آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي ۾ قومون، قبيلا، ذاتيون ۽ جاتيون

شاھ جي رسالي ۾ قومون، قبيلا، ذاتيون ۽ جاتيون

شاھ جي رسالي ۾ قومن، قبيلا، ذاتين ۽ جاتين بابت جامع خاڪو، حوالن ۽ چونڊ بيتن سميت.


اوڏ:

اوڏ، سنڌ جا قديم رهاڪو آھن. ’اوڏ‘ جي لفظي معنيٰ آھي ’اڏيندڙ‘. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، پنھنجي ڪتاب، ’قديم سنڌ‘ ۾ لکي ٿو: ”سنڌ ۾ ھن وقت، جيڪي ’اوڏ‘ آھن، سي اصل درآوڙن جي ڪُل مان آھن. اھي اصل ڏکڻ ھندستان ۾ ھئا، اُتر ھندستان ڏي اچڻ کان اڳ واٽ تي، جيڪو ھنڌ اول وسائي ويٺا، سو ھنڌ سندن پٺيان ’اوڏر ديش‘ سڏجڻ ۾ آيو، جنھن جو اُچار پوءِ ڦري ’اوڙيسا‘ ٿيو... اُنهن اوڏن مان پوءِ ڪي مارواڙ ويا، جتان پوءِ سنڌ ۾ آيا؛ پر ٻولي اڄ تائين مارواڙين جھڙي ڳالهائيندا آھن.“ (آڏواڻي، ڀيرومل، 1992ع، ص: 55)

اوڏن جو وڏو مھاراج، ’ڀاڳيڙٿ‘ ھو. اھو ئي سبب آھي جو اوڏ ان کي ڏاڏو ڀاڳيڙٿ بہ ڪري سڏيندا آھن. ٻين قبيلن وانگر اوڏن ۾ بہ ذاتيون ٿينديون آھن، جن مان ڪي مکيه ذاتيون ھي آھن: کروڙ، سروڻ، ڪليھا، بيروڪا، جيپورٽ، ڏوڏيئا، کتري، گڙگٽ، اڏيسي (اديسي)، راٺوڙ، چوهاڻ، پرمار ۽ ڀٽي وغيرہ.

اڪثر اوڏن جو مذھب ھندو آھي، پر ڪي مسلمان اوڏ بہ آھن. ھندو اوڏ، ديوي لڪشميءَ جي پوڄا ڪندا آھن ۽ پنھنجي ديويءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ ھر قسم جي قرباني ڏيندا آھن، پوءِ اُھو جانورن جو ٻليدان ھجي يا زر جي صورت ۾ نقد صدقو ھجي. ان کان سواءِ، اوڏ پنھنجن وڏڙن جي روحن جي مختلف نمونن سان پرستش ڪندا آھن. سنڌ ۾ غير مسلم اوڏن کان سواءِ، مسلمان اوڏ بہ رهن ٿا. سنڌ جا اوڏ، مسلمان اوليائن جي درگاھن تي خير خيرات ڏيندا آھن ۽ وڏي احترام سان زيارت ڪندا آھن.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾، اوڏن جي حسب نسب بابت، ھن ريت لکيل آھي: ”اھي ’اوڏ‘ ھند-يورپي، ھند-ايراني، ھند-آريائي اڻ ڄاتل خاندان مان آھن. ڪن عالمن جو خيال آھي تہ، ھي سنڌ جا پراڻا رهواسي آھن. ٿي سگهو ٿو تہ دراوڙي نسل مان ھجن.“ (سنڌيانا، جلد 1، 2009ع، ص: 324) اوڏن جو چوڻ آھي تہ، ’اوڙيسا‘ ھندوستان وارو خطو سندن ديس ھو، جيڪو ’اوڏر ديس‘ سڏبو ھو، جنھن جو اھو بگڙيل اچار آھي.

اوڏ، وڏو گوشت ڪونہ کائين، باقي ٻاڪرو گوشت، ڪُڪڙ يا پکي کائين، اُھو بہ مسلمانن کان حلال ڪرائي، پوءِ کائين. ٿر ۽ سنڌ جي لاڙ جي ضلعن جا اوڏ به، ڇيلو يا ڪُڪڙ، ڪنھن مسلمان کان ڪُھارائي پوءِ کائيندا آھن. اوڏ، مرڻ کان پوءِ، لاش کي ساڙڻ بجاءِ دفن ڪندا آھن. سندن ريتون، رسمون، ساٺ، سنوڻ بہ مختلف ۽ عجيب ھوندا آھن.

اوڏن جي ٻوليءَ کي ’اوڏڪي‘ چيو ويندو آھي. لسانيات جي ماھرن جي راءِ موجب، ’اوڏڪي‘ سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ لهجو آھي، جيڪا مرهٽي ۽ گجراتيءَ سان مشابھت بہ رکي ٿي. اوڏڪيءَ ۾، ڪافي لفظ، ’پنجابي ۽ مارواڙيءَ‘ جا بہ ملن ٿا، پر ھن تي سنڌيءَ جو گهڻو اثر آھي. اوڏڪي ٻولي، سنڌ جي ٻہراڙين، شھرن، پنجاب جي ڪجهہ علائقن ۽ ھندوستان جي راجسٿان واري علائقي ۾، (دھليءَ جي ڀرسان بہ) ڳالهائي ويندي آھي. 1998ع جي رپورٽ موجب، ھن ٻوليءَ جا 50،000 ڳالهائڻ وارا موجود ھئا.

شاھ لطيف، سُر ڏهر ۾، اوڏن جي خانہ بدوشيءَ واري زندگيءَ، سندن ڪرت ۽ نماڻائيءَ جو ذڪر ڪيو آھي:

اَڏِيو جو اوڏنِ، سو ڍَنگھَر ڍِلو مَ ٿِئٖي،

جنھن ڀَرِ وِيهِي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 46، ص: 889)

برفت / نومڙيا:

بُرفت ھڪ قبيلو آھي، جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رهي ٿو. ھن قبيلي کي، ’نومڙيو‘ بہ چيو ويندو آھي. نومڙيو لفظ جي معنيٰ آھي ’نَو ڀائرن جو اولاد‘. ھي نَو ماڻهو عيسب خان ۽ اُن جا ڀائر ھئا، جيڪي راجپوتانا مان مڪران آيا، جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب، عيسب خان سان سندس سَت ڀائر ۽ اٺون ھڪ غلام (نوڪر) ھو.

بُرفتن جي نسل بابت، تاريخدانن جا مختلف رايا آھن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب: ’نومڙيا (برفت) اصل ۾ سنڌ جي وَنگي ولاسي (ٽنڊي باگي ۽ بدين تعلقن جون ايراضين) واري ڀاڱي جا سَما آھن.‘

اياز ڀاڳت، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا‘ ۾ تاريخ مظھر شاھجھانيءَ جو حوالو ڏيندي لکيو آھي تہ، ’هي سما ذات سان تعلق رکندڙ آھن.‘

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي جلد پھرئين ۾ برفتن بابت، ھن طرح لکيل آھي: ”برفت ھڪ وڏو قبيلو آھي، جنھن تي اھو نالو سندن ڏاڏي، ’برفت‘ ھڪ روايت موجب، (ابوالفتح) تان پيو، جو چون ٿا تہ ڄام عيسب جو پُٽ ھو. روايتي نسب نامي ۾ برفتن کي سمن ۾ شمار ڪيو ويو آھي،... ھڪ روايت موجب، ابوالفتح (برفت) بلوچستان جي سردارن مان ھو ۽ ’بارڻ‘ ۾ اچي، نومڙين مان شادي ڪري، سندن سرداري حاصل ڪيائين. ڄام برفت جو اولاد ’برفت‘ سڏجڻ لڳو.“ (سنڌيانا، جلد 1، 2009ع، ص: 426)

برفتن جي سرداري، آڳاٽين سردارين ۾ ڳڻي وڃي ٿي. سندن پھريون سردار، ڄام برفت ھو. سندن سردار، آري برو (بري) مغلن کي ايترو تہ تنگ ڪيو، جو کيس جاگيرون ڏئي جان ڇڏايائون. آري بري جون جاگيرون، سيوهڻ کان ٺٽي تائين ھيون. پالاري ۽ شورا، انهيءَ زماني ۾، سندس راڄ ۾ شامل ٿيا.

برفتن جي سردار کي، ’ملڪ‘ جو لقب بہ مغلن جي دؤر ۾ مليو، جڏهن سندن سردار، ڪانڀو خان ھو. موجودہ وقت برفتن جي گهڻي آبادي، سنڌ جي ڪوهستان واري ايراضيءَ ۽ بلوچستان جي لس ٻِيلي واري علائقي ۾ رهي ٿي.

برفتن جا ڪي پاڙا ھي آھن: حملاڻي، ٻاپڙاڻي، ڏڌر، حسناڻي، رامدوئي، اساسولي، عاقلاڻي، ھميرڪا، نھاري، ڇورا، شودا، لالاڻي، موسيٰ پوٽا، شھڻا، سھڙا، ڪاسوٽا، نوت، ٻرا، ڪاڇيلا، بھرياڻي-سينڌلاڻي، چاڳلي پوٽا، روٿمان پوٽا، ڌيناڻي، جيئند پوٽا، پنيلڌاڻي لوهاراڻي.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ مٿئين لفظ کي ھن ريت ڪم آندو آھي:

جَبَلُ جيڏوئِي جو، آڏو آريچَنِ کي،

وَٺِي وَرُ، واٽَ وِيا، بُرفَتَ بِروهِي،

رُڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهُونءَ کي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 5، بيت 9، ص: 397)

بروهي:

بروهي / براھوي، ھڪ قبيلو آھي، جنھن لاءِ ڪن عالمن جو خيال آھي تہ، ’دراوڙ نسل سان واسطو رکي ٿو. ھي ماڻهو، بلوچستان جي آڳاٽن رهاڪن ۾ ليکجن ٿا. بروهي لفظ جي معنيٰ آھي، روھ ۾ رهندڙ يعني ’جابلو ماڻهو‘.

بروهين جي نسلي بڻ بنياد بابت، تاريخدانن جا مختلف رايا آھن. انگريز مؤرخن ۽ لسانيات جي ماھرن جو چوڻ آھي تہ، ’بروهي، دراوڙ آھن، جڏهن تہ ڪن ماھرن جو خيال آھي تہ، ھي ڪُرد نسل مان آھن. ڪي وري پاڻ کي ايراني گوجر، تُرڪ ۽ بلوچ ٿا ٻڌائين‘.

فتح الله صديقيءَ، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌي انسائيڪلوپيڊيا‘ جي جلد پھرئين ۾، مير گل خان نصير جو حوالو ڏيندي لکي ٿو: ”بروهي، بلوچن کان اڳ جو نسل آھن ۽ اھي ھتي بلوچن کان پھرين اچي آباد ٿيا.“ (صديقي، 2005ع، ص: 943)

”اسلام کان اڳ بروهين جو مذھب، مظاھر پرستي ھو ۽ باھ کي پوڄڻ بہ شامل ھو. جڏهن منگولن جي ڪاھون عروج تي ھيون تہ بروهين پاڻ کي ھڪ ’مير‘ جي ھٿ ھيٺ متحد ڪيو. پھريون مير (سردار) ميرو قمبراڻي ھو، جنھن نہ رڳو قبائلي تنظيم ۽ دستور برقرار رکيو، بلڪ لڙائي ڪري ڪجهہ علائقا بہ ھٿ ڪيا.“ (سنڌيانا، جلد 1، 2009ع، ص: 433)

اٽڪل ٽي ھزار ق. م. ڌاري بروهي قبيلو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اچي آباد ٿيو. بلوچستان ۾ سندن گهڻي آبادي، قلات ۾ رهي ٿي. سن 1666ع ۾، مير احمد خان جي سرداريءَ ۾، بروهي قبيلا گهڻو منظم ٿي چڪا ھئا. 1749ع ۽ 1794ع جي وچ ۾، مير نصير خان، سراوان ۽ جهالاوان جي بروهين لاءِ جدا جدا سردار مقرر ڪيا. 1817ع ۾، انگريزن، بلوچستان تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن جي مزاحمت ڪندي مير محراب خان شھيد ٿيو، تنھن کان پوءِ، انگريزن، بروهين کي ماٺو ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي حيلا ھلايا، پر بروهين ۽ بلوچن، انگريزن خلاف پنھنجي مزاحمتي جنگ جاري رکي.

بروهين جي پوشاڪ ڏاڍي زيبائتي آھي. وڏيون سُٿڻيون، وڏي قميص ۽ اڇي رنگ جي پڳ ٻڌن، ڏاڙهي ۽ وار وڏا رکن، سندن اکيون ننڍيون ۽ رنگ ڳاڙهسرو ھوندو آھي. ھاٺي ڪاٺيءَ ۾ ملوڪ مڙس آھن، قد ڊگهو ۽ ڇاتيون ويڪريون اٿن. عورتون، گهگها ۽ وڏو رئو پائين. سندن گهگهن تي مختلف قسمن جو ڀرت ڀريل ھوندو آھي. بروهي عورتون، ڏندن کي ’مِسي‘ يا ’مُساڳ‘ ھڻن، وارن کي لونگ، ڪچڪپور، ڪنڙو، مھلپ ۽ ميندي لڳائين تہ جيئن منجهائن سُرهاڻ اچي.

سنڌ ۽ بلوچستان جا اھي سمورا بلوچ، جيڪي بلوچي ڳالهائين، سي لفظ ’بروهي‘ ڪم نٿا آڻين، پر ھُو ’براھوي‘ چون، جڏهن تہ بروهي لفظ، سنڌي ٻوليءَ ۾ عام استعمال ٿئي ٿو.

بروهي لوڪن جي ٻولي، ’براھوي‘، ’براھوڪي‘ يا ’بروهڪي‘ آھي، جنھن بابت، ڪن ماھرن جو خيال آھي تہ، دراوڙ نسل سان واسطو رکي ٿي. 1877ع ۾، مير الله بخش زھريءَ، انگريزي ٻوليءَ ۾، ھڪ ڪتاب لکيو، جنھن ۾ براھوي ٻوليءَ جي لغت ۽ براھوي گرامر تي سٺو پيرائتو بحث ڪيو ويو آھي. 1880ع ۾، ڊاڪٽر ارنسيٽ ٽرمپ، براھوي ٻوليءَ جي گرامر تي ھڪ ڪتاب لکيو.

بروهي قبيلي جا مختلف پاڙا آھن: جن مان مکيه ڇھه پاڙا آھن، احمد زئي، احمازئي، قمبراڻي، ميراڻي/ميرواڙي، قلندراڻي، ساسولي ۽ زھري وغيرہ.

جَبَلُ جيڏوئِي جو، آڏو آريچَنِ کي،

وَٺِي وَرُ، واٽَ وِيا، بُرفَتَ بِروهِي،

رُڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهُونءَ کي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 5، بيت 9، ص: 397)

برهمڻ:

برهمڻ، ھندو ڌرم وارن جي ھڪ ذات آھي. ھندو ڌرم جا ماڻهو، چئن ذاتين ۾ ورهايل آھن، جن ۾ برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر شامل آھن، انهن ذاتين ۾ سڀ کان مٿانهين ذات برهمڻ جي آھي. ”برهمڻ جو سماجي ۽ مذھبي ڪم، پوڄا پاٽ ڪرڻ ۽ ڪرائڻ آھي، پر ضروري نہ آھي تہ ھر برهمڻ پوڄاري بہ ھجي. برهمڻ جي تشريح موجب، ھندو ڌرم ۾، برهمڻ سموري مخلوق کان اُتم آھي، کيس سمورا اعليٰ سماجي رُتبا، حق ۽ رعايتون حاصل آھن. پستا برهما موجب، ڀڳوان ٻن قسمن جا آھن. ھڪڙا ڀڳوان ۽ ٻيا برهمڻ، جيڪي ويدن جو پاٺ ڪن ٿا.“ (سنڌيانا، جلد پھريون، (2009ع)، ص: 437)

برهمڻ جي عمر جا چار دؤر ٿين ٿا. پھرئين دؤر ۾ ھو، ’برهمچاري‘ سڏجن ٿا ۽ علم پرائين ٿا، ٻئي دؤر ۾، ’گرهست‘ سڏجن ٿا ۽ پنھنجي ازدواجي زندگي شروع ڪن ٿا، گهرواريءَ ۽ ٻارن ٻچن سان گڏ رهن ٿا، ٽئين دؤر ۾، ’وانپرش‘ سڏجن ٿا ۽ جهنگ ۾ وڃي تپسيا ڪن ٿا، چوٿين دؤر ۾، ھو ’سنياسي‘ ٿي دنيا سان لڳ لاڳاپا ختم ڪن ٿا، پر جيڪڏهن ڪو اھڙي نموني جي زندگي نہ گذاري تڏهن بہ ھن جي ذات پات تي ڪو فرق نٿو پوي.

”برهمڻ جو بنيادي ڪم، ويد پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، قربانيءَ جون رسمون ادا ڪرڻ يا مذھبي فرض ادا ڪرائڻ ۾ رهبري ڪرڻ آھي، پر اڄڪلھ اڪثر برهمڻ پراڻين ريتن کي نٿا مڃين ۽ عام سيڪيولر زندگي گذارين ٿا. (سنڌيانا، جلد پھريون، (2009ع)، ص: 437)

گهڻو اڳ يعني ويدن واري دؤر ۾، عورتن کي آزادي حاصل ھئي ۽ اھي ڪافي مذھبي ريتن رسمن دؤران، مردن سان گڏ ھونديون ھيون، خوشيون غميون پڻ آزاديءَ سان ملهائي سگهنديون ھيون. ان دؤر ۾، رنڙ عورت جي ٻي شادي تي ڪابہ بندش نہ ھئي، پر بعد ۾ جڏهن برهمڻ سماج وڌيو تہ ستيءَ جي رسم جو بنياد پيو، جنھن کي گهڻو پوءِ گوتم ٻڌ جي ٻڌ ڌرم ۾ ننديو ويو ۽ ھيءَ رسم، ھوريان ھوريان ختم ٿي وئي. سنڌ تي برهمڻ گهراڻي جي راجائن، 632ع کان 712ع تائين حڪومت ڪئي، جن مان چچ، چندر ۽ ڏاھر ناليرا حاڪم ھئا.

شاھ لطيف، سُر معذوريءَ ۾، برهمڻ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي.

سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرَکَنڊيٖن پيٖياسِ،

ڪيرَ بِرَهَمِڻِ ڪَنِ جِي، ڪيرُ ڄاڻي ڪيٖڻاسِ،

ھوند نہ سِنڌِ سُياسِ، ھِنَ پُرئين ڪِيَسِ پَڌَرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان 1، بيت 14، ص: 348)

بلوچ / ٻروچ:

بلوچ ھڪ قوم آھي، جن جو حسب نسب، ’حلب‘ جي سرزمين سان ڳنڍيو ٿو وڃي، پر بلوچ تاريخدان اھا ڳالهہ نہ ٿا مڃن. بلوچي ادب ۾ ھڪ رزميه نظم، ’دپترشير‘ جي نالي سان موجود آھي، جيڪو اڻوهين صديءَ تائين بلوچن جي سمورن قبيلن کي زباني ياد ھوندو ھو ۽ ھاڻي بہ ڪتابن ۾ درج آھي.

’دپتر شير‘ نالي نظم بابت، ٻڌايو وڃي ٿو تہ ھي نظم، ناليواري يورپين عالم ۽ بلوچيءَ جي ماھر، ايم. ايل. ڊيمز 1870ع کان 1890ع واري عرصي ۾ ھٿ ڪيو، جڏهن پاڻ انڊين سِول سروس ۾، ان خطي ۾ ڪم ڪري رهيو ھو. ايم. ايل ڊيمز، اھو ۽ ٻيا ڪجهہ نظم، رائل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن جي مدد سان 1907ع ۾ ڇپرايا.

اِھو نظم، راءِ بھادر لالا ھتورام، پنھنجي ڪتاب، ’تاريخ بلوچستان‘ جي صفحي ڏهين تي ڏنو آھي، جنھن مان ڪجهہ سٽون سنڌي ترجمي سان ھيٺ ڏجن ٿيون:

ما مريداون يا عليؓءِ دين و ايمان ثيبت اين

حمزھءِ اولاد بلوچ اين سوب درگاھءَ گؤراين

از حلبءَ پھاذ کھايون گو يزيدءَ جهيڙواين.

(هتورام، 1987ع، ص: 10)

ترجمو: اسان بلوچ، حضرت علي ڪرم الله وجهہ جا مُريد آھيون، اسان جو دين ايمان ثابت آھي. بلوچ، امير حمزي جو اولاد آھن ۽ بارگاھ الاھي مان فتح، اسان جي نصيب ۾ آھي. اسان حلب مان لڏيو، يزيد سان جنگ جوٽڻ جي ڪري.

ھن نظم جي قدامت ۽ سچائيءَ بابت، جسٽس مير خدا بخش (بجاراڻي) مري، ’بلوچستان تاریخ کے آئینے میں‘ ۾ لکي ٿو: ”بهرحال ان امر کان انڪار نٿو ڪري سگهجي تہ، ھي نظم قدامت، صداقت ۽ اصليت جو ايترو حامل ضرور آھي، جيترو اسان ڪنھن بہ قوم جي تاريخي رزميه نظم مان توقع رکي سگهون ٿا.“ (مري، 1989ع، ص: 95)

بلوچن جي بُڻ بنياد ۽ حلب مان لڏپلاڻ بابت، جسٽس مير خدا بخش (بجاراڻي) مري، وڌيڪ لکي ٿو: ”جڏهن عربن، ڪرمان کي فتح ڪيو تہ قفص ۽ بلوص (’بلوچ‘ اُن زماني ۾ انهيءَ نالي سان سڏبا ھئا)، بہ ٻين قبيلن جيان اسلام قبول ڪيو ۽ جيئن تہ ھو فطري طور جنگجو ھئا، جنھن ڪري فوج ۾ شامل ٿيا. اُن زماني ۾، بصرہ ۽ حلب جي وچ ۾ گهڻي اچ وڃ ھئي ۽ عرب فوجون، ايران ۾ اينديون رهنديون ھيون. ٿي سگهي ٿو تہ انهن ڪجهہ اڳيان وڌي حلب ۾ قيام ڪيو ھجي ۽ پوءِ حضرت امام حسينؓ جي طرفداري ڪئي. امام حسينؓ جي شھادت کان پوءِ، يزيد ۽ سندس فوج سان مقابلي جي سگھ نہ ساري، پنھنجي پراڻي وطن ڪرمان ڏانھن موٽڻ تي مجبور ٿيا.“ (مري، 1989ع، ص: 94)

بلوچن جي نسل بابت، فتح الله صديقي، ’سنڌي انسائيڪلوپيڊيا‘، جلد پھرئين، ۾ ھن نموني لکي ٿو: ”بلوچن جي حسب نسب بابت، ڪيترائي رايا نظر اچن ٿا، مثلاً: ڪي ھنن کي ترڪماني نسل مان ٿا سمجهن، ڪي ايراني نسل مان، تہ ڪي وري کين عرب نسل مان ٿا ڀانئين. جڏهن تہ خود بلوچ پاڻ کي امير حمزھؓ جو اولاد سڏائيندا آھن. بلوچن وٽ ھڪ قديم نظم موجود آھي، جنھن ۾ چيل آھي تہ اھي حضرت امير حمزہؓ جا اولاد آھن ۽ حلب کان آيل آھن.“ (صديقي، 2005ع، ص: 1002)

’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي جلد پھرئين ۾، بلوچن جي اصل نسل بابت، ھن طرح لکيل آھي: ”بلوچ قوم ٻن حصن بلوچ ۽ بروهيءَ ۾ ورهايل آھي. انهن جو چوڻ آھي تہ ٻئي، قومون حسب نسب ۾ سامي نسل مان آھن. ٻيو نظريو اھو آھي تہ بلوچ ۽ بروهي جدا جدا نسل مان آھن. جن مؤرخن، بروهين کي بلوچ ڄاڻايو آھي، تن جو چوڻ آھي تہ بروهي، بلوچن جو اوائلي گروھ آھي، جيڪو بلوچن جي عام ھجرت کان لڳ ڀڳ ست اٺ صديون اڳ، ايراني حڪومت جي تخت تاراج ٿيڻ کان پوءِ، ھجرت ڪري ھتي آباد ٿيو.“ (سنڌيانا، جلد 1، 2009ع، ص: 467)

بلوچ لفظ بہ مختلف دؤرن ۾، مختلف شڪليون ۽ روپ اختيار ڪيا آھن. مثال طور: بعل، بلوص، بلوس، بلوش، بلعوث، بيلوث، بيلوس ۽ بعلوس لکيو ۽ استعمال ڪيو ويو آھي.

بلوچن جي وطن کي بلوچستان جي نالي سان سڏيو ويندو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي:

بلوچ = بلوچ + آستان = رهڻ جي جاءِ. بلوچن جي رهڻ جي جاءِ، جيڪا پاڪستان، ايران ۽ افغانستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موجود آھي.

ايران ۽ پاڪستان ۾، بلوچستان کي صوبائي حيثيت حاصل آھي، جن مان پاڪستان ۾ موجود بلوچستان، پکيڙ جي حساب سان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آھي، جيڪو 215652.096 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي، جڏهن تہ ايراني بلوچستان جي پکيڙ، 111828 چورس ڪلوميٽر آھي.

جسٽس مير خدا بخش (بجاراڻي) مري،، پنھنجي ڪتاب، ’بلوچستان تاریخ کے آئینے میں‘ ۾، انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا جو حوالو ڏيندي ھن طرح لکيو آھي: ”بلوچستان جون حدون اتر اوڀر ۾ گومل درياھ کان، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ تائين ۽ اولهہ ۽ اتر اولهہ ۾ ايران ۽ افغانستان جي سرحد کان اوڀر ۾، ڪوھ سليماني ۽ ڪوھ کيرٿر تائين پکڙيل آھن.“ (مري، 1989ع، ص: 19)

ايراني بلوچستان، 1959ع ۾، سيستان سان الحاق ڪري صوبو بڻايو ويو ۽ زاھدان، ان جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ٿيو. جڏهن تہ پاڪستان ۾ موجود بلوچستان کي، 27 مارچ 1948ع تي، قلات جي حاڪم سان ھڪ معاھدي ھيٺ پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. ڪوئٽا ان جي گاديءَ جو ھنڌ آھي.

بلوچ، مڪران واري ايراضيءَ ۾، يارهين صدي عيسويءَ ۾ آيا. تاريخدانن جو چوڻ آھي تہ، ان وقت سندن سردار ميرجلال خان ھو، جنھن جي ھٿ ھيٺ، 44 قبيلا ھئا. ميرجلال خان کي چار پٽ ھئا: رند، لاشار، ھوت ۽ ڪورائي، جن مان پوءِ ڪيئي نُکون ۽ پاڙا ٺھيا ۽ پکڙيا. بلوچ، ھڪ ويڙهاڪ قوم طور پنھنجي سڃاڻپ رکي ٿي. تلوار بازي ۽ سپاھ گيريءَ ۾ سندن مھارت مشھور آھي.

بلوچ، سنڌ ۾ ڪڏهن آيا؟ ان سوال جي جواب ۾، ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘، جلد پھرئين ۾ لکيل آھي: ”سنڌ ۾ بلوچن جو وجود ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي (تخت نشيني 29 نومبر 1469ع ۽ وفات 1517ع) جي عھد ۾ ٿيو.“ (سنڌيانا، جلد 1، 2009ع، ص: 468)

ٻئي پاسي اياز ڀاڳت جو چوڻ آھي تہ: ”سنڌ ۾ جيڪي بلوچ آيا، اھي شاھ بيگ ارغون جي حملي وقت، ان جي فوج ۾ ڀاڙيتو ھئا ۽ جن قبيلن کي بعد ۾ بلوچ سڏيو ويو آھي. اھي حقيقت ۾ مقامي نسل جا ماڻهو ھئا ۽ انهن ۾ اڪثريت جت قبيلي وارن جي آھي، جن کي اُنهن، جدگال سڏيو آھي.“ (ڀاڳت، 2010ع، ص: 230)

سنڌ ۾ ھن وقت، بلوچ ذاتين ۾ رند، لاشاري، ھوت، ڪورائي، جتوئي، مگسي، ڊومڪي، لغاري، مزاري، بليدي، گبول، بوزدار، گشڪوري، جاگيراڻي، باگراڻي، گورچاڻي، جمالي، ڀَوا، جکراڻي، نظاماڻي، نوحاڻي، دشتي، لَٽي، ڪلوئي، ڇلگري، ديناري، بزنجو، ڪوھ بلوچ، گورکاڻي، گُجر، سَنگهُر، ڪولوائي، ڀئوڙزئي، ساجدي، نوتڪاڻي، پتافي، شاھاڻي، جلالاڻي، ٽالپر، بهراڻي، جروار، جسڪاڻي، لنجواڻي، لُنڊ، ميرجت، ھولاڻي ۽ سربازي وغيرہ رهن ٿا.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، بلوچي ٻوليءَ جا ڪيئي لفظ، چوڻيون، جملا ۽ اصطلاح استعمال ڪيا آھن. شاھ جي سورمي، سسئيءَ جو ورُ پنهون ھوت بلوچ ھو، جنھن جي پس منظر ۾، سسئي بابت، چيل پنجن سرن ۾، بلوچن ۽ بلوچي ٻوليءَ جو ذڪر ڪيل آھي.

ھَئي ٿو وڃَي ھوتُ، آئون ڪِ اَڳَڀَرِي ٿِيان،

مَتان چوءِ بَلوچُ، ’ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِيو‘.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘ سُر حسيني، داستان 11، بيت 15، ص:481)

ٺاڪر / ٺڪر:

ھي اصل ۾، راجپوت نسل مان آھن. قديم دؤر ۾، سندن پيشو سپاھگيري ھو. ھي حاڪمن جي فوج ۾، اڪثريت سان ڀرتي ٿيندا ھئا، پر ھاڻي، سنڌ جي ٿرپارڪر ۽ ٻين ايراضين ۾ زمينداري ڪن ٿا ۽ ڪي چوپايو مال پالي پيٽ گذر ڪن ٿا.

ٺَڪر، ھندن جي سڀني ديوين ۽ ديوتائن تي اعتقاد رکن ٿا، پر خاص طور چيرا، واگها، بھيري، ڀواني، سپلي، کنڊوبا، کڻوبا، وتيل، ديوتائن ۽ ديوين جي پوڄا ڪن ٿا. اَڪشتر بتيا، دسھڙي، ڏِياري ۽ شَگما جا ڏِڻ وڏي ڌام ڌوم سان ملهائين ٿا. سندن مذھبي پيشوا يا اڳواڻ پنھنجي قبيلي منجهان ھجن ٿا. ٺڪرن ۾ ڪي اھڙيون رسمون آھن، جي ٻين ھندو جاتين ۾ نہ آھن، جيئن ٺڪر/ٺاڪرن جي گهر ۾ ٻار ڄمڻ کان پوءِ، پنجن ڏينھن تائين دائي، ان ٻار واريءَ عورت جي گهر ۾ رهندي آھي ۽ پنجين ڏينھن اُھا دائي، سُرهاڻ ۾ ٻڏل سِندؤر (سينڌر) ٻار جي ماءُ جي ھٿن کي لائيندي آھي، پوءِ اھا ماءُ وري پنھنجا ٻئي ھٿ، ڀت تي ھڻي نقش چٽيندي آھي ۽ پوءِ ٻار جي ڪلهي جي چوڌاري، بنفشي جا گل ٻڌندا آھن. مناسب ڏينھن تي برهمڻ کان ٽپڻو کولائي، ٻار جو نالو پُڇي رکبو آھي. برهمڻ کي، ٻار جي ڄمڻ جو وقت، ڏينھن ۽ پھر بہ ٻڌائبو آھي.

وري مڱڻي ٿيڻ مھل، گهوٽيتن کي خاص قسم جا چانور، ڪنوار جي پيءُ کي ڏيڻا پون ٿا. مڱڻيءَ کان پوءِ، سوپاري ڀڃڻ جي رسم، جنھن کي سوپاري ڦانوڻي بہ چون ٿا، ٿيندي آھي، جا ٻين جاتين ۾ نہ آھي، تيئن شاديءَ جون بہ ڪي رسمون پڻ، ٻين جاتين ۾ ناھن، جيئن ٺڪرن ۾ شاديءَ کان ٽي ڏينھن اڳ، ڇنو تيار ڪن ٿا. ان ڇني جي پويان، عنبر جو وڻ ھڻن، اُن وڻ کي ناريل جا کوپا چاڙهي ھيٺان چانور ڇٽين، پوءِ ھيڊ ملڻ جي رسم ٿئي. ڄڃ جڏهن ڪنواريتن وٽ پھچي تہ ڇني ۾، سڀني کان پھرين گهوٽ جو پيءُ داخل ٿيندو آھي ۽ ان جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويندو آھي.

ڪنوار جي ڪمري جي دروازي تي، ٻہ عورتون بيٺيون ھونديون، سندن ھٿن ۾ خالي مٽيءَ جون گهاگهريون، ھونديون آھن. گهوٽ، اچڻ سان انهن ۾ ڪجهہ سِڪا وغيرہ وجهندو آھي. ڪنوار جي ماءُ، گهوٽ جي منهن تي ھلڪي روشني وجهندي آھي. ھئڊ جو تِلڪ سندس نرڙ تي ھڻي، گهوٽ کي ڪنوار جي ڪمري ۾ داخل ڪندي آھي. ڪنوار، ھڪ سنهي چادر جي پردي جي پويان بيهندي آھي، برهمڻ شاديءَ جا شبد پڙهندو آھي.

ٺاڪر/ٺڪرن وٽ، رنڙ عورت کي بہ شادي ڪرڻ جي اجازت آھي. رنڙ عورت کي پنھنجي پيءُ ماءُ جي ڪنھن بہ مائٽ سان شادي ڪرڻ جي اجازت ھوندي آھي، سواءِ پنھنجي ماروٽ جي. ٺاڪرن/ٺڪرن جون زالون، سونھن ۾ سرس ھونديون آھن ۽ سانوري رنگت جون ھونديون آھن.

ٺاڪرن جا ھي پاڙا، سنڌ ۾ رهن ٿا: ٺاڪر، ٺاڪريا، سوڍا، ٺڪري، ٺڪر، بلوتر، ڦول، جروٿيا، ڀنگلانا.

شاھ لطيف، ٺڪرن جو ذڪر، پنھنجي ڪلام ۾، ھن ريت ڪيو آھي:

مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾، ھائِيءَ ھَڻِي ھارُ،

سوڀِي! سُکُ، سَيّدُ چي، ڪَريين ڪوھ قَرارُ،

راڄا رِيساڻو گَهڻُو، سَٽاڻو سَردارُ،

چَؤڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيھ ڏهڪارُ،

ٺاڪُرُ اَکِيين ٺارُ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلا چنيسر، داستان 1، بيت 3، ص: 498)

جَتَ:

جَت، سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن جا رهاڪو آھن، خاص طور تي سنڌ جي سامونڊي علائقن، ريڙهي، ابراھيم حيدري، لٽ بستي، کاري ڇاڻ، ڪيٽي بندر ۽ جاتي تعلقي ۾، سندن وڏي آبادي آھي. جتن جي سردار کي ملڪ يا ملڪاڻي سڏيو ويندو آھي. بدين ضلعي ۾ کور واھ ۽ ٻين ھنڌن تي بہ جتن جي وڏي آبادي رهي ٿي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا، پنھنجي ڪتاب، ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو: ”هيءَ سنڌ جي ھڪ قديم قوم (قبيلو) آھي. ھيءَ قوم، سنڌ ۾ اسلام جي ظھور کان اڳ، ڪڇ، راجستان ۽ سنڌ جي لاڙ واريءَ ايراضيءَ ۾ آباد ھئي.“ (الانا، 1977ع، ص: 429)

جتن کي بلوچستان ۾ جت ۽ جدگال، پنجاب ۽ ھندستان ۾ جاٽ ۽ عربستان ۾، ’زَط‘ سڏيو ويندو آھي. ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽي، پنھنجي ھڪ مقالي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو: ”جت، جنھن کي عربي زبان ۾، ’زَط‘ چيو ويو آھي. ’لسان العرب‘ ۾ لکيو ويو آھي تہ، ’جت ھڪ ڪاري رنگ جي خالص سنڌي قوم آھي، جيڪا قديم زماني کان، عرب ۾ وڏي تعداد ۾ آباد ھئي.“ (جوڻيجو، 1991ع، ص: 40)

جت اصل ۾ ڪير آھن؟ ڪٿان آيل آھن؟ يا سنڌ کان ٻاھر عربستان، گجرات، ايران ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيئن پھتا؟ تنھن بابت، تاريخدانن جا مختلف رايا آھن. ڪي محقق، جتن کي بلوچ قوم مان ڪوٺين ٿا تہ ڪي کين خالص سنڌي قبيلا سڏين ٿا. ڪجهہ مورخن کين سنڌ جا مقامي رهاڪو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ ڪي جتن کي سنڌ ۾ ٻاھران آيل ٿا سمجهن.

ھن سلسلي ۾، ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ ۾ ھن ريت لکيل آھي: ”آريائي نسب نامي جي روايتن مطابق آرين جو سورج ونشي ۽ چندر ونشي شاخون، ٻن وڏن انساني گروهن جي نمائندگي ڪن ٿيون. چندر، جنھن کي سم بہ چيو وڃي ٿو، ان جي اولاد جي شاخن لاءِ سندس ٻئي نالا استعمال ڪيا ويا آھن، يعني اولاد کي چندر ونشي بہ ڪوٺيو ويو آھي تہ سم ونشي بہ. سم وشني جو مقامي سنڌي نعم البدل، سمه يا سما آھي. چندر ونشي/سم ونشي نسل مان اڳتي ھلي، ڪيترائي قبيلا ڦٽا، انهن مان يياتي جي پنجن پُٽن: يرو، ترسو، انو، درهيو ۽ پرو جي اولاد مان پيدا ٿيل ڪيتريون ئي شاخون، ’جت‘ سڏيون ويون آھن.“ (سنڌيانا، جلد 3، 2011ع، ص: 447)

ڪالِڪا رنجن قانونگو، ڪرنل ٽاڊ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو: ”جت لفظ، عالمن جي ڪنن تي پھريون ڀيرو، ’جيتي‘ (Gaete)، ’يُتي‘ (Yuti) ۽ ’ييٿا‘ (Yetha) جي ڌار ڌار نالن جي صورت ۾ پھتو. اھي قبيلا، ’آمو دريا‘ (Oxus River) واري خطي جا رهاڪو ھئا، پر ٻوليءَ جي ماھرن (Philologist)، پھريون ڀيرو ھن راءِ تي اعتراض ڪيو. ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ جان بيمس، دعويٰ ڪئي تہ جت قبيلا، خالص ھند-آريائي نسل سان واسطو رکن ٿا.“ (جوڻيجو، 1991ع، ص: 119)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جتن جو لاڳاپو بلوچ قوم سان ڏيکاريو آھي. ھو لکي ٿو: ”ٻي ۽ ٽين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن ساڪن (Scythians)، ڏکڻ-اوڀر ايران واري ڀاڱي (سيستان) تي قبضو ڪيو، تڏهن جت قبيلن اتان مڪران، موجودہ بلوچستان ۽ سنڌ طرف ھجرت ڪئي.“ (بلوچ، 1999ع، ص: 39) جڏهن تہ ڊاڪٽر غلام علي الانا، H.W. Bellew جو حوالو ڏيندي لکي ٿو: ”بيلو (Bellew) جتن کي بلوچ نٿو ڪوٺي، پر ھن جي خيال موجب، جَت، سنڌو ماٿر جي ھيٺئين خطي جا اصلوڪا رهاڪو آھن ۽ ھت ڪٿان بہ ٻاھران ڪونهن آيا، بلڪ ھتان ئي ٻين علائقن طرف پکڙيا.“ (جوڻيجو، 1991ع، ص: 127)

جت، شروع کان وٺي، اُٺ پالڻ، اُٺن تي مال برداري ڪرڻ ۽ خانہ بدوشيءَ واري زندگي گذارڻ جي ڪري لڏپلاڻ ڪندا ڪڇ، راجسٿان، بلوچستان، ايران، عراق، اردن ۽ عربستان ۾ وڃي آباد ٿيا. ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽيءَ جو رايو آھي تہ، ’جت، سنڌ مان بصري ۽ اُتان عمان ۽ بحرين جي سامونڊي علائقن ۾ پھتا ۽ اُتي آباد ٿيا. ايران ۾ تمام قديم زماني کان، ھخامنشي دؤر ۾، سندن وڏيون وڏيون بستيون ۽ شھر آباد ھئا.‘

عالمن موجب، جت ويڙهاڪ ۽ جنگجو ھئا، بھادريءَ ۾ پنھنجو مَٽ پاڻ ھئا. سندن اھي گُڻ ڏسي، ايراني شاھن کين پنھنجي فوج ۾ ڀرتي ڪيو. جڏهن مسلمانن ايران فتح ڪيو تہ پوءِ جت مسلمان ٿيا. ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ موجب: ”حضرت عليؓ جي حڪم تي، بصري جي بيت المال جي نگراني ڪندي، چاليهن يا ٻيءَ روايت موجب، چار سؤ ڄڻن سان گڏ، شھيد ٿيندڙ، ابو سالم زطيءَ جو تعلق بہ جت قبيلي سان ھو. عربستان ۾ رهندڙ جت قبيلن سان تعلق رکندڙ عالمن، اتي وڏو نالو ڪمايو، جن مان امام ابو حنيفہ بہ ھڪ آھي.“ (سنڌيانا، جلد 1، 2011ع، ص: 448)

سنڌ ۾ رهندڙ جت قبيلن مان ڪي سرائيڪي، ڪي سنڌي ۽ گهڻو ڪري جتڪي ٻولي ڳالهائين ٿا. حافظ حبيب سنڌيءَ جي راءِ موجب، ماڃر، ڪڪرالي، جاتي، شاھ بندر ۽ کاري ۾ رهندڙ جت قبيلا جتڪي ٻولي ڳالهائين ٿا، جنھن تي ڪڇي، بلوچي ۽ ٻين ٻولين جو اثر نمايان طور تي پسي سگهجي ٿو. جتڪي ٻوليءَ ۾، ڪپڙي لاءِ پُچ، ھلڻ لاءِ واچڻ، ڏکيو بدران، ’اورو‘ ۽ ڪنھن جو بدران، ’ڪين جو’ استعمال ڪيو ويندو آھي.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، جتڪي ٻوليءَ جا لفظ ڪم آندا آھن:

ايشان ايشان ڪَن، واچَڻَ جي وائِي،

سُڻي ھُل ھودي جو، مُڙياس مُيائِي،

منَ رَبکَ و مَن نَبِيُکَ وَمَا دِينکَ، اِي پروڙيان وائي،

ھيءَ جا ٻولِي جَتڙين، سَمجِهيُم نہ سائِي،

قَضا جا ڪريمَ جي، انهيءَ پَر آئِي،

سَسُئِي جا سائِين، پنهونءُ رَسَجِ پَٻَ ۾.

(بيگ، قليچ، مرزا، (2007ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، فصل 7، بيت 4 (2)، ص: 261)

جتن جو گذران، اُٺ پالڻ، اُٺن تي مال برداري ڪرڻ تي آھي پر ڪي جت، ٻني ٻارو پڻ ڪن. سندن پوشاڪ، خاص نموني جي آھي. مرد آڳاٽي وقت ۾ گوڏ ۽ قميص بدران صدري پائيندا ھئا، مٿي تي ڪارو پٽڪو ٻڌندا ھئا، پر ھاڻي، سُٿڻ قميص پائيندا آھن، جڏهن تہ سندن عورتون ڀرت ڀريل گهگها پائينديون آھن.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾، سسئيءَ جي ڏيرن کي جَت ڪوٺيو آھي:

جَتَنُ ڪِج جَتَنِ جو، آئِيا ڪِ اِيندا،

وَٺِي پُنهُون پانهنجو، وَٽان تو وِيندا،

دَمُ نہ دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيھ ڏي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 1، بيت 17، ص: 377)

جوڳي:

جوڳي لفظ، ’يوگ‘ مان نڪتل آھي. يوگا، اصولي طور پتنجلي طرفان جوڙيل زندگيءَ جو فلسفو چيو وڃي ٿو. جوڳين جا ٻہ قسم آھن، جن مان پھريون راول ۽ ٻيو ناٿ جوڳي سڏائي ٿو.

ايڇ. اي. اسٽيورٽ، جوڳين بابت، لکي ٿو تہ، ’سنڌ جا جوڳي، ھند جي جوڳين کان مختلف آھن. جوڳي سڄي سنڌ ۾ گهمندا رهندا آھن. جوڳي، ھندستان ۾ شِوَ جا پوڄاري آھن ۽ ’گورکناٿ‘ کي مرشد مڃن ٿا. ھنن جا ڪُل ٻارنهن پاڙا آھن، جن مان ٻہ وڏا پاڙا آھن: داوِري، جن جو واسطو، ’ناواناٿ‘ فرقي سان آھي، ٻيا راولَ، جن جو واسطو، ’اُدي ناٿ‘ شوين جوڳين سان آھي.‘

ھي جوڳي، پنھنجي نيات (يعني ڏاڏاڻن) مان شادي ڪونہ ڪن، پر مامي ۽ ماسيءَ جي ڌيئن سان شادي ڪن. ٻہ ڀينرون، ھڪ گهوٽ سان شادي ڪري سگهن ٿيون. ھي، ننڍي وهيءَ ۾ ئي نياڻين جون شاديون ڪرائي ڇڏين ٿا. وِڌوا (رنڙ زال) کي ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت ھوندي آھي، پر سندس شادي، سادگيءَ سان ٿيندي آھي. شاديءَ مراديءَ يا ٻين ڏينھن تي، مذھبي رسمون ادا ڪرڻ لاءِ برهمڻ کي پيسا ڏئي گهرائين.

جوڳي پنھنجا مُردا، اونهي کڏ ۾ ويهاري پوريندا آھن. مُردو، مقام ڏانھن کڻي وڃڻ مھل، دھل ۽ سنکيون وڄائين ۽ مُردي سان گڏ، روزاني ڪاروهنوار جون شيون، جھڙوڪ: تماڪ، ماني ۽ ٿانوَ بہ پُورين. ھنن وٽ روئڻ پٽڻ جو رواج نہ آھي.

جوڳين جي مرشد، ’گورکناٿ‘ جي شاگرد، ’مڇندر ناٿ‘ وڏو نالو ڪمايو. کيس، ’گرک چليءَ‘ جي نالي سان بہ سڏين. جوڳي، ھنگلاج، سيوستان ۽ شاھ لاھوت کي پنھنجي لاءِ مقدس جايون ڪري مڃين. ھُو ھنگلاج ۾، ڪالي ماتا (ناني) جي بُت کي کير پيارين.

شاھ لطيف، ٽي سال، جوڳين سان گڏ گذاريا ۽ پنھنجي ڪلام جي سُر رامڪليءَ ۾، جوڳين جو پيرائتو ۽ سُر مومل راڻو ۾ مختصر ذڪر ڪيو آھي. شاھ لطيف، جوڳين جا مختلف قسم بيان ڪيا آھن، جيئن:

جوڳي:

ڪِيَمِ ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِھرِيين ڏينھن پَرُوڙَ،

سَگها ساعَتَ نَه ھَيڪَڙِي، چارَئي پَھَرَ چُورَ،

سَدائِين سَيّدُ چي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،

جوڳِي ساڻُ ضَرورَ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 1، ص: 786)

نانگا:

نانگا نانِيءَ ھَلِيا، ويچارا وِيا،

ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُحِ تان نَه سُئا،

ھُو جي ھِتِ ھئا، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 26، ص: 783)

ڪاپڙي:

جان ڪِي مُون کي نِيو، پَڳَھَه پائي پاڻَ ڏي،

قُوتُ منهنجو ڪاپَڙِي! سِڱِيُنِ مَنجِھ سِهو،

ڪا ڦِرِي ڦُوڪَ ڏِيو، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 13، ص: 780)

ويراڳي/بيراڳي:

ويراڳِيَنِ وَرَنُ، ڏِسَڻُ گَهڻُو ڏُهِلو،

ھِڪُ ٻولڻُ ٻوڙَنِ سين، ٻِيو سَندا فانِيَنِ فَنَ،

ڪِي گُهرِجَنِ ڪَنَ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 34، ص: 784)

صَبُح سِڳِڙِيُون کَڻِي، وِيا وَڄائي وِير،

ڏورِيان ڏورِيان نهَ لَهان، تَن بيراڳيِنِ بَھِيرَ،

جَنِ جي آسَڻَ مَنجِھ عَنبِيرَ، آئون نهَ جئندِي اُنِ ريٖ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 16، ص: 781)

آديسي:

ٽئين ڏينھن ٽِمڪائِينِ، دُونهِيُون دائِرَنِ ۾،

ميڙِيو ڪِڙِڄِ ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ،

سَندِيُون کامَڻَ خَبَروُن، آديسِيَنِ آھِينِ،

ڳُجُھ نہ ڳالهائِينِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 3، ص: 787)

سامي:

اَٺين ڏينھن اُڀِي وِيا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ،

سا پَرِ سامي سِکِيا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ،

ويروتار وجُودَ ۾، اَللهُ اُنِين کي آھ،

ڪنھن جنھن ڪَمائِيءَ لاءِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 8، ص: 788)

سَناسي / سنياسي:

ڪنھن جنھن سَناسِيءَ سُورَ، جُھ وَتَنِ ۾ وَهَلُورَ،

ٻَھَرِ ٻولِي ٻِي ڦِري، گَهٽَ ۾ گهايَلَ گُهورَ،

چِتَ جَنِين جا چُورَ، ھلو تَھ تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 2، ص: 790)

ڪَن ڪَٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا:

ڪَنَ ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، ڪَنوٽِيا، ڪَنَ ڪَٽَ،

دُونهان جَنِ دُکائِيا، ھَلِي مٿي ھَٽَ،

خاڪِ جَنِين جِي کَٽَ، ھلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 6، ص: 791)

لانگوٽيا:

ڪَنَ-ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، لانگوٽِيا لالَ،

لاھُوتِي لَطِيفُ چي، موهِيا ڪنھن نہ مالَ،

ھِهڙا وَٺِي حالَ، ھَلو تَھ تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 7، ص: 791)

لاھوتي:

’لاھوتي‘ جو ذڪر شاھ لطيف مختلف سُرن ۾ ڪيو آھي، جھڙوڪ: سُر مومل راڻو، سُر رامڪلي:

ڪاڪِ نہ جَهلِئا ڪاپَڙي، موهيا ڪِنہِ نہ مالَ،

سوڍيون سِجهائي ھَلِئا، ھَهَڙا جَني حالَ،

جي ڇورين ڏنا ڇالَ، تَھ پھِ لاھُوتِي لنگهي وِئا.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 2، بيت 14، ص: 256)

پُوربيا:

جا جياري جوڳِيين، سا ماڙُهن مُصيبَتَ،

سامِيَنِ سُورُ صِحَتَ، جي پُورِبِيا! پَرُوڙِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 4، بيت 12، ص: 795)

بيکاري:

بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙهِي،

ڳالِهيون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي،

ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جيئن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙي پِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 1، بيت 6، ص: 518)

گودڙيا:

گُلَ گُلَ پَسِي گودَڙِيا، گَهڻا مَ ڀائينج،

سوئِي سُڃاڻيجِ، ھِيءُ ھُو آھي ھيڪَڙو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 9، بيت 36، ص: 824)

راول:

ويراڳِي واڳِي، ڏِينِ ڏِيهاڙِي ڏِيلَ کي،

راوَلَ! رَتيٖن مولِهئيٖن، سامِي سُهاڳِي،

لَنءُ جَنِين سين لاڳِي، سي جوڳِي پَسان تَھ جِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 7، بيت 15، ص: 811)

بابُو:

سَندَڙِيانِ سِڱِڙي ڳالهہ ڳُجِهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِهِين،

جا وَڄائينِ جَتَڙا، نهَ تنھن نَڙَ جِهَڙِي، مُون ماريندا ڪَڏِهِين.

مُرِليءَ کي جنھن ماتُ ڪِيو، تُلِ نَه تنھن تُنبَڙِي، مُون ماريندا ڪَڏِهِين.

تارِيو جنھن توڏِيءَ کي، نہ سو گهنڊ نہ گهنڊڙي، مُون ماريندا ڪَڏِهِين.

ڏاريو جنھن ڏياچ کي، تَندُئان سا تِکَڙِي، مُون ماريندا ڪَڏِهِين.

نهَ سِري نہ سِنڌُ ڪا، نهَ ھِندُ ھِهَڙِي، مُون ماريندا ڪَڏِهِين.

مِٺائِيان مٺِي گهَڻُو، چُوَندا جَنِ چَکَڙِي، مُون ماريندا ڪَڏِهِين.

وَنءَ اونايـٖي اُنِ کي، ويھ مَ، کَڻُ وِکَڙِي، مُون ماريندا ڪَڏِهِين.

بيخودِ بابو سي ٿِيا، ٻُرَنديٖ جَنِ ٻُڌَڙي، مُون ماريندا ڪَڏِهِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، وائي، ص: 785)

کاھوڙي:

تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَر وِڃائِي، ھو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

ڪَريٖ مَرِجِ ڪاپَڙِي! گُرُءَ وَٽِ گَدائِي، هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

اِشارَتُون اُنِ جون، وَنءُ کَپِي تُون کائِي، هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

نِنڊَ تَنِهِين کي ناھهِ ڪا، جا آدِيسِنِ اُٺائِي، هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

آھهِ اِنَهِيءَ ڳالهہ جِي، راوَلَ! اِيءَ رُباعِي، هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

ھيڪائِي ھيڪُ ٿِيا، ٻُڌَنِ ڪانَ ٻِيائِي، هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

اَکِيَنِ آرِسُ ڇَڏِيو، دِلِ ۾ ناھ دَغائِي، هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

اِنّ اللهَ وِتُر يُحِبّ الوِترُ، اِيءَ اُنِين لَئـٖي آئِي، هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

رِيجهائي رَمُوزَ سين، کاھوڙِيَنِ آئُون کائِي، هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

اَلا! عَبدُاللّطِيفُ چي، مون سين صاحِبَ ڪَرِ سَڻائِي، هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 5، وائي، ص: 802)

مھيسي:

پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گهُرَنِ ڪِينَ گهَران،

مَھيسِي مَخلُوقَ جي، اَڀَنِ دؤر دَران،

پُڇَنِ ڪوھ شَرَعان؟ جيئن اَندَرِ عَدالَتَ اُنِ جٖي؟

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 7، بيت 04، ص: 808)

آڌوتي:

تُون وَنءُ ويھي آءُ، اَڱَڻَ آڌُوتِيَنِ جـٖي،

جوشُ ڏِنائُون جِيءَ کي، لڪائي لوڪاءُ،

ڏوٿِيُنِ ڪنھن ڏکاءُ، سُمهِي سُکُ نہ ماڻِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 1، بيت 12، ص: 748)

ريٻاري / ريٻاڙي:

ريٻاري، سنڌ جو ھڪ قديم قبيلو آھي. ھن قبيلي جا ماڻهو، سنڌ کان علاوہ، ھندوستان ۾ مڌيه پرديش، راجسٿان، گجرات، ھرياڻا ۽ پنجاب ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. ريٻارين کي ريٻاڙي، ڏيواسي، رائڪا، ڊيسائي ۽ ھرونشي ريواڙي پڻ سڏيو وڃي ٿو. تاريخي ماخذن ۾ ريٻارين بابت، مختلف روايتون ملن ٿيون. رائچند ھريجن موجب: ”آلن جي پٽ ڏيوسيءَ جو اولاد، رٻاري سڏجن ٿا.“ (هريجن، 1988ع، ڀاڱو پھريون، ص: 273)

جڏهن تہ اِنسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي جلد ڇھين ۾، ھن ريت ڄاڻايل آھي: ”هو اصل ۾، شِوَ جا پوڄاري آھن. ھو ھندو آھن، پر ڪي سک مذھب بہ رکن ٿا...سندن روايتن موجب، کين پارپتيءَ (پاروتيءَ) جنم ڏنو ھو، پر بشريات جا ڪي ماھر چون ٿا تہ ھي، ھُنن (Huns) جا پونير آھن، جن سنڌ، گجرات ۽ ڪڇ وغيرہ تي، پنجين صدي عيسويءَ ۾ حڪمراني ڪئي ھئي. ريٻارين جي بادشاھ، ميهرڪل (Mihirkul)، ڇھين صدي عيسويءَ ۾، ھندو مت کي قبوليو ۽ شِوَ جو پوڄاري ٿيو. اڄ بہ ريٻاري پاڻ کي راجپوتن جي ڪُل مان سمجهن ٿا.“ (سنڌيانا، 2012ع، جلد ڇھون، ص: 378، 379)

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾، ھن قبيلي جون 133 نکون ڄاڻايون ويون آھن، جيڪي سنڌ توڙي ھندستان جي مختلف علائقن ۾ رهن ٿيون. ڌنڌي جي لحاظ کان، ريٻاري، مالوند ماڻهو آھن. سندن گذر سفر اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون چارڻ تي ھوندو آھي. ريٻارين جون عورتون وري گهريلو ڪم ڪار کان علاوہ، کير مکڻ گڏ ڪري کپائڻ جو ڌنڌو پڻ ڪن ٿيون. مطلب تہ ڏيتي ليتي ۽ حساب ڪتاب، سندن زالن جي ھٿ ۾ ھوندو آھي.

پوشاڪ جي لحاظ کان، مردَ گوڏ ٻڌن ۽ ھٿ ۾ وڏي ڏانگ (لٺَ) کڻن، جڏهن تہ ھاڪڙي جي ڀرسان، نهٽي طرف رهندڙ ريٻارين جو مرداڻو لباس ھڪ خاص قسم جو ھوندو آھي، جنھن ۾ سُٿڻ، کُڙيءَ کان گوڏن تائين سوڙهي ھوندي آھي، جنھن کي بيگي چون ۽ قميص وري ڇاتيءَ ۽ ٻانهن تي پٽيون پيل جهڙي ھوندي اٿن. ان کان علاوہ، مٿي تي اڇو يا ڳاڙهو پٽڪو پڻ ٻڌندا آھن. سندن اِھو لباس، اُن ۽ سوٽي ڪپڙي جو ٺھيل ھوندو آھي. عورتاڻي لباس ۾ وري مايون گج، پڙا، توڙي چُنيون پائين ۽ پنھنجي قبائلي رواج موجب، منهن ۽ ٻانهن تي گل توڙي مختلف چِٽَ ڪڍائين.

ريٻاري، اڳ ۾ لاڏائو قبيلي طور سڃاتا ويندا ھئا، جيڪي مال سانگي ڪڏهن ڪٿي تہ ڪڏهن ڪٿي رُلندا رهندا ھئا، پر ھاڻي سنڌ ۾، ننگرپارڪر ۽ بدين وارن علائقن، جڏهن تہ ھندوستان ۾، ھرياڻا، مڌيه پرديش، گجرات توڙي راجسٿان طرف وڏي انگ ۾، ڳوٺَ اڏي ويٺا آھن.

ٻين ھندن جيان ريٻارين ۾ پڻ پوڄا پاٺ ڪئي ويندي آھي، خاص طور تي، ’ماتا ديويءَ‘ ۽ ’گوگي مهراج‘ جي پوڄا ڪندا آھن. ماتا ديويءَ جي مندرن جي پروهت کي ڀوپا چوندا آھن. ريٻاري ھر سال نوراتڙيءَ جو ميلو ملهائيندا آھن، جنھن کي ’ڀوڄ‘ سڏين.

ڪن روايتن موجب، لاکو ڦلاڻي پڻ ريٻاري ھو. لاکي جي پيءُ، راءِ ڦل ۽ مامي راءِ کنگهار، ريٻارين مان شاديون ڪيون. ان سلسلي ۾ بدر ابڙو، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌ جو شاھه‘ ۾ لکي ٿو: ” لاکي جي ماءُ جيڪا پاڻ بہ ھڪ ريٻارڻ ھئي...راءِ ڦل ۽ راءِ کنگهار ٻئي ريٻاڙين مان پرڻيا ھئا ۽ ريٻاڙي، لاکي ڦلاڻيءَ جا ناناڻا ھئا. راءِ کنگهار بابت، چيو ويو تہ ھو لاکي ڦلاڻيءَ جو مامو ھو.“ (ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 227، 228)

مختلف روايتن ۾، اھا ڳالهہ بہ ملي ٿي تہ ريٻارين جي ھڪ عورت جو راءِ کنگهار سان رستو ھو، جنھن جي چوڻ تي راءِ کنگهار، لاکي ڦلاڻيءَ سان وير رکيو ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي موت جو ڪارڻ بہ اھا ريٻارڻ مائي ئي چئي وڃي ٿي.

سر ڏهر ۾ شاھ لطيف ريٻارين جو ذڪر ڪيو آھي:

رَڙيٖ ريٻارَڻِ روءِ، واڙيٖ پايو وَڇَڙا،

کَرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچلُ اُڀِي چوءِ،

واڙيٖ وَڇُ نهَ ڪوءِ، لاکو لوڙائُنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 42، ص: 888)

سَما:

’سما‘، سنڌ جو، ’سماٽ‘ قبيلو آھي. سمن جا مختلف پاڙا آھن، جن ۾ ابڙا، داسڙا، جاڙيجا، جوڻا، لاکا، راھو، اُنڙ، جکرا، پرهياڙ، ڪوريجا، ناھيا، چاوڙا، ڀٽي، اوڍر، اڌا، اڌيجا، مھر، ساؤندر، ساند، مناھيا، سميجا، لنجا، ڏاھر، ڏهر، راڌڻ، ڪاڪيپوٽا، ھنگورجا، ھاليپوٽا، ھالا، ساھڙ، نُهڙيا، ڪاھيا، پَلي، سوڍر، اوڍا، ابڙيجا، رڪن، راھما، مڱريا، جوڻيجا، آريسر، درس، چانگ، راڄڙ، دل، پڃارا، ٻہيرا، موسا، وسائي پوٽا، موسي پوٽا، ڇڇر، ڏيٿا، ديدا، ٿيٻا، اوٺا، وڪيا، جنجهي، بيسر، جيسر، گهيلڙا، ڪيريا، گوڙ، منگراسي، چنا، ڪرن، پٽا، مڪواڻا ولها، سھتا، ٻاراچ، جهاڳوزا، مياڻا، پاڙها، گجو، چاچڙ، کوکر، نون، نهڙي، ڏوهٽ، ڪيلمھڻ، ٽٻا، مڏا ۽ ڪوٽڙيا وغيرہ شامل آھن.“ (ٻُٽ، 1974ع، ص: 73 ۽ 74)

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، پنھنجي ڪتاب، ’سمن جي سلطنت‘ ۾ لکي ٿو: ”سنڌ ۾ ايامن کان ھيءَ چوڻي مشھور آھي تہ:

سنڌ سمون، ڪاڇي چنو، ڀٽي جيسلمير،

چوٿون ڀاءُ ھو چغدو، جنھن جو اڱڻ مٿي پير.

ان جو مطلب تہ سنڌ ملڪ ۾، ’سمون‘ قبيلو خاص اھميت وارو ڏسجي ٿو. اڳتي ھلي جڏهن ھي قبيلو وڌيو ۽ ٽڙيو پکڙيو، توڙي ان جي پاڙن ۽ قبيلن ۾، وڌيڪ تقسيم ٿي، تڏهن ان سان منسلڪ سڀني گروهن کي، ’سماٽ‘ جو گڏيل نالو ڏنو ويو.“ (لاکو، 1996ع، ص: 1)

”سما يا سمو لفظ نڪتو آھي قديم مهين واري ٻوليءَ جي لفظ، ’سامس‘ مان، جيڪو اُچار، سڪندر مقدونيءَ جي اچڻ تائين سنڌ ۾ رائج ھو، جنھن کي يوناني تاريخ نويسن، ’سانڀر‘ يا ’سامبس‘ ڪري لکيو آھي، انهيءَ نالي وارو ان وقت، سيوهڻ جو راجا ھو. ايس. آر. راءُ جي پڙهڻيءَ مطابق سامس، سامبس جي معنيٰ آھي ساراھ جوڳو، تعريف جي لائق. سمه يا سمي جي اصطلاحي معنيٰ ٿيندي، اھو نالو يا اھا ذات، جنھن جي تعريف، بھادري، ڪردار ۽ حيثيت جي ڪري ٿي.“ (ڀاڳت، 2010ع، ص: 145)

ناليوارو تاريخدان، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ لکي ٿو: ”سنڌين جا اڪثر نسل‘ جي راجپوتن، سمن ۽ جتن جا پونير آھن، تن جي وچ ۾ جيڪو بہ اصلوڪو فرق ھو، سو ھاڻ ڪن ٿورن مثالن کي ڇڏي غير حقيقي آھي. ويندي اھڙا قبيلا به، ڄاتل سڃاتل راجپوت نالن سان سڏجن ٿا، جن کي پنجاب ۾ جاٽ ۽ سنڌ ۾ سماٽ سمجهيو وڃي ٿو.“ (لئمبرڪ، 1992ع، ص: 380)

’سمن جي سلطنت‘ ڪتاب جو ليکڪ، غلام محمد لاکو، لکي ٿو: ”ڪاٺياواڙ جي راجا ڪرشن جي زال، ’جاموتيءَ‘ مان، راجا ’سامبا‘ ٿيو، جنھن سنڌ ۾، ’ميناننگر‘ تي سماننگر نالو رکي، ان کي پنھنجو تخت گاھ مقرر ڪيو. ھي سلطنت، ’سنڌ سما‘ سڏبي ھئي. راجا ’سامبس،‘ سندس نسل مان ھو. ’جاموتيءَ‘ مان ھجڻ ڪري ’ڄام‘ سندن لقب ھو.“ (لاکو، 1996ع، ص: 2)

”325 ق. م. ۾، سڪندر مقدونيءَ سان آيل عالمن، سوگدي ديس جو ذڪر ڪيو آھي، جيڪو اصل ۾، ’سمه ديس‘ ھو، ھن، سيوهڻ جي سمه راجا کي مارائي ڇڏيو. سنڌ جو راءِ خاندان، جنھن 550ع کان 652ع تائين حڪومت ڪئي، اھي پڻ سما ھئا ۽ راءِ سندن ڌرمي/حڪومتي لقب ھو. راءِ لفظ نڪتو آھي وهار مان ۽ وهار ٻُڌ مذھب جي عبادت گاھن کي چيو ويندو ھو ۽ راءِ جو ھڪ ٻيو مطلب اھو بہ آھي تہ، اھي سرسبز چراگاھ، جن تي وقت جي حاڪم يا ڪنھن خاندان جو قبضو ھجي يا اُن جي تصرف ھيٺ ھجي.“ (ڀاڳت، 2010ع، ص: 141)

مشھور تاريخدان، مولائي شيدائيءَ، ’جنت السنڌ‘ ۾ لکيو آھي: ”سومرا ۽ سما نومسلم راجپوت ھئا... فرشتہ ۽ ابوالفضل ٻہ مؤرخ آھن، جيڪي کين، ’ڄام‘ جي لقب سان سڏين ٿا.“ (شيدائي، 1985ع، ص: 340)

تاريخدانن جي انهن راين کان پوءِ، ھڪڙي ڳالهہ واضح آھي تہ، سما، سنڌ جا اصلوڪا رهواسي آھن. اڄ بہ سما ذات جا ماڻهو، سنڌ ۾ عام جام رهن ٿا. بلوچستان جي علائقي لسٻيلي ۾ بہ سما ڄام رهن ٿا، جيڪي سماجي طور سٺي حيثيت رکن ٿا.

سنڌ ۾ سومرن جي زوال کان پوءِ، سمن جي حڪومت جو پايو پيو. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۾ سمن جي حڪومت جو مُدو 1351ع کان 1521ع ڄاڻايو آھي.

سمن جو دؤر، سنڌ جي تاريخ جو ھڪ سونھري دؤر آھي. سَما جيئن تہ ھن ڌرتيءَ جا اصلوڪا رهواسي ھئا، تنھن ڪري سندن دلين ۾ سنڌ جي خدمت جو جذبو موجود ھو ۽ ھُو مڪاني حالتن، روايتن، ماڻهن جي سوچ کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهيا ٿي.

سمن جي حڪومت جو پھريون حاڪم، ’ڄام انڙ‘ ٿيو. جنھن 1351ع ۾، ملڪ جون واڳون سنڀاليون. سمن حاڪمن مختصر مدت لاءِ ساموئي شھر کي پنھنجو تخت گاھ بڻايو.

”سما خاندان پنھنجو اقتدار اعليٰ قائم ڪندي، ڪنھن حد تائين سومرن جي ڀيٽ ۾، زيادہ مستحڪم حڪومت قائم ڪئي. ان ريت سمن سلطانن امن امان قائم ڪري، عام انسانن کي بھتر زندگي مھيا ڪئي ۽ اقتصادي سڌاري جا پڻ امڪان پيدا ڪيا.“ (لاکو، 1996ع، ص: 54)

سمن جي دؤر ۾، ڄام تماچي پُٽ ڄام خيرالدين پنھنجي دؤر ۾، مهاڻن کي ڍنڍن جي ڍل معاف ڪئي. ٻيون بہ ڪيئي بخششون کين عطا ٿيون. ڄام تماچي اڪثر گندرن توڙي پنھنجي ٻئي عوام سان وقت گذاريندو ھو.

مولائي شيدائيءَ موجب، جڏهن ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي پنھنجي حڪومتي دؤر ۾، ’ٺٽي‘ شھر جو بنياد وڌو ۽ ان کي سن 900 ھه ۾ پنھنجو تخت گاھ مقرر ڪيو تہ، ٺٽو شھر، احمدآباد جيان ستت علم ۽ ھنر جي ڪري ايشيا جي صنعتي ۽ واپاري شھرن ۾ ليکجڻ لڳو. ڄام نندي جي علم پروريءَ جي ھاڪ ٻڌي، خراسان ۽ ايران کان ڪيترائي عالم ٺٽي لڏي آيا، جنھن ڪري ھي شھر ستت ايشيا جو علمي مرڪز پڻ بڻجي ويو. ھتي جا ماڻهو نهايت سکيا ستابا ھئا. ھر مهيني جي پھرئين سومر، جمعي ۽ چوڏهينءَ تاريخ تي شادمانا ٿيندا ھئا، انهن موقعن تي مڪليءَ جي رونق ڏسڻ وٽان ھوندي ھئي.

سما پاڻ ۾ رس راز ۾ ھوندا ھئا. غلام محمد لاکو، پنھنجي ڪتاب، ’سمن جي سلطنت‘ ۾ لکي ٿو: ”اڪثر سلاطين طبعي موت مُئا. ان ريت ظاھر ٿئي ٿو تہ سمن جي سلطنت ۾ اندروني انتشار ۽ افراتفري گهٽ ھئي. بادشاھن ۾ مذھبي رواداري ڏسجي ٿي. اھو ئي سبب آھي تہ ڪجهہ ھندو پڻ وزيرن جي حيثيت سان کنيا ويا.“ (لاکو، 1996ع، ص: 55)

ھن دؤر ۾، سنڌ جي معاشي، سياسي ۽ بچاءَ واريون پاليسيون تمام بھتر نموني ٿي ھليون. ان بابت، غلام محمد لاکو وڌيڪ لکي ٿو: ”ڄام نندي ھميشه ڪنھن پاڙيسري رياست سان جنگ ڪرڻ کان ٽارو ڪيو، ليڪن سندس دؤر ۾، سن 1485ع ۾، ھرات ۽ سنڌ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي، جنگ ۽ جهيڙو سال 1490ع تائين جاري رهيو. حسين بايقرا ۽ ڄام نندي جي سٺن لاڳاپن بگاڙڻ ۾ ارغونن اھم ڪردار ادا ڪيو.“ (لاکو، 1996ع، ص: 62)

سما دؤر ۾، علم جو نور، سنڌ ۾ اھڙو چمڪيو، جو سڄي دنيا ريس ڪئي. ’جنت السنڌ‘ جو ليکڪ مولائي شيدائي لکي ٿو: ”سما سلاطين جي زماني ۾ مدرسن لاءِ جدا عمارتون تعمير ٿيون، جن ۾ محدث ۽ بلند پايه اديب تعليم ڏيندا ھئا. ٺٽي جي مدرسن جو تعداد جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو، تان جو چئن ھزارن کي پھتو.“ (شيدائي، 1985ع، ص: 372)

سمن جي دؤر ۾، دولھ دريا خان (قبوليو عرف مبارڪ خان) ڄام نظامالدين جو دلير، مدبر، قابل وزير، جرنيل ۽

سپھ سالار ٿي گذريو آھي، جيڪو سمن جي آخري حڪمران ڄام نندي جي عياش پٽ ڄام فيروز جي ڪوتاھين ۽ بيوقوفين مان سنڌ کي لڳل باھ اُجهائيندي، شاھ بيگ ارغون جي فوج ھٿان ٺٽي شھر جي دروازي وٽ وڙهندي، شھيد ٿيو. ڄام فيروز، شاھ بيگ جي مخبري ڪندڙ مغلن کي پنھنجو ڀرجهلو سمجهي، پنھنجن تجربيڪار ماڻهن کي ھٽائي، انهن جي جاءِ تي کين نوڪريون ڏنيون. ٺٽي ۾ سندن رهڻ لاءِ مغل پاڙا ٺھرايائين. نيٺ سنڌ جو ھي عاليشان دؤر، 1521ع تي پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتو. ڄام تماچي سمي ۽ نوريءَ جي قصي کي شاھ لطيف ھن ريت ڳايو آھي.

شاھ لطيف، ’سُر ڪاموڏ‘ ۾ سما حاڪم ڄام تماچيءَ جي حوالي سان ’سمن‘ جو ذڪر ڪيو آھي:

تُون سَمُون، آئُون گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ،

پَسِي راڻِينِ رُوءِ، مَتان ماڱرِ مَٽيِيٖن!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 1، بيت 1، ص: 620)

کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ ھاڻا ڇَڄَ،

پاندُ جَنِين جي پاندَ سين، لَڳو ٿئٖي لَڄَ،

سَمُون ڄامُ سُهَڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 1، بيت 10، ص: 621)

سومرا:

سومرا، سمن وانگر سنڌ جا قديم رهاڪو آھن. سندن حسب نسب بابت، تاريخن ۾ اختلاف ملن ٿا. ڪي تاريخدان کين پرمار راجپوت (هندو) سڏين ٿا، تہ ڪي کين، ’سامري‘ عرب چون ٿا. مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو تہ: ”هي ’سامره‘ جا عرب آھن، جيڪي سنڌ ۾ ھجري چوٿين صديءَ ۾ آيا ھئا.“ (قانع، 1989ع، ص: 95)

ڪن تاريخدانن جو خيال آھي تہ، جڏهن دلوراءِ، ڇُٽي اُمراڻي کي تنگ ڪيو تہ ڇُٽي اُمراڻيءَ جي چوڻ تي، سيد علي موسويءَ پنھنجي اڳواڻيءَ ۾، ’سامري‘ جا ھڪ سو عرب رهاڪو سنڌ ۾ وٺي آيو، جيڪي پوءِ سومرا سڏجڻ لڳا.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مختلف مؤرخن جا حوالا ڏيندي تحفة الڪرام جي حاشيي ۾ لکي ٿو: ”هيءَ قوم، اصل عرب قوم آھي، جا حجاج بن يوسف جي دؤر ۾، سنڌ جي فتح ٿيڻ وقت، عراق جي ’سامره‘ (سرمن راءِ) شھر مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهي. پھرين کين، ’سامري‘ سڏيو ويندو ھو، جو پوءِ بگڙي سومرا ٿي پيو.“ (قانع، 1989ع، ص: 92)

’تاريخ سنڌ‘ جو مصنف عبدالغني عبدالله لکي ٿو: ”بني تميم (عربن جو قبيلو) جڏهن عيسوي ڏهين صديءَ ۾ خليفي مامون عباسيءَ جي خلافت وقت سامرہ شھر مان لڏي سنڌ ۾ ٿي آيو، تڏهن اتان ساڻن ٻي ھڪڙي قوم بہ سنڌ ۾ لڏي آئي ھئي، جنھن پوءِ پاڻ کي، ’سومرا‘ سڏايو.“ (عبدالله، 1974ع، ص: 71)

تاريخ طاھريءَ جي مصنف، سومرن کي ھندو ڄاڻايو آھي. ان حوالي سان ايليئٽ، گجراتي تاريخن جي حوالن جي آڌار تي لکي ٿو تہ، سومرا راجپوت ھندو آھن. سومرن جون ريتون ۽ رسمون ڏيکارين ٿيون تہ سومرا عرب نہ ھئا. سومرا حاڪمن جا ٺيٺ نالا پڻ انهي راءِ جي تائيد ڪن ٿا تہ ھي ماڻهو جيڪڏهن عرب ھجن ھا تہ سندن نالا بہ ضرور عربي ھجن ھا.

رحيمداد مولائي شيدائيءَ، سومرن کي، ’سورج بنسي‘ خاندان مان، ’پرمار راجپوت‘ ڄاڻايو آھي، تہ نارائڻ وشنجي کين، ھندن جي ٻي نُک، ’چندر ونشي‘ مان ٻڌائي ٿو. تاريخ ريگستان جو مصنف، رائچند ھريجن لکي ٿو: ”سومرا اصل چندر ونشي ھئا، ڇاڪاڻ جو سوم ۽ سُوم اِھي ٻئي لفظ چندرما جا پرماڻ آھن.“ (هريجن، 1988ع، ص: 61)

رائچند اڳتي لکي ٿو تہ، سومرا پاڻ کي عرب جاتيءَ جا قريشي سمجهن ٿا. ان جو ڪارڻ ھي آھي تہ، عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد ڪيترائي قريشي سنڌ ۾ آيا، تہ ان وقت ڪيترائي سومرا مسلمان ٿيا. سومرن جي مسلمان ٿيڻ ڪري، انهن جو آيل مسلمانن سان پاڻ ۾ سڱابنديءَ جو رواج پيو ۽ پاڻ ۾ ملي ويا، جنھن ڪري ھو پاڻ کي عرب خاندان جو ليکڻ لڳا. ايم. ايڇ. پنهور، پنھنجي ڪتاب، ’An Illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh‘ ۾ لکيو آھي: ”سومرا اصل سنڌ واسي ۽ ھندو جاتيءَ جا ھئا. ھن ذات جي ڪجهہ طاقتور ماڻهن، عربن پاران سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، اسلام قبول ڪيو ھو. مسلمان ٿيڻ بعد بہ ھي پنھنجا پراڻا ھندڪا نالا رکندا ھئا ۽ پنھنجن پراڻين رسمن تي ھلندا ھئا. ھنن مڪاني عرب زميندارن سان ڏي وٺ جون شاديون ڪيون. اھڙيءَ ريت ھنن پنھنجو اثر رسوخ وڌايو ۽ طاقتور قوم طور اڀريا.“ (پھنور، 2003ع، ص: 23) يعني ’سومرا‘ اصل سنڌ جا رهاڪو آھن.

ڊاڪٽر بلوچ، ’تحفة الڪرام‘ جي حاشيي ۾ ابن بطوطہ جي ’سنڌ جي سفرنامي‘ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو: ”اسان سنڌو نديءَ جي رستي پنڌ ڪري، ٻن ڏينھن کان پوءِ، جناني شھر ۾ پھتاسون. ھي سنڌو نديءَ جي ڪپ تي ھڪ وڏو سھڻو شھر آھي. ھن جون بازاريون وڻندڙ آھن. اتي جي رهاڪن کي، ’سامره‘ سڏيو وڃي ٿو، ھو قديم زماني کان رهندا اچن ٿا.“ (قانع، 1989ع، ص: 92)

جڏهن غزنوي سلطنت ڪمزور ٿيڻ لڳي، تہ سلطان عبدالرشيد بن سلطان محمود غزنويءَ جي زماني (441ھ-444ھ) ۾ سومرن سنڌ تي پنھنجو راڄ قائم ڪيو. عام طور تي اھو مڃيو ويندو آھي تہ، سومرن، سنڌ تي 1050ع کان 1350ع تائين حڪومت ڪئي، پر ايم ايڇ پھنور، پنھنجي کوجنا جي آڌار تي سومرن جي صاحبيءَ جو عرصو 1011ع کان 1351ع مقرر ڪندي لکي ٿو: ”سنڌ ۾ سومرن 1011ع ۾، ھيارين کان بادشاھي کسي ۽ ڪنھن ھڪ اڌ واقعي کي ڇڏي باقي وقت بنا ڪنھن مداخلت جي آزاديءَ سان راڄ ڪيائون.“ (پھنور، 2012ع، ص: 33)

سومرن جي حڪومت دؤران مختلف وقتن ۾ سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ (تخت گاھ) بدلجندو رهيو. منصورہ، برهمڻ آباد، ٺري، امرڪوٽ، وڳھ ڪوٽ، مھاتم تُور يا محمد طوُر ۽ ٺٽي جي شھرن کي تخت گاھ جي حيثيت حاصل رهي.

سومرن جي دؤر ۾، سنڌ تي ڪيترن ئي ڌارين قومن ڪاھون ڪيون، ڪن حملي آورن سنڌ جي ھڪ ٻين شھرن تي قبضو پڻ ڪيو، پر سومرا حاڪمن ڪجهہ وقت کان پوءِ، ٻيهر پنھنجا شھر آزاد ڪرايا.

سومرن جي صاحبيءَ ۾، وڻج واپار جي شعبي وڏي ترقي ڪئي، سنڌ جا سوداگر، دنيا جي ڏوراھن ڏيهن تائين سفر ڪندا ھئا. ايم. ايڇ. پنهور، پنھنجي ڪتاب، ’تصوير سنڌ‘ ۾ لکي ٿو: ”سنڌ مان ڏکڻ ايشيائي رياستن سوڌو، ٻين ملڪن ڏانھن عام طور ھي وکر ويندا ھئا: ڇيٽ، اُٺَ، گيھ، ريڍي پشم، ٻاڪري ۽ اوٺي ڏاس، ريشمي ڪپڙو، عاج ۽ ٽالهيءَ جون ڌاتو جڙيل شيون، جنڊي لٿل لاک، پالڪيون، ڳائو، ماھيو، ريڍو ۽ ٻاڪرو چمڙو، چمڙي مان ٺھيل شيون، سوٽي ڪپڙو، ڪاٺ جو فرنيچر، ھِرک (ارڙهين صديءَ ۾ سٺو ڪپڙو ۽ ويھين صديءَ ۾ ھلڪو ڪپڙو)، کنڊ، فراسيون، ڪوهستان مان سرمون، ھنري مصنوعات، نِير، آريٺا، آفيم ۽ زرعي جنسون جھڙوڪ: ڪڻڪ، چانور، تيلي ٻج، مٽر، چڻا، جَوَ، جوئر ۽ ٻاجهري.“ (پنھور، 2012ع، ص: 148-149)

سنڌ جي ماڻهن، عربن جي ڊگهي غلاميءَ کان پوءِ، سومرن جي حڪومت ۾ سُک جو ساھ کنيو، ڇاڪاڻ تہ سومرا، سنڌ جا مقامي حاڪم ھئا، تنھن ڪري انهن سنڌ جي آبپاشي ۽ ٻين انتظامي مامرن ۾ ڪيترائي سُڌارا آندا.

سومرن جي دؤر ۾، سنڌي ٻولي ۽ ادب پڻ ترقي ڪئي، جنھن بابت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو: ”سومرن جي دؤر ۾ عربيءَ ۽ سنڌيءَ جو ڪنھن حد تائين ساڳيو اڳيون عرب دؤر وارو لاڳاپو ۽ رشتو قائم رهيو. عربي، انتظامي ۽ تعليمي زبان رهي پر سنڌي جي اھميت وڌي. ڇاڪاڻ جو جيئن پوءِ تيئن مقامي باشندن ۽ مقامي حڪمرانن (سومرن) جي مادري ٻولي (سنڌي) وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪئي. ٻيو تہ سومرن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ وڌيڪ مؤثر سماجي ۽ سياسي اسباب پيدا ٿيا. سومرن جو عروج، سنڌ جي مقامي اسلامي سماج ۽ مقامي سياسي طاقت جو عروج ھو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ تعمير لاءِ پڻ مکيه ڪارڻ بنيو.“ (بلوچ، 1999ع، ص: 119)

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب: ”مجموعي طور سومرن جو دؤر انتظامي حوالي سان ھڪ بھترين دؤر رهيو. انصاف، عدل، معاشي خوشحالي ۽ وطن جي حفاظت لاءِ سندن انتظام ۽ سچائي اھميت رکي ٿي. ھنن پنھنجي دؤر حڪومت ۾ سنڌ جي سرحدن کي وسعت ڏني. پرامن ۽ جمهوري انداز حڪومت سبب گهڻو وقت راڄ ڪري سگهيا.“ (سنڌيانا، 2015ع، ص: 348)

سومرا نج سنڌي قبيلو آھي، سومرن مان تاريخي سورما پيدا ٿيا آھن. جھڙوڪ: دودو سومرو شھيد (سومرا دؤر)، شھيد الله بخش سومرو (انگريز دؤر) سومرا خاندان جا ماڻهو ڪيترن ڌنڌن ۽ ڪِرتن سان وابستہ رهيا، ان ڪري اُھي ڊکڻ، رنگريز، کٽي وغيرہ سڏيا ويا. شاھ لطيف

سُر مارئيءَ ۾ سومرا ذات جو ذڪر ھن طرح ڪيو آھي:

واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جي ھِتِ مُياسِ،

گورَ منهنجي سُومرا! ڪِجِ پَنهُوارَنِ پاسِ،

ڏِجِ ڏاڏڻي ڏيھ جي، مَنجهان وَلَڙينِ واسِ،

مُيائِي جِياسِ، جي وَڃي مَڙھ مَلِيرَ ڏي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 6، بيت 12، ص: 581)

پَٽُ نَه پَرَهِيان، سُومَرا! جانڪيِتان جِيان،

آئُون ڪيئن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏينھان،

جانسِين ٿِي جِيان، ڪانڌُ نہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 7، ص: 567)