آگم ڪيو اچن...

سر سريراڳ ۾ سدا سودو سچ جو

شفيق الرحمان شاڪر

ھن سر جو مرڪزي مضمون سمنڊ جو سفر۽ ان آڏو موجود خطرا ۽ مشڪلاتون آھن.پر ٻين سرن جيان ھن سر ۾ بہ ھڪ عظيم تمثيل سمايل آھي.پراڻي زماني ۾ شاھوڪار ماڻهو مال جا ٻيڙا ڀرائي، ڏورانھن ڏيهن ڏي وڻج واپار ڪرڻ ويندا ھئا.چوماسي پوري ٿيڻ بعد اتر واء لڳڻ تي سفر جي تياري ڪندا ھئا ۽ ناکئا بہ پنھنجون ٻيڙيون ڌوئاري،سڙهه سنباھي ھلڻ ھارا ٿيندا ھئا.توڙي جو انھن ڏينھن ۾ سمنڊ عام طور تي ماٺو ھوندو آھي تڏهن بہ وچ سير ۾ ۽ خاص ڪري وير چڙهڻ وقت سڀني کي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ گذارڻو پوندو ھو.جيڪر ناکئا ٿوري دير لاء بہ آرام ۾ غافل ٿيندا ھئا تہ اوچتو مٿانھن وير وري ويندي ھئي ۽ اھي اونھي اوڙاھ ۾ غرق ٿي ويندا ھئا.پر جيڪر معلم يا سکاڻي سڄاڻ ۽ واقف ھوندا ھئا تہ لڙ لھرون لنگهي وڃي پار پوندا ھئا.پاڻ سان ٽوٻا يا ٽوٻيارا بہ کڻندا ھئاجي پاتار ۾ پيهي،سپون سوجهي،آڻي سندن ھٿن ۾ رکندا ھئا. 

 ھيء سنسار بہ مھاساگر آھي جنھن مان پار پوڻ نھايت ئي ڪٺن ڪم آھي.انسان جو وجود ھڪ ٻيڙيء مثل ۽ سندس سينو سڙهه مثل آھي.جيڪڏھن ھو پنھنجي جسم ۽ جان کي ڌوئي صاف ڪري،ڪنھن ڪامل معلم يعني مرشد کي سوپيندو تہ ھو نہ صرف سندس دل معرفت جي موتين سان ڀري،هن جھان ۾ محبوب جو مشاھدو ماڻائيندس پر سنسار جي ساگر مان ثابت ۽ سالم لنگهائي وڃي منزل مقصود تي رسائيندس.جڏهن اھڙو ڪامل ڪشتيبان ھٿ اچي وڃي تہ پوءِ سنسار روپي ساگر جي لھرن ۽ لوڏن جي ڪا ڳڻتي ناھي. 

 مانَ پُڇَنِئِي  سُپِرِين،  چِتَ ۾ رکِج  چيتُ؛ 

 سِڙهُ ڌُئاري صافُ ڪر، صابُڻَ ساڻ سُپيتُ؛ 

 سامُونڊِي! سُچيتُ، ٿِيُ تہ پَھچِين پارَ کي. 

 سھڻو لطيف ھن بيت ۾ ناکئن جي اصطلاح جي ويس ۾ انسان جي عضون جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ھدايت ٿو ڪري تہ جھڙيء طرح ناکئا سمنڊ جي سفر تي اسھڻ کان اڳ ٻيڙيء جا سمورا ساز ڌوئاري صاف ڪندا آھن تيئن انسان کي بہ گهرجي تہ ھو روحاني مسافري اختيار ڪرڻ کان اڳ اندر کي ڌوئي اڇو ڪري.“ سڙهه” مان مراد آھي انسان جو سينو يا دل.جيئن سڙهه ھوا سان ڀرجي ٻيڙيء کي اڳتي ڌڪيندو آھي تيئن انسان جو سينو بہ الاھي نور سان ڀرجي کيس عالم ملڪوت ڏانھن مائل ڪري ٿو.انسان بشري ڪمزورين سبب ھن سنسار ۾ سچي سودي جي سونت وڃايو ويهي ۽ موتين جي بدران ڪائي جو واپار وڻجڻ لڳيو وڃي. 

 ڪايو ڪَمايومِ، موتِي مون نہ وَڻجِيا! 

 سِيهي  جو سَيَّدُ چئي،  وَکَرُ  وِھايومِ؛ 

 ھَهڙو حالُ سندومِ، توھَ تُنھنجي اُبَھان! 

 ھن سنسار روپي ساگر ۾ جتي وھه ويڌ پيو ڪري اتي پروردگار جي ٻاجهه ۽ ڪرم ٻيڙيء مثل آھي  ۽ اھا ٻيڙي سندس وصال جي وکر سان ڀرپور آھي يعني جنھن تي ھن جي ٻاجهه ٿئي ٿي ان کي بنان رياضت ۽ مجاھدي جي محبوب جو مشاھدو ميسر ٿئي ٿو ۽ دنيائي معلمن ۽ رهبرن جي ھن کي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانہ ٿي پوي. 

 ٻيڙي تنھن جي ٻاجهه، وکر تنھن وصال جو، 

 کوھا،  اولا،  توڪڻا، سڀ  سونھارا  ساج، 

 ات ڪا معلمن حاج، جت پورڻ وارو پاڻهم. 

 جڏهن درياء ۾ چاڙهه ھجي،هر طرف لھرون جوش ۾ ھجن،اڇ  ئي اڇ نظر ايندي ھجي ۽ ھر پاسي لس لڳي پيئي ھجي تہ بيخبريء وچان ٻيڙيون وڃي ٻيٽن يا ٻيٽارين کي لڳنديون آھن جنھن ڪري گپي يا ڀڄي پونديون آھن. 

 لُڙَ، لَھِريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نہ آبَ جو؛ 

 الله!    اُتِ  مَ  اولِئَين،   ٻيڙا   مَٿي   ٻيٽَ؛ 

 جوکو ٿِئي مَ جَھازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ؛ 

 لڳي ڪا مَ لَپيٽَ، ھِنَ غارِيبي غُرابَ کي! 

 انسان جڏهن سنسار جي مھاساگر جي مصيبتن ۾ ڦاسي پوي ۽ظاھر ۾ ڪو حيلو وسيلو بہ نہ سجهندو ھجي تہ ان وقت سھڻو لطيف سالڪ کي پنھنجي معبود حقيقي طرف متوجھ ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو. انسان جي زندگيء جي ٻيڙيء کي انھن اوکائين مان پار ڪرائڻ ان جي ئي ٻاجهه ۽ ڪرم جي سھاري ممڪن آھي.نہ تہ انساني زندگيء جو ھي غريباڻو غوراب ھر وقت لھرن جي لپيٽ ۾ آھي. انساني عقل کي مار اھا آھي جو ھو صرف سمنڊ جي ظاھري سطح تي نظر رکي ٿو پر سھڻي لطيف مطابق اصل ماڻڪ،موتي،لال تہ سمنڊ جي پاتار ۾ پيل آھن. 

 سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وھي ٿو جالَ؛ 

 سَئين  وَھَن  سِيرَ ۾،  ماڻِڪَ،   موتِي، لالَ؛ 

 جي ماسو جُڙيئِي مالَ، تہ پُوڄارا! پُرِ ٿِئين. 

 ڏيساور يعني ٻئي جھان م ڪھڙو وڻج وڪجي ٿو ۽ ڪھڙو وکرنٿو وھائجي اھو سڀ انسان کي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو ويو آھي پر انسان پئدائشي اتڪو ۽ احمق آھي ۽ آسانيء سان دوکي جو شڪار ٿيو وڃي ۽ سڄي ڄمار اھڙو ڪڌو ڪسب ڪمائيندو رهي ٿو جنھن جي آخرت جي بازار ۾ ڪابہ قدر قيمت ڪانھي.پر عقلمند انسان صرف سچ سودين ٿا . 

 جِنين   سودي   سچ  جو،   وکر  وِھائيو، 

 “ بخيرو لٓهم البشريٰ”جو،اِنين لئي آيو، 

 ان کي لالن لنگهايو،ساندارو سمنڊ جو. 

 سنسار روپي مھاساگر جي لھرن،لس.لپيٽ ۽ لڙ سان مقابلو ڪري پار پوڻ ڪو آسان ڪم ڪونھي.ان جي اونھائيء جو ڪو پتو ناھي،ڪھڙيء ويل وير وري ٿي،ڪو ڀروسو ناھي،ڪھڙيء ساعت سامونڊي ھوائون ٿيون غورابن کي غرق ڪن خبر ناھي.انھيء ساگر ۾ سفر لئي سونھان ساٿي کپن. 

 سُونھان سَڌِيون ڏِينِ، ھِنَ ديواني درياھَ جون؛ 

 ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ؛ 

 عِجِزَ  جو    اَڌَ  راتِ  کي،  وَکَرُ    وِھائِين؛ 

 ساٿُ نِباھِيو نِينِ،  ثابِتُ   اِنهِيءَ سِيرَ مان. 

”عجز جو وکر“ ڪھڙو آھي؟ آزي نيازي،توبہ زاري،آھ فرياد،نوڙت ۽ نماڻائي،وينتي،دعا،پنھن جن ڪمين ڪوتاھين جو احساس،پنھن جن پاپن ۽ غلطين جو اعتراف،پنھن جن عيبن ۽ اوڻاين جو اقرار، مالڪ سامھون سڀ ھٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ رڳو سندس فضل جي ڦيري جي آس رکڻ پر تنھن جو تہ حال ھيء آھي جو توکي تہ توبھ جي توفيق بہ نصيب نٿي ٿئي ۽ ھٿ پير ٻڌيو ويٺو آھين ۽ محبوب سان ملڻ جي ڪوشش بہ نٿو ڪرين.جيڪي بہ بنان محنت جي منھن سامھون آيو اٿئي ان تي ڀاڙيو ويٺو آھين ۽ سمجهين ٿو تہ توکي سڀ ڪجهہ ملي ويو.جنھن صورت ۾ ساريون راتون ننڊن ۽ فرحتن ۾ ستو پيو آھين تنھن صورت ۾ توکي موڙي ڪٿان ملندي؟ 

 نڪو    سک         نکٽين،    نہ    ويساند      نئين، 

 جيڪا  اچئي   سامھين،    ڀانئين       سا    سنئين، 

 موڙي ڪوھه مئين؟ جيئن سڄيون راتيون سمھين. 

 سوال اھو تہ ان سنسار مھاساگر مان ڪھڙا ماڻهو آسانيء سان تري پار پون ٿا ڪھڙا سمنڊ جي سير ۾ ڦاسي پون ٿا؟ 

 تارو  تريو  وڃن،  ننڍا  وڏا   واھڙا، 

 ھاء! ٻر، اتارن،جيئن ڳرا مٿن موليا. 

 ھتي ”تارن“ مان مراد اھي انسان جيڪي دنيا جي دوکيبازين کان واقف آھن ان ڪري اھي دنيا سان دل نٿا لڳائين ۽ سنسار روپي ساگر مان پار پئي وڃيو منزل ماڻين پر مصيبت تہ اڻ تارن لاء آھي  جيڪي ھڪ تہ ترڻ ڪونہ ڄاڻن ٻيو وري پنھنجن مٿن تي وڏا ۽ ڳرا موليا يعني پڳڙ ۽ پٽڪا ٻڌائون. پڳڙ ۽ پٽڪن ٻڌڻ مان مراد آھي تہ انھن احمقن ھن دنيا جي زندگيء کي ئي سڀ ڪجهہ سمجهندي ظاھري چڱمڙسي، طاقت،اختيار،غرور،ڪبر،حسب نسب ۽ ڪوڙي سرداريء جا پڳڙ مٿي تي سجائي پاڻ کي عقل جا اڪابر سمجهندا رهيا پر اڻ ڄاڻن پنھن جي بيوقوفيء سبب پنھنجو پاڻ کي دوکي جي درياء ۾ ٻوڙي وڌو.