آگم ڪيو اچن...

شاھ لطيف جا اُتر سنڌ تان ڀيرا

شاھ لطيف جا اُتر سنڌ تان ڀيرا

درازن، کھڙن، لڪياريءَ ۽ ابڙن سميت مختلف هنڌن تي شاھ لطيف جا ڀيرا ۽ ملاقاتون.

شاھ لطيف جا درازن تان ڀيرا

شاھ لطيف، اتر سنڌ جي سفر وقت، درازن جي ڳوٺ ۾ ٻہ دفعا آيو ھو. پھرئين دفعي، شاھ لطيف جي ملاقات ميان صاحبڏني فاروقيءَ (وفات 1192ھ/1778ع) سان ان وقت ٿي، جڏهن شاھ لطيف درازن جي شھر کان ٿورو پري ھو تہ چيو ھئائين تہ، ’هتي تہ پڪل گدري جي خوشبوءِ پئي اچي،‘ تنھن تي کيس ڪنھن ڌنار ٻڌايو تہ، ’هتي پرڀرو ئي، ھنن کٻڙن جي جهُنڊ ۾ صاحبڏنو فاروقي، الله جي عبادت ۾ محو آھي.‘ شاھ لطيف جڏهن ان ويڙھي جي ويجهو پھتو تہ فقير کي عبادت ۾ محو ڏٺائين. نيٺ جڏهن فقير جو ڌيان، شاھ لطيف ڏانھن ٿيو تہ شاھ لطيف کيس چيو تہ: ’هاڻي يار کي لڪائڻ نہ گهرجي، پر کُليو کلايو ٻاھر آڻي ڏيکارجي.‘ ان کان پوءِ، ميان صاحبڏنو فاروقي، ويراڳ مان نڪري ٻاھر آيو. انهيءَ جاءِ تي کوھ کُڻايائين ۽ مسجد بہ ٺھرايائين، جي ھن وقت ويراني جي ور چڙهيل آھن. صاحبڏنو فاروقي، درازن جي مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر، سچل سرمست جو ڏاڏو ھو.

روايتون آھن تہ، ٻئي دفعي جڏهن شاھ لطيف درازن ۾ آيو، تڏهن سچل سرمست پنجن ڇھن ورهين جي ڄمار جو ھو. ننڍڙي سچل کي ڏسي، شاھ لطيف ميان صاحبڏني ۽ سندس فرزند ميان عبدالحق (سچل جي چاچي ۽ مرشد) کي چيو تہ: ’اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آھي، ان جو ڍڪڻ ھي ڇوڪر لاھيندو.‘

عالمن جو خيال آھي تہ، شاھ لطيف جي اھا پيشنگوئي لفظ بہ لفظ صحيح ثابت ٿي، جو شاھ لطيف وحدت الوجود جو مسئلو جنھن رمز ۽ راز سان بيان ڪيو آھي، سچل سرمست، اُن کي، کليل لفظن ۾ اظھار ڪيو آھي.

انهيءَ سلسلي ۾، سچل سرمست تي ھن وقت تائين جيڪي بہ تحقيقي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن، تن جي مطالعي جي آڌار تي سچل سرمست جي ولادت جا ٻہ، سن ملن ٿا. ھڪ 1152ھ/1739ع ۽ ٻيو 1170ھ/1757ع، پر سچل سرمست جي سڀني محققن ۽ سندس خاندان جو ان ڳالهہ تي اتفاق آھي تہ سچل سرمست 14رمضان المبارڪ 1242ھ/1827ع تي وفات ڪئي. سچل سرمست جي وصال واريءَ تاريخ سان گڏوگڏ، ھن درويش سان عقيدت رکندڙ بزرگن اھو بہ ورجايو آھي تہ سچل سرمست نوي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. انهن مختلف روايتن کي ويچار ۾ رکندي، اِھو ئي مڃيو ويو آھي تہ سچل سرمست جي ولادت 1152ھ/1739ع ۾ ۽ وفات 1242ھ/1827ع ۾ ٿي آھي ۽ انهيءَ حساب سان، شاھ لطيف جي سچل سرمست سان ملاقات ٿي آھي، ڇاڪاڻ شاھ لطيف 1165ھ/1752ع ۾ وفات ڪئي ھئي، ۽ سچل سرمست 1152هه/1739ع ۾ ڄائو ھو، ۽ شاھ لطيف سان ملاقات وقت سندس عمر پنج ڇھَ سال ھئي.

اھڙيءَ طرح، سچل سرمست جي ولادت جو سال 1172ھ/1759ع لکڻ وارن مختلف ليکڪن جي راءِ کي رد ڪندي مختلف دليل پڻ ڏنا ويا آھن، جيڪي پڻ پنھنجيءَ جاءِ تي وڏي اھميت رکن ٿا ۽ ان ڳالهہ جي نشاندھي ڪن ٿا تہ سچل سرمست جي عمر نوي سال ھئي ۽ ان حساب سان شاھ لطيف سان سندس ملاقات ممڪن ھئي.

انگريزن جي حڪومت کان پوءِ، سنڌ ۾ عيسوي سن جو رواج بہ عام ٿيو. ارڙهين صديءَ جي پوئين اڌ واري عرصي ۾، اسان جي عالمن، ھجري سال سان مطابقت رکندڙ عيسوي سال معلوم ڪرڻ لاءِ نھايت ئي سنجيدگيءَ سان ڪيتريون ئي معلوماتي جنتريون جوڙيون. سن 1902ع ۾، جڏهن سڀ کان پھرين، مرزا علي قلي بيگ جو سھيڙيل سچل سرمست جو رسالو شايع ٿيو تہ ان ۾ سچل سرمست جي ولادت ۽ وفات جو سن، ھجري سال سان گڏ عيسوي سن سان بہ متعين ڪيو ويو ھو. مرزا علي قلي بيگ جي تحقيق موجب، سچل سرمست جي ولادت، عيسوي سن 1739ع ۾ ۽ وفات 1829ع ۾ ٿي.

ويھين صديءَ عيسويءَ جو چوٿون ڏھاڪو سچل سرمست جي سوانح ۽ ڪلام جي اشاعت لاءِ تمام اھميت وارو آھي. ويھين صديءَ جي انهيءَ چوٿين ڏھاڪي ۾، سچل سرمست جي ولادت ۽ وفات جو عيسوي سن وري ھن ريت ظاھر ٿئي ٿو. ولادت 1739ع، وفات 1826ع! ان کان پوءِ جيڪي بہ ڪتاب ڇپيا، انهن ۾ سچل سرمست جي وفات جو عيسوي سن يا تہ 1829ع درج ڪيو ويو ۽ يا وري 1826ع لکيو ويو آھي. ھجري سن 1242ھ سان مطابقت رکندڙ ٻئي عيسوي سال 1829ع ۽ 1826ع بنا ڪنھن تحقيق جي ڪتابن ۾ درج ٿيندا رهيا. 1965ع ۾، عبدالقدوس ھاشميءَ، پندرهين صديءَ جي شروعات جي سلسلي ۾، ھجري چوڏهن صدين جو عيسوي سن سان مطابقت رکندڙ ھڪ نھايت مستند ۽ تحقيقي ڪتاب ’تقويم تاريخي‘ (قاموس تاريخي) مرتب ڪيو، جيڪو مرڪزي ادارہ تحقيقات اسلامي ڪراچيءَ طرفان، مئي 1965ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب ۾ ھجري سال پھرئين کان وٺي چوڏهن سؤ سال (1400) ھجريءَ تائين، ھر ھجري مھيني جي پھرينءَ تاريخ سان مطابقت رکندڙ عيسوي مھيني جي تاريخ ۽ ڏينھن درج ڪيو ويو آھي.

چوڏهن سئو ساله اِن تحقيقي ڪئلينڊر جي لحاظ کان، 14رمضان 1242هه تي اربعا جو ڏينھن ھو، ۽ عيسوي سن جي لحاظ کان اھا 1827ع جي اپريل مھيني جي يارھين تاريخ ھئي.

دلچسپ حقيقت اھا آھي تہ 1152ھ يعني سچل سرمست جي ولادت واري سن جا پھريان پورا 9 مھينا يعني 4/3 حصو عيسوي سال 1739ع سان مطابقت رکن ٿا. جيئن تہ ’تقويم تاريخي‘ ڪتاب نھايت ئي مستند ڪتاب مڃيو وڃي ٿو، انهيءَ ڪري ڪيترن ئي محققن پوءِ، سچل سرمست جي وفات جو صحيح عيسوي سن، 1827ع لکڻ شروع ڪيو. ان سلسلي ۾ سڀ کان پھريون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سچل سرمست جي وفات جو عيسوي سن 1827ع لکيو. انهيءَ حقيقت کان پوءِ ثابت ٿئي ٿو تہ، شاھ لطيف جي، ننڍڙي سچل سان ملاقات ٿي ھئي. انهيءَ راءِ جي وڌيڪ وضاحت، فقيرقادربخش بيدل جي ھڪ ڪافيءَ مان پڻ ٿئي ٿي، جنھن ۾ ھن سچل سرمست جي عمر 90 ورهيہ ڄاڻائي آھي:

پانھنجي رائي پِرين، نَوي ورهيہ نروار ھو،

وصل جي پوءِ موج ماڻي، ذوق جو ذُخَآر ھو.

(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ’ديوان بيدل‘، ڪافي روپ جهنگلو 69، ص: 137)

شاھ لطيف جو کھڙن ۾ مخدوم محمديءَ وٽان ڀيرو

شاھ لطيف کھڙن تان پڻ ڀيرو ڪيو ھو. روايتن موجب ھڪ دفعي شاھ لطيف کھڙا شھر ٻاھران، ميان چنيھ فقير اُڄڻ جي کوھ تي وڃي منزل ڪئي. مخدوم محمديءَ کي جڏهن شاھ لطيف جي اچڻ جي خبر پيئي تہ ھن، شاھ لطيف کي پاڻ وٽ کھڙن ۾ اچي رهڻ لاءِ نياپو ڏياري موڪليو. جواب ۾ شاھ لطيف، مخدوم صاحب وٽ صبح جو اچڻ جو واعدو ڪيو ۽ ھي بيت چوائي موڪليو تہ:

اڄ نہ ايندس آءٌ، صبح ايندس سپرين، 

تو تي جنھن جو نانءُ، سو کڻي بار کُھِين جا. 

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2013ع)، ’شاھ جو رسالو-شاھ جو ڪلام‘، مقدمو، جلد پھريون، ص:45)

ٻئي ڏينھن، شاھ لطيف، مخدوم محمديءَ وٽ کھڙن ۾ آيو. شاھ لطيف اڪثر تھجد پڙهڻ کان پوءِ تنبوري تي راڳ ٻڌندو ھو. ان لاءِ راڳائي فقير ھر وقت ساڻس موجود رهندا ھئا. ٻئي ڏينھن شاھ لطيف جڏهن کھڙن ۾ مخدوم صاحب وٽ آيو تہ کيس چيو ويو تہ: ’قبله! ھيءَ شريعت جي جاءِ آھي! ھتي ھي ساز پاسيرا ڪري رکو.‘ شاھ لطيف سندن ڳالهہ قبول ڪئي. پوءِ صفي واري جاءِ، جتي مخدوم صاحب جي نشست گاھ ھوندي ھئي، شاھ لطيف کي ڏنائون ۽ ساز سرود ٻئي حجري ۾ رکيائون ۽ ٻاھران تالو ھڻائي ڇڏيائون. شاھ لطيف تھجد پڙهڻ بعد مراقبي ۾ ويٺو ۽ فقيرن سازن بنا راڳ ڳائڻ شروع ڪيو تہ روايت مطابق تنبورو ڪوٺيءَ ۾ اندران ئي اندران خودبخود وڄڻ شروع ٿي ويو. چؤٻول مچي ويو. مخدوم صاحب کي ان ڳالهہ جو اطلاع ڪيو ويو تہ ساز وڄن پيا! تڏهن پاڻ پڇيائون تہ: ’تالي ۾ اندر آھن يا ٻاھر؟‘ ماڻهن چيو تہ: ’قبلا! تالي جي اندر آھن.‘ تڏهن مخدوم صاحب چيو تہ پوءِ معذور آھن ۽ ھو شاھ لطيف جي جمود کان متاثر ٿيل آھن. ان موقعي تي شاھ لطيف ھفتو کن مخدوم صاحب وٽ ٽڪيو ۽ سندن پاڻ ۾ رهاڻيون ٿيون. شاھ لطيف جڏهن مخدوم صاحب کان موڪلائي روانو ٿيو تہ مخدوم صاحب کيس چيو تہ: ’اوھان کھڙن ۾ راڳ جاري ڪريو پيا وڃو. اوھان نہ اچو ھا تہ قيامت تائين کھڙن ۾ غير شرعي راڳ يا ساز نہ وڄي ھا. اسان رب پاڪ جي درٻار ۾ اھڙو عرض ڪيو ھو، مگر اوھان اھا دري کوليو پيا وڃو!‘ ان کان پوءِ شاھ لطيف، مخدوم صاحب کان موڪلائي روانو ٿي ويو. شاھ لطيف، کھڙن تان ڀيرو پنھنجي زندگيءَ جي آخري سالن ۾ 1160ھ-1159ھ/1747ع-1746ع ڌاري ڪيو ھو، جڏهن مخدوم محمدي صاحب جي عمر 16-17 سال کن ھئي.

شاھ لطيف جي سيد محمد بقا لڪياريءَ سان ملاقات

اتر سنڌ جي سفر دؤران، راشدي پيرن جي وڏي ڏاڏي سيد محمد بقا لڪياريءَ سان بہ شاھ لطيف جي واٽ ويندي ملاقات ٿي ھئي. سيد محمد بقا لڪياري، جهنگ ۾ ڍور چاري رهيو ھو. شاھ لطيف پنھنجن فقيرن جي ٽوليءَ سميت اچي اتان لانگهائو ٿيو. سيد محمد بقا لڪياري کلي، شاھ لطيف کي چيو تہ: ’ڇو ھيتري خلق خدا جي، رُلائي خراب ڪئي اٿئي؟‘ سيد محمد بقا لڪياري ھڪ گمنام ڪامل درويش ھو. ان جو مطلب ھو تہ ڏيکاءَ کان بهتر آھي تہ گمناميءَ ۾ گذارجي. شاھ لطيف ورنديءَ ۾ کيس چيو تہ: ’سائين! تنھنجو اولاد تہ مون کان بہ وڌيڪ خلق کي رُلائي خراب ڪندو.‘ آخر ٿيو بہ ايئن جو سيد محمد بقا لڪياريءَ جو فرزند پير محمد راشد روضي ڌڻي، ھڪ وڏو بزرگ ٿيو، جنھن ڏانھن سموريءَ سنڌ مان ڪيترن مسلمانن رجوع ڪيو ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو سندس مريد ٿيا. پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي اولاد مان ’راشد شاھي/راشدي‘ پير پيدا ٿيا، جيڪي ضلعي خيرپور جي ڪنگري تعلقي ۾ رهندا آھن. سندن موجودہ شھر جو نالو ’پير جو ڳوٺ‘ آھي. سندن گادي نشين کي ’پاڳارو‘ سڏيو ويندو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ’پڳدار يا پڳ وارو پير‘ جنھن جا لکين مريد آھن، موجودہ پير پاڳارو سيدصبغت الله شاھ راشدي آھي. ھن وقت تائين اٺ پير پاڳارا ٿي گذريا آھن.

پير ڳوٺ تعلقي جي يونين ڪائونسل ڪوٽ مير محمد خان ۾ ھڪ شاھ لطيف جو تڪيو پڻ آھي. ھن تڪيي بابت روايت مشھور آھي تہ شاھ لطيف کڙن واري مخدومن وٽان ٿيندو پوءِ ھتي اچي رهندو ھو. ھتي ھڪ ايڪڙ کن جي ايراضي جيڪا موجودہ ڪوٽ مير محمد خان، شھر جي وچ ۾ آھي، سا ’لطيف جو اوتارو‘ طور مشھور آھي، جنھن ۾ ھڪ پراڻو کوھ بہ آھي.

شاھ لطيف جا ابڙن وٽان ڀيرا

شاھ لطيف جا اتر سنڌ ۾ ڪيترائي ’تڪيا‘ ۽’اوتارا‘ موجود آھن. انهن ’تڪين‘ مان شاھ لطيف جا ابڙن سردارن جي ڳوٺن وارا ’تڪيا‘ خاص اھميت رکن ٿا. شاھ لطيف جي انهن تڪين مان ھڪ تڪيو، لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ’نائچ‘، ديھ شاھنواز ابڙو، تپو ابڙا، سرڪل ۽ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ موجود آھي ۽ ٻيو تڪيو ابڙن سردارن جي ڳوٺ ’ترائي ابڙو‘، ديھ ۽ تپو ترائي، سرڪل مديجي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ واقع آھي.

زباني روايتن توڙي لکت ۾ آيل مواد مان، شاھ لطيف جي ابڙن سردارن وٽ ڀيري ڪرڻ جا ڏس ملن ٿا، جو شاھ لطيف جا شڪارپور جي طرف ’نوشھريابڙي‘ ۽ ’ترائي ابڙي‘ ۾ تڪيا موجود آھن، جتي شاھ لطيف اچي رهيو ھو.

ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آھي تہ: ”ڀٽائي صاحب موجودہ تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ابڙن جي راڄ ۾ ويندو ھو جو اتي گهڻا سندس حب وارا ھئا. ’ترائيءَ‘ ۾ اڃا تائين ڀٽائي صاحب جو اوتارو موجود آھي. چون ٿا تہ: ’ڪمارين ابڙن‘ مان ھڪ مائي، ڀٽائي صاحب جي معتقد ھئي، جنھن شاھ صاحب کي چيو تہ: ’سائين، سواءِ ھڪ گهر جي ھاڻي ڪمارين مان ڪو ڪونہ بچيو آھي. تون ڪا دعا ڪر تہ سندن پيڙهي پڌري ٿئي.‘ ان موقعي تي شاھ لطيف ھيءُ بيت ڏنو تہ:

جوري واري جوءِ، ويندي راڄ ورائيو، 

سڙي لامان ڪوءِ، ڪو جو مورو موريو.

(بلوچ، مئي-1990ع، ص: 30) 

پوءِ ان مائيءَ کي اولاد ٿيو ۽ ان مان وڏو راڄ ٿيو، جي اڃا بہ وڏن راڄن ۾ ورھايل آھن.

شاھ لطيف جا ڪمارين ابڙن وٽ رکيل حال ڌاڳا

قديم دؤر کان ’ترائي‘ ضلعي شڪارپور وارن سردارن ’ڪمارين ابڙن‘ ۽ ’نائچ ڳوٺ‘، ضلعي لاڙڪاڻي وارن ’ڪمارين ابڙن‘ وٽ، شاھ لطيف جي استعمال جون ڪجهہ شيون رکيل آھن. جن ۾: ڪلاھ، ڪفني/چولو، ڪعبة الله جي غلاف جو ٽڪرو، شام، عراق ۽ عربستان جي مقدس زيارتگاھن جون ھٿ سان جوڙيل تصويرون، ماکيءَ جي ميڻ جي ٺھيل ميڻ بتي، ۽ پِيش جو ٻھارو شامل آھن.

ابڙن جي موجودہ سردار ھمت علي خان ڪماريو، ابڙي جو چوڻ آھي تہ: ”اسان وٽ ’لطيف سائين‘ جي استعمال واري ڪاٺ جي چاکڙي (جُتي) بہ ھوندي ھئي، جيڪا لطيف جي تڪيي تان ’ٽھائيءَ‘ جي موقعي تي ڪوئي کڻي ويو.“ (مھدي شاھ، 2005ع، ص: 400) نائچ ڳوٺ، ضلعي لاڙڪاڻي وارن ڪمارين ابڙن (جيڪي ترائي ضلعي شڪارپور وارن ابڙن سردارن جا سؤٽ آھن.) وٽان ھيءَ روايت پڻ ملي ٿي تہ: ”شاھ لطيف، نائچ ڳوٺ واري تڪيي تي پورا ڇھ مھينا رهيو ھو، ۽ ھِتان پوءِ ترائي (ڪمارين) سردارن وٽ ويو ھو.“(مھدي شاھ، 2005ع، ص: 399) سنڌ جي مختلف ماڳن مڪانن تي ڀيرا ڪرڻ مان واضح ٿئي ٿو تہ شاھ لطيف پنھنجي دور جو متحرڪ ماڻهو ھو. ھو ڪڏهن بہ وِرچي نہ ويٺو. ھر گهڙي وطن کي خوشحال ڏسڻ لاءِ پيو سوچيندو ھو، ان وقت خوشحالي جو تصور ’پاڻيءَ‘ سان لاڳاپيل ھو، جنھن جو وڏو وسيلو ’برسات‘ ھئي. ان ڪري سندس زبان تي اھا دعا ھوندي ھئي تہ:

سارَنگَ! سارَ لَھيج اَللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جِي، 

پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ، 

وَطَنُ وَسائيجِ، تہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 29، ص: 690) 

سندسن دور ۾، وطن واسي ھر طرف ڌارين جي دٻاءُ ۾ ھئا. عام ماڻهو جيڪي پنھنجي ٻچن لاءِ ٻہ چار ٻارا اناج جا ڪندا ھئا، تہ انهن ۾ بہ ارغونن جون اکيون ھونديون ھيون. جيڪي اپت کان وڌيڪ محصول مڙهي، سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندا ھئا. منڊين ۽ مارڪيٽن تي سندن قبضو ھو. عام ماڻهو تہ ٻاھرئين ٻني تي ھئا. سندن سرڪاري ڪاروھنوار سان ڪو وجهہ واسطو نہ ھو.

اھڙي سنگين صورتحال ۾، سپورنج ڪيئن ٿي سُکِ سُمھيا. ھن تہ ھر وقت ھاھر پئي ڪئي: 

عُمَرَ! ٿِيَم اَپارَ، وِرِھُ وَٽِيان ڪَنِ سين؟ 

ڏوٿيئڙا ڏُورِ ٿِيا، تَڳان جَنِ تنوار، 

سِٽائُون سَنگهارَ، کُوھَنِ تان کَڻِي وِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد (2005ع) شاھ جو رسالو، سُر مارئي، داستان 8، بيت 17، ص 591)

وِرہ وٽڻ ۽ ڏک سور سلڻ لاءِ بہ ساڳئي سُور وارا سنگهار گهربا ھئا، جيڪي اندر جا ڦٽ فراق سمجهي سگهن. پوءِ شاھ لطيف اھڙن دردوند دلين وٽ ڪھي ويندو ھو، جيڪي ساڻيھ جي سک لاءِ واجهائيندا ھئا. سڄي سنڌ ۾ اھڙن سرويچن جا سلسلا ھئا، جيڪي آنڌي مانجهي وطن لاءِ وڙهندڙن کي اجهو ۽ امان ڏيندا ھئا. شاھ لطيف کي جيئن جيئن خبر پوندي ھئي، تہ ھو اھڙن مَٿير مڙسن وٽ ڪھي ويندو ھو. ساڻن حال ڀائي ٿيندو ھو. ان کان علاہ اُتر، لاڙ، ڏکڻ، ڪاڇي، ڪوھستان، ٿر بر ۾ جيڪي بہ مانجهي مڙس انهيءَ ھلچل سان لاڳاپيل ھئا، انهن جون خبرون چارون وٺندو ھو ۽ ٻين سان بہ اوريندو ھو.

مڙوئي ماتام واري ماحول ۾ شاھ لطيف پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جنھن جا نشان سندس ’بيتن‘ ۾ موجدو آھن. ھن عام طبقي کي بہ اھو احساس ڏياريو تہ:

مِڙو سُورَن وارِيُون ڪريون سُورَ پَچَارَ، 

مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَڪَھين، ڪانهي سُران ڌارَ، 

ڏِنَمِ جي ڏاتارَ، مون جهولِي پائِي جهَلِئا.

(بلوچ، نبي بخش ، ڊاڪٽر، (2009ع)، شاھ جو رسالو، سر حسيني، داستان 6، بيت 19، ص: 232) 

ڏک ڏولاوا، سور اھنج سڀني پلئہ پيل ھئا، ڪو وانگي بہ انهن کان وانجهو نہ ھو، ان ڪامن فيڪٽر (Common Factor)  کي کڻي، شاھ صاحب عام طبقي کي بہ انهيءَ ھلچل سان سھيڙيو. فرمائي ٿو: 

لوءِ وَڃي ڪو چوءِ، منھنجو ماروئڙنِ کي: 

ڇانگان ڇِڄي ڇيلڙو، جي ڪَنہ جو ھوءِ،

صَحِي وَڙولِينِ سوءِ، آءُ ڪِيئن وييَسِ وِسَري! 

(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2009ع)، شاھ جو رسالو، سر مارئي، داستان 5، بيت 11، ص: 360) 

ويسلن کي ھوشيار ڪندي، چئي ٿو تہ جي ڌنار جي ڌڻ مان ڪو ھڪ ڇيلڙو بہ نڪري وڃي ٿو تہ ان جي صحيح معنيٰ ۾ ووڙ ڪن ٿا. ھي جي ڏينھن ڏٺي ڪونڌر ڪسجي ٿا وڃن، مارو کڄي ٿا وڃن، ڀائر گم ڪري ٿا ڇڏين ، انهن کي اوھان ڇيلڙي جيتري بہ اھميت نٿا ڏيو. اٿو سجاڳ ٿيو ۽ ساڻيھ جي سنڀال ڪريو. 

جاڳو جاڙيجا، سَما سُکِ مَ سُمهو،

پَسو، آن پارِيا، لاکو ٿو لوڙيون ڪَري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، شاھ جو رسالو، سر ڏهر، داستان 4، بيت 34، ص: 887)