ڀٽائي جي سر سامونڊيءِ ۾ وڻجاريءَ جو درد
عزيز ڪنگراڻي
شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي ھر سر ۾ خيالن جي اڏام جو سرچشمو سندس مشاھدو ۽ مطالعو آھي. ڀٽائي فطرت ۽ قدرت جا لقاءُ گهرائي سان پُرجهيا. درياھ جي دھشتن ۽ سمنڊ جي اونھاين کان وٺي، ڍنڍن، ڍورن، تراين، جبلن، ماڻهن، ماحول، سماج، سماجي قدرن، ريتن رسمن، موسمن، ڌنڌن ۽ ٻين انيڪ شين جو باريڪ بيني سان مشاھدو ڪيو. ڀٽائي ھر سماجي پھلو کي گهرائي سان پرکيو ۽ پروڙيو. سندس اظھار ۾ شين بابت مشاھدو ايڏو تہ وسيع آھي جنھن جو ڪو آند نہ پاند! مثال طور، ڀٽائي لوھار ۽ لوھارڪي ڪرت جو مشاھدو پنھنجي شاعري ۾ ايئن پيش ڪري ٿو، ڄڻ خود اھا ڪرت ڪري چڪو ھجي. ايئن ھر موضوع بابت سندس مشاھدو سانوڻ ۾ مھراڻ جيان موجزن آھي. انھي ڳوڙهي مشاھدي يا پرک ۽ پروڙ جي آڌار تي ھن عظيم شاعر نہ صرف سنڌي سماج جي نقش نگاري ڪئي، پر ترجماني بہ ڪئي، تہ ان ۾ آفاقي ۽ عالمگير سوچ پڻ سمائي. ڀٽائي انھي اڻ مئي مشاھداتي سگهه سان اظھار وسيلي ھر دور ۾ سنڌي سماج ۾ ساھ کڻندڙ ماڻهن جي احساسن جو عڪاس بڻجي ويو.
ڀٽائي جي مشاھدي جي ڳوڙهائپ جو ساگر سندس شاعري ۾ رائج ڪھاڻين ۽ انھن جي ڪردارن جي روپ ۾ بہ ڇوليون ھڻندي نظر ايندو. اھي ڪردار يا تہ غريب، ستايل، جاکوڙي يا عام ماڻهو آھن يا وري اھڙا ڪردار ڳاتائين جيڪي عام ماڻهوءَ جا حامي، ڀرجهلا يا آدرشي رهيا ۽ عوام ۾ مثبت پھلو جي حوالي سان مقبول رهيا. ڀٽائي انھن ڪردارن ۽ ڪھاڻين کي ڳاتو يا اھميت ڏني، جيڪي ڪنھن نہ ڪنھن ريت عام عوام سان سلهاڙيل رهيا. ڀٽائي انھن ڪھاڻين يا ڪردارن جي ڪردار نگاري جي نسبت سان سنڌي سماج ۽ انسان ذات جي ترجماني ڪئي جيڪي سنڌ سان لاڳاپيل ھئا. انھن ڪردارن ۾ سر سامونڊي جي وڻجارِي جو بہ ڪردار چئي سگهجي ٿو جنھن جي درد ۽ ڀوڳنا کي ڀٽائي پنھنجي شعر جو موضوع بڻائي ان کي لازوال ڪردار بڻائي ڇڏيو. وڻجارِيءَ جو درد ايئن پيش ڪيو اٿائين ڄڻ ڀٽائي جو پنھنجو درد ھجي ۽ اھو ڄڻ سنڌي سماج جو سور ھجي. ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ھر ان وڻجاريءَ جو درد ھجي جنھن جو وڻجارو محبوب (ور) وڻجاريءَ (زال) کي وڇوڙي جي آڳ ۾ اڇلي روزيءَ سانگي سمنڊ جون لھرون لتاڙي سمنڊ پار ويل ھجي. اڄ بہ سندس اظھار سڄر ۽ تازو محسوس ٿئي ٿو.
سر سامونڊي ۾ وڻجاريءَ جي ويڳ ۽ ويراڳ جي نسبت سان ڀٽائي تڏهوڪي زماني ۾ دنيا سان سنڌ جي واپار ۽ موسمن جو بيان پڻ ڪيو آھي. ڀٽائي مھراڻ يا سنڌ جي موتين جي دنيا سان عروج تي ٿيندڙ واپار جو ذڪر ڪندي سنڌ جي پرڏيهه سان واپاري لاڳاپن جا چٽ پڻ چٽيا آھن. سنڌ جي پرڏيهه سان واپار جي ڳالهہ ڪندي سر سامونڊي ۾ ڀٽائي لنڪا (سريلنڪا) سان سنڌ جي واپاري لاڳاپن جو خاص ذڪر ڪيو آھي.
لنڪا لنڪا ڪن، لئہ لنڪا جي اوھريا
يا
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا
سر سامونڊي ۾ ڀٽائي وڻجاريءَ جي ڏکويل احساسن جي ترجماني وقت سنڌ جي وڻج واپار ۽ ان لاءِ پرڏيھ ويندڙ وڻجارن، ٻيڙن، غورابن، سڙهن وغيرہ جو ذڪر بہ ڪيو آھي. سر سامونڊي ۾ سمنڊ وسيلي سنڌ جي واپار ۽ واپار لاءِ ويندڙ وڻجارن جي نسبت سان وڻجارڪي ڪرت ۽ ان ۾ سندن مصروفيتن ۽ سندن زندگي کي پيش ايندڙ خطرن ۽ تڪليفن کي بہ اجاگر ڪيو آھي. وڻجارا واپس پھچندا مس ھئا تہ وري سفر جو سعيو ڪندا ھئا. روڪڻ سان بہ نہ رڪجندا ھئا. ويندا ھئا تہ ورڻ ۾ وقت لڳائيندا ھئا. ان ڪري سندن گهر واريون يا وڻجاريون کين روڪينديون ھيون پر اھي نہ رڪندا ھئا تہ وڻجاريون سندن ماءُ کي کين پلڻ يا روڪڻ جون دانھون ڏينديون ھيون. ڇو تہ وڻجارا ويندا ھئا تہ ورڻ ۾ ڏينھن لائيندا ھئا ۽ وڻجاريون الڪن جي ڄار ۾ ڦٿڪنديون ھيون. جيستائين واءُ سڻائو نہ لڳندو ھو، تيستائين سندن ٻيڙا اچڻ لاءِ روانا نہ ٿيندا ھئا. خاص طور واپسي ۾ مھينن جا مھينا لڳي ويندا ھئا. ڇو تہ جنھن طرف کين وڃڻو ھوندو ھو انھيءَ طرف واءُ گهلندو ھو تہ سفر تي اسھندا ھئا. سنڌي ٻوليءَ ۾ واءُ سڻائو ورڻ وارو محاورو بہ ان پسمنظر ۾ رائج ٿيل آھي. وڻجارا دير ڪندا ھئا تہ سندن زندگي خطري ۾ ھجڻ جو احساس اڀرندو ھو. وڻجاريون تڙ پوڄينديون ھيون. مطلب سندن وھون معنيٰ زالون باسون باسينديون يا دعائون گهرنديون ھيون، تہ شال سندن ور خيريت ۽ سلامتي سان واپس موٽن. جن جا ور موٽندا ھئا سي خوش ٿينديون ھيون ۽ جن جا نہ موٽندا ھئا سي سيڪارا يا شوڪارا ڀرينديون ھيون. ڀٽائي انھيءَ صورتحال کي وڻجارِيءَ جي واتان چورائي ٿو:
وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نہ پلئين
***
اڃا آئين ڪالهه، پڻ ٿو سفر سنبھين!
***
سامونڊين سائين، واءُ سڻائو وارئين.
***
اڀيون تڙ پوڄين، وڻجارن جون وَھُون
***
سي ئي ٿيون مرڪن، جنين سندا آئيا
***
اڀرن سيڪارا، پسيو ور ٻين جا
ڀٽائي موسمن جي مشاھدي کي بہ سر سامونڊي ۾ ڀرپور نموني پيش ڪيو آھي. گربخشاڻي موجب سامونڊي يا وڻجارا واھوندي يعني بسنت بھار جي موسم ۾ ورندا ھئا ۽ اتر لڳندو ھو تہ وڻج سانگي سفر تي اسھندا ھئا”. ان مان لڳي ٿو تہ وڻجارا سڄو سيارو نہ ايندا ھئا ۽ اوسيئڙي ۽ اڪير ۾ وڻجارن جون ونيون ٿڌا ساھ ڀري سڄڻن کي سارينديون ھيون. وڻجارين جو سڄو سيارو ور لاءِ واجهائيندي گذرندو ھو. بھر حال، موسمن جي نسبت سان وڻجارن لاءِ وڻجارين جي ڪيفيتن جي عڪاسي ۾ ڀٽائي ڪمال کي ڇھيو آھي. خاص طور سياري جي موسم ۾ وڻجارين جي ھيڪلائي ۽ ور بنا سياري جي مند گهارڻ ويل سندن جذبن کي ڳائي ڀٽائي ھر دور ۾ ھر دل جو ترجمان بڻجي ويو.
لڳي اتر آھريا، واھوندي ورن
***
لڳي اتر ھير، سامونڊين سڙهه سنباھيا
***
سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين
***
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباھيا
ھتي واضح ڪرڻ ضروري آھي تہ ڀٽائي موسمن جي لحاظ کان ٻين موسمن جو ذڪر ان ڪري نہ ڪيو آھي جو وڻجارا سياري ۾ ويندا ھئا ۽ چوماسي ھوائن کان اڳ واھوندن ۾ ورندا ھئا. سندن سفر 2 موسمن سان منسلڪ ھو، تڏهن سر سامونڊي ۾ 2 موسمن جو ئي بيان شامل آھي تہ وڻجارا سياري اسھندا ھئا ۽ واھوندي ۾ ورندا ھئا. تنھنڪري ھن سر ۾ ڀٽائي صرف سياري ۽ بھار جو ذڪر ڪيو آھي ۽ وڻجارن جي ڪرت ۽ انھي ڪرت ۾ لڳندڙ وقت جي حوالي سان ڀٽائي پاڻ وڻجاريءَ بڻجي ويل لڳي ٿو. سر سامونڊي ۾ وڻجاري جي جذبن جي اپٽار مختلف پھلوئن کان شامل آھي. ڪٿي ور سان مخاطب آھي. ڪٿي وڻجاري جي ماءُ سان ھم ڪلام آھي، تہ ڪٿي وڻجاري ڪانڌ سان ھم ڪلام آھي. ڪٿي ايلاز ۽ منٿ ڪندي معلوم ٿيندي، تہ ڪٿي گهر واري کي ڏوراپا ڏئي ٿي تہ شل اھو واپار وارو ڌنڌو تون ڇڏين يا توکان وسري وڃي يا جي خبر ھجي ھا تہ وڻجارو آھين ۽ سدائين پرڏيهه رهندڙ آھين تہ توسان شادي ئي نہ ڪريان ھا:
وڃئي وسري شال، جو تون سودو سکيو
***
جي تون وڻجارو ڪانڌ، تہ مون ھڏ مَ لائون لڌيون
سر سامونڊي ۾ ڀٽائي وڻجاريءَ جو سمورو درد ھڪ بيت ۾ سمائي ڇڏيو آھي. جڏھن سياري ۾ بہ وڻجاريءَ جو جوڀن انتظار جي گرميءَ ۾ برف جيان رجي ٿو، تہ تڙپڻ لڳي ٿي. جوڀن کي اڪيلائي جي آڳ ۾ پڄرندي محسوس ڪري ٿي ۽ اڪنڊ اڪير جو ڪلوڙو ڪلين ۾ پويس ٿو تہ پنھنجي ماءُ سان ڏوراپي جي انداز ۾ مخاطب ٿئي ٿي:
سي ئي جوڀن ڏينھن، جڏهن سڄڻ سفر ھليا
رئان رهڻ نہ سپرين، آيل ڪريان ڪيئنءَ،
مونکي چاڙهي چيءَ، ويو وڻجارو اوھري.