آگم ڪيو اچن...

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ انساني نفسياتي ڪيفيتون

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ انساني نفسياتي ڪيفيتون

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ انساني نفسياتي ڪيفيتن جو جامع تحقيقي جائزو، مثالن ۽ حوالن سميت.


ادب جي نفسياتي تنقيد جو مقصد تخليقي عمل ۽ تخليقڪار جي ذھني لاڙن جي پروڙ ڪرڻ آھي. نفسيات ۾ ادب جو محرڪ لاشعور ھوندو آھي، تنھن ڪري ادب جي تخليق دوران لاشعور جي اٿل پٿل ٿيندي آھي. اديب پنھنجي جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي اٿل پٿل کي اظھار ڏيڻ لاءِ، علامتن ۽ ڪردارن کي جوڙيندو آھي، يا اڳ ۾ موجود ڪردارن کي ڪتب آڻيندو آھي، جيڪي سندس لاشعور کي شعور جي صورت ۾ پيش ڪندا آھن.

ادب جي نفسياتي ڇيد يا psycho analysis جو رواج خود دنيا جي بهترين ماھر نفسيات سگمنڊ فرائڊ جو وڌل آھي، جنھن شيڪسپيئر جي ڊارمن جو ڇيد ڪندي، شيڪسپيئر جي پنھنجي نفسياتي ڪيفيتن تي روشني وڌي. ڊرامي جوليس سيزر جو ڇيد ڪندي، بروٽس جو نفسياتي جائزو ورتو. ميڪبيٿ مان ليڊي ميڪبيٿ جي ٻہ رخي شخصيت تي روشني وڌي ۽ ائين خود شيڪسپيئر جي انساني نفسيات کي ويجهي کان پرکڻ وارو نتيجو ڪڍيو. ادب جي نفيسياتي پرک جي ان معيار تي شاھ لطيف کي پڻ پرکي سگهجي ٿو.

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ نفسياتي نُڪتا:

سگمنڊ فرائڊ من ڇيد جا جيڪي معيار مقرر ڪيا، ان مطابق اھو رواج پئجي ويو تہ ڪڏهن تحرير جي ڪردارن جي نفسياتي ڇنڊڇاڻ ذريعي، خود تخليقڪار جي پنھنجي نفسيات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تہ ڪڏهن وري تخليقڪار جي زندگيءَ جي واقعن ۽ وارداتن مان سندس ڪردارن جي نفسياتي ڪيفيتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ٿي.

شاھ لطيف ھڪ اھڙو جينئس ھو، جنھن عام طور انسانن ۽ خاص طور عورت جي نفسيات جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو ھو، بلڪھ انهن جي ڪرداري خوبين ۽ خامين جو مشاھدو ڪيو ھئائين ۽ منجھن بي لوث ۽ بي غرض محبت جو عنصر ڏٺو ھئائين، پر سنڌ ۾ مروج لوڪ قصن جي ڪردارن ۾ ڪي اھڙا گڻ نظر نہ آيس، ان ڪري ھن، انهن کي ٻيهر تخليق يا Re-create ڪيو ۽ پنھنجي تصور موجب قالب ۾ آندو. ان ڪري سندس ڪھاڻين جا ڪردار، اصل ڪھاڻين جي ڪردارن کان مختلف ۽ مڪمل نظر اچن ٿا، ائين ڪرڻ لاءِ ھن پنھنجا ڪيئي تجربا ۽ مشاھدا شامل ڪيا ھوندا. ان ڪري چئي سگهي ٿو تہ شاھ جي رسالي جي ذريعي، سندس ڪردارن جي نفيساتي ڇنڊڇاڻ سان، خود شاھ لطيف جي پنھنجي ذھني ڪيفيتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. گڏوگڏ سندس دؤر ۾ سنڌي سماج جي مجموعي وهنوار کي بہ پڌرو ڪري، عام ماڻهن جي نفيسات کي سمجهي سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو:”لطيف سائينءَ جي ڪلام کي سنڌو ماٿر جي عام ماڻهن جي ’فطرت جو اڀياس‘ سڏڻ ۾ ڪوبہ وڌاءُ ڪونہ ٿيندو. سندس رسالي جي ھر سُر ۾ انسانذات جي نفسياتي فطرت ۽ ڪيفيتن جو اڀياس، مختلف روپن ۾، علامتن، تمثيلن ۽ استعارن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.“ (الانا، 2014ع، ص:78)

سسئي:

وجوديت انسان جي چونڊ واري اختيار ۽ عمل جي دلالت ڪري ٿي، جنھن ذريعي انسان پنھنجي وجود کي ڪنھن مقصد ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. سسئيءَ جو ڪردار جيتوڻيڪ پنھنجي حق جي حاصلات لاءِ لاڀائتي جدوجھد لاءِ اُتساھي ٿو، جنھن لاءِ ھوءَ درپيش ڏکيائين جي ڪابہ پرواھ نٿي ڪري، معنيٰ نفسياتي طور ھر لمحي، ھوءَ پنھنجي اندر جي خاليپڻي کي ڀرڻ لاءِ حياتيءَ جو جوکم کڻي ٿي، جيتوڻيڪ کيس اھو احساس بہ آھي تہ: کانئس رشتن ناتن جي سڃاڻپ ۾ ڀُل ٿي آھي، پر سندس ارادي ۽ جذبي ۾ گهٽتائي نٿي اچي. سسئيءَ جي من ۾ پيدا ٿيندڙ مختلف ڪيفيتن ۽ احساسن کي شاھ لطيف، ھڪ دردمند انسان جي حيثيت ۾ محسوس ڪيو ۽ سندن نفسياتي ڪيفيتن کي بہ پروڙيو ۽ اظھاريو آھي ۽ اھو نتيجو ڪڍيو آھي، تہ انسان بنيادي طرح سان ڄڻ تہ پنھنجي وجود جي ئي تلاش ۾ آھي، جي ھو پاڻ سڃاڻي وٺي تہ سندس سڀ سور ختم ٿي وڃن پاڻ ئي پنھنجو مقصود ٿي وڃي.

جان پيھي ڏِٺُمِ پاڻَ ۾، ڪَري روحَ رِهاڻِ،

تان نَه ڪو ڏُنگرُ ڏيههَ ۾ نَه ڪا ڪيچِيَنِ ڪاڻِ،

پُنهُون ٿِيَسِ پاڻ، سَسُئِي تان سُورَ ھئا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان ٽيون، بيت 7، ص:294)

سُهڻي:

شاھ لطيف، نفسياتي سطح تي سُهڻيءَ جي انا کي حقيقت جي اصولن پٽاندڙ ھٿي ڏئي ٿو، شاھ لطيف ڪٿي بہ سُهڻيءَ جي انا کي نہ اڀاريو آھي، جيتوڻيڪ سُهڻيءَ جي ڪيفيتن مان ان جو اُڀار بہ ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اھا ڪنھن غيرفطري عمل جو نانءُ نہ آھي. نفسياتي اصطلاح موجب، اڊ (جِبلتي محرڪ) انساني ذھن جي اُھا قوت آھي، جيڪا فرد جي جنسي ھيجاني ۽ جبلي قوتن جو محرڪ آھي، جنھن جو تعلق مڪمل طور تي لاشعور سان ھوندو آھي ۽ انساني ذھن کي لطف جي قانون ھيٺ متحرڪ رکندي آھي، جڏهن تہ انا حقيقت جي اصول تي ڪم ڪندي آھي. اھو انا جو ڪم ھوندو آھي تہ: موقعي جي مناسبت سان جبلتي خواھش جي تڪميل ڪري. حقيقت ۾ ڏسجي تہ سُهڻيءَ جي ڪردار ۾ انا ۽ جبلت جو متوازن عنصر آھي ۽ انساني آزاديءَ جي سطح تي، اھو سُهڻيءَ جو حق ھو، تہ ھوءَ پنھنجي مرضيءَ جي خلاف ۽ مٿس مڙهيل فرد جي خلاف بغاوت ڪري ۽ سماج جي رائج منفي قدرن ۽ اصولن کي قبول نہ ڪري، پر ھوءَ شعور جي سطح تي اھڙي عمل کي قدرت جو لکيو سمجهي ٿي.

شاھ لطيف سندس من ۾ اٿندڙ طوفاني لھرن کي چڱيءَ پر پروڙي فرمائي ٿو:

ڪيرَ ڪُنَ، آئون ڪيرَ؟ ڪير ڏَمَرَ سَھٖي ڏمَ جا،

قَضا رِيءَ ڪيرَ ڌَري، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ،

ڀَينَرُ! ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو تٖي ٿِي لوڙِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان پنجون، بيت 18، ص:246)

شاھ لطيف نفسياتي سطح تي سُهڻيءَ جي ڪردار کي تخيل ۽ حقيقت جي امتزاج سان چِٽيو آھي، اھو ئي سبب آھي جو، اھو انفرادي/ذاتي بغاوت يا احتجاج جو مثالي سماجي قدر بڻجي ويو. سماجي سطح تي فن ۽ فڪر جي اھا وڏي حاصلات آھي، جنھن جو سھرو شاھ لطيف جي سِر تي ئي سونھي ٿو.

تَڙِ تَڪَڻِ، تارِ گهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِيَنِ ڪَمُ،

ڏَهَه ڏَهَه ڀيرا ڏينھن ۾، ڏي ڏوراپا ڏمُ،

عَقَلُ، مَتِ، شَرَمُ، ٽيئِي نِينهن نِهوڙِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٽيون، بيت 1، ص:229)

مارئي:

نفسياتي حوالي سان شاھ لطيف پنھنجي سورمي، مارئيءَ جي ڪردار نگاري بہ مثالي ڪئي آھي. مارئيءَ جي ڪردار جي اھم خصوصيت بہ اُھاآھي، تہ مارئي ڊپ ۽ لالچ کي نہ ليکيو، پنھنجي وجودي اختيار تان ڪنھن بہ ريت ھٿ نہ کنيو ۽ پنھنجي حياتيءَ ۾ سرخرو ٿي.

شاھ لطيف، مارئيءَ جي وجودي سچائي ۽ ھن جي پنھنجي مسڪين ماروئڙن سان اڻ جهل اُنسيت کي بيحد فنائتي نموني ظاھر ڪيو آھي، جنھن مان مارئيءَ جو وجود سراپا احتجاج ۽ پنھنجي مٽي ۽ پنھنجي ماروئڙن سان محبت جو لازوال اھڃاڻ بڻجي وڃي ٿو. شاھ لطيف فرمائي ٿو:

جي لُوڻُ لِڱيٖن لائِييٖن، چِيري چِيري چَمُ،

مُون ڪُرَ اَڳِ نَه ڪِيو، اِھَڙو ڪوجھو ڪمُ،

جان جان دَعويٰ دَمُ، تان تان پِرِتِ پَھُنوارَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقه، بيت 17، ص:607)

مارئيءَ جي اھڙي ڪيفيت، سندس اندر جي بي پناھ اڪيلائي (Isolation) کي ظاھر ڪري ٿي، پر تڏهن بہ شاھ لطيف ڪٿي بہ سندس ارادي جي لرزش، جسماني توڙي روحاني ڪمزوريءَ جو ذڪر نہ ڪيو آھي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وجودي ڀڃ ڊاھ واري ڪيفيت ۾، مارئيءَ جي مَن ۾ ھڪ تہ پنھنجي ماروئڙن جي اُڪير اڀري اچي ٿي ۽ ٻيو ھن جو پختو ويساھ آھي تہ: جبر جو ڪوٽ ضرور ٽٽندو ۽ ھوءَ سرخرو ٿي پنھنجي ماروئڙن سان ملندي. ھو پاڻ کي نفسياتي طرح پنھنجن مارن سان سلهاڙي ۽ سڃاڻي ٿي. شاھ لطيف سندس انهيءَ جذبي ۽ ارادي کي ھن ريت ظاھر ڪيو آھي.

جيٖها جي تيٖها، مُون مارُو مَڃِيا،

مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونڊِنِ موڪَ ميها،

منهنجي آھه اِھا، ڪَڏِهن ڪيرائيندي ڪوٽَ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقه، بيت 9، ص:606)

ليلا:

شاھ لطيف، ليلا جي ڪردار کي پڻ منطقي طور تي ارتقائي ڏاڪن مان گذاريو آھي. قصي جي روايتن موجب ابتدا ۾ ليلا کي پنھنجي حيثيت، رتبي، حُسن، ناز انداز، عقل ۽ ڏاھپ تي تمام گهڻو مانُ ھو. ليلا ھڪ ڏاھي ۽ عقل واري عورت ھئي. ھوءَ پنھنجي وَرَ چنيسر جي دادلي ھئي ۽ چنيسر جي چاھت تي ھن کي يقين ھو، پر اڳتي ھلي ھن جو من ھار کي ڏسي ھرکجي وڃي ٿو ۽ ھوءَ ھار جي عيوض پنھنجو مڙس ھڪ رات لاءِ ڪونئرو کي ڏئي ٿي. جڏهن ھار تي وڪڻڻ جي حقيقت کان چنيسر واقف ٿئي ٿو تہ ليلا ھن جي دل تان لهي وڃي ٿي. اھڙي غلطي ڪرڻ سبب ليلا نفسياتي طور تي احساس ندامت، پڇتاءٌ ۽ داخلي مونجهارن جو شڪار ٿي وڃي ٿي.

ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، پيٖيَمِ ڪانہ پَرُوڙَ،

مَڻِيي سَندي مامِري، ڪوجھي وِڌِيَسِ ڪُوڙَ،

سامُهان ٿِيَمِ سُورَ، وِيو وِلُٽِي وَلَهو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٻيو، بيت 9، ص:504)

ليلا جي ڪردار جو جيڪڏهن نفسياتي ڇيد ڪيو وڃي تہ سندس شخصيت ۾ ڳھ ڳٺن ۽ ھار سينگار سان دلچسپي جي شدت موجود آھي. ھي ڪردار خاص طور تي عورت ذات جي ھار سينگار سان لاڳاپيل خواھش کي ظاھر ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سماجي حوالي سان ليلا مٿاھين طبقي جي عورت ھئي، ھوءَ وقت جي حڪمران چنيسر جي پٽَ راڻي آھي. تنھن ڪري وٽس اھڙا ھار اڳيئي موجود ھئا پر ڪوئنروءَ جو ھار ڏسي ھوءَ ھرکجي وڃي ٿي ۽ ھن جي من ۾ ھڪ ٻيو ھار حاصل ڪرڻ لاءِ لالچ جو جذبو جاڳي پوي ٿو. انهيءَ لالچ جي جذبي ھيٺ ھوءَ ھار جي بدلي پنھنجي مڙس جو سودو ڪري ٿي.

>ليلا توڙي جو ھڪ عورت ھئي پر ھن سُر ۾ شاھ لطيف، ليلا جي ڪردار وسيلي عورت توڙي مرد ٻنهي جي نفسيات ڏانھن اشارو ڪيو آھي، جنھن ۾ ھو پاڻ کي توڙي پاڻ سان لاڳاپيل رشتن کي سڃاڻڻ ۾ ناڪام ٿيندا آھن پر پوءِ جلد ئي انهن م اھا ساڃاھ يا سڃاڻڻ جو عمل پيدا ٿئي ٿو ۽ ھو پڇتائيندا آھن. اھو سڃاڻڻ اھم آھي. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ليلا جي پنھنجو پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ محبوب رشتي کي سڃاڻڻ جو عمل طاھر ڪيو آھي، ان ڪري سندس ليلائڻ، پڇتائڻ جو احوال پنھنجي شاعري ۾ ھن ريت ڏنو آھي:

جيٖ مُون مُوڙهِي مَتِ، تہ تُون پاڻُ سُڃاڻجِ سُپِرِين،

اصلِ اَواِينِ جا، عَيبَ ڍَڪِيين تُون اَتِ،

اِيءَ، پَرِ تنھنجي پَتِ، جيئن وِلھيُون ڍَڪِيين، وَلھا!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٽيون، بيت 7، ص:508)

مومل:

مومل جي ڪردار جو نفسياتي ڇيد ڪيو وڃي تہ ھن کي پھريان پنھنجي حسن ۽ حرفت تي ناز ھو، قصي جي روايتن موجب مومل عقل، ڏاھپ، ھار سينگار ۽ پنھنجي ظاھري ٺاھ ٺوهه ذريعي ڪاڪ محل ۾ ڪيترائي ماڻهو مارايا.

گُجَرِ کي گَجَميٖلَ جُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون،

ھَڻي حاڪِمِيَنِ کي، زورَ ڀَرِيُون زَبَرُون،

ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏيهِيَنِ جُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٻيو، بيت 2، ص:520)

ڪنھن بہ شخصيت بابت فرائيڊ جي تحليل نفسي جي نظريي کي سامھون رکندي، جيڪڏهن مومل جي ڪردار جو تجزيو ڪيو وڃي تہ ھوءَ شروعات ۾ نرگسيت ۽ پنھنجي ذات جي خودفريبي ۾ ورتل نظر اچي ٿي.

ڊاڪٽر سليم اختر پنھنجي ڪتاب، ’تین بڑے نفسیاتدان‘ ۾ لکي ٿو:”نرگسیت اس لحاظ سے بہت اہم ہے کہ فرد کا لبیڈو اپنی انا پرمرکوز ہوکر اپنی ہی ذات میں گم ہوجاتا ہے یہ خود پرستی اسے اپنی ذات کا عاشق بنادیتی ہے یوں فرددیوانہ وار اپنا ہی عاشق بن کر اور اپنے نفس کو آئینہ بناکراس میں اپنے جلووہ سے محفوظ ہوتا رہتا ہے" (اختر،سلیم ،2006 ء،ص:83)

راڻي جي رُسي وڃڻ کان پوءِ مومل جو ڪردار ھڪ نئون موڙ وٺي ٿو ۽ ھن جي ڪردار ۾ وجودي بحران پيدا ٿئي ٿو. ھوءَ ھر وقت پڇتاءُ جي ڪيفيت مان گذري ٿي ۽ سندس وجود راڻي جي ياد ۽ فراق ۾ سڙي ٿو. نيٺ سندس ناز ۽ البيلايون ختم ٿين ٿيون ۽ پنھنجو وجود وڃائي پاڻ بدران راڻي جي عاشق ٿئي ٿي. شاھ لطيف مومل جي ڪيفيت بيان ڪندي لکي ٿو:

ڪيڏانھن ڪاھِيان ڪَرَهو، چَؤڏِسِ چِٽاڻو،

منجھهِين ڪاڪِ ڪَڪورِي، منجھهِين لُڊاڻو،

راڻو ۽ راڻو، رِيءَ راڻٖي ٻيو ناھِه ڪو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان نائون، بيت 6، ص:552)

مومل درد جي مختلف مرحلن مان گذري ٿي. راڻي جو مومل کان غلط فھمي سبب رُسڻ مومل کي مسلسل ذھني اضطراب ڏانھن ڌڪي ٿو، جيڪو سندس وجود وڃائڻ سان ئي ختم ٿئي ٿو.

نوري:

نفسياتي حوالي سان شاھ لطيف، نوري جي ڪردار کي نهٺائي، نوڙت ۽ نماڻائي سان گڏ عزت نفس جي علامت ڪري پيش ڪيو آھي. ھوءَ ھڪ اعليٰ گڻن واري مهاڻي ڇوڪري آھي. ھن جي ڪردار جي اھا خوبي آھي تہ وقت جو حاڪم، جڏهن سندس سونھن ۽ سيرت کان متاثر ٿي پنھنجي پٽ راڻي بڻائي ٿو. ھن جي ذات ۾ ڪٿي بہ ھٺ، وڏائي يا تڪبر پيدا نٿو ٿئي. نوريءَ جي نماڻائي ۽ عاجزيءَ پٺيان اھو نفسياتي محرڪ آھي تہ ھوءَ بنيادي طور تي سماج جي ھيٺاھين طبقي جي ڇوڪري ھئي.

نوريءَ جي ڪردار جو نفسياتي ڇيد ڪرڻ سان اھو نتيجو نڪري ٿو تہ غريب ۽ ڏُتڙيل طبقي مان ھوندي بہ منجهس پنھنجي حُسن، محبت ۽ ڪردار تي اعتماد آھي، جو ھوءَ بادشاھي محل ۾ بہ ٻين راڻين جيان پنھنجي ور کي راضي رکڻ لاءِ اجائي ٺاھ ٺوھ، ھار سينگار ۽ ڏيکاءٌ کان پاسو ڪري ٿي.

ڊاڪٽر فھميدہ حسين پنھنجي ڪتاب، ’شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ ۾ لکي ٿي:”نوري عورت جو مان رکيو، پاڻ وڻائڻ لاءِ ڪابہ ڪوشش ڪانہ ڪيائين. مرڳو پنھنجو اباڻو وڳو اوڍي ويھي رهي. ھڪ تہ ھوءَ انهن شاھي ادابن کان اڻواقف ھئي، ٻيو تہ انهن وڏ گھراڻين وانگر تربيت ٿيل ڪانہ ھيس، جيڪي شاھي خاندان جي مردن جي عادتن مان واقف ھونديون. اھي عورتن جي ناز انداز ۽ نخرن يا سورنھن سينگارن تي ريجهي پوندا ھوندا، پر نوري تہ پنھنجي ماحول ۾ اھي مقابلا ڪونہ ڏٺا ھوندا ۽ اھا ڳالهہ نہ آئيڙي ھوندس تہ ڪو ٻين راڻين وانگر ويس وڳا پائي، ھار سينگار ڪري ويھان. ڪجهہ احساس خودداري، ڪجهہ پنھنجو پاڻ تي ۽ پنھنجي سونھن تي اعتماد (جيڪو) تماچيءَ ھن سان شادي ڪري ھن کي ڏنو ھوندو.“ (فھميدہ حسين، 1993ع، ص:351)

کوءِ سَمِيُون! ٻَن سُومَرِيُون! جي اَچَنِ اُونچي ڳَاٽِ،

وَرُ سي ڪينجُھرَ ڄائِيُون، جَنِ تَماچِيَ جِي تاتِ،

راڻِنِ مُلا راتِ، ماڻِڪُ مٖي پِرائِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 26، ص:625)

اجتماعي لاشعور جي نظريي جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن نوريءَ جي ڪردار جو اڀياس ڪيو وڃي تہ نوريءَ جو تعلق محڪوم پورهيت طبقي سان ھو. انڪري سندن مزاج ۾ نوڙت ۽ نهٺائي فطري ۽ لاشعوري طور موجود آھي.

کاڄُ جنينِ جو کِکِيُون، مالَ جنِين جا مَڏَ،

سَمي سيئِي سيڻَ ڪِيا، ھيڻَ جنِين جا ھَڏَ،

ڄامَ! پَرِتيَئيءِ لَڏَ، سَانگِيَنِ جِي، سَيدُ چي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 9، ص:621)

نوري مختلف وقتن تي تماچيءَ جي محبت وڃائڻ جي خوف ۾ مبتلا رهي ٿي. نوري ان غير يقيني جي ڪيفيت ۾ رهي ٿي تہ ڪٿي راجا گهٽ ذات جي ڪري کيس ڌڪاري نہ ڇڏي. شاھ لطيف پنھنجي شاعري ۾، نوري جي زباني ان خوف کي مختلف جاين تي بيان ڪيو آھي:

تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آئُون مُهاڻِي مٖي،

مُون ڏُهاڳُ مَ ڏيٖ، آئُون جا نالي سُيَسِ تنھنجي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 6، ص:621)

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ محبت / عشق جو نفسياتي اڀياس:

شاھ لطيف جا شارح سندس ڪلام جي ٻن رُخن سان تشريح ڪن ٿا. ھڪ روحاني ۽ ٻيو دنياوي. ان حوالي سان عشق جا بہ ٻہ قسم بيان ڪندا ھان، ھڪ حقيقي محبوب سان عشق تہ ٻيو مجازي محبوب سان عشق، جيڪو ھڪ انسان کي ٻئي انسان سان ٿيندو آھي. ان حوالي سان ڪلام جي ڪردارن جي محبت يا عشق بابت نفسياتي ڇيد ڪري سگهجي ٿو.

شاھ لطيف جي شاعريءَ جا سمورا ڪردار محبت جا ڳولائو آھن، انهن ڪردارن جي وجود جو محور محبت کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ آھي. خاص ڪري سُهڻي، سسئي ۽ مومل جي محبت ان جو ثبوت آھي.

شاھ لطيف جي سورمي سُهڻيءَ کي تہ محبت ۽ عشق کان سواءِ، ٻي ڪنھن ڳالهہ جي ڄڻ تہ خبر ئي ڪانھي، ھوءَ محبت کي پنھنجو رهبر ۽ رهنما سمجهي ٿي. سُهڻيءَ جي محبت جي بحر جو ڪوبہ انت نہ آھي. مروج سماجي قدرن ۾ جڪڙيل، انسان لاءِ، سُهڻيءَ جي محبت کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ ناممڪن آھي، اُن لاءِ شاھ لطيف جي دل ۽ نظر جي ضرورت آھي.

شاھ لطيف بہ اھڙي مرحلي مان گذريو ھو، جڏهن مرزا بيگ کيس سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھو ۽ ھو جهنگ منهن ڪري ھليو ويو ھو. شاھ لطيف، سُهڻيءَ جي محبت کي نہ رڳو قبوليو آھي، پر اُن ۾ روح ۽ جسم جي محدود معنويت کي اظھار جي اھڙي وسعت ڏني آھي، جنھن سُهڻيءَ جي ڪردار کي، سماج ۾ امرتا بخشي ڇڏي. تخليقڪار جي لاشعور جي ايڏي زوردار اُٿل جي پسمنظر ۾، ڪھڙا محرڪات آھن ۽ ضرور ھوندا به، پر انهن تائين رسائي اڃا تائين شاھ لطيف جي پارکن لاءِ ممڪن ٿي نہ سگهي آھي.

سياريٖ سِهَه راتِ ۾، جا گهڙيٖ وَسَنديٖ مينھن،

ھَلو تہ پُڇُون سُوهَڻِي، جا ڪَرَ ڄاڻٖي نينهن،

جنھن کي راتو ڏينھن، مِيهار ئِي مَنَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٽيون، بيت 16، ص:233)

شاھ لطيف جي سورمي، سسئيءَ تہ پنھنجي وَر پنهل لاءِ پنھنجي اندر ۾ جيڪا محبت جي اُڃ محسوس ڪئي، ان جي شدت کي سمجهڻ شاھ لطيف جو ئي مَرڪُ آھي، جنھن لاءِ چئي ٿو:

مُحَبَتَ جنِ جي مَنَ ۾، تنِ تَشنَگِي تارِ،

پِي پِيالو اُڃَ جو، اُڃَ سين اُڃَ اُٿِيارِ،

پُنهُون پاڻَ پِيارِ، تہ اُڃَ سين اُڃَ اُجهائِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پھريون، بيت 5، ص:284)

شاھ لطيف جي مَن-مُهڻي سورمي مومل کي تہ مجاز جا اکين ۾ الماس ھئا، عشق جو ڪان ڪپار ۾ ھئس.

مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکين ۾ اَلماسَ،

نَه ڪا عامَ نہ خاصَ، جي وِيا سي وَڍِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٻيو، بيت 4، ص:520)

عشق جي راھ تي جيڪو ھلندو، ان جو اندر وڍجي ويندو:

گُجَرِ گهڻا گھائِيا، پاڻان لَڳُسِ گھاءُ،

مينڌري مُلاءُ، لَڳُس ڪانُ ڪَپارَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٽيون، بيت 9، ص:527)

شاھ لطيف وٽ انساني ذھن ۽ روح جي ھر ڪيفيت، پيڙا، انتظار، وڇوڙي، درد، اُڪير جو محور فقط ئي فقط محبت آھي، جنھن کي سڪ، پريت، نينهن، عشق، پريتڻو جي لفظن سان اظھاريو آھي؛ ڪُلي طور ھُو عشق ۽ محبت جي راھ کي اوکو سمجهي ٿو، پر سندس ڪردار ان تي ثابت قدم رهن ٿا.

شاھ لطيف، محبت بابت ھن ريت بہ فرمائي ٿو:

مُحبَتَ جي ميدانَ ۾، اَچي پَيٖر پِيانِ،

سِر وَڍَڻُ، ڌَڙ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِيءُ سِينگار سَندانِ،

ڏِيندا مون ڏِٺانِ، مَٿا مَحبُوبَنِ لَئٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ڇھون، بيت 14، ص:117)

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ’پڇتاءَ‘ يا ’افسوس‘ جي ڪيفيت جو نفسياتي اڀياس:

نفسيات جي ماھرن جو خيال آھي تہ: انسان جي ذھن ۾، جيڪڏهن ڪا خواھش جنم وٺي ٿي، تہ اھو عين فطرت جي مطابق آھي، جنھن لاءِ انساني شعور ۾ ڪا دٻيل خواھش بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي، پر اُھا جيستائين لاشعور کان شعور جي سطح تائين نٿي پھچي، اُھا محروميءَ جي روپ ۾ لاشعور جي غفائن ۾ ڀٽڪندي، ساڻِي ٿي گُم ٿي وڃي ٿي، جنھن سان انفرادي لاشعور جو دٻاءُ وڌي وڃي ٿو ۽ انساني ڪيفيتن جو متوازن سلسلو برقرار نٿو رهي. اھڙيءَ حالت ۾ انسان جي داخلي توڙي خارجي دنيا نفسياتي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي. گهڻو ممڪن آھي تہ اُھا اڻپوري خواھش؛ ذھني پيڙا ۾ بدلجي ڪنھن نفسياتي بيماريءَ جي روپ ۾ ظاھر ٿي پوي، جيئن ھسٽريا وغيره، ۽ اُھو بہ ممڪن آھي تہ انهيءَ خواھش جي پورائيءَ لاءِ انساني ذھن، ڪنھن غلط ويچار کي ڪجهہ گهڙين لاءِ صحيح سمجهي، ان تي عمل ڪري، پنھنجي ذھني دٻاءَ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري. انساني ذھن جي اھڙي منفي ڪرت، عيب يا ڪاڻ مان لالچ ۽ ھٻڇ پيدا ٿيندي آھي، جنھن جو انت پڇتاءَ تي ٿيندو آھي.

شاھ لطيف جي ھڪ سورمي ’ليلان‘ اھڙي وارتا جو چٽو اھڃاڻ آھي.

ڏاھِي ھُيَسِ ڏيهَه ۾، سَرَتينِ مَنجهہ سُڄاڻِ،

ڪا جا پٖييَم ڪاڻِ، جِيئن مُنهن مٿَانهُون نہ کڻان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٻيو، بيت 5، ص:503)

انساني ذھن جي ھر عمل جو ڪونہ ڪو مقصد ضرور ھوندو آھي، اھو ظاھر ۽ لڪل ٻنهي صورتن ۾ انساني شعور ۾ موجود ھوندو آھي. انهيءَ عمل جي بنياد تي ڪيفيت جي مثبت ۽ منفي ھجڻ جو تعين ڪري سگهجي ٿو، پر ڪڏهن انفرادي شعور ۾ متل مانڌاڻ جي ڪري ڪيفيت، عمل جو تعين ڪندي آھي ۽ اھڙي ڪيفيت، شعور جي مڪمل ضابطي ۾ نہ اچي سگهندي آھي ۽ انسان گهڻي قدر ڪو گناھ، ڏوهه يا خطا ڪري وجھندو آھي، جنھن جو کيس ان وقت تہ احساس ڪونہ ٿيندو آھي، پر جڏهن سندس ذھن، لاشعور جي گهگهه اونداھي تهخاني مان نڪري، شعور جي روشن راھ تي ايندو آھي، تہ کيس پنھنجي انهيءَ عمل تي بيحد افسوس ٿيندو آھي. ’ليلا ‘ بہ پڇتاءَ جي حالت ۾ ذھني اذيت ڀوڳي ٿي.

شاھ لطيف، لِيلا جي انهيءَ افسوس واري ڪيفيت کي ھن ريت ظاھر ڪيو آھي:

مَڻِيُو وِجھان مَچَ ۾، ھائِيءَ ھَڻان ھارُ،

ڀِريٖ جي ڀَتارُ، تہ ميٖرِيائي مانُ لَهان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان پھريون، بيت 2، ص:498)

لِيلا جي پڇتاءَ واري ڪيفيت کي، شاھ لطيف گهڻن ئي بيتن ۾ ظاھر ڪيو آھي.

ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، پيَمِ ڪانہ پَرُوڙَ،

مَڻِيي سَندي مامِري، ڪوجھي وِڌِيَسِ ڪُوڙَ،

سامُهان ٿِيَمِ سُورَ، وِيو وِلُٽِي وَلَهو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٻيو، بيت 9، ص:504)

شاھ لطيف، ليلا جي مختلف ڪيفيتن جي پسمنظر ۾، انساني نفسياتي لحاظ کان ھٻڇ، ھٺ، خطا جي نتيجي ۾ اُڀري آيل پڇتاءَ ۽ افسوس جي نُڪتن کي اُڀاري انساني ڀاون سان گڏوگڏ پنھنجي صوفياڻي فڪر جي بنيادي نُڪتن کي اظھاري، ان نتيجي تي پھچي ٿو تہ: انسان کي پنھنجي تڪبر مان ھميشه خسارو پلئه پوي ٿو، تنھن ڪري ھُو انسان کي پنھنجي ھئڻ جي ھَٺَ ۽ انا مان آجو ڏسڻ جو آرزومند آھي.

ڪِي، پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪبَرَ ۾ پَئِي،

اَچِيو اَچِيو، اَگلِي، چَئٖي ليلان کي لوڪُ،

اَندَرُ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِيانئُسِ سوڪُ،

ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچارِيءَ وِسَرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٻيو، بيت 1، ص:502)

شاھ لطيف جي ڀنڀور واسي سورمي، سسئي ءَ سان پڻ غفلت ۽ پڇتاءَ جو مذڪور ڳنڍيل آھي. ھوءَ ڪيچ مڪران جي حاڪم آريءَ ڄام جي پٽن يعني پنھنجي ڏيرن جي نيت ۽ انهن جي مشڪوڪ چرپر ۽ ڳالھين کي نہ سمجهي سگهي ۽ پاڻ کي بي اُلڪو ڪري گهري ننڊ جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جنھن ڪري کيس پنھنجي محبوب وَر پنهونءَ جي جدائيءَ ۾ مصيبتن جا جبل جهاڳڻا پيا. شاھ لطيف، سسئيءَ جي پڇتاءَ کي ھن ريت بيان ڪيو آھي:

سَنجھي مُون نَه سَنڀالِيو، مارِيَسِ سُورَ صُبُوحِ،

نيڻَ ھيرايم نِنڊَ سين، جِتَنِ لَنگھي جُوءِ،

ھاڃو ڪَري ھُوءِ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي وِيا!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان چوٿون، بيت 10، ص:392)

انساني ڪيفيتن ۾ لاھا چاڙها اڻٽر آھن، شاھ لطيف، سسئيءَ جي ڪردار جي جزئيات جي جهڙيءَ ريت عڪاسي ڪئي آھي، اُھا وسيع اڀياس ۽ نفسياتي ڇيد جي گھرجائو آھي. ھتي فقط سسئيءَ جي انهن لمحن جو ذڪر مطلوب آھي، جن ۾ مٿس افسوس ۽ پڇتاءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل آھن.

شاھ لطيف، سندس افسوس واري ڪيفيت، ڪجهہ ھن ريت بہ ظاھر ڪئي آھي:

اَدِيُون! آئُون اَڄاڻِ، مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو،

ھُوندَ نہ سَٺِيَمِ ھيترِي، ڪوهِياريٖ جِي ڪاڻِ،

رَتِيءَ جِي رِهاڻِ، جِيءُ اَڙايُمِ جَتَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پنجون، بيت 19، ص:307)

سسئيءَ جي پڇتاءَ واري مٿئين نُڪتي جو اظھار، شاھ لطيف جي حقيقت نگاريءَ واري رويي کي ظاھر ڪري ٿو، معنيٰ ھُو پنھنجي سورمين توڙي سُورمن جي ڳُڻن جي ساراھ ۽ اوڳڻن جي نندا ڪري، اجتماعي طور تي انسان ذات جي اعليٰ ۽ مثالي ڪردارسازي ڪري ٿو.

شاھ لطيف جي حسين سورمي، ڪاڪ جي راڻي مومل کي ڏسجي ٿو تہ: ھُن بہ راڻي سان وصال جي بيقراريءَ ۾ ھڪ اھڙي خطا ڪئي، جنھن جي سزا اڄوڪي ھٿ ٺوڪئي جديد معاشري ۾ ڪن طبقن ۾ موت آھي، پر شاھ لطيف، راڻي مينڌري جي ڪردار جي بردباريءَ کي ظاھر ڪري، مومل کي خاموشيءَ جي مارَ ڏئي ھن کي شرمندو ڪري ڇڏيو.

سوڍا! صَبرُ تنھنجو، لَڄايَنِ مَرَڪُ،

نَه ڪُڇَڻَ سين نَڪُ، رِيءَ رُڪَ راڻٖي وَڍيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان اٺون، بيت 13، ص:548)

شاھ لطيف، مومل جي انتھائي حساس ڪيفيتن جي فطري وهڪري موجب، اظھار ڪري، نيٺ انهيءَ نُڪتي کي پھتو، جنھن کي قبولڻ لاءِ ڄڻ تہ مومل ذھني طور تيار نہ ھئي، ڇاڪاڻ تہ مومل جو سماجي شعور اڃا انفرادي نوعيت جو ھو، اُن ڪري ھوءَ فقط پنھنجو پاڻ کي ئي صحيح سمجهڻ جي ڀرم ۾ مبتلا ھئي. جڏهن سندس شعور سندس انفرادي لاشعور تي اثرانداز ٿيو، تہ پوءِ ھن تي راڻي جي ڪردار جي وڏائي ظاھر ٿي.

شاھ لطيف، مومل جي انهيءَ ندامت واري ڪيفيتن جو ھن ريت اظھار ڪيو آھي:

ڪِين ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيمِ جالَ،

سوڍا! مون کي ڪالَ، موٽِي مُنهن ۾ آئِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان اٺون، بيت 1، ص:546)

شاھ لطيف، سنڌ جي فڪري رهنمائيءَ ۾، ڪردارن جي نفسياتي رخن کي پنھنجي اجتماعي لاشعور سان پرکيو ۽ پروڙيو آھي. انهيءَ سماجي تناظر ۾ شاھ لطيف، مومل جي ڪردار جي نفسياتي لاھن چاڙهن کي ھموار ڪري، راڻي جي ڪردار جي عظمت کي اڀاريو ۽ ان کي سماجي جواز قرار ڏنو آھي، جنھن سان ھُن اجتماعي طور زندگيءَ جي ڪارج کي نئين معنويت عطا ڪئي آھي:

سوڍا! صبر تنھنجو، بي عَقُلَنِ عَقُلُ،

آھي اُنگُ اَمُلُ، ماٺِ تنھنجي مَينڌرا!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان اٺون، بيت 18، ص:549)

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ’خوف‘ جو نفسياتي اڀياس:

شاھ لطيف جو ڪلام انسان ذات جي فطرت جو شاھڪار نمونو آھي، جنھن ۾ داخلي ۽ خارجي سطحن تي انسان جي دل ۽ دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ انيڪ قسمن جي ڪيفيتن ۽ خيالن جا لازوال چٽ چٽيل آھن، جن جو انساني نفسيات سان گهرو سنٻنڌ آھي. مثال طور انسان ڪنھن صدمي يا ناڪاميابيءَ جي احساس ھيٺ ھڪدم اُداس ٿي ويندو آھي ۽ مٿس نراسائي حاوي ٿي ويندي آھي، ساڳيءَ ريت انسان ڪنھن نقصان جي انديشي ۾، خوف جي ور چڙهي ويندو آھي. ھتي انهيءَ خوف جي تجزيي کي شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ڏسنداسين، تہ انهيءَ ۾ خوف جي احساس کي ڪيئن ظاھر ڪيو ويو آھي ۽ اُن تي سوڀاري ٿيڻ لاءِ ڪھڙن فڪري نڪتن کي اپٽاريو ويو آھي.

بنيادي طور تي خوف، ڳڻتيءَ جي ڪيفيت (Anxiety) مان اُڀري ٿو، جيڪو ڪنھن اوچتو ٻاھرين /خارجي دٻاءَ يا دھشت جو شديد احساس ڏياري ٿو، جنھن تي نہ ترت ضبط ڪري سگهجي ٿو ۽ نہ ان کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو.

لھرِن ليکو ناھهِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا،

آڇارا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،

اُٿِي، اَسارا! وِيرِ وِڙَهندِيءِ، ويسَرا!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پنجون، بيت 2، ص:180)

خوف گهڻو تڻو آئيندي جي حالتن سان سلهاڙيل ھوندو آھي، يعني ڪجهہ ايندڙ وقت ۾ نقصان ٿيڻ جي انديشي جي ڪري خوف ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري شاھ لطيف اجتماعي سطحن تي، اُن خوف ۽ انديشي کي محسوس ڪندي، عوامي قوتن کي ھميشه سجاڳ رهڻ جو تاڪيد ڪري ٿو ۽ فرمائي ٿو:

بَندرِ جان ڀَئِي، تہ سُکاڻِيا! مَ سُمھو،

ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، جِيئن ماٽي مَنجھه مَهِي،

ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نہ ڪِجي، ناکُئا!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 18، ص:170)

سُر سريراڳ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ: شاھ لطيف ھن سُر ۾ سامونڊي سفر جي اجگر لھرن جي خوف ۽ خطرن کي تمثيل بڻائي، انسان ذات کي غفلت مان ڪڍڻ جا جتن ڪري ٿو.

غلام محمد شاھواڻي لکي ٿو:”ناکئا جيئن وچ سير ۾، معلم ھوندي به، ڪنبندا ۽ خبردار رهندا آھن، تيئن سالڪ کي بہ ڪنبي وڌڻ گھرجي ۽ ھرگز غافل نہ رهڻ گھرجي.“ (شاھواڻي، 1950ع، ص:189)

غلام محمد شاھواڻي اڳتي لکي ٿو:”هيءُ بي بقا سنسار ھڪ سمنڊ آھي، جنھن تي سفر ڪندي خوفن ۽ خطرن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ شيطان جي ڪُن ۾ ڪِرڻ جو انديشو پڻ آھي، تنھن ڪري رهبر ۽ رسد جو ھئڻ نهايت ضروري آھي.“ (شاھواڻي، 1950ع، ص:189)

مطلب تہ ڪو اھڙو رخ ڪونھي، جنھن کي شاھ لطيف پنھنجي مقصد کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪتب نہ آندو ھجي. سندس ڪلام جو اھو لافاني پھلو آھي تہ: انسان کي ھر قسم جي خوف، دھشت، دٻاءُ ۽ ويڳاڻپ تي سوڀاري ٿيڻ جو درس ڏئي ٿو.

نفسيات جي ماھرن موجب ”جڏهن ھڪ ڀيرو خطرناڪ صورتحال تي حاوي ٿي وڃبو آھي، ۽ حقيقي يا خيالي خطرو گذري ويندو آھي تہ خوف غائب ٿي ويندو آھي.“ (زبيري، 2000ع، ص:115)

خوف يا ڊپ تي غالب پوڻ لاءِ، جسماني طاقت ھئڻ ايتري ضروري نہ آھي، جيتري اندر جي يا نفيسياتي ڪيفيت، جيڪا ان تي سوڀ پائي ٿي. شاھ لطيف جو ڪردار مورڙو ڏسو، بظاھر جڏو ۽ ڪمزور ھئڻ باوجود ڊپ تي غالب پئجي وڃي ٿو، جتي وڏي ڄاڻ ۽ سگهه رکڻ وارا بہ بي وس ٿا محسوس ٿين.

گهنگھرِيا گهڻَ-ڄاڻ مُوڙهِي مَتِ مَهائِييٖن،

وِيا گڏِجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنهن مهراڻَ،

اَڳِيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسَرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گھاتو، داستان پھريون، بيت 1، ص:632)

ڊپ کي نہ ليکڻ باوجود به، انسان ان ڪيفيت ۾ ڪنھن مدد يا واھر لاءِ واجهائي سگهي ٿو، جڏهن سُهڻي درياھ جي ڀيانڪ صورتحال ڏسي ٿي، تڏهن کيس پنھنجي ڪمزور وجود جو احساس ٿئي ٿو ۽ مدد لاءِ پنھنجي محبوب کي ٻاڏائي ٿي، جنھن مان انساني فطرت جو مڪمل اظھار ٿئي ٿو:

دَهشَتَ دَمُ دَرياھ ۾، جِتِ سَٽاڻا سِيسارَ،

بيحَدِ باڳُو بَحرَ ۾، ھَيبَتناڪَ ھَزارَ،

سارِيان ڪانَه سَرِيرَ ۾، طاقَت توهان ڌارَ،

ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، سِگهو رَسِجِ سِيرَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٻيو، بيت 4، ص:226)

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ’تنبيھ‘ جو نفسياتي اڀياس:

ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ چواڻي، ”هر ھڪ مذھب جي تنبيھ، ماڻهوءَ ۾ نيڪ جذبن اڀارڻ لاءِ پئي رهي آھي، تہ منجھس نيڪ خيال ۽ نيڪ اعمال پيدا ٿين، جن تي قومي تعمير جو بنياد آھي.“ (قاضي، 2006ع، ص:17) جامع سنڌي لغات موجب تنبيھ جي معنيٰ ھن ريت لکيل آھي:

[ع. نَبِہ. تَنبہ = چتاءُ ڏيڻ، آگاھ ڪرڻ] آگاھي، چتاءُ، فھمائش ڪرڻ، ڇينڀڻ، ملامت ڪرڻ.“ (بلوچ، 1981ع، ص:627) لفظ ’مُتنبہ‘ صفت طور ڪم اچي ٿو، جنھن جي معنيٰ:تنبيھ ڪيل، ننڊ مان جاڳندڙ، واقف، آگاھ، خبردار، سچيت ۽ بيدار آھي.

اسلامي مفڪرن انساني نفسيات جو گهرو اڀياس ڪري، نفس کي پنجن قسمن/جزن ۾ ورهايو آھي، جن ۾ ٽي ناڪاري جزا آھن:نفس امارہ (انسان کي حيواني خواھشن ڏانھن راغب ڪندڙ نفس – انسان جي شيطاني صفت)، نفس لوامه (انسان ۾ ڪاوڙ، بدلو، حسد، جنسي ھيجانيت پيدا ڪندڙ) ۽ نفس بهيمي (بي انتھا خواھش ۽ رغبتن جو ڀنڊار، ھٻڇ، لوڀ پيدا ڪندڙ).

نفس جا ٻہ قسم ھاڪاري آھن:نفس مطمئنہ (نيڪيءَ ڏانھن مائل نفس، انساني صفتن وارو، صبر، تقويٰ ۽ زھد اختيار ڪندڙ) ۽ نفس متنبہ (چتاءُ ڪرڻ وارو نفس).

علم نفسيات جي پارکو ڊاڪٽر علي احمد قاضي، انسان جي اڻکُٽ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي ڏسندي، لفظ ’نفسيات‘ جو دائرو سوڙهو ڀانئي ٿو، ۽ ان لاءِ ’بشريت‘ جو لفظ پيش ڪندي چوي ٿو:”نفسيات جي نالي مان ماڻهوءَ جي ذھني يا بدني تحرڪ جو تہ ڪو پتو بہ ڪونہ ٿو لڳي، ان ڪري ھن علم لاءِ پورو نالو بشريت ئي ٿي سگهي ٿو، جنھن ۾ بشر جي ھر ھڪ حصي جي مشغولي سمايل آھي.“ (قاضي، 2006ع، ص:49)

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ تاڪيد، تلقين، چتاءُ، آگاھي ۽ خاص ڪري تنبيھي عنصر جو گهڻو واھپو ملي ٿو. ان لاءِ ڪٿي ھو ضمير متڪلم ۾ پاڻ سان مخاطب ٿئي ٿو:

ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَھدَ اَللهَ جا،

پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائين چُورُ،

معلومُ اَٿيٖئِي مُورُ، ڳُوڙها! اِنِهِينءَ ڳالهہ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 8، ص:154)

۽ وري ڪٿي ضمير حاضر جي صيغي ۾ پوري انسانذات سان مخاطب ٿئي ٿو:

ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ، اُٿِي اورِ اَللهَ سِين،

ڪَڍُ تون دَغا دِل مان، صاحِبَ وَڻي سَچُ،

مَحبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ! ٻارجِ مَچُ،

اِنَ پَرِ اُٿِي اَچُ، تہ سَودو ٿِييٖئي سَڦَرو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 9، ص:155)

شاھ لطيف جي فن ۾ جيتري بہ وسعت ۽ گهرائي آھي، ان جو تت يا مقصد فقط اھو آھي، تہ ان فن ذريعي انسانذات کي گمراھ ٿيڻ ۽ ڀٽڪڻ کان بچايو وڃي. اُن لاءِ شاھ لطيف، ضمير حاضر جي صيغي ۾، انسان کي سڌو مخاطب ٿي چتاءُ ڪري ٿو:

ٻيڙِياتا! ٻيئي، تو نہ ڦَٻَنديُون ڳالھڙِيُون،

سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، ڀَرِ سُکاڻَ ڏيئِي،

صُباح سَڀيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 14، ص:169)

شاھ لطيف، انساني نفسيات جو پارکو ھو، کيس ان حقيقت جي چڱي ريت پروڙ ھئي تہ: پنھنجي ٻل ۽ حوصلي تي، زندگيءَ جي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ گھرجي، ان حوالي سان شاھ لطيف، پنھنجي سورمي سُهڻيءَ کي چتاءُ ٿو ڪري تہ: پرينءَ جي مدد کان سواءِ درياھ کي اڪرڻو آھي، جيئن عاشق جي خوداريءَ تي ڪو حرف نہ اچي سگهي.

شاھ لطيف فرمائي ٿو:

سُپيرِيان جي تُرَهٖي، ٻُڏِي! ھَٿُ مَ لاءِ،

صُباحَ تان چُونداءِ، ’اسان تو اڪاريو‘.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ڇھون، بيت 20، ص:252)

شاھ لطيف، جڏهن سسئيءَ کي نہ ويهڻ جو چتاءُ ڪندي، ’واڪو ڪرڻ‘ جو ڏس ڏئي ٿو، تہ اڻ سڌيءَ طرح سندس وجود جستجوءَ جو استعارو بڻجي وڃي ٿو:

وِيهُه مَ، مُنڌَ! ڀَنڀوَر ۾، ڪرِ ڪو واڪو وَسُ،

ليڙَنِ جو، لطيفُ چي، ڏُونگَرَ ڏِيندَءِ ڏَسُ،

پُنهون اُٿِي پَسُ، سِرَ ڀَرِ ھَلِي، سَسُئِي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پھريون، بيت 14، ص:286)

شاھ لطيف، انسان جي مزاج، ڪيفيتن، لاڙن، روين، احساسن ۽ جذبن جو احساس ۽ تيز فھم پارکو ھو، ۽ کيس انسان جي شعوري سگهه جي بہ پروڙ ھئي، ان ڪري ھو پنھنجي عملي تعليمات جي سلسلي ۾، انسان جي ذھن ۽ دل تي ھڪدم بار نٿو وجھي. سڀ کان پھرين، ھو پنھنجي تمثيلي ڪردار جهڙوڪ سسئيءَ جي معرفت، چونڊيل انسان کي مقصد جي حاصلات لاءِ جاکوڙ لاءِ تيار ڪري ٿو، پوءِ کيس جبل جهاڳڻ ۽ ڏونگر ڏورڻ جو ڏس ڏئي ٿو ۽ جڏهن سسئي ان معروضي ڪشمڪش مان لنگھي پار پئي ٿي، تڏهن ھڪ عظيم رهبر وانگر شاھ لطيف، کيس ھڪ نئين ’قوت‘ پاڻ سڃاڻڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ سختيءَ سان کيس چتاءُ ڪندي چئي ٿو:

ڪونھي اُتِ ڪوهِيارُ، جِتِ تو، ڀورِي! ڀانئيو،

پَنڌُ مَ ڪَرِ پَھاڙَ ڏي، وُجُودُ ئِي وَڻِڪارُ،

ڌارِيان ڀانئج ڌارَ، پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ تُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان ٽيون، بيت 3، ص:293)

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ مثبت تنبيھي عنصر جو گهڻوتڻو استعمال، اھڙن سُرن ۾ ڪيل آھي، جن جو ڳانڍاپو اجتماعيت سان آھي، جيئن سُر سريراڳ، جنھن ۾ سامونڊي وڻجارن جي سفر جو بيان آھي، سُر رامڪلي، جنھن ۾ جوڳين، سامين ۽ سنياسين جو ذڪر آھي، ۽ سُر ڪاپائتي، جنھن ۾ ڪاپو ڪندڙ عورتن جو ذڪر آھي، جن جي محنت معاشري ۽ معاشيات جي ترقيءَ جو اھم سبب بڻجي ٿي.

سُر ڪاپائتيءَ ۾ شاھ لطيف، ڪاتارين کي سجاڳ ڪندي فرمائي ٿو:

سي تو ويھي وِڃائيا، جي ڪِتَڻَ سَندا ڏينھن،

اَرٽَ اوڏِي نَه ٿِييٖن، ڀوريٖ! ڀورِي سينءَ،

ڪَنڌُ کَڻندِينءَ ڪيئن، اَڱڻِ عَجِيبَنِ جٖي؟

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، داستان پھريون، بيت 10، ص:830)

ساڳيءَ ريت، سُر رامڪليءَ ۾ پڻ اھڙا بيت ملن ٿا، جيڪي جوڳين ۽ سنياسين کي مخاطب ٿي چيا ويا آھن، ۽ انهن بيتن جي لھجي جي سختي پڻ انهيءَ ڳالهہ ڏانھن اشارو ڪري ٿي تہ: شاھ لطيف جيڪو جوڳين، ويراڳين ۽ سامين سان ٽن سالن جو روحاني سفر ڪيو ھو، انهيءَ سفر ۾ سندس مشاھدي ۾ ڪجهہ اھڙا جوڳي بہ آيا، جيڪي شڪم جا شوقين ھئا، سڄو ڏينھن پيٽ پوڄا ۾ رُڌل ھوندا ھئا. انهن کي مخاطب ٿيندي، شاھ لطيف فرمائي ٿو:

گولا جي گَرِاھ جا، جُوٺا سي جوڳِي،

ڦِٽَلَ اُو ڦوڳِي، جنِين شِڪَمَ سانڍِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان چوٿون، بيت 16، ص:796)

شاھ لطيف، جيتوڻيڪ مٿيون بيت بياني صورت ۾ چيو آھي، پر ان جي لفظن ۾ جيڪا ڪڙي حقيقت بيان ڪيل آھي، اھا سخت چتاءُ کان بہ ڳري آھي.

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ’ڏک‘ جو نفسياتي اڀياس:

بي خبر ۽ اڻڄاڻ ماڻهو، نتيجن کان بي خبر ۽ بي فڪر ھوندو آھي. ان جي ڀيٽ ۾ ڄاڻ رکندڙ ماڻهوءَ کي نتيجا سجهندا آھن ۽ ھو سوچي سمجهي قدم کڻندو آھي، ان ڪارڻ چوندا آھن تہ: ڏک جو ھڪ ڪارڻ علم ۽ ڏاھپ بہ آھي. تڏهن شاھ لطيف چيو ھو:

اَلا! ڏاھِي مَ ٿِيان، ڏاھِيُون ڏُک ڏِسَنِ،

مُون سين مُون پِرِين، ڀورائِيءَ ۾ ڀالَ ڪيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٻيو، بيت 6، ص:503)

جڏهن شعور جي ڄاڻڻ واري حد وڌي ٿي ۽ سچائي سامھون اچي ٿي، تہ عقيدي جون ڪڙيون ٽُٽن ٿيون ۽ ماڻهوءَ جي ذھن ۾ روايتي اقرار کان انڪار جي جرئت جنم وٺي ٿي، اھو ئي سبب آھي جو شاھ لطيف وٽ ڏک ۽ درد جو ھڪ مثبت رخ آھي ۽ ھو انهيءَ کي ڪو بہ مقصد ماڻڻ لاءِ ضروري سمجهي ٿو.

شاھ لطيف، اھڙي شعور جي ڏک جي ڳالهہ ڪئي آھي، جن کيس پرينءَ جو گس ڏيکاريو آھي:

ڏيکاريس ڏُکَنِ، گوندرَ گسُ پِرِينِ جو،

سونھائٖي سُورَنِ، ڪِي ھيڪاندِي ھوتَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ڇھون، بيت 2، ص:455)

سَرَتِيُون! سُورُ پِرِيَنِ جو، سُڃُنِ ۾ شامِلُ،

ڪوهِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکارِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان 12، بيت 23، ص:488)

ھن کي اھو احساس آھي تہ: ڏک ڏسڻ کان سواءِ سک ماڻڻ ۽ انهن جي حُسن کي سمجهڻ ڏکيو آھي.

ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونهن، گهورِيا سُکَ ڏُکَن ري!

جَنِين جِيَ وِرُونهن، سَڄَڻَ آيو مان ڳريٖ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ڇھون، بيت 24، ص:459)

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ’اڪيلائپ‘ جو نفسياتي اڀياس:

ھي ھڪ ڪيفيت جو نالو آھي، جنھن جو سڌو سنئون لاڳاپو انساني نفسيات سان آھي. انسان ھن سماج کي بہ پنھنجي اڪيلائپ مٽائڻ لاءِ تخليق ڪيو، پر ھُو سماج ۾ پنھنجي جسماني اڪيلائپ کي تہ ڪنھن حد تائين مٽائڻ ۾ ڪامياب ويو، پر سندس شعوري اڪيلائپ ويتر وڌڻ لڳي، جنھن کي ڀوڳڻ پھرئين قسم جي اڪيلائپ کان وڌيڪ اذيتناڪ آھي.

علمِ نفسيات جي ماھرن شعوري اڪيلائپ جي ڪا حتمي ۽ واضح وصف نہ ڏني آھي، پر سندن خيال موجب، جڏهن انسان کي سندن شعوري حيثيت موجب مڃتا نٿي ملي، تہ ھُو اڪيلائپ محسوس ڪرڻ لڳندو آھي. ھُن کان پوءِ شعور جي اڪيلائپ آھي. ھر ماڻهوءَ جي شعور جي پنھنجي پنھنجي سطح آھي. ان شعور مطابق ھُو جڏهن ساڳي شعوري سطح جي ڪنھن ساٿيءَ کي ڳولھڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو تہ پوءِ اڪيلائپ جو شڪار ٿئي ٿو. شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ بہ اھڙو ئي اظھار ڪيو آھي:

ھيڪَلِيائِي ھٖيل پُورِيندِيسِ پُنهُونءَ ڏي،

آڏا ڏُونگَرَ لَڪَيُون، سُورِيُون سُڄَنِ سٖيلَ،

تَہ ڪَرَ ٻيلِي آھِنِ ٻيل، جي سُورَ پِرِيان جا ساڻُ مُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان نائون، بيت 13، ص:324)

انسان سماجي جانور آھي، جيڪو ٻين انسانن کان سواءِ رهي نٿو سگهي، پر پنھنجي دوست يا محبوب ترين انسان کان سواءِ رهڻ جو ڏک تہ سمورين ٻولين جي ادب جو اھم موضوع رهيو آھي. شاھ لطيف، مينھن جي گجگوڙ ۾ وانڍي ٿي رهيل عورت جي جدائيءَ بابت ڪيل ڀڻڪو ٻڌو، تہ جوڀن جوانيءَ ۾ سامونڊين کي سفر ڏانھن اُسھندي ڏسي، سندن ونين جي جذبن ۽ احساسن جو بہ ذڪر ڪيو آھي:

سي ئِي جوڀَنَ ڏينھن، جَڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِيا،

رُئان، رَهَنِ نہ سُپِرِين، آيَلِ! ڪَرِيان ڪيئن؟

مون کي چاڙهي چِيئَن، وِيو وَڻِجارو اوهَرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 8، ص:190)

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ’جنس‘ جو نفسياتي اڀياس:

جنس، ھڪ نفسياتي ڪيفيت جو نالو آھي، جنھن کي انساني سماج ۾ ھڪ محدود معنيٰ ۾ قيد ڪيو ويو آھي، جيتوڻيڪ جنس ھڪ وسيع معنيٰ رکندڙ لفظ آھي، جنھن تي پھريون ڀيرو کُلي طرح سائنسي حوالي سان جڳ مشھور نفسياتدان سگمنڊ فرائڊ ڳالهايو. اڄ ڪلهہ يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ جنس تي آزاديءَ سان ڳالهايو وڃي ٿو.

انسان کي جيئرو رهڻ لاءِ کاڌي پيتي، ھوا ۽ ھڪ خاص گرمي پد جي ضرورت ھوندي آھي، ساڳي طرح ھُن لاءِ جنسي آسودگي بہ ضروري آھي. اسلامي تعليم موجب بہ جنس کي ڪا خراب شيءَ نٿو سمجهيو وڃي، تنھن ڪري ھر بالغ مرد ۽ عورت کي شاديءَ وسيلي جنسي تسڪين وٺڻ جي اجازت ڏنل آھي. ساڳي طرح ٻين مذھبن ۾ مختلف طريقن سان جنسي تسڪين وٺڻ جي اجازت مليل آھي.

جنسي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ، اسان جي سماج ۾ شاديءَ جو ادارو ٺھيل آھي، جنھن ۾ بالغ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجي ۽ مٽن مائٽن جي مرضيءَ سان گڏجن ٿا.

شاھ لطيف ور بنا وانڍين جي داخلي، خارجي، سماجي ۽ معاشي ضرورتن کي بيان ڪندي چئي ٿو:

اَسان اُڌارا، آڻي آونگَ چاڙِهيا،

منهن ڏيئِي مون آئِيا، سَمُهان سِيارا،

اُڀِرَنِ سِيڪارا، پَسِيو وَرَ ٻينِ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٽيون، بيت 3، ص:205)

ج. ع. مُنگھاڻي پنھنجي مقالي ’ايءَ نہ عورت ھوءِ‘ ۾ لکي ٿي:”اُتر ورڻ سان ئي ويچاريءَ کي وڇوڙي جو خوف ورائي ۽ وڪوڙي ٿو وڃي، سندس ڦوھ جواني اُٻڙڪا ڏيئي صدائون ڪرڻ ٿي لڳي. حساس لطيف جو ڪومل من عورت سان ٿيندڙ نابرابري واري ڪُريت تي رنجيدہ آھي تہ: ڇو سندس ساٿي سندس منٿن کي نٿو مڃي! ۽ پوءِ وڻجاري جي زال جو ڦوهه جوانيءَ ۾ ساٿيءَ جي جُدائيءَ وارو اندر جو آزار ايئن ئي محسوس ڪري ٿو، جيئن اھا اُڪنڊيل اڪيلي عورت پاڻ ٿي محسوس ڪري.“ (ڍول فقير محمد، 2011ع، ص:171)

سر ڪاموڏ ۾ بہ اھڙا ڪيئي اشارا ملن ٿا. خود لفظ ’ڪاموڏ‘ لاءِ بہ بنياد ’ڪام‘ آھي، جنھن جي معنيٰ جنس آھي. نوريءَ جي اکين ۾ ڪو اھڙو جادو ھو، جو تماچي جي تن کي ائين ٿي پٽيائين جيئن ڪي نوڪيلا نھن پٽيندا ھجن. ان لاءِ تماچي ڪجهہ بہ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

ڪو جو ڪامَڻُ مٖي، آھي اَکَڙِيَنِ ۾،

تَنُ تَماچِي ڄامَ جو، ناڀُون پايو نٖي،

عِشقُ ايئن ڪَريٖ، جيئن ڄارو ڄامَ ڪُلھي ڪِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان ٻيو، بيت 13، ص:629)

سُر سُهڻي ۾ شاھ لطيف جنس ڏانھن سڌو اشارو ڪيو آھي. ھندي ۽ قديم سنڌيءَ ٻولي ۾ جنس لاءِ ’ڪام‘ لفظ استعمال ٿيندو آھي. ان جو باقاعدي تذڪرو ’ڪاما سوترا‘ ۾ پڻ ملي ٿو.

مِيھاران مِرِڪَ، پِيتائِين پِرِيم جي،

تنھن مُنڌَ مَتوالِي ڪِي، سَندِيءَ ساءَ سُرِڪَ،

لَڳِيَسِ ڪامَ ڪِرِڪَ، لوهان تِکِيِ، لَطِيفُ چي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان چوٿون، بيت 16، ص:239)

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ’خوشيءَ‘ جو نفسياتي اڀياس:

خوشيءَ جو واسطو انسان جي نفسيات سان آھي، جنھن ۾ انسان مُرڪڻ، ٽھڪ ڏيڻ ۽ کِلڻ جھڙا فعل ڪري ٿو. خوشيءَ جي وقت انسان جي داخلي دنيا سُهڻي ۽ حسين ٿي پوڻ ڪري، کيس خارجي دنيا ۾ نظر ايندڙ ھر شيءِ خوبصورت لڳندي آھي، تنھن ڪري ڏاھن جو چوڻ آھي تہ: خوشي ۽ ڪاوڙ جي وقت ڪو بہ فيصلو نہ ڪجي.

خوشيءَ جا ڪارڻ تہ انيڪ آھن. ھر ماڻهوءَ جي لاءِ خوشيءَ جو سبب بڻجندڙ واقعن، ڳالھين جو معيار پنھنجو آھي، پر گهڻو ڪري ھر ماڻهو پنھنجي محبوب يا پسند جي شين ملڻ، مقصد ۾ ڪاميابيءَ، روزگار جي جٽادار ۽ سگهارن وسيلن جي ھٿ اچڻ تي خوشي محسوس ڪندو آھي. نفسيات جي ڄاڻن، خوشيءَ کي انسان جي سٺي ۽ تندرست زندگي گذارڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو آھي.

شاھ لطيف، انسان دوست شاعر آھي، تنھن ڪري ھو ماڻهن کي خوش رهڻ جا نہ رڳو سبب ٻڌائي ٿو، پر انهن سببن کي پيدا ڪرڻ جا جتن ڪرڻ لاءِ بہ کين درس ٿو ڏئي. اِھو ئي سبب آھي جو ھو، انسانن کان سندن خوشيون کسڻ واري سرشتي کي ننديندي چئي ٿو:

ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناھ، بُکِيءَ کِلَ نَه اُڄَھي،

اُگهاڙِيءَ وِهانءُ، وِيو ويچارِيءَ وِسرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان ٻيو، بيت 1، ص:349)

يا وري خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ ’ووءِ ووءِ ڪندي وت‘ چئي ’اڱڻ تي تازي تي گهوڙا، سواريءَ لاءِ ٻاھر ڪنڍيون مينھون (رزق جو وسيلو)، ڀلي مُند ۽ پوءِ سرهي سيڄ ۽ پرين‘ جو تصور ڏنو.

شاھ لطيف، خوشيءَ جي ڳالهہ ھن ريت ڪئي آھي:

اَڱَڻَ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُونهَنِ،

سُرَهِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا مينھن وَسَنِ،

اسان ۽ پِرِين، شالَ ھُونِ بَرابَرِ ڏينھڙا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 25، ص:689)

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ’ڪاوڙ يا ڏمر‘ جو نفسياتي اڀياس:

ڪاوڙ انساني نفسيات سان لاڳاپيل ڪيفيت جو نالو آھي، جنھن ۾ انسان پنھنجي پسند جي ابتڙ ڪو ڪم يا واقعو ڏسي يا ڳالهہ ٻڌي سھپ جي قوت وڃائي ويھي، تہ پوءِ کيس ڪاوڙ لڳندي آھي. ڪاوڙ ۾ انسان جو بلڊپريشر (رت جو داٻ) تيز ٿي ويندو آھي ۽ عارضي طور ذھن مفلوج ٿي ويندو آھي. گهڻن موقعن تي ڪاوڙ وڌي وڃڻ ڪري ماڻهوءَ کي دل جو دورو ۽ اڌ رنگ جهڙيون بيماريون بہ ٿينديون آھن.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ڪاوڙ جي لاءِ ڏمر جو لفظ ڪتب آندو آھي، خاص طور تي سُر ليلا چنيسر ۾ انسان جي ھن نفسياتي ڪيفيت جو پيرائتو ذڪر ملي ٿو:

چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،

جان مُون پوءِ پَروڙِيو، تَھ ھِيءُ نَه ماڻي ماڳُ،

ڏَمَرِيو ڏُهاڳُ، سِگهو ڏي، سُهاڳِڻِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٽيون، بيت 1، ص:507)

نَمِي کَمِي نِهار تون، ڏَمَرَ وڏُو ڏُکُ،

مَنجھان صَبُرَ سُکُ، جي سَنوارِيا! سمجهين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 12، ص:125)

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ’انتظار / اوسيئڙي‘ جو نفسياتي اڀياس:

ھي ھڪ نفسياتي ڪيفيت جو نالو آھي، جنھن ۾ انسان ڪنھن اڻڄاتل بي آرامي، بي چيني ۽ اڻ تڻ واري ڪيفيت محسوس ڪندو آھي. اوسيئڙي جا گهڻا قسم آھن. ڪٿي ڪنھن جي ڀاڳ ۾ پرينءَ کان پري ٿيڻ جي مُدت، سندس ڄمار کان بہ ڊگھي ٿي ويندي آھي ۽ ڪٿي ڪنھن کي ڪجهہ وقت لاءِ وڇوڙي جا وَڍ سھڻا پوندا آھن.

سُور تہ ٻنهي طرح جي جدائيءَ ۾ ملندا آھن، پر ٿوري مدت جي وڇوڙي ۾ بيقراري ۽ اڻ تڻ سرس ھوندي آھي، ھڪ ھڪ ساعت صدين کان ڊگھي لڳندي آھي.

اوسيئڙو، دنيا جي سمورين ٻولين جي ادب ۽ خاص طور تي شاعريءَ جو وڻندڙ موضوع رهيو آھي. ڪٿي وسندڙ مينھن ۾ ڪنھن اڪيلي عورت کي، پنھنجي مڙس جو اوسيئڙو آھي، تہ ڪٿي مومل مينڌري لاءِ پرهه تائين شمع ٿي ٻاري، ڪٿي سمونڊ ڏانھن اُسھيل سامونڊين جون نوورنيون ونيون سندن اوسيئڙي ۾ جاٽون ٿيون ڏين ۽ ڪٿي ليلان، چنيسر جي پرچڻ لاءِ ڳچيءَ ۾ پاند وجھي انتظار پئي ڪندي آھي.

شَمَعَ ٻارِيندي شَبَّ، پِرِهَه باکُون ڪَڍِيُون،

موٽُ، مَران ٿِي، مينڌرا! راڻا ڪارَڻِ رَبَّ،

تنھنجي تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان چوٿون، بيت 1، ص:529)

يا وري سُر سامونڊيءَ جو ھي بيت:

سامُونڊِي ساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،

مون کي ٿِي ماري، اُنِين سَندِي ڳالھڙِي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 16، ص:192)