آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي ۾ موجود ماڳ مڪان (جاگرافي)

شاھ جي رسالي ۾ موجود ماڳ مڪان (جاگرافي)

آبو جبل:

آبو ھڪ جبل جو نالو آھي، جنھن کي عام طور تي آبو جبل ۽ ابو جبل سڏيو وڃي ٿو. شاھ لطيف، اُن جبل جو ذڪر، سُر سارنگ ۾ ڪيو آھي:

ڍَٽ ڍُرِي پَٽ پيئيُون، آيُون اَبُوءَ جَهلَ،

پييُون پارَڪرَ تي، ڪَري آبَ اُڇَلَ،

تَرايُون ۽ تَلَ، سَڀ ڀَريائون سِڪَ سِين.

(بلوچ، نبي بخش، خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 16، ص:411 ۽ 412)

آبو جبل، راجسٿان ۽ گجرات رياستن جي دنگ تي، ضلعي ’ٻاڙ مير‘ (هندستان) ۾ آھي. ھي جبل، ننگر پارڪر (سنڌ) کان لڳ ڀڳ 80 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اوڀر طرف آھي. ھن جبل جي ڪل ايراضي، 22 ڪلوميٽر ڊيگهہ ۽ 9 ڪلوميٽر ويڪر تي ٻڌل آھي. ھن جبل جي مٿانھين چوٽيءَ جو نالو (گرو شکر) آھي، جيڪا سامونڊي سطح کان 1722 ميٽر اوچائيءَ تي آھي. ھن مٿانھين چوٽيءَ تي ھندومت جا جوڳي، جوڳ ۽ عبادت ڪندا آھن.

اُچ شريف:

اُچ ھڪ قديم شھر آھي، جيڪو بھاولپور کان ڏکڻ-اولهہ پاسي، 61 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پنجند جي ميلاپ واري ھنڌ تي آھي. انتظامي لحاظ کان ھن وقت شھر، بھاولپور ضلعي ( صوبي پنجاب) ۾ آھي.

سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان خبر پوندي تہ موجودہ پنجاب جا ڪيترائي علائقا، ماضيءَ ۾ سنڌ جو حصا رهيا آھن، جن ۾ ملتان ۽ اُچ بہ شامل ھئا. 1981ع جي آدم شماريءَ موجب، اُچ شھر جي آبادي، لڳ ڀڳ پندرهن ھزار ھئي، جڏهن تہ 2017ع جي آدمشماريءَ موجب، 42،608 آھي. اُچ شريف جي علائقي احمدپور شرقيه جي ويجهو ريلوي اسٽيشن، ’ديرہ نواب‘ آھي، جيڪا اُچ کان 19 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. 8 جولاءِ 1975ع تي ھن شھر کي سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو. ھتي جي آبادي گهڻو تڻو سرائڪي ٻولي ڳالهائيندڙن تي ٻڌل آھي، جن جي مکيه ڪِرت زراعت آھي.

شاھ لطيف جتي سنڌ جي ٻين شھرن ۽ ڪيترن ئي پرڳڻن جو ذڪر ڪيو آھي، اُتي ’اُچ‘ جو پڻ سُر سارنگ ۾ ذڪر ڪيو آھي:

جَرڪِيُون ۾ جيلاڻَ، ڪِيائينِ مِيران جو مُجرو،

جِتي غَوثِ بھاوالدين، اُتِ مرَڪيون ۾ ملتاڻِ،

اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪيَائين پُرِ پُراڻَ،

وِڄُڙِينِ منھن ڪاڻِ، لاٿِي سِنڌُ وَڻَنِ کي.

(مرزا، ممتاز، (1995ع)،’گنج‘ شاھ جو رسالو، سرود سارنگ، بيت 43، ص:381)

اُچ جو اصل ۽ قديم نالو ’اسڪلندا‘ ھو، پر ان جي زمين جي اوچائي ۽ مٿانھينءَ ھئڻ ڪري، ھن کي ’اُچ‘ چوڻ لڳا. ھتي ھڪ قلعو ۽ وڏي ايراضيءَ ۾ قبرستان موجود آھي، جتي ڪيترائي بزرگ دفن ٿيل آھن.

تاريخدانن جي راءِ موجب، ھي شھر 550 ق.م. آباد ٿيو. سڪندر اعظم، ھندستان تي حملي وقت ھتي ترسيو ھو.

محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت ھي شھر سياسي، معاشي ۽ تھذيبي لحاظ کان بي مثال ھو. محمود غزنويءَ جي حملي کان پھرين اُچ شھر، سنڌ جو ھڪ پرڳڻو ھو ۽ ھتي ھندو حاڪمن جي حڪومت ھئي. محمود غزنويءَ جي فتح کان پوءِ، ھي شھر مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ نيٺ مغل حڪومت جو حصو بڻيو. 370 ھجري بمطابق 980ع ۾، سيف الدين گاذروني اُچ شھر ۾ آيو ۽ اسلامي تعليم جو ھڪ وڏو مدرسو قائم ڪيائين، جنھن ۾ ھڪ ئي وقت اڍائي ھزار شاگرد تعليم وٺندا ھئا. سلطان شھابالدين غوري ھن اداري جو پھريون سرپرست ھو، کانئس پوءِ غوري بادشاھ، اُچ شھر کي پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ بڻايو. غوري حڪومت جي زوال سان اُچ شھر جو بہ زوال آيو.

منگولن جي حملن وقت گهڻن عالمن ۽ فاضلن ھجرت ڪري اُچ جو رخ ڪيو ۽ ھتي اچي رهيا. جيتوڻيڪ منگولن ھن شھر کي ڪيترائي ڀيرا تباھ ڪيو، پر تنھن ھوندي بہ ھن شھر جي اھميت ۾ ڪوبہ فرق نہ آيو. ھمايونءَ جي دؤر ۾، ھي شھر، مغلن جي ماتحتيءَ ۾ آيو ۽ اوج تي پھتو، پر اورنگزيب عالمگير کان پوءِ، اُچ جي اھميت گهٽجڻ لڳي. رنجيت سنگهه ھن شھر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيو، البت بھاولپور جي عباسين اُچ شھر کي پنھنجي رياست ۾ شامل ڪيو.

اُچ، ولين ۽ درويشن جو شھر آھي. مشھور صوفي بخارا جو سيد جلال الدين بخاري سرخ پوش سندس پُٽ سيد احمد ڪبير بخاري ۽ پوٽو مخدوم جھانيان جھان گشت، مخدوم راجو قتال، بيبي جيوندي، بھاول حليم، بندگي محمد غوث جهڙن صوفي اڪابرن جا مقبرا بہ ھن شھر ۾ آھن. ملتان جي گورنر، سلطان لنگو خان جي ڌيءَ جو مقبرو بہ ھتي آھي.

اُچ، قديم ملتان پرڳڻي جي وڏن ۽ مشھور شھرن مان ھڪ آھي. راءِ سھاسيءَ جي راڄ ۾، ستن وڏن شھرن ۾ مضبوط قلعا ھوندا ھئا، جن مان ھڪ قلعو اُچ ۾ بہ ھو، جيڪو پوءِ ڊھي ويو. ھن شھر ۾، ست مشھور ڳوٺ ھئا، پر ھاڻي انهن مان باقي ٽي وڃي بچيا آھن، جيڪي ھي آھن:

ڳوٺ اُچ مخدوم جھانيان:ھتي مخدوم جھانيان جھان گشت جي درگاھ آھي ۽ ھن جا مريد ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا، تنھن ڪري ھن تي اھو نالو پيو.

ڳوٺ اُچ مغليا:ھتي مغلن جي گهڻي آبادي آھي، انهيءَ ڪري ھن تي اھو نالو پيو.

ڳوٺ اُچ گيلاني:ھن ڳوٺ ۾ وري حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي نسل مان ڪي پير ۽ مريد رهن ٿا، ان ڪري ’اُچ گيلاني‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

مٿي ذڪر ڪيل درويشن کان سواءِ، ھتي ڪجهہ ٻين بزرگن جا مقبرا بہ آھن، جن ۾ اُچ جي حاڪم سيد عبدالحميد بن جعفر، مخدوم شيخ عبدالقادر ثاني (جيڪو وڏو عالم، فاضل ۽ پيران پير جي اولاد مان ھو) شيخ ابراھيم خليل فدا ۽ سندس پٽ گنج بخش شاھ شامل آھن.

ھتي اسماعيلي داعي، پيرصدرالدين جي پٽ پير حسن ڪبيرالدين عرف حسن درياھ جي درگاھ بہ آھي. ان کان سواءِ، چچ نامي جو مترجم علي ڪوفي بہ ڪجهہ وقت اُچ شھر ۾ اچي رهيو ھو.

اُچ، جيئن تہ تصوف جي وڏن مرڪزن مان آھي، ان ڪري ڀٽائيءَ اُن نسبت سان بہ ھن شھر جو پنھنجي ڪلام ۾ ذڪر ڪيو آھي.

استنبول:

ترڪيءَ جو ھڪ قديم شھر آھي، جنھن جو پراڻو نالو قسطنطنيه ھو. 330ع ۾، رومي شھنشاھ قسطنطين، جنھن جڏهن ھي شھر فتح ڪيو تہ ان جو نالو، ’نووا روما‘ يعني جديد روم رکيو، پر ڪجهہ وقت کان پوءِ، شھر جو نالو پنھنجي نالي پويان قسطنطنيه رکيائين. 1453ع ۾، جڏهن سلطان محمد فتح جي اڳواڻي ۾ ھيءُ شھر مسلمانن فتح ڪيو تہ ان شھر جو نالو، ’اسلامبول‘ يعني اسلام جو شھر رکيو ويو، جيڪو اڳتي ھلي، استنبول ٿيو. اھڙيءَ ريت ھن شھر تي عثمانيه سلطنت جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو. ان دؤر ۾، ھن شھر ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ۽ مسجدون اڏايون ويون، ان ڪري ھي مسجدن جو شھر بہ ڪوٺيو وڃي ٿو. عثماني بادشاھن جي محلن ۽ ٻين تاريخي عمارتن ڪري ھي شھر، سياحت جو ھڪ اھم مرڪز آھي. ھي شھر ٻن حصن ۾ ورهايل آھي، اڌ حصو ايشيا ۾ اچي ٿو، جڏهن تہ باقي اڌ، يورپ واري حصي ۾ آھي. وچ ۾ سمنڊ آھي. ٻيڙين يا ڪروز وسيلي ھڪ حصي کان ٻئي حصي ۾ وڃي سگهبو آھي. واپاري لحاظ کان استنبول جي بندرگاھ ۽ ھوائي اڏو مشھور آھن. تازو 2018ع، ترڪيءَ جي صدر، استنبول ۾ نئين ھوائي اڏي جي پيڙه جو پٿر رکيو آھي، جيڪو اڏجڻ کان پوءِ، دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ھوائي اڏو ھوندو، جيڪو ڏهن سالن جي عرصي ۾ جڙي راس ٿيندو. تاريخي لحاظ کان ھن شھر جي وڏي اھميت آھي. شاھ جي رسالي ۾، ھن شھر جو ذڪر، ھن ريت ڪيو ويو آھي:

موٽِي ماڻڊاڻ جِي، واري ڪِيائِين وارَ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، چوڏِسِ ٿِي چوڌارَ،

ڪي اُٿي ھَلِيُون اِستَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِيُون مَغِرِبَ پارَ،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:700)

اگهامن / اگامن:

اگهامن / اگهام ھڪ ذات آھي، پر ان ساڳئي نالي سان، ڀارت جي اڳوڻي ڪڇ رياست ۾ ھڪ شھر بہ ھو. ’اگهاماڻو‘ سنڌ جي تاريخ ۾ بہ ھڪ مشھور ماڳ جو نالو آھي. شاھ لطيف اِن جو ذڪر، سُر بلاول ۾ ڪيو آھي.

اَبَڙو اَگهامَنِ ۾، سَٻَڙُ جِئَنِ ٻيلي،

سي پَٽَ ڪِنہِ نہ پُوڻِئا جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،

سَمُو سانوَڻَ مِينہَ جِئن، رِڃون ٿو ريلي،

اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بَخشي بَٺِ-ڌَڻِي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘،سُر بلاول، داستان 3، بيت 10، ص:145)

بَڊام:

بَڊام ھڪ ايراضيءَ جو نالو آھي، جيڪا ٽنڊي باگي تعلقي جي اترئين اڌ ۾ ڊگهڙي تعلقي جي ڏاکڻي اڌ جي وچ ۾ آھي. شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ھن جو ذڪر ڪيو آھي.

اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بَادَلَ ڪَڍِئَا بُرِجَن سين،

سازَ سَارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄَايائِين بَرِجَنگَ،

سَراھِيُون سَؤرَنگَ، پَلٽِيُون راتِ بَڊامَ تي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 5، ص:317)

ھي علائقو، جاگرافيائي توڙي تاريخي لحاظ کان بہ مشھور آھي، جنھن ۾ سنڌ جي مشھور سورهيه، پونري جي راڄڌاني، ٻرڙائي ڪوٽ جا کنڊر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي پُراڻ جي پراڻي بزرگ، جهنڊي پاتڻيءَ جي مزار کان ڏکڻ طرف ڪلوميٽر کن جي پنڌ تي آھن.

بڊاماڻي بُٺ:

بڊاماڻي بٺ، ھڪ علائقي جو نالو آھي، جيڪو ضلعي بدين جي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ واقع آھي. شاھ لطيف ھن جو ذڪر سُر ڏهر ۾ ڪيو آھي.

چيٖتا ڪِيو چُڻيجِ، بُڊاماڻِي بُٺِ ۾،

نيڻين نِنڊَ مَ ڏيجِ، ڇيڙون ڇَپَرِ آئِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 20، ص:884)

اٽڪل نائين ۽ ڏهين صدي عيسويءَ ۾ ھن علائقي ۾ چنا قوم جي بڊاماڻي پاڙي وارن جو راڄ ھو. جڏهن اھو راڄ ڪن سببن جي ڪري اتان ٻئي پاسي ھليو ويو ۽ مٿان جلد ئي پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب اھو علائقو ويران ٿي ويو تہ ان کي عام طرح ماڻهو، ’بڊاماڻي بٺ‘ يعني بڊاماڻي ويرانو سڏڻ لڳا. ان علائقي ۾ قديم دؤر ۾، پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو ھوندو ھو، جنھن جي ڪري انهيءَ علائقي ۾ ڪيترائي پرديسي پکي ۽ جهنگلي جانور بنا ڊپ ڊاءُ جي ھن جوءِ ۾ ايندا ھئا، جن کي بڊاماڻين جي رواج موجب، ڪوبہ ڪونہ ستائيندو ھو، پر جڏهن اتان بڊاماڻين جو راڄ لڏي ويو، تہ پوءِ ھي سڄو علائقو لاوارث ٿي ويو، تڏهن پارڪر ۽ ڪڇ جي جابلو علائقن جا شڪاري ۽ ماري، بڊاماڻين جي بُٺ ۾ اچي پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪرڻ لڳا.

شاھ لطيف مٿي ڏنل بيت ۾، انهيءَ حالت جو نظارو چٽيندي، پرديسي پکين خاص طرح ڪونجن ڏانھن اشارو ڏنو ھو.

بَغَل مَڻجِهه بَندوَ، مارِيءَ ميٖرا ڪَپِڙا،

مارِيو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِيو لَڪَ چَڙهي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 18، ص:884)

بصرہ/بصرو:

بصرو (بصرہ)، عراق جو مشھور ۽ اھم شھر آھي، جيڪو عراق جي ڏاکڻي پاسي، ايران ۽ ڪويت جي سرحدن سان لڳولڳ ۽ شط العرب جي ڪناري آباد آھي. ’بصرہ‘، فارسي لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:اھو ھنڌ، جتي ڪيترائي رستا پاڻ ۾ ملن‘، يعني رستن جو ميلاپ يا چودڳي، جتي چئني طرفن کان رستا اچي پاڻ ۾ ملن. ھن شھر کي عربي ٻوليءَ ۾، ’حٰربا‘ ۽ ’الفيھا‘ جي نالن سان پڻ سڏيو ويندو آھي. موجودہ دؤر ۾، ھي شھر، آباديءَ ۽ ايراضيءَ جي حوالي سان بغداد کان پوءِ، ٻيو نمبر وڏو شھر آھي ۽ بغداد کان 545 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي.

ھن شھر جي موجودہ آبادي (2017ع موجب) لڳ ڀڳ اٺاويھ لک آھي. شاھ لطيف، ھن شھر جو ذڪر سُر سريراڳ ۾ ڪيو آھي:

جَنِي جي جِهَازَ کي، سَڳو سُلِطَانِي،

سِڙَهَه اَڇَا ۽ اولِيُون، اُنِ جي کُوهي نَه خَامِي،

بَندَرُ بَصِرو ڪيچُ قَلاتُ تَنِ عَرَبُ اِنعامِي،

ڏِسِ کيڙي ڏانِي، سُوڀَا سُتَڙِ آيا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سريراڳ، داستان 7، بيت 11، ص:177)

بصرو شھر، حضرت عمرؓ، 636ع ڌاري ڦٽل ايراني وسنديءَ، ’ارد شير‘ جي آثارن تي اڏايو. بنو اميه دؤر ۾، ھن شھر وڏي ترقي ڪئي. عباسي خليفن جي گهرو جهيڙن ۽ ڌيان نہ ڏيڻ ڪري، ھن شھر تي زوال آيو. پر گهڻي عرصي کان پوءِ، جڏهن ھن شھر کي ريل رستي عراق جي اھم شھرن سان ڳنڍيو ويو تہ پوءِ ھي ھڪ ڀيرو ٻيھر اھميت وارو شھر بڻجي پيو.

1947ع کان پوءِ، ھتي تيل جا وڏا ذخيرا مليا، جنھن ڪري ھن شھر تڪڙي ترقي ڪئي، نتيجي ۾ ھتي ڪيترائي صنعتي ادارا قائم ٿيا. ان کان پوءِ، ھتي تيل صاف ڪرڻ جو ھڪ وڏو ڪارخانو لڳايو ويو ۽ اھڙيءَ طرح تيل جي پيداوار جي ڪري ھي شھر مالدار بڻجي ويو.

تاريخي حوالي سان ڏٺو وڃي تہ، بصرو 2 صدي ھجري/8 صدي عيسويءَ جي شروع ۾، واپاري توڙي علمي ادبي حوالي سان گهڻي اھميت رکندڙ شھر ھو. ”درياھي بندرگاھ پڻ ھو. ھٿيارن ٺاھڻ جي صنعت بہ ھتي پير پختا ڪري چڪي ھئي. علمي ادبي حوالي سان ديني علمن جو ڄڻ تہ مرڪز ھو. درحقيقت بصرو اھا بٺي ھئي، جتان پھرينءَ کان چوٿين صديءَ ھجريءَ

(16ھ/637ع کان 311ھ/923ع) تائين، اسلامي ثقافت، ڪلاسيڪي قالب ۾ نئون اوج وٺي نروار ٿيو. بصرو ئي اھو مرڪز ھو، جتان عربي صرف ۽ نحوِ جنم ورتو ۽ سبيويہ ۽ خليل بن احمد، ان کي فن جو روپ ڏنو. واصل بن عطا، عمرو بن عبيد، ابوالھذير، النظاھر ۽ ٻين گهڻن عالمن جي جهولي نپجي جوان ٿي.“(سنڌيانا، جلد 1، 2009ع، ص:448)

مذھبي علم بہ ڪمال تي پھتل ھئا. الله لوڪ صوفين ۾، حسن بصري ۽ سندس عقيدتمندن تصوف جو بنياد بہ ھتي ئي رکيو. ان کان سواءِ، بيبي رابعہ بصريءَ جي جنم ڀومي پڻ بصرو آھي.

موجودہ وقت ۾ سڄي عراق سميت، بصرو پڻ آمريڪي فوج جي تسلط ھيٺ آھي. ان کان اڳ بہ آمريڪي سياسي چال بازيءَ سان، عراق- ايران جنگ ٿي ھئي، جنھن جي نتيجي ۾ سڄو عراق متاثر ٿيو ھو. 1991ع ۾، پھريون ڀيرو ھي شھر، صدام حسين خلاف بغاوت جو مرڪز رهيو. مارچ 2003ع کان فوج جي اڳرائي ڪري بصرو، ميدان جنگ جو ڏيک ڏيندو رهيو. موجودہ وقت ۾، سڄي عراق سميت ھي شھر پڻ ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي مسئلن جو شڪار بڻيل آھي ۽ امن امان جي صورتحال پڻ اطمينان جوڳي نہ آھي.

بغداد:

بغداد، عراق جو قديم ۽ مشھور شھر آھي، جيڪو موجودہ وقت ۾ عراق جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. ھي شھر، دجله درياھ جي ٻنهي ڪپن تي آباد آھي. ھن شھر لاءِ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ قصا مشھور آھن. ڪن جو چوڻ آھي تہ ھن شھر جو اصل نالو، ’باغ داد‘ آھي، يعني اھو باغ جتي نوشيروان نالي شخص، مظلومن جو فرياد ٻڌندو ۽ داد ڪندو ۽ کين انصاف ڏياريندو ھو. ڪن ماڻهن جو چوڻ آھي تہ، لفظ ’بغداد‘ جي معنيٰ ’رڍن جا واڙا‘ آھي.

ابو جعفر المنصور، 145ھ/762ع ۾، ساساني، بغداد واري ھنڌ وٽ ھڪ شھر آباد ڪيو، جنھن جو نالو ’مدينة الاسلام‘ رکيو ويو. ھُن، شھر لاءِ ھڪ ڪروڙ اسي لک دينار خرچ ڪيا. اڳتي ھلي ھن عاليشان ۽ دنيا جي مرڪزي شھر کي خليفي ’معتصم باالله‘ جي عھد 1258ع/656ھ ۾، ھلاڪو خان منگول حملو ڪري، بيدردي ۽ ظالماڻي نموني سان تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو ۽ بغداد جو نالو، بغداد جي تباھيءَ جي مفھوم ’ظلم‘ ۽ ’قھر‘ جي ڪري، ’بغداد‘ مشھور ٿي ويو. سنڌي چوڻي، ’بغداد ٿي ويو‘، ان واقعي جي عڪاسي ڪري ٿي.

شاھ لطيف جي رسالي ۾، بغداد جو ذڪر، سُر ڌناسريءَ ۾ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي نسبت سان موجود آھي، جنھن جي مزار بغداد ۾ ئي آھي.

پِيرَ منھنجا پاتشاھَ ڀَلا ڀَرَجِهلا،

جيڪي مُدَعِي منھنجا تِنَ کَرَنِ ھَڻُ کَلا،

گهُٽي ڇَڏِ گُڏِئَنِ جا گِيلَاني گَلا،

جَنِ سُڃنِ جئن سَتائِيو بُڇَنِ بَرَمَلا،

جا مَٿي مون بَلا، سا بادشاھ ڪَڍ بغَداد جا.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڌناسري، داستان 3، بيت 10، ص:425)

سنڌ جو، بغداد سان قديم دؤر کان گهاٽو تعلق رهندو پيو اچي. عرب اسلامي دؤر ۾، جڏهن سنڌ ۾ عربي ٻولي عام فھم ٿي تہ سنڌ جا، بغداد سميت، اسلامي سلطنت سان تمدني ناتا قائم ٿيا. سنڌ جا عرب گورنر، خود علم ادب جا ڪوڏيا ھئا، بعد ۾ عرب ملڪن مان وڏا عالم، سياح ۽ سياسي اڳواڻ سنڌ ۾ ايندا رهيا. انهيءَ عرب اسلامي دؤر ۾، سنڌي قبيلا بغداد پڻ پھتا.

عباسين جي دؤر ۾، امام ابراھيم سنڌ ۾ آيو ۽ ھِتي اچي سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪيائين. جيئن تہ ان وقت بغداد، عباسي خلافت جي گاديءَ جو ھنڌ ھو، تنھن ڪري سنڌ سان بغداد جا تعلقات اڃا بہ وڌيڪ جٽادار ٿيا. سنڌ مان ڪپڙي جا واپاري، صراف ۽ موسيقار وغيرہ بغداد وڃڻ لڳا. سنڌ جو ڪپڙو، خاص طور تي عورتن جا روا ۽ رنگين پوتيون، بغداد ۾ مشھور ٿيون. ھتان طبي وکر بہ وڏي انگ ۾ گهرايا ويندا ھئا. نہ صرف ايترو پر ھتي جي حڪيمن ۽ طبيبن کي بہ علاج ۽ ديسي دوائن جي استعمال لاءِ گهرايو ويندو ھو. سنڌ جي ڪاريگرن جا ٺھيل نفيس جوراب ۽ عورتاڻيون جتيون بہ تمام گهڻو پسند ڪيون ويون، جيڪي بغداد جون امير عورتون، ڏاڍي شوق سان استعمال ڪنديون ھيون.

سنڌ جي عرب گورنرن معرفت، ان وقت جا مشھور عرب شاعر:مطيع بن اياس، الصمة بن عبدالله القشيري وغيرہ سنڌ ۾ آيا تہ سنڌي شاعر:ابو عطا سنڌي، اياز سنڌي ۽ ابوالضلع سنڌي وغيرہ پنھنجي اعليٰ عربي شاعريءَ سبب اسلامي ملڪن ۾ مشھور ٿيا. ان ئي وقت ڌاري، سنڌي زبان جو ھڪ شاعر برمڪي وزيرن جي شان ۾ ھڪ قصيدو لکي بغداد پھتو، جنھن تي کيس اعزاز ۽ انعام مليا. برمڪين سنڌ مان ڪيترائي عالم ۽ پنڊت بغداد گهرايا، جن کي اتي اعليٰ عھدن تي رکيو ويو. ساڳيءَ طرح بغداد مان بہ ڪيترائي عرب عالم سنڌ ۾ آيا.

377ھ/987ع ڌاري، بغداد جي مشھور دانشور ۽ محقق ابن النديم، سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي صورتخطيءَ بابت، تحقيق ڪري ’الفھرست‘ نالي مشھور ڪتاب لکيو. سنڌ ۽ بغداد جي تمدني تعلقات بابت، سنڌ جي پسارڪن وکرن جا نالا بغداد تائين پھتا ۽ اتي جي عالمن انهن وکرن تي تحقيق ڪئي. سنڌ جا بغداد سان صوفياڻا ۽ روحاني تعلقات تہ قديم دؤر کان رهندا پئي آيا. دائود طائي، معروف ڪرخي، شيخ سري سقطي، جنيد بغدادي، ابوبڪر شبلي، عبدالواحد تميمي، ابوالحسن ھنڪاري، سيد عبدالقادر جيلاني ۽ ٻيا، بغداد جا صوفي ۽ بزرگ سنڌ سان ناتو ڳنڍيو آيا. سنڌ جي ڪيترن ئي صوفين ۽ درويشن، کانئن سڌِي ۽ اڻ سڌيءَ طرح فيض پرايو ۽ سنڌ ۾ مٿين بزرگن وسيلي سيد بقا، پير محمد راشد روضي ڌڻي، حافظ محمد صديق ڀرچونڊيءَ واري ۽ مولانا تاج محمود امروٽيءَ وغيره، دين جي تبليغ ڪئي. سنڌ ۾ شاھ عنايت شھيد جا وڏا بہ اصل بغداد جا چيا وڃن ٿا، جيڪي پوءِ لڏي اچي، اُچ شريف ۾ ويٺا. ان وقت اُچ، سنڌ جي حدن ۾ شامل ھو.

پير عبدالقادر شاھ جيلاني بغداديءَ جي نالي پٺيان سنڌ ۾ تصوف جو ’قادري سلسلو‘ شروع ٿيو. سنڌ ۾ قادري سلسلي سان وابستہ صوفي درگاھون اڪثريت ۾ آھن ۽ اھي سڀئي بغداد جي گاديءَ جا پوئلڳ آھن. سنڌ جي ڪيترن ئي صوفي بزرگن جي ڪلام ۾ بہ بغداد جو ذڪر ملي ٿو.

ڏهين صدي ھجريءَ ۾، بغداد مان ھڪ بزرگ شاھهخيرالدين، سنڌ ۾ آيو ۽ سکر ۾ اچي رهيو. ھو قادري طريقي جو بزرگ ھو. پاڻ، 911ھ/1505ع ڌاري بغداد ۾ ڄائو ۽ 1027ھ/1617ع ۾، سکر ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفن ٿيل آھي.

ان کان اڳ، 1422ع ۾، سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان ھڪ بزرگ، شيخ يوسف الدين، بغداد مان سنڌ ۾ آيو ۽ ھتي ڪيترائي ھندو لوهاڻا، مسلمان ڪيائين. اڄ بہ سنڌ جا زيارتي بغداد ويندا آھن، جتي اھي ٻين زيارتن کان علاوہ، امام اعظمؒ، امام موسيٰ ڪاظم، امام يوسف، بهلول داناء ۽ ملڪه زبيدہ جي مزارن جي زيارت تي بہ وڃن ٿا.

بيڪانير:

بيڪانير، ھندستان جي اڳوڻيءَ رياست، راجپوتانا جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. ھن شھر کي جوڌپور جي راجا، ’جوڌا‘ جي پُٽ، ’بيڪا‘ 1484ع ۾ ٻڌرائي، رياست راجپوتانا جي گاديءَ جي ھنڌ جو درجو ڏنو. 1850ع ۾، ھن شھر ۽ سندس وڏي پسگردائيءَ واري ايراضيءَ کي جئپور رياست سان ملائي ھڪ جدا پِرانت (رياست) ٺاھيو ويو آھي.

شاھ لطيف، بيڪانير جو ذڪر، ’سُر سارنگ‘ ۾، ڪيترن ئي ھنڌن تي ڪيو آھي:

ڪي دِلِيءَ، ڪي دَکَن، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ،

ڪَھِين جُنبِي جيسَرَميرَ تان، ڏِنا بِيڪانير بَڪارَ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:700)

تاريخي حوالي سان پروڙ پوي ٿي تہ ھن رياست ۾، ستين صدي عيسويءَ ۾، راجپوت آباد ٿيا ھئا، جيڪي 16 صدي عيسويءَ تائين، مسلمان حڪمرانن جي حملن جو مقابلو ڪندا رهيا. نيٺ مغلن ھن رياست کي فتح ڪري، ھِتي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. مغلن جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ وري، راجپوتن ھت پنھنجي راڄڌاني قائم ڪئي. 19 صدي عيسويءَ جي شروع وارن ڏهاڪن ۾، جڏهن انگريزن، ھندستان تي پنھنجو قبضو ڄمايو، تہ ھنن ھندستان جي گهڻين ئي رياستن جي راجائن جون رياستون بحال رکيون، جن ۾، ’بيڪانير‘ بہ شامل ھو. بيڪانير رياست سان سنڌ جا ھميشه سٺا ناتا رهيا.

ٿر واري پاڙيسري سرحد جي ڪري، ھنن علائقن ۾، رهندڙ اڪثر ذاتيون، جوڌپور، جيسلمير ۽ بيڪانير سان مٽي مائٽيءَ، توڙي ثقافتي لحاظ سان ڳنڍيل رهيا ۽ اڃا تائين بہ انهن جون پاڻ ۾ مائٽيون آھن، جيئن راڄڙ، پنهور، مهر، سما، سومرا، ٿيٻا، متوا وغيره. ڪنھن زماني ۾، اھو سڄو حصّو، ويندي ڪاٺياواڙ تائين، سنڌ جي زير اثر پڻ رهيو ھو. ڪجهہ وقت اڳي تائين، اچ-وڃ جو سلسلو پڻ ھلندڙ ھو. ھينئر سڄي رڻ واري ايراضي، ڪنڊيدار تارن لڳڻ ڪري ڪٽجي وئي آھي.

ٻليارُ/ٻلهيار:

سنڌ ۾، جڏهن سنڌو درياھ، بنا روڪ ٽوڪ مست پيو وهندو ھو ۽ پنھنجا رخ پيو بدلائيندو ھو، ان مان ڪيتريون ڍنڍون، ڍورا، واھڙ، وهندڙيون، مختلف علائقن ۾ وهي اينديون ھيون. اھڙين وهندڙين يا وهڪرن مان ٻليارُ يا ٻلهيار بہ ھڪڙو وهڪرو ھو، جيڪو سنڌو درياھ جي شاخ طور وهندو ھو، جنھن ۾ ٻيا بہ ڍورا اچي ڇوڙ ڪندا ھئا. اھا شاخ موجودہ بدين ضلعي جي اڀرندي ڀاڱي، ۽ موجودہ سجاول ضلعي جي تعلقي ميرپور بٺوري وٽان وهندي ھئي. جڏهن ھن خطي جو حاڪم، جسوڌڻ آگرو ھو، تڏهن درياھ جو ھڪڙو وهڪرو، پٽيھل ڍوري مان نڪرندو ھو. ان سان گڏ، ٻيو ڍاڳي ڍورو پڻ ڦٽندو ھو ۽ انهن ٻنهي ڍورن جو وهڪرو، ٻليار جي وهڪري ۾ ڇوڙ ڪندو ھو. انهن اھڃاڻن جو ذڪر، شاھ لطيف پنھنجي سر ڏهر جي ھيٺئين بيت ۾ ڪيو آھي. سر ڏهر ۾، شاھ لطيف گهڻن ئي ڪردارن تي شاعري ڪئي آھي. مثال طور، ڪونجن جي باري ۾، ڪجهہ حمديه شاعري، ڪجهہ لاکي ڦلاڻي ۽ اوڏڻ بابت، بہ شاعري ھن ئي سُر جو حصو آھي.

جَڏِهِن ڍاڳِي ڍورُ، ٻَئِي وَهَنِ ٻَلِيارَ ۾،

تَڏهن تاجَڙُينِ طورُ، ھئو جَسوِڌنِ سين.

(شاھواڻي،غلام محمد، 2005ع،’شاھ جو رسالو‘، سر ڏهر، داستان 1، بيت 8، ص:869)

ٻَني:

اُھا ايراضي جيڪا ’ٻَنيءَ‘ جي نالي سان مشھور آھي، تنھن کي عام طرح ڏاڏي آدمؑ جي ٻَني ڪوٺيو وڃي ٿو، ھن وقت ھندستان ۾ آھي، جنھن جو شاھ لطيف جي ڪلام ۾ بہ ذڪر ملي ٿو.

ٻنيءَ جا آثار، ٻن ماڳن تي آھن، جن مان پھريان، ’رڻ ڪڇ‘ جي ڏاکڻي ڪناري سان، ھڪ ’ٻيٽ‘ جي شڪل ۾ موجود آھن، جنھن جي ڊيگهہ پنجانوي ڪلوميٽر ۽ ويڪر ٻاويهه ڪلوميٽر آھي.

ٻَنيءَ جي اوڀر طرف جيڪي ٻيا ٻيٽ آھن، تن ۾ مشھور ٻِيٽ، ’کريڙ‘ ۽ ’ٻيلو‘ آھن. اتر ۽ اولهہ ۾ وري، ’پڇم‘، ’پانور‘ ۽ ’کائوڙ‘ ٻيٽ آھن. شاھ لطيف، سُر ڏهر ۾ نہ رڳو انهن ٻيٽن کي ڳايو آھي، پر انهيءَ علائقي جي مشھور جبلن جھڙوڪ:’ڪيرو جبل‘، ’جھُرو جبل‘، ’هَٻو جبل‘ ۽ ’لوڻو جبل‘ کي پڻ ڳايو آھي.(جن جو ذڪر ڌار ڪيل آھي.)

ٻنيءَ جو ذڪر ڪندي شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ:

جهُريي ڏيئِي جهوڪَ، ٻَنِيَان ٻَھَرِ مَ نِڪَرو،

لُوڻي مٿان لوڪَ، لاکي ڪَئِين لَڏائِيا.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر ڏهر، داستان 3، بيت 12، ص:165)

ٻَنيءَ جي ايراضيءَ کان، سنڌ جي ھاڻوڪي سرحد، ھڪ سؤ ڪلوميٽر، ڏيپلو ۽ راھموڪي بازار 75 ڪلوميٽر، سما ننگر يا ساموئيءَ جا کنڊر 75 ڪلوميٽر پري آھن.

ٻنيءَ واري ھيءَ ايراضي، جيڪا ھن وقت ھندستان جي ڪڇ ايراضيءَ ۾، گجرات رياست ۾ آھي، اھا قديم دؤر ۾، سنڌ سان شامل ھئي، جنھن جا اثر اڃا بہ اتي باقي آھن. ٻنيءَ لاءِ گهڻيون ئي روايتون آھن تہ اِھا ايراضي (ٻني) قديم دؤر کان وٺي، 1970ع تائين، آباديءَ کان وانجهيل رهي، جنھن لاءِ ھتي جي ماڻهن جي سيني بہ سيني اِھا ڳالهہ ھلندي آئي آھي تہ اھا ڌرتي جيئن تہ انسان ذات جي وڏي، ڏاڏي آدمؑ آباد ڪئي ھئي ۽ ان جي ئي نالي سان منسوب ۽ مشھور آھي، تنھن ڪري قديم دؤر کان ان ۾ پوک ڪرڻ جي منع ڪيل آھي. ٻنيءَ جي سڄي تر ۾، مور پکي تمام جهجهي انداز ۾ آھي، جنھن لاءِ اھو مشھور آھي تہ مور، ڏاڏي آدمؑ سان گڏ، بھشت مان آيو ھو.

سنڌ توڙي ڪڇ جي حاڪمن جي قبضي دؤران، ھتي اھو قانون رهندو آيو آھي، تہ جيڪو بہ ماڻهو ٻنيءَ جي ايراضيءَ ۾، گهر اندر توڙي ٻاھر ڪجهہ بہ پوکيندو تہ ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڇھ مھينا قيد جي سزا ھوندي.

ٻَنيءَ جا ٻيا آثار، انهيءَ رڻ ڪڇ واري ٻنيءَ کان اٽڪل 120 ڪلوميٽر پري، اتر طرف آھن. جنھن ۾ سامارو، ڪوٽ غلام محمد ۽ ڊگهڙيءَ جا تر اچي وڃن ٿا، جيڪي قديم دؤر جي ٻن درياھن، پراڻ ۽ الهندي ھاڪڙي جي وچ ۾ اچي ٿي ويا.

ٻنيءَ جي ھن ايراضيءَ ۾، ’اڀرندي ناري‘ ۽ ’پُراڻ‘ جي پٽ جون ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ايراضيون اچي وڃن ٿيون، جيڪي مختلف نالن سان مشھور آھن، جن کي پنھنجي پنھنجي تاريخ ۽ ثقافت آھي.

ٻيلو / لس ٻيلو:

ٻيلي جو ذڪر، شاھ لطيف، پنھنجي رسالي جي سُرپرڀاتيءَ ۾، ’ڄام سپڙ چوٽاڻيءَ‘ جي مناسبت سان ڪيو آھي:

ٻاجهاڻُو ٻيلي ڌَڻِي، ٻجهان ٻاجَهه ٿِئِي،

سَپَڙَ سا سُئِي، جيڪا چَارَڻَ چِتَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پرڀاتي، داستان 1، بيت 13، ص:860)

مٿئين بيت ۾ آيل لفظ، ’ٻيلي ڌڻي‘ بابت، شاھ جي رسالي جي مرتبن مختلف رايا ڏنا آھن. غلام محمد شاھواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’ٻيلي ڌڻي‘ مان لس ٻيلي جو ڌڻي، سردار يا مالڪ جي مُراد ورتي آھي، جڏهن تہ ٻانهون خان شيخ، ٻيلي جي معنيٰ ’ڪڇ جي رڻ ۾، ھڪ ٻيٽ‘ قرار ڏي ٿو.

ٻانهون خان شيخ، ’ٻيلي ڌڻي‘ جي معنيٰ، ھن ريت لکي آھي:”ڪڇ جي ڪناري تي واقع ٻيلي جي ٻيٽ جو حاڪم يعني سپڙ ڄام.“(شيخ، 2012ع، ص:276)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’شاھ جو رسالو، شاھ جو ڪلام‘ جلد ٽئين ۾، سُر پرڀاتيءَ جي حوالي سان لکي ٿو:”هن سُر جو خاص موضوع، لس ٻيلي جي واليءَ، سپڙ ڄام جي سخا آھي.“(بلوچ، 2014ع، ص:34)

غلام محمد شاھواڻي بہ ’ٻيلي ڌڻي‘ مان ’لس ٻيلي‘ جو ڌڻي مراد ورتي آھي. ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، پنھنجي ڪتاب، ’لطيفي سئر‘ ۾، ڄام سپڙ کي لس ٻيلي جو سخي سڏيو آھي. ج.ع. مُنگهاڻيءَ، ھن سلسلي ۾ پنھنجي راءِ ھن ريت لکي آھي:”لطيف جا سڀئي ڪردار اسان سڀني جا گڏيل دادلا ڪردار آھن، پر ھتي ’سر پرڀاتي‘ ۾ آيل، لطيف جو دادلو ڪردار، منھنجي ئي پٽن (لس ٻيلي ۽ ڪوهستان) جو سخي ڄام سپڙ چوٽاڻي رونجهو آھي.“(مانجهي، 2010ع، ص:40)

لس ٻيلو، ھن وقت پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو ھڪ ضلعو آھي، جيڪو ڪراچيءَ جي اولهہ ۾ واقع آھي. انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا موجب، ’لس ٻيلي‘ جو پراڻو نالو، ’ارمابيل‘ ھو. لس ٻيلي جي اتر ۾، خضدار ضلعو، اوڀر پاسي کيرٿر جو جابلو سلسلو آھي، جيڪو کيس، سنڌ کان جدا ڪري ٿو. ھن جي ڏکڻ طرف سمنڊ ۽ اولهہ طرف ھالار جابلو سلسلو آھي.

لس ٻيلي جي تاريخي قدامت بابت، ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ آھي تہ ھتي شيرين فرهاد جي قبرن کان سواءِ، نھايت ئي پراڻي دؤر جڏهن، انسان غارن ۾ رهندو ھو، ان وقت جي انساني آباديءَ جا آثار غارن جي صورت ۾ موجود آھن. ھن ضلعي ۾، سنڌي قبيلا گهڻائيءَ ۾ رهن ٿا، جيڪي پنھنجو مخصوص، ’لاسي‘ لهجو ڳالهائيندا آھن. انهن قبيلن ۾ رونجها، شيخ، ٻُرا، برفت، اڱاريا، ڇٽا، ڀُوتاڻي ۽ ٻيا شامل آھن. شاھ لطيف، لس ٻيلي جو ذڪر سُر پرڀاتيءَ ۾، ھن ريت ڪيو آھي:

ڏڏُ ٿِي ڏانَ گُهرِجِ تون، ڇَڏِ وِڄا وِڃائٖي،

سَپَڙَ راتِ سنباھِيا، تازِي تو لائٖي،

جو ڄاڻي نَه ڳائٖي، تنھن سين ٻيلي ڌَڻِيءَ ٻاجَهه ڪِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پرڀاتي، داستان 1، بيت 15، ص:861)

ڀٽ:

ڀٽ، ڪراڙ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ھڪ واريءَ جو دڙو ھو، جتي شاھ لطيف، جوانيءَ وارن ڏينھن ۾ ايندو رهندو ھو ۽ آخر پنھنجي فقيرن سان گڏ، ڀٽ کي آباد ڪيائين. (وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو، جلد پھريون، عنوان:’ڀٽ شاھ جو تعارف‘، ص:218)

شاھ لطيف، ڀٽ جو ذڪر سُر سارنگ ۾، ھن ريت ڪيو آھي:

ڀِرِي ڀِٽَ تي آئيو، سارَنگُ سِهَجَ مَنجها،

کِڙِيُون کٽڻهار جيئن، وِڄُون اُتَرَ وا،

سَرها سَبِزا ٿِيا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِيا،

پَھرِي پَٽَنِيا، ڀَريائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر سارنگ، داستان 2، بيت 2، ص:692)

ڀُڄُ:

ڀُڄُ، ھڪ شھر جو نالو آھي، جيڪو ھن وقت ھندستان ۾، ڪڇ جو ھڪ مرڪزي شھر آھي. ھي شھر، لکپت کان 29 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي.

شاھ لطيف، ’سُر سارنگ‘ ۽ ’سُر ڏهر‘ ۾، ھن ماڳ جو ذڪر ڪيو آھي:

ڪَنِهين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪنِهين ڍٽَ مٿي ڍارَ،

ڪَنهِين عُمر ڪوٽَ تان، وسايا وَلهارَ،

سائِين سدائين، ڪَرِين مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،

دوستَ مِٺا دلدارَ، عَالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2015ع) ’شاھ جو رسالو‘سُر سارنگ، داستان 4، بيت 23، ص:2114)

ڀُڄئان ڀُلي پيرُ، وِڌو راءَ رِڪيبَ ۾،

ڪَڇَ رَهَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُن سين؟

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 35، ص:878)

ڀُڄُ، ماضي ۾ ڪڇ رياست جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. ھي شھر، ڪڇ جي حاڪم، راءِ کنگهار، 1548ع ۾ جوڙايو ھو. ھن شھر تي اھو، نالو ان ڪري پيو، جو اھو ’ڀجيه‘ (ڀجنگ) يعني نانگ ديوتا کي ارپيل ھو. ھي شھر، لکپت کان 29 ڪلوميٽر کن پري آھي. شاھ لطيف جي ڏينھن ۾، ڀڄ جي حالت ضرور ٻي ھوندي، ڇاڪاڻ تہ 16 جون، 1819ع تي ھتي ھڪ خوفناڪ زلزلو آيو، جنھن ۾ ھن شھر جون (سرڪاري ڪاٿي موجب) ساڍيون ٻارهن سؤ حياتيون چٽ ٿي ويون ھيون. ھن وقت جيڪي جايون اتي آھن، تن مان اڪثر زلزلي کان پوءِ، جون جوڙايل آھن. ڀڄ ۾، 2001ع ۾ به، زبردست زلزلو آيو ھو، جنھن ۾ پڻ تمام وڏو نقصان ٿيو ھو.

ڀنڀور:

ڀنڀور جي ڦٽل شھر جا آثار، اڄ بہ زبونيءَ واري حالت ۾ گهاري کان 8 ڪلوميٽر ۽ ڪراچيءَ کان 63 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آھن. ھن ڦٽل شھر جي بلڪل ويجهو، ڏکڻ-اوڀر ۾ عربي سمنڊ اڄ بہ موجود آھي. ھي شھر، شاھ لطيف جي سڀ کان وڏي ۽ گهڻ داستاني سُر، ’سسئي پنهونءَ‘ جي ذڪر ڪري مشھور ٿيو. سسئي، ’ٻانبڻا‘ شھر ۾ پيدا ٿي، پر پلي نپني ڀنڀور ۾، ’محمد‘ نالي ھڪ کٽيءَ جي گهر ۾ ھئي. ھي قصو، سنڌ ۾ دلوراءِ جي حاڪميءَ وارن ڏهاڙن جو آھي، ’دلوراءِ داناءَ‘ جي نالي سان بہ مشھور ھو. محمد سومار شيخ چواڻي تہ:”ڀنڀور جو شھر جيڪو پوءِ ڪن ليکڪن ڀل وچان ديبل قرار ڏنو، اھو اصل ۾، ’ٻن وهار‘ ھو، جتي گوتم ٻڌ وارن جو وڏو ’وهار‘ قائم ھو.“(شيخ 1986ع، ص:34)

شاھ لطيف، ھن داستان بابت، پنج سر، سسئي آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر حسيني ۽ سُر ڪوهياريءَ جي عنوانن ھيٺ، سسئي ۽ ڀنڀور جو ذڪر ڪيو آھي. سر آبريءَ ۾ چوي ٿو:

ويههُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ،

جِمَ وِرِچِي ڇَڏيئين، سَندو گُنگنِ گَسُ،

ڏورَڻ مَنجھان ڏَسُ، پُوندءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 2009ع’شاھ جو رسالو،‘ سر آبري، داستان-1، بيت:13، ص:174)

وِيهُه مَ، مُنڌَ! ڀَنڀَورَ ۾، ھاڙيٖ ھَڏِ مَ ھَلُ،

ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِهين، سَچي ڳالهہ مَ سَلُ،

جانِب لئٖي مَ جَلُ، سُورُ وِسارِ مَ سَسُئِي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پرڀاتي، داستان 1، بيت 16، ص:287)

شاھ لطيف، ھڪڙي وائيءَ ۾، ڀنڀور جو ھن طرح ذڪر ڪندي پنهونءَ کان پڇي ٿو:

تو کي ڪِھڙي آندو سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀَور ۾.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 2009ع ’شاھ جو رسالو‘سرآبري داستان 10، وائي 2، ص:191)

سُر معذور جي داستان ٻئي ۾، ڀنڀور جو ذڪر، ھن ريت ورجايو اٿس:

مَرُ تہ مِڙِين سَسُئِي، اَجَلان اڳي اڄُ،

جان ڪِين ھُئين جِيَرِي، مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ،

پُنهونءَ ساڻُ پَھَڄُ، تہ مَلَڪُ المَوتِ مارِيين.

(بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 2009ع، ’شاھ جو رسالو‘ سر معذوري، داستان-4، بيت-2. ص:199)

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، انهيءَ دؤر ۾، ڀنڀور وڃڻ جي واٽ ڏسندي، ڀنڀور جي باري ۾ لکي ٿو:” اتي ڀنڀور راءِ نالي ھڪ راجا راڄ ڪندو ھو. ھاڻي اھو شھر اجاڙ ٿيو پيو آھي، پر ان جو ويراڻو ظاھر پيو آھي.“(آڏواڻي، 1989ع، ص:25)

ڪجهہ ورهيه اڳ، ئي ڀنڀور جي ڦٽل شھر جي کوٽائي ٿي ھئي، جنھن مان ڦٽل شھر جا آثار ۽ ٻيون قيمتي شيون ھٿ آيون ھيون. ارڙهين ترميم کان پوءِ، جڏهن جهونا آثار، سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ نوادرات کاتي جي حوالي ٿيا، تڏهن کان ڀنڀور شھر جي کوٽائيءَ جو ڪم، مقامي توڙي پرڏيهي ماھر ڪري رهيا آھن. توقع آھي تہ، کوٽائيءَ جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، ڀنڀور بابت، وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون.

ٿر:

ٿر، سنڌ جو اھم وارياسو ۽ ڀٽن وارو علائقو آھي، جيڪو مٺي ضلعي ۾ آھي. ھي ضلعو سنڌ جي اڳوڻي، وڏي وزير، ارباب غلام رحيم جي دؤرِ (2002-2007ع) ۾ قائم ٿيو، جيڪو حقيقت ۾ انگريز حڪومت واري دؤر ۾، 1882ع ڌاري، ”جيڪا ايراضي ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر تعلقن تي ٻڌل ھئي، تنھن کي ضلعي جي شڪل ڏئي مٿس ’ٿر ۽ پارڪر‘ جو نالو ڌري، ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي سنڀال ۾ ڏنو ويو ھو. “(يوسفاڻي، 2006ع،ص:9)

ھن ضلعي جي قدامت ان مان ملي ٿي:”هن ضلعي جي ڏکڻ ۾، کريڙ ۽ پڇم وارن علائقن جي لڳ، ’ٻنيءَ‘ جو علائقو آھي، جنھن کي عام طرح ڏاڏي آدم جي ٻني ڪوٺيو وڃي ٿو. جيڪا قديم دؤر کان، آدمؑ جي نالي سان نسبت ھئڻ سبب آباد نٿي ڪئي وڃي.“(يوسفاڻي، 2006ع، ص:12) معمور يوسفاڻي، اڳتي لکي ٿو:”ساماري تعلقي ۾، ھيرل واھ جي 13 ميل (21 ڪلوميٽر) واري موريءَ جي قريب ھڪ ايراضيءَ جو نالو بہ ڏاڏي آدم جي ٻني آھي، جنھن لاءِ پڻ ڪافي روايتون مشھور آھن.“(يوسفاڻي، 2006ع، ص:12)

اڳ نہ رڳو ھي علائقو واريءَ جي رڻ ۽ ڀٽن ڪري يا ڪارونجهر جبل جي ڪري مشھور ھو، پر ھاڻ تہ ٿر، ڪوئلي جي ذخيرن جي ڪري، سڄي ملڪ ۾، وڌيڪ اھميت حاصل ڪري چڪو آھي.

ھن ضلعي ۾، ڪافي تعداد ۾، تاريخي ماڳ ۽ انهن سان گڏ، ھندومت ۽ جين مت وارن جا مشھور مندر ۽ ڪيترن ئي جهونن آثارن جا کنڊر پڻ موجود آھن. ”هن ضلعي جي آثارن ۾، ’داسڙي جو ڀِڙو‘، ’ايسوڙي‘ ۽ ’نهٽو‘ وغيرہ اھڙا آثار آھن، جن لاءِ گهڻي وقت کان وٺي ماھرن جو اھو خيال رهندو پئي آيو آھي تہ، اھي موهن جي دڙي کان بہ پراڻا، نہ تہ بہ ان جا ھمعصر ضرور آھن.“(يوسفاڻي، 2006ع، ص:13)

ھن علائقي کي، شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾، ’مارئيءَ‘ جي داستان جي ڪري بہ اھميت ملي آھي ۽ خاص ڪري ٿر جو علائقو جيئن تہ سنڌ جو باراني علائقو آھي. ھتي مينھن ئي آباديءَ ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻبو آھي، ٻيءَ صورت ۾ ھتي ڏڪار جي صورتحال پيدا ٿيو وڃي، جنھن ۾ نہ صرف انسان پر جانور ۽ پکي پکڻ بہ موت جي ور چڙهيو وڃن. سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻي آھي تہ، ’وسي تہ ٿر نہ تہ بر جو بر.‘ شاھ لطيف، سُرسارنگ ۾ ٿر جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وٺَا، ڀريُون تَرايُون،

پرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،

مَکَڻَ پَريُنِ ھَٿڙا، سَنگهاريُون سايُون،

ساري ڏُهَنِ سامُهيُون، ٻولهايُون رايُون،

ٻانهِيون ۽ ٻَايون، پَکي سُونهنِ پانهِنجي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 2009ع، شاھ جو رسالو، سر سارنگ، داستان-3، بيت 12، ص:409)

پارڪر:

پارڪر، سنڌ جي ڏکڻ اڀرندي ڪُنڊ، جابلو علائقي جو نالو آھي. ھن علائقي ۾، شاھ لطيف، سير ۽ سفر ڪيو ۽ اُتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪھڻي ۽ قدرتي نظارن کان خوب واقف ٿيو. انهيءَ جو ذڪر، شاھ لطيف، پنھنجي رسالي جي سُر سارنگ ۾ ڪيوآھي. ننگر پارڪر شھر جو تعلق، ھن علائقي سان آھي، جيڪو ضلعي مٺيءَ جي تعلقي پارڪر يا ننگرپارڪر جو ھيڊڪوارٽر آھي. جاگرافيائي نقشي مان پارڪر وارو ٽَڪر، ھڪڙي اُپٻيٽ نما لڳي ٿو، جنھن جي ٽنهي پاسن، ڏکڻ، اولهہ ۽ اوڀر کان وارياسو رڻ آھي.

ھن علائقي تي اِھو نالو ڪيئن پيو؟ انهيءَ بابت، منگهارام اوجها موجب:”پارڪر جي ڀر وارو ڪڇ جو رڻ، اڳي سامونڊي ’کاري‘ ھو. ماڻهن کي اھا ’کاري‘ پار ڪرڻي پوند ي ھئي، سو اُن کي چوندا ھئا:’پار اُڪر‘ جنھن مان ڦري ٿيو ’پارڪر‘. ان بابت، ھڪڙي ڏند ڪٿا بہ مشھور آھي، جنھن موجب، اھو نالو ’پاراسر‘ نالي رشيءَ تان پيل آھي، جنھن ...’ساڙڌري‘ کان ڪجهہ مٿڀرو ھڪڙو ھنڌ آھي، اتي اکنڊ تپسيا شروع ڪئي.“(اوجها، 1988ع، ص:1 ۽ 2)

ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو:”ڪرنل ٽاڊ جي لکڻ موجب، ’پارڪر‘ لفظ اصل ۾ آھي ’پارکار‘ يعني ’کاريءَ جي پار‘ يا ’لوُنيءَ جي پَرئين ڀر‘. ننگر پارڪر جي اڀرندي طرف، جوڌپور رياست آھي، جنھن جو ڳچ ڀاڱو، ’لوُڻي‘ يعني ’لوڻاٺيل‘ يا ’ڪلراٺو‘ آھي. اُتان جيڪا ندي وهي ٿي، سا بہ انهي سبب، ’لوُڻي‘ سڏجي ٿي. اھا ندي، پُشڪر راڄ وٽان ھلي، ننگر پارڪر جي ڏکڻ طرف، ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ھاڻي چڱيءَ طرح سمجهڻ ۾ ايندو تہ ’ننگر پارڪر‘ معنيٰ اھو شھر يا علائقو جو ’کاريءَ جي پار‘ يعني ’لوڻيءَ جي پرَئين ڀر‘ آھي.“(آڏواڻي، ڀيرو مل، 1989ع، ص:61 ۽ 62)

ننگرپارڪر جو شھر، گڊڙي ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ طرف، 160 ڪلوميٽر خشڪيءَ جي پنڌ تي آھي، جنھن جا پھريان 134 ڪلوميٽر (ڳوٺ ويرا واھ تائين) واريءَ جون ڀٽون ۽ پويان 26 ڪلوميٽر (ويرا واھ کان اڳتي) سنئون پٽ آھي.

ننگر پارڪر تعلقي جي اتر ۾، تعلقو ڇاڇرو، اوڀر ۾ جوڌپور (راجسٿان)، اولهہ ۾، تعلقو مٺي ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ آھي. ڏکڻ ۽ اوڀر پاسا رڻ کي تمام ويجها آھن تنھن ڪري کاڌل يعني لوڻاٺيل آھن ۽ وچ ننڍو ٿي پيو آھي.

ننگر پارڪر شھر جي پسگردائيءَ واري 39 ڪلوميٽر جي پَٽ (تعلقي ننگر پارڪر) کي ’پارڪر‘ ۽ ’ڪنٺي‘ وارو ڀاڱو چئبو آھي ۽ ٻئي حصي کي ’ٿر‘ وارو ڀاڱو ڪري چوندا آھن، جتي واريءَ جون ڀٽون آھن. ’پارڪر‘ وارو ڀاڱو، گهڻي ڀاڱي پٿريلو آھي، جيڪو ننڍين ۽ وڏين ٽڪرين تي ٻڌل آھي. سڄي تعلقي جي آبھوا، ڀٽن واري علائقي جيان سياري ۾ سرد اونهاري ۾ گرم رهي ٿي.

ڪارونجهر جبل، ھن شھر جي خاص سڃاڻپ آھي، جيڪو شھر جي ڏکڻ ۽ الهندي پاسي گولائي قطار جي صورت ۾، اٽڪل 25 ڪلوميٽر ۾ پکڙيل آھي، جتي ھر سال ھزارين سياح گهمڻ ايندا آھن. ڪارونجهر ۾ ھندن جا آستان جھڙوڪ:ساڙڌڙو، الک واوَ (لڪل کوھ)، اَنچِلِيشُوَرِ، ناني، ڀيم گوڏا، گئو مُکي، پُنراج گڍ، چندن گڍ، ٻاين جو ٻَيسڻو، جهرڻو، ڀونئرو وغيرہ ڏسڻ وٽان آھن، جتي پڻ پري پري جي ياترين جي اچ وڃ لڳي پئي ھوندي آھي. انهيءَ کان علاوہ، تروٽ (انگريز، جنھن اتي جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو) جو ٿَلهو پڻ اتي ئي آھي.

ننگرپارڪر جي آسپاس، ڪيترائي تلاءُ آھن، ’راڻا سر‘ نالي ھڪ تلاءُ، شھر جي الهندي پاسي آھي. ھتي ڪيتريون صديون راڻن جو راڄ ھو، جن جي نالي ماتر گادي اڄ تائين ھلندي اچي. انهن راڻن جون جايون انهيءَ تلاءَ وٽ ھيون، تنھن ڪري اھو نالو پيو. ’نريا سر‘ نالي ھڪ تلاءُ، شھر کان 6 ڪلوميٽر پري اتر اڀرندي طرف آھي. اھڙي طرح ٻيا بہ ڪيترا تلاءُ، آسپاس آھن. جھڙوڪ:ڀوڏيسر، ڀاڻيسر، ڪجلا سر، سنگها سر ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا تلاءُ ۽ ڍنڍون آھن، جن ۾ اٺن کان ٻارهن مھينا پاڻي ھوندو آھي.

ننگر پارڪر، ويرا واھ، ڊابو، آڌيگام ۽ ڏونگري ھن تعلقي جا مکيه شھر ۽ ڳوٺ آھن. ھن علائقي ۾، وسندڙ ذاتين مان:سيد، کوسا، سما، چانڊيا، ساند، خاصخيلي، سومرا، کوکر، رند، نُهڙي، راھما، شيدي، حجام، ڪنڀار، مڱڻھار، لنگها، منڱريا، لنجا، ڏيٿا، جوڻيجا، سنگراسي، ھاليپوٽا، سميجا، راڄڙ، جيسر، ڀٽي، جنجھي، ٿيٻا، ديدار، اوٺا، چنا، ڪيريا، ڏوهٽ،ڪيلهڻ، گجو، ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي، ڀنگي، مالهي، برهمڻ، جين، لوهاڻا، راجپوت، ريٻاري، سوٽھڙ، چارڻ، جاٽ، سونارا، کٽي، حجام، سامي، لوهار،جويا، بجير وغيرہ آھن.

ھتي جي مينھن جي مند، ڏاڍي دلفريب ھوندي آھي، جنھن سبب سڄو علائقو سائو ستابو ۽ خوشحال ٿيندو آھي. مور پيا ٽھُوڪا ڏيندا آھن ۽ سارا سَر ڀرجي ويندا آھن. انهيءَ جي شاھدي شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ھيئن ٿو ڏي:

ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پييُون، پاسي پارِڪَرَ،

سَڀيئِي ڀَرِيا سَرَ، پَلَرَ جي پالوٽ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 5، ص:698)

ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو:”شاھ صاحب کنڀات کان ھلي، گجرات جا پٽ لتاڙي، سنڌ ڏي رخ رکي ھليو ۽ ننگر پارڪر کان ڏيپلي وارو رستو وٺي، پُراڻ جو پتڻ لنگهي، پنھنجي ماڳ موٽيو ھو.“(آڏواڻي، ڀيرومل، 1989ع، ص:60)

معمور يوسفاڻيءَ مطابق، شاھ لطيف بروُئڙ، ليؤر، نوهٽي، سيريين، ڪپوراڙي، ڪلري، مهراڻي، کاھڙ کان پارڪر ويو ۽ اتان کان اڳتي پائر طرف پنڌ پيو. جڏهن تہ شاھ لطيف جي پارڪر طرف واٽ متعلق بدر ابڙو ٻہ خيال رکي ٿو:”يا تہ ھو ڪڇ کان واپسيءَ مهل، رهمڪي بازار واري پاسي، ويڙهي جهپ ويو ھوندو... ويڙهي جهپ کان پوءِ، مارئيءَ جي ڳوٺ ڀالوا، گوڙيمندر، پارڪر، ڍٽ پائر وارا پاسا ۽ عمر ڪوٽ ڏٺو ھوندائين ۽ پوءِ کپري واري واٽ کان واپس ٿيو ھوندو. ٻيو امڪان اھو آھي تہ ڀٽائي، وسڪاري واريءَ مند ۾، خاص طور تي ٿر جي سفر لاءِ سنڀريو ھوندو. جڏهن ھن سُر سارنگ جي رچنا ڪئي. ان سفر دؤران ھن، کپري ۽ عمر ڪوٽ کان ڀِٽون لتاڙي، پارڪر، مٺي ۽ ويڙهي جهپ واري واٽ ورتي ۽ پوءِ ڪڇ جو چڪر بہ ھنيو. حقيقت اِھا آھي تہ ٿر، رڻ ڪڇ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ جيسلمير جي علائقن کي ڪيئي واٽون ھڪٻئي سان ڳنڍين ٿيون، تنھن ڪري صحيح واٽ جو تعين ڪجهہ ڏکيرو ڪم آھي.“(ابڙو، بدر، 2000ع، ص:159 ۽ 160)

پائُر / پاور / پاور پٽي :

ھي ھڪ ايراضيءَ جو نالو آھي، جنھن کي سنڌ ۾ پائُر ۽ ھند ۾ پاور يا پاور پٽيءَ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

معمور يوسفاڻي، پنھنجي مقالي ’سُر ڏهر جو مطالعو‘ ۾ پائُر جي جاگرافيائي بيھڪ بابت لکي ٿو تہ، عام طرح ’پائُر‘ ٿر جو ڏاکڻو ڀاڱو، جيڪو ڪڇ جي رڻ سان لڳو لڳ آھي، پائُر سڏجي ٿو، يعني سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ واري علائقي کي ’پائر جو ٿر‘ چوندا آھن.

جڏهن تہ ڪلادر متوا موجب، ’پائُر يا پاور پٽي ڪڇ جي ٻن جاگيرن، رودر ماتا ۽ ٿان جاگير جي ايراضيءَ تي پکڙيل آھي؛ جنھن جو اُتر وارو پاسو، ٻنيءَ جي ڏاکڻي حد سان ملي ٿو ۽ ھن جي اوڀر ۾ ھٻو جبل آھي. پائُر يا پاور پٽي جابلو علائقو آھي، جنھن ۾ ’رُودر ماتا‘، ’جُهرو‘، ’پالکي‘، ’ڏيڻوڌر‘ جھڙا وڏا جبل شامل آھن.

ڏيڻوڌر جبل تي ’دُورم ناٿ‘ جوڳيءَ جو مندر آھي. ھن ايراضيءَ جو ڳوٺ ’نيروڻو‘ ھٿ جي ھنر جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. پائُر يا پاور پٽيءَ جي ايراضيءَ ۾ ماڻهن جو گذر سفر ٻني ٻاري ۽ چوپائي مال پالڻ تي آھي. ھتي باراني پوک ٿيندي آھي. ان کان سواءِ پائُر يا پاور پٽيءَ جي ڪجهہ حصن جھڙوڪ، ڍوري سومرا سَر کان وٺي لوريو، جهرو ۽ نيروڻيءَ ۾ ڊيم ۽ کوهن جي پاڻي تي پڻ پوک ٿيندي آھي.‘

شاھ لطيف، ھن ماڳ جو ذڪر، ھن ريت ڪيو آھي.

بَرَ وَٺا ٿَرَ وَٺا، وٺو جيسَرُ ميرُ،

آگَمَ ڪَري، آئِيُون، پائُرِ ڀَري پيرَ،

لاٿائون لَطيفُ چي. وانڍِيُنِ مَٿان ويرَ،

سَرَها ڪِيائون سِيرَ، سَرَهِيُون سَنگهارِيون ٿِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد،(2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 27، ص:698)

پَٻُ:

پٻ ھڪ جبل جو نالو آھي، جيڪو بلوچستان صوبي جي لس ٻيلي ضلعي ۾ آھي. ھالار جبلن جي ڏاکڻي قطار کي پٻ جبل چئبو آھي، جنھن جون چوٽيون پنج يا ڇھ ھزار فوٽ مٿانھيون آھن. ھن جبل جا گَهٽَ ۽ گهيڙ، لڪ ۽ لڪيون نھايت ئي خوبصورت آھن. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي موجب، پٻ جبل ۾ واھيون آھن، جن تي انب، انجنير، ڏاڙهون، ڪيوڙا ۽ جهنگلي نارنگيون ٿين ٿيون. شاھ بلاول نورانيءَ ھتي اچي چلا ڪڍيا، جنھن جي درگاھ جي ڪري ئي ھتي اڄ تائين ماڻهن جي اچ وڃ آھي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي وڌيڪ لکي ٿو:”شاھ بلاول جي درگاھ کان ڏيڍ ڪوھ (5 ڪلوميٽر) اورڀرو پٻ جبل جي پيٽ ۾، ھڪ وڏو جبل جو صفحو آھي، جنھن کي لاھوت سڏين ٿا.“ (آڏواڻي، ڀيرومل، 2012ع، ص:32)

ڪراچي جي ھاڪس بي کان 17 ڪلوميٽر جي پنڌ تي جبلن جي ھڪ قطار نظر ايندي، جيڪا انسان جي پير جي پٻ وانگر لڳندي آھي. ٿي سگهي ٿو تہ انهيءَ ڪري ئي ان جو نالو، پٻ جبل پيو ھجي. شاھ لطيف، سُر سسئي آبريءَ ۾، ھن جبل جو ذڪر ڪيو آھي.

کُھِي جا کَنيائِين، وِکَ تنھن ويجِهي ڪَئِي،

ڇِڪي ڇِنائين، پَنڌُ مِڙوئي پَٻَ جو.

(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 9، بيت 8، ص:207)

شاھ بلاول جي درگاھ کان 5 ڪلوميٽر اوڀر ۾، پٻ جبل جي پيٽ ۾، جبل جو ھڪ وڏو صفو آھي، جنھن کي لاھوت سڏيو وڃي ٿو. مٿئين بيت مان ظاھر ٿئي ٿو تہ جوڳي ۽ ڪي ٻيا فقير درويش پٻ ويندا رهندا ھئا، ڇاڪاڻ تہ اُتي شاھ بلاول جي درگاھ موجود آھي، جنھن کي ’پٻ جو پھلوان‘ بہ سڏيندا آھن. ھن جوءِ ۾ ھڪ غار آھي، جنھن لاءِ روايت آھي تہ اھا سڌو ’ڀلي پار‘ يعني عربستان وڃي ٿي. ان کان علاوہ، اُتي جي فقيرن بابت، ٻيون بہ ڏند ڪٿائون مشھور ڪيون آھن. مطلب تہ پٻ جبل، صدين کان ھڪ مقدس مقام آھي. اڄ بہ عقيدتمند، وڏيءَ اُڪير سان اوڏانھن ويندا رهن ٿا.

پٽيھل:

ھي، سنڌؤَ جي ھڪ آڳاٽي وهڪري جو نالو آھي. ھن کي پٽھيل ڍوري جي نالي سان پڻ ڄاتو وڃي ٿو. ھي وهڪرو ڪنھن دؤر ۾، ڪڙئي گهنور جي اُتر-اولهہ ڪنڊ تي 11 ڪلوميٽر جي پنڌ تي، آڳڙيءَ وٽان وهندو ھو ۽ احمد راڄو ڳوٺ جي اُڀرندي کان ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪندو ھو. پٽيھل، سنڌو درياھ جي پنجن پراڻن وهڪرن مان ھڪ ھو.

محمد سومار شيخ، پنھنجي ڪتاب، ’لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا‘ ۾ لکي ٿو:”پٽيھل درياءَ، ڪڙئي گهنور جي الهندي تان، گولاڙچيءَ جي اڀرندي تان وَهي، مانڌر جي الهندي تان لنگهي، سانڍوهه ۽ وارياڙي نالي ڍنڍن مان گذري، پٽيجي ۾ وڃي ريڻ سان ملندو ھو. واٽ ۾ ھن سان ڳٺو ڍورو بہ رهاڻ ڪندو ھو. پٽيجيءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب سندس نالوئي ’پٽي-ال‘ (پٽيھل) پئجي ويو، يعني ’پٽيجيءَ‘ وارو ’پٽيھل‘. ھي تاريخي ڍورو ھو، جنھن تي، آڳڙي جھڙو آستان آباد ھو. جکري جھڙو شھر وسندڙ ھو. آسيلي، مرزانپور پڻ پٽيھل تي آباد ٿيل وستيون ھيون. جهول ۽ ڪنگهار نالي شاخون ھن درياءَ جون اھم ڇاڙون ھيون. اِھو درياءَ انهن جڳھين کي آباد رکندو پئي آيو، پر ڪلهوڙن جي ڏينھن ۾ اِھي جڳھيون، انهيءَ درياءَ جي وهڪري بند ٿيڻ جي ڪري، غير آباد ٿي ويون ۽ اِھو پاسو ويرانيءَ ڏانھن وڌيو.“ (شيخ، سومار، 1986ع، ص:48)

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ پٽيھل جو ذڪر ڪيو آھي:

سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿيو، ڪَنڌيءَ ڏنو ڪائو،

سو پاڻي پٽيھل ۾، اَڳِيُون نہ آئو،

ماڙهن ميڙائو، ڪِھِين ڪِھِين ڀيڻِيٖين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 1، بيت 9، ص:869)

پُراڻ:

پُراڻ، سنڌو درياھ جو قديم وهڪرو ھو، جيڪو نوابشاھ (هاڻوڪي بينظيرآباد) ضلعي کان گذرندو، سنڌ جي مختلف ضلعن مان ٿيندو بدين ضلعي جي رهمڪي بازار کان 14 ڪلوميٽر ھيٺ ڪوري کاريءَ وسيلي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو.

ھن وهڪري تي ’پُراڻ‘ نالو ڪيئن پيو؟ تنھن بابت، ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ ۾ لکيل آھي تہ:”سنڌوءَ جي وهڪري کي ’پراڻ‘، ان ڪري بہ چيو ويو تہ سنڌو درياھ پنھنجو اھو وهڪرو بدلائي ٻيو وهڪرو اختيار ڪيو. اھڙيءَ طرح ڇڏيل وهڪرو پراڻو يا پراڻ ٿي ويو.“(سنڌيانا، جلد 3، 2011ع، ص:138)

ڪاڪي ڀيرو مل موجب، پُراڻ پراڻي درياھ جو نالو آھي، جنھن ۾ اڳي ڍورو نارو ڇوڙ ڪندو ھو. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام جي سُر سارنگ ۾، پُراڻ جو ذڪر ڪيو آھي:

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون ڪاھي ڪَامَاري،

وُٺَا پَٽَ پُرَاڻِ جا، اُٺِيُون سَامَاري،

ڪَڪَر ۾ ڪَاري، پَسو وِڄَڙِيَنِ ويَس ڪِئَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 3، بيت 11، ص:328)

ھيءَ ندي، سڪرنڊ تعلقي واري ايراضيءَ مان نڪري، ڪڇ جي رڻ مان ٿيندي، لکپت تائين ويندي ھئي.

پنجاب:

”سنڌو ماٿر جي تھذيب (انڊس ويلي سولائزيشن) ۾، سنڌوءَ جو مٿيون علائقو (اپر انڊس ويلي) پنجاب سڏجي ٿو. ان تي اھو نالو پنج + آب = پنج پاڻي واري معنيٰ ۾ پنجن ندين جي وهڻ ڪري پيو.“(سنڌيانا، جلد 3، 2011ع، ص:224)

’پنجاب‘ تي ان نالي، مغل بادشاھ اڪبر اعظم جي دؤر ۾ مشھوري ماڻي. ستلج، راوي، چناب، جھلم ۽ بياس جھڙين ندين سان ھي صوبو، پاڪستان جو ھڪ خوبصورت ۽ آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو صوبو آھي. تھذيب ۽ تمدن جي حوالي سان پنجاب جي پنھنجي ڌار سڃاڻپ آھي، جنھن جي پيٽ مان سنڌو سڀيتا جي ھڙپا ماڳ کان سواءِ دنيا جي ھڪ ٻي قديم تھذيب ’ٽيڪسلا‘ جنم ورتو.

پنجاب جون ھن وقت 10 ڊويزنون ۽ 36 ضلعا آھن، جڏهن تہ ان جي گاديءَ جو شھر لاھور آھي. ھي ڳتيل آباديءَ وارو صوبو آھي. پاڪستان جي ڪُل آباديءَ جو 52.95 سيڪڙو حصو، پنجاب جي ماڻهن تي ٻڌل آھي. ھتي جي ماڻهن جي مکيه ٻولي پنجابي آھي. انگن اکرن موجب، پنجاب ۾ 77.23 سيڪڙو پنجابي ٻولي، 17.36 سيڪڙو سرائيڪي، 4.51 سيڪڙو اردو، 1.8 سيڪڙو پشتو، 0.66 سيڪڙو بلوچي، 0.16 سيڪڙو سنڌي ۽ 0.95 سيڪڙو ٻيون ٻوليون ڳالهائيون وڃن ٿيون.

پنجاب، زرعي حوالي سان، تمام سُکيو ۽ آسودو صوبو آھي. ھتي چانورن، ڪمند، سورج مُکي، وونئڻ، ڀاڄين ۽ ميون وغيرہ جا فصل تمام ججهي انگ ۾ ٿين ٿا. صنعت جي حوالي سان بہ ھي صوبو ترقي يافتہ آھي، جنھن ۾ اٽڪل 68،000 صنعتي يونٽ آھن. پنجاب جي مکيه صنعتن ۾، ڪپڙي اُڻڻ، گاڏين، سيمنٽ، لوهه، تيل ۽ راندين جي سامان ٺاھڻ جا ڪارخانا شامل آھن. پنجاب ۾ جابلو لوڻ ۽ جپسم وغيرہ جا معدني ذخيرا پڻ موجود آھن.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ پنجاب جو ذڪر، ھن ريت ڪيو آھي:

ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلِ، ڪي قنڌارَ

ڪي دِلِي، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنَارَ

ڪي جُنبيُون جيَسرَ ميرَ ڏي، ڪي بيڪانيرِ بَڪارَ

ڪي پُريون پنجاب ڏي، ڪي ھَلنِ مَٿي ھالارَ

ڪَنِي ڀُڄُ ڀڄائيو، ڪَنِي ڍَٽَ تي ڍَارَ

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 23، ص:412)

پورب:

پورب لفظ جي معنيٰ آھي، ’مشرق‘ يا اڀرندو. پورب، ھڪ علائقي جو نالو بہ آھي. ھي اھو علائقو آھي، جيڪو ڪانپور کان بھار تائين پکڙيل آھي، جنھن ۾ ھندن جون ڪيتريون ئي مقدس ياترائون آھن، جن ۾ گيا، بنارس، ڪاشي، دوارڪا وغيرہ شامل آھن.

شاھ لطيف جي رسالي ۾، پورب جي نالي سان، ھڪ سڄو سُر آھي ۽ سُر رامڪليءَ ۾ بہ شاھ لطيف، پورب جو ذڪر ڪيو آھي.

پُورَبَ مارِياسِ، ڪنھن درِ ڏِيان دانهَڙِي؟

مَتِيُون ڏِيندٖي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ،

جَنِين نہ جيهِياسِ، مان لنئُون لَڳو تَنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان 2، بيت 10، ص:846)

پُور بندر/پُربندر:

پوربندر، گجرات رياست جي 33 ضلعن مان ھڪ ضلعو آھي، جنھن جو انتظامي مرڪز، پوربندر شھر آھي. پوربندر ضلعي جي ايراضي، 2،316 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي.

2011ع جي آدمشماريءَ موجب، ھن ضلعي جي ڪُل آبادي، 585،449 آھي. پوربندر شھر، عربي سمنڊ جي ڪناري تي واقع آھي، جنھن ۾ پوربندر نالي ھڪ قديم بندرگاھ آھي، جنھن جو ذڪر، شاھ لطيف ’سُر سريراڳ‘ ۾، ھن ريت ڪيو آھي:

اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سُئوءِ ڪَنَنِ سين،

سُتي لوڪِ، لَطيفُ چي، يادِ نہ ذَرو ڪِيوءِ،

غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙَهَه تي آندوءِ،

سو ڇِتَرُ ڇوهي کان رَکين، جو پِيو پُراڻُو پوءِ،

جَهازُ ضَعِيفَنِ جو، پاڻِيَ ۾ پَرِتوءِ،

سَيّدَ! ساٿُ سَندوءِ، پُرِبَندَرَ پَھُچائِيين!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 3، بيت 9، ص:168)

پَيَ:

پَيَ، ڀٽ شاھ جي اولهائين ڀر ۾، ھڪ ڪسي ھئي، جيڪا ھاڻي ميسارجي چڪي آھي. ٻانهون خان شيخ لکي ٿو:”ڀٽ شاھ جي ڀرسان ھڪ ننڍڙو ڪڙيو يا ڪسي.“(شيخ، ’شاھ جو رسالو‘، 2000ع، جلد 1، ص:316) شاھ لطيف، ھن جو ذڪر، سُر سارنگ ۾ ڪيو آھي.

ڀَرِيَائِين ڪُنَ ڪِرَاڙِ جا، وَٺو وَارِيَاسو،

مَاکَرِيءَ تَان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پَاسو،

کُوري تي کِوَڻِينِ جو، ٿِئو چَڱو چَومَاسو،

خالِقَ ڪِئو خَاصو، چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 3، ص:316)

جائو:

جائو ھڪ جبل آھي، جيڪو جائو شھر کان اولهہ طرف، ڇھن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. ان جبل مان ھڪ رستو گذري ٿو، جيڪو جائو شھر ۽ آواران شھر کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو، اھو رستو، جتي جائو جبل جي وچ مان گذري ٿو، ان ھنڌ کي جائو لڪ سڏيو ويندو آھي. جائو جبل کان علاوہ جهل جائو نالي ھڪ تحصيل ۽ شھر پڻ آھي. جهل جائو تحصيل، ضلعي آواران ۾ آھي، جنھن ۾ جهل جائو نالي سان ھڪ ننڍو شھر پڻ آھي، جتي مٽيءَ سان اڏيل دڪانن واري ننڍي بازار آھي.

ھتي جي ماڻهن جو گذران زراعت ۽ چوپائي مال تي آھي. ھن ايراضيءَ ۾ جَوَ جي پوک تمام گهڻي ٿئي ٿي. اتي جي مقامي ماڻهن وٽ اھا روايت مشھور آھي تہ ھن علائقي تي جائو نالو، جَوَ جي گهڻائيءَ ڪري پيو آھي. لسٻيلي کان جائو ويندڙ روڊ تي، شيرين فرهاد جي مزار پڻ آھي.

وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ جائُو، جَمُرَ، جَرَ،

ڪوسا تَپَنِ ڪَڪِرا، ٻي دَمِدَمِ تَپي ڌَرَ،

ويچارِي ڏي وَرَ، پيرُ نہ لَهي پرينءَ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان ٻيو، بيت 8، 2005ع، ص:291)

جهرو جبل:

جهرو، ھڪ جبل جو نالو آھي، جيڪو لوڻي کان 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي. شاھ لطيف، ھن جو ذڪر سُر ڏهر ۾ ڪيو آھي.

جهُريي ڏيئِي جهوڪَ، ٻَنِيَان ٻَھَرِ مَ نِڪَرو،

لُوڻي مٿان لوڪَ، لاکي ڪَئِين لَڏائِيا.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 3، بيت 12، ص:165)

ھڪ روايت موجب، جهريي جبل ۾ مٿي اترئين پاسي پٿرن جي جاين وارا جيڪي کنڊرات آھن، سي راءِ لاکي جا محل ھئا.

جُهوناڳڙه:

جهوناڳڙه ھڪ شھر جو نالو آھي، جيڪو ’راءِ ڏياچ‘ جي ڏاڏي، ’راءِ گرهڙپؤ / راءِ گورارو‘ ٻَـڌايو ھو. شاھ لطيف، راءِڏياچ ۽ سورٺ جي قصي جي حوالي سان، سُر سورٺ ۾، ڪيترائي بيت چيا آھن، جن ۾ جُهونا ڳڙه جو بہ نالو آيو آھي:

جاجِڪُ جُھوناڳَڙهَ ۾، ڪو عَطائِي آيو،

تنھن ڪامِلَ ڪَڍِي ڪِينَرو، ويهِي وَڄايو،

شَھِرُ سَڄو ئِي سُرَ سين، تَندُنِ تَپايو،

دايُون دَرِماندِيُون ٿِيون، بابنِ ٻاڏايو،

چارَڻَ ٿي چايو، تہ مارِي آھي مَڱڻو.

(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 2، بيت 1، ص:350)

راءِ گرهڙپؤ/راءِ گورارو جي وفات (892ع) کان پوءِ، ’راءُڪاوٽ‘ گاديءَ تي ويٺو ۽ انهيءَ کان پوءِ، 1003ع ڌاري، راءِڏياچ گاديءَ تي ويٺو. راءِ ڏياچ جي محلات (ڦِٽل صورت ۾) اڄ تائين جهوناڳڙه جي ويجهو گرنار نالي ٽڪريءَ تي واقع آھي.

ھي ڀارت جي رياست گجرات جو ضلعي ھيڊڪوارٽر آھي، جيڪو گرنار جبل جي ڪڇ ۾، گانڌي نگر جي اتر-اولهہ پاسي 571 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آھي. ھن شھر، ڪيئي لاھا چاڙها ڏٺا آھن. 1299ع ۾، ھيءَ شھر، مسلمانن فتح ڪيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، ھندستان تي 1818ع ۾، قبضو ڪيو، پر جُهوناڳڙه ۾ انگريزن کي پنھنجي گرفت رکڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي. ھتي ھڪ پراڻو قلعو پڻ موجود آھي، جيڪو 319 (ق.م.) موريا گهراڻي جي دؤر حڪومت ۾ ٺھرايو ويو ھو، جيڪو ڪيترائي ڀيرا ڊٺو ۽ وري اڏايو ويو. ھتي جي خاص جاين ۾ سومناٿ جو مندر، گرنار جبل، اشوڪ شيلا ليک، شڪر باغ ۽ محبت خان جو مقبرو وغيرہ شامل آھن. 2011ع جي آدمشماريءَ موجب، جهوناڳڙه شھر جي آبادي ٽي لک ويهه ھزار ھئي. جهوناڳڙه سان سنڌ جو گهرو ۽ ويجهو واسطو رهيو آھي. سنڌ جون ڪيئي ذاتيون جهونا ڳڙه ۾ مستقل طور رهنديون ھيون.

شاھ لطيف جا ڪردار، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ، جهوناڳڙه سان واسطو رکندا ھئا، تنھن ڪري انهن جي مناسبت سان، شاھ لطيف، سُر سورٺ ۾ ۽ جوڳين جي نسبت سان، سُرکاھوڙيءَ ۾ جهوناڳڙه جو ذڪر ڪيو آھي:

مَحَلين آيو مَڱڻو، سازُ کَڻِي سُرِندو،

سِرَ جي صدا سُرَ ۾، گهورَ ھڻي گهرندو،

مٿِي رِءَ مَلُوڪَ جي، چارَڻُ نہ چُرَندو،

جُهوناڳَڙُه جهُرندو، پُندِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.

(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 3، بيت 3، ص:352)

جيائو:

جيائو، ھڪ تڙ يعني مڪان جو نالو آھي. ھي تڙ، کپري تعلقي ۾، ھنگورڻي ڳوٺ جي اتر ۾، اٽڪل ستن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. شاھ لطيف فرمايو آھي:

ھِنَ مُندَ مَارُو سَنَرا، جِيَائِي جَالِينِ،

چَارِئو لَنبَ لطيف چئي، واگِهيين وِهَارِينِ،

ڪيٽَائِين ڪَاھِينِ، مينھن وَسندا موٽُ تُون.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر مارئي، داستان 9، بيت 5، ص:438)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڏنل، معنائن مان پڻ اِھا ڳالهہ صحيح ثابت ٿئي ٿي تہ، ’جيائو‘ ماڳ جو نالو آھي ۽ ڊاڪٽرعبدالڪريم سنديلي پڻ، انهيءَ ڳالهہ جي تصديق ڪئي آھي.

جيسلمير/جيسر مير:

جيسلمير، سنڌ جي اتر-اڀرندي ڪنڊ تي، راجپوتانا ۾، ھڪ پراڻي رياست جو نالو آھي ۽ ان نالي سان شھر پڻ آھي، جيڪو 1156ع ۾، راول جيسل ڀاٽيه، ھڪ ٽڪريءَ جي ڏکڻ ۾، تعمير ڪرايو ھو. ھن شھر جو ذڪر،

شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾، جيسرمير جي نالي سان ڪيو آھي:

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺو جيسَرُميرُ،

آگَمَ ڪَري آئِيُون، پائُرِ ڀَري پيرَ،

لاٿائون، لَطيفُ چي، وانڍِيُنِ مَٿان وِيرَ،

سَرَها ڪِيائون سيرَ، سَرَهِيُون سَنگهارِيون ٿِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 27، ص:689)

ھڪ ٻئي بيت ۾، شاھ لطيف، جيلسميرياڻين جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

تَنِ جيسَرَميرِيَاڻِنِ جَسُ، جي للهِ ڪَارَڻِ لَنڊِيُون،

لالائِيءَ جِي لطيؒف چئي، ڪانَه رَهِيَنِ ڪَسُ،

ھِتِ بِھ رَهِيُنِ رَسُ، ھُتِ بِہ گڏِيُون ھوتَ کي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر معذور، داستان 5، بيت 20، ص:95)

ھي علائقو، اولهہ ۽ ڏکڻ اولهہ پاسي کان سنڌ جي ٿر واري ڀاڱي سان ملي ٿو. سياحت جي حوالي سان، جيسلمير ھندستان جي خوبصورت ۽ تاريخي ماڳن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ھتي نھايت ئي خوبصورت حويليون ٺھيل آھن، جن ۾، ’پتوون جي حويلي‘۽ ’سلام سنگهه جي حويلي‘ مشھور آھن.

ھتي جا رهاڪو گهڻي ڀاڱي لڏپلاڻ واري زندگي گهاريندا آھن ۽ اُٺ، مينهون، رڍون ۽ ٻڪريون پالي گذر سفر ڪن ٿا. اَنُ، کنڊ ۽ چمڙو ھتي جي آمدنيءَ جا وڏا وسيلا آھن.

(وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو جلد پھريون، عنوان:سير ۽ سفر، ص:121)

جيلان:

جيلان، ايران جي ھڪ صوبي جو نالو آھي، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف سُر سارنگ ۾ ڪيو آھي. جيلان، عربي لفظ آھي، جڏهن تہ، فارسيءَ ۾ گيلان چيو ويندو آھي، تہ قديم پارسي زند ۾ ڪيلان پڻ لکيو ۽ چيو ويندو آھي.

ھن صوبي جي اوڀر ۾، صوبو مازندر (Mazandara) ، اتر ۾ ڪئسپيئن (Caspian) سمنڊ، اولهہ ۾ صوبو آذربائيجان ۽ جڏهن تہ زنجان (Zanjan) ۽ قزرين (Qazrin) صوبا، ھن جي ڏکڻ ۾ آھن. جيلان صوبي جي ايراضي، 14،042 چورس ڪلوميٽر آھي. ھتي جي آبادي، 2017ع جي آدم شماريءَ موجب، 2،530،696 آھي.

صوبي جو مرڪزي شھر، راشت (Rasht) آھي ۽ خاص بندرگاھ، ’بندرِ انزالي‘ آھي. اتي جا ماڻهو، ايراني نسل جا آھن ۽ فارسي ڳالهائين ٿا. مشھور بزرگ، حضرت عبدالقادر جيلاني، ھتي جو رهاڪو ھو.

شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾، وڄن جي وسڻ جي ڳالهہ ڪندي، پوري جھان جي خوشحال ٿيڻ جي ڳالهہ ڪئي آھي ۽ ڪيترن ئي ٻين بيتن ۾، جن مختلف شھرن، ملڪن ۽ علائقن جي نالن کي ذڪر ھيٺ آندو آھي، انهن مان ’جيلان‘ پڻ ھڪ آھي.

جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيَائُون مِيران جو مُجِرو،

جِتي غَوثُ بَھَاؤُالدِينِ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتَانَ،

اَچي اَڄُ اُکَتِيُون، ڪِيَائُون پُرِ پُراڻِ،

وِڄَڙُيَنِ منھن ڪَاڻ، لاٿِي سِنڌُ وَڻنِ کي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 15، ص:313)

چٽاڻو:

چٽاڻو ھڪ ايراضي يا جُوءِ جو نالو آھي، جنھن بابت ٻانهون خان شيخ لکي ٿو:”چٽاڻو، جنھن کي چوٽاڻو يا چوٽاڻ بہ چوندا آھن. اھو ’وٽ‘ واري خطي سان لڳ ننگر پارڪر تعلقي جي اولهندي ۽ مٺي تعلقي جي اڀرندي ڀاڱي واري ايراضي تي مشتمل آھي.“(شيخ ٻانهون خان، 2012ع، ص:255)

چٽاڻو بابت، پريتم پياسي لکي ٿو:”ننگر پارڪر تعلقي جي ڪارونجهر کان اولهہ طرف واري ايراضي ۽ اُتر اولهہ واري ايراضي کي قديم دؤر ۾ چوٽاڻو چيو ويندو ھو. ھن کي چوٽاڻ پڻ چوندا ھئا. ھن سان مٺي تعلقي جي ڪجهہ ايراضي پڻ شامل ھئي.“(شوق، 1989ع، ص:193)

غلام محمد شاھواڻي لکي ٿو تہ:” تڙ ۽ مڪان جو نالو چيتلو بہ چوندا آھن.“(شاھواڻي،2005ع،ص:886) جڏهن تہ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو :” چٽراڻو يا چيٽاڻو، ڪڇ ملڪ جي ھڪ جُوءِ ۽ جبل جتي گهڻا وڻ آھن.“

(بلوچ،2009ع،ص:169)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾’چٽاڻي‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

جهوڪُونِ نَه جُھڻِڪَنِ، وَڳَ نَه پَسان وَٽِ ۾،

آيُلِ سَنگهارَنِ، جيڪُس چِٽاڻو چِتِ ڪِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 29، ص:886)

چيٽاڻو جبل:

چيٽاڻو، ڪڇ واري پاسي ھڪ جبل جو نالو آھي، جنھن ۾ ڏُٿ جام ٿئي ٿو، البت چڙهڻ ۾ ھي جبل، ڏکيرڙو آھي. جت قبيلي وارا ھن جبل جي تري ۾ اچي، پنھنجي اُٺن جي وڳن کي چاريندا آھن. شاھ لطيف ان ڳالهہ جو ذڪر سُر ڏهر ۾ ھينئن ڪيو آھي:

چاريين چيٽاڻو، وَڳَ وِهارِيين ويسَرا،

لاکي لوڙائُنِ جو ھي پِھرو پَرياڻو،

سَٻَرُ سَٽاڻو، وَڳَ وَرائي واٽِ ٿِئو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 3، بيت 25، ص:166)

چين:

چين، ايشيا کنڊ جو ھڪ اھم ۽ وڏو صنعتي ۽ ائٽمي ملڪ آھي، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ، سُرسارنگ ۾ ڪيو آھي.

چين جي ڌرتي، خودمختيار ۽ ڪيترين ئي قومن جي ڌرتي آھي. چين، دنيا جي قديم ترين تھذيبن مان ھڪ آھي. جيڪا اٽڪل ڇھه ھزار سال قديم آھي، ھن ملڪ جي ٻوليءَ کي اھو شرف حاصل آھي تہ اھا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائجندڙ ٻولي آھي. ان سان گڏوگڏ، چئن قديم ترين ايجادن (پنو، قطب نما، بارود ۽ ڇپائي) ھتي وجود ورتو.

تاريخي طور تي، چين جي ثقافت وڌندي، اوڀر ايشيا تائين پکڙجي وئي. انهيءَ کان علاوہ، چيني مذھب، ريتون رسمون ۽ صورتخطيءَ جو سرشتو، ڪيترن ئي پاڙيسري ملڪن اختيار ڪيو، جن ۾ جاپان، ڪوريا ۽ ويٽنام شامل آھن.

انگريزي ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾، ’چين‘ (China) لفظ کي مختلف صورتن ۾ لکيو ويندو آھي. اھي صورتون، ‘Qin’ مان نڪتل ڀانئجن ٿيون. Qin جو تلفظ، ‘Cheen’ جھڙو ئي آھي، جنھن مان اھو انومان نڪري ٿو تہ، ھن ملڪ تي اھو نالو، (Qin Dynasty) جي حڪومت (221-206 ق.م.)، کانپوءِ پيو آھي.

چين کي، ‘Zhongguo’ پڻ چيو وڃي ٿو، (gou=land/kingdom+Zhong=middle) جنھن جي معنيٰ آھي، وچ واري زمين، يا رياست جيڪو ڇھين صديءَ (ق.م.) ۾، زو خاندان (Zhou Dynsty) جي حڪومت کانپوءِ پيو. ھتي جي تھذيب، قديم ترين تھذيبن مان آھي.

علم الانسان ۽ قديم آثارن جي ماھرن جو اھو خيال آھي تہ 520،000 سال اڳ، دنيا ۾ سڀ کان پھرئين انسان جي ھجڻ جا اُھڃاڻ چين ۾ ملن ٿا. بيجنگ شھر جي ويجهو، ھڪ غار ۾ 300،000 سالن کان 550،000 سال اڳ واري زندگيءَ جا آثار مليا آھن.

چين، 1 جنوري 1912ع ۾، ھڪ جمهوري ملڪ جي حيثيت ۾ دنيا جي نقشي تي نروار ٿيو، ان جو نالو ‘Republic of China’ رکيو ويو، جيڪو 1949ع تائين برقرار رهيو. جمهوري ملڪ ھئڻ کان اڳ ۾، شاھي گهراڻي جو بادشاھي نظام ھو، جن ۾ سڀ کان پھريون، ‘Xia’ شاھي گهراڻو ھو ۽ سڀ کان آخر ۾، ‘Qin’ شاھي گهراڻو حاڪم رهيو.

1937ع ۽ 1945ع جي وچ ۾، چين ۽ جاپان جي وچ ۾ جنگ لڳي، جيڪا ٻي مھاڀاري جنگ جو حصو ھئي، جنھن ۾ ھڪ ڪروڙ عام چيني شھري مارجي ويا. جاپان پاران ھٿيار ڦٽا ڪرڻ سبب چين کي فتح تہ نصيب ٿي پر، معاشي طور تي وڏو نقصان پيو. جنگ جو خاتمو، قوم پرستن ۽ اشتراڪيت پسندن جي وچ ۾ ھڪ ٺاھ سبب ٿيو، پر پوءِ چين جي اندر گهرو جنگ جاري رهي، نتيجي ۾ 1947ع ۾، ھڪ قانون جوڙيو ويو. ڇڪتاڻ پوءِ بہ جاري رهي. آخر ’مائوزي تنگ‘، انهي گهرُو جنگ کي ٻنجو ڏنو ۽ ملڪ جي وڏي ڀاڱي کي پنھنجي انتظام ھيٺ آڻي ڇڏيو. مائوزي تنگ، چين جي ڪميونسٽ پارٽي ‘Communist Party of China People’ (CCP) جو اڳواڻ ھو. جنھن نيٺ، پھرين آڪٽوبر 1949ع تي چين کي ‘Republic of China’ (ROC) جو نالو ڏئي، عوامي جمهوري رعيتي راڄ جي طور ھڪ سوشلسٽ ملڪ جو بنياد رکيو. جڏهن تہ ڪجهہ حصي تي ‘Republic of China’ جي پڻ حڪومت رهي. آخرڪار (PRC) ملڪ جي گهڻي ڀاڱي تي قابض ٿي وئي ۽ اڄ سڄي ملڪ تي انهن جي حڪومت آھي، جڏهن تہ تائيوان تي ROC جي حڪومت آھي.

چين ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون، مختلف خاندانن سان تعلق رکن ٿيون، جيڪي لڳ ڀڳ 89، جدا جدا قومن ۽ ذاتين ۾ ڳالهايون وينديون آھن. چين، ھن وقت، صنعتي، واپاري ۽ معاشي لحاظ کان دنيا جي مضبوط ترين ملڪن مان ھڪ آھي، جيڪو سڄيءَ دنيا تي راڄ ڪري ٿو. سياسي ۽ معاشي لحاظ کان چين ھاڻي، مائو جي دؤر وار ملڪ نہ رهيو آھي. اتي، سرمائيداري سرشتو اچي ويو آھي. چيني صنعتڪار توڙي واپاري، ذري گهٽ دنيا جي ھر ملڪ سان واپار ڪن ٿا.

ائٽمي حوالي سان چين، آمريڪا ۽ روس کان پوءِ، اھميت رکندڙ ملڪ آھي. چين، سي-پيڪ تحت، پاڪستان ۾ پڻ تمام گهڻي سيڙپ ڪري رهيو آھي.

شاھ لطيف، چين جو ذڪر سُر سارنگ ۾، ٻين ڪيترن ئي شھرن، ملڪن ۽ ماڳ مڪانن تي وڄون وسڻ جي حوالي سان ڪيو آھي:

موٽِي مانڊاڻ جِي، واري ڪِيائِين وارَ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، چوڏِسِ ٿِي چوڌارَ،

ڪي اُٿي ھَلِيُون اِستَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِيُون مَغِرِبَ پارَ،

ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرَقَندين سارُ،

ڪي رَمِي وييُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:700)

حب نَدي:

حَب ندي، ڪراچي شھر کان پنجويھ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. اھا ندي، پَٻ جبل جي بنهہ اتر واري قطار وٽان، بلوچستان جي حد مان ھلي، 386 ڪلوميٽرن ۾ پَٽ پُسائيندي، ڪراچيءَ جي پريان، ’کڙڪ بندر‘ جي پراڻن آثارن (راس الڪماري) وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. شاھ لطيف، ھن نديءَ جو ذڪر سُر ديسي، سُر معذوري ۽ سُر ڪوهياريءَ ۾ ڪيو آھي:

روجَھ ڏِٺائِين راتِ، ھوتُ ڳولِيندي حَبَ ۾،

ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِيِئي، توءِ تَنِين جي تاتِ،

ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَناءَ مُئِيءَ نَه وِسَرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 5، بيت 3، ص:396)

ھَٿين، پيرين، مُونَڙِيين، سِرِج ساھَه پَساھ،

ھوتُ گَڏِبُئِي حَبَ ۾، رَهَبَرُ مَٿي راھ،

جان جان ساڻُءِ ساھ، تہ پاڙِج ڪو مَ پُنهُونءَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان 5، بيت 5، ص:360)

حيدرآباد دکن:

حيدرآباد دکن، ھندستان جي تلنگانا رياست جو مشھور ۽ اھم شھر آھي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ، ھن کي رياست جو درجو مليل ھو. ورهاڱي کان اڳ ھن رياست کي آصفيه سلطنت پڻ چيو ويندو ھو. ھن سلطنت جو بنياد، 1136هجري موجب، 1748ع ۾، مغليه سلطنت جي پوئين دؤر ۾، آصف جاھ نالي مغل گورنر رکيو ھو. ان وقت سلطنت جون حدون نربدا نديءَ کان ترچنا پلي ۽ ڪوڪن کان مدراس تائين پکڙيل ھيون.

ھندستان تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ بہ ھن رياست جو نظام، آصف جاھ جي ھٿ ھيٺ رهيو. آصف جاھ جي وفات کان پوءِ، سندس پٽ مظفر جنگ، حيدرآباد دکن جو حڪمران بڻيو، پر اندروني فسادين کيس قتل ڪري ڇڏيو. کانئس پوءِ آصف جاھ جو ٻيو پٽ صلابت جنگ 1751ع ۾، رياست جو والي بڻيو. سندس حڪومت ۾ فرينچ ڪوٺيءَ عروج حاصل ڪيو ۽ رياست ۾ مرهٽن پنھنجي طاقت ظاھر ڪندي، رياست جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو. انهيءَ ئي دؤر ۾، يورپ جي سياست ۾ ڦيرو آيو ۽ فرينچن بدران انگريزن اُڀرڻ شروع ڪيو. 1761ع ۾، صلابت جُنگ کي سندس ئي وزيرن قيد ڪري، آصف جاھ جي چوٿين پٽ، نظام علي خان کي رياست جون واڳون حوالي ڪيون. ھن، پاڻ کي آصف جاھ ثاني سڏائي حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي. ھن زماني ۾، پاڻي پٽ جي ميدان تي، مرهٽن سان احمد شاھ ابداليءَ مھاڏو اٽڪايو ۽ سندن قبضي ۾ آيل علائقا، پنھنجيءَ رياست ۾ شامل ڪري ڇڏيا.

ھندستان جي آزاديءَ جي جنگ دؤران، حيدرآباد دکن جي رياست تي انگريزن جو اثر رسوخ وڌندو ويو. نيٺ 27 مارچ 1859ع تي سڄي رياست انگريزن جي قبضي ۾ اچي وئي. انگريزن جي قبضي جي ڪري حيدرآباد دکن تعليمي لحاظ کان ٻين رياستن کان اڳتي وڌيو. 1878ع ۾، اعليٰ تعليم جو ھڪ ڪاليج کوليو ويو، جنھن جي وسيلي اعليٰ تعليم جي شروعات ٿي. نتيجي ۾ ھتي مشرقي تعليم تباھ ٿيڻ لڳي، جڏهن تہ اھا تعليم 1891ع کان 1906ع تائين، ترڪي، قرطبہ ۽ بغداد جي دارالعلومن جو منظر پيش ڪندي ھئي، پر 1907ع ۾، جڏهن ان جو الحاق پنجاب يونيورسٽيءَ کان ختم ڪيو ويو تہ ان دارالعلوم جي ساک بہ ختم ٿي وئي. ٻن سالن يعني 1909ع ۾، حيدرآباد دکن ۾ ھڪ يونيورسٽي ٺاھڻ جي رٿا رٿي وئي، جيڪا آصفجاھ چوٿين مير عثمان عليءَ جي دؤر ۾، جڙي راس ٿي. جنھن جو نالو جامعہ عثمانيه رکيو ويو. اھا يونيورسٽي ٻارهن ورهين ۾ مڪمل ٿي ۽ مختلف علمن جي تعليم اردو ٻوليءَ ۾ ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڄ تائين جاري آھي، جنھن لاءِ سڀ کان اول ترجمي جو شعبو ’دارالتراجم‘ قائم ڪيو ويو، جتي يورپي ٻولين جي ڪتابن کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو ڪم شروع ٿيو. 1918ع ۾، پھريون ڀيرو جامعہ عثمانيه ۾ مئٽرڪ ۽ بي. اي. جي امتحانن جي لاءِ شاگردن کان امتحان ورتا ويا ۽ 1928ع تائين جامعہ عثمانيه ۾ ايم. اي. تائين تعليم جو سرشتو وڌايو ويو.

آصفيه سلطنت جي حاڪمن پاران، شعر ۽ ادب جي سرپرستي شروع ڪئي وئي، جنھن ڪري ڪيترائي مشھور شاعر ۽ اديب، حيدرآباد دکن لڏي آيا، جن ۾ مرزا داغ دھلويءَ جي نمايان حيثيت آھي. ان سان گڏوگڏ، پنڊت رتن ناٿ سرشار ۽ مولانا عبدالحڪيم شرر بہ پنھنجي زندگيءَ جو گهڻو وقت ھتي گذاريو. برطانوي راڄ جي خاتمي ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت، رياست جي آخري نواب، 26 جون 1947ع تي فرمان جاري ڪيو تہ رياست حيدرآباد دکن، پاڪستان توڙي ھندستان جو حصو نہ بڻجندي. مير عثمان خان ھڪ معاھدي موجب، حيدرآباد دکن کي آزاد رياست قرار ڏنو، پر ھندستان آزاد ٿيڻ کان پوءِ، ان کي آزاد رياست نہ مڃيو ويو ۽ سيپٽمبر 1948ع تي فوجي ڪارروائي ڪري، حيدرآباد دکن رياست، جنھن ۾ مسلمانن جي اڪثريت ھئي، ھندستان ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 2014ع ۾، ان کي تلنگانا صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ قرار ڏنو ويو آھي.

ھن رياست کي، ٻوليءَ جي بنيادن تي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو، جن ۾ آنڌرا پرديش، مھاراشٽر ۽ ميسور شامل آھن. اھڙي ريت رياست جي 232 ورهين واري حيثيت کي ختم ڪيو ويو. حيدرآباد دکن ۾ شاھ لطيف جي دؤر جو شاعر، ولي دکنيءَ کي سمجھيو ويندو آھي. ھن رياست جي اردو ٻوليءَ جي لهجي کي پڻ ’دکني‘ لهجو، ڪوٺيو ويندو آھي، جنھن ۾ شائستگيءَ جون سموريون خوبيون نمايان آھن. اردوءَ جو اھو دکني لهجو اڄ بہ شھرت رکي ٿو.

حيدرآباد دکن جي پکيڙ 650 چورس ڪلوميٽر آھي. ھن رياست جي آدم شماري 2011ع جي ڳڻپ موجب، اٺھٺ لکن کان ڪجهہ مٿي آھي.

ارڙهين صديءَ تائين ھي شھر، عالمي واپار جي مرڪزي شھر جي حيثيت رکندڙ ھو. ثقافتي طور بہ ھن شھر، مغلن جي حڪومتي دؤر ۾، ڪافي ترقي ڪئي. 1857ع ۾، دھليءَ جي زوال کان پوءِ، ڪيترائي فنڪار لڏي ھن شھر ۾ اچي آباد ٿيا. اھڙيءَ طرح لڏپلاڻ جي ڪري، اُتر-ڏکڻ ھندي ٻولين جو ڳانڍاپو، مذھب ۽ ثقافت کي ھٿي ملي. ھتي تيلگو ۽ اردو ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جڏهن تہ سرڪاري ٻولي ’تيليگانا‘ آھي. ھتي گڏجي مذھبي ڏڻ ملهايا ويندا آھن، جن ۾ ڏياري ۽ بنالوَ ھندن پاران ۽ عيدالاضحيٰ ۽ عيدالفطر مسلمانن پاران ملهايون وينديون آھن. 2010ع کان ھن شھر ۾، حيدرآباد ادبي ميلو مچايو ويندو آھي. ادبي لحاظ کان ھتي ٽَي وڏا ادارا قائم ڪيل آھن. ڀارتيه ساھتيه اڪيڊمي، اردو اڪيڊمي ۽ تيليگو اڪيڊمي، اھي ادارا پنھنجي پنھنجي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪم ۾ رڌل رهندا آھن. ڪائونسل فار پروموشن آف اردو لئنگوئيج، ڪمپريٽوِ لٽريچر ائسوسيئيشن آف انڊيا ۽ آنڌرا سحاسوتا پريشد لٽرري ڊوليپمينٽ ۽ اسٽيٽ ڪلچرل لائبرري پڻ موجود آھن.

تعليمي لحاظ کان ھتي ڪيترائي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آھن. يونيورسٽين جو تعداد تيرهن آھي. انهيءَ کان سواءِ، ثقافت، راندين جا شعبا پڻ ھن شھر کي رونق بخشين ٿا. ھن علائقي بابت، شاھ لطيف، سُر سارنگ جي ھن بيت ۾ دعا گهري آھي.

ڪي رَمِي وييُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ ڪي قَنڌارَ،

ڪي دِليءَ ڪي دَکَن، ڪي گُڙنِ مَٿي گِرِنارَ،

ڪَھِين جُنبِي جيسَرَميرَ تان، ڏِنا بِيڪانير بَڪارَ،

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:700)

دُوارڪا:

دُوارڪا، ڪاٺياواڙ جي رياست بڙودا جو ھڪ مشھور بندر آھي. ’دوارڪا‘ جو تيرٿ، سڄي ھندستان جي تيرٿن مان ھڪ اھم تيرٿ ليکجي ٿو. شاھ لطيف، سُر رامڪليءَ ۾ جوڳين جو ذڪر ڪندي ’دوارڪا‘ جو نالو ڪم آندو آھي:

نانگا نانِيءَ ھَلِيا، ھِنگلاجان ھَلِي،

ديکِي جَنِ دُوارِڪا مَهيسِنِ مَلهِي،

آڳَھُ جَنِ عَلِي، آئون نَه جيئندِي اُنِ ريٖ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 28، ص:783)

ھتي ھر سال ھزارين ھندو، دوارڪا ناٿ جي درشن لاءِ اچن ٿا. ھتي، ’دوارڪا ناٿ‘ جو ھڪ وڏو مندر جڙيل آھي، جيڪو نھايت اوچو آھي. وچ واري حصي کي ئي سٺ ٿنڀا ڏنل آھن.

دُوارڪا ٻيٽ جي ويجهو، گومتي دوارڪا بہ آھي، جنھن جي پريان وري مول دوارڪا آھي. مھا ڀارت واري زماني ۾، دوارڪا کي سمنڊ پائي ويو ھو. ان جي ٿوري بچيل حصي کي ’مول دوارڪا‘ يعني اصلوڪي دُوارڪا سڏين ٿا، جيڪو ويراول بندر کان 32 ڪلوميٽر کن پري، اڀرندي طرف آھي، جتي ھاڻ رنڇورجيءَ جو مندر آھي. پاڪ – ڀارت جنگ ۾، جنگي خطن ۾، دوارڪا کي گهڻي شھرت حاصل ٿي ھئي.

دھلي/دِلي:

دھلي، ڀارت جي گاديءَ جو مشھور شھر آھي، جيڪو ڀارت جي اترئين علائقي، پنجاب ۾، جمنا نديءَ جي ڪناري تي آباد آھي. دھليءَ کي ھاڻي ھڪ رياست جي حيثيت حاصل آھي. دھليءَ جو ذڪر شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ڪيو آھي.

دھلي، وچئين دؤر ۾، ھندستان جي ڪيترين ئي رياستن جي گاديءَ جو ھنڌ رهيو آھي. ھي شھر، قديم وچئين دؤر جي ڪيترن ئي تاريخي يادگار جڳھين ۽ آثارن جي ڪري مشھور آھي. دھلي سلطنت جي اڀرڻ جي دؤر ۾، ھي شھر، 1206ع کان وٺي 1526ع تائين ھڪ اھم سياسي ۽ ثقافتي مرڪز رهيو. 1639ع ۾، مغل شھنشاھ شاھجھان، دھلي سلطنت جو چؤديواريءَ سان ھڪ شھر اڏايو، جيڪو مغليه سلطنت جو 1649ع کان 1857ع تائين گاديءَ جو ھنڌ رهيو.

1857ع واري بغاوت کان پوءِ، برٽش، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، ارڙهين ۽ اُڻويهين صديءَ دؤران، ھندستان جي ڪيترن ئي حصن تي قبضو ڪري ورتو ھو ۽ پوءِ ڪلڪتي کي گاديءَ جو ھنڌ بڻايو ۽ نئون شھر، نئين دھلي جي نالي سان اڏايو ويو. جڏهن ھندستان جو ورهاڱو ٿيو تہ ڀارت ۽ پاڪستان ٻہ الڳ الڳ خودمختيار ملڪ، دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا، تنھن وقت دھليءَ کي ڀارت جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو. لفظ، ’دھلي‘ ڪڏهن ۽ ڪيئن وجود ۾ آيو، اھا ڳالهہ اڃا غير واضح ۽ غير يقيني آھي. گهڻن ئي ڄاڻن جو اھو رايو آھي تہ ھي لفظ، دلو (Dilu) يا ڍلو (Dhillu) مان نڪتل لڳي ٿو، جيڪو موريا خاندان جو ھڪ بادشاھ ٿي گذريو آھي، جنھن اھو شھر، 50 (ق.م.) ۾ جوڙايو ۽ انهيءَ جي نالي پويان سڏجڻ لڳو. ٻئي خيال موجب، اھو لفظ ھندي/پراڪرت جي لفظ ’ڍلي‘ مان نڪتل آھي، جيڪو ’تور راجپوتن‘ استعمال ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ’راجا ڌاوَ‘ پاران ٺھرايل لوهه جي ٿنڀن کي، راجپوتن ڍلا ۽ ڪمزور چيو ۽ انهن کي ھٽائي ڇڏيائون. انهيءَ ڪري شھر کي پڻ، ’ڍلي‘ چوندا ھئا. ڪن تاريخدانن جو خيال آھي تہ، اھو لفظ ٺڳي ۽ مڪاري سبب ڊلي ‘Dilli’ مان نڪتل لڳي ٿو تہ، ڪن جو رايو آھي تہ انهيءَ جو اصلي نالو ’ڍلڪا‘ (Dhillika) ھو.

ھندو مذھب جي پوتر ڪتابن موجب، ھي شھر، ھزارين سال قديم آھي ۽ سندن عقيدو آھي تہ اھو، اندر ديوتا جي رهائش ھو ۽ پانڊوئن جو گاديءَ جو ھنڌ پڻ رهيو. قديم آثارن جا ماھر انهيءَ نتيجي تي پھتا آھن تہ ھن شھر جو بنياد، موريا خاندان، 300 (ق.م.) ۾ رکيو. دھليءَ ۾، مختلف دؤرن ۾، آباد ستن شھرن جا آثار ملن ٿا. ھن شھر تي تومير خاندان، (736ع) اجمير جي چوهاڻ راجپوتن (1180ع)، افغانن (محمود غوري (1192ع)، قطبالدين ايبڪ (1206ع)، ترخان، خلجي خاندان، تغلق خاندان، سيد خاندان، لوڌي خاندان، تيمور لنگ، مغلن، ھندن ۽ آخر ويندي برطانوي انگريزن حڪومت ڪئي.

دھلي سلطنت واري دؤر ۾، ھي شھر، صوفي مت جو مرڪز ھو. 1526ع ۾، ظھيرالدين بابر، آخري لوڌي بادشاھ کي پاڻيپٽ واريءَ جنگ ۾ شڪست ڏني ۽ مغليه سلطنت جو بنياد وڌو ۽ دھليءَ کان آگري ۽ لاھور تائين، بادشاھت قائم ڪيائين. مغليه شھنشاھ اڪبر، پنھنجيءَ حڪومت جي گاديءَ جو ھنڌ آگري کان دھليءَ منتقل ڪيو. شاھجھان، شھر جو بنياد رکيو تہ ان کي شاھجھان آباد سڏيو ويو ۽ عام طور تي پراڻو شھر يا پراڻي دھلي جي نالن سان عام ٿيو. 1638ع تائين، پراڻي دھلي، مغليه سلطنت جي گادي رهي. فيبروري 1739ع ۾، نادر شاھ، ڪرنال واريءَ جنگ ۾، مغلن کي شڪست ڏئي، فتح کان پوءِ، دھليءَ کي ڏاڍو لٽيو. 1761ع ۾، پاڻيپٽ جي ٽِيئن جنگ کانپوءِ، دھلي، احمدشاھ ابداليءَ جي قبضي ھيٺ آئي. 11 سيپٽمبر 1803ع تي، برطانوي حڪومت، ’جرنل ليڪ‘ جي اڳواڻيءَ ۾، مرهٽن کي شڪست ڏني.

1639ع ۾، شاھجھان ’لال قلعو‘ جوڙايو، جنھن ۾ ڀارت جو وزيراعظم، آزاديءَ جي ڏينھن، 15 آگسٽ تي قوم کي خطاب ڪندو آھي.

2016ع جي آدشماريءَ موجب، ھن شھر جي آبادي، 18.6 ملين آھي. ھتي جي عام ڳالهائي ويندڙ ۽ لکي ويندڙ ٻولي، ’هندي‘ آھي، جڏهن تہ انگريزي، پنجابي ۽ اردو پڻ ھن شھر ۾ ڳالهايون وينديون آھن. سنڌي ٻولي پڻ ڀارت ۾ ڪيترن ئي رياستن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي ۽ اھا ڀارت جي قومي ٻولين ۾ ليکجي ٿي. دھليءَ کي عام طور ’دِلي‘ بہ اچاريو ۽ لکيو وڃي ٿو.

شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ٻين ڪيترن ئي ماڳن، مڪانن، شھرن ۽ ملڪن تي وڄون وسڻ جو ذڪر ڪندي، انهن جي آبادي ۽ خوشحاليءَ جي دعا گهري آھي.

ڪي رَمِي وييُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ،

ڪي دِليءَ، ڪي دَکَن، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ،

ڪَھِين جُنبِي جيسَرَميرَ تان، ڏِنا بِيڪانير بَڪارَ،

ڪَھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَھِين ڍَٽَ مَٿاھِين ڍارَ،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:700)

ڍاڳي:

ڍاڳي، سنڌوءَ جي وهڪري، مهراڻيءَ مان نڪرندڙ ھڪ ڇاڙ جو نالو ھو. آمراڻي جي کنڊرن وٽان ڍور، ٻن ڇاڙن ۾ ورهائجي ويندو ھو، انهن مان ھڪ ڇاڙ کي ڍاڳي چوندا ھئا. شاھ لطيف ھن ڇاڙ جو ذڪر سُر ڏهر ۾ڪيو آھي:

جَڏِهِن ڍاڳِي ڍورُ، ٻَئِي وَهَنِ ٻَلِيارَ ۾،

تَڏهن تاجَڙُينِ طورُ، ھئو جَسوِڌنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 1، بيت 8، ص:869)

ھيءُ ڇاڙ، ڪلوئي، پاتار ۽ رهمڪي بازار کان اڳتي وهندي، ڪانجي ڪوٽ ۽ وڳھه ڪوٽ کان ڦري اولهہ طرف مُڙي کاري سان وڃي ملندي ھئي.

ڍٽ/ ڍاٽ:

ٿر جو وچيون علائقو جنھن کي ڪي ڍٽ چون تہ ڪي وري ’ڍاٽ‘ بہ سڏين. ھن علائقي ۾، عمرڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ وارو ڀاڱو، ڇاڇري تعلقي جو ڏکڻ اولهہ وارو گهڻو ڀاڱو ۽ مٺي تعلقي جو اتر وارو ڪجهہ ڀاڱو اچي وڃي ٿو. جيئن تہ سڄو ٿر مختلف حصن ۾ ورهايل آھي، جھڙوڪ کائڙ، پائر، اڇو ٿر/ اڇڙو ٿر، نارو، مهراڻو، ڪنٺو، ڍاٽ، ونگو، پارڪر، وٽ ۽ سامروٽي. لفظ ’ڍاٽ‘ بابت ڊاڪٽر جي اي گريئرسن لکي ٿو:”’مارواڙ‘ ۾ رڻ پٽ کي ’ڍاٽ‘ چوندا آھن.“ (گريئرسن، 2000ع، ص:62)

ڍٽ جي علائقي ۾، ڀٽون وچوليون ۽ ڪي وڏيون بہ آھن. ھن ڀاڱي جي ايراضيءَ وڏي ھئڻ ڪري عام طور تي سڄي ٿر کي ’ڍاٽ‘ سمجھندا آھن ۽ رهاڪن کي ’ڍاٽي‘، جن جي ٻولي ’ڍاٽڪي‘ آھي.

شاھ لطيف، ’ڍٽ‘(ڍاٽ) کي سُر مومل راڻي، سُر مارئي ۽ سُر ڍول مارو ۾ ڳايو آھي. سُر مومل راڻي ۾، شاھ لطيف فرمائي ٿو:

تون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌڻِي؛ ڍولا! تُھِجو ڍَٽُ،

پائي تُراڙِيَ توريان، تہ مُلُڪِ نہ تُھِجو مَٽُ،

لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، اَچِي کوڙِ قَناتون ڪاڪِ ۾.

(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، ڊاڪٽر، (2012ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 6، بيت 16، ص:308)

شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾ فرمائي ٿو تہ:

سَھَسين سيبا ڪَنجُرِي، لوئِي لِيڙَ ٿِئامِ،

اَباڻَنِ جي آسِري، ڪَتِي ڪانَ ڪئامِ،

جا ڍَٽَ ڍَڪِيامِ، تنھنجو پَرِوَرَ! پَنَ رَهائِيين.

(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سرمارئي، داستان 2، بيت 9، ص:316)

شاھ لطيف جي سُر مارئيءَ جو جاگرافيائي تعلق، ’ڍٽ‘ سان آھي، جنھن ۾ شاھ لطيف ھن علائقي جي سماجي ۽ معاشي زندگيءَ جي عڪاسي ڪئي آھي ۽ مارئيءَ جي ڪردار جي روپ ۾ وطن سان محبت، امن، پيار، ٿوري ۾ خوش رهڻ، ست سيل، لوئيءَ لڄ ۽ سون تي سيڻ نہ مٽائڻ سان گڏ، ڪيترن ئي نُڪتن کي نروار ڪيو آھي. جڏهن تہ سُر مومل راڻي جي سورمي، راڻي جو تعلق پڻ ھن علائقي سان آھي، جيڪو ھمير سومري جو وزير ھو ۽ ھمير سومرو، عمر ڪوٽ جو بادشاھ ھو، جنھن جي بادشاھيءَ ھيٺ، ’ڍٽ‘ پڻ ھو. ايئن رومانوي داستان ڍول مارو جو تعلق بہ ڍٽ سان آھي، جنھن کي پڻ شاھ لطيف ڳايو آھي.

ڍور:

ڍور، سنڌونديءَ جي ھڪ ڇاڙ جو نالو ھو، جيڪا نئين ڪوٽ (تعلقي ڏيپلي) کان ھيٺ، ڏکڻ طرف نڪرندي ھئي، جنھن تي ديھ ڏهر ۽ کريڙ وارو علائقو آباد ٿيندو ھو.

شاھ لطيف، سُر ڏهر ۾ ھن جو ذڪر ڪيو آھي:

سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِيا،

جُنگَنِ ڇَڏِيو زورُ، سَرَ سُڪا، سُونگِي گيا؟

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 1، بيت 7، ص:869)

سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿيو، ڪَنڌِيءَ ڏنو ڪائو،

سو پاڻي پٽيھل ۾، اَڳِيُون نہ آئو،

ماڙهن ميڙائو، ڪِھِين ڪِھِين ڀيڻِييٖن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘ سُر ڏهر، داستان 1، بيت 9، ص:869)

ڍور، ونگي جي شھر وٽان ڏکڻ اوڀر ڏانھن مُڙي، ڏهر وٽان وهي، ڪڇ ۾ داخل ٿيندو ھو.

رائُڪَ / رائنڪ:

’رائنڪ‘ ھڪڙو ماڳ ھو، جنھن جو ذڪر، شاھ لطيف، سُر سارنگ جي ھڪڙي بيت ۾ ڪيو

ڏيئِي ريڄُ رائُڪَ کي، ڪِيائِين لُوتَڙِيءَ تي لَلَ

ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏرُ کي، پاڻِيءَ ڀَرِيائِين پَلَ،

آندَئِين آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مينھن کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاھ جورسالو، سر سارنگ، داستان-3، بيت-4، ص:695)

هي ماڳ دراصل، ڀٽ شاھ جي ڀرپاسي ۾ ھو، پر ھن وقت ان جا آثار ميسارجي چڪا آھن ۽ ان بابت، ٻي ڪا ڄاڻ ملي نہ سگهي آھي.

روضو پاڪ حضرت محمد مصطفيٰﷺ:

حضرت محمدﷺ جن جو روضو مبارڪ عربستان جي مشھور شھر، يثرب (مديني) ۾، پاڻ سڳورن جي تعمير ڪرايل ’مسجد النبوي‘ جي احاطي ۾ آھي، جنھن کي عام طور ’مسجد نبوي‘ سڏيو وڃي ٿو.

مڪي شريف واريءَ مسجد الحرام کان پوءِ، مسلمانن جي لاءِ ٻي اھم مقدس جاءِ، مسجد نبوي ڄاتي وڃي ٿي، جيڪا آخري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰﷺ، 622ع ڌاري مديني ۾ ھجرت دؤران گهر جي ويجهو، ٻن يتيم ٻارن کان زمين جو ٽُڪرو خريد ڪري، اڏرائي ھئي. مسجد نبويءَ اندر، حضورپاڪﷺ جو روضو مبارڪ آھي. سندن پاسي ۾ ٻن خليفن حضرت ابوبڪرؓ ۽ حضرت عمر فاروقؓ جون قبرون پڻ موجود آھن.

پِرِهَ پَکِي آئِيو، ڪَرَبَلان ڪَھِي،

روضي پَاڪَ رَسُولَ جي، تِنِہ اَچِي ھاڪَ ھَنئِي،

ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُهه مِيرَ مَحَمدَؐ عَرَبِي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 5، بيت 6، ص:417)

مسجد جي تعمير دؤران، اصحابن سان گڏ، حضور پاڪؐ جن خود پورهيو ڪري، ھن مسجد کي اڏيو ھو، جنھن ۾ کجيءَ جون ڪاٺيون ۽ ڪچيون سرون ڪتب آنديون ويون. مسجد جي اڳيان، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ لاءِ، ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ھڪ وڏو ٿلهو پڻ ٺاھيو ويو ھو.

ان وقت مسجد (98x115 فوٽ/35x30 ميٽر) جي ايراضيءَ تي اڏي وئي ۽ ڪُل ٽي دروازا:باب رحم (ڏکڻ طرف)، باب جبريل (اولهہ طرف) ۽ باب النساءِ (اوڀر طرف) ٺاھيا ويا.

مسجد اندر، بيت المقدس جي رُخ ۾ اُتر طرف، قبلو اڏايو ويو، جيڪو بعد ۾ ڪعبي يعني ڏکڻ طرف مٽايو ويو. مسجد اندر مختلف شعبن لاءِ جڳھ مخصوص ڪئي وئي، جتي ڪميونٽي سينٽر، ڪورٽ ۽ مڪتب شامل ھئا.

ستن سالن کان پوءِ، 629ع ڌاري مسلمانن جي گهڻائيءَ سبب مسجد کي ٻہ ماڙ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اڳتي ھلي مختلف مسلمان بادشاھ پنھنجي پنھنجي دؤر ۾، ضرورت آھر مسجد ۾ واڌارا ۽ سڌارا آڻيندا رهيا.

707ع ڌاري، خليفي اُمياد الوليد ابن عبادالملڪ (705-715ع) پراڻي مسجد ۽ روضي مبارڪ سميت حد وڌائي، نئين طرز سان اڏرايو ۽ مسجد جي ڊيگهہ ۽ ويڪر (330x276 فوٽ/100x84 ميٽر) ۾ واڌارو آندو.

778ع ڌاري، عباسي خليفي، المهديءَ (775-785ع)، مسجد جي اتر طرف واڌارو آڻي، وڌيڪ 20 دروازا اڏرايا، جن ۾ اٺ اوڀر طرف، اٺ اولهہ طرف ۽ چار اُتر طرف واريءَ ڀت جي پاسي ھئا. مالڪ سلطان المنصور، پنھنجي حڪومتي دؤر ۾، حضورﷺ جي روضي جي گُنبذ کي مٿي ڪرايو ۽ باب السلام واري دروازي کان ٻاھر، ھڪ تمام وڏو ڦوهاري وارو وضوخانو اڏرايو. ان کان سواءِ، اوڀر ۽ اولهہ واري قبلي جون ڀتيون پڻ نئين سر اڏرايون.

1932ع ۾، سعودي عرب ۾ بادشاھت جي بنياد پوڻ کان پوءِ، ھڪ ڀيرو ٻيھر مسجد کي جديد طرز سان سينگاريو سنواريو ويو.

1951ع ۾، ابن سعود (1932-1951ع) مسجد جا ڀرپاسي وارا گهر ۽ جڳھون خريد ڪري، مسجد جي اڱڻ کي وسيع بڻائي چؤديواري ڏياري، تہ جيئن گهڻي کان گهڻا نمازي اچي سگهن. ان کان سواءِ، سليمانيه ۽ ماجديه مينارن کي ٻيھر وڌائي وڏو ڪرايو ويو ۽ الهندي پاسي ھڪ وڏي لائبرريءَ جي اڏاوت ڪرائي وئي، جتي لکين اسلامي ۽ ٻيا ڪتاب رکيا ويا.

اڳتي ھلي، ماڻهن جي پيھ سبب، 1973ع ڌاري، شاھ فيصل بن عبدالعزيز جي حڪم تي مسجد جي حد کي پنجوڻو وڌائي، جديد انداز ۾ وسيع مسجد تعمير ڪرائي وئي، پوءِ آخر ۾ بادشاھ فھد بہ ان احاطي کي وڌائي وڏو ڪرايو ۽ تمام خوبصورت اڏاوت ڪرائي، جتي لکن جي تعداد ۾ نمازي ۽ حج پانڌيئڙا نماز ادا ڪن ٿا.

شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ڪيترائي ڀيرا ۽ سُرڪيڏاري ۾ پڻ، حضرت محمدﷺ جي روضي مبارڪ جو ذڪر ڪيو آھي:

مَڪي کَان ٿِي موٽِيُون، اُٺِيُون تي عَرَفَاتِ،

روضي پَاسِ رَسُول جي، رِيجَهه ڪِيَائُون راتِ،

وِڄَڙِيُون پِرِڀَاتِ، موٽِي مِصرِ آئِيُون.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 14، ص:313)

روم:

روم، اٽليءَ جي گادي جو ھنڌ ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو شھر آھي. روم شھر جي آبادي، 2017ع جي آدمشماري موجب، 4,353,738 آھي. شھر جي ڪل پکيڙ، 5363 چورس ڪلوميٽر آھي. آنييني درياھ ۽ تيبر درياھ روم شھر جي ڀر ۾ وهن ٿا. روم جي خاص خوبي اھا پڻ آھي تہ ھتي ايراضي توڙي آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو ملڪ، ويٽيڪن سٽي پڻ موجود آھي، جيڪو عيسائين لاءِ تمام گهڻو مقدس آھي، ڇاڪاڻ تہ سندن پوپ اتي ئي رهندو آھي. ويٽيڪن سٽي، 110 ايڪڙن تي ٻڌل آھي ۽ ان ۾ صرف ھڪ ھزار ماڻهو رهن ٿا. توڙي جو ھي ملڪ، اٽلي جي شھر روم ۾ قائم آھي، پر ان تي رومي توڙي اطالوي سرڪار جو بہ حڪم نہ ھلندو آھي. 11 فيبروري 1929ع ۾، ھڪ ٺاھ موجب ويٽيڪن سٽي روم ۾ قائم ڪيو ويو.

روم، ھڪ تاريخي شھر آھي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب:”پھرين (ق. م.) کان ستين عيسوي صديءَ تائين ھن شھر کي اولهہ جي ملڪن جي تھذيب جو بنياد ڪري مڃيو ويندو ھو. بازنطيني حاڪميت جي زوال کان پوءِ، اٺين صدي عيسويءَ کان 1870ع تائين پاپائي رياست جي راڄڌاني مقرر ٿيو، 1811ع ۾، متحدہ اٽلي جي راڄڌاني ۽ 1946ع کان موجودہ وقت تائين جمهوريه اٽليءَ جي گادي جو ھنڌ آھي.“(سنڌيانا، (2012ع)، جلد ڇھون، ص:335)

روم، پنھنجيءَ قدامت ڪري پڻ مشھور آھي. قرآنشريف ۾ سورت روم پڻ آھي. ”روم جي تاريخي مرڪز کي يونيسڪو طرفان ورلڊ ھيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آھي. قديم روم جا آثار ۽ يادگار، ويٽيڪن ۽ ڪولوزئيم عجائب گهرن ۾ محفوظ آھن، جيڪي ھر سال اٽڪل 4.2 ملين سياح ڏسڻ ايندا آھن. 1960ع ۾، روم کي اولمپڪ راندين جو ميزبان ھئڻ جو اعزاز بہ حاصل رهيو آھي.“(سنڌيانا، (2012ع)، جلد ڇھون، ص:335)

410ع ۾، ٿيندڙ تبديلين ۽ 476ع ۾، رومي سلطنت جي تباھيءَ کان پوءِ، روم بازنطيني حاڪمن ۽ جرمئنڪ ويڙهاڪن جي قبضي ۾ رهيو، پر وري جڏهن عيسائيت کي ھٿي ملي تہ شھر جو ڀاڳ وريو ۽ ھيءُ ’پاپاءِ روم‘ سڏجڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ عيسائين جو سڀ کان وڏو مذھبي پيشوا ھتي رهڻ لڳو. جديد عھد ۾، روم ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي اھميت مڃائي ورتي ۽ ھتي گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت جو مرڪزي دفتر قائم ڪيو ويو آھي. يورپي يونين جي قيام لاءِ جن مختلف شھرن ۾ گڏجاڻيون ٿيون، انهن مان اھم گڏجاڻيون ھتي پڻ ٿيون. ھي شھر ماضيءَ ۾ جيترو مقبول ھو، اوترو ئي ھاڻي پڻ آھي.

شاھ لطيف جي رسالي ۾، ’روم‘ جو ذڪر سُر سارنگ ۾ ملي ٿو:

ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تـٖي، ڪي لَهَنِ سَمَرَقَنديٖن سارُ،

ڪي رَمِي ويٖيُون رومَ تـٖي، ڪي ڪابُلَ ڪي قَنڌارَ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2015ع)، ’شاھ جو رسالو‘سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:700)

سامارو:

سامارو، ضلعي عمرڪوٽ جو ھڪ وسندڙ شھر، تعلقي جي حيثيت ۾ موجود آھي. شاھ لطيف، ھن شھر جو ذڪر، سُر سارنگ ۾ ڪيو آھي:

ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پيٖيُون، آيُون ڪاھي ڪاماريٖ،

وَٺا پَٽَ پُراڻَ جا، وَٺِيُون ساماريٖ،

ڪَڪَر ۾ ڪاريٖ، وِڄُڙِيُن پَسو! ويسَ ڪِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 7، ص:699)

ساماري واري پٽ جو اصل نالو، ’سامير‘ يا ’سومير‘ ھو، جيڪو پوءِ ’سمير‘ سڏجڻ لڳو ۽ ان مان ڦري سامارو ٿيو. ساماري نالي ڍنڍ پڻ آھي، جنھن بابت، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ ڄاڻايل آھي:”مغل بادشاھ بابر جو پُٽ ھمايون، لشڪر سميت جڏهن شير شاھ کان ڀڄي عمرڪوٽ پھتو ھو، تڏهن پنھنجيءَ زال حميدہ بانوءَ کي، عمرڪوٽ جي محل ۾ ڇڏي، ٺٽي ۽ بکر تي ڪاھ ڪرڻ جي مقصد سان لشڪر وٺي، رستي سان گذرندي ھن ڍنڍ تي ترسيو ھو. پويان عمرڪوٽ ۾، سندس زال کي، 15 آڪٽوبر 1542ع تي، اڪبر بادشاھ ڄائو، جنھن جو اطلاع کيس ھن ڍنڍ تي مليو ھو. ھمايون ھن ڍنڍ تي پٽ ڄمڻ جي خوشي ملهائي ھئي. ھن وقت سموري ڍنڍ واري ايراضي زرعي آباديءَ ھيٺ آھي.“(سنڌيانا، جلد ستون 2013ع، ص:48)

ساماري ۾ ريڻي نالي ڍنڍ بہ آھي، جنھن جي ساڄي پاسي ’همير ھور‘ جو پَٽُ بہ آھي، جيڪو ھن وقت جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) تعلقي جي ايراضيءَ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ڍنڍ کان اتر طرف وري ٻوئلي جو پَٽُ ۽ اڳتي ’کن‘ جو علائقو اچن ٿا. جتي ريڻيءَ جي شاخ جي ڪناري سان ڀوريءَ جي شھر، ’اونچل ڪوٽ‘ جا کنڊر بہ آھن، جن جي منڍ ۾ انهيءَ ايراضيءَ جو مشھور قبرستان، ’رام جاڳو‘ آھي، جتي ’سما دؤر‘ جو مشھور عالم ۽ بزرگ، مخدوم عبدالرحمان ’جاڳو شھيد‘ دفن آھي، جنھن جي ڪرامتن کان متاثر انهيءَ ھنڌ کي ’رام جاڳو‘ ڪوٺيو وڃي ٿو.

سمرقند:

سمرقند، ازبڪستان جي ملڪ جو ٻئي نمبر تي وڏو ۽ اھم شھر آھي، ھن شھر جو ذڪر، شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ڪيو آھي. سمرقند، ازبڪستان جي صوبي جو پڻ نالو آھي، جنھن جي گاديءَ جو ھنڌ سمرقند شھر آھي. سمرقند شھر، چين ۽ اولهندي دنيا کي ملائيندڙ، شاھراھ ريشم (Silk Road) تي، اسلامي تعليم جو اعليٰ مرڪز ھئڻ سبب اھم شھر آھي.

2001ع ۾، يونيسڪو (UNESCO)، عالمي ورثي واريءَ فھرست (World Heritage List) ۾، ھن شھر کي 2750، سال پراڻو لکندي، ثقافتن جي شاھراھ (Cross roads of cultures) سڏيو آھي. سمرقند، دنيا جي قديم ترين آباد ٿيندڙ شھرن مان ھڪ آھي ۽ ھينئر وچ ايشيا جي وڏن شھرن مان ھڪ آھي.

700 (ق.م.) ۾ پڻ، ھن شھر جي اھميت جا آثار ملن ٿا ۽ سڪندراعظم، 329 (ق.م.) ۾ ان کي فتح ڪيو. جيتوڻيڪ اتي فارسي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، پر تنھن ھوندي بہ سڪندراعظم ۽ عربن جي فتحن جي دؤران بہ سياسي طور تي ايران سان ڳنڍيل نہ رهيو. يونانين، انهيءَ شھر کي ’مرڪند‘ ڪوٺيو. ڇھين صديءَ ۾ اھو شھر ترڪ سلطنت جي قبضي ۾ رهيو. ڏهين صديءَ جي شروع ۾ سمرقند، عربن جي ھٿ ھيٺ رهيو. اسلامي دنيا ۾ سمرقند، ڪاغذ جي صنعتڪاريءَ ۾ اھم شھر آھي. ڪاغذ ٺاھڻ جو فن سڀ کان پھرين ھتان ئي شروع ٿيو. پوءِ ٻيءَ اسلامي دنيا ۽ يورپ تائين پکڙيو. ڇھين صديءَ کان تيرهين صديءَ تائين اھو شھر، ايراضي ۽ آباديءَ ۾ وڏو ٿيندو ويو. انهيءَ شھر تي ترڪن، عربن، پارسين ۽ منگولن راڄ ڪيو. 1365ع ۾، منگولن خلاف انقلاب ڀڙڪيو، جيڪو پڻ ضابطي ۾ اچي ويو.

1370ع ۾، تيمور لنگ، سمرقند کي فتح ڪري پنھنجيءَ بادشاھت جي گاديءَ جو ھنڌ بڻايو ۽ سمرقند جي پرڳڻي کي ھندستان کان ترڪيءَ تائين وسعت ڏني. 35 سالن جي دؤران ھن نئون شھر اڏايو، جنھن ۾ ھُن، ھنرمندن ۽ مختلف فنن جي ماھرن کي ھر انهيءَ جڳھ تان لڏائي ھتي آڻي آباد ڪيو، جتي جتي ھن حملا ڪيا ھئا ۽ فتح ماڻي ھئي. سمرقند شھر، تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ خطي جو مرڪزي شھر ٿي اڀريو. انهيءَ وقت شھر جي آبادي لڳ ڀڳ ڏيڍ لک ھئي.

1499ع ۾، ازبڪ ترڪن، شھر تي قبضو ڄمايو. سورهين صديءَ ۾، بخارا گاديءَ جو ھنڌ مقرر ٿيو ۽ سمرقند تنزل طرف وڌڻ لڳو. 1784ع کان سمرقند تي بخارا جي اميرن راڄ ڪيو. ارڙهين صديءَ ۾، نادرشاھ انهيءَ شھر کي فتح ڪيو ۽ ڪجهہ سال قبضي ھيٺ رکيو.

ھن شھر جي ڪُل ايراضي، 16400 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي، جنھن جي ڏکڻ ۾ زرافشان درياھ، اُتر ۾ اڪاٽو ۽ نوراٽو جبل، ڏکڻ اولهہ ۾ گاھ جا ميدان ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ زيراوسٿان جبل جون قطارون شامل آھن. 1868ع ۾، روس ان تي قبضو ڄمايو. 1925ع ۾، يونين سوشلسٽ سوويت ريپبلڪ (USSR) جو گاديءَ جو ھنڌ مقرر ٿيو.

شاھ لطيف، سمرقند جو ذڪر، سُر سارنگ ۾ ھيئن ڪيو آھي:

ڪي اُٿي ھَلِيُون اِستَنبولَ ڏيٖ، ڪي مَڻِيُون مَغِرِبَ پارَ،

ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تٖي، ڪي لَهَنِ سَمَرَقَندٖين سارُ،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:700)

سنڌ:

سنڌ ھڪ شاندار تھذيبي خطي جو نالو آھي، جنھن کي سنڌو درياھ سيراب ڪري ٿو. ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ موجب:”سنڌ تي سنڌو نديءَ تان نالو پيو آھي. سنسڪرت ۾، ’سنڌو‘ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياھه.“ (آڏواڻي، 1992ع، ص:36)

ھن خطي جي تاريخ گهڻي آڳاٽي آھي، جنھن جون پاڙون، موهن جي دڙي جھڙي عظيم تھذيب ۾ کتل آھن. تاريخ ۾ ان تھذيب جو تعلق ان دؤر جي قديم تھذيبن:بابل، مصر، اردن ۽ ايران سان ھو. ان جي پکيڙ ھڪ لک چورس ڪلو ميٽرن تي ھئي. موهن جو دڙو، پنھنجيءَ تھذيبي، واپاري ۽ صنعتي پيداوار جي ڪري ڏيھان ڏيھ مشھور ھو، جنھن جا حوالا، تاريخن ۾ جام ملن ٿا. مختلف دؤرن ۾، ھن خطي جي جاگرافيائي حدن ۾ ڦيرا گهيرا ايندا رهيا، جنھن جو وڏو سبب سنڌو درياھ جي موج مستي رهي آھي. مختلف دؤرن ۾، سنڌؤَ جو رخ بدلجڻ سبب ڪيترائي وسندڙ شھر، تباھ ۽ برباد ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي نوان شھر ۽ منڊيون آباد ٿينديون رهيون. ان کان علاوہ، ٻيو سبب ڌارين جون ڪاھون ھيون. ڌارين حاڪمن پنھنجي سھولت خاطر نوان شھر آباد ڪيا ۽ ڪن شھرن کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو.

شاھ لطيف جنھن دؤر ۾، اکيون کوليون، ان وقت سنڌ مغلن جي قبضي ھيٺ ھئي ۽ ڪلهوڙا حڪمران مغلن جي تابع ھئا. شاھ لطيف، سنڌ جو ذڪر سُر سارنگ، سُر رامڪلي، سُرمعذوري ۽ بلاول ۾ ڪيو آھي:

نهَ سِرِي نہ سِنڌُ ڪا، نهَ ھندُ ھِهَڙِي....

(شاھواڻي، غلام محمد (2015) شاھ جو رسالو، سر رامڪلي، داستان 1، وائي-1، ص:785)

سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرَکَنڊٖين پيٖياِس،

ڪيرَ بِرَهَمِڻِ ڪَنِ جِي، ڪيرُ ڄاڻي ڪيٖڻاسِ،

ھوند نہ سِنڌِ سُياسِ، ھِنَ پُرئين ڪَيِسِ پَڌَرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد (2015) شاھ جو رسالو، سر معذوري، داستان 1، بيت 14، ص:348)

سائينم! سدائين، ڪَرِين مَٿي سِنڌُ سُڪار،

دوسَ! مِٺا دِلِدارَ! عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:700)

موجودہ وقت ۾ ’سنڌ‘، پاڪستان جو ھڪ اھم صوبو آھي، جنھن جي گاديءَ جو ھنڌ ’ڪراچي‘ آھي. پاڪستان ۾ ھي صوبو ايراضيءَ جي حوالي سان ٽئين نمبر ۽ آدمشماريءَ جي حوالي سان ٻئي نمبر تي وڏو صوبو آھي.

ھن وقت سنڌ جي ڪل ايراضي، 140،914 چورس ڪلوميٽر ( 54,407چورس ميل) آھي. ھن جي ڊيگهہ ۾ ڦاڪ 66° 42-71° 10° E ۽ ويڪرائي ڦاڪ 23° 23-28° 30° N آھي ۽ 2017ع ۾، ٿيل آدمشماري موجب، سنڌ جي ڪُل آبادي 47،886،051 آھي.

سنڌ، جاگرافيائي حوالي سان ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل آھي. ھن جي اولهہ ۾ کيرٿر جبل، اوڀر ۾ وارياسو پاسو (ٿر) جيڪو اتر ۾ ناري تائين آھي. وچولو علائقو ميداني، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ اتر کان ھيٺ ڏکڻ تائين سنڌو درياھ وهي ٿو، جنھن جا ٻئي ڪپ، زراعت سان زرخيز آھن. ان کان سواءِ، اوڀر طرف پنجاب، اتر- اولهہ ۾ بلوچستان جي ڊگهي سرحد، جڏهن تہ اوڀر- ڏکڻ واريون ڪنڊون، پاڙيسري ملڪ، ھندستان جي علائقن سان ملن ٿيون. ھن وقت سنڌ صوبي ۾ ڪُل ڇھه ڊويزنون ۽ اوڻٽيهه ضلعا آھن. سنڌ جي قديم تھذيب جا آثار ’موهن جو دڙو‘، ’آمري‘، ھڙپا، چانهون جو دڙو، مهر ڳڙهه، لوٿل جو دڙو، ’ڪوٽ ڏيجي‘ ۽ ’رني ڪوٽ‘ جي صورت ۾ لڌا ويا آھن.

ھتي جي موسم، اونهاري ۾ سخت گرم ۽ سياري ۾ ڪجهہ ايراضين ۾ گهڻي ٿڌي رهي ٿي. ھتي مينھن گهٽ مقدار ۾ پوي ٿو، پر سنڌو درياھ جي وهڪري وارن علائقن ۾ زراعت گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿي. ريگستاني ۽ ڪوهستاني علائقن ۾، زراعت جو دارومدار برساتن تي آھي. ان کان سواءِ، باقي سڄيءَ سنڌ ۾ ھر قسم جا فصل، وڻ، گُل، ٻُوٽا وغيرہ جام ٿين ٿا. سنڌ جي ٻہراڙيءَ جي آباديءَ جو گذران خاص ڪري زراعت ۽ چوپائي مال تي آھي. موجودہ سنڌ صوبي جون حدون اتر- اوڀر پاسي ڪشمور کان شروع ٿي اولهه- ڏکڻ تي ڪراچيءَ ۾ اچي ختم ٿين ٿيون.

سنڌ تي اوائلي دؤر ۾، دراوڙن، آرين، راءِ گهراڻي ۽ برهمڻن جو راڄ رهيو. 712ع ۾، عربن، محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ برهمڻن کي شڪست ڏئي، سنڌ ۾ اسلامي حڪومت قائم ڪئي. عربن کان پوءِ، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن سنڌ تي حڪمراني ڪئي. انهن دؤرن ۾، سنڌ جون سرڪاري زبانون، عربي ۽ فارسي رهيون. سورهين صديءَ عيسوي ۾ ھت، انگريز، واپار سانگي آيا. ھنن سنڌ ۾ تعليمي توڙي معاشي سڌارا تہ آندا، پر گڏوگڏ، پنھنجي ايسٽانڊيا ڪمپنيءَ جي دوکي ۾ ٽالپرن سان مختلف ٺاھ ڪيا. 1843ع ۾، سر چارلس نيپئر سنڌ تي ڪاھي ڪئي ۽ ميرن کي مياڻيءَ ۾ شڪست ڏئي پنھنجي مڪمل حڪومت قائم ڪري ورتي.

انگريزن، سنڌي ٻوليءَ جي موجودہ صورتخطي 1853ع ۾، جوڙائي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو. انگريزن سنڌ کي انتظامي طور ھڪ ڊويزن جو درجو ڏئي، بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍي ڇڏيو، جنھن جي خلاف سنڌين پاران وڏي تحريڪ ھلائي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي سالن کان پوءِ، جون، 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان ڌار ڪري، خودمختار صوبي جي حيثيت ڏني وئي. بمبئي پريزيڊنسيءَ کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ، ٿيل عام چونڊن جي نتيجي ۾، 28 اپريل 1937ع تي، سر غلام حسين ھدايت الله، سنڌ جو پھريون وڏو وزير مقرر ٿيو. انگريزن، ھڪ صديءَ تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. 1947ع ۾، ورهاڱي کان پوءِ، سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي.

سنڌ جي، بمبئي کان آزاديءَ جو، محمد علي جناح بہ پُرجوش حامي ھو، ھن 1931ع ۾ لنڊن ۾ ٿيندڙ پھرئين گول ميز ڪانفرنس ۾، سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ واري مسئلي تي ڳالهائيندي چيو:

”سنڌ کي کوٽ وارو صوبو ڏيکاريو ويو آھي، جيڪو حقيقت ۾ غلط آھي. جيڪڏهن، بمبئيءَ پرڳڻي لاءِ مان ڳالهايان تہ پوءِ ائين چوندس تہ جيڪڏهن سنڌ کوٽ وارو علائقو آھي تہ پوءِ، ھندستان سرڪار، ان کي بمبئيءَ تي ھميشه لاءِ ڇو ٿي عنايت ڪري؟ ھاڻي ٻئي ڪنھن جو وارو اچڻ کپي. جيڪڏهن اھو سچ آھي، سنڌ کوٽ وارو صوبو آھي تہ پوءِ، بمبئي ان کي ڪافي وقت برداشت ڪيو آھي. جيڪڏهن اھا حقيقت آھي تہ پوءِ، ھن اڇي ھاٿيءَ جو بار ڇو ھميشه لاءِ بمبئيءَ تي رکيو ويو آھي؟ بمبئي جي ھاڻي جان ڇڏائي وڃي.“(ڀرڳڙي. 1994ع،ص:35-234)

محمد علي جناح، ترقي پسند ۽ روشن خيال ذھن جو مالڪ ھو. پاڻ 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ تاريخي خطاب ڪيو، جنھن کي اڄ تائين جمهوري ۽ سيڪيولر ڌُريون تمام گهڻو ساراھينديون آھن.

محمد علي جناح، 11 سيپٽمبر 1948ع تي، وفات ڪئي ۽ کيس ڪراچيءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جتي سندس شاندار مقبرو اڏيل آھي.

سنڌ اسيمبلي 1940ع ۾، سڀ کان پھريان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ٺھراءُ بحال ڪرايو ھو، جيڪو سائين جي. ايم. سيد پيش ڪيو ھو.

پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ، ڪراچيءَ کي نئين آزاد ٿيل ملڪ جي وفاقي گاديءَ جو ھنڌ بڻايو ويو، تنھن ڪري ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري، وفاق جي انتظام ھيٺ ڏنو ويو ۽ سنڌ صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ حيدرآباد نيو ويو، جيڪو ٽالپرن جي دؤر ۾ بہ گاديءَ جو ھنڌ ھو. آڪٽوبر 1954ع ۾، ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ، سنڌ جي خودمختيار صوبي واري حيثيت کي ختم ڪري اولهہ پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. اھڙيءَ ريت پندرهن سالن تائين اولهہ پاڪستان جي گاديءَ جو ھنڌ لاھور رهيو.

پنجاھ واري ڏهاڪي ۾، ڪراچيءَ ۾ وڏيون وڏيون صنعتي ايراضيون قائم ٿيون، جن ۾ مختلف قسمن جا ننڍا ۽ وڏا ڪارخانا قائم ٿيا. انهن ۾ (S.I.T.E.) سنڌ انڊسٽريل ٽريننگ اسٽيٽ، ملڪ جي سڀ کان وڏي صنعتي ايراضي قائم ٿي. ان کان سواءِ، اڳتي ھلي، ڪورنگي صنعتي ايراضي، نيو ڪراچي صنعتي ايراضي، فيڊرل بي ايريا صنعتي ايراضيءَ سان گڏوگڏ، نوري آباد جي صنعتي ايراضي قائم ٿي، جيڪا بدامني جي ور چڙهي وئي ۽ ڪيترائي ڪارخانا بند ٿي ويا. ٻين شھرن، جن ۾ حيدرآباد، ڪوٽڙي، لاڙڪاڻو، خيرپور، گهوٽڪي ۽ شھيد بينظيرآباد (نوابشاھه) ضلعن ۾، مختلف قسمن جون صنعتون قائم ٿيون. خاص طور کنڊ، سيمينٽ، ڪپڙي جي صنعت ۽ گاڏين جوڙڻ جا ڪارخانا وڏي اھميت رکن ٿا.

پھرين جولاءِ، 1970ع تي، ون يونٽ ٽُٽڻ کان پوءِ، سنڌ جي صوبائي حيثيت ٻيھر بحال ٿي ۽ ڪراچي ان جي گاديءَ جو ھنڌ ٿي. 1970ع ۾، سنڌ ۽ وفاق ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جُڙي، جنھن ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ۽ ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو.

پيپلز پارٽي جي حڪومت ھڪڙي پاسي پاڪستان جو 1973ع وارو آئين جوڙيو تہ ٻئي پاسي، 7 جولاءِ، 1972ع تي، سنــڌ اســـيــمبليءَ مــان سنڌيٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ طور نافذ ڪرڻ جو بِل منظور ڪرايو. ڊسمبر 1973ع ۾، رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو.

انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي شھر ڪراچيءَ ۾، پورٽ قاسم ۽ اسٽيل ملز سميت سوين ٻيون صنعتون قائم ٿيون. سنڌ جو عام ماڻهو پھريون ڀيرو ٻہراڙين مان نڪري ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيو.

جنرل ضياءُالحق، 1977ع ۾، شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ختم ڪري، ملڪ ۾ مارشل لا قائم ڪري، پاڻ ملڪ جون واڳون سنڀاليون ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي کي زندان ۾ رکيائين، جنھن کي 4 اپريل 1979ع تي ڦاھيءَ تي چاڙهيو ويو.

ذوالفقار علي ڀُٽي جي شھادت کان پوءِ، سنڌ ۾ ضياءُالحق خلاف نفرت جي باھ ڀڙڪي وئي ۽ پيپلز پارٽيءَ سان گڏوگڏ، سنڌ جي قومپرست جماعتن، اديبن، شاعرن ۽ ساڃاھ وندن آمريت جي خلاف ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ھلائي، جنھن ۾ ھزارين ماڻهن، جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ تڪليفون ۽ سختيون سٺيون ۽ ڪوڙا کاڌا.

1985ع ۾، ضياءُالحق طرفان لڳايل ٽيئن مارشل لا جي خاتمي جي اعلان سان، سنڌ جي سياست ۾، تمام وڏي ڦيرگهير آئي. محمد خان جوڻيجي کي پاڪستان جو وزيرراعظم چونڊيو ويو. سندس حڪومت جي خاتمي کان پوءِ، ضياءُالحق، ھوائي جھاز جي ھڪ حادثي ۾، بھاولپور ۾ مارجي ويو. سندس موت کان پوءِ، 1988ع ۾، ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي نتيجي ۾، بينظير ڀٽو، وزيراعظم طور اقتدار سنڀاليو.

ورهاڱي کان اڳ، سنڌ ۾ تعليمي سھولتون تمام گهٽ ھيون. اپريل 1947ع ۾، سنڌ يونيورسٽي، ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي، پر 1950ع ۾، جڏهن قومي اسيمبلي، ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو ائڪٽ منظور ڪيو تہ سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد لڏايو ويو. تعليمي لحاظ کان ھن وقت سنڌ ۾ 58 يونيورسٽيون آھن، جن مان 25 سرڪاري ۽ 33 خانگي شعبي ۾ آھن. اسڪولن ۽ ڪاليجن جو انگ خانگي توڙي سرڪاري شعبي ۾ ھزارن جي تعداد ۾ آھي.

سکر بئراج، انگريزن جي دؤر ۾ ٺھي، جڏهن تہ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ، گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج قائم ٿيون، جن وسيلي سنڌ ۾، واھن جو ڄار وڇايو ويو ۽ ڏورانهن ايراضين تائين آبپاشي جي مقصدن لاءِ پاڻي جي ورڇ ٿي.

سنگُهر:

سنگُهر، ھڪ ويڪري، سِڌي پَٽ جو نالو آھي، جيڪو پٻوڻي تَر کان شروع ٿي، منھن ٻار نئن تائين آھي. اھو پَٽ بلوچستان جي تعلقي وندر ۾ واقع آھي. ھي پَٽ ٻن حصن ۾ ورهايل آھي، جن مان ننڍي سنگهر وارو پٽ پٻوڻي کان، کر پلاڻ تائين ۽ وڏي سنگهر وارو پٽ کرپلاڻ جي اولهائين پاسي کان، منھن ٻار نئن تائين پکڙيل آھي، جتي سسئي پنهونءَ جي قبر آھي. ھي سِڌو وارياسو پوٺو آھي، جنھن ۾ ڄار جي وڻن ۽ ٻُوھ جي، ٻُوٽن جي گهڻائي آھي. شاھ لطيف، ھن جو ذڪر، سُر حسيني ۾ ڪيو آھي.

ڪَا جَا ڳالهہ ھُئِي، ٻاروچي جي مَنَ ۾،

سِرُ سَڳرِ، پُرُ پيچَري، تُون جا لوڪَ سُئِي،

سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، ڪيرُ چَوَندو مُئِي،

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذور، داستان 4، وائي، ص:201)

سوراشٽر/سورٺ:

سورٺ، ھندستان جي گجرات رياست جي ھڪ مشھور شھر جو نالو آھي. سورٺ، سنسڪرت لفظ، ’سوراشٽر‘ جو بگڙيل روپ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:عمدو ملڪ يا عمدي ملڪ جي. موجودہ وقت ۾ جنھن علائقي کي ڪاٺياواڙ سڏجي ٿو، ان کي اڳ سوراشٽر سڏيو ويندو ھو. شاھ لطيف، سنڌ جي ٻين علائقن وانگر، سوراشٽر ۽ ڪڇ وارن علائقن کي بہ پنھنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آھي. شاھ لطيف ھن شھر جو ذڪر ٻين سُرن کان سواءِ، سُر بلاول ۾ بہ ڪيو آھي:

جيهُسِ ڪونَه جھان ۾ سِنڌُ سُورَٺِ ھِندُ ھَاڻِ،

دَرِ داتَا مَنڱُ مَنگَتَا، ٻي جِي ڪَڍُ مَ ڪَاڻِ،

پَاٽُوندَرُ پَاڻُ، مَنَ حَالُ پَسِي ڀَالُ ڪَري.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر بلاول، داستان 2، بيت 8، ص:176)

راڳداريءَ واري حوالي سان، سورٺ راڳڻيءَ جو نالو بہ آھي، جا راڳ ڀيروي جي ٽئين پُٽ، ’ڏني پريا‘ جي زال آھي، جيڪا رات جي ٻئي پھر ۾ ڳائبي آھي.

ھيءَ راڳڻي، سوراشٽر ۾ ڳائي ويندي ھئي. جڏهن ھيءَ راڳڻي ٻين علائقن تائين پھتي تہ انهن لاءِ نئين ھئي ۽ انهن ان راڳڻيءَ جو سوراشٽر جي نسبت سان نالو ئي سوراشٽر ڏنو ۽ انهيءَ نالي سان اھا راڳڻي مشھور ٿي، جيڪا اڳتي ھلي ’سورٺ‘ ٿي وئي.

سوراشٽر/سورٺ، قديم سنڌ جو حصّو رهيو آھي ۽ پوءِ گهڻي عرصي تائين لاڳاپيل بہ رهيو. ان ئي سبب ڪري سورٺ ۽ سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن ۾ ڪافي ھڪجھڙائي آھي. ٻنهي علائقن جي ماڻهن جو سڀاءُ، گهڻي ڀاڱي ساڳيو، ٻاجهارو آھي. ٻنهي ملڪن جي جاگرافيائي بيھڪ توڙي تاريخي ۽ ثقافتي حوالي سان ڪافي ھڪجھڙايون پڻ آھن ۽ منجهن لسانياتي لاڳاپو بہ گهرو ھو. جيئن ڪڇ، ڪاٺياواڙ، جيسلمير ۽ گجرات جي ڀاڱن جو ھو، جن ۾ ڪڇي، ڪاٺياواڙي، گجراتي ۽ مارواڙي زبانون ڳالهايون وينديون ھيون، پر انهن سڀني حصّن جا رهاڪو ھڪٻئي ۾ اھڙا ڳنڍيل ھئا، جو سندن تاريخي واقعا، قصا، ڪھاڻيون، رسمون، رواج، مٽيون مائٽيون ۽ لڳ لاڳاپا ھڪ ٻئي سان گهرا ۽ گهاٽا ھئا. سوراشٽر ۾ بہ سنڌو تھذيب جا ڪيترائي قديم آثار آھن ۽ انهن جي کوٽائيءَ مان ماھرن جي ھي رايا پيش ڪيا آھن.

مسٽر پوشيل، پنھنجي ڪتاب، ‘Indus Civilization in Saurashtra’ ۾ لکي ٿو تہ، ’اھا ڳالهہ بہ ثابت ٿي آھي تہ، موهن جو دڙو ۽ ھڙاپا ٻئي پاڻ ۾ ڳنڍيل ھئا ۽ علائقائي جاگرافي بہ ساڳي ھئي.‘ اھڙيءَ ريت سنڌ ۽ سوراشٽر بہ تاريخي طور تي ڳنڍيل رهيا آھن ۽ اڄ بہ منجهن ڪيتريون ئي ڳالهيون ھڪجھڙيون آھن.

قديم سوراشٽر، جنھن ۾ راج ڪوٽ، ماناوادر، گوندل، ڄام نگر، سمانگر، ڌنڌڪا، سريندڙ نگر، گڌادا، ولڀ پور (جتي سومناٿ مندر آھي)، امريلا، ڀاوَنگر، پليتماڻا ۽ ٻيا شھر ۽ علائقا اچي وڃن ٿا، جيڪي سنڌ سان ڳنڍيل رهيا آھن.

موجودہ وقت ۾، سوراشٽر ۾ دوارڪا جھڙو مشھور بندر آھي، جيڪو سنڌ کي ويجهو آھي. ان کان پوءِ پوربندر آھي، جتي تيرٿ آھن. پوربندر جي ڏکڻ ۾ ويراول بندر آھي، جتي مشھور سومناٿ مندر آھي، جنھن کي محمود عزنويءَ ڦري لُٽي تباھ ۽ برباد ڪيو ھو.

پوربندر کان اوڀر طرف، شاھ لطيف جي سُر سورٺ جو محور جهوناڳڙه آھي، جيڪو گرنار جبل جي پاڙ ۾، اتر واري ڪنڌيءَ تي واقع آھي، جتي ٻيجل پنھنجي فن ۽ ساز جو سھارو وٺندي راءِ ڏياچ جو سر ورتو ھو. ان قصي جي سورميءَ جو نالو پڻ سورٺ ھو.

سوراشٽر، ڪوري کاري، ڪڇ، عربي سمنڊ ۽ کنڀات واريءَ نار جي وچ ۾ آھي، جتي ٽي اھم جبل:گرنار، ڏاتار ۽ پاليتانا آھن. جهوناڳڙهه، گرنار جي ڪڇ ۾ اترين ڪنڌيءَ تي آھي.

سوراشٽر ۾ سنڌو تھذيب جا سوين قديم ماڳ آھن، جن جا اھڃاڻ اڄ بہ گهڻين ايراضين تي پکڙيل آھن. انهن مان ٻہ سؤ کان بہ مٿي اھڙا ماڳ آھن، جن جي ھندستان جي قديم آثارن جي کاتي کوٽائي ڪرائي آھي.

طور سينا:

طور، اصل ۾ ھڪ جابلو سلسلي جو نالو آھي، جيڪو سوئيز ڪئنال ۽ عقبہ نار جي وچ ۾، ھڪ ٽڪنڊي جيان بيٺل آھي. ھن سلسلي جي اُتر پاسي اوچائي، تمام گهٽ آھي ۽ ھر ھنڌ واريءَ جا دڙا آھن، پر ڏکڻ پاسي ھن جون چوٽيون نوَ نوَ ھزار فٽ اوچائيءَ تي آھن ۽ ھي ساوڪ ۽ وڻڪاريءَ سان ڀريل آھن.

ھن جابلو سلسلي ۽ فلسطين جي وچ ۾، تيه جو صحرا بہ آھي. ھن جبل تي الامن (ايليم) جي مقام تان ماڻهو چڙهندا ھئا. ان جي ويجهو ئي وادي طويٰ آھي. ھيءَ اھا ئي جاءِ آھي، جتي حضرت موساؑ الله سان ڪلام ڪندو ھو.

قرآن شريف ۾، طور جو لفظ ڏه ڀيرا آيل آھي. تورات ۾، ھن جبل کي ’حورب‘ سڏيو ويو آھي. ان کان سواءِ، انجيل ۾ بہ طور سينا بابت، ڪيئي روايتون موجود آھن.

شاھ لطيف، ھن جو ذڪر، سُر رامڪليءَ جي چئن پنجن بيتن ۾ ڪيو آھي:

مونا طُورِ سِينا، سندا سَناسِيَنِ،

’طالِبُ المَوليٰ مُذَّڪَر‘، اِيءُ ڪَلامُ ڪِيائُون ڪَنِ،

سِکَڻَ کي سَڀِين پَرِيين، ٻُجِھي ڏِنائُون ٻَن،

اَلفُ آديسِيَنِ، چُونڊي رَکِيو چِتَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 5، بيت 3، ص:800)

ھن جبل کي، سينا يا سيناءِ بہ سڏيو وڃي ٿو. ھن جو اتر وارو حصو مرتفع ميدان يا مٿانهون پَٽ آھي ۽ ڏکڻ طرف، جبل موسيٰ اٿس، جنھن کي ’طور‘ سڏيو وڃي ٿو.

عَدن:

عدن، يمن ملڪ جو ھڪ مشھور شھر ۽ سامونڊي بندر آھي، جتان سمنڊ مان ججهي تعداد ۾ موتي ملندا ھئا. ھن وقت بہ اتان مرجان پٿر، جهجهي تعداد ۾ ملي ٿو.(اسلامي انسائيڪلو پيڊيا، ص:1013)

عدن، 1839ع کان 1967ع تائين برطانوي راڄ جي قبضي ھيٺ رهيو، جنھن کان پوءِ، ڪيترن ئي سالن جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ، 1967ع ۾، اُن آزادي ماڻي ورتي.

شاھ لطيف، ھن شھر جو ذڪر، سُر سُريراڳ ۾، ھن ريت ڪيو آھي:

نَاکُئو نِگَهِبَانُ، مَعلُمَ مُجي خَبَرون،

جَن سَاري کَنيو سَمُنڊَ ۾، سَفَرَ جو سَامانُ،

لُطِفَ سَاڻُ لَطِيف چَئي، تَنِ لَنگهِئو طُوفَانُ،

سَنڀَاري سُبحَانُ، وَڃِي عَادَنِئُون اُکَتَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سري راڳ، داستان 7، بيت 14، ص:178)

آزاديءَ کان پوءِ، ھي شھر، 1967ع کان 1990ع تائين، ڏکڻ يمن جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ رهيو، جنھن کان پوءِ، 1990ع ۾ ڏکڻ يمن ۽ اتر يمن گڏجي، يمن جو عوامي جمهوري رعيتي راڄ بنجي ويا. عدن، ھن وقت ’عوامي جمهوري يمن‘ جو وڏو واپاري شھر آھي.

ھن وقت عدن ۾ مجموعي طور اٺ ضلعا آھن، جيڪي ھن ريت آھن:البراتي، المنصوره، المُعليٰ، الشيخ عثمان، عطاوحي، ڪريتر، درصاد، خرمڪسر. عدن جي ڪل آبادي، 2017ع جي انگن اکرن موجب، 1،760،923 آھي.

عرفات:

سعودي عرب ۾، ھڪ ميدان، جيڪو مڪي شريف کان اوڀر طرف ويھن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقح آھي. ھن ميدان جو ذڪر، شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ڪيو آھي.

عرفات جو ميدان، حرم جي حدن کان ٻاھر آھي، جنھن جي اترئين پاسي کان عرفات جبل آھي. حج جي موقعي تي، ڪي بنيادي رُڪن، ھن ميدان ۾ ادا ڪيا وڃن ٿا. ميدان جي اتر اوڀر ۾ ٻہ سؤ فوٽن جي بلندي تي ھڪ جبل آھي، جيڪو عرفات جبل کان ٿورو الڳ آھي، جنھن جو نالو پڻ عرفات جبل آھي، پر عام طور اُن کي ’رحمت جو جبل‘ سڏبو آھي. انهي جبل جي اوڀرئين پاسي کان، چوٽيءَ تائين ھڪ ڏاڪڻ آھي. ڏاڪڻ جي (60) سٺئين ڏاڪي تي ھڪ چبوترو ٺھيل آھي، جنھن تي ھڪ منبر رکيل آھي. انهي منبر تي چڙهي، خطيب، نائين ذوالحج جي ڏينھن، ٻنپھرن کان پوءِ، خطبو پڙهندو آھي. انهيءَ جبل جي چوٽيءَ تي ھڪ مينار پڻ ٺھيل آھي. ميدان جي ويڪر اٽڪل 6 ڪلوميٽر ۽ ڊيگهہ 12 ڪلوميٽر آھي. اسلام جي شروعاتي ڏينھن ۾ اتي ڪيترائي کوهه کوٽرايا ويا، جن جي ذريعي ڪيترن ئي باغن ۽ مڪانن جي آباد ٿيڻ جو ذڪر ملي ٿو.

ھتي ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ، ’يوم عرفھ‘ تي ئي نظر ايندي آھي. جڏهن حاجي، وقوف عرفہ ادا ڪرڻ لاءِ ھتي خيما کوڙيندا آھن (عرفات ۾، ’وقوف‘ حج جو نھايت اھم رُڪن آھي، بلڪہ ھڪ روايت مطابق ’حج‘ عرفات ۾ رهڻ جو ئي نالو آھي). وقوف، ٻنپھرن جي خطبي ۽ نماز کان پوءِ، شروع ٿئي ٿو ۽ سانجهيءَ کان ٿوري دير پوءِ تائين جاري رهي ٿو.

انهي ميدان تي ’عرفات‘ نالو ڪيئن پيو، انهي متعلق ڪا ڄاڻ ملي ناھي سگهي. روايتون آھن تہ جڏهن حضرت آدمؑ ۽ حضرت حوا کي جنت مان ڪڍيو ويو ھو ۽ اھي جدا ٿي ويا ھئا، ٻيھر جڏهن زمين جي جنھن ٽُڪري تي مليا ۽ ھڪٻئي کي سڃاتائون سو اھو ئي ميدان آھي (عرفات جي لفظي معنيٰ بہ سڃاڻپ آھي.) . ھي ميدان، انهيءَ ڪري بہ مشھور آھي تہ ٻنهي جھانن جي سردار، حضرت محمد مصطفيٰﷺ انهي ميدان ۾، ڏاچيءَ تي چڙهي آخري خطبو ڏنو ھو.

عرفات جي ميدان جو ذڪر، شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ڪيو آھي. شاھ جا پارکو، ھن سُر جي ڪيترن ئي بيتن ۽ واين جي سمجھاڻي، (فڪر) اسلام جي اچڻ ۽ پکڙجڻ، مذھبي، سماجي ۽ اخلاقي تبديلين جي ڪري امن، پيار، اخلاق ۽ ڀائپي بحال ٿيڻ ۽ خوشي ۽ خوشحالي اچڻ جي پس منظر ۾ بيان ڪن ٿا. اھڙي قسم جا اشارا، سُر سارنگ ۾ ملن ٿا، جنھن ۾، جتي جتي قرآن ۽ حديث جي علم جي روشني پھتي، انهن جڳھن جو ذڪر ڪيو ويو آھي. انهن ۾ مقام عرفات پڻ ھڪ آھي. شاھ لطيف فرمائي ٿو:

مَڪي کَان ٿِي موٽِيُون، اُٺِيُون تي عَرَفَاتِ،

روضي پَاسِ رَسُولؐ جي، رِيجَھ ڪِيَائُون راتِ،

وِڄَڙِيُون پِرِڀَاتِ، موٽِي مِصرِ آيُون.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 14، ص:313)

عمرڪوٽ / امر ڪوٽ:

عمرڪوٽ، سنڌ جو ھڪ مشھور شھر آھي. سُر مارئي، سُر مومل راڻي جو تعلق، عمرڪوٽ سان آھي ۽ شاھ لطيف، سُرسارنگ ۾ پڻ ھن شھر کي ڳايو آھي. ھي شھر، ضلعي عمرڪوٽ ۽ تعلقي عمر ڪوٽ جو ھيڊڪوارٽر پڻ آھي. ضلعي عمرڪوٽ ۾، عمرڪوٽ، ڪنري، پٿورو ۽ سامارو چار تعلقا آھن. عمرڪوٽ کي سنڌ جي تاريخ ۾ تمام گهڻي اھميت حاصل آھي. ڪنھن زماني ۾ ھي شھر، ھاڪڙي درياھ جي ڪپ تي آباد ھوندو ھو. ھي شھر ڪنھن ٻڌايو ۽ شھر جو صحيح نالو ڪھڙو آھي، اھا ڳالهہ اڃا تائين متضاد آھي. ڪن مؤرخن لکيو آھي تہ ھي شھر، سوڍن يعني راڻن جي راجا، امر سنگهه سوڍي ٻڌايو ھو ۽ صحيح نالو، ’امرَڪوٽ‘ آھي، تہ ڪن مؤرخن جي تحقيق مطابق ھي شھر، عمرسومري ٻَـڌايو ۽ صحيح نالو، ’عمرڪوٽ‘ آھي. پريتم پياسي، ڇھه ماھي جرنل ’سنڌي ادب‘ ۾ ڇپيل پنھنجي مضمون ’گُڍ اَمِراڻ‘ ۾ لکي ٿو:”عمر ڪوٽ جي قلعي جو بنياد ڪنھن رکيو، سا ڳالهہ اڃا تحقيق طلب آھي، ليڪن روايتن ۽ اھڃاڻن مان پتو پوي ٿو تہ ھن قلعي جو بنياد مھاراجا وڪرماجيت سن 380ع جي لڳ ڀڳ رکيو.“(پياسي، 1995ع، ص:70)

عمرڪوٽ جي قلعي اڳيان، جيڪو بورڊ لڳل آھي، ان تي لکيل آھي تہ، ’عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي، مختلف حڪمران گهراڻن جي لاھين چاڙهين کي ڏٺو آھي، ھي شھر سومرا گهراڻي (1050ع کان 1350ع) جي پھرئين حاڪم اڏايو ھو. تيرهين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ۾، ھڪ راجپوت حڪمران پرمار سوڍي، ھن شھر تي پنھنجو تسلط ڄمايو. ان جي پوين مان، راڻي پرشاد پنھنجو لشڪر وٺي، اچي ان وقت جي مغل بادشاھ جو استقبال ڪيو.‘

ھي قلعو، مستطيل نموني تي ٺھيل آھي، ان جي ڊيگهہ 946 فوٽ ۽ ويڪر 785 فوٽ آھي. ٻن ڪنڊن ۽ ٻاھرين ڪمانيدار دروازي جي پاسن تي، اڌ گولائي بُرج ٺھيل آھن. ڪن مؤرخن موجب اھو امرڪوٽ آھي، جيڪو سوڍن جي پاڙي پرمارن مان، راڻي امر سنگهه، 336ع ۾ ٺھرايو.

ڀڳتي مت جي روايتن موجب، راجا وڪرماجيت، پنھنجي ڀاءُ راجا ڀرتري سان ملڻ پئي ويو، جيڪو ’سيوستان‘ جو حاڪم ھو، تہ جڏهن ھو ’ديهات بندر‘ تي پھتو تہ اھا جڳھ بي حد وڻيس. ڀٽن ۾ سُنئين زمين جو دلڪش نظارو، بڙن جا وڏا وڻ ۽ پکين جون مٺيون لاتيون، ٻوڌي جوڳين جو ڪُٽيائون ۽ آشرم (رهائشگاھه) وڻي ويس. مھاراجا، انهن مڙني خوبين کي ڏسندي، ھتي ھڪ گڍ (قلعو) ٺھرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انهيءَ جو نالو ’امر‘ رکيائون.

”پرلي پاڙ نہ جائي، جُڳ جُڳ رهه جماڻ،

’بڪماڏي‘ ري بيڏئي، کوجيو گڍ ’امراڻ‘.“

(پياسي، 1995ع، ص:70)

رائيچند ھريجن، پنھنجي ڪتاب، ’تاريخ ريگستان‘ ۾، ’ٽاڊ راجسٿان گجراتي‘، ’وقائع راجسٿان‘، ’راجپوتانہ اتهاس‘، ’تاريخ ڪاٺياواڙ‘، ’مارواڙ اتهاس‘، ’اڪبر شاھ‘، ’سنڌ گزيٽيئر‘ ۽ ’تاريخ فرشته‘ جھڙن ڪتابن جا حوالا ڏئي، ثابت ڪيو آھي تہ عمرڪوٽ، عمر سومري جي دؤر کان گهڻو آڳاٽو آھي. ڪن مؤرخن جو خيال آھي تہ قلعي جوڙڻ لاءِ پٿر، ڪارونجهر جبل يا راجپوتانہ جوڌپور مان آندو ويو آھي.

سوڍا راجپوت، اُجين مان، 1226ع ڌاري، سنڌ ۾ رتي ڪوٽ (رتوڪوٽ شھر پنھنجي پراڻي نالي سان اڄ ڏينھن تائين تعلقي کپري ۾ واقع آھي، جتي ھڪ وڏو ڀڙو موجود آھي، جيڪو اھو اھڃاڻ ظاھر ڪري ٿو) ۾ آيا.

سومرن، ساڻن سھڪار ڪيو. سومرن کان پوءِ، سوڍن کي ٿر جي علائقي ۾ اثر ڄمائڻ جو موقعو مليو ۽ سوڍن جو مکيه راڻو، عمرڪوٽ ۾ رهندو ھو. ٻيا سوڍا سندس ماتحت ھئا. عمرڪوٽ، مغل بادشاھ اڪبر جي ڄمڻ جو ھنڌ آھي. 1542ع ۾، شير شاھ سوريءَ کان ھمايون جڏهن شڪست کائي، عمرڪوٽ پھتو، تہ سندس راڻي حميدہ بانؤَ کي پُٽ ڄائو، جيڪو مغليه سلطنت جو شھنشاھ، اڪبراعظم جي نالي سان مشھور ٿيو. جڏهن جلال الدين اڪبر تخت تي ويٺو تہ ھُن ٿر تان ڍل معاف ڪري ڇڏي.

1739ع ۾، نادر شاھ، دھليءَ کان واپسيءَ تي، سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ان وقت جي بادشاھ، نور محمد ڪلهوڙي، عمرڪوٽ قلعي ۾ وڃي پناھ ورتي ۽ نادر شاھ کي وڏو ڏن ڏئي ڇوٽڪارو حاصل ڪيائين. عمرڪوٽ جو موجودہ قلعو، 1746ع ۾، ميان نور محمد ڪلهوڙي نئين سر ٺھرايو. 1750ع ۾، عمرڪوٽ تي ڪلهوڙن جو مڪمل قبضو ٿيو ۽ سوڍا بي دخل ٿي ويا. ان کان پوءِ، ڪلهوڙن، عمرڪوٽ کي جوڌپور حوالي ڪيو. اھڙيءَ ريت ھن علائقي ۾ سوڍن جو اثر ٻيھر وڌيو. 1783ع ۾، ٽالپرن عمرڪوٽ تي حڪومت قائم ڪئي. 1813ع ۾، ٽالپرن جوڌپور کان عمرڪوٽ کي مڪمل طور آزاد ڪرائي ورتو. ان کانپوءِ عمرڪوٽ، ٽالپرن لاءِ، ڏکڻ سنڌ ۾ وڏي اھميت وارو شھر ٿي ويو. 1843ع ۾، جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، ان وقت عمرڪوٽ ۽ ٿر (کائڙ وارو علائقو) حيدرآباد سان گڏيل ھو. 1858ع ۾، ٿرپارڪر وارو علائقو پڻ حيدرآباد سان ملايو ويو. جنھن جي خلاف 1859ع ۾، ننگرپارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين بغاوت ڪئي. 1860ع ۾، ان سموري علائقي کي ’ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر‘ جو نالو ڏنو ويو. ۽ ان جو ھيڊڪوارٽر، عمرڪوٽ کي بڻايو ويو، جيڪو 1906ع تائين رهيو. 1906ع ۾، جوڌپور – ميرپورخاص ريلوي لائين کلڻ کان پوءِ، عمرڪوٽ بدران ميرپورخاص کي ضلعي ٿرپارڪر جو ھيڊڪوارٽر بنايو ويو ۽ ضلعي سانگهڙ جو ڪجهہ علائقو پڻ ھن سان شامل ڪيو ويو. ان کان پوءِ، عمرڪوٽ صرف نارا وئلي، سب ڊويزن ۽ عمرڪوٽ تعلقي جو ھيڊڪواٽر رهيو. 1947ع کان پوءِ، عمرڪوٽ جي آبادي وڌڻ لڳي ۽ ھي، ناري ۽ ٿر جو سماجي، معاشي، تعليمي، مذھبي، ثقافتي ۽ سياسي سرگرمين جو مرڪز ٿي پيو. سنڌ سرڪار، 1993ع ۾، عمرڪوٽ کي ميرپورخاص کان الڳ ڪري، ضلعي جي حيثيت ڏني، پر ڪن انتظامي سببن جي ڪري، 2000ع ۾، عمرڪوٽ جي ضلعي جي حيثيت ختم ڪري، ميرپور خاص ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. 2004ع ۾، وري ھن ضلعي کي بحال ڪري، عمرڪوٽ شھر کي ھيڊڪوارٽر بنايو ويو، جيڪو اڄ تائين آھي.

1967ع ۾ عمرڪوٽ قلعي ۾، ھڪ عجائب گهر اڏرايو ويو، جنھن ۾ قلمي نسخا، سڪا، تصويرون، ھٿيار، خطاطي جا نمونا ۽ شاھي دستاويز نمائش لاءِ رکيل آھن، جيڪي مغليه دؤر ۽ خاص طور تي اڪبري دؤر جي ڪھاڻيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. قلعي جي وچ ۾ ھڪ مورچو ٺھيل آھي، جنھن تي ڪلهوڙا دؤر جون ست توبون رکيل آھن. ھن قلعي سان پرمارن، سومرن، سوڍن، ڪلهوڙن، ميرن ۽ انگريزن جو مختلف حوالن سان تعلق رهيو آھي ۽ ان کان علاوہ، ٻيون بہ ڪيترائي تاريخي واقعا ھن قلعي سان وابستہ آھن.

نيم تاريخي داستان، عمر مارئي ۽ رومانوي داستان، مومل راڻو جو تعلق پڻ ھن شھر سان آھي، ڇاڪاڻ تہ ٻنهي داستانن جا مکيه ڪردار، عمر سومرو ۽ راڻو مينڌرو ھن شھر جا ھئا.

کوءِ آسون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ جَهنگَلَ ۾ جُهوپي،

جي اَبَاڻَنِ اَڏِئَا، ڳُڻَنِ سين ڳُوپي،

ويندِيَسِ ويڙِهِيچَنِ ڏي، لَوهَه ڀَڃي لُوپي،

چِڀِڙَ آئُون چُوپي، سِڪَ لاھِيندِي سُومرا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر مارئي، داستان 1، بيت 5، ص:378)

جڏهن تہ عمر سومري، مارئي کي انهيءَ قلعي ۾ قيد ڪيو ھو. شاھ لطيف انهن داستانن کي، ’سُر مارئي‘ ۽ ’سُرموملراڻو‘ ۾ ڳايو آھي. سُر مارئي ۾ شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ:

اِيءَ نَه مارُنِ رِيتِ، جيئن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي،

اَچي عُمَرَ ڪوٽَ ۾، ڪَندِيَس ڪانَ ڪُرِيت،

پَکَنِ جِي پِرِيتِ، ماڙِيءَ سين نَه مَٽِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 11، ص:567)

قلات / ڪلات:

پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ ڇھ ڊويزنون ۽ ٽيھ ضلعا آھن. انهن ڇھن ڊويزنن مان ھڪڙي ڊويزن، قلات پڻ آھي ۽ ھي شھر ضلعي قلات جو ھيڊ ڪوارٽر پڻ آھي. قلات کي 2 فيبروري، 1954ع تي، ضلعي جو درجو مليو. ھن شھر جي پکيڙ، 6621 چورس ڪلوميٽر ۽ آدمشماري چار لک آھي. ھن ضلعي ۾ ٻہ تعلقا آھن. ھتان جا رهاڪو براھوي ٻولي ڳالهائين ٿا.

ھن شھر، کي سڪندر اعظم جي 325ع ۾، لسٻيلي ۽ مڪران جي رستي اچڻ ڪري تاريخي حيثت ملي. اھو پڻ چيو وڃي ٿو تہ ھندو راجا، شوا بہ ھن خطي تي ستين صديءَ کان اڳ حڪومت قائم ڪئي ھئي، جنھن ڪري اھو اڃا تائين قلات شوا بہ سڏبو آھي. ھي عربن جي حڪومت ھيٺ بہ رهيو آھي. جڏهن محمد بن قاسم، 712ع ۾، سنڌ فتح ڪئي تہ قلات، عربن جي حڪومت ھيٺ رهيو. جنھن کان پوءِ، اھو خطو، غزنوين جي حڪمرانيءَ ھيٺ رهيو ۽ انهن کان پوءِ ھي علائقو، 1223ع ۾، غورين جي ھٿ ھيٺ اچي ويو. تنھن کان پوءِ، بلوچ ۽ براھوين گڏجي موجودہ قلات کي رياست جو درجو ڏنو، جيڪو انگريزن جي دؤر تائين برقرار رهيو ۽ احمد زئي خان ان جو والي ھو. واليءِ قلات، قائداعظم جي چوڻ تي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ھو.

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ، 1948ع ۾، قلات رياست پاڪستان ۾ شامل ٿي وئي ۽ اھا صوبي بلوچستان جو حصو بڻجي وئي.

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ جي سُر رامڪليءَ ۾، جوڳين جو ذڪر ڪندي، ھڪڙي بيت ۾ قلات ڏانھن سندن وڃڻ جو ذڪر ڪندي چيو آھي:

پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، ٻانهُنِ وِجهان واتُ،

ھُو جي ڪَھِيا ڏُونهن قَلاتُ، آئُون نَه جِيئندِي اُنِ ريٖ.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 12، ص:782)

قنڌار:

قنڌار، افغانستان جو ھڪ قديم تاريخي شھر آھي، جنھن جو ذڪر، شاھ لطيف سُر سارنگ ۾ ڪيو آھي. قنڌار، افغانستان جي ھڪ صوبي جو نالو پڻ آھي. ھي شھر ترنڪ درياھ ۽ ارغنتب جي وچ ۾ آھي ۽ حڪومت ۽ واپار جو مرڪز آھي.

عام طور تي مؤرخ، اھا ڳالهہ مڃين ٿا تہ، ھن شھر کي سڪندراعظم آباد ڪيو ھو ۽ انهيءَ جو نالو Alexandria Arachosia رکيو ھئائين. پر اھا ڳالهہ ايتري قدر پڪي نٿي لڳي، جنھن مان اِھو سمجھجي تہ ’قنڌار‘، Alexandria جي بدليل صورت آھي. انهيءَ جي برعڪس قديم ھندستاني سلطنت، ’گنڌارا‘ جي نالي سان وڌيڪ مضبوط مطابقت نظر اچي ٿي، جيڪا ڪابل نديءَ جي واديءَ ۾ پکڙيل ھئي. تنھن ڪري عرب مؤرخ، ’گنڌارا‘ کي ئي ’قندار‘ ڪري استعمال ڪندا ھئا. مثالطور المسعودي جي’قندار‘ جو، موجودہ ’قنڌار‘ سان ڪوبہ تعلق ناھي. Bellow جي انهي نظرئي کي قبول ڪرڻ جي گنجائش آھي تہ اراڪوشيا ۾ اھو نالو، گنڌارا سان تعلق رکندڙ ماڻهو وٺي آيا ھوندا. انهيءَ ھجرت جو زمانو، لڳ ڀڳ پنجين صدي عيسوي معلوم ٿئي ٿو. جڏهن چيني سياح، سُنگ يُن، 520ع ڌاري گنڌارا آيو ھو، سندس بيان موجب، Ephthalites گنڌارا فتح ڪيو ھو. قنڌار کان ٻاھر سلطان وَيس جي خانقاھ ۾، مھاتما ٻُڌ جي مورتي ملي، جيڪا شايد پناھ گير ٻُڌ ڀڪشو پاڻ سان گڏ، کڻي آيا ھوندا. اڃا ٻارهين ۽ تيرهين عيسوي صديءَ تائين نئين قنڌار جي شُھرت جي شروعات نہ ٿي سگهي ھئي. عرب مؤرخ، پنھنجن تصنيفن ۾، اراڪوشيا (الرخج) جي فتح جي ذڪر ۾ انهيءَ جو نالو نہ ورتو آھي. اُن زماني ۾، ھتي جو صدر مقام ’بُست‘ ھو. جنھن کي عبدالرحمان فتح ڪيو. جڏهن 1150ع ۾، علاؤالدين جھان سوز، ’بُست‘ کي تباھ ۽ برباد ڪيو. تڏهن وڃي قنڌار کي ڪجهہ اھميت ملڻ شروع ٿي. خواجه امير جي بيان مطابق ھرات جي شمس الدين ثاني قنڌار تي قبضو ڪيو ھو، جنھن جي حڪومت جو دؤر 1278ع کان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ لاءِ اھو مڃي سگهجي ٿو تہ انهيءَ زماني ۾ قنڌار، گاديءَ جو ھنڌ بڻجي چڪو ھو ۽ انهيءَ کان پوءِ، تاريخ ۾ ھڪ نمايان مقام حاصل ڪري رهيو آھي.

قنڌار کي امير تيمور فتح ڪيو ۽ پنھنجي پوٽي کي جيڪو صوبو عنايت ڪيو ھئائين، انهيءَ ۾ قنڌار پڻ شامل ھو. پنڌرهين صديءَ جي آخر ۾ ھي شھر، سلطان حسين بالقيرہ جي سلطنت جو حصو ھو. انهيءَ کان پوءِ، ارغون سردار ذالنون بيگ، پنھنجي حڪومت جي گاديءَ جو ھنڌ بڻايو. ذالنون بيگ جي وفات کان پوءِ، سندس پُٽ، شاھ بيگ ارغون کي مغل شھنشاھ بابر، 1507ع ۾، قنڌار مان ڪڍي ڇڏيو، پر وري شاھ بيگ ٻيھر ان تي قابض ٿيو ۽ 1532ع ۾، بابر انهي کي ٻيھر فتح ڪيو ۽ پوءِ مستقل مغليه سلطنت جو حصو رهيو.

بابر جي وفات کان پوءِ، ڪابل ۽ قنڌار جي حڪومت ڪامراھ کي ملي ۽ اُنهي تي، اُن زماني ۾ بہ قابض رهيو، جڏهن سندس ڀاءُ ھمايون کي ھندستان مان جلاوطن ڪيو ويو ھو. ايران جا صفوي بادشاھ، قنڌار کي ھميشه خراسان جو حصو قرار ڏيندا رهيا. ھمايون جي جلاوطني ختم ٿيڻ کان پوءِ، ھمايون ايراني فوج جي مدد سان، قنڌار تي گهيرو ڪيو ۽ آخر فتح ڪري، ايرانين جي حوالي ڪري ڇڏيو، پر تمام جلد پوءِ انهن کان بہ حڪومت واپس ورتائين. اڪبر جي حڪومت جي شروعاتي ڏينھن ۾ (1557ع)، طھماسپ شاھ، قنڌار تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اڪبر 1594ع ۾، قنڌار کي فتح ڪري، ٻيھر پنھنجي سلطنت سان ملايو. 1621ع ۾، ايرانين وري جھانگير کان فتح ڪيو. پر شاھجھان جي زماني ۾ وري مغلن قنڌار تي قبضو ڪري ورتو. 1648ع ۾، ھن کي شاھ عباس ثاني فتح ڪيو ۽ انهيءَ کان پوءِ، مغل شھنشاھ وري حاصل ڪري نہ سگهيا. قنڌار، ھڪ ڊگهي عرصي تائين صفوي بادشاھن جي ھٿ ھيٺ رهيو، پر پوءِ غزنوين بغاوت ڪري ايرانين کي قنڌار مان تڙي ڪڍيو ۽ پوءِ ايران تي حملو ڪيائون. محمود، ايران جو شاھ ٿي ويو. ھُن جو ڀاءُ، قنڌار جو حاڪم بڻيو. نادرشاھ جي زماني ۾ ھتي ابدالين جي ھڪ سردار، احمدشاھ دُراني قنڌار تي قبضو ڪري ’دُراني‘ حڪومت جو بنياد رکيو ۽ قنڌار کي پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ بڻايو.

ھيءُ اُھو دؤر ھو، جڏهن سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت ھُئي ۽ اُھي مغلن جا ڏن ڀريندڙ ھئا. اھي شاھ لطيف جي عمر جا 50 کان 60 سالن وارا ڏينھن ھئا ۽ انهن ڏينھن ۾ قنڌار جي ٻن حاڪمن نادر شاھ 1739ع ۾، احمد شاھ ابدالي 1751ع ۾، سنڌ تي حملا ڪيا. انهي کان علاوہ، ’جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي قنڌاران جوکو‘ ۽ ماموئي فقيرن جي اڳڪٿي:

نيرا گهوڙا ڏٻرا، اُتر کنؤن ايندا،

گهاگهيريون گسن تي، وراھي ويندا،

تهان پوءِ ٿيندا، طبل تاجاڻين جا.

(جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، (2004ع)، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، جلد پھريون، ص:42)

انهن اڳڪٿين جي شاھ لطيف کي چڱيءَ پر ڄاڻ ھئي. انهن ڪاھ ڪندڙن ڪري، جيڪي سنڌ تي اثر پيا، شاھ لطيف کي انهن جي اون ھئي.

افغانستان جو ھي جابلو علائقو، ڪابل کان قنڌار تائين قديم زماني ۾ امن، سُک ۽ روحاني سُڪون جي جڳھ رهيو. قديم دؤر ۾، ھتي ٻڌمت جو زور رهيو ۽ انهيءَ علائقي جي پھاڙي پوٺن ۽ غارن ۾ ڪيترائي ٻوڌي ڀڪشو تپسيائون ڪندا ھئا ۽ حق جي ھيڪڙائي ۾ محو رهندا ھئا. الله جا نيڪ ٻانها، عبادت ڪارڻ لوڪ کان لاڳاپا ڪٽي، ويراڳي ٿي سالن جا سال نويڪلائيءَ ۾ ويهندا ھئا. جڏهن شاھ لطيف ڏسي ٿو تہ، انهيءَ امن جي ڌرتيءَ تي سَوَن سالن کان پرمار (فاتح) ڳجهن وانگر لامارا ڏيندا رهيا آھن ۽ ھتي جي اصلي سڃاڻپ، جيڪا امن ۽ سڪون جي علامت ھئي، تنھن کي ختم ڪري ڇڏيو اٿن. اُھي فاتح، ھر ڀيري انهيءَ ڌرتي (قنڌار) کي لُٽڻ ۽ ڦُرڻ کان پوءِ، سنڌ طرف مھاڙ ڪندا رهيا آھن. شاھ لطيف انهيءَ ڳالهہ کان بخوبي واقف ھو تہ، جيڪڏهن پوري ڌرتيءَ تي خوشحالي ھوندي تہ ڪير بہ پنھنجا اباڻا گهر ڇڏي ٻئي کي نہ لٽيندو ۽ ڦريندو. انهي ڪري شاھ لطيف انهي علائقي تي امن، خوشحالي ۽ آبادي وري اچڻ جي ڳالهہ ڪندي سُر سارنگ ۾ وڄن جي وسڻ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

ڪي رَمِي وييُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ،

ڪي دِليءَ، ڪي دَکَن، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:700)

ڪابل :

ھي مشھور شھر، افغانستان جي گاديءَ جو ھنڌ آھي، جيڪو ڪابل نديءَ جي ڪناري تي آباد آھي. ھن شھر جو ذڪر شاھ لطيف، سُر سارنگ ۽ سُر رامڪليءَ ۾ڪيو آھي.

ڪابل، افغانستان جو سياسي، سماجي، فوجي، اقتصادي ۽ ثقافتي مرڪز آھي. شھر جي ٻن طرف کان جبل آھن، جيڪي شھر جي خوبصورتي ۽ ڪاھي ايندڙن کان بچاءُ لاءِ ڏاڍا اھم آھن. ڪابل ۽ پاڪستان جي وچ ۾، اچ وڃ جو ذريعو خيبر لڪ آھي.

افغانستان جو اھو ڪابل وارو علائقو، قديم دؤر ۾، امن ۽ شانتيءَ وارو علائقو رهيو آھي، جتي ٻُڌمت جا ڀڪشو، ايڪانت ۾ تپسيائون ڪندا ھئا. نتيجي طور انهي پرڳڻي ۾ ٻُڌمت زور ورتو، جنھن جي شاھدي اتي جي قديم آثارن مان، مھاتما ٻڌ جون مورتيون ملڻ آھن، جيڪي دنيا جي وڏي ۾ وڏين مورتين مان آھن.

ڪابل، اولهہ ۽ اوڀر جي وچ ۾ ھجڻ ڪري، فاتحن جي لتاڙ ھيٺ رهيو ۽ ڪيترن ئي فاتحن تہ وري مورچي طور استعمال ڪيو. دشمن جي رستا روڪ خاطر ۽ مستقل فتح ڪرڻ جي ارادي سان سون سالن کان وقت بہ وقت ڪيترن ئي فاتحن حملا ڪيا، جن مان منگول، تُرڪ، عرب، مغل، روسي، پورچوگيز ۽ انگريز اھم آھن. ھر ھڪ ڪاھي ايندڙ سان، ھتي جي اصلي رهاڪن مھاڏو اٽڪايو ۽ ڪڏهن بہ زير نہ ٿيا. لڳاتار ويڙهاند جي نتيجي ۾ اُتي جي امن، پيار، اخلاق، معاش، ثقافت، علم ادب ۽ فن کي تمام گهڻو ڇيهو رسيو آھي. ايڏي ڊگهي مزاحمت سبب، اصلي رهاڪو، نفسياتي طور ويڙهاڪ ۽ ارڏا ٿي پيا آھن، جيڪو انهي ڌرتيءَ جو وڏو الميو آھي. آمريڪا ۽ روس جي سرد جنگ بعد، طالبان جي حملن ۽ قبضن، گذريل ويهن سالن ۾. ڪابل شھر ۾ وڏي تباھي آندي. ھزارين ماڻهو مارجي ويا، شھر جا ڪيترائي علائقا تباھ ٿي ويا. موجودہ حاڪم بہ آمريڪي فوج جي ڇانوَ ۾ حڪومت ڪري رهيا آھن.

شاھ لطيف، ڪابل جو ذڪر، اُنهن سُرن ۾ ڪيو آھي، جن جو فڪر ۽ فلسفو اتي جي حالتن سان ملندڙ آھي. سُر سارنگ، خوشحاليءَ جي علامت آھي، جنھن ۾ برسات کان اڳ ۽ پوءِ جون حالتون ٻڌائڻ سان گڏوگڏ، ھلندڙ برسات جا بہ ڪيترائي منظر آھن، جن جو تعلق سِڌوسنئون خوشحالي ۽ آباديءَ سان آھي. شاھ لطيف جي دؤر ۾، ڪابل جون حالتون، موجودہ دؤر کان گهڻيون مختلف ھيون، تنھن ڪري شاھ لطيف، انهي امن ڀرئي علائقي تي وڄون وسندي ڏسي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو ۽ فرمائي ٿو:

ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرَقَندين سارُ،

ڪي رَمِي وييُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:700)

ڪابل ۾ جين مت ۽ ٻڌمت وارن جا تيرٿ آھن، جتي امن ۽ سُڪون سبب جوڳين ۽ سامين جو سنڌ کان ڪابل، تيرٿ طرف وڃڻ ٿيندو ھو، جتي وڃي جوڳ ۾ ويهندا ھئا، انهيءَ ڳالهہ کان شاھ لطيف چڱيءَ پر واقف ھو، جنھن جي شاھدي سُر رامڪليءَ ۾ ڏني آھي.

تان ڪِي وَٽِنِ آءُ، جان آھِن اوطاقُن ۾،

وِيو تَنِ نَه وِسَرِي، لاھُوتِيَڪو لاءُ،

فَنا ۽ فِراق جو، سامين چَکِيو ساءُ،

وَٽان تو وِينداءُ، ڪاپَڙِي ڪابُول ڏي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 6، ص:814)

شاھ لطيف، سامين جي سفر ۽ انهن جي ڪارگذاريءَ کان بہ خوب واقف ھو، جن متعلق سُر رامڪليءَ جي ٻئي داستان ۾ ٽيهن ڏينھن، عملن متعلق ٽيهه بيت چيائين. سورهين ڏينھن تي ڪابول ڏانھن ڪاھيندڙن، ڪابولين (جوڳين جو قسم) جي باري ۾ ٻڌائي ٿو:

سورَهين ڏِينهِن سَيَدُ چئي، ڪَابُولي ڪَاھِينِ،

چوتَا چَاڙِهئو چيلِهِه تي، سَنَاسِي سَاھِينِ،

ڪِينَ قَندِيلَ ڪَڇَ مَان، لاھُوتِي لاھِينِ،

اِنَهِن ۾ آھِينِ، لِڪَا ڀُوڻِنَ لوڪَ ۾.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 16، ص:45)

ڪاڇو:

ڪاڇو، سنڌ صوبي جو صحرائي (رڻ پٽ وارو) علائقو آھي. ڪاڇو لفظ، سنڌي ٻوليءَ جي لفظ، ڪڇ مان نڪتل آھي، جنھن جي معنيٰ بغل يا ھَنج آھي. ڪاڇي جو صحرا، کيرٿر جبلن جي سلسلي جي ڪڇ ۾ واقع آھي، جنھن جي پکيڙ. سنڌ صوبي جي ٽن ضلعن، ڄام شوري، دادو ۽ قمبر-شھدادڪوٽ جي حدن ۾ آھي. ڪاڇو زرخيز مٽيءَ ۽ وڻن سان مالامال آھي. ھي علائقو، قديم ۽ تاريخي آثارن سان ڀريل آھي، جنھن ۾ پٿر ۽ ڪنجهي جي دؤر کان وٺي، برطانوي دؤر تائين جا آثار موجود آھن. ھن علائقي ۾ جوئر، مڱ، تِر ۽ گوار جا فصل جام ٿيندا آھن، جن جو دارومدار مينھن تي آھي. مينهوڳيءَ جي موسم ۾، ڪاڇو سرسبز ۽ خوشحال ٿي ويندو آھي.

ڀُورِييٖن پاندَ ٽِمَنِ، جَڳَھَ جهاڳي آئِيُون،

ڪاڇو مينٖهِڙيَنِ، مُدائِتو ئِي ماڻِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 32 ، ص:886)

ڪاڇي ۾، ڪنڊي ۽ ڄار جي وڻن جي گهڻائي آھي ۽ گهڻن وڻن جي ڪري مينھن جا وسڪارا وڌيڪ ٿيندا ھئا، پر ڪيترن ئي سالن کان ڪاڇي مان ڄار جو وڻ ھاڻي پاڙان پٽيو پيو وڃي، جنھن ڪري ھاڻي ھتي مينھن گهٽ وسن ٿا۽ ڪاڇو ويران ٿيندو وڃي. مينھن نہ وسڻ ڪري جَرَ جو پاڻي ھيٺ ٿي ويو آھي. اڳ ڏيڍ سئو فوٽن تي پاڻي نڪرندو ھو ۽ اڄڪلهه 500 فوٽن تي پاڻي نڪري ٿو، جنھن ڪري ڪاڇي ۾ ماڻهن طرفان کوٽيل کوهن مان پاڻي سُڪي ويو آھي، ۽ ھت پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ ٿي وئي آھي.

جاگرافيائي لحاظ کان ڪاڇي جي اوڀر ۾ قمبر-شھدادڪوٽ، ٿرڙي جادو شھيد ۽ جوهي، اتر ۾ ڳڙهي خيرو، اولهہ ۾ غيبي ديرو ۽ نئينگ شريف، ڏکڻ ۾ منڇر ڍنڍ ۽ جھانگارا باجارا شھر آھن. ڪاڇي جي حد ۾ ڪيترائي جبل آھن، جن ۾ گهڙتل، ڪتي جي قبر وارو جبل، بڊو، ڀت جبل، جبل نئن گاج ۽ گورک اھم ۽ مشھور آھن ۽ گاج، سَوري، نگاول، تَڪِي ۽ سول مشھور نئيون آھن.

ڪاڇي جي آبادي اندازاً ڏهن کان ٻارهن لک آھي، جتي مختلف ذاتين جا ماڻهو آباد آھن، جن ۾، چانڊيا، لغاري، جمالي، رودناڻي، کوسا، لُنڊ، لاشاري، بروهي، نوحاڻي، پنهور، خاصخيلي، سيد، گوپانگ، ڏيرا، گاڏهي، مستوئي، ڏاھري، اُتيرا، رستماڻي، سُرهيا، جت، برهماڻي، شاھاڻي، مڱڻھار، ڪوري، ٻَٽائي، ملاح، ماڇي (سولنگي)، ڪنڀار (جوهيءَ جا دِلا ۽ گُهگُيون مشھور آھن)، ٻٻر، ٽالپر، قمبراڻي ۽ ٻيون ذاتيون ذڪر جوڳيون آھن.

ڪاڇي جي پٽ ۾، فريد آباد، ماڏوهو، پٽ گل محمد، گل ٻٻر، مُڙي ديرو، ڪَسبو، ميرو خان، حاجي خان، ڊرگهه بالا، فيرو ديرو، جهاول ٻٻر، سَيوو جمالي، ٽنڊو ٻٻر، گل محمد رودناڻي، ٺُلهه، گاجي شاھ، ڇني، شاھ حسڻ، واھي پانڌي، پَٽ سليمان، حاجي پريو جمالي، رحيم خان لغاري، پير راوت فقير، ٽنڊورحيم خان، سالاري، راڄو ڳنڍو، بَري (هتي ھندو جهجهي تعداد ۾ رهندا ھئا)، بازمال کوسا ۽ ننگر داريو مشھور شھر ۽ وسنديون آھن.

شاھ لطيف ڪاڇي جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

ڪاڇٖي ڪاھِيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِيو؟

مُون تَنُ مارِيائُون، پاڻان وِجِهي گوندَريٖن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 23 ، ص:885)

ڪارو جبل:

ٺٽي ضلعي جي جنگشاھي ريلوي اسٽيشن کان اتر طرف ڏسبو تہ ھڪ وڏو جبل نظر ايندو. ڏسڻ ۾ ويجهو نظر اچي ٿو، پر ان تائين پھچڻ لاءِ 29 ڪلوميٽر سفر ڪرڻو پوي ٿو. ھي جبل، رنگ جو ڪارو آھي، تنھن ڪري ڪارو رنگ، جبل ۽ آسمان کي ڍڪيو بيٺو آھي. بلڪہ اونداھي نظر ايندي.

شاھ لطيف، سُر سسئيءَ ۾، ھن جبل جو ذڪر، ھن طرح ڪيو آھي:

ڇَپَرَ ڇَمَرُ ڀانئيان، ڪانبو ۽ ڪارو،

پَٻُ وِجَهنديَسِ پُٺِ تي، صُبُح سَوارو،

وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِهَنديَسِ وِچَ ۾.

(غلام محمد شاھواڻي،2005ع، ’شاھ جو رسالو’، سر ديسي، داستان-5، بيت-11، ص:397)

شاھ لطيف، ڪوهستان جو سير ڪندي، ھتي جي جابلو سلسلن، قطارن ۽ انهن جي بلندين کان واقف ٿيو، تنھن ڪري مٿئين بيت ۾ شاھ لطيف ڪانڀي ۽ ڪاري جبل جي اوچائي کي ڇمر سان تشبيھ ڏئي ٿو. ڇمر جي معنيٰ آھي جُهڙ يا ڪڪر، مطلب تہ ڪانڀو ۽ ڪارو جبل، جهُڙ يا ڪڪر وانگر ڏيک ڏين ٿا.

ڪوهستاني ۽ بلوچستان جي مٿانھين جبلن جي اوچائيءَ کي بيان ڪندي، شاھ لطيف، سر سسئيءَ جي ھڪ ٻئي بيت ۾ پڻ جبل ۽ جُهڙ جو ذڪر ڪيو آھي ۽ ان بيت ۾ پڻ جبل جي بلندين کي جُهڙ جي بلندين سان تشبيھ ڏني اٿس:

ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرُ، ٿا لَڳَھَه لَڳَنِ پاڻَ ۾،

آڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪَرا، ويڌَ، وِنگايُون، وَرَ،

آئُون پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي، نِڌَرَ

سُوريُون جِتِ سَڳَرَ، اُت ٻاتاڙِي ٻيلِي ٿِيين!

(شاھواڻي، غلام محمد،2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سر ديسي، بيت-12، داستان-5، ،ص:398)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’شاھ جو رسالو - شاھ جو ڪلام‘ جلد چوٿين جي صفحي 530 تي ڪاري جبل جي علائقائي بيھڪ بابت، لکيو آھي تہ، ’ڪارو جبل، نوري آباد جي پريان ھيٺين واديءَ کان اولهہ طرف آھي.‘ ڪاري جبل جي بلند چوٽيءَ کي ٺُل سڏجي ٿو، جنھن جي اوچائي ٻہ ھزار فوٽ کن ٿيندي. ھن جبل جي ڊيگهه، ڏکڻ- اولهہ ۽ اتر-اوڀر اٽڪل 16 ڪلوميٽر ۽ ويڪر گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ڪلوميٽر ۽ وڌ ۾ وڌ 7 ڪلوميٽر کن ٿيندي. ھي جبل، ٺٽي ۽ ڄام شوري ضلعي تائين پکڙيل آھي. ڪاري جبل جي مقرر حد کان وڌيڪ آسپاس جي ٽڪرين جو سلسلو کير ٿر ۽ پٻ جبل تائين پکڙيل آھي.

ڪاري جبل جي اولهہ واري حصي ۾، ڳوٺ مالماڙي، جلالجي ۽ وليداد جوکيو، اترئين حصي ۾ ٽڪ مڪان ۽ ڪَلوکوهر، اڀرندين علائقي ۾، ڪارواُرهه ۽ اَتَيتُ مڪان ۽ ڏکڻ ۾ ڪارو اُرهه ۽ ڄٻڙ آھي.

مڪاني ماڻهن پنھنجيءَ سھولت خاطر ڪاري جبل جي مختلف ھنڌن کي مختلف نالن سان سڃاڻپ ڪرائي آھي. جھڙوڪ:نڪوڙ، گڙڪ کنڊ، سِر، ونجهو سرندا، بائين وارو اڌوڪ، پاڏي وارو، لکمير ڪنارا، ننڍو ڪَڇو، وڏو ڪَڇو، ڌُومڪ، مَڪ، ٺُلُ، پڳاندري، سِرنگهه ڀٽ، ڦَوڙَ‘ ڦوڙ وارو لَڪُ، وڄوءَ وارو لَڪُ، کيڙو ۽ دَانبو ڪُنُ وغيره.

ڪاري جبل ۾ گاھ ۽ ڪاٺيون جام ٿين، پر ھت ميٽ ۽ چيڙوليءَ جون کاڻيون بہ لڌيون ويون آھن. ڪوهستان جو عام ڏٿ جھڙوڪ:ليار، ٻير، منگها، ڏؤنرا، ڪوڍير ۽ پيرون وغيرہ کان سواءِ، ڪونريون بہ ھن جبل ۾ جام ملنديون آھن.

ڪاري جبل ۾ سھو، تتر، ٻاٽير ۽ ڪٽيگر بہ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. برسات پوڻ کان پوءِ، ڀَاڻي ۽ کٿوري ھنڌين ماڳين ڦٽي ٿي ۽ پوري ماحول کي واسيو ڇڏي. ڪن جاين تي تہ نمن، پپرن، ٻٻرن، ٻيرين ۽ سريهن جا وڏا وڻ بہ بيٺل نظر اچن ٿا.

برسات پوڻ سان ڪن جاين تي پاڻي ’لوين‘ ۾ ٻن مھينن تائين بيٺل ھوندو آھي. ڪن جاين تي گُرانڊا ۽ پٿرن مان حوض ٺھي پيا آھن، جيڪي گهڻو وقت پاڻي جهلين ٿا. ڀڳاندريءَ واري ڍوري ۾ کوهه بہ آھي. بازيءَ جو تلاءُ ۽ جانوءَ جو تلاءُ بہ ويجها آھن، جيڪي ڇھن مھينن کان بہ مٿي پاڻي جهلين ٿا. مالماڙيءَ جو کوهه، امالماڙي آھي. حِلالجيءَ جو کوهه بہ ويجهو آھي.

تاريخي طور چيو وڃي ٿو تہ لعل شھباز قلندر جي ھڪ رات رهڻ واري ھنڌ، ’لعل دونهين‘ جو مقام پڻ ھتي آھي، جيڪو آسپاس جي ڳوٺاڻن لاءِ زيارت ۽ سکائن باسڻ جي لاءِ مقدس ماڳ ليکجي ٿو.

سال 1949ع ۾، ھڪ ملڪي ھوائي جهاز، 24 ماڻهن سميت ڪاري جبل سان ٽڪرائجي تباھ ٿي سڙي رک ٿي ويو ھو. انهن مان ٻن ماڻهن جون قبرون ’ڦوڙ واري لڪَ‘ مٿان موجود آھن. ھي قبرون، سنگ مرمر جون ٺھيل آھن. ٻن قبرن مان ھڪ تي ’دين محمد فاروقي‘ ۽ ٻيءَ تي، ’منصور نياز‘ نالا لکيل آھن ۽ مٿن قرآن مجيد جون آيتون اُڪريل آھن.

ڪاري جبل جي دامن ۾ گهاڙيون، سنگراڻي جو بهترين نمونو آھن، جن سان ڪلهوڙن ۽ ٽالپر دؤرن جي تاريخي جنگين جو تعلق ٻڌايو وڃي ٿو.

ڪاڪ نئن / ڪاڪ محل:

ڪاڪ، لڊاڻي شھر، ضلعي جيسلمير، راجسٿان، انڊيا ۾ آھي. مومل راڻي جي قصي ۾، ڪاڪ وارو ماڳ اھم آھي.

(وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو:عنوان:مومل راڻي جو قصو، ص:346)

ڪاڪ جو ذڪر، شاھ لطيف، پنھنجي رسالي جي سُر مومل راڻو جي ڪيترن ئي بيتن ۾ ڪيو آھي.

ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙيٖن، جِتي نينهن اُڇَلَّ،

نہ ڪا جَهلَ نهَ پَلّ، سَڀُڪو پَسي پرينءَ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر مومل راڻو، داستان 2، بيت 8، ص:521)

ڪامارو:

ڪامارو ھڪ شھر جو نالو آھي، جيڪو ھن وقت تعلقي ٽنڊو الهيار، ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ آھي. ھي شھر ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص واري روڊ تي ٻنهي شھرن جي وچ واري ايراضيءَ ۾ آھي. ھن شھر مان، ڄام وٽان سنڌو درياھ مان نڪتل بلغار واھهُ وهي اڳتي وڃي ٿو.

شاھ لطيف، ھن جو ذڪر سُر سارنگ ۾، ڪيو آھي:

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون ڪاھي ڪَامَاري،

وُٺَا پَٽَ پُراڻِ جَا، اُٺِيُون سَامَاري،

ڪَڪَرَ ۾ ڪَاري، وِڄَڙِيَنِ وَيس ڪِئَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 3، بيت 11، ص:328)

ڪانڀو جبل:

ڪانڀو جبل، تعلقي ٿاڻي بولا خان جي مشھور شھر، ٿاڻي احمد خان جي اولهہ طرف واقع آھي. شاھ لطيف، سُر ديسيءَ ۾، ھن جبل جو ذڪر ڪيو آھي.

ڇَپَرَ ڇَمَرُ ڀانئيان، ڪانبو ۽ ڪارو،

پَٻُ وِجَهنديَسِ پُٺِ تي، صُبُح سَوارو،

وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِهَنديَسِ وِچَ ۾.

(غلام محمد شاھواڻي،2005ع، ’شاھ جو رسالو’، سر ديسي، داستان-5، بيت-11، ص:397)

اصل ۾ ڪانڀو جو نالو، ’ڪانبو‘ آھي، ڇاڪاڻ تہ ان جي بيھڪ ’ڪانبي‘ جھڙي آھي، تنھن ڪري ان کي ’ڪانبو‘ چيو ويندو ھو، جيڪو بگڙجي پوءِ ’ڪانڀو‘ سڏجڻ لڳو.

ڪاھوجي:

ڪاھوجي، ھڪ ماڳ جو نالو آھي.(وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو جلد پھريون، عنوان:’شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ٿر واري ايراضيءَ ۾ سير ۽ سفر‘ ص:61)

ڪاھوجيءَ جو ذڪر، شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ڪيو آھي:

گُنگُوجِي-ئان گوڙِ ٿِي، ڪَھيو ڪاھُوجِيءَ ڏانہَ،

وُٺو مينہُ وَڏڦُڙو چُري ڀَريائين چاھَ،

ڏيئي پَٽَنِ پاھَ، ڀَريائين ڪُنَ ڪِراڙ جا.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 10، ص:411)

ڪِراڙ ڍنڍ:

ڪراڙ ڍنڍ، ڀٽ شاھ ۾، شاھ لطيف جي روضي کان ڏکڻ طرف ٻہ سئو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي. (وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو، جلد پھريون، عنوان:’ڀٽ شاھ جو تعارف‘، ص:240-241)

شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾، ڪراڙ جو ذڪر ڪيو آھي:

ڀِرِي ڀِٽَ تي آئيو، سارَنگُ سِهَجَ مَنجها،

کِڙِيُون کٽڻهار جيئن، وِڄُون اُتَرَ وا،

سَرها سَبِزا ٿِيا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِيا،

پَھرِي پَٽَنِيا، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 2، ص:692)

ڪربلا:

ڪربلا، عراق جي ھڪ مشھور شھر جو نالو آھي. ھن وقت ھي شھر، ڪربلا صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. ڪربلا لفظ، ٻن لفظن ’ڪرب+بلا‘ جو ميلاپ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:’آپدا، آفت، مصيبت، بلا، رنج يا ڏک واري جاءِ‘ وغيره.

ھي، بغداد کان 80 ڪلوميٽر جي پنڌ تي، ڏکڻ اولهہ پاسي ۽ نجف کان اُتر اولهہ پاسي ھڪ آباد شھر آھي. ھن وقت شھر جي آدم شماري اٽڪل ست لک آھي. امام حسين﷦ ۽ سندس خاندان جي شھادت واري واقعي کان پوءِ، ھن شھر کي شيعہ مڪتبہ فڪر جي مسلمانن وٽ تمام گهڻي اھميت حاصل آھي، گڏوگڏ سنين لاءِ بہ اوترو ئي احترام لائق آھي. حضرت امام حسين﷦ جي مزار ھن شھر ۾ آھي، جتي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان سڄو سال، لکين زيارتي زيارت لاءِ اچن ٿا.

شاھ لطيف، ھن شھر جو ذڪر، سُر ڪيڏاري جي ڪافي بيتن ۾ ڪيو آھي:

ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،

جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون،

منھن نَه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 2، بيت 4، ص:663)

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،

ويهِي ويرِينِ سامھان، تِکا ھَنيائُون تِيرَ،

ھُئِي اِيءَ تَقدِيرَ، اِمامَنِ سين اَڳَھِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، ڪيڏارو، داستان 2، بيت 9، ص:664)

ڪربلا جي شھرت جو سبب، حضور سڳوريﷺ جي ڏوهٽي، حضرت امام حسين﷦ ۽ سندن ساٿين جي محرم 61ھ/680ع ۾ يزيد جي فوج سان مھاڏو اٽڪائيندي، پنھنجن ساٿين سميت ٿيل شھادت پڻ آھي.

ڪشمير وادي:

’ڪشمير وادي‘، ھماليه ۽ پير پنجل جبلن جي قطار جي وچ ۾ اچي ٿي. ھيءَ وادي، لڳ ڀڳ 135 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ 32 ڪلوميٽر ويڪري آھي، جيڪا جهلم درياھ جي ھنج ۾ واقع آھي. ھن واديءَ کي جھانگير بادشاھ، ’جنت جي ڌرتي‘ سڏيو ھو. شاھ لطيف، ڪشمير جو ذڪر، سُر رامڪليءَ ۾ ھن ريت ڪيو آھي:

جَنِ اُجِهيو، تَنِ نَه ٻُجِهيو، ويٺٖي گَڏِيُنِ وِيرُ،

ڏوريٖ ڏِٺائُون ڏُکَ سين، پاڻ مَنجھان ئِي پِيرُ،

لَٿو تَنِ، لَطِيفُ چٖي، جُسي جو زَنجِيرُ،

ڪِينَ ڏِٺو ھو ڪاپِڙِيين، ڪابُلُ ۽ ڪَشميرُ،

سَچُ جَنين جو سِيرُ، تَنِ ويٺٖي ئي گَڏِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 5، بيت 10، ص:801)

1947ع ۾، جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو تہ ڪشمير بہ ان ورهاڱي جي ور چڙهي ويو. نتيجي ۾ ڪشمير بہ ٻن حصن:’آزاد ڪشمير‘ ۽ ’ڄمون ڪشمير‘ ۾ ورهائجي ويو. ھن ورهاست کي اڄ تائين ڪشميري ماڻهن قبول ناھي ڪيو. انهيءَ ڪري ھن وقت تائين ڄمون ڪشمير واري پاسي، آزاديءَ جون ڪيئي تحريڪون ھلندڙ آھن. ڄمون ڪشمير ۾، ھماليه جابلو سلسلي جون وڻن سان جھنجيل ڪيتريون ئي ٽڪريون آھن. سندس اُتريون پاسو، ھماچل پرديش ۽ پنجاب سان لڳي ٿو ۽ سندس اُتر اولهہ ڏانھن گلگت بلتستان جون سرحدون آھن. ڄمون ڪشمير کي لائن آف ڪنٽرول وسيلي آزاد ڪشمير کان ڌار ڪيو ويو آھي. 2011ع جي آدمشماريءَ موجب، ڄمون ڪشمير جي ڪُل آبادي 12541302 آھي، جنھن ۾ گهڻائي مسلمانن جي آھي. ڪشمير ۾ ھنديءَ کان سواءِ، ڪشميري، پنجابي، گوجري، پھاڙي، بلتي، داردي ۽ لُداخي ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. ھتي گهڻي ڀاڱي ماڻهو زرعي شعبي سان واسطو رکن ٿا. ڪڻڪ، مڪئي، چانور ۽ داليون ھتي جا وڏا فصل آھن. ان کان سواءِ، ھتي صوف، زردالو ۽ چيريءَ جا وڏا وڏا باغ پڻ آھن. ڄمون ڪشمير مڪمل طور تي ھندستاني حڪومت جي انتظام ھيٺ آھي. ھتي جو مکيه شھر، سرينگر آھي، جيڪو گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. ان کان سواءِ، ٻين اھم شھرن ۾، ’اننت ناگ‘، ’باڙا مولا‘ ۽ ’ڪپواڙا‘ وغيرہ شامل آھن. ھتي ڪشميرين جي آزاديءَ جي جدوجهد سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال جاري آھي.

ھن علائقي ۾، سياري جي موسم ۾، گهڻي برف پوندي آھي. جڏهن تہ ھتي سياحن جي گهمڻ لاءِ مکيه جڳھون:گلمارگ، دل ڍنڍ، پھگلام ۽ امرناٿ مندر وغيرہ مشھور آھن.

انتظامي طور، ڪشمير رياست ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آھي، جن ۾:ڄمون، ڪشمير، سرحدي علائقو، لداخ ۽ گلگت وارو ڪجهہ پاسو بہ شامل آھي. پاڪستان واري پاسي آزاد ڪشمير جي 2017ع جي آدم شماريءَ موجب، آبادي 4045366 ٻڌائي وڃي ٿي، جن ۾ گهڻائي مسلمانن جي آھي. آزاد ڪشمير وارو علائقو، روڊن ۽ ريلوي لائين ذريعي پاڪستان سان ڳنڍيل آھي.

ھتي ڪيترن ئي قسمن جا فصل ۽ بيشمار ميوا ٿين ٿا ۽ قسمين قسمين وڻ، جن ۾:ديودار، صنوبر، چنار، بروج ۽ اخروٽ جا وڻ جام ٿين ٿا.

ڪپڙي جي حوالي سان ھتي جون ’ڪشميري شالون‘ ڏيهه توڙي پرڏيھ ۾ مشھور آھن. جي سڄي ڪشمير واديءَ کي ڏسجي تہ ھيءَ، دنيا جي مٿانھين کان مٿانھين جبلن، گهاٽن جهنگن ۽ خوبصورت ماٿرين سان سينگاريل سرزمين آھي.

ڪشمير واديءَ جي مختلف حصن ۾، مختلف موسمون آھن. ڪشمير لداخ ۽ گلگت جون ماٿريون تمام ٿڌيون آھن، جڏهن تہ ڄمونءَ وارو پاسو، ميداني علائقن وانگر گرم آھي.

ڪعبو:

ڪعبو (بيت الله)، مسلمانن جو قبلو، مڪي (سعوديعرب) ۾ واقع آھي. قرآن پاڪ ۾ ھن کي امن واري جاءِ سڏيو ويو آھي ۽ توريت ۾ ھن کي ’بيت ايل‘ سڏيو ويو آھي.

ھيءَ ھڪ چورس جڳھ آھي، جيڪا مختلف ماپ جي ننڍن وڏن پٿرن سان تعمير ڪئي وئي آھي. ان جي ڊيگهہ 18 فوٽ، ويڪر 14 فوٽ ۽ اوچائي 35 فوٽ آھي، جنھن ۾ ھن وقت ڇت بہ آھي، جيڪا حضرت ابراھيمؑ جي ڪعبي اڏڻ مهل ڪانہ ھئي. ان ۾ ھڪ دروازو آھي جيڪو حرم شريف جي عام سطح کان، 7 فوٽ مٿانهون آھي.

حضورﷺ جن جي دؤر ۾، ھتي ٻہ دروازا ھوندا ھئا، جنھن مان ھڪ اندر وڃڻ لاءِ ۽ ٻيو ٻاھر نڪرڻ لاءِ ھو. ھن وقت موجودہ دروازي جي ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ ۾ حجرِ اسوَد (پٿر جو نالو) رکيل آھي.

شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ڪعبي جو ذڪر ڪيو آھي.

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارَنگُ سِينگاريٖ،

اُڃِيا لَکَ لطيف چي، پَلَرَ پِياريٖ،

وِڄِڙُيُنِ واري، کَڻِي ڪَعبي تي ڪَرَ نائِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 18، ص:687)

ڪعبي جي ڏاکڻين ڪنڊ کي ’رُڪنِ يماني‘ سڏيو وڃي ٿو. اُن جي اتر ۾، ’ميزاب رحمت‘ واقع آھي. ميزاب رحمت جي طرف، حطيم واقع آھي، جيڪو ڪعبي جي اترئين پاسي، ننڍيءَ چوديواري ڀت جي صورت ۾ بڻيل آھي. ڪعبي جي دروازي جي چوڪاٺي کي، ’مُلتزِم‘ يعني چنبڙڻ جي جاءِ چوندا آھن، جنھن کي حاجي ۽ عمرو ڪندڙ چنبڙي دعائون گهرندا آھن.

ڪعبة الله کان ڪجهہ ئي مفاصلي تي، ’مقام ابراھيم‘ آھي. ھي اھو پٿر آھي، جنھن تي چڙهي، حضرت ابراھيمؑ خانہ ڪعبہ جي اڏاوت ڪئي ھئي. ھاڻي ھن پٿر کي شيشي ۾ بند ڪري (چيو وڃي ٿو تہ ھن پٿر تي حضرت ابراھيمؑ جي قدمن جا نشان موجود آھن) ھڪ ننڍي چوڪي (چبوتري) ۾ رکيو ويو آھي.

روايت ۾ اچي ٿو تہ، ڪعبو سڀ کان پھرين دنيا جي تخليق کان 2 ھزار سال اڳ جنت ۾ اڏيو ويو ھو، جنھن کي ’بيتالمعمور‘ چيو ويندو ھو ۽ اھو اڄ بہ موجود آھي. زمين تي بيت الله حضرت آدمؑ ٺاھيو ۽ بيت المعمور جي بلڪل ھيٺيان تعمير ڪيو ويو.

حضرت نوحؑ جي وقت ۾، ھڪ وڏي طوفان جي ڪري ڪعبي کي وڏو نقصان رسيو، جنھن کي الله تعاليٰ جي حڪم تي حضرت ابراھيمؑ پنھنجي پُٽ حضرت اسماعيلؑ جي مدد سان ٻيھر اڏايو.

حضرت اسماعيلؑ جي وفات کان پوءِ، ڪعبة الله ھڪ ھزار سالن تائين ’بنو جراھم‘ قبيلي جي سنڀال ھيٺ رهيو. ان کان پوءِ، بنو خزاعہ قبيلو متولي مقرر ٿيو، جنھن لڳ ڀڳ 300 سال ڪعبة الله جي سار سنڀال لڌي. انهيءَ دؤران ڪعبو ٻيھر سخت مينھن سبب تباھ ٿي ويو ھو ۽ ’قصي بن ڪلاب‘ ان کي ٻيھر جوڙايو. ’قصي‘ کان پوءِ، ڪعبي جي مالڪي قريش قبيلي ڏانھن منتقل ٿي، جيڪا اڃا تائين وٽن آھي.

نبي ڪريمﷺ جن جو ڏاڏو، حضرت عبدالمُطلّب ڊگهي عرصي تائين ڪعبي جو متولي رهيو. حضرت محمدﷺ جن جي دؤر ۾، ھن جي ٻيھر اڏاوت شروع ٿي، جنھن ۾ مڪي جي سڀني قبيلن ھٿ ونڊايو، جنھن ۾ حضرت محمدﷺ پاڻ پنھنجن ھٿن سان، ’اسوَد پٿر‘ ڀت ۾ لڳايو.

ڪعبو، اسلام کان پھرين بہ مرڪزي حيثيت رکندو ھو، پر حضرت ابراھيمؑ جي دؤر ۾ تہ حق ۽ صداقت جو اھم مرڪز رهيو. ان کان پوءِ بہ مختلف پيغمبرن جي دؤر ۾ پڻ، ھن مقام کي خاص حيثيت رهي ۽ اسلام کان اڳ جاھليت واري دؤر ۾ پڻ، ھن جي حيثيت برقرار رکي وئي.

قريش قبيلي، جڏهن پھريون ڀيرو ھن کي ٻيھر اڏرايو تہ، ڪنھن شرارتي ماڻهؤَ، غلاف کي باھ ڏني، جنھن سان ڪعبي جي عمارت کي نقصان پھتو. اھڙيءَ ريت، تاريخ جاچڻ سان خبر پوي ٿي تہ ڪعبة الله جي اڏاوت، 1040ھ/1631ع تائين ڪُل يارهن دفعا ٿي چڪي آھي. اسلامي انسائيڪلوپيڊيا موجب:

”(1) ملائڪن جي اڏاوت، (2) حضرت آدمؑ جي اڏاوت، (3) حضرت شيثؑ جي اڏاوت، (4) حضرت ابراھيمؑ جي اڏاوت، (5) عمالقا جي اڏاوت، (6) جرهم جي اڏاوت، (7) قصي بن ڪلاب جي اڏاوت، (8) قريش جي اڏاوت، (9) عبدالله بن زبير جي اڏاوت، (10) حجاج بن يوسف جي اڏاوت ۽ (11) سُلطان مراد رابع ابن سلطان جي اڏاوت. ان کان پوءِ واري زماني ۾ بہ ڪعبي جي مرمت ۽ حرم شريف جي ڪشادگيءَ جي ڪمن ۾، مختلف مسلمان خليفن ۽ بادشاھن ڀرپور حصو ورتو، جيڪو اڃا تائين ھلندڙ آھي.“(اسلامي انسائيڪلوپيڊيا، 1974ع، ص:1283)

ڪلاچي/ڪراچي:

ڪراچي، سنڌ جو اھم شھر آھي، جيڪو آدمشماري جي لحاظ کان، پاڪستان جو سڀني کان وڏو شھر آھي. انتظامي حوالي سان، ھن وقت ڪراچيءَ کي، ڊويزن جي حيثيت حاصل آھي، جنھن ۾ ڪُل ڇھه ضلعا شامل آھن. ڪراچي، 3780 چورس ڪلوميٽرن جي علائقي تي پکڙيل آھي ۽ 2017ع جي آدمشماريءَ موجب، ھن شھر جي ڪُل آبادي 16.62 ملين آھي.

ڪراچيءَ جي اولھ ۾، بلوچستان جو ضلعو لسٻيلو، اوڀر ۾ ٺٽو، اُتر ۾ ڄام شورو ۽ ڏکڻ پاسي سمنڊ آھي. ڪراچيءَ جي جاگرافي، ماضيءَ ۾ بہ لڳ ڀڳ ساڳي رهي آھي.

ڊاڪٽر ڪليم لاشاري، ڪتاب، ’کراچی:قدامت، واقعات ، روایات‘ جي ’مھاڳ‘ ۾ لکي ٿو:”جيڪڏهن، اسان اٺين صدي عيسويءَ جي، ڪراچيءَ جو نقشو ٺاھيون تہ ان جون حدون ھيٺئين ريت ھونديون:اوڀر ۾ ديبل جو بندر ۽ ان جي اوسي پاسي جا علائقا، اُتر ۾ نيرون ڪوٽ، بڌھيا، جيڪو کيرٿر سلسلي جي جبلن سان لڳندو ھو. اولھ ۾ لسٻيلو ۽ مڪران ۽ ڏکڻ ۾ سمنڊ. ھي چڱي خاصي ايراضي ٿئي ٿي ۽ ھتي جي رهاڪن جو مزاج، رهڻي ڪھڻي، ريتون رسمون ۽ مسئلا مامرا سڀ ھڪ جھڙا ھئا.“(کلمتی، غلام رسول، 2014ع،ص:7)

ڪراچيءَ جي تاريخ تمام پُراڻي آھي، توڙي جو ماضيءَ ۾، ھتي ڪنھن وڏي شھر جي وجود جا آثار نٿا ملن، پر ھتي سمنڊ ڪناري، ڪيترائي ننڍا وڏا بندر ھئا، جن جي آسي پاسي رهندڙ ماڻهو، مڇي ماري گذارو ڪندا ھئا ۽ ٻئي پاسي وسيع ايراضيءَ ۾ ٽڙيل پکڙيل آباديون ھيون ۽ اُتي رهندڙ قبيلا، باراني کيٽ کيڙي ۽ چوپايو مال پالي گذران ڪندا ھئا. تنھن ھوندي بہ مؤرخ ڪراچيءَ جي تاريخ جي شروعات، ھڪ سامونڊي بندر کان ڪندا آھن.

غلام رسول ڪلمتي، پنھنجي ڪتاب، ’ کراچی:قدامت، واقعات، روایات‘ ۾ لکي ٿو:”ڪيترائي ماڻهو ڪراچيءَ جي تاريخ، ويھ پنجويھ گهرن تي مشتمل، ھڪ ڳوٺ کان، شروع ڪندا آھن، جنھن جو ذڪر، نائونمل پنھنجي يادگيرين ۾ ڪيو آھي. جيڪڏهن، فقط ڪراچي بندرگاھ جي تاريخ بيان ڪرڻي ھجي تہ نائونمل جي يادگيرين تي ٻڌل، اُن مھاڻن جي وستيءَ کان شروع ڪري سگهون ٿا، پر جيڪڏهن، سمنڊ کان وٺي ملير ۽ گڏاپ تائين پکڙيل ڪراچيءَ جي تاريخ، بيان ڪرڻي آھي تہ پوءِ، اسان کي انهيءَ ننڍي ڳوٺ کان نڪرڻو پوندو. يقيناً ان کان سواءِ ٻين علائقن ۾ بہ ماڻهو رهندا ھئا، اھا ٻي ڳالھ آھي تہ ان زماني ۾ ھر علائقي جو پنھنجو ڌار نالو ھوندو ھو.“(کلمتی، غلام رسول، 2014ع، ص:11-12)

قديم دؤر کان وٺي، ڪراچيءَ جي سرزمين تي، ڪيتريون ئي جاگرافيائي، ماحولياتي، سياسي ۽ سماجي تبديليون اينديون رهيون آھن. ان علائقي کي، ان جي جاگرافيائي بيھڪ سبب، ھميشه اھميت حاصل رهي آھي، تنھن ڪري ماضيءَ ۾ ان سرزمين کي ھندستان، افغانستان، ايران، يونان ۽ ٻين وڏن سلطنتن، پنھنجي واپاري، سياسي ۽ فوجي مقصدن لاءِ ڪتب پئي آندو آھي. شايد اھو ئي ڪارڻ آھي، جو تاريخ ۾ ڪراچيءَ جا مختلف نالا ملن ٿا.

گل حسن ڪلمتي، پنھنجي ڪتاب، ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ۾ لکي ٿو:”مؤرخن، پنھنجي سفرنامن ۾، مختلف دؤرن ۾، ڪراچيءَ کي مختلف نالن سان ظاھر ڪيو آھي. انهن نالن ۾ ڪروڪالا، مورنٽو بارا، دڙٻو، سڪندري جنت، خوارالديبل، ڪڪرالو، ڪروڪل، ڪروڪالي، ڪائومارا، ڪوره، ڪراشر، ڪراتشي، ڪلاچو، ڪورنجي، ڪراچر، داراجا، کوراچي، گهراچر، ڪلاچي، ڪُولاچي، ڪوراچي ۽ ڪراچي شامل آھن.“( ڪلمتي، 2014ع، ص:60)

گل حسن ڪلمتي، اڳتي لکي ٿو:”ڪراچيءَ بابت ذڪر، تاريخ جي ڪتابن ۾، حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان 325 سال اڳ پڻ ملي ٿو، ڪراچيءَ جو ذڪر سڀ کان پھرئين، يوناني مؤرخ ايرين جي لکڻين ۾ ملي ٿو.“(ڪلمتي، 2014ع، ص:61)

يوناني فوج کي سنڌو درياھ اُڪري، اولهہ پاسي سفر ڪندي، مڪران تائين، نھايت ئي سخت مزاحمت کي منھن ڏيڻو پيو ھو. ان کان پوءِ، عربن جي دؤر ۾ ڪراچيءَ جي ھڪ بندر ’دڙٻي‘ جو ذڪر ملي ٿو. محمد بن قاسم، مڪران ۽ ارمابيل (لسٻيلي) کان ٿيندو، سڌو ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو ھو. مؤرخن موجب، ديبل تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ عرب فوج جو جنگي سامان، ٻيڙين وسيلي ’دڙٻي‘ آندو ويو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت، ديبل جي ويجهو، ٻيو ڪو بہ بندر موجود نہ ھو.

سومرن ۽ سمن جي دؤر ۾، مورڙي ميربحر جو داستان ملي ٿو، جنھن ۾ ’ڪَلاچيءَ جي ڪُن‘ جو ذڪر ٿيل آھي. مؤرخن موجب، ھي ’ڪُن‘ دڙٻي بندر لڳ، لياري نئن جي ڇوڙ وٽ ھوندو ھو.

ھتي ڪُن سان گڏ ڪَلاچي يا ڪُلاچي لفظ بہ استعمال ٿيل آھي، جيڪو بعد ۾ بدلجي ڪراچي ٿيو. ڪَلاچي يا ڪُلاچي ڪھڙي معنيٰ رکي ٿو؟ ڇا ھي لفظ ڪنھن شخص، قوم يا قبيلي جو نالو آھي؟ ان تي تاريخدانن جا مختلف رايا آھن.

گل حسن ڪلمتي، سامونڊي ڪناري جي مختلف ماڳن، جيئن وٽيجي، ڌاٻيجي، لنگهيجي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو تہ، ايئن بہ ٿي سگهي ٿو تہ ڪَلاچي، پھريان ڪَلاجي ھجي، جيڪو بعد ۾ بگڙجي ڪَلاچي ٿيو ھجي. ھو لکي ٿو:”ڪَلاجي معنيٰ ڪَلا واري جاءِ يا ڪُن بہ ٿي سگهي ٿو. اھو ڪُن يا جُوءِ ’ڪلا‘ نالي ڪنھن عورت جي ھجڻ ڪري ھن کي ’ڪلاجي‘ جيڪو بعد ۾ بگڙجي ’ڪلاچي‘ ٿيو ھجي. ھونءَ بہ ڪلان معنيٰ وڏو ۽ ’چي‘ بيٺڪ يا ڳوٺ طور بہ استعمال ٿيندو آھي. معنيٰ ڪلا يا ڪلان جو ڳوٺ يا بيٺڪ بہ ٿي سگهي ٿو. “(ڪلمتي، 2014ع، ص:72)

محمد عثمان دموهي، پنھنجي ڪتاب، ’کراچی تاریخ کے آئینے میں‘ ھڪ لوڪ ڪھاڻي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو تہ،

’مائي قلاچي ھڪ عورت ھئي، جنھن جي مڙس جو نالو، سانوڻ ھو. ھڪ ڀيري سانوڻ، مڇي ماريندي، سامونڊي طوفان جي ور چڙهي سمنڊ ۾ وڃائجي ويو ۽ سندس زال مائي قلاچي، ٻيڙي ڪاھي سمنڊ ۾ گهڙي وئي، سمنڊ جي تيز لهرن سان مقابلو ڪري، سانوڻ کي بچائي ڳوٺ وٺي آئي. مائي قُلاچيءَ جي ھن بھادريءَ تي، ڳوٺ جا سڀ ماڻهو خوش ٿيا ۽ کيس پنھنجي ڳوٺ جو سردار ڪيائون، تنھن کان پوءِ اھو ڳوٺ ’ قلاچيءَ جو ڳوٺ‘ سڏجڻ لڳو.‘

ان جي اُبتڙ، غلام رسول ڪلمتي، پنھنجي ڪتاب، ’کراچی، قدامت واقعات، روایات‘ ۾ لکي ٿو:”بلوچستان جي علائقي ’ڪُلانچ‘ مان آيل ماڻهو، ھتي صدين کان ويٺل ھئا، انهن جي نسبت سان ھي علائقو ’ڪُلانچي‘ سڏجڻ لڳو ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ، ھي لفظ پھريان ڪُلاچي ۽ پوءِ ڪراچي ٿيو.“(کلمتی، غلام رسول، 2014، ص:31)

مورڙي ميربحر جي قصي کي، شاھ لطيف، سُر گهاتو ۾ بيان ڪيو آھي، جنھن ۾ پڻ ’ڪَلاچيءَ جي ڪُن‘ جو ذڪر ٿيل آھي، ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي، ھن سلسلي ۾ لکي ٿو:” ڪَلاچيءَ جو ڪُن، ڪلفٽن ۽ منهوڙي جي وچ ۾ ھوندو ھو. اھو نالو، مٿس انهيءَ ڪري پيو جو دودائي بلوچن جي ھڪ ذات جا ڀاتي، جن کي ’ڪالچي‘ ڪري سڏيندا ھئا، سي ان جي ويجهو اچي، ڳوٺ ٻڌي رهيا ھئا. انهيءَ ڳوٺ کي ’ڪَلاچي‘ ڪري سڏيندا ھئا، جنھن ڪري ھاڻوڪي ڪراچيءَ جي شھر تي بہ اھو نالو پيو آھي.“(گربخشاڻي، 2012ع، ص:766)

ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي، دؤر جي سياحن پڻ پنھنجي سفرنامن ۾ ڪراچي بندر ۽ لاھري بندر جو ذڪر ڪيو آھي.

مغلن جي دؤر ۾، ھڪ واقعي ۾ خان قلات، خان محراب خان جي خون بھا طور، ڪراچي 1697ع کان 1757ع ۽ ٻيو ڀيرو ڪلهوڙن جي دؤر ۾، مير زرق خان جي خون بھا طور 1774ع کان 1794ع تائين، قلات رياست جو حصو رهي.

1725ع ۾، ’کارڪ بندر‘ جي برباد ٿيڻ ڪري، اُتي جي مشھور واپاري، سيٺ ڀوڄومل ۽ ٻيا سوين وڻجارا ۽ ماھيگير لڏي اچي ڪراچيءَ جي ’دڙٻي بندر‘ تي آباد ٿيا. انهن پنھنجي حفاظت لاءِ ھتي ھڪ ڪوٽ اڏايو، جنھن جا ٻہ در ھوندا ھئا. لياريءَ نئن جي پاسي واري در کي، ’مٺو در‘ ۽ سمنڊ پاسي کُلندڙ در کي ’کارو در‘ چيو ويو. ڀوڄومل ۽ ساڻس آيل وڻجارن ڪراچيءَ جي دڙٻي بندر کان ڏيساور واپار جو سلسلو شروع ڪيو، تنھن کان پوءِ، ڪراچي، وڻجارن، واپارين جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.

”ڪراچي 1740ع کان پوءِ تيزيءَ سان ترقي ڏانھن قدم وڌايا، ھي بندرگاھ واپاري توڙي ڪاروباري مقصدن کان سواءِ ايران ۽ حجاز مقدس جي سفر لاءِ پڻ استعمال ٿيڻ لڳو.“ (ڪلمتي، 2014ع، ص:80)

1797ع ۾، ٽالپر حاڪمن، منهوڙي جي سامونڊي ٻيٽ تي، شھر جي حفاظت لاءِ ھڪ قلعو اڏايو ۽ ان تي يارهن توپون پڻ رکيائون، پر جڏهن 1839ع ۾ انگريز فوج، ڪراچيءَ تي حملو ڪيو تہ منجهائن رڳو ھڪ توپ ڪم ڪري رهي ھئي. ڪراچيءَ جي حفاظت لاءِ جوکيا ۽ بلوچ سپاھي مقرر ھئا، جيڪي نھايت ئي دليريءَ سان وڙهيا، پر قلعي تي رکيل توپون خراب ھيون، بندوقن ۾ بارود تمام گهٽ ھو، سامهون جديد ھٿيارن سان تربيت يافتہ انگريز فوج ھئي ۽ ٻئي طرف سيٺ نائونمل انگريزن لاءِ سھولت ڪار وارو ڪردار ادا ڪري رهيو ھو، تنھن ڪري، انگريز ڪجهہ ڪلاڪن ۾، قلعي ۽ ڪراچي شھر تي، قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

1839ع کان 1843ع تائين، ڪراچي ظاھري طور تي ميرن ۽ حقيقت ۾، انگريز فوج جي حوالي ھئي. انهيءَ عرصي دوران ڪراچيءَ ۾ آباد، جوکين ۽ بلوچن جي سردارن تہ قابض فوج جي خلاف ڪا خاص مزاحمت نہ ڪئي، پر انهن قبيلن جي عام ماڻهن، پنھنجي اباڻي وطن تي قابض فوج خلاف، ڇاپا مار ڪاروائيون شروع ڪيون. سڀنيءَ کان پھرئين چاڪر خان ڪلمتي، پنھنجي ڪجهہ ساٿين سان گڏ انگريز سرڪار خلاف بغاوت ڪئي. انگريز فوج تي ڪيل، سندس ھڪ حملي ۾، ڪرنل ھينڊز قتل ٿيو تہ انگريز فوج کيس انهيءَ ڏوهه ۾ گرفتار ڪري ڦاھي ڏني. ان کان پوءِ چاڪر خان جوکيي ۽ سائين داد ڪلمتيءَ، جٿا ٺاھي انگريز فوج تي حملا ڪيا، انهن انگريز فوج کي تمام گهڻو رُلايو ۽ نيٺ وڙهندي وڙهندي سائين داد ڪلمتي مارجي ويو، جڏهن تہ چاڪر خان جوکيي جي، ان حملي کان پوءِ واري حياتيءَ بابت، ڪو بہ مستند احوال نہ ٿو ملي.

1843ع ۾، انگريزن سڄي سنڌ تي قبضو ڪيو، تنھن کان پوءِ، انهن ڪراچيءَ جي جوکين ۽ بلوچن تي تمام گهڻيون سختيون ڪيون ۽ سڄي ڪراچي پنھنجي سھولت ڪار نائونمل جي حوالي ڪيائون.

انگريزن 1847ع ۾، سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ان کي بمبئي پريزڊنسيءَ ۾ شامل ڪيو، ان وقت ڪراچي نون تعلقن، ڪراچي، ٺٽو، ڪوٽڙي، گهوڙاٻاري، سجاول، شاھهبندر، جاتي، ميرپوربٺورو ۽ ميرپور ساڪرو ۾ ورهايل ھئي. ڪيٽي بندر ۽ ڪوهستان جا علائقا بہ ڪراچيءَ ۾ شامل ھوندا ھئا.

1936ع ۾، ڪوٽڙي ۽ ڪوهستان کي ڪراچيءَ کان ڌار ڪري ضلعي دادو ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 1948ع ۾ ڪراچي تعلقي کان سواءِ ٻيا سمورا تعلقا، ضلعي ٺٽي ۾ شامل ڪري ڇڏيائون. انگريزن جي دؤر ۾، ڪراچيءَ ھر شعبي ۾ ترقي ڪئي، تعليم جي شعبي ۾ ھتي نوان اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ لائيبرريون قائم ٿيون، اسپتالون ۽ ڊسپينسريون جُڙيون، روڊ ۽ رستا ٺھيا، ٽرام ۽ ٽرين سروس شروع ٿي، وندر لاءِ باغ ۽ باغيچا ٺھيا. شھر جي خوبصورتيءَ لاءِ خوبصورت جايون جُڙيون. ڪراچي بندر ترقي ڪري، واپاري طور ٻين ملڪن سان ڳنڍجي ويو.

انهيءَ ڪري انگريزن جي دؤر ۾، ٻين علائقن جا ماڻهو لڏي اچي ڪراچيءَ ۾، رهڻ لڳا ۽ اھڙيءَ ريت، ڪراچيءَ جي آبادي وڌندي رهي.

ورهاڱي کان پوءِ، 1947ع کان 1967ع تائين ڪراچي، پاڪستان جي گادي جو ھنڌ رهيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ شروعاتي سالن ۾، ڪراچيءَ ۾، مذھبي فساد ٿيا تہ ھڪ پاسي سنڌي ھندن سان گڏوگڏ پارسيءَ ۽ ٻين مذھبن جا ماڻهو ھي شھر ڇڏي ٻين ملڪن ڏانھن لڏي ويا ۽ ٻئي طرف ھندستان جي مختلف علائقن مان لڏي آيل مسلمان، ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾، اچي آباد ٿيا. انهن بعد ۾ ڪليمن وسيلي ڪراچيءَ جي چوگرد ھزارين ايڪڙ زمين بہ حاصل ڪئي، سندن آبادي وارن علائقن ۾ ان وقت جي سرڪار کين ڪوارٽر اڏي، مفت ۾ ڏنا.

ون يونٽ جي دؤر ۾ مالوند ماڻهن کي صدر، گلشن اقبال، صفوران ڳوٺ ۽ ٻين شھري علائقن مان لڏايو ويو، تنھن ڪري سنڌين ۽ بلوچن جون وستيون ويران ٿيڻ لڳيون ۽ انهن جي جاءِ تي پٺاڻن جي آبادڪاري وڌڻ لڳي.

ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت، ملڪ ۾ صنعتي انقلاب آندو تہ ڪراچيءَ جي ملير واري علائقي ۾، قاسم بندر ۽ اسٽيل مل جي نالي پنجويھ ھزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي، جنھن جي حدن ۾ آباد سوين ڳوٺ اُتان لڏايا ويا، تاريخي ماڳن ۽ قديم قبرستانن جي صورت ۾ موجود سندن تاريخ ميساري ختم ڪئي وئي. اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم جي نالي الاٽ ڪيل زمين تي ٻيا سوين ننڍا وڏا ڪارخانا لڳائي، صنعتي زون ٺاھيو ويو تہ ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان ماڻهو، ڪھي اچي ڪراچيءَ ۾، رهڻ لڳا. اھڙيءَ ريت، ڪراچي سڄي ملڪ جي ماڻهن کي، روزگار ڏيڻ وارو شھر بڻجي ويو.

جنرل ضياءُ الحق جي آمريت دوران، ھن شھر ۾ لساني ۽ مذھبي ڪٽرپڻي جو ٻج ڇٽيو ويو، جنھن سبب ھي شھر بدامنيءَ جي ور چڙهيو ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين، ھتي حالتون خراب رهيون. پھرين آڪٽوبر 1988ع تي، ھڪ ڏينھن اڳ حيدرآباد ۾ ٿيل واقعي جي ردعمل طور، ڪراچيءَ ۾ بيگناھ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو.

پرويز مشرف جي آمريت واري دؤر ۾ پڻ ڪراچيءَ جون امن امان واريون حالتون خراب رهيون، ڪيترائي اڻ وڻندڙ واقعا ٿيا ۽ بيگناھ انسانن جو قتلام ٿيو. 18 آڪٽوبر 2007ع تي بينظير ڀٽو جي ريليءَ تي، بم حملو ٿيو، جنھن ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا ۽ ان کان وڌيڪ زخمي ٿيا.

ڪراچيءَ ۾ ڪيترين ئي تاريخي ماڳن، مڪانن جا آثار ملن ٿا، جن ۾ شاھ لطيف جي ڪردار موکيءَ جي مزار، متارن جون قبرون، چوڪنڊي/چوکنڊي قبرستان، بلوچ ٽومبس ۽ واڳو ڏر شامل آھن.

شاھ لطيف، سُر گهاتؤَ ۾، ڪلاچيءَ جو ذڪر، ھن ريت ڪيو آھي:

ڪالهَه ڪلاچِيءَ وِئا، ڇَتِيُون کَڻِي ڇُڳيرَ،

ڀائُنِ ڀيرَو نہ ڪِئو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ،

اِھَڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَ وَرائي جَهلِئِي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گھاتو، داستان 1، بيت 3، ص:125)

ڪوٽ درازئا:

ڪوٽ درازئا، ھڪ جڳھ جو نالو آھي. ھي، راجا جسوڌڻ جي رهائش گاھ جو نالو آھي. بدر ابڙو، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌ جو شاھ‘ ۾ لکي ٿو:”جسوڌڻ، ڏهر واري علائقي جو حاڪم ھو، جنھن جو سڄو نالو، ڄام جسوڌڻ مهراڻو ھو. ھن جي حڪومت واري علائقي ۾ ماڃر کان ھيٺيون علائقو، بدين، ٿرپارڪر، رڻ ڪڇ ۽ رِڻ جي ڪنڌي شامل آھن.“(ابڙو، بدر، 2000ع، ص:229) شاھ لطيف، سُر ڏهر ۾ ان جو ذڪر ڪيو آھي.

ڀَرِئو ڍَورَ تَراءُ، پيٺِيُون ڪوٽَ دَرازِئَا،

نَه سي پَاڻِيءَ وارِيُون، نَه سو ھُلُ ھُڳاءُ،

اَدِيُون آڳَڙِيَا، کَڻِي ڪنھن کُوڻِ وِئَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڏهر، داستان 1، بيت 7، ص:230)

ڪوٽڙي:

ارغون دؤر جي پڇاڙيءَ واري ڏهاڪي ۾، ھڪ شھر جو نالو ھو، جيڪو ھالا تعلقي جي ڳوٺ، ڀٽ شاھ کان 8 ڪلوميٽر ڏاکڻين پاسي ۽ لال لئي جي ماڳ کان اُتر واري پاسي ساڱرہ واھ جي ڪپ تي آباد ھو. ھن شھر کي پھرين ’ڪوٽڙي اڀن شاھ‘ جي نالي سان سڏيندا ھئا پر پوءِ ارغونن ۽ ترخانن جي ھتي آباد ٿيڻ ڪري، ’ڪوٽڙي مغل‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو:”شاھ صاحب جي ڏينھن ۾ ھالا تعلقي ۾ ڪوٽڙي نالي ھڪ شھر ھو، جو ھاڻي ڦٽي ويو آھي، پر ان جو ويرانو اڄ تائين ڀٽ شريف کان 8 ڪلوميٽر پري ڏکڻ ڏي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهي ڪوٽڙيءَ جو حاڪم، مرزا مغل بيگ ھو، جو ارغون گهراڻي مان ھو. شاھ صاحب جي شادي، انهيءَ مغل بيگ جي نياڻيءَ سان، سن 1714ع ڌاري ٿي.“ (ڀيرومل، لطيفي سئر، 1989ع، ص:13)

جڏهن شاھ لطيف، ڏهن ٻارهن سالن جو ھو، تہ سندس والد شاھ حبيب، ’سئي/سوئي ڪُنڌر‘ مان لڏي اچي ڪوٽڙي مغل ۾ رهيو. انهيءَ ڳوٺ جا آثار، پنجاھ ورهيه کن اڳ ڏٺا ويا ھئا. شاھ لطيف، سُر بلاول ۾، ’ڪوٽڙي مغل‘ جو ذڪر ڪيو آھي.

وڳَندُ وَرِي آئِيو، ڪوٽَڙِيان ڪُلاٽُ،

سَندو ڪَرِڙَ ڪَاٺُ، ھَڻُ نَرڳِيءَ کي نِڪَڻِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)،’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سر بلاول، داستان 4، بيت 7،ص:192)

ڪوفو:

ڪوفو، عراق جو مشھور ۽ تاريخي شھر آھي، جيڪو فرات نديءَ جي اُلهندي ڪپ تي واقع آھي. وقت جي بدلجندڙ حالتن جي ڪري، ھن شھر جو ھاڻي اھو تاريخي اوج ڪونہ رهيو آھي.

تاريخي حوالي سان جي ڏسجي تہ حضرت علي ڪرم الله وجهہ پنھنجي خلافت واري دؤر ۾، ڪوفي کي گاديءَ جو ھنڌ بڻايو ھو ۽ وري ڪربلا واريءَ جنگ ۾، حضرت امام حسينؑ ۽ سندس ساٿين جي شھادت جي ڪري، ھن شھر کي اڃا وڌيڪ تاريخي حيثيت حاصل ٿي. تاريخي ڪتابن ۾ ان ڳالهہ جا ثبوت ملن ٿا تہ ڪوفي جي ماڻهن، حضرت امام حسينؑ کي خط لکي، سندن بيعت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ھئي. جنھن کان پوءِ، امامحسينؑ ڪوفين جي زور ڀرڻ تي، حجاز (سعودي عرب) کان ڪوفي روانو ٿيو. بعد ۾ ڪوفي، پنھنجي ڪيل واعدي تان ڦري ويا ۽ پوءِ ڪربلا جي ميدان ۾ ڪوفين، امام حسينؑ جي بدران يزيد جو ساٿ ڏنو، نيٺ امام حسين﷦ سان مقابلو ڪندي، شھيد ٿيو. ڪوفين جي ان ڪوڙائيءَ جي شاھدي، شاھ لطيف جي بيتن مان بہ ملي ٿي، جيئن ھيٺين بيتن ۾ آھي:

ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نَه پِيارِينِ،

اُتي عَلِيءَ شاھَه کي، شَھِزادا سَارِينِ،

نِڪَرِيو نِهارِينِ، چَڙهُه، مِيرَ مُحَمّدَ عَرَبِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 4، بيت 7، ص:670)

فارس جي فتح کان پوءِ، خلفاءِ راشدين جي حڪومتي دؤر ۾، 638هه ۾، حضرت عمر﷦ جي دؤر ۾، ھي شھر حڪومتي ڪار وهنوار، واپار توڙي علمي ادبي حوالي سان سٺن شھرن ۾ ليکجڻ لڳو، ايستائين جو 750هه ۾، عباسي، خليفي ابوالعباس پڻ ھن شھر کي پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ بڻايو. ان دؤر ۾، ھن شھر جون رونقون وڌيون ۽ ڪاروباري مرڪز جي حيثيت اختيار ڪري ويو.

ڪوفو، علمي مرڪز پڻ رهيو آھي، جتان ڪوفي مڪتب، ان کان سواءِ، ڪوفي رسم الخط (لکت) بہ گهڻي پراڻي آھي، جنھن جو ثبوت پراڻا قلمي قرآني نسخا آھن. عراق، ايران ۽ پوءِ عراق - آمريڪا واريءَ جنگ کان پوءِ، ھي وسندڙ شھر بہ ڄڻ کنڊرن جو ڍير ٿي ويو آھي. معيشيت بنهہ تباھيءَ جي ڪناري تي پھچي چڪي آھي.

ڪيچ:

ڪيچ، ھڪ تاريخي علائقو آھي، جيڪو بلوچستان صوبي جي مڪران ڊويزن جو ھڪ ضلعو آھي. ھن علائقي تي ’ڪيچ‘ نالو ڪيئن پيو؟ تنھن بابت، راءِ بھادر، لالا ھتورام، پنھنجي ڪتاب، ’تاريخ بلوچستان‘ ۾ لکي ٿو:”اڳ ۾ ھن مُلڪ جو نالو گنج آباد ھو، ھتي جي حڪومت مَلڪ شھريار خان جي ھٿن ۾ ھئي. ھن ايران جي شاھ، ڪاءِ خسرو جي تابعداري نہ ڪئي تہ ڪاءِ خسرو، فوج موڪلي گنج آباد کي ويران ڪري ڇڏيو. اُن وقت ايراني فوج، فتح جي خوشيءَ ۾ چيو تہ، ’گنج آباد کي ھيچ ڪيو ويو آھي‘، تڏهن کان غلط العام طور ’هِيچ‘ کان ’ڪيچ‘ مشھور ٿيو. چئني پاسن جي حَدُن ۾ اوڀر ڏانھن قديمي زماني ۾ ڪولواھ، ھاڻي آب سَر تائين، اولهہ پاسي پُراڻي زماني ۾ ڪسرقند، ھاڻي تمپ تائين، اُتر طرف بليدہ جَهل ۽ ڏکڻ ۾گوادر ۽ والي مسقط پسني بندر ۽ اورماڙه بندر ۽ ڄام صاحب جو علائقو لسٻيلو ۽ ان جي ڀرپاسي جون حدون ھن ۾ اچن ٿيون.“ (هتورام، 1987ع، ص:646)

تاريخ جي اڀياس مان ڄاڻ ملي ٿي تہ ڪيچ مڪران تي ڪيتريون ئي ڪاھون ٿيون آھن. قديم زماني ۾ مختلف حڪمرانن ھن خطي تي قبضو ڪري حڪومت ڪئي. سڪندر جي فوجن جو ھتان گذر ٿيو تہ اُنهن ھن علائقي کي گدروشيا جي نالي سان سڏيو. ڪيچ، مڪران جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ رهيو آھي.

يوناني مؤرخ، آرين(Arrian) ، ڪيچ مڪران جي سرزمين، ماحول ۽ ماڻهن لاءِ راءِ ڏيندي چيو تہ ھتي جي آبھوا گرم، زمين ريتيلي ۽ ماڻهن جي رهڻ جوڳي ناھي. يونانين کان پوءِ، 303 (ق.م.) ۾ ھتي، چندر گپت قبضو ڪيو. ان کان پوءِ، مختلف دؤرن ۾، مختلف حڪمرانن جي قبضي ۾ رهڻ کان پوءِ، ھن ڌرتيءَ تي اسلامي دؤر ۾، عربن جي حڪومت قائم ٿي، جنھن جي شروعات حضرت عمرؓ جي دؤر کان ٿي. ان کان پوءِ، ڪيترن ئي عرب گورنرن ھتي حڪومت ڪئي. ڏهين صدي عيسويءَ ۾، عرب حاڪم، عيسيٰ بن معادن ڪيچ ۾ رهندو ھو.

’تُربت‘ جو پراڻو نالو، ’ڪيچ‘ ھو. ’ڪيچ‘ جو نالو، ’تُربت‘ ڪيئن پيو؟ تُربت جو نالو، انگريزن جي دؤر ۾، ملي ٿو. ھن کان اڳ ھي، ڪيچ جي نالي سان مشھور ھو، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ انگريزن جي دؤر ۾، ھتي ايراني ۽ فارسي سپاھي، انگريز سان گڏ ھئا، جيڪي ھتي فوجي نوڪرين تي ھئا. ان وقت بغاوت ڪري ھي علائقو، باقي علائقن کان ڪٽيل ھو. ھتي شديد گرمي ھوندي ھئي، جيڪا ايراني سپاھين لاءِ برداشت جوڳي نہ ھئي. انهيءَ گرمي جي ڪري انهن ڪيچ کي تُربت (قبر) سان تشبيھ ڏني. ھو جڏهن پنھنجن علائقن ڏانھن لکپڙه ڪندا ھئا تہ لکندا ھئا اُھي تربت معنيٰ قبر ۾ ڊيوٽي ڏئي رهيا آھن. ايئن ڪيچ شھر جو نالو تربت مشھور ٿيو. ڪيچ (تربت) ۾ ذڪري فرقي جا ماڻهو وڏي انگ ۾ رهن ٿا، جتي ذڪرين جي اھم زيارت گاھ ’ڪوھ مراد‘ آھي. ڪيچ کجين جي باغن ۽ کجور جي ڪري مشھور آھي.

گل حسن ڪلمتيءَ موجب، ڪيچ حقيقت ۾ ان خطي کي چيو وڃي ٿو جيڪو ڪيچ نديءَ جي ٻنهي پاسن، ساميءَ کان ناصرآباد تائين پکڙيل آھي. ڪيچ ندي، تربت جي آسپاس مَند، تُمپ، وادي مڪران ۽ ڪولواھ جي طاس لاءِ بہ استعمال ٿيندي رهي آھي. ھن واديءَ جي اُتر ۽ ڏکڻ ۾ واقع علائقن تي ٻڌل بليدہ، دشت ۽ ڪولانچ لاءِ بہ اھو نالو استعمال ٿيندو رهيو آھي، جنھن کي مارڪو پولو، ’ڪيز مڪران‘ ۽ ابن بطوطا ’ڪيچ مڪران‘ لکيو آھي. ھن کي انهيءَ لاءِ ڪيچ مڪران جي نالي سان سڏيو ويو تہ جيئن ايراني مڪران (ايراني بلوچستان) کان ھن جي سڃاڻپ ۽ فرق واضح ھجي.

ھن وقت ڪيچ ضلعي جي اولهہ ۾ ايران، اوڀر ۾ آواران، ڏکڻ ۾ گوادر ۽ اُتر ۾ پنجگور ضلعا واقع آھن، جڏهن تہ ڪيچ ضلعي جو ھيڊ ڪوارٽر تربت شھر آھي، ڪيچ ضلعو تُمپ، تربت، بُليدہ ۽ دشت تعلقن تي ٻڌل آھي. 2017ع جي آدمشماريءَ موجب، ھن ضلعي جي آبادي 116، 909 آھي، جيڪا 1998ع ۾، 413،204 ھئي. ھتي رهندڙ قبيلن ۾، گچڪي، نوشيرواڻي ۽ ھوت شامل آھن.

ڪيچ جي نالي سان ھڪ نئن بہ آھي، جيڪا ايراني ايراضيءَ مان نڪري، پنجگور ۽ آواران جي علائقن مان ٿيندي، تُربت مان لنگهي ٿي. تربت مان ٿيندي، ميراڻي ڊئم لتاڙيندي اڳتي وڌي ٿي. ميراڻي ڊئم کان پوءِ، ھن نئن کي ’دشت ڪؤر‘ سڏيو ويندو آھي. ڪؤر بلوچي ٻوليءَ ۾، نئن کي چيو ويندو آھي. ھيءَ نئن، دشت کان اڳيان ڪُلِدان ۽ دَرابول جبل واري علائقي ۾ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

شاھ لطيف جو سورمو، پُنهون ڪيچ جو رهاڪو ھو، جتي اڄ بہ پنهونءَ جي پيءُ، ڄام آري عالي جي محل ’ميري ڪلات‘ جا ڊٺل آثار موجود آھن. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ڪيچ جو ذڪر تمام گهڻن بيتن ۽ واين ۾ گهڻي انگ ۾ ڪيو آھي.

ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سَندو ڄامُ،

پَسَندي پُنهُونءَ کي، اکين ڪِيو آرامُ،

ناتَرِ چايان نامُ، جي مُون نِهو پاڻَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 3، بيت 8، ص:386)

ڪينجهر:

ڪينجهر ڍنڍ، سنڌ جي ٺٽي ضلعي ۾ آھي، جيڪا ڪراچيءَ کان 122 ڪلوميٽر ۽ ٺٽي شھر کان 18 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. ھيءَ منڇر ڍنڍ کان پوءِ، مٺي پاڻيءَ جي ٻي وڏي ڍنڍ آھي. ڪينجهر ڍنڍ لڳ ڀڳ پنجٽيھ ھزار ايڪڙن تي پکڙيل آھي، ويڪر 6 ڪلوميٽر ۽ ڊيگهہ 23 ڪلوميٽر اٿس. ھن ڍنڍ جي اونهائي 80 کان 90 فوٽ آھي.

ڪينجهر جي پاڻيءَ جو سڀني کان وڏو وسيلو، بگهاڙ واھ (ڪراچي واھ) آھي، ان کان سواءِ، ڪوهستان مان وهي ايندڙ نئيون ۽ ڍورا، سوڙه، لوياڇ، ھرولهو، ڍور، نيھون، کارڙي، ڪٽڙي، ڪرنجهڙو، لوهيزو ۽ پار وارو وغيرہ ھن ۾ ڇوڙ ڪندا آھن.

ڪينجهر ڍنڍ نہ رڳو ڪراچيءَ جي ڪروڙين شھرين جي اُڃ اجهائيندي آھي، پر ھتي جي صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻيءَ جو بہ وڏو وسيلو ڪينجهر آھي. ھتي سياري جي مُند ۾، سائبيريا کان ھنجهه، بَدَڪَ، ڊگهوش، نيرڳي، آڙي، کوکراٽ، ٻگهه، گولاڙو، بگ، رتبو ۽ ٻيا پکي ھزارن جي انگ ۾، سردي گذارڻ لاءِ اچي گڏ ٿيندا آھن، جن جي گوناگون رنگن جي پَرن جي ڦڙ ڦڙاھٽ سان، ڪينجهر، فطرت جي ھڪ شاھڪار تخليق بڻجي ويندي آھي.

ڪينجهر ڍنڍ، ھن وقت ماحولياتي گدلاڻ جو شڪار آھي، جنھن ۾ سڀني کان وڏو ھٿ، نوري آباد جي صنعتي ايراضي مان نڪرندڙ زھريلو پاڻي آھي، جيڪو ڪوهستان مان وهندڙ نئن سان ملي، ڪينجهر ۾ داخل ٿئي ٿو. ھن ڍنڍ کي 1976ع ۾، رامسر سائيٽ قرار ڏنو ويو. ان کان پوءِ، کيس سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪيشن آرڊيننس وسيلي، جهنگلي جيوت جي بچاءُ وارو ھنڌ قرار ڏنو ويو پر تنھن ھوندي بہ ھتي نہ رڳو زھريلي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪي اُپاءُ نہ ورتا ويا آھن ۽ نہ وري مڇي ۽ پکين جي شڪار تي ڪا پابندي لڳائي وئي آھي.

موڪلن جي ڏينھن ۾، سير ۽ وندر لاءِ ڪيترائي ماڻهو، مختلف شھرن کان ڪينجهر ڍنڍ گهمڻ ۽ ڏينھن گذارڻ جي لاءِ ايندا آھن، جن جي سھولت لاءِ سنڌ سرڪار جي سياحت کاتي، سنڌ ماھيگيري جي کاتي، آبپاشي کاتي، سنڌ وائلڊ لائيف کاتي ۽ ثقافت کاتي پاران ريسٽ ھائوسز، ريسٽورنٽس ۽ ھَٽس ٺھرايا ويا آھن. جتي ماڻهو رات بہ رهي ڍنڍ جو نظارو ڪري سگهندا آھن.

ڪينجهر ڍنڍ جي وچ ۾، ٻہ قبرون پڻ آھن، جن جي لاءِ چيو ويندو آھي تہ انهن مان ھڪ نوري ۽ ٻي ھوندڙي شاھ جي آھي، جنھن جي دعا سان نوري ڪوڙه جي بيماريءَ کان ڇُٽي ھئي. اصل ۾ اتي ٻہ ڍنڍون ھيون، سونھري ۽ ڪينجهر جيڪي ڌار ڌار ھيون ۽ پاڻي جي وچ ۾ آيل قبرون ان وقت خشڪي تي ھيون. درجي بدرجي اھي ڍنڍون وڌنديون رهيون ۽ آخرڪار گڏجي ھڪ ٿي ويون. اھڙيءَ ريت اھي قبرون پاڻيءَ جي وچ ۾ اچي ويون آھن ۽ مٿانھين تي ھئڻ ڪري محفوظ آھن.

ھن ڍنڍ جي مشھوريءَ جو ڪارڻ نوري ۽ ڄام تماچيءَ جو قصو آھي، جنھن کي شاھ لطيف، سُر ڪاموڏ ۾ ڳائي امر ڪيو آھي.

ميءِ ھَٿَ ۾ مَڪُڙِي، ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ،

سَڄو ڏينھن شِڪارُ، ڪِينجُهرَ ۾ ڪالَهه ھُئو.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 2، بيت 7، ص:627)

ھيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھ،

اَچي وَڃي وِچَ ۾، تماچِيءَ جي ساءَ،

لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪينجُهرُ ھِندؤرو ٿئٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 2، بيت 04، ص:627)

کاروڙو:

کاروڙو ھڪ ڳوٺ جو نالو آھي، جيڪو عمرڪوٽ شھر کان اُتر طرف لڳ ڀڳ پنج ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي، ھي ڳوٺ چارڻن آباد ڪيو ھو. جنھن جو ذڪر، شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾ ڪيو آھي:

کاروڙِيان کَڻِي، ويڙِيجَھپ وِيا،

سيٖڻَ منھنجا، سَيّدُ چٖي، ھاڻٖي ھِتِ ھُئا،

پَسِي پَڊَ اُٺِين جا، لَڙِي لَڙڪَ پِيا،

ڏيهِي ڏُورِ وِيا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 9، بيت 9، ص:594)

ھيءُ ماڳ، اصل ۾ پرمار سوڍن جو ھو، جيڪو ويڙِي جهپ جي ڏکڻ ۾، 9 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع ھو.

کائُر / کائڙ / کاھڙ:

سڄو ٿر، نوَن ڏهن مکيه ڀاڱن ۾ ورهايل آھي. انهن مان ’کائڙ‘ يا ’کائر‘ پڻ ھڪ وڏو ۽ خاص ڀاڱو آھي. ٿر جو اِھو ڀاڱو، ھاڻوڪي کپري تعلقي جي ڳوٺ، ھٿونگي وٽان شروع ٿي، عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن جو اتر وارو پاسو وٺي، وڃي جيسلمير ۽ ٻاڙمير جي وچ ۾ دنگ ڪري ٿو. عمر ڪوٽ جو شھر، کائڙ واري ڀاڱي ۾ نہ آھي، پر ڇوڙ اسٽيشن جي پريان پاسي وارو وارياسو ڀاڱو، جيڪو کپري ۽ ڇاڇري تعلقن سان لڳو بيٺو آھي، سو کائڙ ۾ آھي. ساڳي طرح ڇاڇري جو شھر، کائڙ ۾ نہ آھي، پر گڊڙي اسٽيشن ۽ ڇاڇري جي اڌ تائين، جتي ’کينسر‘ جو ڳوٺ آھي، اھو پاسو، توڙي ڇاڇري تعلقي جو ٻيو اُتر اڀرندي وارو پاسو، جيڪو جوڌپور رياست سان لڳو بيٺو آھي، سو کائُڙ ۾ اچي ٿو.

ڪاڪي ڀيرومل موجب، ٻارهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري، اھو کائڙ جو ٿر، راٺوڙن جي ھٿ ۾ ھو. تنھن ڪري اھي اڄ تائين، ’لائُريا راٺوڙ‘ يعني کائڙ جي ٿر وارا راٺوڙ سڏجن ٿا. راٺوڙن مان جن کائڙ ۾ راڄ ڪيو تن مان ھاڪارو، راجا رڻمل ھو، جنھن جو ذڪر، شاھ لطيف، سُر ڍول مارو ۾ ھيئن ڪيو آھي:

ساچي، ٿِيان سِيگَڙِي، رِڻَملُ ھاٿُ ڪَري،

وِڙهندي سِرِ ويرِييان، ڪوڏُ ڪَسِي سان ڏي.

(مرزا، ممتاز، (1995ع)، گنج، شاھ جو رسالو، سرود ڍول مارو، بيت 6، ص:480)

تيرهين صديءَ ڌاري، کائڙ جو ٿر راٺوڙن کان سوڍن راجپوتن کسيو ۽ ڪي صديون اُتي راڄ ڪيائون.

کائر جي مسلمانن توڙي ھندن جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ ۾ڪوبہ فرق نہ آھي. مردن کي اڇي يا ڳاڙهي ڪپڙي جي پٽڪي مٿي تي، انگرکو بُت تي ۽ لوئي گوڏ طور ٻڌن. زالن کي چني مٿي تي ۽ چولو ۽ سُٿڻ، ڪڇي نموني جي پائين. نياڻيون مٿي تي پوتيءَ بدران لوئي ڍڪين. اڪثر ٻار، بُت ۽ مٿو اگهاڙو ڪري گهمن، ڪي ٻار وري سنهي ننڍڙي لوئي مٿي تي ۽ ٽنگن ۾ پڻ لوئي ٻڌن. مرد ماڻهو، ڏاڙهي ۽ مڇون رکن. ٻولي بہ سڀ ڍاٽڪي ڳالهائين. پوري ٿر ۾، پر خاص ڪري کائر ۾، اَڻت جو ڪم گهڻو ڪري ميگهواڙ ڪن.

شاھ لطيف، پنھنجي ٿر واري سفر دؤران، ’کائڙ‘ کي اکيين ڏٺو ۽ اتي جي سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي زندگيءَ جي پھلوئن کي سُر مارئي ۾ واکاڻيو آھي.

ھِنَ مُند مارُو سَنَرا، کائُرَ ۾ خُوشحالَ،

سائُون، سِيارِڇِ، مَکَڻِي، جيڏِيُون! آڻينِ جالَ،

سَتِيءَ جِي، سَيّدُ چٖي، ڪا ساڻيهه مَنجِهه سَنڀالَ،

لِڱَنِ تان، لَطِيفُ چي، لوئِي لاھ مَ لالَ!

ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مينھن وَسَندا، موٽُ تُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 9، بيت 5، ص:593)

کائڙ جو علائقو، کٿين جي اُڻت جي ڪري مشھور آھي، انهيءَ جي شاھدي پڻ شاھ لطيف وٽان ملي ٿي.

پَنوَهَارَنِ پَاٻُوهِيو، ڪِي وَسَ واھُوندَنِ،

لَٿو سِيءُ لطيف چَئي، ٻَڌو ڦَڻُ ڦَرَنِ،

پَائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَن نوراپَنِ،

عُمَرَ اُنَ اَگُوندَرِي، پَاسي ڪَانڌَ ڪَتَنِ،

اُوءِ ٿَا ڪورِينِ ڪُؤَنرِي، سَرَتِيُون مَٿان سَسَنِ،

کائُرِ کَٿِيُون خَاصِيُون، اوڄي اُتِ اَچَنِ،

ڪَڍِئو پيڻُ ڪَھَنِ، مَلِيرِ گُهرِجي مَارُئِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سر مارئي، داستان 7، بيت 7، ص:422-423)

انهيءَ کان سواءِ، شاھ لطيف، ٻين ڪيترن ئي بيتن ۾، ’کائڙ‘ جي عڪاسي ڪئي آھي.

کائڙ واري ڀاڱي ۾، واريءَ جون ڀٽون ننڍيون آھن. ننڍا ننڍا دڙا ۽ ھيٺ مٿانهان ميدان آھن، جن کي ’مَگِرا‘ چون. ھن ڀاڱي ۾ ڊگها وڻ گهٽ آھن پر ڦوڳ جو ٻوٽو گهڻو ٿئي. ھن ڀاڱي جي رهاڪن کي ’کائڙيا‘ چون.

شاھ لطيف، ’کائڙ‘ کي، ’پريون ٿر‘ سڏيو آھي، ڇاڪاڻ تہ مارئيءَ جي ڳوٺ کان، ’کائر‘ جي حد (گڊڙو اسٽيشن) تقريباً 122 ڪلوميٽر پري آھي.

کريڙ / کريهر:

کريڙ، ڪڇ ضلعي جي اُتر اوڀر ۾ واقع ھڪڙو ٻيٽ آھي، جيڪو 188 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾، چئني طرفن کان رڻ سان وڪوڙيل ھڪ علائقو آھي. کريڙ، ٻارهن ڳوٺن تي ٻڌل آھي. برسات جي موسم ۾، ھن ٻيٽ جي چوڌاري پاڻي ھوندو آھي ۽ اونهاري ۾ جڏهن پاڻي سُڪندو آھي تہ ان مان لوڻ ٺھي پوندو آھي. ان طرح بدلجندڙ موسمن مطابق، کريڙ پنھنجا نوان نوان روپ پسائيندو رهندو آھي. کريڙ جو ’ڀاڃڙو جبل‘ مشھور آھي. کريڙ ۾ ٻيا بہ ڪيئي جبل آھن، جيڪي وُڊ فاسلس جي ڪري مشھور آھن، جتي فاسلس پارڪ ٺھيل آھن. کريڙ کان اتر ۾، ٿرپارڪر واري پاسي ڪڇ جي وڏي رڻ ۾، ‘ميروئو جبل’ آھي. اھو جبل پنھنجي پسگرادئيءَ واري ماحول سبب ڏسڻ وٽان آھي. پر ھن جبل جي چؤطرف اَڇو لوڻ ھئڻ جي ڪري ھتي پھچڻ ڏکيو آھي. اونهاري ۾ سائيڪلن وسيلي ھتي پھچي سگهجي ٿو. جنھن لاءِ انتظاميا کان اجازت وٺڻي پوندي آھي.

کريڙ جي مکيه سڃاڻپ ’ڌوڙا ويرا‘ آھي، جنھن کي ’ڍولا ويرا‘ بہ چيو وڃي ٿو. ھتي جي ھڪ ڀٽ جي کوٽائي مان، موهن جي دڙي ۽ ھڙاپا جھڙين تھذيبن واري شاندار شھر جا آثار لڌا ويا آھن. جنھن کي سينڌو (Sendhav) ننگر چيو وڃي ٿو. ان زماني جي لپيءَ وارو ھڪڙو بورڊ بہ مليو آھي. انهي لپيءَ کي ‘سينڌوي، لپيءَ جو نالو ڏنو ويو آھي. اھا لپي موئن جي دڙي جي لپيءَ جيان اڃان پڙهي ڪانہ سگهي ويئي آھي. ھيءَ سڀيتا چار ساڍا چار ھزار سال پراڻي سڀيتا آھي. کوٽائي مان ان زماني جا مَٽَ، مڻيا، مهرون، ھٿيار ۽ ننڍيون ننڍيون ٻيون بہ ڪافي شيون مليون آھن، جن شين کي آرڪيالاجي سروي آف انڊيا، دھليءَ جي نيشنل ميوزيم ۾، ۽ اُتي ’ڍولا ويرا‘ ۾ ٺھيل عجائب گهر ۾ رکيو آھي. ھاڻي ’ڌوڙا ويرا‘ سياحت لاءِ، ھڪڙو سٺو ماڳ ٺھي پيو آھي. سيلانين لاءِ سرڪار ھتي ھر طرح جون سھولتون فراھم ڪيون آھن ۽ ھر سال ھزارن جي تعداد ۾، سيلاني ھتي ايندا آھن. شاھ لطيف، ھن ماڳ جو ذڪر، ھن ريت ڪيو آھي:

آيُون ڍَورِ ڍَرِي، اَصلَ سَندي آسَري،

کَرِيهَرَ ڀُونءِ کَرِي، پيرَ ڏُکويَا پَکَڻين.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)،’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڏهر، داستان 5، بيت 18، ص:250)

کنڀات:

کنڀات، ڀارت جي گجرات صوبي ۾ آھي، جيڪو ڪنھن زماني ۾، ھڪ وڏو بندر ۽ وڻج واپار واري شھر طور مشھور ھو. ھي شھر، کنڀات جي نار کان اُتر طرف ميداني علائقي ۾ آھي، جتي اڄ بہ جڏهن سامونڊي وير چڙهندي آھي تہ پاڻي ميداني علائقن ۾ پکڙجي ويندو آھي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو:”هي شھر توڙي رياست جو اصل نالو، ’سٿمڀاوت‘ يعني ٿنڀ وارو آھي، جنھن جو اُچار پوءِ بگيڙي ’کنڀات‘ ڪيو اٿن.“(آڏواڻي، ڀيرومل، 1989ع، ص:58)

پراڻن قصن ۾، کنڀات جو ذڪر، ’استنڀ تيرٿ‘ طور ٿيل آھي. ھن شھر جون پراڻيون اڏاوتون قيمتي پٿرن مان ٺھيل آھن، جيڪي پرڏيھ کان آندل ھئا. اھي پٿر اڄ بہ ھن شھر جي اوج جو اھڃاڻ بڻيل آھن. پراڻي زماني ۾، ھن شھر جي پکيڙ 5 ڪلوميٽر ھئي، جنھن ۾ چار پاڻيءَ جا وڏا تلاءَ ۽ ٽي بازارون ھيون. ھن شھر کي چؤطرف ڀت ڏنل ھئي، جنھن جا آثار اڄ بہ ڏسي سگهجن ٿا. ڏکڻ اوڀر ۾ زير زمين مندرن ۽ ٻين عمارتن جي آثارن جا نشان بہ موجود آھن، جيڪي جين جا مندر آھن. جتان ٻن ديوتائن جون مورتيون بہ لڌيون ويون آھن. جن مان ھڪ ڪاري ۽ ٻي اڇي آھي. خاص طور مورتيءَ جي ھيٺان ’پارسوناٿ‘ لکيل آھي. ٻئي اڪبر جي زماني جون اُڪريل آھن. ڪاري مورتيءَ تي 1651ع وارو سن اُڪريل آھي. ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ھن شھر جي تاريخ بيان ڪندي لکي ٿو:”عيسوي ستين صديءَ جي پڇاڙي يا اٺين صدي جي اڳياڙيءَ ڌاري، پارسي لوڪ ايران کان ڀڳا تہ پھريائين پھريائين ھن پاسي ’سنجاڻ‘ نالي شھر ۾ اچي رهيا ۽ پوءِ اھڙو زور ورتائون جو ھندن کان سمورو ملڪ ڦري، پنھنجي قبضي ۾ ڪيائون. ھندن آخر گجرات طرف ڀڄاين. ھندن جي حڪومت، 1298ع ۾ پوري ٿي ۽ پوءِ مسلمانن جو راڄ شروع ٿيو، پر اُھي بہ ڌارين جي ڪاھن کان ڪين ڇُٽا.

سن 1538ع ۾، پورچوگيزن ھن پاسي ڦرلٽ ڪئي ۽ پنجٽيھ ورهيه ساندھ وڳوڙ لڳو پيو ھو. 1573ع ۾، اڪبر بادشاھ جو لشڪر ھيڏانھن ڪاھي آيو. مغلن جو زور ٽُٽو تہ مرهٽا ھيڏانھن ڪاھي آيا ۽ مسلمانن کان چڱا ڇاندا ڇڏائي ھليا ويا. کنڀات ۾ جنھن تنھن پئي اک رکي سو ھن ڪري جو ھيءَ ھڪ ھاڪارو ۽ وسيل بندر ھو، ۽ اُن جو واپار ديسان ديس ھلندو ھو. نار جي لَٽجڻ ڪري آھستي آھستي سندس چلتو گهٽبو ويو.“(آڏواڻي، ڀيرومل، 1989ع، ص:59)

سترهين صدي عيسويءَ ۾ ھي شھر انگريزن ۽ ڊچن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجي ويو. جتي 1616ع ۾ انگريزن ۽ ڊچن پنھنجي واپاري ڪوٺين جو بنياد وڌو. کنڀات کي انگريز ڪيمبي (Cambay) جي نالي سان اچاريندا ھئا.

شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾، ھن ماڳ جو ذڪر ڪيو آھي.

واھُوندا وِڄُون ٿِيون، کُڙِيُون ڏانھن کَنڀاتَ،

ڪُنڍيُون ڪاھي گسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،

سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،

جُهڙُڦڙُ ڏيئِي جهاٽَ، پُسائيندو پَٽِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد،(2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 3، ص:698)

کُوري:

کُوري، ھڪ مڪان جو نالو آھي، جو ڀٽ شاھ کان اتر طرف ڏيڍ ڪلوميٽر پري، شاھ لطيف جي ڪنڊيءَ ڀرسان آھي. شاھ لطيف، ھن جو ذڪر، سُر سارنگ ۾ ڪيو آھي.

کُوري تي کِوَڻِينِ جو، ٿِئو چَڱو چَومَاسو،

خَالِقَ ڪِئو خَاصو، چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 3، ص:317)

گرنار:

گرنار، ھڪ شھر جو نالو آھي، جيڪو ضلعي جهوناڳڙه، رياست گجرات، انڊيا ۾ آھي. ھن شھر کي ’گري نگر‘ يعني، ’ٽڪريءَ تي ٺھيل شھر‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو. ھيءَ ٽڪري، ھندستان جي بلند ترين چوٽين ۾ ليکي وڃي ٿي. گرنار کي ’نرواڻ ڀومي‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ ڪري جو گرنار ۾ ھندو توڙي جين مت وارن جا مقدس ماڳ آھن. ھتي جين مت توڙي ھندن جا ڪيترائي مندر، شوالا، غفائون، غارون ۽ جوڳين، سنياسين ۽ آديسن جون زيارت گاھون پڻ موجود آھن.

گرنار ۾ ھر سال، ’گرنار پارڪرام‘ نالي سان ھڪ وڏو ميلو پڻ لڳندو آھي، جنھن ۾ ھندستان توڙي ٻين ملڪن مان ھندو ۽ جين مت جا پوئلڳ، گهڻي تعداد ۾ ايندا آھن. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، گرنار بابت، لکي ٿو:” گرنار ٽڪريءَ جون پنج مکيه چوٽيون آھن، جن مان سڀ کان اُتاھين چوٽي، ’گورکناٿ‘ نالي سان سڏجي ٿي، جيڪي جوڳي گرنار جو تيرٿ ڪرڻ ويندا آھن، سي ھن چوٽيءَ تي اوس ويندا آھن، جو گورکناٿ سندن وڏو گرو ھو. (آڏواڻي، 1989، ص:58)

شاھ لطيف، سُر بلاول، سُر رامڪلي، سُر سورٺ ۽ سُرڪارايل ۾، ’گرنار‘ جو ذڪر ڪيو آھي.

نَانگا نَنگا نِڱِئَا، نَانگَنِ مَٿي نَنگُ،

نَڪِي وَڄَائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنگُ،

گَـنگا ۽ گرنَارَ جو سامِينِ ٻَڌو سَنگُ،

راوَلُ پَسِي رَنگُ، ٿِئا لاھُوتِي لَطِيف چئي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سر رامڪلي، داستان 3، بيت 27، ص:58)

گرو چيلي جو رڻ:

گرو چيلو، ھڪ وڏي سنئين پوٺي واري ھڪ رِڻ جو نالو آھي، جيڪو سون مياڻيءَ کان لڳ ڀڳ ست ڪلوميٽر اُتر اولهہ واريءَ ڪُنڊ تي آھي. ھن رِڻ جي حوالي سان ھيءَ روايت مشھور آھي تہ ھڪ گرو، پنھنجي چيلي سان گڏجي ھنگلاج ڀيٽڻ ٿي ويو ۽ ٻئي جڏهن ھن رِڻ ۾ آيا، تہ کين تمام گهڻي اُڃ لڳي. ھنگلاج جي واٽ تي ٻين سڀني منزلن تي پاڻي ملي سگهي ٿو، پر ھتي رڳو سُڃ ئي سُڃ آھي. ھنن ٻنهي کي اُڃ ايترو تہ عاجز ڪيو، جو ھو ماندا ٿي ڪري پيا ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا. انهيءَ واقعي کان پوءِ، ھي رِڻ سندن نالي سڏيو وڃي ٿو. ھي رِڻ وڏي ايراضي ۾ ڦھليل آھي، جنھن ۾ ڀڙي ۽ سيراندي وارو سڄو پوٺو اچي ٿو. گروءَ ۽ چيلي جون سيمنٽ سان ٺھيل قبرون سمنڊ جي ڪناري، سونمياڻي ھُر جي پوڇڙ ۾، نيوي وارن جي ’گرو چيلو چيڪ پوسٽ‘ جي اُلهندي پاسي، سونمياڻي کان ھنگلاج ويندڙ رستي تي ٺھيل آھن. شاھ لطيف، ھنگلاج ويندي، ھي گرو چيلي جو رِڻ پڻ لتاڙيو ھوندو.

پَرينديئي پَنڌِ ٿِئَا، گنجو ڇَڏي گَامُ،

تَنِ ويهِي ڪِئو نَه وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ،

گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئَائُون تَن تَمَامُ،

رَههَ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽَا ڪَاپَڙِيُ.

(شيخ ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سر رامڪلي، داستان 6، بيت 19، ص:79-80)

گَڙَنگُ:

گڙنگ، ھڪ واھ جو نالو ھو، جيڪو گهڻو عرصو اڳ ڀٽ جي لڳ اڀرندي طرف وهندو ھو. شاھ لطيف، ھن جو ذڪر، سُر سارنگ ۾ڪيو آھي:

چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِييٖن، ڪِيائِين گَڙَنگَ تي گُلَ،

ھَڏا ڪٽِيان ھَلِيو، ڀَري تَرايُون تَلَ،

آندائِين آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارَ ٿِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 4، ص:692)

ھي واھ، شاھ لطيف جي زماني کان بہ اڳ ڦِٽي ويو ھو. شاھ لطيف، فقط اُن جا ڦٽل آثار ڏٺا ھئا.

گنباٽ:

گنباٽ، ھڪ وڏي ايراضيءَ جو نالو آھي. موجودہ صورتحال موجب، اھا ايراضي، شھدادپور تعلقي جي حدن ۾، شھدادپور ۽ ٽنڊي آدم جي وچ ۾، ريلوي لائين کان اولهہ طرف ويندي وڏي واھ سکر بئراج تائين، اتر ۾، ’مَلدَسِي‘ ۽ ’گولي پير‘ تائين ۽ ڏکڻ ۾ ڳوٺ ’مُلي مکڻ‘ تائين ھئي. سمن جي دؤر کان وٺي ھيءَ ھڪ وڏي آباد ايراضي ھئي. ترخانن جي دؤر ۾، ھيءَ ايراضي، شاھ قاسم بيگلار جي جاگير ۾ ھئي، جنھن ھتي گنباٽ وارو قلعو ٺھرايو، جنھن جا آثار، ’مِٺن فقير ڏيري‘ جي ڳوٺ کان سڏ پنڌ اولهہ طرف، ويندي 1976ع تائين موجود ھئا.

ڏيرن فقيرن جا ٻہ سلسلا ھئا:ھڪڙا ’سايات‘ يا سبزپوش (سائو ويس ڍڪيندڙ) ۽ ٻيا ’ڌؤنريات‘ يا سفيد پوش، جن مان ھڪڙو فقير، عرس ڏيرو بہ ھو. فقير عرس ڏيري جي ننڍي نياڻيءَ سان شاھ حبيب جي شادي ٿي، جنھن جي پيٽان شاھ لطيف جو جنم ٿيو. اِھي ڏيرا فقير، وڏا پھتل درويش ھئا ۽ ’گنباٽڌڻي‘ (گنباٽ واري ايراضي جا رکوال والي) ڪري سڏبا ھئا.

شاھ لطيف جي ننڍپڻ جي ڏينھن جا ٻارهن سال، پنھنجن ناناڻن ڏيرن فقيرن وٽ گنباٽ واري ھن تر ۾ گذريا. شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾، ھن ايراضيءَ جو ذڪر ڪيو آھي:

سَارِنگَ کي سَعيو، توکي سَعيو نَه ٿِئي،

گُڙي ٿو گنبَاٽَ ۾، آيو ڪِي آيو،

مَتان اِيئَن ڀَانيو، تَھ بادَلَ وَسِي بَسِ ڪِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 10، ص:319)

گنجو ٽَڪر:

حيدرآباد جي ڏکڻ ۾، ٽڪرن جو ھڪ سلسلو آھي، ان کي گنجو ٽڪر/گنجو ڏونگر يا گنجي پيرن جي منجي (کٽ) سڏيو وڃي ٿو. گنجي ٽڪر تي ڪابہ آبادي ڪانهي ۽ وڻن ٽڻن کان بلڪل آجو آھي، جنھن ڪري ھن کي گنجو ٽڪر سڏيو وڃي ٿو. شاھ لطيف، سُر کاھوڙيءَ جي نَون بيتن ۾، گنجي ٽڪر جو ذڪر ڪيو آھي.

پيئِي جَن پَڻِي، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي،

ڇَڏي نِنڊَ گَهڻِي، لوچي لاھُوتِي ٿِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 2، بيت 3، ص 753)

ھن وقت، گنجي ٽڪر جي اُتر اولهہ طرف، لطيف آباد (حيدرآباد) ۽ ٻئي پاسي ذيل پاڪ سيمينٽ فئڪٽري آھي. ھن ٽڪر تي ھندن جي ’ڪالي ديويءَ‘ جو مندر ۽ اوليائن جون مزارون پڻ آھن، جن ۾ مقبرو درگاھ اولياء حضرت عبدالرحمٰن سرهندي پڻ شامل آھي. ھتي پري پري جا جوڳي، ديويءَ جي درشن لاءِ ايندا آھن تہ مسلمان وري ولين جي درگاھن تي حاضري ڀرڻ ايندا آھن. ھنگلاج وڃڻ لاءِ جوڳي، ھتي ڪالي ديويءَ واري مندر تان ٽوليون ٺاھي روانا ٿيندا آھن.

گنگا:

گنگا، ڀارٿ ۾ ھڪ نديءَ جو نالو آھي. ھيءَ ندي، ڪيلاش پربت جي مانسرور ڍنڍ جي مور منھن (Peacock) مان نڪري ٿي، جيڪا ڀارت جي اُتر کنڊ، بِھار، اُتر پرديش جهڙن مختلف صوبن مان سفر ڪندي، اُلهندي بنگال ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ جهاڙکنڊ، باريسال ۽ چٽاگانگ جا پَٽ پُسائيندي اٽڪل پنجويهه سئو ڪلوميٽر جو سفر ڪري، ڀارتي بنگال ۽ بنگلاديش ۾، برهمپترا ڊيلٽا ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ھن ڊيلٽا کي گِرين ڊيلٽا بہ چيو ويندو آھي، جيڪو دنيا جي سڀني ٻيٽن کان وڏو ٻيٽ يا ڊيلٽا آھي.

گنگا ندي، الهہ آباد وٽ، جمنا ۽ سرسوتي سان ملي دنيا جي ٽين وڏي ندي بڻجي ٿي، جتي جو نظارو ڏسڻ وٽان ھوندو آھي. ھن مان ھندستان جو نہ رڳو چاليھ سيڪڙو عوام پاڻي پئي ٿو، بلڪہ ھن جي ڪپن تي آباد شھرن توڙي ڳوٺن جي معاشي زندگي پڻ گنگا جي گجگوڙ ڪندڙ واھُڙ سان سلهاڙيل آھي. ھن جي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن جي گهڻائي، پوکي راھي ۽ مڇي مارڻ جو ڌنڌو ڪري ٿي.

ھندن جي عقيدي موجب، گنگا نديءَ کي مقدس حيثيت حاصل آھي. سندن اھو عقيدو آھي تہ ڪيلاش پربت تي شِوَ مھاديو رهي ٿو. گنگا ان جي جٽائن (وارن) مان وهي ھيٺ اچي ٿي، تنھن ڪري ھن جو پاڻي پاڪ ۽ پوِتر آھي. گنگا جي ڪنارن تي اشنان گهاٽ ٺھيل آھن، جتي ھندو، گنگا جي جل سان اشنان ڪندا آھن. سندن عقيدو آھي تہ گنگا ۾ وهنجڻ سان، سمورا پاپ ڌوپجي ويندا آھن، گڏوگڏ، بيمارين مان پڻ شفا ملندي آھي.

اونهاري ۽ چوماسي جي برساتن واريءَ مُند ۾، جڏهن چمڙيءَ جون وچڙندڙ بيماريون پکڙجنديون آھن تہ ھندو، گنگا جل ۾ وهنجندا آھن تہ جيئن کين بيمارين مان ڇوٽڪارو ملي.

الهہ آباد وٽ، گنگا جي ڪپ تي ھر سال ڪُمب جو ميلو لڳندو آھي، جنھن ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيندا آھن. گنگا جي ڪنارن تي ڪيترائي مشھور ۽ تاريخي مندر پڻ موجود آھن. قديم زماني کان وٺي جوڳي ۽ ويراڳي پڻ گنگا جو درشن ۽ ان ۾ اشنان ڪرڻ لاءِ ھيڏانھن پنڌ ڪندا ھئا.

شاھ لطيف بہ جوڳين جي نسبت سان گنگا جو ذڪر، ھن ريت ڪيو آھي.

تان ڪِي وَٽِنِ ويههُ، جان آھِنِ اوطاقُنِ ۾،

سامِي سَفَرِ ھَلِيا، ڏُورِ چِتائي ڏيههُ،

ڇَڏي سُکُ ساڻيههُ، مَٿي گنگا گَجِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 4، ص:813)

گهاڙي:

گهاڙي، لاڙ جو ھڪ مشھور شھر ھوندو ھو، جيڪو ھن وقت بدين ضلعي ۾ واقع آھي. شاھ لطيف جو ھي بيت بہ شاھدي طور ڏنل آھي:

لاکا لَڳئِي ڏِينهَن، گهاڙيءَ ري ڪِيئَن گهاريين،

مَٿان وَسِي مينھن، واٽُون وَلِينِ ڇانئِيُون.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 3، بيت 28، ص:167)

لاکي جي زماني ۾ ھي شھر، اوج تي ھو ۽ لاکو ھميشه دوستن وٽ ھن شھر ۾ ايندو ھو، پر ڪو وقت اھڙو بہ آيو جو لاکي گهاڙي وڃڻ ڇڏي ڏنو.

لاھوت:

لاھوت، ھڪ ماڳ جو نالو آھي، جيڪو ڪراچيءَ کان اٽڪل 125 ڪلوميٽر پري، حب نديءَ جي اولهائين پاسي پٻ جبل ۽ بلاول شاھ نورانيءَ جي درگاھ کان 5 ڪلوميٽر پرڀرو، ھڪ جبل آھي، جنھن ۾ جُهڏي نما ھڪ وڏو غار آھي، جنھن ۾ مٿان، ڪافي جاين تان پاڻي پيو ٽمي. ھڪ پٿر جي پنڊ پھڻ ٿيل ويٺل اٺ، پٿر جھڙو صابڻ، پٿر جهڙن ٺھيل شين مان پاڻي ٿو ٽمي. ھن مڪان کي لاھوت جو نالو ڏئي، بيبي فاطمه﷦ جي چلي جي حوالي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو.

شاھ لطيف، جڏهن لاھوت وڃڻ لاءِ سنبريو تہ شاھهحبيب ٻڌايس تہ انهيءَ طرف ڀوت ۽ بلائون آھن ۽ رستو ڏاڍو ڏکيو آھي، تنھن ڪري جبلن جي پنڌ جي پچر ڇڏي ڏي، پر شاھ لطيف، ھن طرف نڪري پيو. شاھ لطيف، سُر کاھوڙي ۽ سُر رامڪليءَ ۾ ڪيترن ئي بيتن ۾، لاھوت جو ذڪر ڪيو آھي.

جي ڀَانيين جوڳِي ٿِيَان، تہ تَرڪُ طَمِع کي ڪَرِ،

وَڍي وَهمَ وِجُودَ جَا، خَاصي ڌِيَانِ ڌَرِ،

ڪنھن پَرِ پھچين پَرِ، لِکِجين لاھُوتَ سين.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سر رامڪلي، داستان 4، بيت 10، ص:62)

ڏِسِي ڏوري ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ،

ڪُرَندا ڪِي پَروڙِيو، رَندُ نَه سي رِڙَهنِ،

پيٖئِي دارَ دَيُون ڪِيو، پِيرُتِ تان نہ پُڇَنِ،

ڌوڙِ، پِرِيان لَئٖي ڌارِ ڪِيو، ويچارا وِجَهن،

خَبَرَ کاھوڙِيَنِ، آھي لِکَ لاھُوتَ جِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 3، بيت 2، ص:755)

لاھور:

لاھور، پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي گاديءَ جو شھر آھي ۽ آباديءَ جي لحاظ کان پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو شھر آھي. لاھور جي قديم نالن ۾، لوهه پور، لوههڪوٽ، لهاور، لهور ۽ لهانور وغيرہ جھڙا نالا ملن ٿا. 2017ع جي آدمشماري موجب، لاھور جي آبادي 19,398,081 آھي. ھي شھر راوي نديءَ جي ڪناري تي آھي ۽ ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن ۾، ھن شھر جو ذڪر آيو آھي.

انتظامي حوالي سان لاھور ھڪ ڊويزن آھي، جنھن ۾ ضلعو لاھور، ضلعو شيخوپورہ، ضلعو ننڪانہ صاحب ۽ ضلعو قصور شامل آھن. لاھور ضلعي جي تعلقن ۾، لاھور شھر، لاھور صدر، ماڊل ٽائون، شاليمار ۽ رائيونڊ تعلقا شامل آھن، جڏهن تہ ھن شھر ۾ 205 ٽائون ۽ 274 يونين ڪائونسلون آھن.

شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾، لاھور جو ذڪر ڪيو آھي:

ڪي لَڙِيون لَاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھَالارَ،

ڪي پُرِيُون پَنجَابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪَارَ.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سر سارنگ، داستان 3، بيت 1، ص:324)

تاريخي اعتبار کان لاھور، ھيستائين ڪيترن ئي ڪاھن جي ور چڙهي چڪو آھي. انسائيڪلوپيڊيا پاڪستانيڪا موجب:”سلطان محمود غزنويءَ 1027ع ۾، لاھور کي فتح ڪيو ۽ اُن فتح جي ياد ۾ ھتي مسجد اڏارايائين... 1186ع کان 1290ع تائين سلاطين غوري لاھور تي قابض رهيا، انهن مان قطب الدين ايبڪ جي مزار، انارڪليءَ جي ايبڪ روڊ تي موجود آھي. اُن کان پوءِ، خلجي ۽ تغلق بادشاھن جو دؤر آيو، جيڪو اڍائي سئو سالن تي ٻڌل آھي. اُن دؤر کان پوءِ، لاھور تاتارين ھٿان ڪيئي ڀيرا برباد ٿيندو رهيو... مغل دؤر ۾، لاھور کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي. بابر پنھنجي پُٽ مرزا ڪامران کي ھتي جو صوبيدار مقرر ڪيو، جنھن جي پوکرايل باغ جا آثار، راوي درياھ جي ڪپ تي اڄ بہ موجود آھن... ھمايون بادشاھ جي دؤر ۾ لاھور، بغاوتن جو آماجگاھ بڻيو رهيو. اڪبر پنھنجي زماني ۾ لاھور کي نئين سر اڏرايو. لاھور جي چؤڌاري فصيل ڏياري، مختلف دروازا ٺھرايا. لاھور جو قلعو جيڪو اڳ ۾ موجود ھو تنھنجي مرمت ڪرايائين... لاھور ۾ اورنگزيب جي اڏرايل مسجد جڳ مشھور آھي... مغلن کان پوءِ، لاھور ۽ پنجاب تي سکن جي حڪومت قائم ٿي. اُنهن مغل دؤر جون ڪيتريون ئي يادگار جايون ڊھرائي ڇڏيون... انگريزن پنھنجي وقت ۾ ھتي ڪيئي شاندار جايون جوڙايون. مال روڊ (شاھراھ قائداعظم)، لارنس گارڊن (باغِ جناح)، ميو گارڊن، منٽو پارڪ (اقبال پارڪ)، ايچ. اِي سن اسپتال، ليڊي ولينگزن اسپتال، ميڪلوڊ روڊ، چڙيا گھر، جي.پِي.او، وائي.ايم.سي.اي ھال، ٽائون ھال، پنجاب يونيورسٽي، اسيمبلي ھال، پنجاب پبلڪ لائبرري ۽ لاھور عجائب گھر وغيرہ انگريزن جا اڏرايل آھن.“(انسائيڪلو پيڊيا پاڪستانيڪا، 1998 ع، ص:789)

لاھور جي وچئين حصّي يعني قديم لاھور کي، ڪوٽ بہ ڏنو ويو، جيڪو انگريزن جي دؤر دؤران ختم ڪيو ويو. آزاديءَ جي تحريڪ دؤران، لاھور ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 1940ع ۾، قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس منٽو پارڪ لاھور ۾ ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ پاڪستان جو ٺھراءُ بحال ڪيو ويو ۽ مسلمانن لاءِ ھڪ الڳ ملڪ جي گهر ڪئي وئي، جيڪو ’پاڪستان جو ٺھراء‘ جي نالي سان مشھور آھي.

لاھور ۾ ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون پڻ آھن، جن ۾ بادشاھي مسجد، شاھي قلعو، نور جھان جو مقبرو، شاليمار باغ، جيڪي مغلن جي دؤر جا يادگار آھن. ون يونٽ جي دؤر ۾، لاھور، اولهہ پاڪستان جي گاديءَ جو ھنڌ رهي چڪو آھي. پاڪستان ريلوي جو ھيڊ ڪوارٽر، والٽن لاھور ۾ واقع آھي.

لڊاڻو:

لڊاڻو، ھڪ شھر جو نالو ھو، جيڪو جيسلمير کان اتر اولهہ طرف، 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آباد ھو. شاھ لطيف، جيسلمير جي سفر دؤران، ھتان بہ ڀيرو ڪيو ھو، جنھن جو ذڪر، سُرمومل راڻي جي ڪيترن ئي بيتن ۾ ملي ٿو.

ڪاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِيا، لُوٺو لُڊاڻو،

تو پُڄاڻان سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو،

مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَه مَينڌرا!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 5، بيت 15، ص:536)

لُوٺِيَس لُڊاڻي، پَسو! جو پِرِيَن ري،

جيڏِيُون! جيهائِي ڪِئِي، راتِ رُسِي راڻي،

ھَلِبو ھاڻي، ويرا، ڪاڪِ وِهُ ٿَئِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 7، بيت 18، ص:545)

لنڪا / سري لنڪا:

لنڪا جو شھر، شاھ لطيف جي دؤر ۾ بہ سامونڊي بندر طور مشھور ھو. سنڌ جا سوداگر، سمنڊ رستي، ھن بندر تي واپار خاطر ويندا ھئا، جنھن جو ذڪر، سُر سامونڊيءَ جي داستان ٽئين ۾ ڪيو اٿس. لنڪا جو واپار ۽ اُتي جي بهتر شين جي ذڪر ٻُڌڻ ڪري سنڌ جا سوداگر، ان طرف سنڌ مان مال کڻي ويندا ھئا ۽ اتان مال، سنڌ ڏانھن آڻيندا ھئا، جنھن جو ذڪر، شاھ لطيف، ھن ريت ڪيو آھي:

لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَئي لَـنڪا جي اُوهَرِئا،

سُڻِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نہ سامونڊيَنِ،

پِرِهَه پَڳَھهَ ڇوڙيا، کاريٖ کيڙائُنِ،

وَڏي ڀاڳِ ڀَڙَن، جي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاھ جورسالو، سر سامونڊي، داستان-3، بيت-10، ص:207)

شاھ لطيف، مٿئين بيت ۾، لنڪا جي سون جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن جي ڪري سنڌ جا سوداگر، لنڪا ڏانھن وڃڻ ۾ دلچسپي رکندا ھئا. لنڪا بابت، ساڳئي سر ۾، ھڪ ٻيو بيت بہ آيل آھي، جنھن ۾ وري سون کان بہ وڏو وڻج حاصل ڪرڻ جي تمنا رکندڙ سوداگرن بابت، شاھ لطيف ھيئن ٿو چوي:

کاريٖ کيڙائُو، مَٿي مِٺٖي موٽِيا،

سودو ڪَنِ نہ سونَ جو، وَڏا وِهائُو،

موتِي جي مِهراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،

سامونڊي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاھ جو رسالو، سر سامونڊي، داستان-3، بيت-09، ص:206)

لنڪا يا سري لنڪا، ڇھين صدي قبل مسيح ۾، سنهالي لوڪ، اُتر ھندستان مان ڪُوچ ڪري، ھتي اچي آباد ٿيا، جن ھتي ٻُڌ ڌرم جو پرچار ڪرڻ شروع ڪيو. 250ع قبل مسيح ۾، ھنن پنھنجي بادشاھت، انو راڌاپور ۾ ٺاھي. چوڏهين صديءَ ۾ ڏکڻ ھندستانين، اُتر سري لنڪا ۾، ’تامل بادشاھت‘ جا بنياد وڌا.

16هين صديءَ ۾، پورچوگيزن ھتي جي سامونڊي ڪناري تي قبضو ڪيو، جن کان ھالينڊ جي قوم، ’ڊچ‘، سترهين صدي عيسويءَ ۾ اھو علائقو حاصل ڪيو. اھو اُپٻيٽ، 1798ع ۾، انگريزن فتح ڪيو ۽ برطانوي بيٺڪ ٿي وئي، جڏهن تہ سلون، 1948ع ۾، آزادي ماڻي. 1973ع ۾، ان جو نالو ’سري لنڪا‘ رکيو ويو. ھن ملڪ ۾ سنهالين جي گهڻائي آھي، تنھن ڪري تامل عليحدگي پسندن سان سندن ويڙه ھلندي آئي، جيڪا ھاڻ ماٺي آھي.

سري لنڪا جي گاديءَ جو ھنڌ ڪولمبو آھي ۽ ھتي جي سرڪاري ٻولي سنهالي، تامل ۽ انگريزي آھي.

سري لنڪا، اصل ۾ ھندي وڏي سمنڊ جو ھڪ ٻيٽ آھي، جتي اڪثريت جو مذھب، ٻُڌمت آھي، جڏهن تہ اتي ڪجهہ سناتن ڌرمي، مسلمان ۽ عيسائي پڻ آباد آھن. سري لنڪا جي آدمشماري، 2017ع جي ڳڻپ موجب، ٽي ڪروڙ ايڪياسي لک جي لڳ ڀڳ آھي. ھتي جي سرڪاري ٻولي، سنهالي آھي ۽ ان سان گڏوگڏ، ھتي اردو (هندي) ۽ انگريزي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي. سري لنڪا جي ڪل پکيڙ، 66.610 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ ھتي جي سڪي جو نالو سري لنڪن رپيو آھي.

لوتڙي:

لُوتڙي، ھڪڙو ماڳ آھي، جنھن جو ذڪر، شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ڪيو آھي. اھو بيت ھن ريت آھي:

ڏيئِي ريڄُ ’رائُڪَ کي، ڪِيائِين لُوتَڙِيءَ تي لَلَ

ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَرُ کي، پاڻِيءَ ڀَرِيائِين پَلَ،

آندَئِين آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مينھن کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاھ جورسالو، سر سارنگ، داستان-3، بيت-4، ص:695)

ھي ماڳ، ڀٽ شاھ جي ڀرسان ھو، پر ھاڻ ھن جا ڪي بہ آثار نظر نٿا اچن، نہ ئي ڪنھن ماڻهؤَ پاران ان بابت، ڪي احوال ملي سگهيا.

لوڻو:

لوڻو، ڪڇ ضلعي جي ڀڄ تعلقي جو ھڪ ڳوٺ آھي، جيڪو ضلعي ھيڊڪوارٽر ڀُڄ کان اولهہ اُتر ۾ بلڪل رِڻ جي ڪنڌيءَ تي آھي. ھتي جت قبيلي جي تمام گهڻي آبادي آھي، جڏهن تہ جيئيجا ۽ واڍا بہ چڱي انڱ ۾ ھتي رهن ٿا. آڳاٽي درو ۾ سنڌ وڃڻ لاءِ ھيءَ واٽ ھوندي ھئي. ماڻهو اُٺن تي يا پيرين پنڌ، سنڌ ڏانھن ويندا ھئا. ڪڇ جي مشھور درگاھ حاجي پير ھن ڳوٺ کان 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولهہ ۾ واقع آھي.

شاھ لطيف، لوڻي جو ذڪر، ھن ريت ڪري ٿو:

جُھري ڏيئِي جَھوڪَ، ٻَنِئَان ٻَھرَ مَ نِڪِرو،

لُوڻي مَٿَان لوڪَ، لاکي گَهڻَا لَڏائِيَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڏهر، داستان 8، بيت 5، ص:267)

ليھور:

ليھور، ھڪ ديھ جو نالو آھي، جيڪا ھاڻوڪي ساماري شھر لڳ، ڏکڻ اوڀر طرف آھي. ماضيءَ ۾ ’ليھور‘ نالي ھڪ ڳوٺ بہ ھو، جنھن جو اصل نالو، ’لِيار‘ ھو، جنھن جو اُچار ڦري پھريان ’ليھار‘ ۽ پوءِ ’ليھور‘ بڻجي ويو.

شاھ لطيف، ھن ماڳ جو ذڪر، سُر ليلا چنيسر ۾ ڪيو آھي:

لِيلان ڇَڏِ ليهورَ، وَڃُ پنھنجي مائِٽين،

اسان پڻ لهي ھور، تُون پڻ سُکيائي ٿئَين.

(مرزا، قليچ بيگ، (2007ع)، ’رسالا شاھ عبداللطيف ڀٽائي‘، سُر ليلان چنيسر، بيت 41، ص:477)

ليھور، اھوئي ماڳ آھي، جتان ڄام چنيسر ڪاوڙجي، ليلا کي مائٽن ڏانھن وڃڻ جو حڪم ڏنو ھو، جنھن کان پوءِ، ليلا روئندي پٽيندي، پنھنجي ناناڻي راڄ ڏانھن رواني ٿي ھئي، جيڪي ميرپورخاص کان لڳ ڀڳ 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، اتر طرف کيراھوءَ جي پَٽ ۾ رهندڙ ھئا. ھينئر بہ اتي کنڊر موجود آھن جن کي ليلا جون ڀتيون سڏيو وڃي ٿو.

ماکري:

ماکري، ڀٽ شاھ جي ڀرسان، ھڪ ماڳ جو نالو آھي. شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾، ھن جو ذڪر ڪيو آھي.

ڀَرِيَائِين ڪُنَ ڪِرَاڙِ جا، وَٺو وَارِيَاسو،

مَاکَرِيءَ تَان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پَاسو،

کُوري تي کِوَڻِينِ جو، ٿِئو چَڱو چَومَاسو،

خَالِقَ ڪِئو خَاصو، چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 3، ص:316)

مانباڻ / منھن ٻار:

مانباڻ، ھڪ نئن ۽ جبل جو نالو آھي. اھا نئن، سسئي پنهون جي مزار جي اُلهندي پاسي کان وهندي آھي، جنھن کي سسئيءَ وارو ڍورو پڻ سڏيو وڃي ٿو، جڏهن تہ نئن جي سامهون واري جبل کي، مانباڻ/منھن ٻار سڏيو وڃي ٿو، جنھن لاءِ اھو مشھور آھي تہ سسئيءَ جي سونھن ڏسي، ھن جبل ۾ ڦاٽ پيو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سسئي پنهونءَ جي قصي ۾، مانباڻ نئن جو ذڪر ڪيو آھي. جڏهن پنهونءَ کي سندس ڀائر بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڪيچ وٺيو پئي ويا تہ ان نئن تي پنهون سجاڳ ٿيو ۽ ڀائرن کان پاڻ ڇڏائي، واپس ڀنڀور ڏي روانو ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ ان ڳالهہ کي سگهڙن جي متفق راءِ ڄاڻائيندي لکي ٿو:”واٽ تي ئي پنهون کي جڏهن سجاڳي ٿي ۽ ھو پوري ھوش ۾ آيو، تڏهن ڀائرن کان بيزار ٿي، پاڻ ڇڏائي پوئتي موٽيو. اھو واقعو تڏهن ٿيو، جڏهن سندس ڀائر ۽ سندس اُٺُ ’منهبار جو ڍورو‘ مٽي اڳتي روانا ٿيا.“(بلوچ، 1976ع، ص:25)

شاھ لطيف، ھن نئن/ڍوري جو ذڪر، پنھنجي ڪلام ۾، ھن ريت ڪيو آھي:

ليڙنَ لَنگِهي لَسَ، مانَـباڻِئَان مَٿي ٿِئَا،

وَٺِي وَرُ وَاٽَ ٿِئَا، پُنُهُون ڄَامُ پَھَسَ،

ھُئَا وَڏِي وَسَ، ٻَاروچَا ڀَنڀورَ ۾.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر حسيني، داستان 4، بيت 1،ص:278)

مدينو شريف:

مدينو، اسلامي دنيا جو ھڪ نھايت مقدس شھر آھي، جيڪو سعودي عرب ۾ واقع آھي. ھتي حضرت محمدﷺ جن جو روضو مبارڪ آھي، جنھن ڪري ھر سال، ڪروڙين مسلمان ان جڳھ جي زيارت لاءِ ايندا آھن.

شاھ لطيف، سُر ڪيڏاري جي وائيءَ ۾، مديني جو ذڪر، ھيٺينءَ ريت ڪيو آھي:

اَڄُ مِيرَ مَومِنَنِ جا، مَدِينو ڇَڏي ھَلِيا،

مَدِينو ڇَڏي ھَلِيا، سي مَدِينَئُون لَڏي ھَليا،

هَئي ھَئي! مَدِينو ڇَڏي ھَلِيا!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 1، وائي، ص:662)

ھي شھر، مڪي کان لڳ ڀڳ 443 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر ۾ واقع آھي. مديني جو پراڻو نالو، يثرب آھي (جيڪو حضرت نوحؑ جي اولاد مان ھڪ سردار جي نالي تي رکيل آھي).

ھن شھر جي اڏاوت، 1600 (ق.م.) کان 2300 (ق.م.) جي وچ ڌاري ٿي. حضرت موسيٰؑ کان پوءِ، ھتي حضرت ھارونؑ جو اولاد آباد ٿيو، جنھن کان پوءِ، بنو قريظہ ۽ بنو نُضير آباد ٿيا، جيڪي شام کان، رومي بادشاھ جي ڏاڍ کان تنگ ٿي، ھتي اچي آباد ٿيا.

622ع ۾، نبي ڪريمﷺ جڏهن مڪي کان ھجرت ڪري ھتي آيا تہ ’يثرب‘ جو نالو مٽائي ’مدينو‘ رکيائون. مدينو، مٿانھين سطح/بلنديءَ تي واقع آھي. سندس ٽن طرفن کان زرخيز زمين ۽ کجين جا باغ آھن، جڏهن تہ باقي زمين، تيل جي معدنيات سان مالا مال آھي.

حضور سڳوري ﷺ مديني کي پھرين، اسلامي رياست جي گادي جو ھنڌ بڻايو. مديني کي حضور سڳوريﷺ ۽ خلفاءِراشدين جي دؤر ۾، تمام وڏي حيثيت رهي (جا اڃا بہ برقرار آھي). حضرت عثمان﷦ جي دؤر تائين، مدينو ئي اسلامي گاديءَ جو ھنڌ رهيو.

ٻين مشھور جڳھن کان سواءِ، ھتي ھڪ اسلامي يونيورسٽي (جنھن کي جامعہ اسلاميه سڏيو وڃي ٿو) واقع آھي. ھن شھر کي، پاڻيءَ جي پراڻن کوهن ۽ تاريخي مسجدن ۽ ٻين تاريخي جڳھن جي ڪري پڻ اھميت حاصل آھي. قديم مسجدن ۾ مسجد نبويؐ، مسجد قبا، مسجد قبلتين، مسجد عمامه ۽ پراڻن کوهن ۾، بيرارليس، بير غُرس، بيرالبصه، بير روما سميت (ستن کوهن)، ان کان سواءِ، جنت البقيع جھڙي قديم قبرستان جتي ڏھ ھزار اصحابين ۽ ٻين ديني عالمن جون قبرون آھن. ان کان سواءِ، حضرت عثمان غني﷦، امام مالڪ ۽ حضورسڳوريﷺ جي ڌيئرن جون قبرون پڻ جنت البقيع ۾ آھن.

مصر:

مصر، آفريڪا کنڊ جو وڏو ۽ اھم اسلامي ملڪ آھي، جنھن جو سرڪاري نالو، ’عرب رعيتي راڄ مصر‘ آھي. ان کي انگريزيءَ ۾ ‘Egypt’ ڪوٺيو وڃي ٿو. ملڪ جي گاديءَ جو ھنڌ ’قاھره‘ آھي. ھي ملڪ، آفريڪا کنڊ جي اترئين حصي ۾ واقع آھي ۽ اتر اوڀر طرف ايشيا کنڊ موجود آھي. ھن جي اتر ۾ ڀونوچ سمنڊ، اوڀر ۾ بحر قلزم ۽ اسرائيل، ڏکڻ ۾ سوڊان ۽ اولهہ ۾ لبيا آھي. 1949ع جي ھڪ ٺاھ موجب، فلسطين جي ڏکڻ اولهہ ۾، غزہ جي 45 ڪلوميٽرن جي سامونڊي پٽي مصر کي ڏني وئي.

مصر، دراصل ھڪ ريگستاني ملڪ آھي، جنھن کي نيل ندي اوڀر ۽ اولهہ جي وارياسن پٽن ۾ ورهائي ٿي. تيل، مصر جي اھم معدني دولت آھي، جيڪا وارياسي ڀٽن مان ملي ٿي. انهيءَ کان علاوہ، ڪوئلو، فاسفيٽ، ميگنيشيا ۽ سون پڻ معدني پيداوار ۾ شامل آھن. زرعي جنسن ۾ ڪپھ، ڀاڄيون، ميوا ۽ تماڪ آھن.

قاھره، مصر جو وڏو صنعتي ۽ ثقافتي شھر آھي. ’اسڪندريه‘، ھن ملڪ جو اھم بندرگاھ آھي. قاھرہ کان علاوہ، پورٽ سعيد، الامين، المينيه وغيرہ مشھور شھر آھن. قاھرہ گاديءَ جو ھنڌ ھئڻ کان علاوہ، ھڪ عاليشان تاريخي شھر آھي، جنھن ۾ ھزارين سال پراڻا تاريخي کنڊر موجود آھن. مصري بادشاھن جي پٿر جي مجسمن کان علاوہ، مصر جا احرام ڏسڻ وٽان آھن، جي ست ھزار سال پراڻا آھن، جن کي دنيا جا سياح ڏسڻ ايندا آھن، جن کي دنيا جي ستن عجوبن ۾ ليکجي ٿو.

قاھره، نيل نديءَ جي ڪپ تي واقع آھي، جيڪا ڏکڻ کان اتر طرف وهي ٿي. انهيءَ نديءَ ۾، فرعون جو لشڪر غرق ٿيو ھو، جنھن جي باري ۾ قرآن شريف ۾ پڻ ذڪر آيل آھي. مصر، دنيا جي قديم ترين تھذيبن ۽ تمدنن سان واسطو رکندڙ ملڪ آھي.

شاھ لطيف، ’مصر‘ جو ذڪر، سُر سارنگ ۾، ٻين ڪيترن شھرن، ملڪن ۽ مقامن تي وڄن وسڻ جو ذڪر ڪندي خوشحالي ۽ آبادي جي ڳالهہ ڪري ٿو:

مَڪي مَٿان موٽِيُون، اُٺيُون تي عِرفات،

روضي پاڪ رسولؐ جي، رَنگ ڪيائون رات،

وڄڙيُون پِرڀات، موٽِي مِصِر آئِيُون.

(مرزا، قليچ بيگ، (2007ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرسارنگ، بيت 9، ص:207)

آڳاٽي زماني ۾، مصر ۾ تلوارون تمام عمديون ٺھنديون ھيون ۽ انهيءَ لحاظ کان مصر مشھور ھو. انهيءَ ڳالهہ جي ڄاڻ، شاھ لطيف کي بہ ھئي ۽ مصر جي انهن تلوارن جو ذڪر، ھُن سُر ڪيڏاري ۾ ڪيو آھي.

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَھل-بَيتَ آيا،

ماريٖ مِصرِيَنِ سين، تَنِ ڪافِرَ ڪَنبايا،

سَچُ ڪِ بِيبِيَ ڄايا، ھِهَڙا سُورِهيه سُپِرِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 2، بيت 5، ص:664)

مڪران:

شاھ لطيف، پنھنجي رسالي ۾ سسئي پنهونءَ جي قصي بابت، پورا پنج سُر چيا آھن. سسئي تہ سنڌ جي ڀنڀور شھر جي نياڻي ھئي، پر ’پنهون‘ اصل ۾ ’بلوچ‘ ھو ۽ سندس تعلق ’هوت‘ خاندان سان ھو ۽ سندس رهائشي شھر ’ڪيچ‘ ھو. ڪيچ ڏانھن ويندي، مڪران شھر مان کين لنگهڻو پوندو ھو.

شاھ لطيف، سُرديسيءَ جي بيت ۾، ھن ريت ذڪر ڪيو آھي.

ڪاڏي منھن مَڪرانَ جو، ڪاڏي ڪيچُ ٿِيو،

ھِهَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِهِين ڪونهَ پِيو،

ڪوهِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِيو،

جَنِين جَتُ نيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، شاھ جورسالو، سر ديسي، داستان-3، بيت-18، ص:389)

مڪران ھن وقت، ٻن حصن ورهايل آھي، جن مان ھڪ حصو ايران ۾ تہ ٻيو حصو پاڪستان ۾ شامل آھي. تاريخدانن جي چوڻ موجب، مڪران تي ھر دؤر ۾، مختلف ماڻهن پاران ڪاھُون ٿينديون رهيون آھن، پر ھي علائقو، ھر ڀيري تباھ ۽ برباد ٿيڻ کان پوءِ، وري بہ آباد ٿيندو رهيو آھي.

مڪران ڊويزن ۾ گوادر، پسني ۽ اورماڙه جون مشھور بندرگاھون آھن، ھتي جي ماڻهن جو گذر سفر جو اھم وسيلو مڇي مارڻ آھي، تنھن ڪري مڪران کي ’مڪران ماھي خوران‘ پڻ چيو وڃي ٿو، جنھن جو مطلب ’مڪران مڇي کائڻ وارن جو ديس‘ آھي. ان کان سواءِ، مڪران جي علائقن، جھڙوڪ:پسني، گوادر، گريشه ۽ تربت ۾ ٻني ٻارو پڻ ٿئي ٿو. ھتي کجين جا وڏا وڏا باغ آھن ۽ ٿوريون گهڻيون ڀاڄيون پڻ پوکيون وڃن ٿيون.

مڪران ڊويزن، ھن وقت ٽن ضلعن ڪيچ (تربت)، گوادر ۽ پنجگور تي پکڙيل آھي، جنھن ۾ گچڪي، رند، ھوت، بزنجا، ملازئي، ڪلمتي، جدگال ۽ درزادن سان گڏوگڏ، ٻيا ڪيترائي قبيلا رهن ٿا. 2017ع جي آدمشماريءَ موجب، مڪران جي آبادي 1،489،015 آھي.

مڪران جي اولھ ۾، ايراني بلوچستان، اوڀر ۾ قلات، ڏکڻ اوڀر ۾ لسٻيلو، ڏکڻ ۾ سمنڊ ۽ اُتر ۾ چاغي جا علائقا اچن ٿا.

مَڪو شريف:

دنيا جو مقدس ۽ قديم شھر مڪو، سعودي عرب ۾ واقع آھي. مسلمانن جو ھن شھر سان اھم مذھبي ۽ روحاني تعلق آھي. ھتي، بيت الله (ڪعبو) آھي، جتي لکين مسلمان ھر سال حج ۽ عمري جي ادائگيءَ لاءِ ايندا آھن. ھن ئي شھر ۾ حضور سڳوري حضرت محمدﷺ جن جي ولادت ٿي.

ھي شھر، سعودي عرب جي مشھور بندرگاھ، جدي کان لڳ ڀڳ 60 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي. ھن جي اوڀر ۾ طائف، اولهہ ۾ جدھ، اتر ۾ مدينو ۽ ڏاکڻي طرف عمير ۽ ان کان ٿورو اڳتي يمن واقع آھي.

شاھ لطيف، مڪي جو ذڪر، سُرسارنگ ۾ ڪيو آھي:

مَڪٖي مَٿان موٽِيُون، اُٺِيُون تٖي عَرَفات،

روضـٖي پاڪَ رَسُولَ جـٖي، رَنگَ ڪِيائُون رات،

وِڄُڙِيُون پِرڀات، موٽِي مِصرَ آئِيُون.

(علامه، آءِ.آءِ. قاضي، (1986ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرسارنگ، داستان 1، بيت 29، ص:266)

ڪعبي جي ڪري، قديم زماني کان مڪي جي عظمت مشھور ۽ معروف رهي آھي. ھتي جا رهواسي اصل ۾، بُت پرست ھئا ۽ ڪعبي ۾ پڻ بت رکيل ھوندا ھئا، تنھن ھوندي بہ ھن مقدس جاءِ جو احترام ڪيو ويندو ھو. ھتي تمام گهڻو قتل عام ٿيندو ھو. مڪي جو پراڻو نالو، ’بڪا‘ ھو، جنھن جو پڻ قرآن شريف ۾ ذڪر آيل آھي.

629ع تائين ھي شھر، مڪمل طور بت پرستيءَ جو مرڪز ھو، جنھن کان پوءِ، 8 ھجري/630ع ۾، مسلمانن ھي شھر فتح ڪري، بُتن کان پاڪ ڪري ڇڏيو. حضرت محمدﷺ جن بہ چاليھن سالن تائين ھن شھر ۾ رهيا، بعد ۾، 13 سال مديني ۾ رهائش اختيار ڪيائون.

قريش خاندان کي حضرت محمدﷺ جي ولادت کان گهڻو اڳ، ڪعبي جي سار سنڀال ڪري عرب دنيا ۾ تمام گهڻي عزت حاصل ھئي. ھن شھر ۾ حضرت محمدﷺ جن جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ، اڃا بہ وڌيڪ واڌارو ٿيو. الله تعاليٰ، پنھنجي آخري نبيﷺ تي، نازل ٿيل پاڪ ڪتاب ۾، ھن شھر جو ذڪر، مختلف انداز ۾، ڪيترين ئي آيتن ۾ ڪيو آھي، جيئن ٽيھين پاري جي ’سورة التِّین‘ ۾ فرمايو آھي:’وَهَٰذَا الْبَلَدِ الْأَمِينِ‘، يعني، ’امن واري شھر (مڪي) جو قسم آھي‘. مختلف دؤرن ۾، ڪعبي شريف ۽ ان جي ڀرپاسي توسيع، تزئين ۽آرائش ٿيندي رهي آھي.

موجودہ وقت ان جي ايراضيءَ تمام گهڻي وسيع ٿي وئي آھي، جتي ھزارين ماڻهو طواف ڪري سگهن ٿا ۽ پنجن وقتن جي نماز پڙهي سگهن ٿا.

ملتان:

ملتان، پنجاب صوبي جي ھڪ اھم ڊويزن، ضلعي ۽ شھر جو نالو آھي، جيڪو آڳاٽي دؤر ۾، سنڌ جو حصّو بہ رهيو آھي. شاھ لطيف، ملتان ۾، پنھنجي تڙ ڏاڏي، شاھهعبدالڪريم بلڙيءَ واري جو مقبرو جوڙائڻ لاءِ ڪاشيءَ جي سِرَن لاءِ ويو ھو ۽ حضرت غوث بھاءُالدين ذڪريا جي حوالي سان ھڪ بيت ۾ چيائين:

جَهرَڪِيُون ۾ جِيلاَنَ، ڪِيَائُون مِيران جو مُجِرو،

جِتي غَـوثُ بَھَاؤُالدِينِ، اُتِ مَرَڪِـيُون ۾ مُـلـتَانَ،

اَچِي اَڄُ اُکَتِيُون، ڪِيَائُون پُرِ پُراڻِ،

وِڄَڙِيُنِ منھن ڪاڻ، لاٿِي سِنڌُ وَڻنِ کي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، داستان 1، بيت 15، ص:313)

ملتان ڊويزن ۾، چار ضلعا، وهاڙي، ملتان، خانيوال ۽ لوڌران آھن. ملتان ڊويزن، پنجاب جي ڪپھ مان، 60 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ مان 35 سيڪڙو پيداوار مھيا ڪري ٿي. ڪيميائي ڀاڻ پڻ ھن ڊويزن جي خاص صنعت آھي. سنڌو ندي، چناب، راوي ۽ ستلج نديون ھن علائقي کي آباد ڪن ٿيون.

ضلعي ملتان جي اتر ۾، ضلعو جهنگ، اوڀر ۾ خانيوال ۽ وهاڙي، ڏکڻ ۾ بھاولپور ۽ اولهہ ۾ مظفرگڙه ضلعا واقع آھن. ھن ڊويزن ۾، انب، ٽالهي، ٻير ۽ کجيءَ جا وڻ جام ٿين. زرعي پيداوار ۾ ڪڻڪ، ڪپھ، چانور ۽ ڪمند بہ جام ٿئي تہ ميون ۾، انب، نارنگي، ليمون، ڏاڙهون ۽ کارڪون بہ ھتي جا اھم ميوا آھن.

ملتان شھر نہ صرف پاڪستان، بلڪہ ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان قديم شھرن مان ھڪ آھي. ’شاھنامه فردوسي‘ ۾ لکيل آھي تہ ھي شھر، 600 (ق.م.) ۾ ھڪ صوبو ھو. ھندن جي روايتن مطابق ھي شھر، انهن جي ديوين ۽ ديوتائن جي رهائشگاھ رهيو آھي. جهونن آثارن جي ماھر، اليگزينڊر ڪُننگهم، 1953ع ۽ 1964ع ۾، کوٽائي کان پوءِ، جيڪي قديم آثار ڳولهي ھٿ ڪيا، انهن مان ثابت ٿئي ٿو تہ 800 (ق.م.) ۾ ملتان، سنڌو واديءَ جو اھم زرخيز، تھذيب ۽ ثقافت جو وڏو مرڪز رهيو آھي.

ھندن جي پُراڻن ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو تہ، قديم زماني ۾ سنڌو ماٿري ٽن وڏين راڄڌانين ۾ ورهايل ھئي. اُتر ۾ گنڌار، ڏکڻ ۾ سوويريه ۽ وچيون حصو ڪيڪيه راڄ ۾ شامل ھو ۽ ملتان ڪيڪيه راڄ جو حصو ھو. حضرت عيسيٰؑ کان پنج ھزار سال پھرين، ڪيڪيه جو علائقو علم ۽ فن ۾ عروج تي ھو.

ھن شھر جي مستند تاريخ سڪندراعظم جي حملي 350 (ق.م.) کانپوءِ ملي ٿي. سڪندراعظم جي حملي وقت گنڌار، ايرانين جي قبضي ھيٺ ھو. ھن علائقي کي فتح ڪري جڏهن ھو ھليو ويو، تہ ھتي جي حڪومت، ’ملي‘ يا ’ملوئي‘ قوم جي ھٿ ھيٺ آئي.

ملتان شھر کي، 712ع ۾، محمد بن قاسم ۽ چوٿين صدي عيسويءَ ۾، محمود غزنوي فتح ڪيو. محمود غزنويءَ جي زماني ۾ مشھور مؤرخ ۽ مفڪر، البيروني، محمود غزنويءَ سان گڏ ھتي آيو ۽ پنجن سالن کان بہ وڌيڪ عرصو ھتي رهيو، جنھن جو ذڪر، سندس تصنيف، ’ڪتاب الھند‘ ۾ ان زماني جي ملتان جي علمي ۽ ثقافتي زندگي جو ذڪر تفصيل سان ملي ٿو. بابا فريد، گنج شڪر جي والد، مولانا حسامالدين ترمذي ۽ بھاءُالدين ذڪريا ملتانيءَ جي جد امجد، ڪمال الدين، ھن شھر کي پنھنجي رهائشگاھ بڻايو. ھن شھر کي ظاھري ۽ باطني علمن جو ممتاز ترين مرڪز ھئڻ جو شرف حاصل آھي.

ملتان شھر کي ھي فخر بہ حاصل آھي تہ تصوف جا ٽي روحاني سلسلا، سھروردي، چشتي ۽ قادري ھتان ئي سڄي ننڍي کنڊ ۾ پکڙيا. سھروردي سلسلو، بھاءُ الدين ذڪريا کان، چشتي سلسلو، بابا فريد گنج شڪر کان، قادري سلسلو، مخدوم رشيد حقاني کان شروع ٿيو. انهيءَ کان علاوہ، ٽن وڏن حڪمرانن، محمد تغلق، بھلول لوڌي ۽ احمد شاھ ابدالي جي ڄمڻ جو شھر پڻ آھي.

ملتان شھر کي، بھاءَالدين ذڪريا، شيخ صدرالدين عارف، شاھ رڪن عالم، شاھ شمس سبزواري ملتاني، شاھ يوسف گرديز، شاھ حسين آگاھي، سيد موسيٰ پاڪ شھيد ۽ سلطان احمد قتال جھڙن قابلِ ذڪر اڪابرن، اولياءِ ڪرام جون مزارون ھئڻ ڪري ’مدينة الاولياءُ‘ چيو وڃي ٿو.

پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ، ملتان تمام گهڻي ترقي ڪئي آھي. پراڻو شھر تہ سوڙهين گهٽين ۽ سوڙهين بازارن جي صورت ۾ چئن ئي طرفن کان، ڇھن دروازن:لاھوري / لوهاري دروازي، پاڪ دروازي، بوهڙ دروازي، دھلي دروازي، حرم دروازي ۽ دولت دروازي ۾ گهيريل آھي، جن مان بوهڙ دروازو، حرم دروازو ۽ دھلي دروازو، اڃا بہ پراڻيءَ حالت ۾ موجود آھن.

ملتان شھر جي مشھوريءَ جي مٿي ٻڌايل سببن مان غوث بھاءُ الدين ذڪريا، جو ھتي ھجڻ اھم آھي، جنھن جي شاھدي، شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ھيئن ٿو ڏي.

جَهرَڪِيُون ۾ جِيلاَنَ، ڪِيَائُون مِيران جو مُجِرو،

جِتي غَوثُ بَھَاؤُالدِينِ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتَانَ،

اَچِي اَڄُ اُکَتِيُون، ڪِيَائُون پُرِ پُراڻِ،

وِڄَڙِيُنِ منھن ڪاڻ، لاٿِي سِنڌُ وَڻنِ کي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، داستان 1، بيت 15، ص:313)

ملير:

ملير، ھڪ ڳوٺ / علائقي جو نالو آھي، جيڪو ننگرپارڪر شھر کان 38 ڪلوميٽر کن پري آھي. شاھ لطيف، سُرمارئيءَ جي ڪيترن ئي بيتن ۾، ملير جو ذڪر ڪيو آھي:

اُٺَنِ مينھن گَهڻا، ٿِـيَـنِ مـوڪَ مَـلِـــــيـرَ ۾،

اَکِيُون آبَ-ڀَرِئُو، اُنَهِين کوڻِ کَڻان،

مارُنِ شالَ مِڙان، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِهِين!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 11، بيت 6، ص:602)

ملير اصل ۾ مارئيءَ جو ڳوٺ ھو، جتي ھاڻ ھڪ بہ گهر ناھي، باقي ان ڳوٺ کان ٿوري مفاصلي تي، مارئيءَ جي نالي سان کوھ اڃا بہ موجود آھي، جنھن تي ھڪ پٿر جي ڪونڊي رکيل آھي، جنھن کي ’مارئي روهي‘ چيو وڃي ٿو. ڪونڊيءَ ۾ مارئي، پنھنجن ڇيلن کي پاڻي پياريندي ھئي، سا ھن وقت بہ ان کوھ تي موجود آھي. ان کان سواءِ، سڏ پنڌ تي، ’ڀالوا‘ نالي ٻن اڍائي سئو گهرن تي ٻڌل ھڪ ڳوٺ آھي، جنھن ۾ ھندو ۽ مسلمان ٻئي گڏ رهن ٿا. ڀالوا جي ڳوٺ وٽ، ست ڀٽون، ھڪٻئي سان لاڳيتو بيٺيون آھن. ملير ڪراچي جو ھڪ ضلعو پڻ آھي، جيڪو ٻھراڙيءَ جي ايراضين تي ٻڌل آھي.

مهراڻ:

مهراڻ، درياھ بابت، عالمن جا مختلف رايا ملن ٿا. ڪي سنڌوءَ کي مهراڻ سڏين ٿا، تہ ڪي وري ھاڪڙي کي مهراڻ. رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو:”مهراڻ جو اصل نالو ’سنڌو‘ آھي جو سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي، معنيٰ ’مھاساگر‘ (وڏوسمنڊ) جنھن جو ڪنارو نظر اچي نہ سگهي ۽ اھا حقيقت آھي، ڇو تہ اڳ مهراڻ جي آب ڪلاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بند ڏنل ڪونہ ھئا. پاڻيءَ جي چاڙهه وقت، درياھ وڻن ٽڻن، ڳوٺن ۽ جهنگن کي لوڙهيندو ميلن تائين پکڙجي ويندو ھو.“ (شيدائي،1992ع، ص:2)

عطا محمد ڀنڀرو، ميجر ھينري جارج راورٽيءَ جي ڪتاب، ’سنڌ جو مهراڻ‘ جي مھاڳ ۾ لکي ٿو:”راورٽيءَ جي بيان جو انداز ڏاڍو وڻندڙ آھي ڄڻ ويٺو ٿو ڪچھريون ڪري، پر ڪٿي ڪٿي منجهيل نظر اچي ٿو. اھو مونجهارو، راورٽيءَ جي لکت ۾ نه، پر ڪتاب ۾ ڏنل عرب ماخذن جي اڻ چٽين لکتن سبب پيدا ٿيو آھي، جن ڪڏهن سنڌوءَ کي آبِ سنڌ، ڪڏهن رُودِ سنڌ تہ ڪڏهن وري مهراڻ لکيو آھي. اُن کان علاوہ، ھُنن ڪابل، جھلم، چناب، راوي، بياس، ستلج ۽ ھاڪڙي جو نالو وٺي ذڪر ڪونہ ڪيو آھي، پر سڀني لاءِ ’رُود‘ لفظ ڪتب آندو اٿن. ’رُود‘ قديم فارسيءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي وڏو درياھ جنھن مان ڦاٽ نڪرن ۽ منجهس ٻيا وهڪرا اچي ڇوڙ ڪن.“ (ڀنڀرو، 1995ع، ص:8)

عطا محمد ڀنڀرو، راورٽيءَ جي تحقيق تي تبصرو ڪندي، وڌيڪ لکي ٿو:” سندس بيان مان پتو پوي ٿو تہ مهراڻ ’ڪنڌارا‘ وٽان ۽ سنڌو، ’ڪشمور‘ وٽان وهندو ھو ۽ پوئين درياھ ڪشمور کان گهڻي وقت کان وٺي منھن ڪونہ مٽيو آھي.“ (ڀنڀرو، 1995ع، ص:8)

راورٽيءَ جي ڏنل ڄاڻ موجب، مهراڻ، سنڌوءَ کان ڌار درياھ آھي، پر ھو اِھو نٿو ٻڌائي تہ مهراڻ سنڌ ۾ ڪٿان داخل ٿيندو ھو ۽ ڪٿي وڃي ڇوڙ ڪندو ھو، جڏهن تہ عطا محمد ڀنڀرو، راورٽيءَ جي تحقيق تي تبصرو ڪندي پنھنجي راءِ لکي ٿو:”مهراڻ يا ھاڪڙي کي سنڌو وارا ھاڪڙو، سنڌ ساگر، سانڪرہ ساڱر ۽ نارو بہ سڏيندا ھئا. موجودہ نارو بہ اڳوڻي مهراڻ جو پُراڻو پيٽ آھي.“ (ڀنڀرو، 1995ع، ص:16)

مٿي ڏنل راين کان علاوہ، بدر ابڙي پڻ عربن جي ڪتابن جا حوالا ڏيندي سنڌوءَ کي مهراڻ ئي سڏيو آھي. ھو لکي ٿو تہ:”البيروني ڪتاب ’الھند‘ ۾ لکي ٿو تہ جڏهن پنجاب وارو گڏيل وهڪرو اروڙ ٽپي ٿو، تڏهن اھو مهراڻ جي نالي سان سڏجي ٿو... اڳتي ھلي اھو پنھنجي ٻيٽ اندر ڇڏيندو وهي ٿو. ايستائين جو اھو منصوري پھچي ٿو، جيڪو شاخن جي وچ ۾ آھي ۽ پوءِ اھو ٻن شاخن ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو... ھڪ ڇوڙ لوهاراڻي وٽ ۽ ٻيو سنڌ ساگر وٽ. المسعوديءَ جو چوڻ آھي تہ، مهراڻ جون ٻئي شاخون شاڪرہ جي شھر وٽ سمنڊ ۾ مليون ٿي. الادريسي، پنھنجي ڪتاب، ’نزھت المشتاق‘ ۾ لکي ٿو تہ مهراڻ، اروڙ جي اولهہ ۾ وهندو ھو. لئمبرڪ بہ ان راءِ سان سھمت نظر اچي ٿو.“ (ابڙو، 1994ع، ص:254)

شاھ لطيف، مهراڻ جو ذڪر، سُر سامونڊي، سُر سھڻي، سُر سريراڳ، سُر ديسي، سُر ڪارايل ۽ سُر گهاتؤَ ۾ پڻ ڪيو آھي.

ڪارا ڪُنَ، ڪارِي تُڳِي، جِتِ ڪارِيهَرَ ڪَڙَڪا،

مَئـٖي مَتٖي مِهراڻ ۾، اَچَنِ دُپارا دَڙَڪا،

وِيندي ساھَڙَ سامھان، جهولَ ڏِنَسِ جَهڙَڪا،

کَرِڪَينِ جا کَڙَڪا، سُونهان ٿِيَئڙَسِ سِيرَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 4، بيت 4 ، ص:237)

واگهيون / واگهين جي ڀٽ:

واگهيون، ھڪ ڀِٽ جو نالو آھي، جيڪا ضلعي ۽ تعلقي سانگهڙ جي يونين ڪائونسل بھرم بري ۾ واقع آھي. واگهين جي ڀٽ سانگهڙ شھر کان اوڀر طرف چاليھن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي. ھن ڀٽ جي ڊيگهہ لڳ ڀڳ ھڪ ڪلوميٽر ۽ ويڪر 300 کن ميٽر آھي. ھن ڀِٽ جي چئني پاسن کان پوک ٿئي ٿي، يعني ھيءَ ڀِٽ زرعي زمين جي وچ ۾ آھي. ان ڀٽ لاءِ روايت آھي تہ شاھ لطيف ھتي چاليھ ڏينھن رهيو ھو ۽ انهيءَ ھنڌ تي ھڪ مخصوص جڳھ آھي، جنھن کي ’لطيف جو اوتارو‘ سڏين ٿا. واگهين جي ڀٽ تي رهندڙ ماڻهو، ھن ڀِٽ کي ڀِٽ واگهيون پڻ سڏين ٿا.

شاھ لطيف، واگهين جي ڀِٽ جو ذڪر، سُر مارئيءَ ۾، ھن ريت ڪيو آھي:

ھِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، جِيَائِي جالِينِ

چارِئو لَنبَ لَطِيفُ چَئي، واگهين وِهارِينِ

ڪيٽائي ڪاھِينِ، مِينہَ وَسندا موٽُ تون.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 8، بيت 5، ص:367)

ھن ڀِٽ تي ھڪ ڳوٺ آباد آھي، جنھن جو نالو ڳوٺ قاسم شاھ آھي. انهيءَ ڳوٺ ۾ 50 کن گهر آھن، جن ۾ ڏهاڪو کن گهر سيدن جا آھن ۽ باقي ٻين ذاتين جا، جن ۾ راھمون، اُڄڻ، ماڇي، بگٽي ۽ ميگهواڙ شامل آھن.

واگهين جي ڀِٽ لڳ ھڪ ٻي ڀِٽ آھي، جنھن تي جوڻيجن جا 15 کان 20 گهر اڏيل آھن. انهن جوڻيجن جي وڏڙن مان ھڪ بزرگ، بهرم بريءَ جي مزار پڻ ان ڀِٽ تي آھي، جنھن ڪري ان ڀٽ کي ’ڀِٽ بهرم بري‘ سڏيندا آھن، جتي ھر سال ان بزرگ جو عرس ملهايو ويندو آھي. ان موقعي تي وڏي انگ ۾، سندس عقيدتمند ايندا آھن.

وارياسو:

ھونئن تہ وارياسو، ٿر ۽ ريگستان جي علائقي کي سڏيو وڃي ٿو، پر ھتي وارياسو ھڪ ديھ جو نالو آھي، جيڪا ضلعي ٽنڊي الهيار ۽ ٽنڊي آدم روڊ تي، ملان مکڻ اسٽاپ کان اولهہ طرف واقع آھي.

شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾، ھن جو ذڪر ڪيو آھي:

ڀَرِيَائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وَارِيَاسو،

مَاکَرِيءَ تَان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پَاسو،

کُوري تي کِوَڻِينِ جو، ٿِئو چَڱو چَومَاسو،

خَالِقَ ڪِئو خَاصو، چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘،

جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 3، ص:316)

واھوندي:

واھوندو، ھڪ ماڳ جو نالو آھي، جيڪو ڀٽ شاھ جي ويجهو پوي ٿو. شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ھن جو ذڪر ڪيو آھي:

وَاھُوندِئَان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيون ڏُونهَن گَنبَاٽَ،

ڪُنڊِيُون ڪَاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو وَاٽَ،

سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃ اُسَاٽَ،

جُهوپي ڏيئِي جَهاٽَ، پُسَائِيندو پَٽِيون.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص:335)

وَٽِ:

وٽ، ھڪ ايراضيءَ جو نالو آھي، جيڪا ٿر ۾ واقع آھي. شاھ لطيف، سُر ڏهر ۾ ھن جو ذڪر ڪيو آھي:

جهوڪُونِ نَه جُهڻِڪَنِ، وَڳَ نَه پَسان وَٽِ ۾،

آيُلِ سَنگهارَنِ، جيڪُس چِٽاڻو چِتِ ڪِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 29، ص:886)

ٿر ضلعي جي ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن جي ڪڇ جي رڻ واري لاڳيتيءَ پٽي کي ’وَٽِ‘ سڏيو وڃي ٿو. ھن ايراضيءَ جي اھا خاصيت آھي تہ، فوٽ ڏيڍ کڏ کڻبي تہ پاڻي نڪري ايندو.

رائچند ھريجن، پنھنجي ڪتاب، ’تاريخ ريگستان‘ ۾ لکي ٿو:”هي زمين جو ٽڪرو ڪڇ جي رڻ سان دنگئي ۽ ويجهو آھي، جنھن ڪري ھتي پاڻي تانگهو آھي.“ (هريجن، 1988ع، ڀاڱو پھريون، ص:13)

وندر:

وندر، ھڪ نئن جو نالو آھي، جيڪا پٻ جبل مان نڪري سون مياڻيءَ جي ڏاکڻي پاسي لنگهي، عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. نئن جي ڪري بلوچستان جي ضلعي لس ٻيلي جي تعلقي سون مياڻيءَ ۾ ھڪ شھر ۽ ٽائون ڪاميٽيءَ جو نالو پڻ وندر آھي. شاھ لطيف، ھن جو ذڪر، سُر سسئي آبريءَ ۾ ڪيو آھي.

ھيجُ ھوندو جَنِ، سي ڪيئنءَ وِندُرِ وِيندِيُون،

وِيهو وِچِ رَهَنِ، سَھسِين سَڌُنِ وارِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 4، بيت 1، ص:297)

حب چوڪيءَ کان وندر ڏانھن وڃبو تہ اول بريدو لڪ ۽ پوءِ کارڙي ناڪو ايندا. ماضيءَ ۾ انهيءَ ناڪي تي لس ٻيلي جي ڄام جا ملازم، ھنگلاج جي جاٽين/ياترين جو سامان کولائي ڏسندا ھئا ۽ سامان تي محصول وٺندا ھئا. کارڙي ناڪي کان پوءِ، واٽ تي ھڪ ھنڌ ٿوري باغات ھئي. اتي جيڪي وڻ ھئا، تن ۾ انب جا وڻ گهڻا ھئا، تنھن ڪري انهيءَ ھنڌ کي ’انب‘ يا ’انباولي‘ سڏيندا ھئا.

وندر کان سون مياڻي 11 ڪلوميٽر پري آھي، جڏهن تہ ڪراچيءَ کان اٽڪل 60 ڪلوميٽر پري آھي. وندر شھر کان اترئين پاسي 5 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ھڪ ڊٺل قلعي جا نشان ڏسڻ ۾ ايندا، انهيءَ قلعي کي ’بالا وارو ڪوٽ‘ سڏين ٿا، جنھن کان اترئين پاسي، گهاڙي قبرن وارو وڏو مقام پڻ آھي، جنھن ۾ 450 کان مٿي گهاڙي پٿرن جون قبرون آھن.

سون مياڻي اصل مھاڻن جي مياڻي ھئي. سمنڊ جي ويجهو ھئڻ ڪري ھي ھنڌ واپار ۾ ايترو وڌيو، جو مٿس نالو ’سون مياڻي‘ يعني ’سون جھڙي مياڻي‘ پئجي ويو. ھتي ھندو ۽ مسلمان گڏ آباد آھن. وندر ھڪ زرعي علائقو آھي، جنھن ۾ وندر نئن ۽ ٽيوب ويلن وسيلي زمين مان پاڻيءَ ڪڍي، آبادي ڪئي ويندي آھي. وندر ۾ ڪپھ، ڪڻڪ، جَوَ، جوار، مڪئي ۽ سبزين سان گڏوگڏ، وڏا وڏا باغ بہ آھن، جن ۾ چيڪو، ڦاروا، ڪيلا ۽ ٻين ميون جا وڻ پڻ آھن.

سسئي پنهون جي درگاھ، مَگر پير، مجاھد پير، بالاڪوٽ جا آثار، سنگھر پٽ ۽ پٻوڻي ناڪو پڻ وندر ۾ آھن.

وندر ۾ اڱاريه، راڌا، بروهي، ٻُرا، ڄاموٽ، گدؤر، گونگا، رونجها، شيخ ۽ خاصخيلي قبيلن سان گڏ، ڪي ھندو جاتيون پڻ رهن ٿيون.

وڻڪار:

وڻڪار، وڏي ايراضيءَ واري پوٺي جو نالو آھي، جيڪو لس ٻيلي جي اولهہ ڏکڻ واري ڪنڊ، ھاڙي جبل جي قطار واري سلسلي جو ھيٺيون پٽ آھي. وڻڪار واري ايراضيءَ جو ڪجهہ حصو تعلقي ٻيلي ۽ گهڻو حصو تعلقي اوٿل جي يونين ڪائونسل لاکڙي ۾ اچي ٿو، لس ٻيلي وارو سڄو حصو آباد آھي، پر لاکڙي وارو پَٽ اڃان بچيل آھي، جتي ڪنڊي ۽ ڄار جا وڏا وڻ اڄ بہ ڪنھن گهاٽي جهنگ جو ڏيک ڏين ٿا، پر افسوس ڪنڊيءَ جا وڻ ھزارن جي تعداد ۾ وڍايا ويا آھن. ان تر ۾، ڪارو نانگ کپر جام ٿئي ٿو. شاھ لطيف، سُر سسئي آبري ۾، ھن جو ذڪر ڪيو آھي:

واقِفِ نہ وَڻِڪارَ جي، اَڳَ نَه ڏيهُه ڏِٺومِ،

ڏُونگَرَ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ رِيءُ ڪُٺومِ،

جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 2، بيت 5، ص:290)

وڻڪار واري ايراضيءَ مان نئن، ’باران‘ شروع ٿئي ٿي، جيڪا ڪوٽڙيءَ جي اُلهندي پاسي سنڌو درياھ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿي.

ويڙهي جهپ:

ويڙهي جهپ، ٿر جي ھڪ ڳوٺ جو نالو آھي، جيڪو نئون ڪوٽ ۽ تعلقي ڏيپلي جي رستي تي واقع آھي. ( وڌيڪ احوال لاءَ ڏسو، جلد پھريون، عنوان:’شاھ لطيف جو ويڙهي جهپ ڏانھن وڃڻ‘، ص:118)

شاھ لطيف، سُرمارئيءَ ۾هن جو ذڪر ڪيو آھي:

کاروڙِيان کَڻِي، ويڙِيجَھپ وِيا،

سيڻَ منھنجا، سَيّدُ چـٖي، ھاڻٖي ھِتِ ھُئا،

پَسِي پَڊَ اُٺِين جا، لَڙِي لَڙڪَ پِيا،

ڏيهِي ڏُورِ وِيا، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 9، بيت 9، ص:594)

ھاڙهو:

ھاڙهو، ھڪ جبل جو نالو آھي، جيڪو لس ٻيلي جي اولهہ اُتر واري ڪنڊ کان شروع ٿي اولهہ ڏکڻ واري ڪنڊ تائين وڃي سمنڊ ۾ ڇيهه ڪري ٿو، ھن جابلو سلسلي جا مختلف جاين تي مختلف نالا آھن، جن مان گهڻا نالا اُتي رهندڙ قبيلن جي ڪري بہ آھن، جيئن:ھاڙهو مشاڻي، ھاڙهو سيٺا، ھاڙهو زوڙ، ھاڙهو زئب، ھاڙهو کار ڪڇو، ھاڙهو ڇٻ، ھاڙهو ڏونئڻان، ھاڙهو ناکٽي ۽ ھاڙهو سمنڊ وغيره.

سسئيءَ کي ھاڙهي جبل ڏانھن ويندي، جيڪي تڪليفون آيون، تن جو ذڪر شاھ لطيف، سُرسسئي آبري، سُر حسيني ۽ سُر ديسيءَ ۾ ڪيو آھي.

لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، وَرَ چُونڊِيندِي وَڃُ،

آھي اِيءُ اُھڃُ، ھاڙهي ھَلَندِيَنِ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان 1، بيت 3، ص:436)

سُمَهَڻان ساڙو، جيڏِيُون! جيڏوئِي ٿِيو،

ھوتَ لَنگِهيا ھاڙهو، تون اَناسِي اوجَهرِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 3، بيت 14، ص:879)

ھي جبل، بلوچستان جي علائقي، لس ٻيلي جي اولهہ طرف آھي، جيڪو ڦور نديءَ وٽ کٽي ٿو. ٿورو اڳتي ھلبو تہ ’چندر ڪوپ‘ ھڪ ڪلراٺو ميدان ڏسڻ ۾ ايندو. چندر ڪوپ وارا سڀ کوهه ڪنھن جا کوٽيل نه، پر قدرتي طور تي پيدا ٿيل آھن، جن جو تعداد 18 آھي، جن مان 7 کوهه ھتي آھن ۽ 11 مڪران طرف ڪيچ ۽ گوادر جي وچ ۾ آھن، جتي عام طرح انهن کي ’راجا چندر جا ڪوپ‘ (ڪوپ معنيٰ کوھ) سڏين ٿا. چندر ڪوپ وٽ ڪاري گپ لڳي پئي آھي، انهيءَ گپ جا تهه ھڪٻئي مٿان ڄمي ايڏا تہ وڏا دڙا ٿي ويا آھن، جو ٻہ ٽي دڙا چؤماڙ جيترو اوچا ٿيندا.

ھندن ۾ روايت مشھور آھي، ۽ سندن عقيدو آھي تہ ھتي رکي رکي پاڻمرادو ڪي آواز پيدا ٿيندا آھن تہ ياتري چوندا آھن تہ، ’ماتا ٿي ٻولي!‘ اگر اھي آواز ٻڌڻ ۾ نہ اچن تہ چون تہ، اسان جو تيرٿ قبول نہ پيو. اھو خيال، ماتا جي ياترين جي دلين ۾ ايتري قدر ويهي ويو آھي، جو چون ٿا تہ ڪي سال اڳ، نيپال جا ڪي ياتري ٻارين ٻچين ھتي آيا ھئا، تہ اھي آواز کين ٻڌڻ ۾ نہ آيا تہ ھڪ نيپالي عورت پاڻ کي بدبخت سمجهي، دڙي تان ٽپو ڏنو ۽ مري وئي. اھي آواز ڇا جا آھن، تنھن بابت، اڃا تائين ڪا تحقيق نہ ٿي آھي.

ان کان سواءِ، ھاڙهي جبل جي ھڪ اولهائين شاخ جي پاڙن ۾ ڪيترائي ننڍا سوراخ آھن، جيڪي بلڪل اونها آھن ۽ شايد پريان سمنڊ تائين وڃي پھتا آھن. انهن سوراخن مان رکي رکي بڙ بڙ جھڙا آواز اچن ٿا. اھي آواز نہ رڳو سمنڊ جي وير چڙهڻ مهل، پر پوءِ بہ رکي رکي ٿا اچن. ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪيترو ئي وقت ٻڌڻ ۾ بہ ڪونہ اچن، شايد وير چڙهڻ وقت سوراخن ۾ ھوا زور ڀري ٿي، تنھن مهل ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.

ھالار:

ھالار، ھڪ پرڳڻي جو نالو آھي، جيڪو ھن وقت ’ڪاٺياواڙ‘ پرڳڻي جو ھڪ ضلعو آھي. ھي پرڳڻو، اصل ڪڇ ملڪ سان لاڳو ھو. ھالار لفظ اصل ۾، ’هالاواڙ‘ آھي، يعني ھالي جي واڙ يا لوڙهو. ھالي نالي سان، ھڪ جاڙيجو سمو، ڪڇ واري علائقي ۾ ٿي گذريو آھي، ان جي نالي پٺيان ھي پرڳڻو سڏجي ٿو.

سنڌ ۾ جڏهن سومرن جي صاحبي ھئي، تڏهن ابڙو نالي ھڪ ’سمو‘، ھالار جو حاڪم ھو، تنھن ڪري شاھ لطيف، ھن کي ھالار ڌڻي بہ سڏيو آھي. ھتي ڪپڙي رڱائيءَ جو ڪم بہ بهترين ٿيندو ھو. شاھ لطيف، سُر بلاول ۾ ھن جو ذڪر ڪيو آھي.

جو ڇَلِيُون پَسِي ڇَڪِئو، تنھن واکَاڻِئو وِکَ،

لُڏي ڪِينَ لطيف چئي، لَکَنِ اڳئَان لِکَ،

پيرُ نَه موڙي پَانهِنجو، تَنگِيءَ پيئي تِکَ،

سَرَڻِنِ ڏي نَه سِکَ، ھَڪَلَ سين ھَالارَ ڌَڻِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر بلاول، داستان 1، بيت 7، ص:168)

ھالار ۾، ڪپڙي کي رنگ اھڙو تہ پڪو ڏيندا ھئا جو ڌوٻي ڀلي کُنڀ تي چاڙهيس تہ بہ ان جو رنگ نہ ڦٽندو، جنھن جي شاھدي بہ ھيٺين بيت ۾ ملي ٿي:

رَچِي جٖي ريٖٽو ٿِيا، ڪينَ اُٻاٽجَنِ اوءِ،

کُنڀُ نَه کاري تنھن کي، جو ھالاري ھوءِ،

توڻي ڌوٻِي ڌوءِ، تہ لالِي تِنهِين نَه لَهي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرمومل راڻو، داستان 3، بيت 6، ص:526)

ھالي جي اولاد مان آخري حاڪم، ڄام راول، ڪڇ جو حاڪم ھو. 1540ع ۾، راءِ کنگهار، ھن کان ڪڇ وارو علائقو ڦُري، پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ ڀُڄ جو شھر ٻڌائي، اھو پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ ڪيائين.

ھٻو:

ھٻو، ھڪ جبل آھي، جيڪو پاور واري علائقي کان اٽڪل ويھارو کن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اوڀر ۾ واقع آھي. ھٻي کان شروع ٿيل جبلن جي قطار، پاور پٽ ۾ آيل ڌيڻوڌر جبل جي اوڀر اولهہ تائين پکڙيل آھي، جنھن ۾ ھٻو، جهرو، پالکي، اڪانو جبلن کان علاوہ ٻيا بہ ڪئين ننڍا وڏا جبل اچن ٿا.

ھٻي جي اُتر واري وٽ ۾، ڌرنگ، لوڏائي، وانترو نالي ڳوٺ آھن. ڪڇ جي مشھور سنت، ميڪڻ ڏاڏي جي سماڌي پڻ ڌرنگ ڳوٺ ۾ آھي. ھٻي جبل جي ڏکڻ ۾، ’هٻايه‘، ’جهيڪڙي‘ جھڙا ٻيا بہ ڪي ڳوٺ واقع آھن. ھن جابلو ايراضيءَ جي ساوڻيءَ جي مند ۾، سونھن ڏسڻ وٽان ھوندي آھي. لاکو انهيءَ ايراضي مان لوڙيون ھڻندي، جڏهن لوڻي آيو تہ، سندس ھاڪ ھٻي تائين پھتي ھئي، جنھن جو ذڪر، شاھ لطيف، ھيٺئين بيت ۾ ڪيو آھي:

لاکو لوڻي آئيو، ھٻي پيئي ھاڪ،

پائر ڪانہ پڇڙي، ڏونگر پئي ڏاڪ،

اٺيون ۽ عِراق، گڏيا تان گهڻئي ٿيا.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 3، بيت 11، ص:165)

ھڏا ڪٽ:

ھڏا ڪٽ، ھڪ ڳوٺ جو نالو آھي، جيڪو ڀٽ شاھ جي اُلهندي طرف، اٽڪل اڍائي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع ھو. ھن وقت ان ڦٽل ڳوٺ جا ڪي آثار موجود آھن. شاھ لطيف، ھن جو ذڪر سُر سارنگ ۾ ڪيو آھي:

چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِييٖن، ڪِيائِين گَڙَنگَ تي گُلَ،

ھَڏا ڪٽِيان ھَلِيو، ڀَري تَرايُون تَلَ،

آندائِين آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارَ ٿي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 4، ص:692)

ھڏا ڪٽ ڳوٺ کان پرڀرو، راھو ذات جا ماڻهو آباد آھن، ھڏا ڪٽ کي توتڙيو بہ سڏيو ويندو ھو.

ھندستان / ڀارت:

ڀارت يا ھندستان، ڏکڻ ايشيا جو پکيڙ ۽ آباديءَ جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏو ملڪ آھي، جڏهن تہ پکيڙ جي حوالي سان دنيا جي وڏن ملڪن ۾، ستون وڏو ملڪ بہ ڀارت ليکيو ويندو آھي.

ھندستان جي اُتر ڏکڻ پاسي ڊيگهہ 3200 ڪلوميٽر ۽ اوڀر کان اولهہ طرف ويڪر 2740 ڪلوميٽر آھي. ھن جي اتر ۾ دنيا جو سڀني کان اوچو ’هماليه‘ جبل ڪَرُ کنيو بيٺو آھي. پاڪستان جي سرحد سان لڳ، ٿر جو رڻ پٽ آھي، ان کان ويندي مٿي پنجاب ۽ ڪشمير تائين ڀارت جي سرحد لڳي ٿي. ھن ملڪ جو ٽيون ڀاڱو، ٻيلن تي ٻڌل آھي. گنگا، جمنا ۽ برهمپترا ھتي جا وڏا درياھ آھن.

ڀارت جي پکيڙ، 3،166،892 چورس ڪلوميٽر آھي. 2019ع جي انگن اکرن موجب، ڀارت جي آبادي 1 ارب 35 ڪروڙ 26 لک آھي. ڀارت جي سرڪاري ٻولي ھندي آھي ۽ قومي ٻولين جي شيڊول اٺين ۾، سنڌي ٻولي بہ شامل آھي. ڀارت جي گاديءَ جو ھنڌ، نئين دھلي آھي. وڏن شھرن ۾ ممبئي، ڪولڪتا، چينائي، بئنگلور، حيدرآباد دکن، پٽنا، پونا، احمدآباد، آگرو، ڪانپور ۽ ناگپور شامل آھن.

ھندستان ۾ سرڪاري ٻولي ھنديءَ کان سواءِ، انگريزي، اردو، ڪشميري، بنگالي، پنجابي، سنسڪرت، تامل، تيلگو، مرهٽي، گجراتي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.

ڀارت ھڪ زرعي ملڪ آھي. ھتي ڪمند، ڳاڙها مرچ، چانور، ڪڻڪ، ڪپھ، سڻي، تماڪ، چانھن، مڱيرا، ڪيلا ۽ مختلف قسمن جا ميوا ۽ ڀاڄيون جام ٿين ٿا. ڀارت صنعت ۾ بہ وڏي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آھي. ھن وقت ملڪ کي، جن صنعتن مان گهڻو ناڻو ملي ٿو، تن ۾ فولاد، مشينري، موٽر گاڏيون، ڪمپيوٽر، ھٿيار، سيمنٽ، ڪيميائي شيون، ڪپڙو، بجليءَ جو سامان، کنڊ، چمڙي جو سامان، سياحت ۽ فلم انڊسٽري اھم شعبا آھن. ھاڻي ھي ملڪ، ڪمپيوٽر ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجيءَ ۾ بہ دنيا جي تمام اھم ترين ملڪن ۾ شامل آھي.

ڀارت چئن ھزارن سالن کان پنھنجي ھڪ ڌار سڃاڻپ رکندو آيو آھي. ھتي سياسي، سماجي ۽ مذھبي حوالي سان ڪيئي لاھا چاڙها آيا. ڀارت کي اھو سرڪاري نالو، 1247ع کان پوءِ ڏنو ويو. ان کان اڳ، ان کي ھندستان/هند چيو ويندو ھو، جيڪو لفظ مٿس سنڌو نديءَ تان پيو، جنھن جا اھڃاڻ اڃا ان جي انگريزي نالي انڊيا ۾ ڏسي سگهجن ٿا، جيڪو انڊس تان ورتل آھي.

ڪيترن ئي حملي آورن، ھندستان تي ڪاھون ڪيون. ٻاھران آيل ماڻهن، گهڻن ئي سالن تائين ھن ملڪ تي قبضو ڪري، ھتي جي اصلوڪن رهواسين کي پنھنجو غلام ڪري رکيو ۽ سندن مذھبي عقيدن ۾ مداخلت ڪئي. ھتي جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو مذھب، سناٿن ڌرم آھي.

عظيم مذھبي اڳواڻ، سڌارٿ گوتم ٻُڌ 563 (ق.م.) کان 486 (ق.م.) جي فلسفي جو بہ ھتي چڱو خاصو اثر رهيو. لکن جي انگ ۾، سندس پوئلڳ پيدا ٿيا، جن کي ’ٻُڌ‘ سڏيو ويندو آھي. 120ع ۾، وچ ايشيا کان سٿين اتر انڊيا تي قابض ٿيا. 125ع ۾، ڪنشڪ، ڪشن بادشاھت جو بنياد رکيو. 320ع ۾، گپت شاھي خاندان اتر ھندستان تي قبضو ڪيو، جنھن جو باني چندر گپت پھريون ھو.

”450ع کان 15 ھين صديءَ تائين، ڪيترن ئي ماڻهن ھندستان تي ڪاھون ڪيون. پھرئين وچ ايشيا کان، ھُن (HUN) آيا. 8 صدي عيسويءَ ۾ عرب فاتح آيا، جن جي ڪري ھت اسلام پکڙيو. 1001ع ۾، سلطان محمود غزنويءَ ھندستان تي پھريون حملو ڪيو. ھو سترهين حملي ۾ سومناٿ جو مندر ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو. 1200ع ۾ ترڪ مسلمان، اتر انڊيا تي قابض رهيا. 1206ع ۾، دھليءَ ۾، ھڪ مسلم سلطنت قائم ٿي. 1290ع ۾، خلجي خاندان اقتدار ۾ آيو.“(ملڪن ۽ قومن جي انسائيڪلوپيڊيا، ص:97 ۽ 98)

ان کان پوءِ، 1320ع ۾، تغلق خاندان جي حڪومت قائم ٿي. 1398ع ۾، تيمور لنگ بہ ھندستان تي راڄ ڪيو. 1526ع ۾ ظھيرالدين بابر، مغل سلطنت جو پايو وڌو. 1540ع ۾، شير شاھ سوري، ھمايون کي شڪست ڏئي، ڪجهہ وقت لاءِ ھندستان تي راڄ ڪيو. 1609ع ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ڀارت ۾ پنھنجا پير کوڙيا. 1757ع تي رابرٽ ڪلائيو، ھندستان جي فوج کي شڪست ڏني ۽ 1758ع ۾، ھندستان جو گورنر ٿيو. 1947ع ۾، ھندستان کي ورهائي، مسلمانن جي اڪثريتي علائقن کي پاڪستان جو نالو ڏئي نئون ملڪ، ٺاھيو ويو. 15 آگسٽ 1947ع تي باقي بچيل ھندستان مان برطانوي راڄ جو انت آيو ۽ 15 آگسٽ تي ڀارت جي آزاديءَ جو ڏينھن ملهايو ويندو آھي. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ھن ملڪ جو ذڪر، ھن طرح ڪيو آھي:

جيٰهُسِ ڪونهَ جھان ۾، سِنڌُ سوُرَٺِ ھِندُ ھَاڻِ،

دَرِ داتَا مَنڱُ مَنگَتَا، ٻي جِي ڪَڍُ مَ ڪَاڻِ،

پاٽُوندَرُ پَاڻُ، مَنَ حالُ پَسِي ڀَالُ ڪَري.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر بلاول، داستان 2، بيت 8، ص:176)

ھنگلاج تيرٿ ( ناني مندر):

ناني ماتا مندر، بلوچستان ۾، موجود ھڪ اھڙو تاريخي ماڳ آھي، جنھن جو ليکو ننڍي کنڊ جي ڪِن مقدس زيارتن ۾ ٿئي ٿو. ھتي ھر سال، مارچ ۽ اپريل جي مھيني ۾، پاڪستان جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان سواءِ، انڊيا، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن مان ھزارين عقيدتمند اچي گڏ ٿيندا آھن.

ھنگلاج، ڪراچي شھر کان 275 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي، جڏهن تہ ڪراچيءَ جي علائقي، ڪلفٽن تي موجود، ’رام جهروڪا مندر‘ کان جوڳين جي پنڌ واريءَ واٽ تان وڃبو تہ 242 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اچي ٿو.

ھنگلاج تيرٿ جي تاريخ تمام پراڻي آھي. شري رامچندر، پنھنجي چوڏهن سالن جي بنواس واري وقت ۾، ھنگلاج مندر جي زيارت لاءِ آيو ھو. ھنگلاج ڏانھن ويندي، شري رامچندر، ڪلفٽن ۾ موجود جبل، ’رام جهروڪا‘ تي ترسڻ کان پوءِ، رام باغ ۽ راماسر (راما تلاءُ) جي ماڳن تي ترسڻ کان پوءِ، منگهي پير کان ناني مندر طرف ويو ھو.

ناني مندر جا ياتري، مارچ ۽ اپريل جي مھينن ۾ ھنگلاج ڏانھن پنھنجي سفر جي شروعات، مڪلي ٽڪريءَ جي ڪالي ماتا مندر کان ڪندا آھن ۽ پوءِ ھن سفر ۾ سندن ڪُل ڏھ منزلون ٿينديون آھن، جيڪي ھن طرح آھن:حب ندي، ڀواني سراءِ، وندر نئن، لياري، ڪنڊي واري، ڦور نئن، آساپورا، ڪالي اسٿان، ھنگلاج ۽ اينل ڪن.

ھنگلاج واري واٽ تي سون مياڻي ۽ وندر کان پوءِ، اھو سڃ وارو پٽ آھي، جنھن کي گرو چيلي وارو رِڻ بہ چون ٿا. ھن رِڻ کي، ’دشت‘ بہ سڏيو ويندو آھي. ان کان سواءِ، چندر ڪوپ جو ماڳ بہ انهيءَ واٽ تي اچي ٿو، جتي وڏي پوڄا ٿئي ٿي. ’چندر ڪوپ اصل ۾ مٽيءَ جا، جوالا مکي آھن، جن ۾ گَپ ٽھڪي ۽ ڀڙڪي ٿي.‘

ھي ماڳ، زمين کان چار سؤ فوٽ مٿي، ٽڪريءَ تي آھي، جنھن ۾ ھر وقت پاڻي ۽ گپ جو گارو وهندو رهي ٿو. مقامي ماڻهو ھن کي بٽڻ بہ چون ٿا. ھنگلاج ياترا تي ويندڙ ھر زيارتيءَ جي تمنا ھوندي آھي تہ ھُو ’چندر ڪوپ‘ تي چڙهي، ناريل دان ڪري.

ياتري، ھنگلاج مندر ۾ وڃڻ کان اڳ، ھنگول نئن ۾ ھڪ ھنڌ مٿو ڪوڙائي، اشنان ڪري، پوءِ ناني ماتا جي چرنن ۾ مٿو ٽيڪيندا آھن. ناني ماتا مندر کان اڌ ڪلوميٽر اوريان رهائشي جايون ۽ ڀنڊار خانو آھي. گاڏيون ھتي بيھاري باقي مفاصلو پنڌ طئي ڪندا آھن. جابلو سلسلي ۾ غار ۽ غفائون بہ آھن. ھنگلاج ماتا کان اوريان، ’آساپورا‘ جو ھنڌ اچي ٿو، جتي ھنومان جي مورتي، ھڪ ڇِپ يا غفا ۾ موجود آھي، جنھن جي سامهون پاڻيءَ جو تلاءُ آھي. اھو پاڻي، ھنگلاج ماتا کان اڳيان ھنگلاج جبل مان چشمي مان وهي ايندو آھي. ھن چشمي کي ’انيل ڪن‘ چيو وڃي ٿو. ھنومان واري مجسمي واري جاءِ، گڻيش جو آستانو آھي. گڻيش، شِوَ ۽ پاربتيءَ جو پٽ ھو. آساپورا ۽ ھنگلاج ماتا جي وچ ۾ ڪالي مندر بہ آھي، جيڪو غار جيان غفا ۾ آھي. ھتي پاڻيءَ جو ھڪ تلاءُ آھي، ’جتي بي عيب ٻڪرن جي قرباني ڪئي ويندي ھئي.‘ انهيءَ واھڙ ۾ کجي ۽ ٻيا وڏا وڻ بہ آھن. چشمي مان ھر وقت پاڻي وهندو رهندو آھي.

ھنگلاج مندر به، ڪالي مندر جيان ھڪ جابلو ڪٽاؤ واري غفا ۾ آھي، جنھن تائين پھچڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺھيل آھي. ھيءَ نھايت ڪشادي جاءِ آھي. ھتي اڳ، اھڃاڻ طور ليٽيل پٿر ھوندو ھو، جنھن کي ھاڻي رنگ ڪري، اکيون ٺاھيون ويون آھن، سندؤر ۽ تاج بہ پھريل اٿس. مجسمو ھڪ چبوتري تي رکيل آھي. ھڪ مھاراج انهيءَ سان لڳ ويٺو ھوندو آھي، جيڪو مسلسل لوبان ۽ اگربتيون ٻاريندو رهندو آھي. ياتري، ھنگلاج ماتا مندر سامهون تلاءَ ۾ اشنان ڪري، پنجن والن جو ڪورو ڪپڙو ڍڪي، ماتا جي درشن لاءِ ويندا آھن. مندر کان ٻاھر نڪري، اھو ڪپڙو لاھي ڦٽو ڪندا آھن.

ھندومت موجب، تيرٿ جو واسطو پاربتي يا ڪالي ماتا سان آھي. عام طور تي ھندو کيس، ھنگلاج ماتا ۽ مسلمان ناني چون ٿا، ڇاڪاڻ تہ ھي ماڳ ھندن سان گڏ، مسلمانن لاءِ بہ ھڪ مقدس ماڳ جي حيثيت رکي ٿو. ھتي، ھوا جي ديوتا، اينل جي نالي سان منسوب ’اينل ڪن‘ جو ماڳ بہ آھي. اينل ڪن کان پھرين جبل ۾ چاکڙين جا نشان آھن. انهن چاکڙين کي، گرو نانڪ سان منسوب ڪيو ويندو آھي. ھتي گروناٿ جي ’ڌوڻي‘ بہ آھي. ’اينل ڪن‘ جو پاڻي، ياترين لاءِ مقدس سمجهيو ويندو آھي، تنھن ڪري ھُو اُن پاڻيءَ مان بوتلون ڀري گهر کڻي ويندا آھن.

شاھ لطيف جي لاءِ محققن جو چوڻ آھي تہ ھُو جوڳين سان ٻہ ڀيرا، ھنگلاج جو تيرٿ ڀيٽي آيو ھو. سندس ڪلام ۾، انيڪ جاين تي ھنگلاج ۽ نانيءَ جو ذڪر آيو آھي.

نانگا نانِيءَ ھَلِيا، ھِنگلاجان ھَلِي،

ديکِي جَنِ دُوارِڪا، مَهيسِنِ مَلهِي،

آڳَھُه جَنِ عَلِي، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ريٖ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 28، ص:783)

ھنگلور / ھنگول:

ھنگلور، ھڪ ندي آھي، جنھن کي ’هنگول‘ بہ سڏين ٿا. شاھ لطيف، سُر رامڪليءَ ۾ جوڳين ۽ ڪاپڙين جو ذڪر ڪندي، ھن نديءَ جو نالو آندو آھي. ھنگلاج ماتا تي وڃڻ لاءِ ھن نديءَ کي پار ڪرڻو ھوندو آھي. ھيءَ ندي، گهڻي ڀاڱي سدائين وهندي رهندي آھي. انهن ھنگلاج جي ياترا وارن فقيرن بابت، شاھ لطيف فرمائي ٿو:

تان ڪِي ساڻُنِ اورِ، جان ڪِي آھِنِ اوطاقُنِ ۾،

ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينھن ۾، پاڻُ مَٿائُنِ گهورِ،

وِيا جي ھِنگِلورِ، تہ ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 3، ص:813)

ڪاڪي ڀيرو مل جي چوڻ مطابق ھيءَ ندي، بلوچستان جي وڏي ۾ وڏي ندي آھي، جيڪا ھاڙهي جبل جي اورئين پاسي آھي ۽ پرئين پاسي، اگهور ندي آھي. ھنگول ۽ اگهور ندين جي ويجهو ڪالي ديويءَ جو آستان آھي. ان مڪان کي آشا پور سڏيو وڃي ٿو، جتان ھنگلاج ساڍا پنج ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي.

ھنگلور ندي، 619 ڪلوميٽرن ۾، ڪٿي ڪٿي غارن جي اندران ئي اندران منھن ڪڍيو، پنھنجو پاڻ پسائي ٿي ۽ آخر لس ٻيلي جي حدن اندر، عربي سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿي.