آگم ڪيو اچن...

شاھ جو رسالو (فطري لقاءُ ۽ معدنياتي عنصر)

شاھ جو رسالو
(فطري لقاءُ ۽ معدنياتي عنصر)

شاھ جي رسالي ۾ فطري لقائن جو ذڪر:

آسمان کي فلڪ پڻ چيو ويندو آھي ۽ ان ۾ موجود فطري لقائن ۾ موجود شين/اجسام جي علم کي فلڪيات چون ٿا. ڌرتي جي ماحول کان ٻاھر ڪائنات ۾ موجود شين جھڙوڪ: سج، چنڊ، تارا، گرھ ۽ اپگرھ، نکٽ، انهن جا ڦيرا وغيرہ، جن کي اسين پنھنجن اکين سان ڏسي سگهون ٿا، پر ڪائنات ۾ اھڙيون ٻيون شيون بہ موجود آھن، جيئن ڏور ڪھڪشائون ۽ ننڍڙا ذرڙا جن کي اسين عام اک سان نہ پر صرف دوربين يا ڪنھن ٻئي اوزار سان ڏسي سگهون ٿا. انهن سڀني کي گڏي فلڪيات چئي سگهجي ٿو.

شاھ لطيف فلڪيات ۾ موجود شين جھڙوڪ: سج، چنڊ، ستارن، ستارن جي بيھڪ ۽ ڦيرن بابت پڻ بيت چيا آھن، جن سان رات جي وقت جي خبر پوي ٿي، مثال طور نکٽن ۾ ڪَتين، ٽيڙوءَ ۽ لُڌي جو پنھنجي شاعريءَ ۾ تمام خوبصورت نموني ذڪر ڪيو آھي.

تارا (تارو):

تارا فلڪياتي مادا (جسم) آھن، جن کي ستارا پڻ چيو ويندو آھي. جامع سنڌي لغات موجب، ”تارو. چمڪندڙ آسماني جسم.“ (بلوچ، 1981، ص:576) تارا/ستارا انساني تاريخ کان ڪيترائي سال اڳ وجود رکندڙ آھن، جيڪي پنھنجي ڪشش ثقل جي ذريعي چمڪندڙ گرم ترين مادي ۾ اڻ پوري گولي جي شڪل ۾ جُڙيل ھوندا آھن. تارن مان روشني خارج ٿيڻ ۽ انهن جي بناوٽ برقرار ھجڻ جو دارومدار بہ انهيءَ ڪشش ثقل تي ھوندو آھي. تارا ڌرتيءَ کان ڪيئي نوري سال پري ھئڻ ڪري ڏينھن جو سج جي روشنيءَ ۾ انساني اک سان ڏسڻ ۾ نہ ايندا آھن، جڏهن تہ رات جي اونداھيءَ ۾ اُڀ تي ٽمڪندي نظر ايندا آھن، جيڪي آڪاس جي سُونهن ۾ واڌارو ڪندا آھن. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب: ”تارا اصل ۾ سج وانگر وڏا ۽ روشن جسم آھن. ڪي تارا سج کان بہ وڏا ۽ وڌيڪ گرم چيا وڃن ٿا. تارا وڌيڪ فاصلي جي ڪري ننڍن ننڍن ٽُٻڪن وانگر ٽمڪندي نظر ايندا آھن. “ (سنڌيانا، جلد ٻيو، 2010ع، ص: 156) سائنسدانن جو چوڻ آھي تہ تارن/ستارن جي ڄمار ھڪ بلين کان ڏھ بلين سالن تائين ھوندي آھي، جڏهن تہ ڪي تارا ان کان بہ وڏي عمر ماڻيندا آھن. تارا عام طور تي گرم ۽ چمڪندڙ ٿيندا آھن، جن کي عمر، حرارت، روشني ۽ ڪشش ثقل جي بنياد تي مختلف درجن ۾ ورهايو ويو آھي. علم فلڪيات جي ماھرن موجب مِلڪي وي يا کيرڌارا (ڪھڪشان) ۾ سئو کان چار سئو بلين تارا ملن ٿا، جڏهن تہ ٻہ ٽرلين کان وڌيڪ کيرڌارائون يا ڪھڪشائون آھن. ڪائنات جي سمورن تارن کي ڳڻي سگهڻ اڄ تائين ممڪن بڻجي نہ سگهيو آھي. وڪيپيڊيا موجب، فلڪيات جي ماھرن ستارن جي بيھڪ موجب پڻ انهن کي ٻن درجن ۾ روهايو آھي، جن مان ھڪ ڪنسٽيليشن (Constellation) يعني تارن جو اھڙو مجموعو يا ميڙ، جنھن ۾ تمام گهڻا تارا بيٺل ھجن انهن کي سنڌيءَ ۾ نکٽ چوندا آھن ۽ ٻيو ايسٽريزم (Asterism) يعني تارن جي اھڙي بيھڪ جنھن ۾ ڪنسٽيليشن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ستارا ھوندا آھن. ڪنسٽيليشن واري درجي ۾ رکيل تارن ۾ مشھور ٻارنھن ستارا شامل آھن، جن کي ’بُرج‘ پڻ چئجي ٿو. علم نجوم ماھرن فلڪياتي سرشتي ۾ تارن جي حرڪت ۽ بيھڪ جو جائزو وٺي ماڻهن جي شخصي توڙي سماجي حالتن ۾ ايندڙ تبديلين بابت آگاھي پڻ ڏيندا آھن. زميني حرڪت سبب تارا گهڻي قدر ھڪ مھيني ۾ پنھنجي جاءِ تبديل ڪندا آھن. تارن جي ان حساب کي ’تارا منڊل‘ چيو وڃي ٿو. سائنسي اوزارن جي ايجاد کان اڳ وقت ۽ مندن موسمن جي ڄاڻ رکڻ لاءِ پڻ تارن ۽ انهن جي بيھڪ جو مشاھدو ڪيو ويندو ھو، جيڪو عمل اڄ تائين ٻہراڙين ۾ جاري آھي. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ تارن جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

ھُنَ تاريٖ، ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ منھنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَؤڙا ٿِينِ نہ ڪَڏهين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 23، ص: 136)

ٽيڙو:

آسمان ۾ بيٺل ٽن تارن جي گڏيل ميڙ کي ’ٽيڙو‘ چئبو آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’سنڌي جامع لغات‘ ۾ ٽيڙو جي معنيٰ لکي ٿو: ” ٽيڙُو ج ٽيڙُو: آسمان جا ٽي تارا ھڪ ئي سڌي ليڪ ۾ بيٺل، ٽيلھو، ھڪ نکٽ جو نالو. “(بلوچ، 1981ع، ص:709) ٽيڙوءَ جي اُڀرڻ بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيل آھي: ”ٽيڙوءَ جي اُڀرڻ بابت ڪن جو چوڻ تہ ’ٽيڙو‘ آکاڙ مھيني جي چنڊ کان پوءِ اڀرن ٿا. يعني آکاڙ مھيني ۾ اڀرن ٿا. ٻي راءِ تہ ڪتي جي اڀرڻ کان پوءِ ٽيڙو 17 تاريخ سانوڻ جي اڀرندا. ان وقت ڏينھن جي مدت ۾ ڪتر پوندي، يعني ڏينھن گهٽجڻ شروع ٿيندا آھن.“(سنڌيانا، جلد ٻيو، 2010ع، ص:509) شاھ لطيف، سُر مومل راڻي ۾ ’ٽيڙو‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

ڪَتِيَن ڪَرَ موڙِيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
راڻو راتِ نَه آئِيو، ويلَ ٽَرِي ويئِي،
کوءِ سا کاڻِي راتَڙِي! جا پرِيَنِ ريٖ پيئِي،
مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، وَڃِي ڍولو ڍَٽِ قَراريو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان چوٿون، بيت 5، ص:530)

ڪَتيون:

ڪَتيون تارن جو ھڪ ميڙ (نکٽ) آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڪتي جمع ڪتيون بابت لکي ٿو: ”..هڪ نکٽ جو نالو. ستن ننڍڙن تارن جي ميڙ وارو نکٽ.“(بلوچ، 1985ع، ص:2014) جڏهن تہ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيل آھي تہ: ”’ڪَتيون‘ دراصل ٻارهن (12) تارن جي ميڙ کي چئبو آھي، جن مان روايت آھي تہ ھر ھڪ تارو سال جي ھر ھڪ مھيني ۾ غائب ٿي ويندو آھي. باقي سال ۾ اھي يارهن (11) تارا ڏسبا آھن، انهن کي ’ڪرتيون‘ ۽ ’ڪرتڪيون‘ پڻ چيو وڃي ٿو.“ (سنڌيانا، جلد ڇھون، 2012ع، ص:323) ڪَتي، سنڌي سال جي اٺين مھيني جو نالو پڻ آھي. ڪَتيءَ بابت عام ڏندڪٿائي چوڻي پڻ آھي تہ، ڪتي، وڇونءَ جي مڱ آھي، ان ڪري ٻئي ساڳئي وقت آسمان ۾ نہ ھوندا آھن. ڪَتي لھي تہ وڇون اُڀري، وڇون لھي تہ ڪَتي اُڀري. ڪتيءَ جي اُڀرڻ بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيل آھي: ” ڪَتين وارا اھي تارا سج لهڻ کان پنج ڪلاڪ پوءِ يعني ٻئي پھر ۾ اڀرندا آھن ۽ سال جا ٻارهن مھينا آسمان ۾ ڏٺا ويندا آھن. اونهاري جي موسم ۾ ڪَتيون ٻئي پھر کان چوٿين پھر تائين آسمان ۾ موجود ھونديون آھن ۽ سياري جي موسم ۾ جڏهن اُتر کان ڏکڻ طرف ھوائون لڳڻ شروع ٿينديون آھن، تڏهن اھي تارا تيز رفتاريءَ سان اڀرن ٿا ۽ تيز رفتاريءَ سان ڌرتيءَ جي گردش موجب لھي وڃن ٿا.“(سنڌيانا، جلد ڇھون، 2012ع، ص:323) شاھ لطيف، سُر کنڀات ۾ ڪَتين جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

اُونداھِيءَ اَڌَ راتِ ۾، پِرِيءَ پَسايو پاڻُ،
چَنڊُ ڪَتِينِ ساڻُ، پيهِي وِيو پَڙِلاوَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 19، ص: 135)

شاھ لطيف سُر مومل راڻي ۾ ڪتين جي ڪر موڙڻ جو ذڪر ڪيو آھي ۽ وقت جي گذرڻ جو ڪاٿو لڳايو آھي، تہ ڪتين جي ڪر موڙڻ ڪري رات جو آخري پھر آھي ۽ ويل ٽري وئي آھي ۽ راڻو اڄ رات بہ نہ آيو.

ڪَتِيَن ڪَرَ موڙِيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
راڻو راتِ نَه آئِيو، ويلَ ٽَرِي ويئِي،
کوءِ سا کاڻِي راتَڙِي! جا پرِيَنِ ريٖ پيئِي،
مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، وَڃِي ڍولو ڍَٽِ قَراريو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان چوٿون، بيت 5، ص:530)

لُڌو:

لڌو ھڪ تارو آھي، جنھن کي ’لوڌي تارو‘ بہ چيو ويندو آھي. ھن تاري بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيل آھي: ”اونهاري جي موسم ۾ ھي تارو رات جي پھرئين پھر ۾ اڀرندو آھي ۽ ٽئين پھر ۾ لھي ويندو آھي. سياري ۾ اھو ٻئي پھر ۾ اڀري ٿو، تان جو چوٿين پھر تائين آسمان ۾ ھوندو آھي. ’لڌو تارو‘ ھرڻ جي ٽن تارن جي بلڪل مٿئين پاسي ھڪ روشن تارو آھي ۽ سال جا ٻارنھن مھينا آسمان ۾ موجود ھوندو آھي.“(سنڌيانا، جلد ڇھون، 2012ع، ص:323) لُڌي تاري جو ذڪر، شاھ لطيف سُر کنڀات ۾ ھڪ ھنڌ ڪيو آھي:

تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَنَ! اُڀِرين،
جِهڙِو تو صُبُوحِ، تَھڙي صافِي سَڄَڻين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 20، ص:135)

نِکٽَ:

نِکٽَ؛ آسمان تي مختلف صورتن ۾ اُڀريل تارن جي ميڙ کي چيو وڃي ٿو، جيڪي رات جي مختلف پھرن ۾ نروار ٿيندا آھن، جيئن ڪَتيون، ٽيڙ، وڇون. ’جامع سنڌي لغات‘ موجب: ”نِکٽ : تارا يا تارن جا ميڙ ،جيڪا چنڊ جي رستي ۾ اچن ٿا ۽ جن جي اڀرڻ، لھڻ سان مندون مٽجن ٿيون. ( ڪتيون، ٽيڙو، لڌا ۽ وڇون سنڌ جي آسمان جا ٽي مکيه نکٽ آھن) شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ نکٽ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي: ”نَڪو سُکُ نَکَٽرين، نہ ويساندِ نَئِين، جيڪا اَچي سامُھِين، ڀانئِين سَا سَئِين، مُڙِي ڪوهُ مَئِين، جھِئَن سَڄيُون راتَيُون سُمَھِين.“ (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ( 2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 8، ص: 116)

چنڊُ:

چنڊُ ھڪ نھري جسامت رکندڙ گرھ آھي، جيڪو زمين کي ويجھي ۾ ويجھو گرھ آھي. چنڊ جو قطر3,475 ڪلوميٽر يعني زمين جي لڳ ڀڳ چوٿين حصي جيترو آھي. چنڊ زمين جي چوڌاري بيضوي مدار تي گردش ڪندو آھي. چنڊ ۽ زمين وچم 384,400 ڪلوميٽر جو مفاصلو آھي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب: ”روشني کي چنڊ کان ڌرتي تائين پھچڻ ۾ ھڪ منٽ ڏھ سيڪنڊ لڳندا آھن. ڌرتي 24 ڪلاڪن ۾ ھڪ ڀيرو پنھنجي محور تي گهمي ٿي. اھو ئي سبب آھي، جو زمين تي ڏينھن ۽ رات 12-12 ڪلاڪن جا ٿين ٿا. پر چنڊ پنھنجي محور تي گردش ڪندي، زمين جي چوڌاري 27 ڏينھن ۽ ڇھن ڪلاڪن ۾ ھڪڙو چڪر پورو ڪري ٿو.“ (سنڌيانا، جلد چوٿون، 2012ع، ص:193) چنڊ پاڻ ڪنھن بہ قسم جي روشني پيدا نہ ڪري سگهندو آھي، چنڊ جي روشني جيڪا زمين تي رات جو اسان کي نظر ايندي آھي، اھا سج جي روشني ھوندي آھي، جيڪا چنڊ جي سطح تي موڙ کائي، زمين ڏانھن ايندي آھي. ناسا جي ٿيل تحقيق موجب، نظام شمسي ۾ سج جي چوڌاري ڦرندڙ نون سيارن جا 200 کان وڌيڪ چنڊ آھن، زمين کي صرف ھڪ چنڊ آھي، جيڪو زمين جي گرد بيضوي شڪل ۾ گردش ڪندو رهي ٿو. چنڊ ھڪ ويران ۽ خاموش ٽَڪرن جو گولو آھي، جتي جبلن جون وڏيون چوٽيون ۽ وڏا ريگستان آھن. چنڊ تي ھوا ۽ پاڻي موجود ناھي، جنھن ڪري چئي سگهجي ٿو تہ چنڊ تي زندگيءَ جو تصور نہ آھي. سائنسدانن موجب، چنڊ تي 50 سيڪڙو شيشي جا ذرڙا موجود آھن، جنھن ڪري چنڊ، سج کان حاصل ٿيندڙ روشنيءَ سان وڌيڪ روشن ٿئي ٿو. چنڊ جي سطح تان زمين نيراڻ مائل نظر ايندي آھي. چنڊ تي سليڪون، ٽيٽانيم، ايلومينيم، لوه، ميگنيشيم، سوڊيم، پوٽاشيم، مينگائيز، ڪرومين ۽ زاڪوليم جھڙا عنصر موجود آھن. قديم دؤر جي ماڻهن ۾ چنڊ بابت جدا جدا عقيدا رائج ھئا، جن جو سلسلو ويھين صدي تائين ھلندو رهيو، جن مان ڪيترائي اڄ تائين رائج آھن، جن بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيل آھي تہ:” چنڊ بابت قديم زماني کان وٺي ھيٺيون ڳالهيون ماڻهن ۾ رائج آھن: ھاري پنھنجا فصل چنڊ جي حساب سان پوکيندا ۽ لڻندا آھن؛ يونانين ۽ رومين کان سواءِ ايشيا، آفريڪا، آسٽريليا وغيرہ ملڪن جا اصلوڪا رهاڪو چنڊ کي مقدس ديوتا سمجهي پوڄا ڪندا آھن، موجودہ ترقي يافتہ دؤر ۾ بہ عيسائين ۽ يھودين جي مقدس ڏهاڙي ۾ چنڊ اھم ڪردار ادا ڪندو آھي.“(سنڌيانا، جلد چوٿون، 2012ع، ص:195) چنڊ کي عربيءَ ۾ ’قمر‘ ۽ فارسيءَ ۾ ’ماھ‘ سڏيندا آھن، ھجري سال جو تعلق پڻ چنڊ سان آھي، ان ڪري ھجري سال کي ’قمري سال (Lunar Calendar)‘ بہ سڏيو وڃي ٿو. ھجري سال جي ھر مھيني جي شروعات چنڊ ڏسڻ سان ٿيندي آھي، انهيءَ ڪري مسلمانن جي عيدن ۽ ٻين ڏڻن جو تعلق پڻ چنڊ سان آھي. ھند سنڌ ۾ چنڊ جي حساب سان مھينن جا نالا رکيل آھن، عربيءَ ۾ بہ مھينا چنڊ جي حساب سان ٿيندا آھن. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾، ڪيترن ئي ھنڌن تي چنڊ جو ذڪر ڪيو آھي. شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ چنڊ لاءِ قمر ۽ ماھ لفظ پڻ استعمال ڪيا آھن. سُر کنڀات ۾ شاھ لطيف پنھنجي پرينءَ سان چنڊ جي ڀيٽ ڪري ٿو، جنھن بابت ڊاڪٽر فھميدہ حسين پنھنجي ڪتاب ’شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘۾ لکي ٿي: ”محبوب جي حسن جي وڏائي بيان ڪرڻ لاءِ دنيا جي شاعرن وٽ مختلف تشبيهون مروج رهيون آھن. مشرقي شاعرن وٽ چنڊ سان محبوب جو چھرو ڀيٽڻ جو ھڪ عام رواج رهيو آھي، عربي، فارسي، ھندي، اردو، بلوچي، پنجابي شاعر پنھنجي شاعريءَ ۾ محبوب جي منھن کي چنڊ سان ڀيٽي سندس سونھن جو مان وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا રહ્યા آھن. پر اسان جو شاعر ان جي ابتڙ انهيءَ ڀيٽ سان چنڊ جو مان وڌائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. شاھهصاحب چنڊ کي محبوب جي منھن کان گهڻو گهٽ ٿو سمجهي. چنڊ تہ ڇا سج، تارا، ڪتيون محبوب جي حسن اڳيان ತائب آھن ۽ سندن جوهر جهڪو ٿيو وڃي.“(فھميدہ حسين، 1993ع، ص:409-410)

کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪِيائون نازُ نَظَرُ،
سُورِجُ شاخُون جَھڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِيا، ديکِيندي دِلبَرُ,
جَهڪو ٿِيو جَوهَرُ، جانِبُ جي جَمالَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 18، ص:135)

شاھ لطيف پنھنجي محبوب جي ڀيٽ چنڊ سان ڪرڻ وقت معيار چنڊ کي نہ ٿو رکي، بلڪھ معيار سندس پرين آھي، جنھن سان چنڊ کي ڀيٽي ان کي لڄائي ٿو. شاھ لطيف چنڊ سان مخاطب ٿي چوي ٿو:

چَنڊَ! تنھنجي ذاتِ، پاڙِيان نہ پِرِيُنِ سين،
تون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِھرا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 13، ص:134)

شاھ لطيف سُر مومل راڻي ۾ چنڊ لاءِ ماھ لفظ پڻ ڪتب آندو آھي.

ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙي، جَهڙو ماھهُ مُنِيرُ،
فَيض فِراقَ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائٖي وِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان پھريون، بيت 2، ص:517)

راسيُون:

سج لھڻ مھل آسمان تي پکڙيل ڳاڙهسري روشنيءَ جي ڪرڻن کي راسون يا راسيون چئبو آھي. جڏھن شام جو اوندہ ٿيڻ کان ٿورو پھريان لھندڙ سج جا ڪرڻا، ان جي چوڌاري آسمان تي ڳاڙهاڻ مائل روشنيءَ جي صورت ۾ ظاھر ٿين ٿا، اھو منظر نهايت وڻندڙ ھوندو آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي سھيڙيل ’جامع سنڌي لُغات‘ جي جُلد چوٿين ۾ راسيون جي معنيٰ ھن ريت ڄاڻائي ٿو: ”راسيون: سج لھڻ کان ٿورو اڳ، سج جا ڳاڙها سڌا ڪرڻا. سج لھڻ کان ٿورو اڳ وڻن ۽ ٽڪرين مٿان ڳاڙهائڻ.“(بلوچ، 2007ع، ص: 303) شاھ لطيف ان منظر کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ھن ريت بيان ڪيو آھي: ”لَڙئو سِجُ لَڪَنِ تان، راسيُون رَتائِين، مون کي ماريائِين، اُلَھِي اُونداھِي ڪَري.“ (بلوچ، 2009ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان پھريون، بيت ڇھون، ص: 22.)

سج:

سج، ڪائنات ۾ ھڪ روشن ستارو آھي، جنھن کي عربيءَ ۾ ’الشمس‘ چيو وڃي ٿو. ان ڪري، ان جي چوڌاري ڦرندڙ سمورن گرهن ۽ انهن جي چوڌاري ڦرندڙ چنڊن جي سرشتي کي ’نظام شمسي‘ ڪوٺجي ٿو. نظام شمسيءَ جي وچ ۾ سج جي چؤگرد، عطارد، زھره، زمين، مريخ، مشتري، زحل، يورنيس، نيپچون ۽ پلوٽو سيارا گردش ڪندا رهن ٿا. سج جھڙا ڪيئي روشن ستارا ڪھڪشان (Galaxy) ۾ موجود آھن، جن کي اسين رات جو ڏسي سگهندا آھيون، انهن ستارن ۽ سج ۾ فرق صرف مفاصلي جو آھي. سج کان سواءِ ٻيا ستارا اسان کان (زمين کان) ڪيترائي نوري سال پري آھن، جڏهن تہ سج زمين کان ايترو پري آھي، جو ان جي روشنيءَ کي اسان تائين پھچڻ ۾ اٽڪل 8 منٽ لڳن ٿا. سج جي بناوٽ بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيل آھي تہ: ”سج گذريل 4.5 بلين سالن کان وٺي بَکندو رهيو آھي، ھن ۾ گئس جو تمام وڏو ڀنڊار آھي، جنھن ۾ گهڻي ڀاڱي ھئڊروجن (Hydrogen) ھيليم (Helium) گئس ٿئي ٿي. جيئن تہ سج تمام وڏو آھي، ان ڪري منجھس ڇڪ بہ زبردست آھي. سج گهڻي ڪششي زور ھجڻ ڪري ھئڊورجن ۽ ھيليم گئس سان گڏ پنھنجي محور وارن ٻين سيارن کي بہ جهليو بيٺو آھي.“(سنڌيانا، جلد ستون، 2013ع، ص: 142) شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي سج جو مختلف نالن سان ذڪر ڪيو آھي. مثال طور: سڄ، آڏت، سورج ۽ شمس. شاھ لطيف ڪٿي سج کي محبوب سان ڀيٽيو آھي، تہ ڪٿي وري وقت جي گذرڻ جو ذڪر ڪيو آھي. سُر حسينيءَ ۾ شاھ لطيف ڳاڙهي سج جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن جو مطلب آھي شام جو وقت، ڇو تہ سج لهڻ وقت ڳاڙهو نظر ايندو آھي.

لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ,
سِڄُ سامُھون منھن ۾، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ,
سُپِيريان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄِ ڳالِھه مڙين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان پھريون، بيت 2، ص:436)

شاھ لطيف، سُر کنڀات ۾ سج لاءِ سورج لفظ پڻ استعمال ڪيو آھي. ھن بيت ۾ شاھ لطيف پنھنجي محبوب جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته؛ سج ھن جي منھن جي چمڪي کان جهڪو ٿي وڃي ٿو. يعني منھنجي محبوب جو منھن اھڙو سج آھي، جنھن جي تاب کان ھي دنيا جو سج پاڇي وانگي لڪي وڃي ٿو.

کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪِيائون نازُ نَظَرُ،
سُورِجَ شاخُون جَھڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِيا، ديکِيندي دِلَبرُ,
جَھڪو ٿِيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 18، ص:135)

شاھ لطيف، سُر ڪارايل ۾ سج لاءِ آڏت لفظ پڻ استعمال ڪيو آھي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق؛ ”سج لاءِ آچر (آرتوار) يا ’آڏت وار‘ جو ڏينھن مقرر آھي (انگريزيءَ ۾ Sun+day). قديم سنڌيءَ ۾ ’آڏت‘ سج کي چئبو ھو.“(سنڌيانا، جلد ڇھون، 2012ع، ص:325) سج جي ڦيري مطابق ڏينھن، رات ۽ مھينا ڳڻبا آھن. انهيءَ قسم جي ڪيلينڊر کي Solar Calendar چئبو آھي.

اُڏَءُ آڏِتُ اُڀِرئو، وانءُ وِهَائِيءَ ڀَؤُنرَ,
سي چيتَاريجِ چِتَ ۾، جي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ,
مَتَان مَارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَئُن لڳو جَنِ سين.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڪارايل، داستان ٻئو، بيت 33، ص:555)

شاھ لطيف، سُر کنڀات ۾ سج لاءِ ’شمس‘ لفظ پڻ استعمال ڪيو آھي.

پيشانِيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ,
اَڱڻِ اُڪَنڊِيُنِ جي، ڏِئي پاٻوهي پيرَ,
قَمَرَ پاڙي ڪيرَ، شَمسَ سُپيرِيَنِ سين.
شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 2، ص:131)

شاھ جي رسالي ۾ معدنياتي عنصرن جو ذڪر:

شاھ جي شاعريءَ ۾ ڪو اھڙو موضوع يا وکر ڪونهي، جيڪو انسان جي مشاھدي جي ساک نہ ڀري. ڪڏهن تشبيھ خاطر تہ ڪڏهن تمثيل خاطر ھن ڪيترائي اھڙا عنصر بيان ڪيا اھن، جيڪي ماڻهن جي استعمال ۾ રહ્યા آھن. شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ٻين وکرن سان گڏ ڪن قدرتي تہ ڪن مصنوعي ڌاتن، پٿرن ۽ نگن جو ذڪر آھي.

الماس/هيرو:

الماس، جواھرن جي سڀني قسمن مان اعليٰ ۽ قيمتي پٿر آھي، جنھن کي پٿرن جو بادشاھ سمجهيو وڃي ٿو. ھن املھه پٿر کي سنڌي ۽ اردو ۾ ھيرو ۽ فارسي ۾ الماس چيو ويندو آھي، جڏهن تہ ھن کي انگريزي ۾ (Diamond) چيو ويندو آھي. اھو لفظ قديم يوناني لفظ (Adamos) مان نڪتل آھي. جنھن جي معني، حقيقي ناقابل تبديل ٿيندڙ، مضبوط ۽ خالص شيءِ آھي. ھن قسم جا پٿر سخت ھوندا آھن. ھيرن جون ڪنڊون گهڻي استعمال سان بہ نہ گَسنديون آھن. الماس جي اھا خاصيت آھي تہ ان جي چمڪ ۽ پائيداري سدائين برقرار رهندي آھي. الماس جو رنگ اڇو،گلابي، ڳاڙهو، نارنگي ۽ فيروزي ٿيندوآھي، جن مان گلابي رنگ جو الماس سڀ کان قيمتي ۽ ناياب ھوندوآھي. الماس، ھندوستان، آفريڪا ۽ برازيل جي کاڻين ۾ وڏي انگ ۾ موجود آھي. ھيرن جي مشھور قسمن ۾، ڪيلي نن، جيڪب ڊائيمنڊ، ايمسٽر ڊئم، ھوپ ۽ ڪوهنور آھن. ڪوهنور دنيا ۾ مشھور تاريخي ھيرن منجھان ھڪ آھي. ھيرو قدرتي طور تي زمين جي 150 کان 250 ڪلو ميٽر ھيٺ موجود ھوندو آھي، جڏهن تہ ڪن جاين تي ھيرا 500 کان 800 ڪلوميٽر ھيٺين سطح تي پڻ ھوندا آھن. آتشي چمڪ رکندڙ پٿر الماس ڪاربن جي سخت ترين زمين جي ھيٺين سطح تي 4090 سينتي گريڊ گرمي پد تي رجهندو آھي. ھي پٿر انتھائي پائيدار ٿيندو آھي. قديم ھندوستاني ان پٿر جو استعمال مذھبي مورتين جي ٺاھڻ لاءِ ڪندا ھئا. اڄ ھن پٿر جي چمڪ ۽ خوبصورتيءَ جي ڪري ان جو استعمال خاص طور تي زيورن، سينگار جي سامانن ۽ آرائش جي ٻين شين جي ٺاھڻ ۾ ٿيندو آھي. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ الماس/هيري جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي.

مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکين ۾ اَلماسَ,
نَه ڪا عامَ نہ خاصَ، جي وِيا سي وَڍِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٻيون، بيت 4،ص:520)

وِيا سي وينجهار، ھِيرو لَعلُ وِنڌِينِ جي,
تَنِين سَندا پوئِيان، سِيهي لَهَنِ نہ سارَ,
ڪُٽِنِ ڪُٽِ لُهارَ، ھاڻي اُنِين ڀيڻييٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 15،ص:186)

پارس:

پارس، ھڪ خيالي قسم جو اَمُلهہ پٿر آھي، جنھن بابت چيو وڃي ٿو، تہ ھي لوھ سان لڳي تہ ان کي بہ سون بنائي ڇڏي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ، ’جامع سنڌي لُغات‘ ۾، پارس لفظ جي معنيٰ ۾ لکي ٿو: ”خيالي پٿر جو ھڪ قسم. (چون ٿا تہ اھو پٿر لوھ سان گسي ان کي سون ڪري وجھندو آھي) . (صفت) نھايت عمدو، نفيس، قابل_لائق، اُستاد_ڪامل.“ ( بلوچ، 2007ع، ص:178) ھي پٿر، اڻ لڀ آھي، چوندا آھن لکين ماڻهن ۾ ڪو قسمت وارو ئي ڳولي پارس ھٿ ڪندو آھي، انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيل آھي: ”پارس جي ڳولا لاءِ ڪي ماڻهو وري جبل ۾ چرندڙ ٻڪرين جي کُرن ۾ ننڍا نعل ھڻي ڇڏيندا آھن، پوءِ روزانو جاچ ڪندا آھن تہ پارس کي ڇُھي تہ نہ آئي آھي. جيڪڏھن ڪنھن ٻڪريءَ جي کُر ۾ سونو نعل لڳل مليو تہ پوءِ انھيءَ جُوءِ کي سڄي عمر لاءِ ڏوريندا رهندا آھن.“ (سنڌيانا، 2011ع،ص:36) شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ پارس جو ذڪر ھيٺين ريت ڪيو آھي:

تُون سَپَڙ، آئُون سيڪَڙُو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏوھُه,
تُون پارِسُ، آئُون لوھ، جي سَڃِين تَھ سونُ ٿيِان.
( شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’ شاھه جو رسالو‘ سُر پرڀاتي، داستان پھريون، بيت 25، ص: 863)

چاندي / رُپو:

چاندي، ھڪ ڌاتو آھي، جيڪو سون کان سستو آھي، چاندي زيورن ۽ ٿانون ٺاھڻ لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي. دنيا جي ڪن ملڪن ۾ چاندي ڌار ڌاتوءَ طور ملندي آھي تہ ڪن ملڪن جي جابلو ايراضين ۾ ڌاتو يا لوھ جي مٺ ۾ شامل ملندي آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾، چانديءَ جي معنيٰ ۾ لکي ٿو: ” ھڪ مشھور ڌاتوءَ جونالو جنھن کي رُپو_ سيِم وغيرہ بہ چيو ويندو آھي. ڌاتن ۾ سون کان پوءِ، چاندي ھڪ قيمتي ڌاتوآھي، جيڪو مختلف قسمن جي عورتاڻن زيورن جھڙوڪ: پازيب، پنڙا، ڪٺمال، ڪڙيون، ڇير، ساٽيون، دُر ۽ واليون ٺاھڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي. جڏهن تہ چانديءَ مان سِڪا پڻ ٺھندا آھن ان کانسواءِ چاندي جا ورق پان ۽ مٺائين کي سينگارڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيا ويندا آھن. وڪيپيڊيا موجب، چاندي مختلف بيمارين جي دوا ٺاھڻ لاءِ پڻ ڪم ايندي آھي، جن ۾ کنگهہ، پيشاب جي ساڙي، بواسير جي رت جي گهڻائي ۽ گهاٽي رت کي صاف ڪرڻ شامل آھن. پاڪستان ۾، خاص طور تي لاھور، چنيوٽ، ۽ سينڊڪ ( بلوچستان) ۾، چانديءَ جا وڏا ذخيرا موجود آھن. شاھ لطيف، سُر سريراڳ ۾ چانديءَ/رُپي جو ذڪر ھيٺيئن ريت ڪيو آھي:

سونا! وانءُ صَراف سِينءَ، ڀَڃِي ڇَڏِ بازِي,
چاندِي ڪِيو چَلائِيين، رُپو رَوازِي,
جِتِ ٿِيندو رِبُ قاضِي، اُتِ تورِيندا تَجِويزَ سين.
( شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’ شاھه جو رسالو‘، سُر سريراڳ،داستان چوٿون، بيت 8.ص:175)

سونَ وَرَنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ,
اَگَرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنِ,
اوتيائُون عَبِيرَ جا، مَٿي طاق تَڙنَ,
ٻاٽَنِ ٻيلُون ٻَڌِيُون، پَسيو سونھن سَڙَنِ,
ٿِيا لاھُوتِي، لَطِيفُ چٖي، پَسَڻَ لَئٖي پِرِينِ,
اِجهي ٿا اَچَنّ، ڪاڪِ ڪَڪورِيا ڪاپَڙِي.
( شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’ شاھه جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٽيون، بيت 3.ص: 525)

سون:

سون ھڪ قيمتي ڌاتو آھي، جنھن کي انگريزيءَ ۾ (Gold) چيو وڃي ٿو. ھي چمڪندڙ سنهري رنگ جو ٿيندو آھي. سون ھڪ نرم ڌاتو آھي. ھن ڌاتو سان ٺھيل زيور سولائي سان ڇڄي يا ڀڄي پوندا آھن، تنھن ڪري ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، منجھس ٻين ڌاتن جو ڦيٽ ملايو ويندو آھي، پر جيڪڏهن مقرر مقدار کان وڌيڪ ٻين ڌاتن جو استعمال ڪيو ويندو تہ سون جو رنگ مٽجي ويندو آھي. چانديءَ يا ٻئي ڪنھن ڌاتوءَ تي سون جو پاڻي چاڙهبو آھي تہ اھو ڌاتو بلڪل سون وانگر چمڪڻ لڳندو آھي، پر وقت گذرڻ سان ان جي رنگ ۾ تبديلي ايندي آھي، جڏهن تہ نج سون جو رنگ سدائين چمڪندڙ ھوندو آھي. سونارو سون جي اصليت جاچڻ يا پرکڻ لاءِ، ان کي ڪسوٽيءَ (Touch Stone) تي گسائي سون جي پرک ڪندو آھي. چيو وڃي ٿو تہ انسان سون جي دريافت 8000 سال اڳ ڪئي ھئي. سون دريائن جي واريءَ مان، سمنڊ مان، زمين جي تھن اندران، ڪوئلي جي کاڻين مان، ۽ عام طور تي جبلن مان ملندو آھي. سون ڳھ ڳٺن ۽ سينگار جي سامان ٺاھڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ويندو آھي. ان کان سواءِ ٻِلن ۽ انعامي ٽرافين تي سون جو پاڻي چاڙهيو ويندو آھي. سون مادي شين جي استعمال سان گڏ طبي فائدي لاءِ پڻ استعمال ٿيندو آھي. يوناني طب ۾ سون جا ورق، جسماني توانائي کي برقرار رکڻ لاءِ مختلف دوائن ۾ ڪم آندا ويندا آھن، ان کانسواءِ ناسور، ڦٽن، ڦرڙين ۽ ٻين ڪيترين ئي چمڙي جي بيمارين لاءِ پڻ سون مان مختلف دوائون ٺاھيون وڃن ٿيون. ڪنھن دؤر ۾ سون ڏند سازيءَ ۾ بہ استعمال ٿيندو ھو. سون دنيا ۾ خاص طور تي ناڻي جي مٽاسٽا جو ذريعو پڻ آھي ۽ سون کي بين الاقوامي سڪو سمجهيو ويندو آھي. پاڪستان ۾ سون جا سڀ کان وڏا ذخيرا بلوچستان ۾ ملن ٿا. ان حوالي سان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيل آھي: ”پاڪستان ۾ بلوچستان ۽ سنڌ، معدنيات جي حوالي سان شاھوڪار صوبا آھن. بلوچستان جي ضلعي چاغيءَ جي ريگستاني علائقي ۾ ريڪوڊق نالي ھڪ ڳوٺ ۾ ٽامي ۽ سون جا وڏا ذخيرا آھن. اينٽوفيگسٽا (Antofagasta) نالي ڪمپني، ريڪوڊق فيلڊ (Reko Diq field) مان ھر سال شروعاتي طور ھڪ لک ستر ھزار ميٽرڪ ٽن ٽامو ۽ ٽي لک آئونس سون ڪڍي ٿي ۽ ڪمپنيءَ جو اندازو آھي تہ اتان ساليانو نو لک آئونس سون ملي سگهي ٿو، جڏهن تہ سنڌو درياھ جي واريءَ توڙي ٿر جي واريءَ ۾ سون ملڻ جا ڪافي امڪانات آھن“(سنڌيانا، سال 2013،ص:224) شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ سون جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي.

سينڌو ھُئين صرافَ سِين، تہ ھُوندَ نہ ٿِئين ھِيئَن
جيڪُس جوهَرِينِ سيِن ڪيِن گُذاريَئهِ ڏِينهَن
جَبَلَ مَنجهاَ جِيئن، سوجھي ڪَڍَيائون سونَ کي.
(بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 4، ص : 123)

سيھو / شيھو:

سيھو يا شيھو ھڪ قسم جي ڌاتو جو نالو آھي، جيڪو قدرتي طور تي ٽامي، جست ۽ چانديءَ جي ڪچين ڌاتن سان گڏ ھوندو آھي , جنھن کي پوءِ سوڌي ڌار ڪيو ويندو آھي. سيھي کي انگريزيءَ ۾ (Lead) چيو وڃي ٿو. ھن نِيراڻ مائل چاندي جھڙي، نرم ۽ چمڪندڙ ڌاتو کي گهڻن ئي شين ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. قديم رومي سڪن توڙي گهر جي غسل خانن جي ديوارن، پائپ ۽ نلڪن ۾ ڪم آڻيندا ھئا. سيھو يا شيھو ھٿيارن، ٽي وي ۽ ڪمپيوٽر جي اسڪرين، ڪرسٽل شيشن، راندين جي سامان , پيٽرول توڙي تيزاب وارين بيٽرين سميت مختلف ڪمن ۾ عام استعمال ڪيو وڃي ٿو. سيھي جو ماحولياتي گدلاڻ ۾ پڻ بنيادي ڪردار آھي، جڏھن گاڏين جي پيٽرول ۾ مليل سيھي جا جُزا سڙي دونھين سان گڏ خارج ٿيندا آھن، تہ اھي جُزا ماحول ۾ ساھ کڻندڙ ھر جاندار کي متاثر ڪندا آھن. انھن کان علاوه کاڌ خوراڪ جي مختلف شين ذريعي بہ انساني جسم ۾ بيمارين کي جنم ڏين ٿا. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ سيهي جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

”ڪائو ڪَمايومِ، موتِي مُون نہ وَڻجِئا,
سِيھي جو سَيدُ چَئي، وَکَرُ وِھايومِ,
اوچتو آيومِ، سَودو صَرافَنِ سِين.“
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 4، ص: 112)

فيروزو:

فيروزو ھڪ قيمتي پٿر آھي، ان پٿر کي سنسڪرت ۾ پيروج، فارسيءَ ۾ فيروزہ ۽ انگريزيءَ ۾ ٽرڪوائس (Turquoise) ۽ ٽرڪينا چوندا آھن. رنگ جي لحاظ کان فيروزو ٽن قسمن جو ٿئي ٿو، جن ۾ ھڪ سائو مائل، جنھن کي ’حسيني فيروزو‘ چيو وڃي ٿو، ٻيو نيري رنگ جو ’رزاقي‘، ۽ ٽيون فيروزي رنگ جو، ان کي ٻين جي ڀيٽ ۾ اعليٰ سمجهيو وڃي ٿو. جڏھن تہ معيار جي لحاظ کان فيروزي جي قسمن بابت، سيد خرم عباس نقوي پنھنجي مقالي’ جوہرات کی دنیا کا نگینہ پتهر ‘ ۾ لکي ٿو: ”عام طور تي فيروزي جا ٻہ قسم ٿين ٿا: ھڪ مشرقي فيروزو ٻيو مغربي فيروزو. مشرقي فيروزو: عام طور تي پراڻن جبلن مان ملندو آھي، ۽ ان جو رنگ ھ

فيروزو:

فيروزو ھڪ قيمتي پٿر آھي، ان پٿر کي سنسڪرت ۾ پيروج، فارسيءَ ۾ فيروزہ ۽ انگريزيءَ ۾ ٽرڪوائس (Turquoise) ۽ ٽرڪينا چوندا آھن. رنگ جي لحاظ کان فيروزو ٽن قسمن جو ٿئي ٿو، جن ۾ ھڪ سائو مائل، جنھن کي ’حسيني فيروزو‘ چيو وڃي ٿو، ٻيو نيري رنگ جو ’رزاقي‘، ۽ ٽيون فيروزي رنگ جو، ان کي ٻين جي ڀيٽ ۾ اعليٰ سمجهيو وڃي ٿو. جڏھن تہ معيار جي لحاظ کان فيروزي جي قسمن بابت، سيد خرم عباس نقوي پنھنجي مقالي’ جوہرات کی دنیا کا نگینہ پتهر ‘ ۾ لکي ٿو: ”عام طور تي فيروزي جا ٻہ قسم ٿين ٿا: ھڪ مشرقي فيروزو ٻيو مغربي فيروزو. مشرقي فيروزو: عام طور تي پراڻن جبلن مان ملندو آھي، ۽ ان جو رنگ ھميشه ساڳيو رهندو آھي. مغربي فيروزي: ان کي ’استخوان ‘يا ’بون‘ بہ ڪوٺيو ويندو آھي، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ فاسفيٽ چُن جو مقدار وڌيڪ ھوندو آھي ۽ اھو نون ٽڪرن يا جلن مان ملندوآ ھي، ان جو رنگ ڦٽي سائو ٿي ويندو آھي. فرانس جي کاڻين مان گهڻي مقدار ۾ حاصل ٿيندو آھي. فارس جي ماھرن فيروزي جا اٺ قسم، سليماني، آسماني، فتحي، اظھاري، ورلوي، گنجونيا، عبدالحميدي ۽ آنديشي ڄاڻايا آھن، انهن مان پھرين پنجن قسمن جو رنگ خاڪي ھوندو آھي، ان کان علاوہ فيروزو ايران جي شھرن ’ڪرمان‘ ۽ ’شيراز‘ ۾ بہ ملي ٿو، جنھن ۾ اڇو رنگ مليل ھوندو آھي، ۽ انهن کي ’سابانگي‘ ۽ ’سربوم‘ چوندا آھن، جن پٿرن ۾ نيري رنگ جي ڌار ھوندي آھي، ان کي ’نيل بوم‘ چيو وڃي ٿو.“ (نقوي، خرم عباس، سيد، ايڪسپريس نيوز (اردو)، آچر24 مارچ2013ع) فيروزي جا طبي طور پڻ ڪيترائي فائدا آھن، خاص ڪري مٺي پيشابن ۽ مثاني جي پٿريءَ جھڙين بيمارين کان علاوه، حافظي کي تيز ڪرڻ لاءِ بہ گهڻو ئي فائدي مند آھي، جڏھن تہ نظر تيز ڪرڻ لاءِ ان پٿر مان سُرمو بہ ٺاھيو وڃي ٿو. عام روايت موجب، فيروزي کي پرکڻ لاءِ، ماڻهو ان کي کير ۾ وجھندا آھن، جو چوڻي آھي تہ اصل پٿر کير پيئندو آھي، پر قيمتي پٿرن جي سڄاڻن وٽ فيروزي جي پرک ۽ پروڙ جا ڪي ٻيا مخصوص طريقا آھن، جن ۾ ھڪ واريءَ تي گسڻ، ٻيو حرارت ڏيڻ آھي. جيڪڏھن واريءَ تي گسڻ يا حرارت ڏيڻ سان فيروزي جو رنگ نہ ٿو بدلجي تہ اھو پٿر اصلي سمجهيو ويندو آھي. ان کان علاوه حرارت ڏيڻ مهل فيروزي مان نڪرندڙ بُوءِ مان بہ اصل جي پرک ڪئي وڃي ٿي. پاڪستان کان علاوه ھندستان، نيپال، تبت، افغانستان، چين، ايران، روس، فلسطين، جرمني، توڙي آمريڪا ۾ فيروزي جا وڏا ذخيرا موجود آھن. شاھ لطيف، ’سُر ڪاموڏ‘ جي وائي ۾ ’فيروزي‘ جو ذڪر ھيٺئين ريت ڪيو آھي:

فَيروزا فَقِيرَنِ تَان، گهوري سَڀِ گهورِئَائِين,
پَاڻِيٺِ آڻي پَاڻَ سين، لالُون لُٽِئَائِين,
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع) ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽِئو، سُر ٽيون، وائي پھرئين، ص: 541)

ڪائو:

’ڪائو‘، جنھن کي عام طور تي ’شيشو‘ چيو ويندو آھي. جڏهن تہ، انگريزيءَ ۾ ھن کي Glass’‘ چيو ويندو آھي. انساني تاريخ ۾ شيشي جو استعمال پٿر واري زماني کان جاري آھي. اُن زماني ۾ شيشو ڪنھن تيز ڌار کي ڪٽڻ لاءِ اوزار طور ڪتب آڻبو ھو. دنيا ۾ سڀ کان پھريان عراق، شام، ۽ مصر ۾ شيشو دريافت ٿيو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب: ”قديم آثارن مان ملندڙ شاھدين مطابق انسان جو ٺھيل پھريون شيشو اوڀر ميسوپوٽيما ۽ مصر ۾ 3500 (ق.م.) ۾ تيار ڪيو ويو ۽ شيشي جا پھريان ٿانوَ اٽڪل 1500 (ق.م.) ۾ مصر ۽ ميسوپوٽيما ۾ ٺاھيا ويا“(سنڌيانا،2017 ص: 334) ڪائو، چوني، سوڊا ۽ واريءَ جي ملاوٽ سان ٺھي ٿو. جن کي 1000 کان 2500 سينٽي گريڊ جي گرمي پد تي رجهايو ويندو آھي. ڪائي ۾ استعمال ٿيندڙ بنيادي عنصر بجري (سليڪون ڊائي اڪسائيڊ)، دھوبي سوڊا ۽ چُن (ڪيلشيم آڪسائڊ) شامل ڪيا ويندا آھن. انهن ڌاتن کي مشين ۾ گڏائي ان ۾ پراڻن شيشن جي ٽڪرن کي شامل ڪيو ويندو آھي. ان عمل کان پوءِ بٺيءَ ۾ 800 کان 2500 گرمي پد تي رجهايو ويندو آھي. جنھن سبب اھي سڀ ڌاتو پاڻياٺ جي صورت اختيار ڪندا آھن. ان پاڻياٺ کي ڌار ڌار سانچن ۾ ٿڌو ڪيو ويندو آھي، ان کان پوءِ شيشو تيار ٿيندو آھي. شيشي جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. جن ۾ مکيه Fused quartz, Liquid glass, ۽ Corbonia آھن. جديد دور ۾ شيشي جي صنعت ۾ تيزيءَ سان واڌارو ٿيو آھي. پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترين ئي ملڪن ۾ شيشي جي صنعت تمام گهڻي ترقي ڪئي آھي. اڄوڪي دور ۾ شيشي جي گهرج وڌي ويئي آھي. شيشو مختلف شين ۾ استعمال ٿئي ٿو، جھڙوڪ : ٿرماميٽر، بلب، ڪمپوٽر، ٽي وي، موبائيل جي اسڪرين، ڏسڻ پسڻ جي اوزارن، عينڪ، چوڙين، در دروازن، ۽ ٿانون , ڪوپ ۽ گلاسن، ٿرماس، ۽ موٽر ڪارين ٺاھڻ ۾ پڻ شيشو جو استعمال ڪيو ويندو آھي. زيورن ۾ جڙڻ لاءِ موتين يا قيمتي پٿرن بدران مصنوعي طور ڪائي يا شيشي جو استعمال ڪيو ويندو آھي، جنھن جي چمڪ اکين کيرو ڪري، اصل موتين ۽ ماڻڪن کان وڌيڪ ڪشش ڪري سگهي ٿي. ان حقيقت کي شاھ لطيف تمثيلي انداز ۾ ھن بيت ۾ استعمال ڪيو آھي:

ڪائو ڪَمايُمِ، مُوتِي مون نَه وَڻِجيا,
سِيهي جو سَيّدُ چي، وَکَرُ وِهايومِ,
ھِهَڙو حالُ سَندومِ، توههَ تُنھِنجيَ اُبَھان.
(شاھواڻي، غلام محمد،(2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 7،ص:154)

گڏون:

گڏون ھڪ ڪچي ڌاتو جو نالو آھي، جيڪا ٻين ڌاتن جھڙوڪ، سون ۽ چانديءَ کان گهٽ درجي جي ڌاتو آھي، جڏهن تہ گڏيل ڌاتن کي پڻ ’گڏون‘ چيو وڃي ٿو. ھن ڌاتو مان اڪثر گهريلو استعمال ۾ ايندڙ ٿانوَ ٺاھيا وڃن ٿا. محمد صديق مسافر پنھنجي ڪتاب ’سُر سريراڳ‘ ۾ لفظ ’گڏون‘ جي معنيٰ، ’پِتل جو لوٽو، مَٺُ ۽ ڪچرو‘ ڄاڻائي آھي، جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’جامع سنڌي لغات‘ ۾، ’گڏون‘ بابت ھن ريت لکي ٿو: ”ڪنھن بہ ڌاتوءَ جو ننڍو لوٽو، کير ماپڻ جو ٿانو، ڪُپو، ڪَرسيو، ڪلسو، جامُ، پيالو، آبخورو، مَٺُ، ڪِچرو، ڪوڙي ڌاتو، ڦيٺُ، کوٽ.“(بلوچ، 1988ع، ص:2298) شاھ لطيف، سُر سريراڳ ۾، لفظ ’گڏون‘ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

جُهه صَرافَنِ لَڏيو، تَھ تُون پُڻِ لَڏِجِ، سونَ!
قَدُرُ لَھَندُءِ ڪونه، نيئِي گِڏيندَءِ گڏُوءَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 11، ص:175)

لوھ:

لوھ ھڪ ڌاتو آھي، لوھ کي انگريزي ۾ (Iron) ڪوٺيو ويندو آھي. ھي ھڪ اھڙو ڌاتو آھي، جيڪو زمين ۾ موجود ٻين ڌاتن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ ملي ٿو، تنھن ڪري لوھ، ٻين ڌاتن جي ڀيٽ ۾ سستو پڻ آھي. لوھ 3500 ق.م ھٿ آيو ھو. انساني تاريخ ۾ لوھ جو سڀ کان پھريان استعمال زرعي اوزارن لاءِ ڪيو ويو، جنھن کان پوءِ لوھ جا ھٿيار، ڀالا، تير، ڪمان وغيره ٺاھيا ويا. دنيا ۾ صنعتي انقلاب کان پوءِ، لوھ جو استعمال تيزيءَ سان وڌيو، جنھن سان چاقو، ڇُري، قينچي، تالو، ٿانوَ، بالٽيءَ کان وٺي نٽ بولٽ، جنريٽر، گاڏيون، ريل، جهاز، موٽر سائيڪل، صنعتي مشينون پڻ لوھ مان ئي ٺاھيون وڃن ٿيون. انسان جي ترقيءَ ۾ لوھ جو مکيه ڪردار رهيو آھي. لوھ جا مکيه قسم: (Magnetite)، (Hematite)، (Lemonite)، (Siderite)، (Pyrites) وغيره اھم آھن. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ لوھ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي.

تُون سَپَڙُ، آئون سيڪَڙُو، تُون ڏاتارُ، آئون ڏوههُ,
تُون پارِسُ، آئون لوھ، جي سَڃِين تَھ سونُ ٿِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد،(2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر پرڀاتي، داستان پھريون، بيت 25،ص: 823)

ياقوت / لعل:

ياقوت، ھڪ نھايت ئي خوبصورت ۽ قيمتي پٿر آھي، جيڪو جبلن مان لڀندو آھي. ان پٿر کي سنڌي ۽ اُردو ۾ ’لعل‘، ھنديءَ ۾ ’مانت‘، سنسڪرت ۾ ’پرمراگ‘، فارسيءَ ۾ ’ياقوت‘ ۽ انگريزيءَ ۾ ’Ruby‘ چيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’جامع سنڌي لُغات‘ ۾ لعل لفظ جي معنيٰ ڄاڻائيندي لکي ٿو:”ڳاڙهو - رتڙو -سُرخ - رَتَل يا رتو. ڳاڙهي جواھرات جو ھڪ قسم - ڳاڙي رنگ جو قيمتي پٿر - ياقوت - رُمانِي - ماڻِڪُ-موتي.“( بلوچ، 2007ع، ص:182) ياقوت پٿر جي قسمن ۾ اتلسي، گلگو، ابنوسي، ھيرو، مغربي ياقوت، مشرقي ياقوت، ۽ بيلس ياقوت شامل آھن، پر جوھرين ياقوت جا چار قسم ڄاڻايا آھن، جن ۾ ھڪ لارگو، جيڪو گھَري ڳاڙهي رنگ جو ھوندوآھي. ٻيو ڳاڙهو تاڙي، ھي وري گھَري ڳاڙهي مان زردي مائل ڏيک ڏيندڙ آھي. ٽيون ڳاڙهو لموني، ھي زردي مائل ٿورو ڳاڙهو ھوندو آھي. چوٿون ڳاڙهو خودي، ھي گلابي رنگ جو ھوندو آھي، پر سڀني کان وڌيڪ ڪشش رکندڙ ياقوت، ڏاڙهونءَ جي داڻن جيان ڳاڙهي رنگ جو چمڪندڙ ھوندو آھي. ياقوت، ٻين پٿرن جي ڀيٽ ۾ ڪافي مهانگو پٿر آھي، جنھن کي مختلف زيورن ۽ ھار سينگار جي لاءِ ٺاھيل شين ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي، خاص ڪري جوڳي فقير پنھنجي ڪنٺن ۾ ھن پٿر کي گهڻو استعمال ڪندا آھن. پاڪستان ۾ ڪشمير ۽ گلگت جي علائقن ۾ ياقوت جو پٿر ملي ٿو، جڏھن تہ عالمي سطح تي برما، آمريڪا، افغانستان، ڀارت، ۽ سريلنڪا ياقوت جي پيداوار ۾ مشھور ملڪ آھن. واپار جي لحاظ کان قديم رومي ياقوت جو واپار ڪندا ھئا. مختلف قسمن جي بيمارين ۽ مصيبتن کان بچاءُ لاءِ، ماڻهو ھن پٿر جون مُنڊيون، ھار ۽ واليون ٺاھرائيندا آھن. قرآن شريف ۾ ’ياقوت‘ جو ذڪر ھجڻ سبب، ان پٿر کي نهايت فضيلت وارو سمجهيو ويندو آھي. شاھه لطيف، سُر سريراڳ ۾ ’ياقوت‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاھُوتَ,
جَنِين سين ياقُوتَ، آئُون نهَ جيئندِي اُنِ ري.
(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’ شاھه جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان پھريون، بيت 7، ص: 779)