي پوڻ جي عيوض کين ھاڻ پرينءَ جو درشن ضرور حاصل ٿيندو:
پَنجين ڏينھن پَئِي، ڪنھن جنھن پُورَ پچائِيا،
اَندَر آديسِينِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي،
مَحَبَتَ جي ميدان ۾، لاشَڪُ پِيا لَھي،
اُن کي ساري رات، سيد چي، گوندَر ۾ گَئِي،
ڪريو سيڻ سَھِي، لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 5، ص:787)
ڇھين منزل - شاھ جا ڪَنڊا :
نئينگ شريف کان پوءِ لاھوتي، اڳتي پنھنجو سفر جاري رکندا آھن ۽ اٽڪل ڪلاڪ کن سڌي سنوائي زمين مان پنڌ ڪري، اُھي (لاھوتي) اچي نئينگ نئين جي ڪنڌيءَ تي ديھ نگاول واري ايراضيءَ ۾، پيل ھڪ ڪَنڊي جي وڻ جي سُڪل بُنڊ جي زيارت ڪندا آھن. چون ٿا تہ اتي ڪافي سال اڳ، ڪنڊيءَ جا ٻہ ٽي وڏا وڻ ھوندا ھئا، جيڪي ’شاھ جا ڪَنڊا‘ سڏبا ھئا، پر ھاڻ لاھوتي ان جاءِ کي ’عليءَ جا ڪَنڊا‘ ٿا سڏين. لاھوتي ھتي، ٿوري دير زيارت ڪري، سامهون بڊي جبل جي تر ۾ بگاشير جي مزار تي اچي منزل ڪندا آھن. لاھوتين جي ھن منزل واري ڪرت کي شاھ لطيف ھيٺين ريت بيان ڪيو آھي:
ڇَھين ڏينھن ڇَڻي، پِيا ڪنھن پَرِياڻَ ۾،
اَندَرِ آديسِيَنِ کي، ڌُريائِينِ ڌَڻِي،
ٻَري ٻاجهارا ڪِيا، کانئين آگِ کَڻِي،
پِنِيو پَنجَ - ڪَڻِي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 6، ص:787)
ستين منزل - درگاھ بگا شير (هاھوت) :
لاھوتي، شاھ جي ڪَنڊن (هاڻ عليءَ جا ڪَنڊا) جي زيارت ڪرڻ کان پوءِ، بڊي جبل جي تر ۾، بگا شير جي مزار تي اچي منزل ڪندا آھن. ھن مزار تي اڀرندي پاسي پاڻيءَ جو چشمو آھي، جنھن تي ڳوٺاڻا آبادي بہ ڪن. ھيءَ مزار لاھوتين لاءِ ڄڻ آسائش واري منزل آھي، ھتي سٺي وڻڪاري ۽ پاڻي بہ ججهو آھي، ھن مزار کان اڀرندي پاسي بڊي جبل جي مٿانھين چوٽيءَ تي ’هاھوت‘ نالي ھڪ غار آھي، جنھن تي اھو نالو چاليھ (40) سال کن اڳ، بگا شير جي مجاور گولي فقير نوحاڻيءَ رکيو ھو. ھي غار زمين کان اٽڪل ست سؤ کن فوٽ اوچائيءَ تي آھي. مٿي جبل جي اندر چاليھ پنجاھ فوٽ ڊگهو، ۽ ڪٿي فوٽ تہ ڪٿي منو فوٽ ويڪرو ھڪ اونداھو ڦاٽ آھي. ھي ڦاٽ اُڪرڻ واري کي حلالي سمجهيو وڃي ٿو. ھن غار جي اوچائي پندرهن کان ويھ کن فوٽ آھي. اڳئين پاسي کان اندر وڃبو آھي، اتان ھي غار ٻارهن کان پندرهن کن فوٽ اونهو آھي. پوءِ آھستي آھستي اڳتي اھا اونهائي گهٽبي ويندي. جڏهن پوئين پاسي کان ٻاھر نڪربو، تہ اھا اونهائي ساڍن چئن کن فوٽن تي ٿيندي. غار جي اڀرندي پاسي پوک لائق زمين جو ٿورو ٽڪرو پڻ آھي، جنھن جي چوڌاري اَسي فوٽ کن جبل جون اوچيون ديوارون اڀيون آھن، جن تي پنڊ پھڻ ٿيل ماکيءَ جا مانارا پڻ ڏسڻ ۾ ايندا آھن ۽ ھن وقت بہ انهيءَ مٿانھين ديوارن جي چوٽين تي ماکيءَ جا مانارا بہ ٽنگيل ڏسبا آھن. شاھ لطيف، سُررامڪليءَ جي ھڪ بيت ۾ ھاھوت جو ذڪر ھيئن ڪيو آھي:
راھَ شَريعت ھليا، تَفَڪُر طريقونِ،
حال حقيقت رَسيا، معرفت ماڳونِ،
ناسُوتُ، مَلڪُوت، جبرُوت، اي انعام لَڌونِ،
پس لاھوت لنگهيونِ، ھاھُوتان مَٿي ويا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 5، بيت 8، ص:801)
ھاھوت کان ٿورو ھيٺ پوک لائق زمين جو ھڪ ٽڪرو ڏسبو آھي، جنھن کي ’حضرت آدمؑ جي ٻنيءَ‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. لاھوتي، پھرين ٻنيءَ ۾ رکيل ڪاٺي، ھر وانگر ڦيرائي، نعرا ھڻندا، ھيٺ لھندا آھن. ٿورو ھيٺ، پنجتني بازار بہ آھي. اھي سڀ منظر ھاڻي ويجهڙائي واري دؤر ۾ وجود ۾ آيا آھن. جبل جي ھيٺانھين ٽڪريءَ تي ھڪ ننڍو چشمو وَھي ٿو، جيڪو ھاڻي ٻن ٽن سالن ۾ ظاھر ٿيو آھي. ان چشمي کان سڏ پنڌ تي ھڪ ٻيو چشمو بہ وھي ٿو، جيڪو بڊي جبل کان ٿورو پرڀرو، درگاھ، بگاشير جي مزار طرف وھي ٿو. لاھوتي ان چشمي تان پاڻي پي، بگاشير جي درگاھ تي حاضري پڻ ڀريندا آھن. ھاھوت وارو اھو اڻانگو پنڌ، لاھوتين کي ساڻو ڪري ڇڏيندو آھي.
سَتين ڏينھن سيّدُ چي، ڌاڄا ڌوتائُون،
اُڀِي اَلکَ سامُهوُن، ٻانهوُن ٻڌائُون،
وَڏِيءَ ڪنھن وِلاتِ جا، اُھُڃَ آندائُون،
رُوحُ پنھنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پوتائوُن،
کَڻِيو کِدائُون، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 7، ص:788)
اٺين منزل - نور واھي يا نور ندي :
بگا شير (هاھوت) واري منزل کان پوءِ، لاھوتين جي اصل امتحان جو سفر شروع ٿئي ٿو. کين ھانءُ ڏاريندڙ، ڀِتِ جبل سان منھن اٽڪائڻو پوي ٿو. ھي جبل ڀِتِ وانگر اُڀو آھي. ھن تي مٿي چڙهڻ مھل تمام گهڻي تڪليف برداشت ڪرڻي پوندي آھي. بيمار ۽ ڪمزور سفر ڪندڙ، ڪڏهن ڪڏهن ھن منزل تي دل لاھي ويھندا آھن. ھن جبل جي اُڪرڻ کان پوءِ، صوبي بلوچستان جي حد شروع ٿئي ٿي. جبل جي مٿانھينءَ تي ھڪ جاءِ آھي، جنھن کي لاھوتي حضرت علي ڪرم الله وجهہ جو تخت ڪوٺين، جنھن جي سلامي ڀرڻ ھر لاھوتيءَ لاءِ ضروري آھي. ھيءُ جبل اُڪرڻ کان پوءِ لاھوتي، سامهون وھندڙ نور نديءَ يا نور واھيءَ تي پھچندا آھن. ھن نديءَ ۾ ڪٿي ڪٿي ٿورو پاڻي بيٺل ھوندو آھي. برساتون نہ پوڻ ڪري ھن نديءَ جو پاڻي پيئڻ لائق نہ ھوندو آھي. ان جو استعمال صحت لاءِ نقصانڪار ٿي پوندو آھي. لاھوت لامڪان جي ھن سموري سفر ۾ جيڪڏھن ڪو لاھوتي واٽ تي ڪٿي بہ فوت ٿي ويندو آھي، تہ ان کي رستي تي ئي دفن ڪيو ويندو آھي.
اَٺين ڏينھن اُڀي وِيا، جوڳي جاءِ بَجاءِ،
سا پَرِ سامي سِکِيا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ،
ويروتارَ وجُوِدَ ۾، اَللهُ اُنِين کي آھ،
ڪنھن جنھن ڪَمائِيءَ لاءِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 8، ص:788)
نائين منزل - مائي ڪنڙيءَ جو مڪان :
ڀت جبل جي امتحان مان نڪري، لاھوتي چُنگهڻ جبل جي اوکين چاڙهين ۾ ڦاسجن ٿا. ھن سموري علائقي ۾ ھڪ چوٽي سھڪندي سھڪندي پار ڪبي تہ اڳيان وري ٻي چوٽي ڪر کنيو بيٺي ھوندي آھي. اٽڪل پنجن ڇھن ڪلاڪن جي پنڌ کان پوءِ جڏهن آخري چوٽي چڙهي پار پئجي ٿي، تہ اتان ھيٺ، جانور، وڻ ٽڻ ۽ ماڻهو بلڪل ننڍڙا نظر ايندا آھن.
انهيءَ جبل کان پوءِ اڳيان ھڪ ٻيو ٽڪر ’گڏھڙو جبل‘ اچي ٿو؛ ٿورو اڳڀرو ھيٺائين زمين تي (هڪ ڪچي مزار ٺھيل آھي) ’مائي ڪنڙيءَ‘ جي ماڳ تي پھچبو، جتي ڪجهہ دڪان ۽ ھڪ پاڻيءَ جو چشمو آھي. ھن منزل تي پھچڻ کان پوءِ پراڻا لاھوتي نَونَ لاھوتين کي دلداريون ڏيندا آھن تہ تڪليفن وارا مرحلا ختم ٿي ويا. ھاڻ باقي سفر سڻائو ۽ منزل قريب آھي، مالڪ ۽ خالق جي مٿن مھر ٿي آھي.
نائين ڏينھن نيڻانِ، اوجاڳي اُجاريا،
سَٻاجهي ٻاجهہ ڪِي، سُڃاڻي سيڻانِ،
جِتي نظر ناٿ جو، اتي اوتارانِ،
اِھي اُھڃاڻانِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 9، ص:788)
ڏهين منزل - شاھ بھلول ديواني جي مزار :
ھن منزل طرف وڌڻ لاءِ رستو آسان ۽ سنئون آھي. ھن راھ ۾ لاھوتي نعرا ھڻندا، ڪچھريون ڪندا، ناد نفيليون وڄائيندا، راڳ ڳائيندا ھلندا، اچي شاھ بھلول جي مزار تي پھچندا آھن. ھن لاءِ مشھور آھي تہ ھي ايران ملڪ جو شھزادو ھو، جنھن پنھنجي شاھاڻي زندگي ترڪ ڪري، فقيراڻو رنگ اختيار ڪيو ھو. ھن مزار کان ڏھاڪو کن ڪلوميٽر اُتر طرف، ’آري پير‘ نالي ھڪ ٻي زيارت آھي. لاھوتي، حاضريءَ لاءِ اوڏانھن وڃڻ وقت رستي تي آيل سيٺ ٽيڪومل جي ھَٽ تان ھڪ ويلي جو ڪچو راشن بہ وٺندا ويندا آھن، ھتان ھر ھڪ لاھوتيءَ کي ھڪ ويلي جو راشن سيٺ مھماني طور ڏيندو آھي. آري پير تي حاضري ڀري لاھوتي وري واپس شاھ بهلول جي درگاھ تي اچي رات رهندا آھن.
ڏهين ڏينھن ڏِکَ ٿيا، پرينءَ پاٻوھيا پَسُ،
وَرَقُ جو وصالَ جو، سو واري ڪِيائُون وَسُ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئي، سندو گُرُوءَ گَسُ،
جوڳِيَنِ کَٽِيو جَسُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 10، ص:788)
يارھين منزل - شاھ لطيف جي مسجد:
شاھ بھلول ديواني جي مزار کان اٽڪل اڍائي ٽن ڪلاڪن جي ھن سفر ۾، رستي تي حب نئين پار ڪرڻ کان پوءِ، ھڪ اڇي مسجد ڏسڻ ۾ ايندي آھي، جنھن کي ’شاھ لطيف جي مسجد‘ چيو ويندو آھي. اڪثر لاھوتي ھن مسجد ۾ ٻہ رڪعتون شڪراني جون ادا ڪندا آھن. ھن مسجد لاءِ اھو مشھور آھي تہ اھا شاھ لطيف جوڙائي ھئي. ھن علائقي ۾ باريچا قبيلي وارن جو ڳوٺ حاجي يوسف باريچي جي نالي سان آھي. اھي ماڻهو پڻ لاھوتين جو خيال رکن ٿا ۽ سندن مدد ڪن ٿا.
شاھ لطيف جي مسجد کان ڏيڍ کن ڪلوميٽر اولهہ طرف، گرم پاڻيءَ جو ھڪ چشمو آھي، جنھن کي کوسڙو چون ٿا، ان چشمي وٽ قديم دؤر جو تراکڙو تلاءُ ۽ پاڻي وھائڻ لاءِ ڪلوميٽر کن پِگهاريل پٿر جي نالي جنھن جي اوچائي، ڪٿي ٻہ فوٽ، تہ ڪٿي ڇھن فوٽن تائين آھي، پر ھاڻي ڳوٺاڻن، جي ان نالي جي ئي ڀرسان، سيمنٽ جي، نئين نالي ٺاھي آھي، ھن چشمي جي پاڻيءَ تي ڳوٺ وارا آبادي بہ ڪن ٿا.
ڪارِهين ڏينھن ڪَرَمُ، وَرِيو ويراڳيَنِ جو،
جوڳين جاٽائُون پُنيون، ھَلِي وِيا حَرَمُ،
دائِمُ جَھلِيو دَمُ، لِڪا ڀُڻَنِ لَوڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 11، ص:789)
ٻارهين منزل - شاھ نوراني جي مزار:
شاھ لطيف جي مسجد کان پوءِ اڳتي ھڪ جاءِ جنھن کي ’حضرت علي ڪرم الله وجهہ جو مچ‘ چوندا آھن، اتي پھچي، لاھوتي ان مچ ۾ ڪجهہ ڪاٺيون وجهندا آھن. اھو مچ ميلي وارن ڏينھن ۾ دُکيل ھوندو آھي. اھو عمل ڪري لاھوتي پٿريلي زمين تان لنگهي، شينھن لڪ تي ساھي پٽي، پوءِ لطيفجي کوھي ۽ ڀولا لڪ جھڙا ننڍا ننڍا لَڪ لڪيون اُڪري، خانوءَ جي ھٽيءَ (خان محمد مينگل جو دڪان) تي ساھي پٽي، اچي محبت فقير جي درگاھ تي پھچن ٿا. ان وقت سندن اکين جو انتظار ۽ سفر جا درد دور ٿي وڃن ٿا. ھيءَ اھا جاءِ آھي، جتي ڪراچيءَ کان گاڏين ذريعي ماڻهو ايندا ويندا آھن. ان ڪري ھتي ھڪ ميلي جھڙو منظر ھوندو آھي. ھتان سڀ پيدل پانڌيئڙا، منزل طرف روانا ٿيندا آھن. اھو پيدل سڻائو سفر، اڌ ڪلاڪ کن جو ھوندو آھي. لاھوتين جي ان ميلاپ ۽ آخري منزل تي پھچڻ واري حالت جي ڪيفيت شاھ لطيف ھن طرح بيان ڪئي آھي:
ٻارِهين ڏينھن ٻيئِي، مَنَ مُرادُون پُنِيُون،
جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِيا سَڀيئِي،
سَمانا سيئِي، جي گُرَ گڏِجِي آئِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 12، ص:789)
ھن خوشيءَ واري موقعي تي سفر ڪندڙ سڀ سيلاني خوش ھوندا آھن، ڇاڪاڻ تہ انهن جون ٻئي مرادون پوريون ٿينديون آھن. ھڪ تہ سفر جو مڪمل ٿيڻ ۽ ٻيو لاھوت لامڪان کي ويجهو پھچڻ. ھتي پھچڻ سان، ھر لاھوتي پھرين شاھ بلاول نورانيءَ جي زيارت ڪري، گوڪل ديو وارو غار ڏسي، پوءِ ٻئي ڏينھن يا ڪجهہ ٿڪ لاھي، لاھوت لامڪان واري ماڳ تي اچي زيارت ڪندو آھي. شاھ بلاول نورانيءَ جي مزار ۽ لاھوت لامڪان جي آستان جي وچ ۾ پنڌ پڻ ڏکيو ۽ اڻانگو آھي. ڪٿي ڪٿي چاڙهيون چڙهڻيون پون ٿيون تہ ڪٿي ڏاڪڻين جي وسيلي مٿي چڙهڻو ۽ پوءِ ھيٺ لھڻو پوي ٿو. ورن وڪڙن جي ڪري ھن پنڌ ۾ پڻ تڪليف ٿيندي آھي، پر ھي پنڌ ٿورو ۽ ڪلاڪ کن ۾ ختم ٿي ويندو آھي. لاھوت لامڪان واري آستان ۾ داخل ٿيڻ واري غار جي دريءَ جي ڀرسان، پھريائين حضرت آدم عليہ السلام جي نالي سان ھڪ مچ ھوندو آھي، جتي لاھوتي روٽ ورھائيندا آھن. پوءِ لاھوت لامڪان جي غار واري دريءَ تي پھچڻ لاءِ ھڪ لوھي ڏاڪڻ چڙهي، غار ۾ اندر داخل ٿيندا آھن. غار ۾ ھيٺ لهڻ لاءِ ھڪ رسيءَ وسيلي لھڻو پوندو آھي. اندر غار ڪافي ويڪري آھي، جنھن ۾ ھڪ ڏاچيءَ نما پٿر ۽ ھڪ سڌو ٿنڀ آھي، جنھن لاءِ چيو ويندو آھي تہ اھو پٿر جو ٿنڀ، جڏهن غار جي ڇت سان ملندو تڏهن قيامت اچي ويندي.
ھتي پٿر نما صابڻ ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ئي اھڙيون پنڊ پھڻ ٿيل شيون آھن. برسات وارن ڏينھن ۾، غار اندر پاڻي ۽ گپ ھوندي آھي، جنھن ڪري لاھوتين جا جسم ۽ ڪپڙا گپ ۾ خراب ٿي ويندا آھن. غار مان واپس اچڻ کان پوءِ لاھوتي غار جي ٻاھران، پنڊپھڻ ٿيل اَرڙ بلا کي ڏسڻ ۽ ان جي ڀرسان شاھ لطيف ۽ لعل شھباز قلندر جي آستانن تي پڻ ڀيٽا ڏيندا آھن.
ھنگلاج کان دوارڪا ويندي:
نانگا نانِيءَ ھَلِيا، ھِنگلاجان ھَلِي،
ديکي جَنِ دُوارِڪا، مَهيسِنِ مَلھِي،
آڳَہُ جَنِ عَلِي، آءٌ نَه جيئندِي اُنِ ري!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 28، ص:783)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، بلڪل چٽيءَ ريت ڄاڻائي ٿو تہ جوڳي پھريائين ھنگلاج ڏانھن ھليا ۽ اتان ٿي، پوءِ دوارڪا جي درشن لاءِ ويا، جنھن جو بيان رسالي ۾ نھايت رمز سان ڪيو اٿس. رسالي ۾، ڪلاچي، لاڙ، ڪوري کاري ۽ لکپت طرف جا اشارا ڏنل آھن، تنھن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو تہ جوڳين جي ھيءَ جاٽ، ھنگلاج جو تيرٿ ڪري، پوءِ ڪراچيءَ ڏانھن موٽي ۽ اتان ٺٽي وٽان سنڌو نديءَ وارو پتڻ اڪري، مغل ڀين، تعلقي جاتيءَ ڏانھن وئي ھئي.
کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان 3، بيت 9، ص: 206)
شاھ لطيف، عربي سمنڊ کي ’کارو‘ ۽ سنڌو نديءَ کي ’مٺو‘ سڏيو آھي. کاري ۽ مٺي جو ميلاپ سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ ٿئي ٿو. ھن وقت بہ اھي ٻئي پاڻي موکي بندر طرف آھن. مطلب تہ لاڙ واري ڀاڱي کان سواءِ سنڌ ۾ ٻئي ڪنھن بہ ھنڌ کارو ۽ مٺو پاڻي پاڻ ۾ ڪونہ ٿا گڏجن، تنھن ڪري خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو تہ شاھ لطيف لاڙ جو ذڪر ڪيو آھي:
کاري کيڙائو، مَٿي مِٺي موٽِيا، سودو ڪَنِ نہ سونَ جو، وَڏا وِھَائُو،
موتِي جي مِهراڻ جا، تَنِ جا طاماعُو، سامونڊي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، شاھ جو رسالو، سُر سامونڊي، داستان 3، بيت: 9، ص: 149)
’نائو‘ معنيٰ ڪوري کاري، جنھن ۾ ڪنھن وقت پُراڻ ريڻ اچي ڇوڙ ڪنديون ھيون تہ اھو اصل ۾ مٺي جو وھڪرو ھو، جنھن کي ’مٺي جو نائو‘ بہ چوندا ھئا. ڪوري کاري اصل مٺي ھئي ۽ پوءِ کاري ٿي آھي. اھا کاري جڏهن مٺي ھئي، تڏهن انهي کي ’مٺي جو نائو‘ بہ سڏيندا ھئا. ڪوري کاريءَ ۾ سنڌو ندي، جا پُراڻ ۾ ريڻ وارا وھڪرا اچي ڇوڙ ڪندا ھئا. ھن کاريءَ وسيلي ڪڇ واري پاسي ڪوٽا سر کان لکپت تائين وڃي سگهبو ھو. ھن وقت ڪوري کاري ضلعي بدين ۾ آھي. ھي سڀيئي ڳالهيون ڳڻي چئي سگهجي ٿو تہ، رسالي جا سُر ’سريراڳ‘ ۽ ’سامونڊي‘ لاڙ واري سامونڊي ڀاڱي بنسبت چيل آھن.
ڪڇ: ٻاٻيھي ڏونگر تان پير
ٻاٻيھو ڏونگر، لکپت کان لڳ ڀڳ پندرهن کن ڪلوميٽر ڏکڻ-اولهہ طرف، قديم بستا بندر جي سامهون آھي. ان زماني ۾ بستا بندر، واپاري لحاظ کان ھڪ وڏو بندر ھو. ھتان ئي ماڻهو پاڻيءَ جي جھازن جي ذريعي ولايت ويندا ھئا. شاھ لطيف بہ ھن ئي رستي کان ڪڇ ۾ داخل ٿيو ھوندو. ھن رستي تي، پھريون جبل اھوئي ٻاٻيھو اچي ٿو. شاھ لطيف، اھڙن قدرتي نظارن جو شائق ھو، سو ھن ڏونگر تي بہ ضرور چڙهيو ھوندو.
پھرئين ڀيري، شاھ لطيف ھتي آيو ھو تہ ان وقت ڪڇ ۾ سُڪار جي ڪري ڏونگر مٿي بهار لڳي پئي ھئي. ھر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ھئي. برساتي نيون ۽ ڍورا ڀريا پيا ھئا، وڻ ۽ وليون ڦلاريا پيا ھئا، جنھن مان من کي فرحت ۽ تازگي ڏيندڙ خوشبوءِ اچي رهي ھئي. شاھ لطيف اھڙي ئي ماحول جو ماحول گهورو ھو. اھڙي من موھيندڙ ماحول ۾ ڏونگر جي چوٽيءَ تي سندس ملاقات ھڪ جوڳي فقير سان ٿي وئي، جنھن سان روح رهاڻيون ڪيائين. وري ڪجهہ عرصي کان پوءِ، ڪڇ جي ٻئي ڀيري سفر ۾ بہ شاھ لطيف انهيءَ ڏونگر، ’ٻاٻيھي‘ جو رخ ڪيو، شايد انهيءَ جوڳيءَ سان روح رچنديون ڪرڻ جي خيال کان. اتفاق سان ھن ڀيري جڏهن شاھ لطيف ٻاٻيھي ڏونگر تي پھتو تہ ڏٺائين تہ ڏڪار جي ڪري ھر طرف ويراني ئي ويراني ھئي، جيڪا کائڻ پئي آئي ۽ اھو فقير بہ اتي ڪو نہ ھو.
ٻاٻيھي ڏونگر تان جوڳيءَ جي جدائيءَ جي اداسيءَ کان پوءِ، شاھ لطيف ماتا جي مڙهيءَ تي آيو. اتي بہ ھڪ جوڳي سندس دوست رهندو ھو. ماتا جي مڙهيءَ ۾ ھڪ وڏي ڄارِ ھئي، جنھن جون ٽاريون وڏي ايراضيءَ ۾ ڦھليل ھيون، جنھن ھيٺان ڳئون ويٺيون ھونديون ھيون. اتي انهيءَ ڄارِ جي پاسي ۾ جوڳيءَ جي مڙهي ھئي. اُتي بہ ڏٺائين تہ انهي مڙهيءَ کي بہ تاڪ ڏنو پيو ھو، تڏهن چيائين:
مَڙَهَه پُورِيَائُون مَاٺِ ٿِي، تَڪيَنِ ناَھِه تَنوارَ،
آسَڻَ مَٿَان اُنِ جي، نِتُ ٽِمَايَمِ نَارَ،
سَامِي سَڀِ ڄَمارَ، ڏيئي ڏک ڏُورِ ٿِئَا.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 19، ص:56)
ھتان کان پوءِ، شاھ لطيف ’چاڙوئا‘ ھليو ويو. چاڙوئا، ھڪڙي وڏي رکال آھي.
سُر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ ۾ اشارا
چچ برهمڻ واري زماني کان وٺي، ميرن جي صاحبيءَ تائين، ڪراچي ۽ لاڙ وارو ڀاڱو، واپار ۽ ھنرن سبب مشھور ھو. آڳاٽي وقت ۾ ھتي ھاڪارا بندر جھڙوڪ، ديبل بندر، لاڙي بندر، جاکي بندر، اورنگا بندر ۽ ٻيو ھڪ ھاڪارو بندر، جيڪو شاھ لطيف جي ڏينھن ۾ مشھور ھو، ۽ جنھن کي ميان غلام شاھ ڪلھوڙي پنھنجي نالي پٺيان، ’شاھ بندر‘ سڏڻ ۾ فخر ٿي ڪيو، سو پڻ ھو. اھي مٿيان سڀ بندر، ھن وقت اجڙي چڪا آھن، ڪن جا تہ آثار بہ ميسارجي ويا آھن. اڳي انهن بندرن تي وڏا سامونڊي جھاز لنگر انداز ٿيندا ھئا.
سُر سريراڳ ۾، شاھ لطيف، صرافن، موتين جي واپارين ۽ وينجهارن جو بہ ذڪر ڪيو آھي، سي شايد ٺٽي جي شھر ۾ ڏٺا ھئائين، جتي اھي موتين جا واپاري ۽ وينجهار رهندا ھئا، جن جو ذڪر شاھ لطيف ھيئن ڪيو آھي:
وَڃَنِ مَ وِينجهارَ! پاڻِيَٺَ جي پَرَکَڻا،
ڪَنيَرُ پايو اُکِيٖين، لَھَنِ سڀڪنھن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدرُ مَنجِهہ ڪِنارَ،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 4، بيت 16، ص:177)
ٿا صَراف سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِنِ جوھَرِي،
ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ،
سَندُسِ ئِي سَيّدُ چي، ڪِھَڙو قَدُرُ ڪَنِ،
پاڻِيَٺُ ئِي پَرکَنِ، ڪِ ڪَئِنچَلُ گڏِنِ ڪَچَ سين؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 4، بيت 17، ص:177)
تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي تہ اڳي ھيءُ خطو، سائو ستابو ۽ خوشحال ھوندو ھو. جنھن جو ذڪر ڳيچن ۽ لاڏن ۾ بہ ملي ٿو:
وڳا ويس پَٽَ جا، ماءُ کڻي آيئي،
ڀيڻ کڻي آيئي، سي پيءَ پھرايئي،
بينسر ادل جي، مان لاڙئون آڻايان.
وڳا ويس پَٽَ جا، ماءُ کڻي آيئي،
دُهري ادل جيِ، مان لاڙئون آڻايان.
وڳا ويس پَٽ جا، ماءُ کڻي آيئي،
ٻانھين ادل جيِ، مان لاڙائون آڻايان.
وڳا ويس پَٽَ جا، ماءُ کڻي آيئي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ڳيچ‘، گهوٽ کي ڪپڙن پھرائڻ جا ڳيچ، وراڻي: 53، ص:231)
اھو اڳوڻو اوج جيتوڻيڪ ھاڻي نہ رهيو آھي تہ بہ ان جا تاريخي اُھڃاڻ اڄ تائين اُتي قائم آھن. ھتي اڳي وڏا وڻجارا رهندا ھئا، جن جي شاھوڪاريءَ جون ڳالهيون، مغل ڀين جا ماڻهو اڃا تائين ڪندا رهندا آھن.
مغل ڀين جي ويجهو، ’رڙي‘ نالي ڳوٺ آھي. ھن وسنديءَ کي مقامي ماڻهو ’رڙي‘ سڏيندا ھئا. ھن بستيءَ جا آثار اڃا تائين موجود آھن، جتي اسماعيلي سيدن، سيد نور شاھ ۽ اُن جي فرزند سيد ڪامل شاھ جا مقبرا موجود آھن. ھن شھر (رِڙيءَ) جا واپاري ايتري قدر شاھوڪار ھوندا ھئا، جو ھاڻ ھن پاسي ڪو اڍنگا خرچ ڪري تہ کيس چوندا آھن تہ: ’رڙيءَ جو شاھوڪار آھين ڇا؟‘ مغل ڀينءَ کان 7 کن ڪلوميٽر پري، ’سير ڳنڍو‘ آھي. ھتي’سير‘ نالي ايراضي اڄ بہ موجود آھي. ھن کي ’سنڊو بندر‘ بہ چوندا ھئا. ھن بندر جو لکپت ۽ ڪڇ سان، سارين ۽ ٻين جنسن جو واپار ھلندڙ ھو. انهيءَ مان پتو پوي ٿو تہ سنڌ جو ھيءُ ڀاڱو تمام گهڻو شاھوڪار ۽ سکيو ستابو ھوندو ھو. شاھ لطيف ھن پاسي جو بيان ٻڌائيندي فرمايو آھي تہ:
ڦَرَڦُلَ، ڦوٽا، پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائون،
ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيوُن، تَرَ ۾ تاڪِيائون،
لاڄُنِ مَنجِھُ، لطيفُ چي، ٻيڙا ٻَڌائون،
نَذَرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چڙهندي چَيائون،
جي ڇُھي ڇوڙِيائون، سي ٻيڙيُون رَکين ٻاجَھ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 5، بيت 11، ص:182)
ھتي جا واپاري، لؤنگ، ڦوٽا، ڪپڙو، آبدار موتي ۽ ٻيو ڪيترو قيمتي مال، ٻيڙين ذريعي، ٻاھر روانو ڪندا ھئا. لؤنگ ۽ ڦوٽا سنڌ جي پيدائش نہ آھن، پر سنڌ جا وڻجارا اھي ۽ اھڙيون ٻيون شيون، ڏيساورن مان گهرائي، ٻين ڏيساورن ڏانھن موڪلي، وڻج واپار ڪندا ھئا. اھي واپاري موتين جو واپار بہ ڪندا ھئا. شاھ لطيف فرمايو آھي تہ:
وِيا جي عَمِيقَ ڏي، مُنھن ڪائو ڏيئِي،
تَنِ سِپُون سوجهي ڪَڍِيُون، پاتاران پيھِي،
پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکڙِيَنِ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 2، بيت 11، ص:161)
ھتي شاھ لطيف ’عميق‘ يعني سمنڊ جي اونهائيءَ جي ڳالهہ ڪئي آھي. سمنڊ مان اڄ تائين سنڌ جا غواص موتي ڪڍن ٿا. ڪراچيءَ طرف، لانڍي اسٽيشن کان اڳتي، ريڙهي نالي ڳوٺ آھي. اتي سمنڊ جي ڪناري تي سِپن جا ڍِڳ لڳا پيا ھوندا آھن. انهن سپن مان بلڪل ھلڪي ناڻي وارا موتي نڪرن ٿا، جيڪي اڪثر دوائن ۾ ڪم ايندا آھن. سنڌ جا وڻجارا، پنھنجا ٽوٻا پَريپَري، سمنڊ ۾ موڪليندا ھئا ۽ اھي جيڪي موتي آڻيندا ھئا، شاھ لطيف انهن جي ڳالهہ ڪئي آھي. شاھ لطيف جي وقت ۾، اُھي ڪھڙي ڪھڙي پاسي ويندا ھئا، شاھ لطيف ان جو ذڪر بہ ڪيو آھي.
شاھ لطيف ٻڌائي ٿو تہ، سنڌ جا وڻجارا، جڏهن وڻج واپار ڪرڻ ويندا ھئا، تڏهن دنگين ۾ پاڻ سان ھوشيار معلم کڻندا ھئا. سنڌ ۾ عام طرح ان کي ’سُکاڻي‘ ڪوٺيو ويندو آھي، پر شاھ لطيف ان کي ’معلم‘ پڻ ڪوٺيو آھي:
دَنگِي وِچِ دَرياھ، ڪِين ٻُڏي ڪِين اُپِڙي،
ھُو جي واڍي واڻِيا، سي سُونھَڻَ سَڀِ سَڙِيا،
مُعلِمَ ماڳِ نہ اَڳيين، ’ڦِلِنگِي‘ مَنجِھ ڦِرِيا،
مَلاحَ! تُنھِنجِي مَڪڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙهيا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تنھنجي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 3، بيت 11، ص:168)
ھن بيت ۾، شاھ لطيف چوي ٿو تہ چوماسي پوري ٿيڻ کان پوءِ، اتر واءُ لڳڻ تي، يعني سياري جي منھن ڪڍڻ سان، جڏهن سمنڊ ماٺو ٿئي ٿو، تڏهن وڻجارا سفر تي ويندا ھئا ۽ جڏهن واھوندا ورندا ھئا، مٿين بيت ۾ شاھ لطيف يورپي ڦورن/واپارين جو ذڪر ڪيو آھي، ’ڦلنگي‘، فرنگيءَ جو ٻڌل آھن. يعني بھار جي موسم ايندي ھئي، تڏهن اُھي پنھنجن ماڳن تي موٽندا ھئا. اُن ڳالهہ کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ھيٺين بيت ۾ چوي ٿو:
ڏِٺِي ڏِيارِي، سامونڊيَنِ سِڙَهہ سَنباھِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان 3، بيت 17، ص:208)
مطلب تہ سنڌ جا سامونڊي، ڏياريءَ جي مُند ۾، سفر تي اُسھندا ھئا ۽ چيٽ مھيني ڌاري بهار جي موسم ۾ واپس موٽندا ھئا، يعني جملي ڇھن مھينن جو سفر ڪندا ھئا. انهيءَ عرصي ۾ ھو، عدن، ھند، جاوا، سوماترا، لنڪا، چين، بنگال ۽ ٻين ملڪن طرف ويندا ھئا، جنھن ڪري اچڻ وڃڻ ۾ ايترو وقت لڳندو ھئن.
وڻجارا جڏهن، اونهي ڏي اُھرندا ھئا، تڏهن ڪن کي واٽ تي سامونڊي ڦورو اچي ورائيندا ھئا:
مُعلمَ ماڳِ نہ اڳِيين، ڦلِنگِي مَنجِهه ڦِرِيا،
مَلاحَ! تُنھِنجِي مَڪڙيءَ، اَچي چورَ چَڙهيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 3، بيت 11، ص:168)
’ڦلنگي‘، ’فلنگي‘، ’فرنگي‘، اصل لفظ Frank مان ٺھيو آھي، پر عام طور تي يورپي ماڻهن کي ’فرنگي‘ چئبو آھي. پورچوگيز ۽ انگريز، جن سورهين صدي عيسويءَ ۾ ھندستان ۾ اچي ڪوٺيون قائم ڪيون، تن مان ڪي سامونڊي ڦورو بہ ھوندا ھئا. شاھ لطيف ھنن کي ’ڦلنگي‘ سڏيو آھي. اھڙيءَ طرح شاھ لطيف سندن احوال بہ ڏنو آھي.
مطلب تہ شاھ لطيف، ڪراچي ۽ لاڙ ڏانھن بہ آيو ۽ اتان ڪنھن کان ڪڪرالي طرف جو ھڪ پراڻو قصو ٻڌو اٿس تہ انهي بابت بہ بيت چيا اٿس. ڪڪرالي ۾ سمن ڄامن جي حڪومت ھئي جن مان ’جکرو‘ نھايت ئي نالي وارو سخي مرد ھو. شاھ لطيف، ھن جي تعريف ۾ ڪيترائي بيت چيا آھن، جي رسالي جي سُر بلاول ۾ ڏنل آھن.
شاھ لطيف جو ڪڇ ڏانھن اچڻ
’ڪڇ‘ لفظ جي معنيٰ آھي ڪنڌي يا ڪنارو. ڪڇ يا ڪاڇو اھو ملڪ آھي جو جبل جي وَٽِ يا سمنڊ جي نار سان لڳ ھجي. ڪڇ کي الهندي طرف کان عربي سمنڊ ۽ ڏکڻ کان ڪڇ جي نار آھي، تنھن ڪري اُن تي اھو نالو پيو. ستين صدي عيسويءَ ۾، ھي علائقو سنڌ جو حصو ھوندو ھو. ڪڇي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ لھجو آھي ۽ اڪثر ڪري ڪڇي، سنڌي ٻولي عام طرح ڳالهائيندا آھن. ‘ڪوريکاري‘ اُڪرڻ کان پوءِ ڪڇ جو ھاڪارو بندر ’لکپت‘ اچي ٿو. شاھ لطيف سان گڏ جيڪي جوڳي ھئا، تن گرنار وڃڻ لاءِ، ھيءَ واٽ ورتي ھوندي، ڇاڪاڻ تہ لکپت جي ويجهو نارائڻ سر ۽ ڪوٽيسر نالي ٻہ وڏا تيرٿ آھن، جيڪي ھڪ ٻئي کي بلڪل ويجهو آھن. جوڳين کي اھا جاٽ ڪرڻي ھئي، تنھن ڪري ھيءَ واٽ ورتائون. سنڌ ۽ ٻين ڪيترن پاسن جا ھندو اڄ تائين نارائڻ سر ويندا آھن.
منجهين بابو بکيا، منجهين نارائڻ سر...
(آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند، (1989ع)،’لطيفي سئر‘، ص: 52)
شاھ لطيف چوي ٿو تہ نارائڻ سر وڃڻ جو ضرور ڪونهي ڇو تہ ھر ڪنھن جي وجود اندر اھو تيرٿ موجود آھي. لکپت ۽ ’ابڙاسي‘ جي وچ ۾، ’چِٽاڻو‘ نالي ھڪ جبل آھي، جتان اڳي پٽيھل درياھ وھي، ’مانڊوي بندر‘ جي ويجهو، ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندو ھو. اھو درياھ ڪيترن سالن کان سڪي ويو آھي ۽ اُن ۾ جهنگلي وڻ ٽڻ بيٺا آھن. رسالي جي سُر ڏهر ۾، انهيءَ ڍوري جو نالو ۽ انهي طرف جي حاڪم جسوڌڻ بابت ڪافي بيت سُر ڏهر ۾ آيل آھن. جيئن ھيٺئين بيت ۾ شاھ لطيف ھن جبل جو ذڪر ڪيو آھي:
جهوڪُونِ نَه جُهڻِڪَنِ، وَڳَ نَہ پَسان وَٽِ ۾،
آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُس چِٽاڻو چِتِ ڪِئو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 29، ص:885)
ڪڇ جي لکپت شھر تان پير
لکپت، ڪڇ جو ھڪ قديم ۽ مشھور شھر ۽ اڳوڻو تخت گاھ آھي. ڪنھن زماني ۾، ھي شھر ھڪ بندرگاھ ھو ۽ ڪڇ مان ٻاھرين ملڪن ڏانھن ويندڙ سامان، ھتان ئي پاڻيءَ جي جھازن وسيلي ويندو ھو. ان زماني ۾ ڏيساور ويندڙ سامان جي محصول مان روزاني ھڪ لک ڍينگلن جي آمدني ٿيندي ھئي. انهيءَ ڪري ھن شھر جو نالو ’لکپت پيو‘ ۽ اڄ تائين موجود آھي. شاھ لطيف، ھن ماڳ تان ٻہ ڀيرا پنھنجا پير گهمايا ھئا.
شاھ لطيف ھڪ ڀيرو جوڳين جي سُنگ ۾، ڪڇ کان ٿيندو لکپت ۾ آيو، جتان پوءِ نارائڻ سر گهمندي ڀُڄ ويو. تنھن کان پوءِ ھن جوڳين سان گڏجي، گرنار (جهونا ڳڙه)، پور بندر ۽ دوارڪا جي جاٽ ڪئي. لکپت ۾، گرونانڪ جو پٽ، شريچند بہ آيو ھو، جنھن سِک مذھب جي تبليغ لاءِ ھڪ گردوارو پڻ جوڙايو ھو. شريچند پنھنجي پيءُ، گرونانڪ سان ڪنھن ڳالهہ تان رُسي ھت آيو ھو. چون ٿا تہ پٽ کي پرچائڻ لاءِ گرونانڪ پاڻ بہ ھت آيو ھو. شاھ لطيف بہ انهيءَ گردواري (سِکن جي عبادتگاھ) ۾ اچي رهيو ھو، جيڪو گردوارو اڄ بہ موجود آھي. اڄ بہ سک برادريءَ جا ماڻهو، انهيءَ گردواري جي سار سنڀال لھن ٿا ۽ ھتي ھر روز لنگر بنا ڪنھن ذات پات ۽ ڀيد ڀاوَ جي کارايو وڃي ٿو.
اوريڙا ڳوٺ تان پير
’ڪڇ‘ واري سفر دوران شاھ لطيف، ’نروڻا‘ ويجهو ’اوريئڙا‘ ڳوٺ جي، تماچي فقير نھڙئي جي ڪکن تان پڻ پير گهمايا، کيس دُعا بہ ڪئي ۽ سوکڙي طور ھڪ گودڙي بہ ڏني. ھي تماچي فقير نھڙيو، شاھ لطيف جو اُھو فقير ھو، جيڪو ونھيين فقير جت سان گڏجي ڀٽ تي آيو ھو، ۽ شاھ لطيف جو مريد ٿيو ھو. پوءِ شاھ لطيف کيس انهيءَ طرف وڃي رهڻ جي ھدايت ڪئي. ھن شاھ لطيف جي ڏنل گودڙي، زندگي ڀر سانڍي رکي ۽ وفات کان پوءِ اھا گودڙي ليڙن جي صورت ۾ تماچي فقير جي قبر مٿان ڪافي سالن کان پيل آھي.
جڙو در: حاجي صالح محمد شاھ وٽان ڀيرو
جڙودر نکتراڻا تعلقي جو ھڪ ڳوٺ آھي. ڳوٺ جي الهندي پاسي حاجي صالح محمد شاھ جي درگاھ آھي. شاھ لطيف کي حاجي صالح محمد شاھ سان عقيدت ھئي، انهيءَ ڪري کيس ھن ڳوٺ سان محبت ھئي.
حاجي صالح شاھ ھڪ پھتل بزرگ ھو. چيو وڃي ٿو تہ حاجي صالح شاھ پنھنجي زندگيءَ ۾ 42 حج ڪيا. ڪملي نالي ھڪڙو ميگهواڙ سندس مريد ھو، جنھن کي پاڻ ڏاڍو ڀائيندو ھو. حاجي صالح شاھ جڏهن حج ڪرڻ پئي ويو تہ ڪملي چيو تہ: ’سائين مون کي بہ پاڻ سان وٺي ھلو، مان توھان کان سواءِ رهي نہ سگهندس!‘ ڪملي جي اھا خواھش پوري ڪرڻ جي لاءِ حاجي صالح شاھ کيس ڪلمو پڙهائي مسلمان ڪيو ۽ پوءِ ٻئي گڏجي حج ڪرڻ جي لاءِ بہ ويا. اڄ بہ حاجي صالح شاھ جي ڀر ۾ ڪملي جي قبر موجود آھي. شاھ لطيف، جڏهن بہ ڪڇ ايندو ھو، تہ ھتان جو ضرور ڀيرو ڪندو ھو.
حاجي صالح شاھ جي درگاھ جي اڳيان ھن وقت سيمنٽ جو ٺاھيل ھڪ وڏو ڌوڻو پيل آھي. چون ٿا تہ انهيءَ ھنڌ تي شاھ لطيف دونھين دُکائي ويھندو ھو ۽ عبادت ۽ رياضت ڪندو ھو.
حاجي صالح شاھ جو يارھين شريف تي عرس ملهايو ويندو آھي، جنھن ۾ ڪڇ توڙي ڪڇ کان ٻاھران وڏي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيندا آھن. چون ٿا تہ ھڪ ڀيري شاھ لطيف جڏهن ’جڙودر‘ ڳوٺ ۾ ويو ھو، تہ ڏٺائين تہ اتي ميلو متو پيو ھو. ڪافي ماڻهو گڏ ٿيل ھئا. جوڳي نارائڻ سر وڃڻ جون تياريون ڪري رهيا ھئا، مسلمان حج تي وڃڻ جا سانباھا ڪري رهيا ھئا.
جڙو در جي ’ڀِٽ‘ تان ڀيرو
جڙودر ڳوٺ جي الهندي پاسي، ھڪ ننڍڙي اھڙي ڀٽ آھي، جنھن کي ’ڀٽ شاھ‘ طور سڃاتو وڃي ٿو. ھن ڀٽ جو اھو نالو انهيءَ ڪري پيو تہ شاھ عبداللطيف ڀٽائي ھن ڏونگر تي اچي رهيو ھو ۽ چِلو ڪڍيو ھئائين. جنھن جڳھ تي ويھي شاھ لطيف چِلو ڪڍيو ھو، اتي ھينئر ھڪ ننڍڙي جڳھ بہ ٺھيل آھي. ان کان سواءِ ھن جڳھ سان لڳو لڳ ڏکڻ پاسي ڪاري رنگ جو ڊگهو پٿر آھي، جنھن تي صبح ۽ شام ويھي شاھ لطيف قدرتي نظارن جو لطف ماڻيندو ھو ۽ رات جو آرام بہ انهيءَ پٿر تي ڪندو ھو.
ھن ڀٽ جي ڀرپاسي وارو منظر ڏاڍو سھڻو ۽ وڻندڙ آھي. ڀٽ جي چؤطرف پري پري تائين ننڍڙا ننڍڙا جبل آھن، جن جي وچ ۾ آيل کيٽ ۽ وڻ، بيحد خوبصورت لڳندا آھن. ڀٽ مٿي چڙهندي شرط، دل ۾ محسوس ٿيندو آھي تہ ھتي جي سھڻن نظارن جي ڪري ئي، شاھ لطيف ھتي ويھڻ پسند ڪيو ھوندو ۽ چِلو ڪڍيو ھوندو.
چون ٿا تہ شاھ لطيف جڏهن ڪڇ جو سفر ڪري رهيو ھو تہ، شاھ لطيف جي مريدن سان گڏ ھڪ ڪتو بہ ھو. ھلندي اھو ڪتو بيمار ٿي پيو. انهيءَ ڪتي جي سار سنڀال لاءِ، شاھ لطيف، پنھنجي ھڪڙي مريد کي اتي ويھڻ لاءِ حڪم ڪيو ۽ چيو تہ، ھي ڪتو ٺيڪ ٿي وڃي تہ پوءِ ھن سان گڏ اچج، پر ٿيو ايئنءَ جو اھو ڪتو، جڙودر ۾ مري ويو، جنھن کي ان مريد اتي ئي دفن ڪيو ۽ پاڻ وري شاھ لطيف جي پيرن تان سفر ڪندي سنڌ پھتو.
’ٻوڙيا‘ ڳوٺ تان ڀيرو
’ٻوڙيا‘، ابڙاسي تعلقي جو سمنڊ ڪناري تي اڏيل ھڪڙو ڳوٺ آھي. ھي ڳوٺ ڪڇ جي ھڪ مشھور بندر ’جکئو‘ کان ڏکڻ ۾ 6 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. ھتي جا ماڻهو مالوند آھن ۽ برساتي کيتي بہ ڪن. ھتي جي آبادي، اٽڪل 300 کان 350 جي لڳ ڀڳ آھي ۽ ھتي سڀئي سنگهار قبيلي جا ماڻهو آباد آھن. سنگهارن جي سخاوت کي واکاڻيندي شاھ لطيف سُرڏهر ۾ ڪافي بيت چيا آھن:
ڪيرَ ڪَريندِي رِيسَ، آيلِ! سَنگهارَنِ سين؟
جَنين جي خَمِيسَ، وارِيُون واري ڇَڏِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 22، ص:885)
جَيئَنِ سي سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان، بيت 26، ص:885) ڪپوري سنگهار ۽ ڪارايل سمي وارو لوڪ داستان بہ ڪڇ ۾ ڪافي مشھور آھي. سنگهارن جي قبيلي ۾، سارو سنگهار نالي ھڪ ڀاڳيو ٿي گذريو آھي، جنھن کي چوپائي مال بابت ھر طرح جي ڄاڻ ھئي. ھُو ڪڇ جي سڀني علائقن جي گاھن گولاڙن کان بہ چڱيءَ ريت واقف ھوندو ھو. کيس ڪڇ جي سڄي علائقي بابت ڄاڻ ھئي تہ ڪڇ جي ڪھڙي وسنديءَ ۾ ڪھڙا ڪھڙا گاھ ٿيندا آھن. سندس ڄاڻ موجب ڪڇ جي ’چرو پڙي‘ ڳوٺ جي سيم جو گاھ سڀ کان اعليٰ ۽ اتم ٿيندو آھي.
ھِن ڳوٺ ۾، سنگهارن منجھان ميون کيمجي نالي ھڪ درويش ٿي گذريو آھي، جنھن کي حاجي پير جي نالي سان بہ ڃاتو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو تہ شاھ ڪريم بہ ھتي آيو ھو ۽ اُن جي تبليغ جي ڪري ئي ميين کيمجيءَ جو ڏاڏو مسلمان ٿيو ھو ۽ پوءِ ھي ٻئي پاڻ ۾ يار ٿي ويا ھئا.
ميين کيمجيءَ جي دؤر ۾، شاھ لطيف سمنڊ رستي ٻوڙيا ڳوٺ جو سفر ڪيو ھو. چون ٿا تہ سنڌ جي کاري ڇاڻ واري علائقي کان ٿيندو، شاھ لطيف ھِتي آيو ھو. سمنڊ ڪناري، پتڻ تان لهي، ٻوڙيا ڳوٺ جي اولھائين پاسي، ڳوٺ کان ٿورو ٻاھران ھڪ گهاٽي ڪرڙ جي ڇانو ۾ اچي ساٿين سان گڏ لٿو. ساڻس مريد بہ گڏ ھئا.
ان زماني ۾، شايد اھڙو رواج ھو تہ ايندڙ قافلو سڌوسنئون ڳوٺ ۾ نہ ايندو ھو، پھرين ماڻهو موڪليو ويندو ھو. شاھ لطيف بہ ايئن ئي ڪيو، پھرين ماڻهو موڪلي ميين کيمجيءَ کي پاڻ وٽ گهرايائين. ميون کيمجي، شاھ لطيف جو نالو ٻڌي، وڏيءَ حُب مان ساڻس ملڻ لاءِ آيو. ٻئي درويش مليا. ميين کيمجيءَ جي وات مان، شاھ لطيف کي ٻِيڙيءَ جي ڌپ آئي، جنھن تي کيس چيائين تہ درويش ٻيڙي ڇڪڻ ڇڏي ڏي. ميين کيمجيءَ اتي ئي کيسي ۾ پيل ٻيڙيون ڪڍي ڀڃي ڇڏيون ۽ ٻيڙي ڇڏڻ جو واعدو ڪيو. اڄ ڏينھن تائين ميين کيمجيءَ جي اولاد مان ڪوبہ ٻِيڙي نہ ڇِڪيندو آھي.
ملاقات ۽ خوش خير عافيت کان پوءِ ميين، شاھ لطيف کي ڳوٺ ھلڻ لاءِ چيو، پر شاھ لطيف پاڻ ميين کيمجيءَ کي اتي ئي ٽِڪائي ڇڏيو. سندن وچ ۾ لڳاتار ٽي ڏينھن روح رهاڻيون ھلنديون رهيون ۽ پوءِ شاھ لطيف اتان ئي موٽيو. شاھ لطيف، ميين صاحب جي تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس دعا ڪيائين. ٻوڙيئي ڳوٺ ۾، جتي شاھ لطيف مُريدن سان گڏ اچي ويٺو ھو، اتي اڳ، ڪِرڙ جو ھڪ گهاٽو وڻ ھو، پر ھاڻي اھو ڪونهي. ھاڻي اتي درگاھ جي بنياد وجهندڙن انهيءَ جڳھ جي چؤڦير ورانڊو ٺاھي ڇڏيو آھي، جنھن کي سيمينٽ جي کنڀن واري لوھي تارن واري واڙ بہ ڏنل آھي.
ڀُڄ تان ڀيرو
شاھ لطيف، ’لکپت‘ کان ٿيندو، ’نارائڻ سر’ ۽ ’مورا سر‘ گهمندو، ’ڀُڄ‘ پھتو. لکپت کان ڀُڄ اٽڪل 130 ڪلوميٽر پري آھي، ۽ اھو خشڪيءَ جو پنڌ آھي:
ڪَنِي ڀُڄُ ڀڄائيو، ڪَنِي ڍَٽَ مٿي ڍَارَ.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 3، بيت 23، ص:412)
ڀُڄ ۾، ’بالا پير‘ جي درگاھ آھي. شاھ لطيف، ضرور اُن جي زيارت ڪئي ھوندي، جو اُن جو ذڪر وائيءَ جي ھڪ بند ۾ ڪيو اٿس. ڌُنُ تون ڌَناسري، ڌُن تون بالا پيرَ... (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڌناسري، داستان 6، بيت 1، ص:430)
شاھ لطيف جڏهن ڀُڄ آيو تہ، جاڙيجن ۽ لاکي ڦلاڻيءَ بابت بہ بيت چيائين، جيڪي سُر ڏهر ۾ آيل آھن.
ھالار واري پاسي اچڻ
شاھ لطيف ڀُڄ کان ٿيندو، ڪاٺياواڙ جي ايراضيءَ ’هالار‘ طرف آيو. ’هالار‘ لفظ اصل ۾ ’هالا واڙ‘ يعني ھالي جي واڙ يا لوڙهو آھي. ’هالو‘ نالي ھڪ جاڙيجو راجپوت، ڪڇ ۾ ٿي گذريو آھي، تنھن جي نالي پٺيان اھو پرڳڻو سڏجي ٿو.
ھالار پرڳڻو ھن وقت ڪاٺياواڙ واري ايراضيءَ ۾ آھي. اھو پرڳڻو اصل ڪڇ سان لاڳو ھو. سنڌ ۾ جڏهن سومرن جي صاحبي ھئي، تڏهن ابڙو نالي ھڪ سمو، ھالار جو نواب ھو، تنھن ڪري شاھ لطيف ھن کي ’هالار ڌڻي‘ سڏيو آھي:
رَچِي جي ريٽو ٿئا، ڪين اُٻاٽِجَنِ اوءِ،
کُنڀُ نہ کاري تِنہِ کي، جو ھالارِي ھوءِ،
توڻي ڌوٻِي ڌوءِ، توءِ لالِي تَھِين نَہ لَھي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 2، بيت 15، ص:256)
شاھ لطيف چوي ٿو تہ ھالار ۾ ڪپڙي کي، مڃٺ جو ڳاڙهو رنگ اھڙو پڪو ٿا ڏين، جو ڌوٻي جيڪڏھن کنڀ تي چاڙهيندو تہ بہ ان جو رنگ اصل نہ ڦٽندو. ھتي شاھ لطيف ھالار جي رڱڻ واري ھنر جو ذڪر ڪيو آھي.
ھالار نالي ڪو خاص شھر نہ آھي، پر چڱي ايراضي جو نالو آھي، جيڪا اُن پرڳڻي ۾ اچي ٿي وئي، تنھن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو تہ شاھ لطيف، ھالاري رنگ جا ڪپڙا اُن ھنڌ ڏٺا ھئا. شاھ لطيف پوءِ ھالار واري ايراضيءَ مان ٿيندو، ڪڇ واري نار اُڪري، دُوارڪا ويو ھو.
دُوارڪا تان پير گهمائڻ
دُوارڪا جو تيرٿ، سڄي ھندستان جي مکيہ تيرٿن مان ھڪ ليکجي ٿو. ھتي ھر سال ھندو ڌرم وارا دوارڪا ناٿ جي درشن لاءِ ايندا آھن. ھتي دوارڪا ناٿ جو ھڪ وڏو مندر آھي، جو نھايت مٿانھون آھي. ھتي جوڳي، پنھنجيءَ ٻانھن تي دوارڪا جي ڇاپ ھڻائيندا آھن.
دوارڪا ھڪ ٻيٽ آھي. ان جي ويجهو، گومتي دوارڪا آھي، جنھن جي پريان مُول دوارڪا آھي. مُول دوارڪا، ويرا ول بندر کان، 30 ڪلوميٽر پري اڀرندي طرف آھي. اتي ھاڻي، رڻڇور جيءَ جو مندر آھي، جنھن جي درشن لاءِ ڪيترائي ھندو ھر سال ويندا آھن.
مول دوارڪا ۽ گومتي دوارڪا جي وچ ۾ ’گوپي تلاءُ‘ آھي، جيڪو پڻ پوتر ليکيو وڃي ٿو. ان جي پريان اھو ھنڌ آھي، جتي چون ٿا تہ شري ڪرشن کي، ھڪ شڪاريءَ تير ھنيو ھو. دوارڪا جي ويجهو اھا جڳھ اڃا تائين محفوظ آھي.
دوارڪا ٻيٽ کان وٺي، 18 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي وِک وِک تي تيرٿن جون جايون آھن. اھي تيرٿ شاھ لطيف، جوڳين سان گڏجي ھن پاسي اچي ڀيٽيا ھوندا.
پُور بندر تي اچڻ
شاھ لطيف دوارڪا کان ٿيندو، پوربندر آيو. پوربندر، ڪاٺياواڙ جي الهندي طرف ھندي (عربي) سمنڊ جي ڪناري، ھڪ ڏيھي ھاڪارو بندر آھي. پوربندر جي حاڪم کي ’راڻو‘ ڪري ڪوٺيندا ھئا.
راڻن جو آڳاٽو گاديءَ جو ھنڌ، گملي نالي شھر ھو، جيڪو ڪڇ جي جاڙيجن حاڪمن، ھن پاسي ڪاھ ڪندي، تباھ ڪري ڇڏيو. راڻن پوءِ ،پنھنجي گاديءَجو ھنڌ ڦيرائي، ’ڇايا‘ نالي شھر ۾ڪيو. اتي ججهي وڻڪار سبب، ’ڇايا‘ (ڇانوَ) ھوندي ھئي، انهيءَ ڪري اھو نالو پيس. شاھ لطيف، جڏهن ھن پاسي آيو ھو، تڏهن بہ ھتي جي گاديءَ جو ھنڌ اھو، ‘ڇايا‘ جو شھر ھو، جو پوربندر کان ٿورو ئي پري آھي.
گهڻو پوءِ، راڻن پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ ’ڇايا‘ مان ڦيرائي، ’پور‘ ۾ ڪيو ۽ ان سان ’بندر‘ نالو گڏي ان کي ’پوربندر‘ سڏيائون. ’پوربندر‘ اڳي واپار جو ھڪ اھم مرڪز ھوندو ھو، جنھن لاءِ شاھ لطيف، فرمايو آھي:
اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سِين،
سُتي لوڪَ، لَطِيف چَئي، يَادِ نہ ذَرو ڪِئوءِ،
غَافِلُ ٿِي غُرَابَ کي، اوڙَاھ تي آندوءِ،
ڇِتَرُ ڇُھي کَان رَکِين! جو پِئو پُراڻُو پوءِ،
جِھازُ ضَعِيفَنِ جو، پَاڻِيءَ ۾ پَرتوءِ!
سَيِدَ سَاٿُ سَندوءِ، پُربَندَرِ پَھچائِيين!
(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد-1، سُر سَرراڳ، داستان 1، بيت 11، ص:136)
پھرينءَ مصرع مان ظاھر آھي تہ شاھ لطيف، ھن پاسي اچڻ کان اڳ، ’پور بندر‘ جي ڪپر بابت ٻڌو ھو تہ اھو خطرناڪ آھي. اھو ڪپر، اڄ تائين آھي. شاھ لطيف جي وقت ۾، ھيءُ شھر تازو گاديءَ جو ھنڌ ٿيو ھو، تنھن ڪري بندر جي حالت ڪنھن بہ ريت ھاڻوڪي کان بهتر نہ ھوندي. ھن بندر کي ھاڻ گهڻو سڌاريو ويو آھي ۽ اتي لائٽ ھائوس بہ آھي، پر ھتي جو تڙ اڄ تائين اھڙو ئي خطرناڪ آھي، جھڙو شاھ لطيف ڏٺو ھو. ان جو سبب ھي آھي تہ ھيءُ سڄو پاسو، لھوارو آھي. اھو لھوارو حصو، بردا ٽڪريءَ کان وٺي، سمنڊ جي ڪناري تائين آھي. انهيءَ لاھ سبب ھن تڙ تي تيز ھوائون ھلن ٿيون، جنھن ڪري ھيءُ طوفاني تڙ آھي. اڄ بہ اھا حالت آھي جو سڀ جھاز بندر کان ٻہ ٽي ڪلوميٽر پري اچي بيھندا آھن ۽ مسافر لانچ ۾ چڙهي ڪناري تائين ايندا آھن.
جُهوناڳڙه ۽ گرنار ڀيٽڻ
شاھ لطيف، پوربندر کان ٿي، ھن پاسي آيو تہ راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي قصي بابت ڪيترائي بيت چيائين، جي رسالي جي سُر سورٺ ۾ ڏنل آھن:
مَحلين آيو مَڱَڻو، سازُ کَڻِي سُرَندو،
سِرَ جي صَدا سُرَ ۾، گُهورَ ھَڻِي گُهرندو،
مَٿي ريءَ مَلُوڪَ جي، چارَڻُ نہ چُرَندو،
جُهوناڳَڙُه جهُرَندو، پُوندِي جهانءِ جهَروڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 3، بيت 3، ص:648)
جهوناڳڙه جو شھر، راءِ ڏياچ جي ڏاڏي، راءِ گڙهڙپوءَ ٻَڌايو ھو. راءِ گڙهڙپوءَ، جنھن کي راءِ گورارو بہ چوندا ھئا، تنھن سن 892ع ۾ لاڏاڻو ڪيو، ھن کان پوءِ راءِ ڪاوٽ گاديءَ تي ويٺو ۽ انهي کان پوءِ، سن 1003ع ۾، راءِ ڏياچ گاديءَ تي ويٺو. راءِ ڏياچ جڏهن جهوناڳڙه جو حڪمران ٿيو، تڏهن ھن جهوناڳڙه جي ويجهو گرنار نالي ٽڪريءَ تي محل جوڙايو. راءِ ڏياچ جي محلات اڄ تائين جهوناڳڙه جي ويجهو گرنار نالي ٽڪريءَ تي آھي.
گرنار ٽڪريءَ جون پنج مکيہ چوٽيون آھن، جن مان سڀ کان مٿانھين چوٽي ’گورکناٿ‘ نالي سان سڏجي ٿي. جيڪي جوڳي گرنار جو تيرٿ ڪرڻ ويندا آھن، سي ھن چوٽيءَ تي ضرور ويندا آھن، جو گورکناٿ سندن وڏو گرو ھو. جوڳي جڏهن ياترا لاءِ گرنار ويندا آھن تہ انهيءَ مٿانھين ٽڪريءَ تي عبادت ڪندا آھن.
سامِي ڇڏي سانگَ، گَڏِيا گورَکناٿَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، داستان 7، بيت16، ص: 810)
ھن ٽڪريءَ تي ڪيترا شوالا، مندر، غارَ ۽ غفائون آھن. سنياسي، آديسي، مھيسي، لاھوتي ۽ ٻيا قسمين قسمين جوڳي جن جو رسالي جي سُر رامڪليءَ ۾ ذڪر آھي، سي ھتي ڏسي سگهجن ٿا. شاھ لطيف، ھتي ڪافي ڏينھن گذاريا ۽ پنھنجي ڪلام جي سُر، ’سورٺ‘ ۾ ھن جڳھ جو خاص طور تي ذڪر ڪيو اٿس.
ننگر پارڪر ڏانھن اچڻ
ڍَٽِ ڍَرِيءَ پَٽِ پييُون، پاسي پارِڪَرَ،
سَڀيئِي ڀَرِيا سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 5، ص:698)
ٿرپارڪر جي انگريز حاڪم ڪرنل ٽاڊ موجب، ’پارڪر‘ لفظ اصل ۾، ’پارکار‘ آھي يعني کاري جي پار يا لُوڻيءَ جي پرينءَ ڀر. ننگرپارڪر جي اڀرندي طرف جوڌپور رياست آھي، جنھن جو ڳچ ڀاڱو، ’لوڻي‘ يعني لوڻاٺيل يا ڪلراٺو آھي. اتان جيڪا ندي وھي ٿي، سا بہ انهيءَ سبب، ’لوڻي‘ سڏجي ٿي. اھا ندي پشڪر راڄ وٽان ھلي، ننگر پارڪر جي ڏکڻ ڏانھن، ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. انهيءَ مان معلوم ٿيو تہ ’ننگر پارڪر‘ معنيٰ اھو شھر جو کاري جي پار يعني لوڻيءَ جي پرينءَ ڀر آھي.
ننگر پارڪر، سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جو ھڪ مشھور تاريخي شھر آھي، جيڪو ڪارونجهر جبل جي ھنج ۾ آھي. اُن جبل ۾، مور پکي ۽ ماکي جام آھي. ھن جبل جي ٻاھرين گولائي اٽڪل، 32 ڪلوميٽر ۽ زمين کان اوچائي ھڪ ھزار فوٽ آھي. چيو وڃي ٿو تہ، ’ڪارونجهر‘ لفظ اصل ۾ ’ڪالنجر‘ آھي، يعني ڪال (ڏڪار) کي انجر (پورو) ڪرڻ وارو. ان حوالي سان، مھاديو کي بہ ’ڪالنجر‘ سڏيو ويندو آھي. ھن ٽڪريءَ تي ’مھاديو جو لِنگ‘ ٻن ٽن ھنڌن بيٺل/کتل آھي. ھي مندر ڪارونجهر جبل جي اندر سارڌڙي واري ھنڌ گورڌڙو نئين جي بنه الهندي پاسي ٽڪريءَ تي پراڻي دؤر جي طرز تعمير تي پٿر جو ھڪ چبوترو ٺھيل آھي. انهيءَ مندر جي لڳ اتر پاسي ھڪ تلاءُ نما چشمو پڻ آھي، جنھن کي ’مرگهہ ڪُن‘ چون، جتي ھندو مذھب جا ماڻهو لاشن جي رَک (اگني سنسار کان پوءِ جي رک) اُن ڪُن ۾ اچي وجهندا آھن، جنھن کي ’ڦل تارڻ‘ چيو ويندو آھي. ھن ڪُن ۾ ٻہ ٽي ميل اولهہ طرف کان وھي ايندڙ برساتي نئين ’گُئو مُکي‘ اچي ڪرندي آھي، پوءِ اھا نئين مندر جي ڏاکڻين کان اڀرندي پاسي وھندڙ نئين گورڌڙي سان وڃي ملندي آھي. شِو جي مندر کان ٿورو پرڀرو اتر پاسي ’ڪاري ڀيرو‘ جو مندر پڻ آھي، ھن کي شِو جو چوڪيدار بہ چون. ھتي ’انچلا سر‘ جو تيرٿ پڻ آھي. شاھ لطيف سان گڏ جيڪي جوڳي ھئا، سي شايد اھي تيرٿ ڀيٽڻ لاءِ ھن پاسي آيا ھئا.
ننگر پارڪر جي آسپاس، ڪيترائي تلاءَ آھن. ’راڻاسر‘ نالي ھڪ تلاءُ، شھر جي الهندي پاسي آھي. ھي تلاءُ ڪارونجهر جي شروع واري اڀرندي ڪور ۾ ڦٽل حالت ۾ اڄ بہ موجود آھي. ھن تلاءَ جي پوري وچ مان ھن وقت سارڌڙي مندر ڏانھن ويندڙ پڪو رستو جڙيل آھي. ھن تلاءَ جي ايراضي اٽڪل ٽي کان چار ايڪڙ کن ٿيندي. ھن تلاءَ جي اڀرندي ڪپ تي ھن وقت راڻي ڪنور ھمير سنگهه جو بنگلو ٺھيل آھي، جنھن جي ھيٺينءِ پاسي واري ديوار تلاءَ جي ايراضيءَ ۾ آھي. ھتي ڪيتريون ئي صديون راڻن جو راڄ ھو. انهن راڻن جون جايون، انهيءَ تلاءَ وٽ ھيون، تنھن ڪري اھو نالو پيو اٿس. ’نريا سَر‘ نالي ھڪ تلاءُ، شھر کان ساڍا ڇھ ڪلوميٽر پري، اتر-اڀرندي طرف آھي. اھڙيءَ طرح ٻيا بہ ڪيترا تلاءَ آھن، جن بابت شاھ لطيف مٿي بيت ۾ ڄاڻايو آھي تہ اھي سڀيئي پلر جي پالوٽ سان ڀربا آھن. انهن تلائن مان، ڀوڏيسر نالي تلاءُ بہ اھم آھي. اُتي ھڪ عاليشان مسجد سنگ مرمر جي ٺھيل آھي، جا بھمني خاندان جي سلطان محمود شاھ بن مظفر شاھ، ’بيگڙي‘، گجرات جي حاڪم 1505ع ۾ ٺھرائي ھئي، جا ٽيھ چورس فوٽ آھي. مسجد جي ڏاکڻي پاسي، جين ڌرم وارن جو چٽساليءَ واري پٿر سان جوڙيل مندر پڻ آھي، جيڪو زبون حالت ۾ اڃا موجود آھي. ننگر پارڪر کان 25 ڪلوميٽر پرتي، ويرا واھ جي اڀرندي پاسي، پاري ننگر نالي ھڪ قديم شھر جو ويرانو آھي. لڳي ٿو تہ، شاھ لطيف ڪارونجهر ٽڪري گهمي ، ڀوڏيسر کان پائر جو ٿر وارو رستو ورتو ھوندو.
پائر جو ٿر
سَتِيءَ سيِئي سارِيا، جي پائُر جا پھنوارَ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان4، بيت 4، ص:571)
ٿر جو ڏاکڻيون حصو جنھن ۾ واريءَ جون ڀٽون آھن، اُھي اتر-اوڀر کان ڏکڻ-اولهہ طرف آھن. ھي وارياسو ڀاڱو، وڏيءَ ايراضيءَ تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ ونگو، سامروٽي، وَٽِ ۽ مُهراڻي وارو پاسو، اچيو وڃي، ان کي ’پائر جو ٿر‘ سڏيندا آھن. انهيءَ ٿر جي اڳي ڌار حڪومت ھوندي ھئي، جنھن جا احوال ڪڇ جي تاريخ ۾ ڏنل آھن.
ننگر پارڪر کان اسلام ڪوٽ، تعلقي مٺيءَ ڏانھن ھڪ شاھي رستو، ڪارونجهر ٽڪريءَ تان وڃي ٿو. اھو شاھي رستو وٺي ھلبو، تہ ڪجهہ پنڌ پائر جي ٿر مان اُڪرڻو پوندو. اھو ٿر، مارئيءَ جي ملڪ ملير کي بلڪل ويجهو آھي، تنھن ڪري ئي مٿئين بيت ۾، شاھ لطيف، مارئيءَ جي واتان چوايو آھي تہ: ”آءٌ پائر جي پنوھارن کي پيئي ساريان.“ انهيءَ ٿر کي مارئيءَ ڇو ٿي ياد ڪيو؟ تنھن جو سبب ھيٺين مصرع ۾ ڄاڻايل آھي.
ٿَاجَا ٿَرَ بَرَ جھَلَ، پِپُون پائُرَ وَٽِ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 9، بيت 13، ص: 595)
پِپُون، لوڻڪ جي ڳنرن جھڙيون، سائي رنگ جون ۽ کائڻ ۾ کٽيون ٿينديون آھن. ٿري ماڻهو، اھي وڏي شوق سان کائيندا آھن. مارئيءَ جي ملڪ ملير يعني ننگر پارڪر تعلقي جي ڏاکڻي ڀاڱي جا ڪيترائي مالدار، پپن ۽ ٻين ڏٿن خاطر پائر جي وٽ (ڪناري) سان وڃي ڪَٺا ٿيندا ھئا. اتي اھي، ڏٿ بہ ڏوريندا ھئا ۽ پاڻ ۾ رهاڻيون بہ ڪندا ھئا. شاھ لطيف اتان لنگهندي شايد اھڙيون محفلون ڏٺيون ھيون، جن جو ذڪر مٿئين بيت ۾ ڪيو اٿس.
سَرَتِيوُن دُعا ڪِجَاھ، تَھ ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رهي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 6، بيت 17، ص:582)
’ڀاروڙي‘ لفظ، پائر جي ٿر جو آھي. رڍن جي اُن، اڪثر ملائيءَ جي رنگ جھڙي ٿئي ٿي، پر جنھن رڍ جي اُن، اڇي ڦول ٿئي ٿي، تنھن کي توڙي ان مان ٺھيل لوئيءَ کي ’ڀاروڙي‘ چوندا آھن. ان مان ظاھر آھي تہ، شاھ لطيف ھتان لنگهيو ھو، جو جوڳين کي گوريءَ جو مندر ۽ شاھ لطيف کي مارئيءَ جو ملڪ ڏسڻو ھو. اھي ٻئي ھن پاسي آھن.
ملير ڏانھن اچڻ
سنڌي توڙي بلوچي ٻولين ۾، ملير جي معنيٰ ’سائو ستابو‘، ’ساوڪ ڀريو‘ ۽ ’زرخيز‘ علائقو آھي. اڄ بہ جڏهن ڪٿي ڪو خوبصورت وڻڪار وارو علائقو ڏسبو تہ بي اختيار واتئون نڪرندو ’ملڪ تہ ملير لڳو پيو آھي!‘
ملير، مٺي پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ مڇيءَ جي ھڪ قسم کي بہ چيو ويندو آھي. ھيءَ مڇي بنا ڇلرن جي ھوندي آھي، جنھن جو قد ٽن کان پنجن انچن تائين ھوندو آھي. ان کي چار پَــرَ ۽ وڏو وات ھوندو آھي. اجرڪ جھڙي رڱيل ڪپڙي، جيڪو اڪثر مرد پنھنجن ڪلھن تي اوڍيندا آھن، ان کي بہ ملير چئبو آھي. مليرو يا مليرُ ان ڏاند کي بہ چئبو آھي، جنھن جو رنگ ڳاڙهيسرو ھوندو آھي.
ملير جي ’ڳاڙهي ڳئون‘ (Malir Red Cow) اڄ بہ سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. آسٽريليا ۾ان جي پالنا جا الڳ فارم آھن، اُتي بہ ان جو نالو ’مليري ڳاڙهي ڳئون‘(Malir Red Cow) آھي. ھيءَ ڳئون، ملير ڪراچيءَ جي سامونڊي پٽيءَ وارين ديھن جيئن، ڳاڱيارو، جوريجي، ٻاڪراڻ ۽ گهگهر وغيرہ جي ڀاڳين وٽ اڄ بہ موجود آھي.
مليرو (مريڙو)، ڀاڄيءَ طور ڪم ايندڙ برساتي ٻوٽيءَ جو نالو آھي، جيڪو جابلو ۽ ٿر واري علائقي ۾ ٿيندو آھي. مَليرُ ماڻهوءَ جو نالو پڻ آھي.
ملير نالي مختلف ماڳ، ھن وقت بہ سنڌ ۾ موجود آھن. انهن مان ھڪ ٿر ۾ مارئيءَ وارو ملير، ٻيو مارڏ ملير، ضلعي بدين ديھ ٻھڊميءَ کان ست ڪلوميٽر ڏکڻ-اوڀر پاسي آھي، ۽ ٽيون ملير ڪراچيءَ جو ھڪ ضلعو آھي. بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾، ھنگول نديءَ لڳ، خوبصورت جبلن ۾ ’ڪُنڊ ملير‘ نالي خوبصورت علائقو آھي، جيڪا گهمڻ جي ھڪ جاءِ آھي. انهن کان سواءِ، مالير ڪوٽلا نالي ھڪ علائقو، ڀارت جي ھرياڻا رياست ۾ بہ موجود آھي. ’مالير ڪوٽلا‘، راجسٿان ۽ ھرياڻا رياستن جي دنگ تي، ضلعي ھرياڻا ۾ آھي.
شاھ لطيف، ٿر واري ملير کان سواءِ سُر حسينيءَ ۾ ڪراچيءَ واري ملير جو بہ ذڪر ڪيو آھي.
اَدِيُون! ڪا اِيندِي؟ ڇَپَرِ مون سَڱُ ٿِيو،
لائِيندِيَسِ لِڱَن کي، مَلِيرا ميندي،
وِندُرِ آئوُن وِيندي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان 12، بيت 34، ص:490)
جنھن مينديءَ جي وڻ/ٻوٽي جو ذڪر، شاھ لطيف ڪيو آھي، اھو اڄ بہ ضلعي ملير جي علائقي ۾ ٿئي ٿو. اھا ميندي پنھنجي رنگ ۽ خوشبوءَ ڪري مشھور آھي.
انهن سڀني ڳالهين مان ڪھڙيءَ ڳالهہ جي ڪري، انهن علائقن تي ’ملير‘ نالو پيوآھي، ان تي تحقيق ڪرڻ جي گُهرج آھي، پر گهڻو ڪري خيال آھي تہ سرسبزيءَ ۽ شادابيءَ جي ڪري، انهن علائقن کي ملير ڪوٺيو ويو. ٿر وارو ملير، ٿرپارڪر ضلعي جو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھو، جيڪو ننگر پارڪر تعلقي ۾، ننگرپارڪر شھر کان 40 ڪلوميٽر پري ھو. اتي ھاڻي ھڪ بہ گهر ڪونهي. ملير جي معنيٰ جيئن مٿي ڄاڻائي وئي آھي تہ ’ملير‘ لفظ ڪنھن ساوڪ واريءَ وسنديءَ لاءِ بہ ڪم ايندو آھي. ملير کان ٿورو پريان، ڀالوا نالي ڳوٺ آھي، جتي ست وڏيون ڀِٽون ھڪٻئي سان اھڙيون ڳنڍيل آھن، جو ڄڻ تہ ھڪ قطار ۾ بيٺل آھن. انهن ويڪرين ڀٽن جي مُھڙ ۾، ھڪ وڏو ’ڏهر‘ آھي. ھن ڳوٺ ۾ خاصخيلين ۽ ڀيلن جا گهر آھن. ڀالوا ۾ ھڪ کوھ آھي، جنھن لاءِ اِھا روايت مشھور آھي تہ مارئيءَ کي عمر بادشاھ ان کوھ تان کڻي ويو ھو، ۽ اُتي ھڪ وڏي پٿر جي ھودي بہ ٺھيل آھي، جنھن بابت ٿر واسين جو چوڻ آھي تہ مارئي انهيءَ ڪونڊيءَ ۾ پنھنجن ڇيلن ۽ ٻڪرين کي پاڻي پياريندي ھئي. ھتان عمرڪوٽ 160ڪلوميٽر پنڌ تي آھي. شاھ لطيف بہ ھتي آيل ٿو ڀانئجي، جو ھن ڪشادي پَٽَ جو ذڪر ھيئن ڪيو اٿس:
جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرَ موڪَ مُھاڙِ،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 7، بيت 10، ص:586)
انهن ڀٽن جي اڳيان جيڪو ’ڏهر‘ آھي، تنھن ۾ چون ٿا ته ’مليرجوڳوٺ‘ ھو. ڀالوا واري کوھ جي مرمت ڪرائي، اتي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ’ميوزم‘ ٺھرايو ويو آھي ۽ ھن ايراضيءَ کي ديوار ڏياري محفوظ ڪيو ويو آھي. ھيءُ ڪم سسئي پليجو پنھنجي وزير ثقافت واري دؤر ۾ ڪرايو ھو.
گوڙيءَ جو مندر
ننگر پارڪر کان 45 ڪلوميٽر اولهائين ڪُنڊ تي، ۽ ملير کان ست ڪلوميٽر اولهہ طرف، گوڙي نالي جين ڌرم وارن جو ھڪ عاليشان مندر ٺھيل آھي. جين ڌرم وارا پارسناٿ جا پوڄاري آھن. پارس ناٿ کي ’گوريچو‘ بہ سڏين ٿا ۽ ان جي نالي پٺيان ھيءُ گوڙيءَ جو مندر سڏجي ٿو. جين ڌرم وارا اڄ تائين الائي ڪٿانڪٿان اچي اھو مندر ھر سال ڀيٽيندا آھن، ڇاڪاڻ تہ ھيءُ آسٿان سندن ’تيرٿ‘ بہ آھي. جينين جا 14 ناٿ ھئا، جن مان ’اشوناٿ‘ سنڌ جو ھو.
شاھ لطيف، ننگرپارڪر ۽ ڀوڏيسر مان ٿيندو، کاروڙيءَ کان ھلي، ملير مان گهمندو ۽ گؤڙي مندر ڏسندو ويڙھيجهپ ويو ھو. ھيءُ سفر، شاھ لطيف جو پنھنجو سفر ھو، پر ظاھري طور، مارئيءَ جو نالو کنيو اٿس. شاھ لطيف، پائر جو ٿر گهمڻ کان پوءِ، ويڙھيجهپ ڏانھن ويو ھوندو، تڏهن چيو ھئائين:
’کاروڙِيان کَڻِي، ويڙِيجَھپ وِيا.‘
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 9، بيت 9، ص:594)
ويڙھي جهپ ڏانھن وڃڻ
ويڙھي جهپ جو ڳوٺ، بدين - مٺي روڊ جي نئون ڪوٽ بساسٽاپ کان ڏکڻ طرف ويندڙ روڊ تي 14 ڪلوميٽر مفاصلي تي ڏيپلي جي اتر الهندي طرف، ڏيپلي شھر کان 9 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ضلعي مٺيءَ ۾ آھي. ڏيپلي جي اتر-الهندي طرف، ڏيپلي شھر کان 9 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي. ھيءُ ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي، جنھن ۾ ٺڪرن، بَجيرن، ڀِيلن ۽ ميگهواڙن جا گهر آھن. ھيءُ ننڍڙو ڳوٺ، پارو فقير جي ڪري مشھور آھي، جو شاھ لطيف کان گهڻو اڳ ٿي گذريو آھي. پارو فقير، ھڪ ڪڇي برهمڻ ھو، ۽ ڪڇ ڀڄ جي طرف جو ويٺل ھو. ھو پوءِ ويراڳ ڌاري، رمتن جوڳين وانگر گهمندو، ڪڇ جو رڻ لتاڙي، سنڌ ۾ آيو ۽ ھتي ويڙھي جهپ جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. ھو برهمڻ ھوندي بہ ذات پات ۽ رنگ نسل جي مت ڀيد جي خلاف ھو. ويڙھي جهپ جا ماڻهو جڏهن ڪم ڪار ڪري ٿڪجي سمھي پوندا ھئا تہ پاڻ سڀني جي گهرن جي پاڻيءَ جا دلا ڀري رکندو ھو، ۽ جهنگ مان ڪاٺيون پنھنجي مٿي تي کڻي، گهر گهر ۾ رکي ويندو ھو. ڪڏهن ڪڏهن ان بہ پيھي رکندو ھو. ھن جي اھڙي ھلت، ويڙھي جهپ جي ماڻهن کي تعجب ۾ وجهي ڇڏيندي ھئي تہ ھيءُ برهمڻ ٿي ڪري، اسان جي پاڻ ٽھل ٽڪور ٿو ڪري ۽ سار سنڀال ٿو لھي.
پارو فقير، جنھن کي عام طرح ’پار برهم‘ بہ چوندا ھئا، اُھو پوءِ موٽي پنھنجي ملڪ ويو ۽ پنھنجن مائٽن کي چيائين تہ منھنجو موت ويڙھي جهپ ۾ ٿيندو ۽ اوھين منھنجي سماڌي، اتي جوڙائجو، تہ جيئن ياد رهي تہ ذات پات جي ڀيد ڀاءَ ڀڃڻ جي شروعات اُتي کان ٿي. ھو پوءِ مائٽن کي وٺي ويڙھيجهپ ۾ آيو ۽ يوگ آسڻ ۾ ويھي، مائٽن کي چيائين تہ، ھاڻ منھنجي مٿان مٽي ورايو ۽ جيئري ئي سماڌ ڏيوم. اھڙيءَ طرح ھن جيئري ئي سماڌ ورتي. اھو رواج جوڳين جو آھي. اھا ساڳي سماڌي اڃا تائين آھي، اتان کان الهندي پاسي اڌ ڪلوميٽر ڀٽ تي فقير جي بيٺڪ ھئي، جتي ھڪ ڄار جو وڻ آھي، جنھن تي ھر سال ڄيٺ (مئي – جون) مھيني جي پنجين تاريخ کان وٺي وڏو ميلو لڳندو آھي جو پندرهن سترهن ڏينھن ساندھه ھلندو آھي. اھو ميلو قديم زماني کان وٺي اڃا تائين لڳندو اچي. رسالي ۾ ويڙھي جهپ جو نالو آيو آھي، تنھن مان سمجهجي ٿو تہ شاھ لطيف ۽ سندس فقير اُتي ويا ھئا.
ويڙھي جهپ ۾ شاھ لطيف جي فقير، راول فقير جي قبر، پارو فقير / پار برهم کان اولهہ طرف آھي. مٿس نَون ٿنڀن وارو، پاسن کان کليل، ڇت وارو پڪو مقبرو ٺھيل آھي، جنھن جي سامهون ڪنڊيءَ جو ھڪ پراڻو وڏو وڻ بيٺل آھي. راول فقير جي مزار، پارو فقير جي سماڌي ۽ سندس درشن واري جاءِ جي بنه وچ واري فاصلي تي آھي. ھتي ھن وقت نہ شاھ لطيف جو تڪيو آھي ۽ نہ وري شاھ جو راڳ ٿئي ٿو. شاھ لطيف جي رسالي ۾ ويڙھي جهپ جو ذڪر بہ ملي ٿو:
کاروڙِيان کَڻِي، ويڙِيجَهپ وِيا،
سيڻَ منھنجا، سَيّدُ چي، ھاڻي ھِتِ ھُئا،
پَسِي پَڊ اُٺِين جا، لَڙِي لَڙڪَ پِيا،
ڏيھِي ڏُورِ وِيا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 9، بيت 9، ص: 594)
پُراڻ تان پير
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيوُن ڪاھي ڪَامَاري،
وَٺا پَٽَ پُرَاڻِ جَا، اُٺِيُون سَامَاري،
ڪَڪَرَ ۾ ڪَاري، پَسو وِڄَڙيَنِ وَيس ڪِئا.
(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 3، بيت 11، ص: 328)
’پُراڻ‘ پراڻي درياھ جو نالو آھي. اڳي ڍورو نارو، پُراڻ ۾ اچي ڇوڙ ڪندو ھو. ھن وقت، ڦليلي واھ، حيدرآباد کان وٺي، ٽنڊي محمد خان ۽ بدين کي آباد ڪندو، ھن پاسي پُراڻ سان اچي گڏجي ٿو.
شاھ لطيف ويڙھي جهپ کان ڏيپلي ۽ راھمڪي بازار مان ٿيندو، پُراڻ طرف آيو ھوندو. اُتان پوءِ ونگي ولاسي پرڳڻي مان ٿيندو، پُراڻ جو پتڻ اُڪري ڪڇ واري پاسي رُخ رکيو ھوندائين.
ڪڇ جي رڻ مان اُڪرڻ
ڪڇ جو رڻ ھڪ تمام وڏو لوڻياٺو ۽ وارياسو علائقو آھي، جنھن جي ڏکڻ ۾، لکپت بندر موجود آھي. شاھ لطيف، ھتي پنھنجي ھڪ عقيدتمند، سانولي فقير (جيڪو ھڪ روايت موجب شاھ لطيف جي دعا سان پيدا ٿيو ھو) وٽ اڪثر ايندو ھو. ان جي ويجهو جوڳين جون گهڻيون ئي زيارت گاھون آھن، جن ۾ ڌيڻو ڌر جبل، رامپور، ابڙا سر، اگيا، نارائڻ سر ۽ ڪوٽيسر مندر شامل آھن. روايت آھي تہ ڪوٽيسر ۽ نارائڻ سر مندر تي شاھ لطيف چلا ڪڍيا ھئا. رڻ ڪڇ جا کوڙ اھڙا ڪردار آھن، جن جي بھادريءَ جو ذڪر شاھ لطيف پنھنجي ڪلام جي سُر ’بلاول‘ ۽ سُر ’ڏهر‘ ۾ ڪيو آھي، انهن مان ابڙو سمو، لاکو ڦلاڻي، ۽ جادم جکرو ذڪر جوڳا آھن.
ڪڇ جو رڻ اڀرندي کان الهندي تائين 255 ڪلوميٽرن ۾ ۽ اتر کان ڏکڻ تائين 120 ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آھي. سنڌگزيٽئر مان معلوم ٿو ٿئي تہ اڳي ٿرپارڪر طرف سمنڊ ھوندو ھو، جنھن جو منھن، ڪڇ جي رڻ کان ھو. پوءِ ڌرتيءَ جي ڌٻڻ ڪري حالتون ڦري ويون. اڳي سنڌوندي لکپت کان شيخاڻي گهاڙي، ضلعي بدين طرف وھندي ھئي ۽ ان ۾ دُنگيون ۽ جھاز ھلندا ھئا، جيڪي سنڌڙي بندر توڙي راھمڪي بازار وٽ اچي، پڳھ ھڻندا ھئا. مطلب تہ ھتي ڪجهہ وقت کارو (سمنڊ) ۽ ڪجهہ وقت مٺو (درياھ) ھو. ھتي جي پاڻيءَ بابت تاريخن مان پڪا ڏس ملن ٿا. سڪندر اعظم جي اچڻ وارن دؤر ۾ ھتي پاڻي ھوندو ھو.
ڪڇ جي رڻ ۾ اڳي ڪيترا ئي قلعا ٺھيل ھوندا ھئا. راھمڪي بازار کان ساڍا چار ڪلوميٽر کن پري ڏکڻ طرف، اڳي ’ڪانجي ڪوٽ‘ ٺھيل ھو. ڪڇ جي راءُ جو ھڪ صوبيدار ڪانجي نالي ھتي رهندو ھو، جنھن اھو ڪوٽ جوڙايو ھو.
راھمڪي بازار کان 30 ڪلوميٽر پري ڏکڻ طرف ’سنڌڙي‘ نالي ھڪ وڏو بندر ھو. ڪلھوڙن جي صاحبيءَ ۾ درياھي ڦورن، ھن پاسي رڻ ٻاري ڏنو ھو، تنھن ڪري ڪڇ جي راجا ’رائڌڻ‘، ھتي اھو قلعو جوڙائي، اتي چوڪيدار بيھاريا ھئا. سنڌڙي وارو قلعو، 1819ع واري زلزلي ۾ ڊھي پيو.
راھمڪي بازار کان جيڪڏھن رڻ ئي رڻ ڏيئي، ڀُڄ وڃبو تہ سنڌڙيءَ وارو طرف نہ وٺبو، پر ڪانجي ڪوٽ کان ’ونگر‘ نالي ڳوٺ ۾ وڃي، پوءِ مصريءَ واري کوھ تي منزل ڪبي، اتان ’ڪائوري‘ نالي ڳوٺ لنگهي، اڳڀرو ٿبو تہ مٺيءَ وارو علائقو ايندو، جيڪو ھڪ وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل آھي. سُڃي پَٽ ۾ جتي پاڻمرادو وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا پيدا ٿين، تنھن کي ڪڇ واري پاسي ’ٻني‘ چوندا آھن. ٻنيءَ ۾ جيڪي ڳوٺ، آھن تن مان لنگهي، ’ڪاري‘ ندي اُڪري، ڀُڄ طرف وڃبو آھي. شاھ لطيف بہ اھا ئي رڻ واري واٽ ورتي ھئي، جنھن جو ذڪر ھن بيت ۾ ڪيو اٿس:
”آرَڻِ ٻَڌِي اَبڙي، ٿِي رِڻَ ۾ رُڪَ رَئي.“
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 12، ص: 895)
ڀائنجي ٿو تہ پوءِ شاھ لطيف رڻ جي ان ايراضيءَ وٽان لنگهيو، جتي سلطان علاؤالدين خلجيءَ ۽ ابڙي سمي جي وچ ۾ وڏي لڙائي لڳي ھئي. دودي چنيسر جي قصي مان پروڙ پوي ٿي تہ چنيسر کي پڳ نہ ملي تہ ھو علاؤالدين بادشاھ کي لالچ ڏئي وٺي آيو ھو. ڪڇ جي رڻ ۾، راھمڪي بازار کان 9 ڪلوميٽر کن پري ’وڳھه ڪوٽ‘ ھو، جيڪو سومرن جو تختگاھ ھو. انهيءَ ڪوٽ جو ويرانو شاھ لطيف ڏٺو ھوندو، جو انهيءَ لڙائيءَ بابت بيت چيائين، جيڪي رسالي ۾ سُر بلاول ۾ ڏنل آھن.
عَلاؤالدِينُ آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ،
ڪَھِين ڪِينَ ھِمَتيو، ڪانَ جَهليندو ڪيرُ؟
سُومِرِيَنِ سامَ کنئي، اَبڙي ڪِيو اُٺَ پيرُ،
ھوُ مھايَنِ مِيرُ، پَرَ مَستوراتِنِ ماريو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 1، بيت 13، ص: 896)
کنڀات واري تڙ تي اچڻ
کنڀات جي نار واري تڙ تي، کنڀات نالي ھڪ ھاڪارو بندر ھو، جيڪو گجرات جي الهندي طرف، سابرمتي ۽ ماھي ندين جي وچ ۾ ھو. ھن بندر جي ڏکڻ طرف، کنڀات جي نار جي مھڙ تي، کنڀات جو شھر بہ آھي، جو ھتي جي نواب جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. ھن شھر توڙي سڄيءَ رياست جو اصل نالو ’سٿنڀاوت‘ يعني سھڻن ٿنڀن وارو آھي، جنھن جو اچار پوءِ بگڙجي ’کنڀات‘ ٿيو. مھاديو کي، ٿنڀ جي صورت وارو ديوتا سڏيو ويندو آھي. ھتي مھاديو جو ھڪ چشمو آھي. جنھن کي’سڪمڀ‘ يا ’سٿنڀ تيرٿ‘ يعني ٿنڀ (مھاديو) جو تيرٿ ڪري سڏيندا ھئا.
کنڀات ھڪ ھاڪارو ۽ وسيل بندر ھوندو ھو، ۽ ان جو واپار ڏيھان ڏيھ ھلندو ھو. نار جي لَٽجڻ ڪري، آھستي آھستي سندس اوج گهٽبو ويو. تنھن ھوندي بہ 1616ع ۾، انگريزن ۽ ٻئي سال ڊچن، ھتي ڪوٺيون قائم ڪيون. شاھ لطيف جي ڏينھن ۾ ھن شھر جو اھو اڳوڻو اوج ڪونہ ھو. ھن وقت کنڀات جي نار گهڻي قدر سڪي وئي آھي، جنھن ڪري کنڀات نالي ھاڻي ھڪ ننڍو شھر وڃي بچيو آھي.
شاھ لطيف سان گڏ جيڪي جوڳي ھئا، سي جهوناڳڙه ۽ گرنار کان پوءِ، ھتي مھاديو جي تلاءَ جي تيرٿ ڪرڻ لاءِ آيا، پر شاھ لطيف ھتي جو ٻيو ڪوبہ احوال ڪونہ ڏنو آھي. صرف ايترو چيو اٿس تہ:
کَنڀاتِڙيٖ تَڙِ وَرِي، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ،
مانَ اَچِھُون ڪاءِ، سُواڌائِي سَڄَڻين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان 2، بيت 36، ص: 146)
شاھ لطيف چوي ٿو تہ، کنڀات جي نار واري تڙ تي يعني ھتي جي سٿنڀ تيرٿ تي، جتي ڪيترا ماڻهو اچي ڪٺا ٿا ٿين، اُتي تون بہ وڃي واجهاءِ تہ من سڄڻ جي طرف جي ڪا مٺي مبارڪ ملي! مطلب تہ محبوب جو مڪان، جو سونھن جو سر آھي، اتي وڃي سلامي ٿي تہ وصال جي واڌائي مليئي! ھن مان ڏسڻ ۾ ايندو تہ، شاھ لطيف جيئن جيئن سير ڪندو ۽ قدرت جا عجيب نظارا ڏسندو ويو آھي، تيئن تيئن سندس سوچ، فھم ۽ فڪر ۾ گهرائي ايندي ويئي اٿس.
شاھ لطيف جي ڏينھن ۾، گجرات جي شھرن ۾ گؤريءَ جو ميلو لڳندو ھو، جنھن ۾ ڪيترا جوڳي ۽ ٻيا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيندا ھئا. گؤريءَ جو مندر، ڀالوا جي ويجهو، ننگر پارڪر تعلقي ۾ اڃا تائين آباد آھي. شاھ جي رسالي ۾، ننگر پارڪر، ڏيپلي ۽ پُراڻ جون ڪي حقيقتون ڄاڻايل آھن. اھي سڀيئي ڳالهيون ڳڻجن ٿيون تہ ايئن پيو لڳي تہ، شاھ لطيف کنڀات کان ھلي، گجرات جا پَٽ لتاڙي، سنڌ ڏانھن رُخ رکيو ۽ ننگر پارڪر کان ڏيپلي وارو رستو وٺي، پُراڻ جو پتڻ لنگهي، پنھنجي ماڳ موٽيو ھو. انهن اندروني ثابتين تي ھلي. انهيءَ واٽ جو ننگر پارڪر کان وٺي بيان ڪيو ويندو، ۽ جيسلمير جو بيان پوءِ ڪنداسين، جو شاھ لطيف کنڀات کان سڌو جيسلمير ڪونہ ويو ٿو ڏسجي.
جيسلمير ڏانھن اچڻ
جيسلمير جو شھر ٽن ٽڪرين جي وچ تي آھي. شھر جي وچ ۾ ’راجگڍ‘ يعني ’راجا جو قلعو‘ ھو، جنھن کي نوانوي برج ھئا. حڪومتي ڪاروبار انهيءَ قلعي اندر ھلندو ھو. قلعي جي اندر نھايت عمدو راج محل ھو. ھتي راجا کي ’راول‘ سڏيندا ھئا.
جيسلمير جو شھر، جيسل نالي ھڪ ڀٽي راجپوت، سن 1156ع ۾ ٻڌايو ۽ اتي قلعو بہ جوڙايائين، پر پوءِ علاؤالدين بادشاھ جي لشڪر، اھو قلعو ڊاھي سڄو شھر ساڙي ڇڏيو. انهيءَ اڳئين شھر جو ويرانو اڄ تائين ھاڻوڪي جيسلمير جي شھر ۾ ظاھر بيٺو آھي، جنھن مان سمجھجي ٿو تہ ھي شھر اڳي تمام وڏو ھو. اھو اصلوڪو شھر، ٻہ ٽي سال ويران پيو ھو، پر پوءِ سن 1651ع ۾، ’سٻل سنگ‘ نالي ھڪ ڀٽي راجپوت، پنھنجن وڏن جا وسايل پَٽ وسايا ۽ شھر جو اھو ئي اڳيون نالو قائم ڪيائين. ھي اھو شھر آھي، جتي شاھ لطيف گهمڻ لاءِ ويو ھو، جنھن جو ذڪر ھن سُر سارنگ جي ھيٺين بيت ۾ ڪيو آھي:
بَرَ وٺا ٿَرَ وَٺا، وَٺو جيسَرُميرُ،
آگـــَمَ ڪَري آئيُون، پَائُرِ ڀَري پَيرَ،
لاٿائون لَطيفُ چي، وانڍَيُنِ مَٿان ويرَ،
سَرَها ڪِيائون سَيرَ، سَرَهِيُون سَنگهَارِيون ٿيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 27، 2005ع،ص:689)
ڪَھِين جُنبِي جيسَرَميرَ تان، ڏِنا بِيڪانير بَڪار،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:700)
شاھ جي رسالي ۾ اھڙو ڪوبہ اشارو ڪونهي، جنھن مان سمجهي سگهجي تہ، ھو پاڻ جوڳين سان گڏ جيسلمير ويو ھو. ڀانئجي ٿو تہ، ھن اڪيلو يا ٻين ڪن قافلن سان گڏ ايڏو وڏو سفر ڪيو ھو. چيو وڃي ٿو تہ سندس عقيدتمندن مان ھڪ عقيدتمند جيسلمير ۾ رهندو ھو، ۽ ھميشه ملاقات لاءِ وٽس ايندو ھو، ۽ کيس جيسلمير اچڻ جي دعوت ڏيئي ويندو ھو. ھڪ دفعي شاھ لطيف پنھنجي انهيءَ معتقد جي ڳالهہ مڃي جيسلمير ويو. اتي رهائش دوران، شاھ لطيف جي جيسلمير جي راجا ڀيم سنگهہ سان ملاقات ٿي. راجا ڀيم سنگهہ، شاھ لطيف کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ سندس معتقد بڻجي ويو. انهيءَ راجا، شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ، درگاھ ڀٽ شاھ جي لاءِ نغارن جي جوڙي ۽ نغارا وڄائيندڙ موڪليا ھئا. درگاھ ڀٽ شاھ تي اڄ بہ، انهيءَ خاندان وارا نغارا وڄائين ٿا.
شاھ لطيف جي دؤر ۾، جيسلمير وڃڻ لاءِ قافلا عمرڪوٽ واري واٽ وٺي ويندا ھئا. شاھ لطيف جي وقت ۾ اھو سمورو پاسو سڃو ھوندو ھو. قافلا اھو سڃو ڀِٽن وارو پَٽ لتاڙي، عمرڪوٽ ايندا ھئا ۽ اتان گڊڙي کان جيسلمير ۽ جوڌپور ويندا ھئا. شاھ لطيف بہ اھا واٽ ورتي ھئي، تنھن ڪري انهيءَ واٽ جو عمرڪوٽ کان وٺي بيان ڪجي ٿو.
عمر ڪوٽ ڏي اچڻ
اڄ ڪلهہ جنھن شھر کي ’عمرڪوٽ‘ سڏيو وڃي ٿو، تنھن جو اصل نالو ’امرڪوٽ‘ آھي. امرڪوٽ تي، امر سنگهہ نالي ھڪ سوڍي راجپوت جو نالو پيل آھي. اھو ’امرپور‘ بہ سڏبو ھو.
ڪَھِين اَچِي عُمَر ڪوٽَ تَان، وَسايا وَلھارَ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:700)
ولھار يعني غيرآباد زمين، جنھن ۾ جهنگلي وڻ ۽ ٻوٽا قدرتي طرح اڀرن، اھي ولھار امر ڪوٽ جي آسپاس آھن ۽ ڇور ڇانوڻيءَ واري رستي تان بہ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ھيءُ اھو ڪوٽ آھي، جنھن ۾ عمر سومري، مارئيءَ کي کڻي آڻي قيد ڪيو ھو. ھيٺينءَ سِٽ ۾، شاھ لطيف، مارئيءَ جي واتان چوائي ٿو تہ: ’منھنجي اندر مان جيڪا آھ ٿي نڪري سا ڪڏهن ڪوٽ کي ڪيرائي پَٽ ڪندي.‘
منھنجي آھ اِھا، ڪَڏِهن ڪيرائيندي ڪوٽَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي/ابيات متفرقه، بيت 9، ص: 606)
عمرڪوٽ جي ٻاھران ٻہ ڪلوميٽر پنڌ تي، ’مومل جي ماڙيءَ‘ جو ويرانو آھي. شاھ لطيف، اھا ماڙي چڱيءَ حالت ۾ ڏٺي ھوندي؛ ڇاڪاڻ تہ 1910ع ۾ بہ اھا گهڻي قدر سالم بيٺي ھئي. اُن ۾ ھڪ ڏاڪڻ بہ ٺھيل ھئي، جنھن تان مٿي چڙهي سگهبو ھو. 1924ع ۾ ڏٺو ويو تہ اھا ماڙي ايتري قدر تہ زبون ٿي وئي ھئي جو اُن جون سرون بہ ڀُري، اٽو ٿي ويون ھيون. اھا ماڙي ڪيئن جڙي سو سمورو احوال موملراڻي جي قصي ۾ ڏنل آھي. راڻي مينڌري جو ڀڙو (ڊٺل قلعي جو نشان)، عمرڪوٽ کان 22ڪلوميٽر اولهہ طرف، صوفي صادق فقير جي ڳوٺ کان سڏ پنڌ اوڀر طرف آھي.
عمر ڪوٽ واري قلعي ۾ ھڪ کوھ آھي. چيو وڃي ٿو تہ راڻي مينڌري کي ھمير سومري انهيءَ کوھ اندر ھڪ ھفتو بند رکيو ھو، ڇو تہ راڻو مينڌرو، مومل ماڻي آيو ھو، پر ھميرسومري سان سچي نٿي ڪيائين، تنھن ڪري ھمير سومري کيس قيد ڪري رکيو ھو.
ھمايون بادشاھ 1530ع ۾ تخت تي ويٺو. 1540ع ۾ کيس شير شاھ سوريءَ شڪست ڏني. ھو ھندستان ڇڏي، اچي سنڌ پھتو. پھريائين خيرپور پوءِ اچي سيوھڻ پرڳڻي جي مشھور شھر ’پاٽ‘ ۾ ترسيو. اتي شادي ڪيائين. سندس نڪاح حميدہ بيگم سان ٿيو، سندس نڪاح بکر پرڳڻي جي حاڪم ابوالقاسم نمڪين پڙهايو. شير شاھ سوريءَ جي مرڻ کان پوءِ، ھن ھندستان ڏانھن قدم کنيا. سفر دوران جڏهن ھو عمر ڪوٽ وٽ پھتو تہ سندس گهر واري حميدہ بيگم پير لڌا ۽ کيس ’اڪبر‘ نالي پٽ ڄائو، جيڪو اڳتي ھلي ’اڪبر اعظم‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس ڄم واري ھنڌ تي ھڪ يادگار ٺھرايو ويو. جنھن جو ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ پڻ ذڪر ڪيو آھي. اھو يادگار ڪو خاص جڙيل نہ ھو، ان جو بہ ھن ذڪر ڪيو آھي. ان کان پوءِ 1985ع ڌاري برگيڊيئر حسن مھدي ھڪ شاندار يادگار جوڙايو ۽ شھر کان ان يادگار تائين پڪو رستو بہ ٺھرايو.(ڀيرومل، 1989ع، ص: 83)
کائر وارو ٿر گهمڻ
ٿر جو ھڪ وڏو ڀاڱو ’کائر جو ٿر‘ سڏجي ٿو.
کنيائُون کائُر ڏي، ساري ھاجَ ھِئا،
لاھي لَڏَ، لَطِيفُ چي، پَرِيين ٿَرِ ٿِيا،
ڇَڏي ڳُڻَ ويا، ماروئڙا مَلِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقه، بيت 33، ص:611)
ملير بہ ٿر ۾ آھي، پر اھو گڊڙي اسٽيشن کان 122ڪلوميٽر کن پري آھي، تنھن ڪري ’کائر‘ کي شاھ لطيف مٿئين بيت ۾ ’پَريون ٿر‘ سڏيو آھي.
عيسوي ٻارهين صديءَ جي آخر ڌاري، کائر جو ٿر راٺوڙن جي ھٿ ۾ ھو، تنھن ڪري اھي اڄ تائين ’کائر يا راٺوڙ‘ يعني کائر جي ٿر وارا راٺوڙ سڏجن ٿا. راٺوڙن مان جن کائر ۾ راڄ ڪيو، تن مان ھاڪارو راجا، رڻمل ھو، جنھن جو ذڪر گنج رسالي جي سُر ڍول مارو ۾ ملي ٿو.
ساچي ٿِيان سِيگڙِي، رِڻمَلُ ھاٿُ ڪَري،
وِڙهندي سِرِ ويريِيان، ڪوڏُ ڪَسِي سان ڏي.
(مرزا، ممتاز، (1995ع)، ’گنج - شاھ جو رسالو‘، سرود ڍول مارو، ص: 480)
تيرهين صديءَ ڌاري، کائر جو ٿر راٺوڙن کان سوڍن راجپوتن کسيو ۽ ڪي صديون اتي راڄ ڪيائون. کائر توڙي سڄي ٿر ۾، اُڻڻ جو ڪم ميگهواڙ ڪندا آھن ۽ چَمڙي جو ڪم بہ اھي ئي ڪن. انهن مان ڪي کٿا ٺاھين تہ ڪي کاھيون، ڪي لويون اُڻن تہ ڪي ڪمريون جوڙيندا آھن. شاھ لطيف جي ڏينھن ۾ بہ ايئن ھو، تنھن ڪري سُر مارئي ۾ چيو اٿس تہ:
”جِتِ کَرَڙَا، کَٿا ۽ کاھِيُون، پالَ، پَڪا ۽ پَڪَ.“
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي/ابيات متفرقه، بيت 23، ص:609)
کٿن ۽ لوئين جوڙڻ جو رواج ٿر ۾ گهڻن ئي ھنڌن تي آھي، پر ايترو چئبو تہ کپري کان ڇاڇري تعلقي جي ھن کائر واري پاسي، کٿا تمام سٺا ۽ سھڻا اُڻيا ويندا آھن. شاھ لطيف کي بہ کائر جون کٿيون گهڻو پسند آيون ھيون ۽ انهن جي ساراھ ھيٺين سٽن ۾ ڪئي اٿس:
کائر کَٿِيُون خاصِيُون اُوچيُون اُتِ اُڄَنِ،
ڪَڍِيو پيڻُ ڪَھَنِ، مَليرِ گهُرِجي مارُئِي!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 7، بيت 2، ص: 584) بيت جي پھرينءَ سِٽ ۾ ھڪ مکيہ ڳالهہ، جيڪا شاھ لطيف ڄاڻائي آھي، سا ھيءَ آھي تہ ملير يعني ننگر پارڪر پاسي، کٿا اڪثر ڪونہ ٺھندا ھئا، پر اُھي کائر ۾ اُڻيا ويندا ھئا ۽ وڪڻڻ لاءِ ھن پاسي آندا ويندا ھئا. ٻيءَ سِٽ ۾ ’پيڻ‘ جي ڳالهہ آھي. ’پيڻ‘ آھي پيڄي، جا کٿن ۽ لوئين کي ڪلف ڏيڻ لاءِ واھپي ۾ آڻيندا آھن. پيڻ لڳل لوئي يا کٿو وٺبو آھي تہ ان کي مھٽو ڏيئي پيڻ ڪڍي ڇڏبي آھي نہ تہ ان جي ڌپ تي ڪُئو اچي لڳندس ۽ ٽُڪي پورو ڪندس. ٿر ۾ گهمندي شاھ لطيف شايد ماڻهن کي کٿين مان پيڻ ڪڍندي ڏٺو ھو تنھن ڪري انهيءَ ڳالهہ جو بہ ذڪر ڪيو اٿس. مطلب تہ ڪيتريون عام ڳالهيون جن جو رواجي سيلاني شايد نہ بہ جاچي سي شاھ لطيف ويھي جاچيون آھن ۽ پوءِ عمدي نموني اھي پنھنجي ڪلام ۾ بيان ڪيون آھن.
لُڊاڻو ۽ ڪاڪ لتاڙڻ
جيسلمير کان 16 ڪلوميٽر پري الهندي طرف ھڪ نھايت ئي قديم شھر آھي، جنھن کي ’لڌروو‘ سڏين ٿا، ان جو بگڙيل اُچار ’لڊاڻو‘ آھي. آڳاٽن راجپوتن جيڪي نَوَ ڪوٽ جوڙايا ھئا، انهن مان ھڪ لڊاڻي ۾ ھو. جيسلمير جو شھر 1156ع ۾ وسيو، پر تنھن کان اڳ اھي ماڻهو رهندا ئي ھتي ھئا. مومل جي ڏينھن ۾ توڙي اُن کان ڪيترا سال پوءِ بہ ھيءُ شھر چڱو وسيل ھو.
ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، لُوٺو لُڊاڻو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 5، بيت 15، ص:536)
ھيءُ شھر ھاڻي ويران پيو آھي. ھتي ڪي پراڻيون جايون بيٺل آھن، پر اھي گهڻو ڪري سڀ خالي آھن.
لُڊوڻيان لطيف چي، لڏِيو لوڌيئڙن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 7، بيت 2، ص:542)
لڊاڻي ۾ جين ڌرم وارن جو ھڪ نھايت عاليشان مندر آھي. انهي مندر جي سنڀال لاءِ ھتي ٻہ ٽي ڄڻا رهن ٿا. شاھ لطيف ھتي بہ آيو ھو، تنھن جي ثابتي ھيٺين سٽن مان ملي ٿي:
ڪَرها! ڪارَڻِ ڪاھ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِيو،
ساري ڏيج، سَيّدُ چي، لُڊاڻي تان لاھ،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 2، بيت 11، ص: 522)
بيت جي ٻيءَ سِٽ ۾ اٺ کي چوي ٿو تہ لڊاڻي تان سنڀالي لھ. اھو ان ڪري چيو اٿس جو ھيءُ شھر ٽڪريءَ تي ٻڌل آھي، جتان ضرور سنڀالي ھيٺ لھڻو پوي ٿو. لَنءُ لُڊوڻي ڪَنڌِيين، اَمَيو آھي،
وَڃو جي ڪاھي، تَہ نِڪُون پسو نينھن جُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 2، بيت 7، ص:521)
ھن بيت ۾ اھو ڏس پتو ڏنو اٿس تہ، ڪاڪ جي ڪنڌي، لڊاڻي واري ٽڪريءَ سان لڳي بيٺي آھي، تنھن ڪري لڊاڻي جي ڪنڌي ۽ ڪاڪ جو ڪنارو ساڳي ڳالهہ آھن. شاھ لطيف سرزمين تي ويو ھو، تنھن ڪري ئي ڪاڪ جي ڪناري بدران ’لُڊوڻي ڪنڌئين‘ لفظ ڪم آندا اٿس. مومل، ھن لڊاڻي واري ٽڪريءَ جي ھيٺان ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي رهندي ھئي.
ڪاڪ، ھڪ نئن آھي، جنھن جو منھن جيسلمير کان 25 ڪلوميٽر پري، ڳوٺ ڪوٽڙيءَ وٽان آھي. اھا نئن پھريائين اتر طرف ھلي پوءِ الهندي طرف لڊاڻي جو رُخ رکي ٿي. برساتي موسم ۾ڪڏهن ڪڏهن ھيءَ ندي ايتري تہ ڀرجي وھندي آھي، جو گهڻا ڀيرا الهندي بدران اتر ڏانھن ھلي ويندي آھي. انهيءَ پاسي ھاڻ بند ڏياريل آھي، جنھن ڪري پاڻي اڳڀرو نٿو وڌي، پر اتي ئي بند وٽ روڪجي بيھي ٿو. مومل چوي ٿي تہ:
مومل مئي کان پوءِ، ڪنگ رڙندا ڪاڪ تي،
(آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند، (1989ع)،’لطيفي سئر‘، ص: 90)
ھينئر ڪاڪ تي سچ پچ ڪنگ پيا رڙن يعني اتي سُڃ لڳي پيئي آھي. ٿورو پرڀرو ٻنيون ساوڪ لائي بيٺيون آھن، جي ڀر وارن ڳوٺاڻن جون آھن. لُڊاڻي جي اتر طرف، ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي ھڪ پٿر جي عمارت جا نشان بيٺا آھن، جنھن کي عام طرح ’مومل جي ماڙي‘ سڏين ٿا. ھن وقت فقط پٿر جي ڀت بيٺل آھي، جنھن جي آڌار تي ٿورو ڇت ٽڪر بيٺو آھي. انهيءَ ماڙيءَ تي اڳي ڪھڙو ڪاريگريءَ جو ڪم ٿيل ھو، تنھن جو نشان شايد شاھ لطيف جي ڏينھن ۾ بہ موجود ڪونہ ھو.
’ڪاڪ ڪَڙِهي، وَڻَ وِيا، ٻَرِيا رَنگَ رَتولَ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 5، بيت 14، ص: 536)