تعارف
سنڌ ھڪ زرعي ملڪ رهيو آھي، ان ڪري ھتي مُندن يا موسمن کي پوکي راھيءَ جي مناسبت سان ورهايو ويندو آھي. ٻارنھن مھينن جا نالا چيٽ، ويساک، ڄيٺ، آرهڙ (آکاڙ)، سانوڻ، بڊو، اسو، ڪَتِي، ناھري (مُنگهر)، پوھ، ماگهہ ۽ ڦڳڻ. وقت گذرڻ سان اھي لفظ متروڪ ٿيندا ويا ۽ ھاڻي سنڌ ۾ عام طرح مندون ھن نالن سان ڳڻجن ٿيون: بسنت/بھار (ڦڳڻ)، اونهارو/آرهڙ، سرءُ/خزان، سانوڻ، سيارو وغيرہ.
شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، مندن، موسمن، ڏُڪار، سُڪار ۽ وڻن ٽڻن جي ڦلهارجڻ جو ذڪر مختلف سُرن ۾ ڪيو آھي:
مَاڻُھُو مِرگههَ مينهِيُون، سَارِنگَ کي سَارِينِ،
آرُون اَبُرَ آسَري، تَاڙَا تَنوَارِين،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَئين سِجِ نِهارِين،
پَلُرُ پِيَارِينِ، اُڃيَنِ آبُ اَگوُندِرو.
(شيخ، ٻانھون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان ٻيو، بيت 9، ص: 318)
مينھن
شاھ لطيف جڏهن مينھن جو ذڪر ٿو ڪري تہ وسڪاري کان پھرين ڏڪار واري حالت توڙي وسڪاري کان پوءِ جا سرهائي ۽ ساوڪ ٿئي ٿي، ان جو چٽو عڪس چٽيو اٿس. تہ ھارين ھر سنباھيا آھن. اَنُ ارزان ٿو ٿئي، ماٽيءَ منجھ مکڻ ٿا ترن ۽ اُن سان گڏ ڪَٽ قلوب تان لھي ٿي. شاھ لطيف چوي ٿو:
مُندَ ٿِي، مَنڊَلَ مَنڊِيا، آيو جُهڙُ جهاٽٖي،
ھِڪُ اَرزان اَنُ ٿِيو، ٻِيو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽٖي،
ڪَلِمٖي سين ڪاٽٖي، لاٿُمِ ڪَسُ قُلُوبَ تان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان ٽيون، بيت 3، ص: 695)
ملهار جي مُند ٿري عورتن لاءِ شاديءَ جھڙي خوشي ھوندي آھي، ڇاڪاڻ جو سُڪار ٿيندو تہ ڪمائڻ لاءِ پرديس وارا موٽي ايندا. شاھ لطيف، وڄِن جي وسڻ کي خوشيءَ جو سبب ڄاڻائيندي فرمايو آھي:
اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَر ڪيٖسَ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لال لِبٖيسَ،
پِرين جي پَردٖيسَ، مون کي مينھن ميڙِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سار نگ، داستان پھريون، بيت 10، ص: 685)
سنڌ جي ماڻهن وٽ خوشحاليءَ جو اھڃاڻ مال ھوندو آھي، جنهن ۾ مينهون، ڳئون، رڍون ۽ ٻڪريون اچي وڃن ٿيون، جيئن شاھ لطيف فرمايو آھي:
ڪانڌَ مَ وِڪُڻِ ڪُنڍِيُون، ڌَڻُ سَڀوئي ڌارِ،
اَڀَرِيُون، سَڀَرِيُون پانهنجون، سَسِيُون سَڀِ سَنڀارِ،
ٻَنَ ڇَڏي، ڇَنَ پَئِي، وَڃِي وَلَهارَنِ وارِ،
تہ اَچي اَڱِڻان بَھارِ، سَرِلا ڪَندي سَڏَڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ: داستان پھريون، بيت 31، ص: 690)
ھر طرف خوشي آھي، آسمان تي ڪڪرن جا ڪڙڪاٽ بہ سريلا ساز معلوم ٿين ٿا. شاھ لطيف سڄي سنڌ گهمي ڦِري ڏٺي ھئي، کيس غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي غربت جي چڱي پروڙ ھئي. انهن جي جهريل جهوپڙين، مينھن جي سَٽ نہ سھڻ وارن اجهن کان چڱيءَ طرح واقف ھو. انهن غريبن وٽ سيءَ ۾ مينھن کان بچڻ لاءِ ڪجھ ڪونہ ھو.
ڪُڻُڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِيو، جُھڙُ پَسِيو جھڄَنِ،
وَرَ رِيءَ وانڍِيَنِ اَڏِيا، پَکا سي ۾ پُسَنِ،
اُتَرُ ڊاھي اُنِ جا، تہ ڪنهن کي ڪارُون ڪَنِ،
وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچِي شالَ اولُون ڪَري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان ٻيو، بيت 8، ص: 693)
برسات پوڻ سان ڏڪار ڏور ٿين ٿا. سڪل زمينون گل ڦل ۽ گلزاريون اُپائين ٿيون. تلاءَ ۽ ترايون ڀرجيو وڃن ٿا ۽ ھاري ھر کڻي زمين جو سينو چيري ان اپائن ٿا. ملڪ ۾ آسودگي اچي ٿي. شاھ لطيف چوي ٿو تہ:
اَگمَ ڪِيا اللهَ، لَڳَھهَ پَسُ! لَطيفُ چي،
پَلَرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَھلِيا پاھهَ،
واحِدَ وَڏائِي ڪِيا، مَٿي گَسَنِ گاھهَ،
سانگين، وَرِيا ساھَه، اُٺَنِ آبُ اَگُوندِرو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 2، ص: 683)
اُتر لڳڻ
سنڌ ۾ عام طور تي اونهاري جي مند ۾ اولهہ/ڏکڻ کان اتر طرف ھوائون ھلنديون آھن، جڏهن تہ سياري ۾ ان جي ابتڙ ھوائن جو رخ اتر کان ڏکڻ ڏانهن ٿيندو آھي. جيئن تہ سنڌ جي اتر ۾ واقع ايراضيون ۽ ملڪ ٿڌا آھن، جتي سياري ۾ برف بہ جام پوندي آھي، تنھن ڪري اتر کان ٿڌيون ھوائون گھلنديون آھن، ۽ ٿڌڪار وڌي ويندي آھي، جنهن کي عام مروج چوڻيءَ ۾ ’اُتر لڳڻ‘ ڪوٺبو آھي. شاھ لطيف بہ ’اتر لڳڻ‘ اصطلاحي طور سياري جي مند لاءِ ڪتب آندو آھي.
اڳي سامونڊي وڻجارا اُتر جي ھوائن لڳڻ سان ئي واپار سانگي روانا ٿيندا ھئا ۽ سڄي سياري جي مند سمونڊ ۾ گهاري، پوءِ بھار جي مند ۾ موٽندا ھئا، تنھن ڪري شاھ لطيف، سُر سامونڊيءَ ۾ اُتر لڳڻ جي ڳالهہ ڪئي آھي:
لَڳي اُتَرَ اُھَرِيا، واھونديٖ وَرَنِ،
آئون گهڻو ئِي گهوريان، سودو سامُونڊينِ،
اَڱڻِ جنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٻيو، بيت 9، ص: 200)
سياري ۾ مينھن بہ اُتر جون ھوائون وسائينديون آھن. اُتر واري پاسي کان ڪڪرن جو نڪرڻ، وڄن ۽ گجگوڙن جو ذڪر شاھ لطيف، سُر سارنگ جي ڪافي بيتن ۾ ڪيو آھي:
اُتَران ٿِي آئِيُون، ڪَريٖ ھَڪَلَ ھُوءِ،
ڀَري تَلَ تَرائِيُون، جوڙي ھَلِيُون جُوءِ،
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشبُوءِ،
اَچِي رُوبَرُوءِ، اُٺِيُون روضي تان رَسُولَ جي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 15، ص: 686)
بھار
بھار جي مند کي دنيا جي گهڻو ڪري سمورن شاعرن ڳايو آھي. سنڌ ۾ بھار جي مُند وچ فيبروريءَ کان مارچ جي پڇاڙيءَ تائين ھلندي آھي. بھار جي مُند وڻندڙ ۽ مزو ڏيندڙ ھوندي آھي. ان ۾ نہ گهڻي گرمي ھوندي آھي ۽ نہ گهڻو سيءُ. ھن مند ۾ وڻ ٻوٽا ڦلهارجي نئين ڦوٽِ ڪندا آھن. بھار لفظ ۽ ان جي مند کي تمثيلي طور خوشحالي ۽ آسودگيءَ واري معنيٰ ۾ بہ ورتو ويندو آھي.
شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، ’بھار‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
ڪيڏانهن ڪاھِيان ڪَرَهو، چِٽاڻو چَؤڌارَ،
منجَهِين ڪاڪِ ڪَڪورِي، منجَهِين باغَ بَھار،
ڪانھي ٻِي تنوارَ، ٿِيو مِڙوئي مينڌَرو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان نائون، بيت 7، ص:552)
پارو
سياري جي مند جڏهن پنھنجي جوڀن تي پھچندي آھي تہ ڪڏهن ڪڏهن رات جو پارو پوندو آھي. ’پارو‘ سُڪي سيءَ کي چون، جڏهن ھوا بند ھوندي آھي، پر شام کان پوءِ سيءُ مسلسل وڌڻ لڳندو آھي تہ زميندار ۽ ڀاڳيا سمجھي ويندا آھن تہ ھاڻي پارو پوڻ وارو آھي.
پارو فصل کي ساڙيندو آھي، تنھن ڪري زميندار بيٺل فصل ۾ پاڻي ڇڏيندا آھن، ان سان فصل جو ڪجهہ بچاءُ ٿيندو آھي. ڀاڳيا مال جي چوڌاري دونھين دکائين يا مال جي پُٺن تي ڳوڻيون رکن، ڇو تہ پارو مال کي بيمار ڪرڻ سان گڏ ان جو کير بہ گهٽائي ڇڏيندو آھي. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’پاري‘ جي ڳالهہ ھن ريت ڪئي آھي:
سِھ سِيارو، پاڻِي پارو، جِت جُهڙُ، جَهڪَ ۽ جهولَ،
مَنَ اندَرِ ميھار جا، ھينئڙي اَچَنِ ھولَ،
جيلانھن ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تٖي اَڙانگا آرَ تَران.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان ٽيون، بيت 15، ص: 232)
سانوڻ
جولاءِ ۽ آگسٽ مهينن ۾ پوندڙ برسات کي ’سانوڻي مينھن‘ جي نالي سان سڏين. سانوڻ جي برسات جيڪڏهن مناسب مقدار ۾ پئي تہ گاھ موري ۽ مال لاءِ چارو پيدا ٿئي. سانوڻ جو مينھن، ڪوهستان ۽ ٿر جي ماڻهن لاءِ تہ عيد مثل آھي، ڇاڪاڻ تہ سندن ٻنيون باراني آھن ۽ سندن گذارو چوپائي مال تي آھي، جنهن لاءِ سانوڻ جو مينھن وسڻ سان جام چارو پيدا ٿئي ٿو. شاھ لطيف، ’سانوڻ‘ جو ذڪر ھن طرح ڪيو آھي:
سانوَڻِ گِهڙيٖ سَڀَڪا، ھِيءَ سَرَهِي سِياري،
تَنُ وِڌائِين تارِ ۾، اَرواحَ جي آريٖ،
مَحَبَتِي ماريٖ، ڪونھي دادُ دَرياھَه ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان ٽيون، بيت 17، ص: 233)
سيارو
سنڌ ۾ ڊسمبر جي شروع کان فيبروريءَ جي وچ تائين سياري جي مند ليکبي آھي. ھن مند ۾ گرمي پد گهٽجي ويندو آھي ۽ سردي/سيءُ وڌي ويندو آھي. سياري ۾ اُتر واريون ھوائون لڳنديون آھن ۽ گهڻو ڪري گل، ٻوٽا، وليون ۽ وڻن جي واڌ ويجهہ وارو عمل ڍرو ٿي ويندو آھي.
سياري ۾ ٿيندڙ فصل کي ربيع جو فصل چئجي ٿو، جنھن ۾ مُوري، ٿوم، بصر، مٽر، ٽماٽا، گوگڙو، ڦل گوبي، پالڪ، ڌاڻا ۽ ٻيون ڀاڄيون ۽ ميوا شامل آھن. اُتر سنڌ ۾ جيئن گرمي گهڻي ٿيندي آھي، تيئن سيءُ بہ جهجهو ٿيندو آھي. شاھ لطيف، ’سياري‘ جو ذڪر، پنھنجي ڪلام ۾ جابجا آندو آھي. سُر سامونڊي، سُر سارنگ ۽ سُر سھڻيءَ ۾ سياري جو ذڪر ملي ٿو:
اَسان اَڌارا، آڻي آونگَ چاڙِهيا،
منھن ڏيئِي مون آئِيا، سَمُهان سِياراَ،
اُڀِرَنِ سِيڪارا، پَسِيو وَرَ ٻينِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٽيون، بيت 3، ص: 205)
لُڪ لڳڻ
سنڌ جي آبھوا جي خاصيت آھي تہ ھتي ٿڌ بہ گهڻي پوي تہ گرمي به، ميداني ۽ جابلو حصن جي آبھوا اونهاري ۾ سخت گرم ۽ خشڪ ھوندي آھي تہ سياري ۾ وري سخت سرد ۽ خشڪ ٿئي ٿي. اونهاري ۾ گهڻن علائقن ۾ لوساٽي ڇڏيندڙ لُڪ يعني خشڪ گرم ھوا لڳندي آھي ۽ ڏينھن سخت گرم ٿيندو آھي. شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، اونهاري جي موسم ۾ لُڪ جو ذڪر ھيئن ڪيو آھي:
واقِفَ نَه وَڻِڪارَ جِي، پاڻِيءَ کَنيُمِ نہ پاءُ،
جَبَلَ جَلدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاريٖ تاءُ،
لَڳي لُڪَ، لَطِيفُ چي، مَعذُورِن مَٿاءُ،
اُتي اوڏو آءُ، جِتِ، ھوتَ! ھيڪَلِي آھيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان ٻيو، بيت 6، ص: 290)
واھوندو / واھوندا
ھي ھوا جو ھڪ قسم آھي، جنهن جي لڳڻ سان مالوند ماڻهو برسات جو اوسيئڙو ڪندا آھن. ھيءَ ھوا اولهہ کان لڳندي آھي. شاھ لطيف ’واھوندي‘ کي اونهاري جي شروعات ۽ بھار جي موڪلائڻ واري معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آھي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات، ۾ مٿئين لفظ جي معنيٰ ھن ريت لکي آھي: ”واھُندو جمع واھُندا (ڪ): = واءُ لڳڻ جي موسم، اُتر- اُلهندي جو واءُ، موسم بھار، گرم موسم جي شروعات - ھوائن لڳڻ جي مُند - اُلهندي واري ھوا. ٿورو مينھن - برسات پوڻ جي شروعات، پاڻيءَ وهڻ جي شروعات. سياري جي پڇاڙي ۽ خاتمي وقت، ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه جي ھوا. واھنديون.“
واھوندي جون ھوائون بھار کان شروع ٿينديون آھن ۽ سياري جي شروعات تائين ھلنديون آھن. ھنن ھوائن سان آسمان تي پاڻيءَ سان ڀريل ڪڪر اچي مينھن وسائيندا آھن ۽ جر ٿر وارو ماحول پيدا ڪندا آھن. مينھن پوڻ ڪري ڪوهستان، ڪاڇي ۽ ٿر جا ماڻهو ڏاڍا سرها ٿين ٿا، تنھن ڪري ھن مند کي، ھڪ سٺي مند سمجھيو ويندو آھي. سامونڊي ملاح اُتر لڳڻ سان ئي اسھندا ھئا ۽ واھونديون ھوائون لڳڻ سان گھر موٽندا ھئا. سندن اوسيئڙي ۾ جرجاٽون ڏيندڙ سندن ونيون پنھنجا ڀتار ڏسي خوش ٿينديون ھيون. اھا مُند، سامونڊي ماڻهن لاءِ ھڪ جشن سمان ھوندي ھئي.
لَڳي اُتَرَ اُھَرِيا، واھونديٖ وَرَنِ،
آئون گهڻو ئِي گهوريان، سودو سامُونڊينِ،
اَڱڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٻيو، بيت 9، ص: 200)