شاھ لطيف، عظيم صوفي، شاعر ۽ مفڪر ھو، جنھن پنھنجي سڄي زندگي، حق جي پُٺڀرائي، مذھبي رواداري، حُب الوطني ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي فڪر ۽ فھم کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ارپي ڇڏي. شاھ لطيف، سماجي ۽ روحاني جاڳرتا جي سفر ۾، ھند سنڌ جي صوفين، سنتن، عالمن، سالڪن، سامين ۽ جوڳين جي صحبت ۾ رهيو. جذبن کي روحاني رمزن سان گڏوگڏ معاشي، سياسي، ثقافتي اڻبرابريءَ خلاف سياسي سڄاڳي آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ان ڏس ۾ سيد سڄي سنڌ ۾ سفر ڪندو رهيو ۽ عوام سان مسلسل رابطي ۾ رهيو. سندن ڏکن سُورن کان واقف ٿيندو رهيو ۽ انهن جي مسئلن کي نبيرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. سماج ۾ پيڙهيل، مظلوم طبقن، جھڙوڪ ھاري، پورهيت، ھنرمند، مھاڻن وغيرہ کي ھمٿائيندو رهيو ۽ پنھنجي ڪلام جو موضوع بڻائيندو رهيو.
شاھ لطيف نہ رڳو پنھنجي دور جي دردن، ڏکن سُورن کي پنھنجي ڪلام ۾ آندو آھي، پر گذريل زمانن جي ظلم، ناانصافيءَ ، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کي بہ ننديو آھي .
مَتو آھِين مَڇَ، ٿلهو ٿيو ٿُونا ھَڻين،
جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تنھن پاڻِيءَ پُنا ڏينھڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر ڏهر، داستان 1، بيت 14، ص: 870)
ساڳئي وقت عام ماڻهن ۾ ڏکن ڏولاون سان منهن ڏيڻ، ڏاڍ خلاف سندرو ٻڌڻ، مسلسل جدوجھد ۾ رهڻ جا سبق سيکاري منجهن ھڪ آس ۽ اميد پڻ جاڳائي ۽ کين جاکوڙ تي اُڀاريو:
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ ڪاھ، ڪانھي ويلَ وِھَڻَ جِي،
مَتان ٿِئي اُونداھِ، پيرُ نہ لَهين پرينءَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر حسيني، داستان 2 ، بيت 18، ص: 442)
شاھ لطيف ’فارسي گهوڙي چاڙهسي‘ واري دور ۾ بہ پنھنجي ٻاٻاڻي ٻولي سنڌيءَ ۾ ڪلام چيو ۽ ائين پاڻ پنھنجي متقدمين جي پَر پاريائين ۽ پنھنجي فڪر ۽ ڪلام سان نہ رڳو پنھنجي ھمعصرن پر متاخرين کي بہ متاثر ڪيائين.
وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئِي پُراڻُو نہ ٿِيي،
ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِيي نہ ضاءِ،
سا ڪا ھَڙَ ھَلاءِ، آڳَھِ جنھن جي اُبهَين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 3، بيت 2 ، ص: 166)
ھيٺ انهن متاخرين جو -الف ب وار- ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي شاھ لطيف جي فڪر جي اثر ھيٺ رهيا آھن، انهن ۾ ڪي سندس ننڍا ھمعصر بہ شامل آھن، جن جو ذڪر اڳ بہ اچي چڪو آھي.
استاد بخاري (1930ع-1992ع) :
سنڌي ٻوليءَ جو ھي ناليوارو شاعر 16 جنوري 1930ع تي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ غلام نبي چانڊيي ۾ سيد حاجن شاھ جي گهر ۾ ڄائو. سندس نالو سيد احمد شاھ بخاري رکيو ويو. استاد بخاري 1944ع ۾ سنڌي فائينل پاس ڪئي، بعد ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان 1964ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين.
پيشي جي لحاظ کان ھو پھريون ڀيرو 1947ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو، ان کان پوءِ 1967ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو.
استاد بخاريءَ جو نالو سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعريءَ ۾ چوٽيءَ جي شاعرن ۾ ليکجي ٿو. ون يونٽ جي دؤر ۾ سندس شاعري، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپجي چڪا آھن، جھڙوڪ: ’گيت اسان جا جيت اسان جي‘ (1971ع)، ’هي گيت گلابي ٻارن جا‘ (1980ع)، ’اوتون جوتون‘ (1985ع)، ’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘ (1986ع)، ’سوچون ڀُڻڪا واڪا‘ (1990ع)، ’لهر لهر دريا‘ (1990ع)، ’ڪاري ڪڪر ھيٺ‘ (1991ع)، ’ڌرتي سرتي‘ (1991ع)، ’زندگي زندگي‘ (1992ع)، ’نہ ڪم نبريو نہ غم نبريو‘ (1993ع)، ’جُستجو لاتقنطو‘ (1993ع)، ’ماندي ٿيءُ نہ مارئي‘ (1994ع)، ’ولولو ۽ ووڪ‘ (1994ع)، ’ميلا ملهالا‘ (1996ع)، ’وطن ۽ ويساھ‘ (1997ع)، ’هي گجرا ھي گولا‘ (1997ع)، ’هڙئي ھيج وطن جا‘ (1998ع)، ’لهري لهري ۾ لالاڻ‘ (1998ع)، ’تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان‘ (2001ع)، ’گلدستي ۾ گيت‘ (2007ع)، ’پير نہ ھٽن پوئتي‘ (2007ع)، ڌُوڙ دل تي درد جي‘ (2007ع)، ’گِهڙيا سي چڙهيا‘ (2007ع)، ’ ’بخاري جا قطعا‘ (2008ع) وغيره.
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ بابت سراج الحق ميمڻ پنھنجي خيالن جو اظھار ھن ريت ڪيو آھي: ”استاد بخاري اُتان جو آھي، جتي سنڌ جي تاريخ ۽ اتھاس پنھنجو جوڀن گذاريو آھي. ائين ٿو ڀانئجي تہ سنڌ جي تاريخ ۽ اتھاس جو شعور ھُن جي لفظن ۾ اوتجي آيو آھي. ھُن سنڌ جي اصلي وارثن – ڳوٺن، وسين ۽ واھڻن جي رهواسين – سان گڏجي وجود جا گوندر گهاريا آھن. ان ڪري، ھن جي لفظن ۾ زندگيءَ جون متحرڪ ۽ جيئريون جاڳنديون حقيقتون عڪس بڻجي ٿيون اُڀرن. ۽ ھُو استاد بہ آھي، ان ڪري تجربي، مشاھدي ۽ مطالعي ھن جي ذھني اُفق کي ايترو روشن ۽ وسيع ڪري ڇڏيو آھي، جو ھن ڌرتي ۽ ھن ڌرتيءَ جي ماروئڙن جو اصل، سچو، نبار روپ اُن جي سِٽ سِٽ ۾ جرڪڻ لڳو آھي. ھيءَ ڌرتي ۽ ان جا ماڻهو، ھُن جي شاعريءَ جي محرڪن جو محور آھن. ھن سنڌ جي ماڻهوءَ کي سنڌ جي معاشري ۽ ان جي تاريخي ۽ سماجي پسمنظر ۾ ڏٺو آھي، سڃاتو آھي، ھو ويھين صديءَ جو شعور ھنن سان ونڊڻ ۽ ورڇڻ گهري ٿو. موت، حيات، ڪائنات جي ڏند ڪٿائن جي تصوراتي تثليث ۽ صليب تي ٽنگجڻ بدران ھن ’حقيقت‘ جي موجود پَلَ، ھلندڙ لمحي کي منزل بڻايو آھي، ۽ ان ڪري ھو ماضيءَ بدران حال ۽ مستقبل جو شاعر آھي. ھو اميد ۽ رجاعيت جو شاعر آھي، جنھن کي انسان جي آئيندي – سنڌ جي انسان جي آئيندي - ۾ ايمان آھي، جيڪو وجود جي ويڙھ ۾ اتھاس، علم، عقل کي ھٿيار بڻائي وڌي رهيو آھي. “ (بخاري، استاد، (1986ع)، ص: ط)
استاد بخاري، سنڌي ٻوليءَ جي نج لفظن ۽ وساريل ورجيسن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪم آڻي، نئين سِر جيارڻ جي ڪوشش ڪئي، تنھن ڪري سندس شاعريءَ ۾ ڪيترائي اھڙا لفظ آھن، جن کي سمجهڻ ۾ سنڌي ادب جي شاگردن کي ڏکيائي ٿيندي ھئي. ان سلسلي ۾ عزيز ڪنگراڻي ’اکر اکر آرسي‘ جي نالي سان استاد جي شاعريءَ جي لغت تيار ڪئي، جيڪا 2009ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ڇپائي پڌري ڪئي.
”سنڌي زبان جو ھي ٻہڳڻو شاعر آخري عمر ۾ ڪينسر جي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ انهيءَ مرض سبب 9 آڪٽوبر 1992ع تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ وفات ڪيائين. “ (سنڌيانا، جلد پھريون، 2009ع، ص: 178) کيس دادوءَ ۾ دفن ڪيو ويو.
استاد بخاري، سنڌي قوم ۽ سنڌ کي، پنھنجي شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز بڻائي، قومي مسئلن ۽ طبقاتي ويڇن تي اھڙي تہ پُر اثر شاعري ڪئي، جنھن ان وقت جي سياسي صورتحال ۾ ٻرنديءَ تي تيل ھارڻ جو ڪم ڏنو. مثال لاءِ سندس ھي بيت ڏسو:
کيڙي سو ميڙي ڀلي، ڪاھي سو ڳاھي،
داتا جي ڌرتي سڄي آدم جي آھي،
سينا سڀ ساھي، بيٺا غاصب سامھان.
(بخاري، استاد، (1991ع)، ’ڪاري ڪڪر ھيٺ‘، ص: 61)
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو تجزيو ڪندي سراج الحق ميمڻ وڌيڪ لکي ٿو تہ: ”اسان جي ڪلاسيڪي ادب جي سردارن، شاھ عنايت، لطيف ۽ سچل جي دورن ۾ سُرن، داستانن ۽ مضمونن کي تصوف ۽ وحدت الوجود جو وسيع دائرو حاصل ٿيل ھو. استاد بخاريءَ ويھين صديءَ جي شعور کي ساڻ کنيو آھي، جنھن جو دائرو اڃا اسان وٽ تمام محدود آھي، ان ڪري تجربي ڪندي وقت استاد جو قلم ضرور ڪنبيو ھوندو. “ (بخاري، 1986ع، ص: ”ڪ“)
شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ انيڪ خوبين منجهان ھڪ خصوصيت اھا بہ رکي ٿو جو کانئس پوءِ ايندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ڪوبہ شاعر کائنس متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نہ سگهيو آھي. استاد بخاري توڙي جو شاھ لطيف کي ميار بہ ڏئي ٿو پر تنھن ھوندي بہ ھو ان کان متاثر ٿيو آھي، جنھن جي شاھدي سندس ئي ڪلام مان جابجا ملي ٿي. ھُو شاھ لطيف کي ميار ڏيندي چئي ٿو تہ:
نوريءَ ناز نظر ۾، سَسئي سَڱ سکي،
پوچا پير ڍڪڻ تي، ڪٿ ٿو اک رکي،
آکون ڊاکون اک ۾، پرکيئه ڀنئر پکي،
موکيءَ ھٽ متارن جيڪا چُرڪ چکي،
چڙهي چاءِ چڪاسيئه بر ۾ باھ بکي،
تنھنجي تيز نظر ۾ لاکو خواھ لکي،
آڏو تو نہ اکي، ھيءَ جا قوم ڪسي وئي!
(بخاري، استاد، (1991ع)، ’ڪاري ڪڪر ھيٺ‘، سُر ڪيڏارو، ص: 65)
ساڳي وقت استاد بخاري پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيترين ئي جاين تي شاھ لطيف جي ڪردارن، ۽ اُنهن جي واتان چؤرايل ڳالهين کي پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي. مثال طور ھن بيت ۾ استاد بخاري، شاھ لطيف پاران ’کَرَ‘ کي ڏنل پاراتي جو ذڪر پڻ ڪري ٿو.
مُنهن ڪارو موذي مري، تر ۾ جِجَ نہ جاءِ،
ڀٽائي بابي چيو، ”کر کي کپر کاءِ“،
ڏَنگَ ڇتي کي ڏاءِ، گندي گِگَ گُهٽي چڱي.
(بخاري، استاد، (1986ع)، ’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘، ص: 213)
ھي اھو ئي ’کَر‘ آھي، جنھن ’مھانگي لئه ميڙي‘ عام خلق لاءِ آزار ٿي پيدا ڪيو، پر جڏهن بادل کي برسڻ جو حڪم ٿيو تہ مُوذين کي ھٿ مهٽڻا پيا. شاھ لطيف اھڙي موذي بابت چيو:
حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، تہ سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَھَه ٽَھَه مِينهن ٽِمَنِ،
جَنِ مھانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ،
پَنجَنِ منجهان پندرَهن ٿِيا، ايئن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪارِيا ڏيهَنِ مان، شَلَ مُوذِي سَڀِ مَرَنِ،
وَرِي وَڏِي وَسَ جُون، ڪِيُون ڳالهيون ڳَنوارَنِ،
سَيّد چي سَڀِنِ، آھِه توھ تنھنجي آسِرَو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 16، ص: 701)
استاد بخاريءَ، شاھ لطيف جي ’کر کي کَپُرُ کاءِ‘ واري ڳالهہ کي پنھنجي معنيٰ ڏيئي استعمال ڪيو آھي، جنھن سان شاھ لطيف جو ’ڏُڪاريل ڏيھ ۾ شَلَ، مُوذي سڀ مَرن‘ وارو بيت مفھوم جي حوالي سان بلڪل ٺھڪي اچي ٿو، جڏهن تہ شاھ لطيف پاڻ ’کر کي کَپُرُ کاءِ‘ واري ڳالهہ ڪنھن ٻئي معنيٰ ۾ ڪئي آھي.
کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪرِي،
اُڀو جو اوناءِ، سُرُپُرُ سَندِي سَڄَڻين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان ٽيون، بيت 18، ص: 717)
ٻئي طرف استاد بخاري، مدي من ۾ رکي ھلڻ وارن ’کرن‘ لاءِ اھا سزا رکي آھي، تہ ھُو اوستائين جيئن، جيستائين ڏيھ واسين جي خوشين ۽ شادمانين جا ڏينھن اچن، پوءِ انهيءَ ساڙ ۾ سڙي مرن.
”الا، کر جِيَنِ، مَدي جن جي مَن ۾،
’بخاري‘ ھن ڀُونءِ تي آجا اوج اچن!
سڄڻ، سيڻ وهانوَ ڪنِ، ھر ڪنھن ھانوَ ٺرن،
ڏِسن ڏيھ مبارڪون، ڌَمر دھل وڄن،
تِھان پوءِ مَرن، سڙي انهيءَ سُور ۾. “
(بخاري، استاد، (1986ع)، ’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘، ص: 213)
مٿين پنجن سٽن واري بيت جو مفھوم ڀٽائي جي ٽن سٽن واري ھيٺين بيت مان ورتو ويو آھي.
اَلا! کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِين جي مَنَ ۾،
اَسان ۽ پِرِيَنِ جُون، اُميدُون پَسَنِ،
تِنهان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهيءَ سُورَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 3، بيت 16، ص: 716)
عشق ۾ قاصد جي وڏي اھميت ھوندي آھي، جيڪو ٻن وڇڙيلن کي ھڪ ٻئي جا سنيها پھچائي، ڏکن سورن کان پيو واقف ڪندو آھي. ننڍي کنڊ جي ٻولين ۾ سرجندڙ شاعريءَ ۾ قاصد کي تمام گهڻو ڳايو ويو آھي. ڪٿي ’باد صبا‘ قاصد آھي تہ ڪٿي چنڊ، ڪٿي ڪبوتر ٿو پيغام پھچائي تہ ڪٿي ڪانگ پيو سنيها ڏيئي. استاد بخاري، قاصد کي چئي ٿو تہ وڃي پرينءَ جي اڳيان منھنجي ھيڻي حال جو احوال رک ۽ ٻڌائينس تہ تو زورآور جا ضد مون مجبور کي ماريندا. منھنجي دل سندس اڳيان رک جيئن کيس منھنجي تباھيءَ جي تصديق ٿئي.
قُرب ڪري قاصدَ، ديد ۽ دِل وٺيو وڃو!
تباھيءَ تَصديق لئه پيش پَڪا شاھِدَ،
زوراوَر جا ضِدَ، ماريندا مجبور کي.
(بخاري، استاد، (1986ع)، ’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘، ص: 180)
ساڳي ڳالهہ اکرن جي مٽا سٽا سان شاھ جي رسالي ۾ موجود آھي. استاد بخاريءَ جو مٿيون بيت ڄڻ تہ شاھ لطيف جي ھن بيت جي ٻي صورت آھي:
ڪَڍِي ڪانگا! تو ڏِيان، ھِنيُون ساڻُ ھَٿَنِ،
وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَنِ،
پِرِين مانَ چَوَنِ، تہ ھيئن قُرِبانِ ڪيرَ ٿِي؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان 1، بيت 12، ص: 839)
استاد بخاري، سيکڙاٽ عاشق لاءِ چئي ٿو تہ توڻ چڻنگن کي باھ ان ڪري پيو ڪوٺين جو تون آڙاھ ڏٺو ئي ناھي.
چڻنگون چوين باھ، چئبو باھ ڏٺي نہ تو!
اُلانڀيون آڙاھ، پسين پوءِ پتو پوي!
(بخاري، استاد، (1986ع)، ’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘، ص: 99)
ساڳي ڳالهہ شاھ لطيف ’اَروٽ‘ لفظ ڪتب آڻي ڪئي آھي. ٻئي بيت فڪري ۽ معنوي لحاظ کان بلڪل ھڪجھڙا ٿا لڳن.
پَتَنگُ چايين پاڻَ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ،
سَھائي سُپرِيَن جي، گِهڙُ تہ ٿيين گهوٽُ،
اَڃان تون اَروٽُ، کُوري خَبَرَ نَه لَهِين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 3، بيت 12، ص: 96)
ننڍي کنڊ جي شاعريءَ ۾ ’جوڳي‘ لفظ تمام گهڻو ڪتب آندو ويو. ڪن اُن کي سچي پچي جوڳيءَ لاءِ ڪم آندو آھي تہ ڪن مُرشد جي معنيٰ ۾، ڪن عاشق کي جوڳيءَ سان تشبيھ ڏني آھي تہ ڪن وري انقلابي اڳواڻن کي. استاد بخاري پنھنجي شاعريءَ ۾ جوڳيءَ جو لفظ ڪم آندو آھي.
ذرڙيءَ جي ذري، چولي چڻنگ وجهي ويا،
آءُ انهن جي آنچ ڙي، ”ٻاري جن ٻَري“،
”جوڳي جُوان جَري، مچي مچ بڇي ويا. “
(بخاري، استاد، (1986ع)، ’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘، ص: 83)
جوڳي جو ڪردار شاھ لطيف وٽ موجود آھي. سُر رامڪليءَ جي پھرين بيت ۾ ئي ’ٻري جن ٻاري‘ واري ڳالهہ ڏانھن اشارو آھي:
نُورِي ۽ نارِي، جوڳيئڙا جھان ۾،
ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئُون نَه جِيئندي اُنِ رِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 1، ص: 778)
استاد بخاري، قوم پرستي ۽ مارڪسزم جي نظرين جي پچار ڪندي، سنڌي سماج ۾ قومي ۽ طبقاتي مسئلن کي بيان ڪيو آھي، جڏهن تہ شاھ لطيف، صوفي مت جي فڪر جي پرچار ڪئي آھي، توڙي جو ٻنهي شاعرن جي وچ ۾ نظرياتي طور وڏو فرق آھي، پر جيئن تہ سنڌ ۾ شاھ لطيف ۽ استاد بخاريءَ جي وقت جي حالتن ۾ ڪا گهڻي تبديلي اچي نہ سگهي ھئي، ھارين سان زميندارن جا ظلم ساڳي ريت جاري ھئا/آھن ۽ امير ۽ غريب جو فرق برقرار ھو/آھي. سنڌ تي ڌارين حاڪمن جي بالادستي بہ سڌي اڻ سڌي ريت ساڳي طرح قائم ھئي/آھي، تنھن ڪري ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ ھڪجھڙايون فطري طور موجود آھن.
استاد بخاري، شاھ لطيف جي قومي مسئلن، انسان دوستي، حب الوطني، ننڍ وڏائيءَ جي فرق ۽ مجازي عشق تي چيل ڪلام کان متاثر ٿي شاعري ڪئي آھي، جيڪا سندس ذڪر ڪيل ڪتابن ۾ چڱي طرح پسي سگهجي ٿي.
اعجاز راشدي (1929ع-1998ع) :
اعجاز راشديءَ جو اصل نالو سيد محي الدين شاھ راشدي ۽ سندس والد جو نالو پير سيد احسان الله شاھ راشدي ’سنت ڌڻي‘ آھي. سندس جنم 12 ربيع الاول 1348ھ موجب 1929ع ۾ سندن اصل ڳوٺ ’پير جهنڊي‘ ۾ ٿيو.
ڇھن ورهين جي ڄمار ۾ کيس ڳوٺ پير جهنڊو ۾، مولوي شفيع محمد مڱريو وٽ قرآن شريف پڙهڻ لاءِ ويھاريو ويو، جتي اعجاز راشدي 8 سالن جي ڄمار ۾ قرآن شريف جا 29 پارا پڙهيو.
1356ھ 1937ع ۾ سندس والد، ڳوٺ پير جهنڊو کان اُتر پاسي اڌ ميل جي پنڌ تي ’درگاھ شريف‘ نالي ھڪ نئون ڳوٺ آباد ڪري رهڻ لڳو. اعجاز راشدي، قرآن شريف جو ٽيھون پارو ’درگاھ شريف‘ ۾ مولوي جمال الدين وٽ پڙهي پورو ڪيو، ساڳي استاد کيس سنڌي ٻاراڻو ڪتاب ۽ پھرين ڪتاب جا ڪجهہ سبق پڻ پڙهايا. ان دوران 1358ھ موجب 1939ع سندس والد پير احسان الله راشدي گذاري ويو، جنھن کان پوءِ اعجاز راشدي جي تعليم جو سلسلو ختم ٿيو.
اعجاز راشدي، ننڍپڻ ۾ مَستاني طبيعت جو مالڪ ھو، تنھن ڪري سندس والد کيس ’بهلول‘ جي نالي سان سڏيندو ھو. ان نالي کي پاڻ پنھنجي ڪلام ۾ پڻ ڪم آندو اٿن.
نڪا اڄ نہ ڪالھ ميان، ازلان اڳي ڄاڻ،
سيم بانگ بِرھ جي، قلبئون ڪَنن ساڻ،
پڙهيم ڪلمون پريم جو، پرزا ٿي ويو پاڻ،
مليو صبر سَنباڻ، بَر سِرو بهلول چئي.
(ميمڻ، صاحبڏنو، (2013ع)، ’سُخن اعجاز‘، مارئي، بيت 12، ص: 733)
اعجاز راشدي پنھنجي والد پير احسان الله شاھ راشديءَ کي پنھنجو مرشد مڃي ٿو: ”اسان ذڪر يا تلقين پنھنجي والد صاحب پير احسان الله شاھ جن کان ورتي. “ (ميمڻ، صاحبڏنو، 2013ع، ص: 25)
سندن طريقت جو سلسلو قادري ھو. پاڻ قرآن شريف ۽ ٻين ديني ڪتابن جو مطالعو ڪندا ھئا. 15 سالن جي ڄمار ۾ شاعريءَ ڏانھن لاڙو ٿين، جيڪو پڇاڙيءَ تائين برقرار رهيو.
اعجاز راشدي سادگي پسند، سير و سفر جو شوقين ۽ خوش طبع انسان ھو. پاڻ پھرين شادي، نواب شاھ کان ڏکڻ پاسي گاجر واھ لڳ ’ڳوٺ پير شاھ‘، ۾ رهندڙ سيد علي اڪبر شاھ راشديءَ وٽان 1952ع ۾ ڪيائون، جنھن مان کين پنج فرزند تولد ٿيا ۽ انهن مان ٻن وڏن فرزندن جو وصال سندن ئي حياتيءَ ۾ ٿيو. جڏهن تہ ٻي شادي ڳوٺ بابو ڇن مان سيد نورالدين شاھ راشديءَ وٽان 1982ع ۾ ڪيائون. ھن شاديءَ مان پڻ کين پنج پٽ ٿيا. 1973ع ۾ لڏي اچي نيو سعيد آباد، تعلقي ھالا ۾ ويٺا، جتي سندن خاندان اڄ تائين آباد آھي. اعجاز راشدي 16 جون 1998ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس درگاھ شريف پير جهنڊو لڳ نيو سعيد آباد ۾ دفن ڪيو ويو.
پير سائين اعجاز شاھ راشديءَ جي شاھ لطيف سان تمام گهڻي اُنسيت ھئي، جنھن جا اُھڃاڻ سندن ڪلام ۾ جابجا ملن ٿا.
عاشق عارف الله جو، سالڪ صوفي صاف،
لائق شاھ لطيف جو، اعجاز ڏس انصاف،
حق پرست ٿيو حق جو، ويو ڪين خلاف،
سچ پارکُن سچ چيو، جيئن پرکي سون صراف،
آيو جتان مصحاف، اُتان آيو رسالو شاھ جو.
(ميمڻ، صاحبڏنو، (2013ع)، ’سخن اعجاز‘، متفرقات، بيت 3، ص: 801)
ٻئي بيت ۾ چون ٿا تہ:
سَڌڙيا سَڌ ڪري، ٿيا شاعر لکين لوڪ ۾،
پر اڃان شاھ لطيف جو، آھي پنڌ پري،
تنھن سان ڪونھ ڀري، برڪش ٿي وِک برھ جو.
(ميمڻ، صاحبڏنو، (2013ع)، ’سخن اعجاز‘، متفرقات، بيت 1، ص: 801)
مٿي ڏنل بيتن مان پڌرو ٿئي ٿو تہ اعجاز راشدي نہ رڳو شاھ لطيف کان متاثر ھو، بلڪ کيس مھان شاعر مڃيندڙ ۽ سندس ڪلام ’شاھ جي رسالي‘ جو وڏو قدردان پڻ ھو. ’سخن اعجاز‘ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ اعجاز راشدي فڪر جي ميدان ۾ شاھ لطيف جي ٻُڌايل گَس تي ھليو آھي.
اعجاز راشدي ۽ شاھ لطيف، صوفي مت جا پرچارڪ ھئڻ ڪري، سندن ڪلام ۾ فڪري ۽ فني ھڪجھڙائي نمايان طور تي پسي سگهجي ٿي. گهاڙيٽي جي حوالي سان ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ بيت جي صنف ملي ٿي. شاعريءَ جا ڪردار بہ گهڻي ڀاڱي ساڳيا آھن.
اعجاز راشدي، واحد جي وڏائي ۽ وحدانيت بيان ڪندي چئي ٿو تہ:
سوئي بَصير ڀانء تون، سوئي سر سَميع،
سوئي عين تَعين آ، سوئي عين وَسيع،
سوئي قانع قنيع آ، سوئي صانع صنيع،
سوئي محيّ مميت آ، سوئي متعالي مطيع،
سوئي جامع جميع، سوئي جوڙ جھان سان.
(ميمڻ، صاحبڏنو، (2013ع)، ’سخن اعجاز‘، وحدانيت، بيت 16، ص: 655)
شاھ لطيف ان کان اڳ ۾ ھاديءَ جي ھيڪلائي ھن ريت بيان ڪئي آھي:
پاڻِهن جَلُ جَلاَلہُ، پاڻِهن جانِ جمالُ،
پاڻِهن صُورَت پِرِينءَ جِي، پاڻِهن حسنُ ڪمالُ،
پاڻِهن پِيرُ مُريدُ ٿئي، پاڻِهن پاڻَ خيالُ،
سڀِ سڀوئي حالُ، مَنجهائِي معلومُ ٿئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 19، ص: 69)
اعجاز راشدي، عاشق کي عشق جي اڙانگي پنڌ تي ھلندي ھلندي ساھ ڏيڻ جي ھدايت ڪندي چئي ٿو تہ:
اوڳي عشق اعجاز چئي، نرمل ساڻ نڀاءِ،
جيسين پُڄئي وسڙو، تيسين وک وڌاءِ،
پوئتي پير مَ پاءِ، مرڻ ڀلو اٿئي مارڳين.
(ميمڻ، صاحبڏنو، (2013ع)، ’سخن اعجاز‘، سسئي جا سُور، بيت 11، ص: 775)
مٿئين بيت جو مضمون، شاھ لطيف جي ھن بيت مان کنيو ويو آھي، جنھن ۾ شاھ لطيف ’مارڳ ۾ مرڻ‘ جي اھميت تي روشني وڌي آھي:
عُمِرِ سَڀِ عِشقَ سين، پُنهُون جي پُڇَنِ،
رِيسَ ريذالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
مارَڳِ جي مَرَنِ، وَڏو طالِعُ تَنِ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 7، بيت 6، ص: 312)
اعجاز راشدي، ليلان کي ھدايت ڪندي چئي ٿو تہ پرينءَ جو پاند متان ڇڏين. سندس در اڳيان دانهيندي رھ، چنيسر ٻاجهارو آھي نيٺ تہ تنھنجي داد رسي ڪندو.
مُٺي ڪانڌ مَ مٽ، ڇڏ مَ پاند پرينءَ جو،
عجز جو اعجاز چئي، ڳچيءَ پائج ڳَٽ،
سڳو مڻيون سَٽ، تہ ساڳيو تو سھاڳ ملي.
(ميمڻ، صاحبڏنو، (2013ع)، ’سخن اعجاز‘، ليلان چنيسر، بيت 17، ص: 740)
شاھ لطيف بہ ليلان کي چنيسر جي اڳيان عاجزي ڪرڻ جي نصيحت ڪندي چئي ٿو تہ:
لِيلان! حيِلا ڇَڏِ، جي تُون، سوڀِي! سِکِيين،
پائي پاندُ ڳِچيءَ ۾، پاڻُ غَريبِيءَ گَڏِ،
ھَڏِ نَه چوندءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِيين ڪانڌَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان 2، بيت 19، ص: 506)
جي لِيلائي نہ لَهين، تہ پُڻِ لِيلائيجِ،
آسَرَ مَ لاھيجِ، سَڄَڻُ ٻاجِهيندَڙُ گَهڻُو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان 2، بيت 21، ص: 506)
مومل جي حُسن جي ھاڪ ٻڌي جيڪو بہ ڪاڪ ڏانھن ويو، سو يا تہ ’ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرن‘ ڀيڙو ٿيو يا سندن سُونھن جي تپش ۾ رچي ريٽو ٿيو. اعجاز راشدي، ڪاڪ تان ڀيرو ڏئي آيل ڪاپڙيءَ کان ڪُنوارين جا حال احوال پڇندي چئي ٿو:
ڪاڪ شڪستا ڪاپڙي، لَلنگھ لاکيڻا لال،
اوري اور اعجاز چئي، اُتي جا احوال،
ڪھڙي طرح تال، ڪيا ڪنوارين ڪاڪ جي.
(ميمڻ، صاحبڏنو، (2013ع)، ’سخن اعجاز‘، مومل راڻو، بيت 5، ص: 743)
اعجاز راشديءَ جو مٿيون بيت شاھ لطيف جي ھيٺين بيت جي ٻي صورت آھي. ھنن ٻنهي بيتن ۾ اکرن جي مٽا سٽا سان گڏ ساڳي ڳالهہ ٿيل آھي:
آءُ لانگوٽِيا لالَ، ڪنھن پَرِ ڏِٺِئي گُجَرِيُون،
آبُ اَرَتو اَکِيين، لُڙڪَ وَهائِيين لالَ،
ڏِٺُئِي جي جَمالَ، سامِي! ڪُھُه نَه سَلائِيين؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 2، بيت 1، ص: 520)
نوريءَ جي نياز ۽ نهٺائيءَ جو بيان، سنڌي ٻوليءَ جي ھر شاعر وٽ ملي ٿو. اعجاز راشدي، شاھ جي رسالي جي انهيءَ ڪردار جي نوڙت ۽ عاجزيءَ جي انتھائي سھڻي نموني منظرڪشي ڪئي آھي:
تون تماچي تڙ ڌڻي، تون سڀن سرتاج،
سمان تنھنجي سھاڳ جو، آھي مون احتياج،
ھيءَ مٺي محتاج، ڪر ٻاجھ سٻاجها سپرين.
(ميمڻ، صاحبڏنو، (2013ع)، ’سخن اعجاز‘، نوري ڄام تماچي، بيت 12، ص: 767)
شاھ لطيف ساڳي ڳالهہ فقط ٻن سٽن ۾ نھايت ئي خوبصورت ۽ پُراثر نموني ھن ريت ڪئي آھي:
تُون تَماچِي تَڙَ-ڌَڻِي، آئُون گَندِرِي غَرِيبِ،
تو سين ڄامَ! قَرِيبِ، ڏَنُ ڇَڏائِي ڏيجِ مُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 1، بيت 7، ص: 621)
جدائيءَ ۾ ترپندڙ عاشق کي ڏينھن رات اھو اوسيئڙو ھوندو آھي تہ ڪٿان ڪو قاصد اچي ۽ پرينءَ جو پيغام پھچائي! پر جڏهن پھچي ٻڌائي ٿو تہ سڄڻ اچڻ جو سعيو ڪري پيو تہ عاشق جا مڙئي سُور سَنڌا ڪيو وڃن. اعجاز راشدي ’ڪانگل‘ کي قاصد بڻائي ھڪ اھڙو منظر پيش ڪري ٿو:
ڪانگل ڪَھي آيو، پارئون پرين ھير،
ڪوٺيو چويم ڪن ۾، سُن خبر سندي خير،
سڀاڻي سوير، ايندئي پرين اڱڻ تي.
(ميمڻ، صاحبڏنو، (2013ع)، ’سخن اعجاز‘، ڪانگ نامو، بيت 6، ص: 796)
ڪانگ کي قاصد ڪري پيش ڪرڻ واري روايت شاھ لطيف وٽ ملي ٿي، نہ فقط ايترو پر شاھ جي رسالي ۾ ڪانگ پاران عاشق کي سڄڻ جو سنيھو پھچائڻ واري ڳالهہ بہ ھن ريت موجود آھي:
آنديون ڪانگ قريب جون، اڄ واڌايون واھ!
من مرادون پُنيون ٿيون، سراھيون ساھ،
آندا پرين الله، سڏ منھنجا ساب پيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان 1، بيت 20، ص: 841)
امداد حسيني (جنم: 1940ع) :
امداد حسيني، جديد سنڌي شاعريءَ جو ھڪ نامور ۽ اھم شاعر آھي. امداد حسينيءَ جو پورو نالو سيد امداد علي شاھ آھي، سندس پيءُ جو نالو سيد فضل محمد شاھ آھي. پاڻ 10 مارچ 1940ع تي اڳوڻي ضلعي حيدرآباد سنڌ جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ٽکڙ ۾ ڄائو، جيڪو ان زماني ۾ علم، ادب ۽ واپاري توڙي ثقافتي مرڪز ھو. امداد پنھنجي ابتدائي تعليم ڳوٺ جي کُٿاب (مدرسي) ۾ حاصل ڪئي. امداد حسينيءَ جو ڏاڏو سيد اسدالله شاھ ’فدا‘ سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ جو عالم ۽ شاعر ھو. سندس ڏاڏي جو ننڍو ڀاءُ سيد حافظ شاھ، ڪافيءَ جو وڏو شاعر ھو. سيد ميران محمد شاھ (اول) جنھن سنڌيءَ جا ابتدائي نثري ڪتاب ’سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه‘ ۽ ’مفيدالبيان‘ لکيا، سو سندس ڏاڏيءَ بيبي شھربانوءَ جو پيءُ ھو.
امداد حسينيءَ، ميٽرڪ، نور محمد ھاءِ اسڪول مان پاس ڪري، انٽرميڊئيٽ سچل ڪاليج مان، بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد ٿيڻ کان پھرين ئي سندس مشھور نظم ’شرط‘ سنڌي شعبي جي مخزن ’سوکڙي‘ ۾ 1964ع ۾ ڇپيو ھو.
امداد حسينيءَ جي شاعريءَ توڙي نثر جي ابتدا اسڪول جي زماني کان ٿي. ھُن جون ابتدائي لکڻيون ٻارن جي رسالي ’گلستان‘ ۾ شايع ٿيون. ان ريت ٻارهن تيرهن سالن جي عمر کان شروع ڪيل سندس ادبي سفر اڄ تائين جاري آھي. ارڙهن-اوڻيهن ورهين جي ڄمار ۾ ھن خوبصورت غزل لکيا، جيڪي پوءِ 59-1958ع ڌاري ’نئين زندگي‘ رسالي ۾ ڇپيا، انهن غزلن کي امداد حسيني پنھنجي ’مشق سخن‘ جو دؤر سمجهي ٿو ۽ اھي غزل ھن جي ڪنھن بہ مجموعي ۾ شامل ناھن، پر اُھي ڪيترن باذوق ماڻهن کي اڄ بہ ياد آھن، انهن غزلن جو مطلع بہ اھڙي ئي ڪنھن باذوق ماڻهوءَ کيس ٻڌايو:
ھا اُھو پيار ڪونهي ڪو
جيڪو بي اختيار ڪونهي ڪو.
1960ع کان پوءِ امداد حسينيءَ جو شاعريءَ جو نئون دؤر شروع ٿئي ٿو، جيڪو ھُن جي اعليٰ شاعراڻي حاصلات جو دؤر آھي. ھُن جي شعور ۽ خيال جي پختگي، ھن جي نَون ۽ انوکن موضوعن جي حيرت انگيز سچائي، ھن جي اسلوب، Diction ۽ ٻوليءَ جي نواڻ، سندس انوکو انداز بيان، سندس شاعريءَ مان بکندڙ بين الاقوامي شعور، نئين حسّيت، علامت نگاريءَ جو جادو ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس شاعريءَ ۾ سنڌيت جو ھڳاءُ، ھن کي ھڪ شاعر طور منفرد حيثيت عطا ڪن ٿا. سٺ جي ڏهاڪي ۾ ھن خوبصورت نظم، آزاد نظم ۽ بي قافيا نظم لکيا، جھڙوڪ: ’طلوع، حملو، شرط، فرياد، ماحول‘ وغيره.
1962-1965ع تائين جي مختصر سالن ۾ امداد حسيني پنھنجي سينيئرن جي قدم سان قدم ملائي ھلڻ لڳو. پاڻ پنھنجي لوڪ-ڪلاسيڪل روايت سان اُميري پائي رستو جوڙيائين ۽ ساڳئي وقت ھن پنھنجي نئين روايت پڻ قائم ڪئي.
ان دؤر ۾ امداد حسينيءَ جي شاعري ’روح رهاڻ‘ جي ٽائيٽل تي ڇپبي ھئي، جنھن کي ان دؤر جا نوجوان فريم ڪرائي رکندا ھئا. ان دؤر جي سڀني نقادن، ھمعصر اديبن ۽ شاعرن امداد حسينيءَ جي شاعراڻي اھميت کي مڃيو آھي ۽ ھن کي سٺن لفظن ۾ ڀيٽا ڏني آھي. ان دؤر ۾ ئي امداد حسينيءَ ھڪ نظم ’فرياد‘ (شاھ لطيف جي حضور ۾) لکيو ھو، جنھن ۾ شاھ جا ڪردار سندس حضور ۾ فرياد ڪن ٿا:
”مارئي:
مارئي چنڊ جي ھر رات جو قيدي ڏسندين،
۽ عمر ڏيھ ڌڻي ڏينھن جو آزاديءَ سان،
ننگي تلوار سان بازار ۾ گهمندا ڏسندين.
سسئي:
دل جي سسئي پئي ڪنھن چوڪ تي ٿيندي نيلام،
پنھنجي خوابن جا پنهون راھ ۾ رُلندا ڏسندين.
نوري:
ھاڻ نوريءَ جي نگاھن جي سنهري ڪينجهر،
لک اُتر واءُ لڳي پر نہ ھندورو ٿيندي. “
(حسيني، امداد، (1976ع)، ص: 90)
ان ريت انهيءَ نظم ۾ ڄام تماچي، ٻيجل، راءِ ڏياچ، مومل جا ڪردار ھڪڙي نئين معنيٰ سان پيش ڪيا ويا آھن. ان ڏس ۾ امداد حسينيءَ جو شاھڪار نظم ’ڀٽائي تنھنجو نانءُ‘ بہ ھڪ اھم نظم آھي، جيڪو 2012ع ۾ ڇپيل سندس مجموعي ’ڪرڻي جھڙو پل‘ ۾ شامل آھي.
شاعري، امداد حسينيءَ کي ورثي ۾ ملي آھي. سنڌي ادب ۾ ’ٽکڙ‘ ھڪ ’اسڪول آف ٿاٽ‘ جي حيثيت رکندو ھو، جنھن جو ثبوت ڊاڪٽر اسدالله شاھ ’بيخود‘ حسينيءَ جو ڪتاب ’تذڪرہ شعراءِ ٽکڙ‘ آھي.
امداد حسينيءَ جو سلسلهءَ نسب ’جراڙ پوٽا‘ خاندان سان وڃي ملي ٿو، جو شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاندان آھي. امداد حسينيءَ جي خاندان جي گهرن ۾ اُھا ٻولي اڄ بہ ڳالهائجي ٿي، جيڪا شاھ لطيف جي شاعريءَ جي ٻولي آھي. امداد حسيني اڳتي ھلي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي نون رنگن جو اضافو ڪيو. ھن بيت لکيا ۽ وائي، ڪافي ۽ گيت بہ لکيا. شاعريءَ جي انهن صنفن جو تعلق سُر ۽ موسيقيءَ سان آھي ۽ سڀني پارين سھڻي ڪافي ۽ گيت صرف اُھو شاعر لکي سگهي ٿو، جنھن کي سُرن جي ڄاڻ ھجي ۽ ھُن جهونگاري ڪافيون ۽ گيت جوڙيا ھجن. امداد حسينيءَ ائين ئي ڪيو. ھُن جا ريڊيو، ٽي. وي توڙي فلمن لاءِ گيت ان ڳالهہ جو ثبوت آھن. ھُن جي گيتن کي گل حيدر ۽ غلام نبي عبداللطيف، استاد محمد جمن، استاد غلام علي خان، استاد فتح علي خان، استاد نياز حسين ۽ استاد ظفر علي خان جھڙن سنگيتڪارن ڪمپوز ڪيو ۽ روبينہ قريشيءَ، زرينہ بلوچ، عابدہ پروين، بلقيس خانم، عشرت جھان، استاد صادق علي، رجب علي، استاد محمد يوسف، بيدل مسرور، سيد سليمان شاھ، دين محمد شيخ ۽ صادق فقير جھڙن فنڪارن پنھنجي سُرن سان سجايو.
وقت جي جبر، امداد حسينيءَ جي شاعريءَ کي وڌيڪ گهرائي ۽ گيرائي عطا ڪئي. ھن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جي ساک پنھنجي شاعريءَ ذريعي ڏني. ان حوالي سان ھُن انيڪ طويل نظم لکيا، جھڙوڪ: ’شھر‘ (جو سنڌيءَ جو پھريون ’شھر آشوب‘ آھي)، جيڪو حيدرآباد شھر بلڪ سموري سنڌ جي تباھي ۽ برباديءَ جو مرثيو آھي، جنھن ۾ ھن سنڌ جي اوج ۽ عروج جو نقشو پڻ چٽيو آھي. ان نظم تي لکيو بہ ويو آھي، پر اڃا گهڻو ڪجهہ لکڻ جي ضرورت آھي. اھڙيءَ ريت سندس ٻيو ھڪ طويل نظم ’روٽس‘ آھي، جيڪو ’ادب‘ جي ’امداد حسيني نمبر‘ ۾ شايع ٿيو ھو. انهن طويل نظمن تي الڳ سان لکڻ جي ضرورت آھي.
امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جا مجموعا جيڪي شايع ٿيل آھن، تن جا نالا ھي آھن:
امداد آھي رول (1976ع)
شھر (شھر آشوب) (2000ع)
ھوا جي سامهون (2000ع) ( اھو مجموعو تقريباً 400 صفحن تي مشتمل آھي)
ڪِرڻي جھڙو پل (2012ع) (هي مجموعو پڻ 376 صفحن جو ضخيم مجموعو آھي)
دھوپ کرن (2014ع) (هيءُ امداد حسينيءَ جي اردو شاعريءَ جو مجموعو آھي، جنھن جي گهڻي پذيرائي ٿي. اردوءَ جي اھم نقادن/اديبن/شاعرن ان تي اردو توڙي انگريزيءَ ۾ بھترين تبصرا لکيا. امداد حسينيءَ کي انهيءَ ڪتاب تي ’اڪادمي ادبيات‘ پاران بھترين شاعريءَ جو ايوارڊ مليو. اھو ايوارڊ پاڪستان مان آيل اردو شاعريءَ جي مجموعي طور آيل ڪتابن مان ھڪڙي کي ڏنو ويندو آھي. ’دھوپ کرن‘ تي کيس ٻيو ايوارڊ ‘UBL Literary Excellence Award’ پاران مليو.
امداد حسينيءَ جو تازو مجموعو ڊسمبر 2016ع ۾ شايع ٿيو آھي، جنھن ۾ ھن جي رومانوي شاعري شامل آھي، ان جو نالو آھي: ’هُوءَ‘. ان کان علاوہ گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڪو کن مجموعن جيترو ڪلام ھن جي ڊائرين ۾ اڻ ڇپيل آھي. ان ريت ھن ’سانول‘ جي نالي سان ڪھاڻيون لکيون آھن. ويھارو کن اھي ڪھاڻيون پڻ ڇپجڻ جي انتظار ۾ آھن. ھُن جا سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان، شاھ لطيف ۽ سچل سرمست وغيرہ تي لکيل مقالا پڻ گهڻي اھميت جا حامل آھن. ھن جو ٻارن لاءِ ادب توڙي ٻارن لاءِ لکيل نصابي ڪتابن جي حوالي سان ڪيل ڪم ھن جي علميت جو ھڪ الڳ داستان بہ آھي. ھن سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ ملازمت دوران درسي ڪتابن جي ٻولي ۽ درست استعمال لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي.
ھڪ شاعر جي حيثيت سان امداد حسيني ڄاڻي ٿو تہ:
لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناھي
باھ جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناھي!
(حسيني، امداد، (2000ع)، ’هوا جي سامهون‘، ص: 335)
شاھ لطيف جي ’سُر حسيني‘ ۾ ھڪ وائيءَ جي سٽ آھي:
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکِي ڏُکَ ڏَري،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 4، وائي 1، ص: 448)
امداد جي غزل جي ھيٺئين شعر ۾ ڄڻ ان سِٽ جي تضمين ڪئي وئي آھي:
کوءِ سُک، ٻَنُ سُمهڻ، جان ۾ جنڊي پائي
ڏيھ جا ڏک ڏرڻ، ايترو سولو ناھي!
(حسيني، امداد، (2000ع)، ’هوا جي سامهون‘، ص: 325)
امداد جي ڪافين ۾ بہ اُھا ئي ڪلاسيڪل روايت جي سُر لهر آھي:
عشق عطر مُشڪ ميان
لوڪ ڪنان ڪيئن پاڻ لڪايان
جيئن جيئن توڏي وک کڄي ٿي
ڇير نہ ھوندي ڇير وڄي ٿي، ٿَيان ٿَيان ئي ٿِيان!
عشق عطر مُشڪ ميان!
امداد حسينيءَ سنڌيءَ ۾ خوبصورت بيت پڻ لکيا آھن، جنھن ۾ ھن سنڌي ٻوليءَ جي اصليت ۽ ڪلاسيڪي رنگ ۽ سنڌيت جي سڳنڌ ڀري آھي:
جانڊھه جيئن جَبلُ، ھَڏِ گُڏ پيهي ٿو ڇڏي،
جنءَ جنءَ وِکَ وڌائِيان، تَنءَ تنءَ پنڌ ڳَپَلُ،
ٽِپر سڄ، ڌَرِ ٽامِڻي من ۾ مَچُ مَتَلُ
اَديون! آريءَ ڄامَ جو، عشق تہ آھه اَجَهلُ
ھِڪي ھوتَ حبيبَ ري، ٻئو مِڙ خامُ خَلَلُ
جو پَل گذري جَتَ ري، سو پَل ڄڻ تہ اَجَلُ
رائو رَتَ رَتَلُ، ڏاجُ ڏنم کي ڏونگرين!
شاھ لطيف جي سڀني کان طويل بيت:
موٽِي مانڊاڻَن جي، واري ڪِئائِين وارَ
جي آخري ٻن سِٽن:
سائِين سَدائين ڪَرين مٿي سنڌُ سُڪَارَ،
دوستَ مِٺا دلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 23، ص: 412)
جي امداد حسينيءَ پنھنجي ھيٺئين طويل بيت ۾ تضمين ڪئي آھي:
ھِي جو نِيَرُ نينھن جو، چنگن جي چُونگارَ،
جُهونجهڪڙي جو جيءَ ۾، جهيڻي جنھن جُهڻڪارَ،
ڪاري رات ڪراڙ تي، ڪُونجن ڪِي ڪُڻڪارَ،
لُوئا لُوئا ٿي لُڇي، لونءَ لونءَ منجهہ لغارَ،
ٻاٻاڻن تي ٻوليو، ٻاٻيهي ٻيهارَ،
ايڏو اوري ٿي ٻُڌان، ٽَلِيُنِ جي ٽِڻڪارَ،
بُوندُون بَرسيون بُٺَ تي، ڇِڻ ڇِڻ ڇِڻ ڇِڻڪارَ،
ڊاھي وئي ديوار کي، تاڙي جي تہ تنوارَ،
اچي عمرڪوٽ ۾، ڳيري ڪِي ڳُٽڪارَ،
نِڱيا ھَڪَلَ ھُونگَ سان، ڪاھي ڌَڻَ ڌُتارَ،
منھنجي مُلُڪَ مَلِيرَ تي، اُٺا ميگھ ملهارَ،
واڄا ٽاڄا وِڄِڙِيُون، کِنوَڻين جا کِلڪارَ،
گوڙُون ۽ گجگوڙيون، دُهلن جا ڌَڌِڪارَ،
سارنگِيُون سارنگَ جُون، ٻُرن پارَ اَپارَ،
کيانتل آندي کيرَ جِي، کاسي کَبَرَ چارَ،
واڄو وڄي وجود ۾، جِيئَن چَڙي جي لارَ،
ھِيرَ ڪري وئي ھيجَ مان، ڀيڄَ ڀِني ڀُڻڪارَ،
سُرِتِ سَري ساڻيھ کي، لٿا عُمَرَ آزارَ،
ڏاڏاڻن جي ڏيھ تان، ٽَرئا ڏُرِتَ ڏُڪارَ،
ڀِٽَ ڌڻيءَ ڇيڙي ڇڏي، تنبوري جِي تارَ،
”سائِين! سدائِين، ڪَرين مَٿي سِنڌ سُڪارَ،
دوستَ مِٺا دلدارَ، عالم سڀ آباد ڪرين!“
(حسيني، امداد، (2012ع)، ’ڪرڻي جھڙو پل‘، ص: 350)
انهيءَ بيت جي پھرين سِٽ جو پھريون پَدُ، ’هي جو نير نينھن جو‘، پڻ شاھ لطيف جي ھيٺين بيت جي سٽ نمبر 2 جي پَد نمبر 2 تان کنيو ويو آھي.
سِڪ تنھنجي سپرين، ڪپي ۽ ڪوري،
سگهان نہ چوري، ڏاڍو نيئر نينھن جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 9، بيت 16، ص: 268)
شاھ لطيف جا بيت، ننڍپڻ ۾ ئي امداد حسينيءَ سڀ کان پھرين پنھنجي ڏاڏي کان ٻُڌا. پاڻ شاھ لطيف جو ڪلام راڄ مڱڻھارڻين ۽ گهرن جي شيدياڻين کان ٻڌائين، جن پوءِ سندس ڪلام بہ ڳايو. ’شاھ جو رسالو‘، امداد حسينيءَ جي مستقل مطالعي ۾ رهي ٿو. امداد حسيني پاڻ بہ لاڙ جو آھي، ان ڪري شاھ لطيف جي ٻوليءَ، لفظن، لهجي ۽ پڙهڻيءَ جي حوالي سان سندس راءِ اھميت واري آھي. شاھ لطيف کي ھُو پنھنجو سُونھون سمجهي ٿو:
لطيف ھوندي ڪھڙو ڀَؤ،
سورج ھوندي ڪھڙو انڌ.
(حسيني، امداد، (2000ع)، ’هوا جي سامهون‘، ص: 94)
’ڀٽائي تنھنجو نانءُ‘، امداد حسينيءَ جي شاھ سائينءَ جي سِڪَ ۽ اُڪير جي حوالي سان ھڪ اھم نظم آھي. شاھ لطيف جو ھڪ بيت آھي:
ڪُلي ڦاٽو ڪَنجَرو، مٿو اُگهاڙو
ڀينَرُ! ڪُڄاڙو، مُهِجو ھِنَ ڀنڀورَ ۾؟
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان 12، بيت 41، ص: 437)
’ڀٽائي تنھنجو نانءُ‘ نظم جي مُنڍ ۾ ڏنل نوٽ ھن ريت آھي:
”هن نظم جو پس منظر / پيش منظر لاکيڻي لطيف جو ھي بيت آھي:
ڏِينهُن تَتو جُهڙ ڀانئيا، جُهڙ وسندو مينهُن،
وَڃان تہ پُسَمُ ڪَپڙا، ويھان تہ ٽُٽيم نينھن،
توڙي کائيمِ شينهُن، تہ پھ قولين ڪُوڙي نہ ٿِيان!“
(حسيني، امداد، (2012ع)، ’ڪرڻي جھڙو پَل‘، ص: 71)
ان استعاراتي ۽ اھڃاڻي نظم ۾ ’سسئيءَ‘ جي ڪردار ۽ اُن جي ’ڀنڀور‘ کان ’ڪيچ‘ ڏانھن سفر جو ذڪر آھي. ان سفر جي سختين ۾ شاھ لطيف سندس ھمسفر ۽ سُونھون آھي. نظم جو تاڃي پيٽو ۽ اوڄو، ٻولي، لفظن ۽ لهجو، ايستائين جو گهاڙيٽو بہ شاھ لطيف جي ڪلام تان ورتل آھي يا اُن جي ڀران آھي. سسئيءَ جو اھو سفر خود زندگيءَ جو سفر بڻجي ٿو وڃي، جنھن جو ڪو انت نہ آھي. ان نظم ۾ شاھ لطيف جو اھو ئي لازوال پيغام آھي تہ ڪنھن اعليٰ آدرش کي ماڻڻ لاءِ اھي سور ۽ سختيون، ڏک ڏولاوا سڀ نہ رڳو تِڇ آھن، بلڪ اڳتي وڌڻ لاءِ ھڪ مهميز آھن. ان نظم جو آغاز:
ڀٽائي تنھنجو نانءُ
مون لئه ڏات ۽ ڏانءُ.
(حسيني، امداد، (2012ع)، ’ڪرڻي جھڙو پل‘، ص: 71)
سان ٿئي ٿو ۽ اُن جي آخري بند کان مٿيون بند:
ڪُلهي ڦاٽل ڪنجرو
جهنڊي وانگي ٿو جُهولي.
(حسيني، امداد، (2012ع)، ’ڪرڻي جھڙو پل‘، ص: 78)
تي ختم ٿئي ٿو ۽ آخري بند تي پُڄي ٿو:
تيز ھوا ۾
ڦاٽل ساٽل ڪنجري جي
جهنڊي کي جهولائيندي
اِنءُ ٿي ڪاھيان ڪيچ شھر ڏي
ھَنجُ اُڏري جنءَ سَر ڏي
پُوڄاري مندر ڏي
سنڌو جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي!
(حسيني، امداد، (2012ع)، ’ڪرڻي جھڙو پَل‘، ص: 78)
امداد حسيني، 35 سال ڄامشوري ۾ رهيو، گذريل ڇھن سالن کان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ رهي پيو ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪم سان واڳيل آھي. تازو انڊومينٽ ٽرسٽ پاران سندس شاعريءَ جي مجموعي ’ڪِرڻي جھڙو پل‘ کي بھترين تخليقي ايوارڊ مليو.
امداد حسيني مختلف علمي ۽ ادبي ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، جھڙوڪ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ. ھُو مهراڻ (ٽماھي) جو 2 سال ايڊيٽر رهيو، بعد ۾ مهراڻ جو چيف ايڊيٽر بہ رهيو. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ جو سينيئر سبجيڪٽ اسپيشلسٽ رهيو. سن 2000ع ۾ ويھين گريڊ (موو اوور) ۾ رٽائر ڪيائين.
امداد حسينيءَ کي مختلف وقتن تي ادبي ڪمن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن جي ھڪ ڊگهي لسٽ آھي. ان مان ڪن خاص اھم ايوارڊن جو ذڪر ڪجي ٿو: ادب جو ’مخدوم طالب الموليٰ ايوارڊ‘ (بھترين شاعر)، نئين زندگيءَ جو ’عبدالواحد سنڌي ايوارڊ‘ (بھترين شاعر)، پي ٽي وي ڪراچيءَ تان ’بھترين شاعر ايوارڊ‘، ريڊيو حيدرآباد تان ’بھترين ڊراما نگار (اردو) ايوارڊ‘، سھيوڳ فائونڊيشن ممبئي ڀارت پاران ’نارائڻ شيام ايوارڊ‘ ۽ حڪومت پاڪستان پاران ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ 2003ع ۾ مليس.
ٻُڍل فقير (1856ع - 1939ع: )
مقبول ڪافي گو شاعر، ٻُڍل فقير (ٻُڍو اُنڙ) ولد عبدالواسع اُنڙ (وسيو فقير)، شڪارپور شھر کان ڏھ ڪلوميٽر پري، شھيد الله بخش سومرو اسٽيشن (لوڊرا) جي ويجهو، ڳوٺ ’بخشو اُنڙ‘ ۾، 1865ع ڌاري جنم ورتو، ’بخشو اُنڙ‘، ڳوٺ ٻُڍل فقير جي ياد ۾ ’ٻُڍل فقير جو ڳوٺ‘ سڏيو وڃي ٿو.
ٻُڍل فقير جي پيدائش جو سال (1865ع)، ھڪ زباني روايت تي ٻڌل آھي، جيڪو ’رسالو ٻُڍل فقير‘، (1941ع) جي پھرئين سھيڙيندڙ آنندرام طوطلداس راجاڻي ڄاڻايو ھو، جڏهن تہ ساڳئي نالي، ’رسالو ٻُڍل فقير‘ (2005ع) جي ٻئي سھيڙيندڙ نياز سرڪيءَ انهيءَ زباني روايت جي ڇنڊڇاڻ ڪري، فقير جي جنم جو سال 1856ع مقرر ڪيو آھي.
ٻُڍل فقير جو ننڍپڻ کان ئي فقيريءَ ڏانھن لاڙو ھو. مائٽن جي گهڻين ڪوششن کان پوءِ بہ مڪتبي تعليم ڏانھن نہ لڙيو. سندس مجذوبي طبيعت جي ڪري عام لوڪ کيس ’مجنون‘، ’سودائي‘ ۽ کاٻڙيل (کاٻي ھٿ سان لکندڙ يا ڪم ڪندڙ) ھجڻ ڪري، چٿر ڪندي کيس ’کاٻڙ‘ ۽ ’ڏانوڻ‘ بہ چوندا ھئا. سندس مائٽن بہ گهڻا حيلا ھلايا: ڪڏهن حڪيمن ۽ ويڄن وٽان علاج ڪرايائون تہ ڪڏهن پيرن ۽ فقيرن کان ڌاڳا ڦيڻا ڪرايائون، پر انهن ڌاڳن، ڦيڻن ۽ ڦڪين ڪوبہ فرق نہ ڪيو.
آنند رام طوطلداس راجاڻي، ’رسالو ٻُڍل فقير‘ ۾ لکي ٿو: ”جنسي مستانو، واٽن تي ويھي ۽ جهنگن ۾ جالي، نہ ڪنھن سان ٻولي نہ چالي، رنگ ڍنگ نرالو ۽ ھلت چلت علحدي بنھ بانولي ۽ مست. پيءُ ويچاري پُٽ گهريو تہ دنيوي مال ڪٺا ڪري، پر ھيءُ ڇوڪر تہ نرالو ھو. ”جئان جُڙيو جکرو، تئائين نہ ٻيا. “ (راجاڻي، 1981ع، ص: 5)
ٻُڍل فقير جي فقيري طبع کي ڏسندي، سندس والد مٿس مال چارڻ جو ڪم رکيو، جنھن کي فقير سنت نبويؐ سمجهي، دل سان قبوليو. دنيوي ڪم ڪار جي باوجود سندس طبيعت جو رنگ فقيراڻو ئي رهيو. يڪتارو ڪُلهي تي، پيرن جي بدران ھٿن ۾ گُهنگهرو وجهي، نچندو بہ ھو تہ ڳائيندو بہ ھو. مال پنھنجي مُنهن سان ۽ ھِي فقير ڪنھن ڪنڊائتي وڻ ھيٺان ويھي، پنھنجي روح رهاڻ ۾ مشغول ٿي ويندو ھو.
ٻُڍل فقير جي مجذوبي حالت تي جڏهن درگاھ پير جي ڳوٺ جي گادي نشين، پير حزب الله شاھ راشدي، ’تخت ڌڻي‘ جي ٻاجهاري نظر پيئي تہ اُمالڪ چيائون: ”ٿانو تہ سٺو آھي، صرف سنباڻ جي دير اٿس. “ ٻُڍل فقير، دست بيعت ٿيڻ کان پوءِ قادري مسلڪ جي مرشد، پير حزب الله جي ھدايت تي ھلندي، حقيقي محبوب جي قربت حاصل ڪرڻ ۾ عام لوڪ کان گوشائتو ٿي ويو.
ٻُڍل فقير جي شادي، 27 ورهين جي ڄمار ۾ ٿي، ۽ مرشد جي ھدايت تي، گهر ڏانھن مائل ٿيو. کيس ٻن نياڻين ۽ ٽن پٽن: عبدالحڪيم، محمد مقيم ۽ عبدالڪريم جو اولاد ٿيو.
محمد مقيم پنھنجي والد ٻُڍل فقير جي ڏات واري رنگ ۾ رچي ريٽو ٿيو. ’مست مقيم‘ جي نالي سان سندس گهڻو ڪلام موجود آھي. مست مقيم سان حضرت ٻُڍل جون ٻٽيھ دليون ھيون، پر مست مقيم جي غير متوقع وڇوڙي، ٻُڍل فقير جي زندگيءَ ۾ اداسي ڀري ڇڏي ۽ فقير ھوريان ھوريان دنيا کان پاسيرو ٿيندو ويو. 27-شعبان المبارڪ 1358ھ موجب 12-آڪٽوبر 1939ع تي، ٻُڍل فقير اٽڪل 74 سالن جي ڄمار ۾ ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس مزار کي درگاھ جي حيثيت حاصل آھي، جتي گادي نشينيءَ جو سلسلو ھلندڙ آھي.
ٻُڍل فقير جو جنم ۽ وصال سنڌ تي انگريزن جي عملداريءَ واري دؤر ۾ ٿيو. اُھو دؤر ننڍي کنڊ ۽ خاص ڪري سنڌ جي عوام لاءِ ڏکين آزمائشن جو دؤر ھو، جنھن ۾ مذھبي رواداريءَ واريءَ فضا ۾ انتھاپسنديءَ جي گُهٽ وڌي رهي ھئي، ۽ ’مسلمان ۽ ھندو ايڪي‘ جون ڪڙيون ٽُٽي رهيون ھيون. اھڙيءَ صورتحال ۾، ٻُڍل فقير، شاھ لطيف جي فڪري روايت کي نڀائيندي چيو:
ھندو مومن ھڪ ڏٺوسي، ڪونہ ڪو تن ۾ فرق،
لونءَ لڳي تان لعل ٿيا، وحدت سندو واريائون ورق.
(راجاڻي، آنندرام طوطلداس، (1981ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، ڪافي 91، ص: 59)
ھندو مؤمن ھيڪڙو، ناھي ويري نڪو وير.
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، سُر يمن ڪلياڻ، ڪافي 77، ص: 161)
آنند رام طوطلداس راجاڻي، سندس مذھب ۽ طريقو ۾ لکي ٿو: ”ٻُڍل فقير مرد موليٰ جو حقيقي عاشق ھو، جنھن نينھن جا ذاتي نڪتا پڙهيا ھئا، جنھن کي ’عشق ڏيکاريا ھئا نور تجلا‘، اھڙن عاشقن جو مذھب آھي ’وحدت‘ ۽ ھو ھميشه ’وحدت جي واديءَ ۾ غرق‘ رهن ٿا. “ (راجاڻي، 1981ع، ص:10)
اُتر سنڌ جي صوفي شاعرن ۾، ٻُڍل فقير کي ’ڪافيءَ‘ جي مقبول شاعر جي حيثيت حاصل آھي. ٻُڍل فقير بنيادي طور بيت ۽ ڪافيءَ جو شاعر آھي. ھن سنڌي اَساسي شاعريءَ جي روايت کي بحال ڪيو ۽ نيم ڪلاسيڪي داستانن، جھڙوڪ: سسئي، مارئي ۽ سورٺ ۽ پنجابي قصي ھير رانجهي کي بہ ڳايو آھي. عارفاڻي موضوعن تي سندس بيت ۽ ڏوهيڙا، شاھ لطيف ۽ سچل سرمست جي رنگ ۾ رنگيل آھن:
سنگهارن جا سور جاڳائن ٿا جهٽ جهٽ ۾.
اُٺا مينهن ملير تي ٻيرن ڪيا ٻور،
پيرون چونڊينس پٽ پٽ ۾.
کڻي آئين کوه تون ٻڌم نہ ٻاٻور
چورائي وئين چٽ گهٽ ۾.
آءُ شرع تي سومرا عمرا ڪر نہ ڪلور،
لوڙه لڏيندءِ لٽ لٽ ۾.
ٻن ھي ھنڌ ٻڍل چوي ٻن گهٽيون گھر پور،
کہ وهڻ کٽ کٽ ۾.
(راجاڻي، آنندرام طوطلداس، (1981ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، ڪافي 142، ص: 95)
آنند رام طوطلداس جي مرتب ڪيل ’رسالو ٻُڍل فقير‘ ۾ 178 ڪافيون، سسئي، سورٺ، عمر مارئي، ھِير رانجهو ۽ جوڳين بابت بيت، سسئي بابت ٽيھ اکري، لولي ۽ ھڪ ڊگهو حمديه نظم ’سچي ڌڻيءَ جي ساراھ‘ جي سري سان شامل آھي.
ٻُڍل فقير جو ڪلام، سنڌي ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾ آھي، جڏهن تہ ان ۾ پنجابي ۽ ھندي ٻوليءَ جي لفظن جو پڻ استعمال ٿيل آھي، گڏوگڏ قرآن پاڪ جا لفظ توڙي فقرا بلڪل موزون نموني ڪتب آندل آھن.
ٻُڍل فقير جي شاعري گهڻو تڻو بيتن ۽ ڪافين تي ٻڌل آھي، اُن جي اڀياس کان پوءِ اھا ڳالهہ واضح ٿئي ٿي تہ ٻُڍل فقير، ڪردار جي گڻن، استعاري توڙي تمثيل ۾ شاھ لطيف جي ڪلام جو تمام گهڻو اثر قبوليو آھي.
ٻُڍل فقير، تصوف جي قادري سلسلي جو صوفي شاعر ھو. سندس ڪلام ۾ ’وحدت الوجودي‘ فلسفي جا بنيادي نُڪتا نروار ٿيل آھن. ٻُڍل فقير، ’سُر ڪلياڻ‘ ۾ شاھ لطيف وانگر رب العالمين جي واکاڻ پيش ڪئي آھي. سندس پھريون بيت ھن سٽ سان شروع ٿئي ٿو:
ساراھيان سچو ڌڻي، جنھن جي تعريف ڪيان تمام،
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، سُر ڪلياڻ، بيت 1، ص: 41)
گڏوگڏ اھڙا اَٺَ بيت آھن، جن جي پھرينءَ سٽ جو پھريون پَدُ ’ساراھيان سچو ڌڻي‘ جي لفظن تي ٻڌل آھي جيئن:
ساراھيان سچو ڌڻي، جيڪو قادر قربدار،
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، سُر ڪلياڻ، بيت 2، ص: 41)
ساراھيان سچو ڌڻي، جيڪو پاڪ آھي پرور،
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، سُر ڪلياڻ، بيت 3، ص: 41)
ساراھيان سچو ڌڻي، جنھن جوڙيو ملڪ جھان،
ڪُن فيڪون جي ڪَلَ ۾، جنھن جوڙيو زمين آسمان،
سڀ شيءِ کي ساھ وجھي، جنھن بڻايو باغ بيان،
روزي رازق ٿو ڏئي، جو مالڪ آھه مهربان،
ٻيڙي لنگهائيندو ٻاجھ سان، ڪندو آگو ئي احسان،
ايندو محمد مصطفيٰ، ملهائيندو ميدان،
آھِه سيد تي ايمان، جيڪو پار لنگهائيندو پاتشاھه.
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’ٻُڍل فقير‘، سُر ڪلياڻ، بيت 8، ص: 43)
ٻُڍل فقير جي مٿين بيت مان شاھ لطيف جي سُر ڪلياڻ جو اثر چٽيءَ ريت سامهون اچي ٿو، پر ڏسجي تہ ان ۾ شاھ لطيف جي سر سريراڳ ۽ سُر مارئيءَ جي لفظن ۽ فقرن جو موجود ھئڻ ثابت ڪري ٿو تہ ٻُڍل فقير جي شخصيت، شاھ لطيف جي ڪلام جي روحاني رنگ ۾ رچيل ھئي:
اولِ، اللهُ، عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پنھنجي قُدرتَ سين، قائمُ آھِه قَدِيمُ،
والي، واحدُ، وَحدَهُ، رازِقُ رَبُ رَحيمُ،
سو ساراھهِ سچو ڌِڻي، چَئي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪرِيمُ، جوڙُون جوڙ جھان جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 1، ص: 65)
ٻُڍل فقير، ’سُر يمن ڪلياڻ‘ جي ڪُل 44 بيتن ۾ حقيقي عشق جو بيان ڪيو آھي ۽ اھم ڳالهہ تہ سڀني بيتن جو پھريون پَدُ ’عشق جنهين سر آيو‘، ’وراڻ‘ طور ڪم آيل آھي. مثال طور:
عشق جنهين سر آيو، سي ڪُٺا ڪين ڪڇن،
سوريءَ سندي سر کان، غازي ڪين گُسن،
اُھي پر پڇن، سر جنهين جا سٽ ۾.
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، سُر يمن ڪلياڻ، بيت 11، ص: 46)
ٻُڍل فقير جي مٿين بيت کي پڙهندي، شاھ لطيف جي ھيٺين بيت جو اثر محسوس ڪري سگهجي ٿو:
سَڌَڙِيا سَريٖ جُون، ڪُھهُ پَچارُون ڪَنّ؟
جُھ ڪات ڪَلاڙَنِ ڪڍيا، تہ موٽيو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪون سي پِيئَنِ، سِرَ جَنِين جا سَٽِ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 25، ص: 76)
شاھ لطيف جي سُر يمن ڪلياڻ ۾ اَٺَ داستان آھن ۽ ھر داستان ۾ جدا موضوع آھن. ٻُڍل فقير انهن مان فقط ڇھين داستان جي موضوع، عشق کي اختيار ڪيو آھي. شاھ لطيف جي انهيءَ داستان ۾ وراڻ وارا ڇھَ بيت ملن ٿا، جن جي شروعات ’محبت جي ميدان ۾‘ واري پد سان ٿئي ٿي، مثال طور:
محَبَتَ جي ميدانَ ۾، عاشقَ! ٿِيءُ اَچام،
سَمھان سَلَ سَيّدُ چي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ،
ڪَھِجِ ڪومَ ڪَلامُ، جِمَ دوسَمِنئوُن دُورِ ٿِييٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 6، بيت 13، ص: 117)
محَبَتَ جي ميدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ،
لاھي سِر لطيف چيٖ، دوسَنِ اَڳِيان ڌَرِ،
عِشقُ نانگُ اَپَر، خَبرَ کاڌَنِ کي پَوي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 16، ص: 118)
شاھ لطيف جي انهيءَ وراڻ واري پد، ’محبت جي ميدان ۾‘ جو اثر وٺي، ٻُڍل فقير ’عشق جنهين سر آيو‘ جھڙو خوبصورت پد، تخليق ڪري ’سُر يمن ڪلياڻ‘ رچيو، جنھن ۾ شاھ لطيف جي سُر رامڪليءَ جي بہ خوشبو ملي ٿي:
ٻڍل فقير فرمائي ٿو:
عشق جنهين سر آيو، سي نانگا ٿيا نروار،
گر ڏي ھليا گودڙيا، تهدل ٿي تڪرار،
الستي اقرار، وڃي پاڙيائون پرينءَ سان.
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، سُر يمن ڪلياڻ، بيت 17، ص: 47)
ٻُڍل فقير جي سُر يمن ڪلياڻ جي سرسري مطالعي مان پروڙ پوي ٿي، تہ انهيءَ سُر ۾ شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ، سُر سريراڳ، سر سسئي، سُر رامڪلي، سُر ڪاپائتي ۽ سُر کاھوڙيءَ جو اثر ورتو ويو آھي. مثال طور:
’ٻاروچل ساڻ ٻُڍل چوي، ٿا نباھن ناتو. ‘ موضوع جي لحاظ کان ھي سُر سسئيءَ جي سٽ آھي، ’عشق جنهين سر آيو، نانگا ٿيا نهال. ‘ ڪلياڻ، ’عشق جنهين سر آيو، ويا دونھان دُکايون. ‘ کاھوڙي يا
عشق جنهين سر آيو، تن صاف چکي سرڪي،
ڪاھي ڪلالين آيا، مٽن تي مُرڪي،
پوءِ سُرڪيءَ لئه سِرڪي، تن ڪوپن ڪنڌ ڪپايا.
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، سُر يمن ڪلياڻ، بيت 30، ص: 50)
ھي بيت سر يمن ڪلياڻ جي مطابقت ۾ آھي، جنھن ۾ شاھ لطيف موکي متارن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو آھي. ٻُڍل فقير جو مٿيون بيت شاھ لطيف جي ھيٺئين بيت جي رنگ ۾ رچيل آھي:
وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو،
قَدرُ ڪَيفَ ڪلاڙَ جو، پِياڪَنِ پِيو،
اَچن دُرسُ دُڪانَ تي، ڪَنڌُ قَبولُ ڪِيو،
سُرَها سِرُ ڏِيو، چَکَنِ سُرِڪَ سَيّدُ چي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 21، ص: 104)
ٻُڍل فقير جي سُر سسئيءَ ۾ جملي 48 بيت آھن، جن ۾ 30 بيت اُھي بہ شامل آھن، جن ۾ سسئيءَ جي ٽيهن ڏينھن جي ڏکن ڏاکڙن جو بيان آھي. بيتن جي اھڙي شعوري سٽاءَ سان انهن تي لوڪ ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو رنگ چڙهيل نظر اچي ٿو. ٻُڍل فقير جي سسئيءَ جا سمورا بيت، موضوع جي لحاظ کان، شاھ لطيف جي ڪلام جي دائري جي اندر ڦرن ٿا، پر تخيّل جي لحاظ کان ڪو بہ بيت شاھ لطيف جي ڪلام سان ھمسريءَ جھڙو نہ آھي. مثال طور سسئي پنهونءَ جي ڪھاڻيءَ موجب جڏهن سسئي، پنهونءَ لاءِ ڏونگر ڏورڻ لاءِ وک وڌائي تہ کيس ساھيڙين موٽڻ لاءِ زور ڀريو. ان نُڪتي کي ٻُڍل فقير ھِن ريت بيان ڪري ٿو:
جي پنڌ پريان جي پار ڏي، ڪي قرب واريون ڪن،
راتيان ڏينھان رمز سان، سک ٿي ڪين سمهن،
وَرَ جي وسارنِ، آ حيف تنهين جي حال کي.
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، سسئيءَ جو جواب، بيت 1، ص: 64)
شاھ لطيف جي سسئي پنھنجين ساھيڙين سان ھن ريت مخاطب ٿئي ٿي:
وَريٖتِيوُن وَرو، آئوُن نہ وَرَندِي وَرَ ري،
جاڏيٖ ھِنَ جَبَلَ جو، تانگِهينديَسِ تَرو،
جَتنِ ساڻُ ذَرو، نينھن نِبَيرڻَ نہ ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 4، بيت 7، ص: 298)
ٻُڍل فقير، سسئيءَ جي ڇھين ڏينھن جي وارتا ھن ريت بيان ڪئي آھي:
ڇھين ڏينھن ڇڻي پيس، موٽي ڳوڙها مٿي ڳل،
سا ھلي ھوت بلوچ ڏي، پلي نہ ڪنھن جي پل،
عشق آري ڄام جي، ڪيس ريءَ سيراھي سَل،
اچي جاڳيس جيءَ ۾، جوراڻا ۽ جَل،
ھڪڙيءَ ساڻ ھڪل، پئي پھڻ کي پرزا ڪري.
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، سسئيءَ جا ٽيھ ڏينھن، بيت 6، ص: 57)
ٻُڍل فقير جو مٿيون بيت، شاھ لطيف جي جنھن بيت جي اثر ۾ آھي، اُھو ھن ريت آھي:
وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪيو،
نِهارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھ رَتيوُن ٿِيين!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 3، بيت 20، ص: 389)
ٻُڍل فقير، ’سُر سورٺ‘ ۾ فقط 6 بيت چيا آھن، جن مان پنجن بيتن جو پھريون پد، ’ماڙيءَ آيس منگتو‘ وراڻ طور ڪتب آندل آھي:
ماڙيءَ آيس منگتو، ويل تنهين وينجهار.
***
ماڙيءَ آيس منگتو، ڪري پراھون پنڌ.
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، سُر سورٺ، بيت 1 ۽ 5، ص: 66 ۽ 67)
شاھ لطيف جو ’سُر سورٺ‘، چئن داستانن تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ لڳ ڀڳ سٺ بيت آيل آھي. داستان ٽئين ۾ ٻہ وراڻ جا بيت ملن ٿا، جن مان واضح ٿئي ٿو تہ ٻُڍل فقير ، شاھ لطيف جي ھيٺين بيت جي پد جو تتبع ڪيو آھي.
شاھ لطيف فرمائي ٿو:
مَحَلٖين آيو مَڱڻو، سازُ کَڻِي سُرَندو،
سِرَ جي صَدا سُرَ ۾، گُهورَ ھَڻِي گُهرندو،
مَٿي رِيءَ مَلوُڪَ جي، چارَڻُ نَه چُرَندو،
جُهوناڳَڙھ جُهرَندو، پُوندِي جھانءِ جَهروڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 3، بيت 3، ص: 648)
مَحَلٖين آيو مَڱڻو، کَڻِي سازُ سِرِي،
لَڳِي تَندُ تُنبٖيرَ جِي، پِيا ڪوٽَ ڪِرِي،
ھَنڌين ماڳين ھُوءِ ٿِي، تنھنجِي ٻِيجَلَ! دانَهن ٻُرِي،
جُهوناڳَڙُھ جُهرِي، پُوندِي جھانءِ جَهروڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 3، بيت 4، ص: 649)
ساڳيءَ ريت ٻُڍل فقير ’سُر سارنگ‘ جي جملي پنجن ئي بيتن ۾، ’اڄ پڻ اتر پار ڏئون‘ وارو پد وراڻ طور استعمال ڪيو آھي:
اڄ پڻ اتر پار ڏئون، ڪڪر ڪئي ڪروڙ،
ڇاٽ اُٺي ڇمڪو ٿيو، ڪئي گاج گروڙ،
تون پھچائيندين توڙ، ساٿ پنھنجو سيدا.
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، سُر سارنگ، بيت 1، ص: 68)
شاھ لطيف جي ’سُر سارنگ‘ جي پھرئين داستان ۾، ’نوَ‘ بيت ملن ٿا، جن جو پھريون پدُ، ’اَڄُ پڻ اتر پار ڏي‘ وراڻ طور استعمال ٿيو آھي، مثال طور ھڪ بيت ھيٺينءَ ريت آھي:
اَڄُ پُڻِ اُترَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تنوارَ،
ھارِين ھَرَ سَنباھِيا، سَرها ٿِيا سَنگهارَ،
اَڄُ پڻ منھنجٖي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 7، ص: 684)
جيتوڻيڪ ٻُڍل فقير جي سُر سارنگ جو ڪوبہ بيت قافيي جي لحاظ کان شاھ لطيف جي سُر سارنگ جي بيت سان ھڪجھڙائي نہ ٿو رکي، پر پوءِ بہ بيت جي رچاءَ ۾ شاھ لطيف جي اثر کان بچي نہ سگهيو آھي.
’رسالو ٻُڍل فقير‘ ۾، سُر رامڪليءَ جا جملي 18 بيت آھن، جيڪي سڀ وراڻ وارن بيتن ۾ شمار ٿين ٿا، جن ۾ پھريون پَدُ، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘ وراڻ طور استعمال ڪيو ويو آھي.
جي ڀائين جوڳي ٿيان، ڪر ڌڙ سسيءَ کؤن ڌار،
راتيان ڏينھان رب کي، ڪر پلپل جي پڪار،
’هُو‘ جو حرف ھٿ ڪري، ڪر لنؤَ لنؤَ ۾ لغار،
الستي اقرار، وڃي پاڙج پرينءَ سان.
(سرڪي، نياز، (2005ع)، ’رسالو ٻُڍل فقير‘، سُر رامڪلي، بيت 5، ص: 71)
ٻُڍل فقير جو مٿيون بيت شاھ لطيف جي ڪلام جو ھُوبهو تتبع آھي:
جٖي ڀانييٖن جوڳِي ٿِيان، تہ مَنُ پوريٖ منجهہ مارِ،
دائِمُ دونھين دِلِ ۾، مَنَ سين مالِها وارِ،
سَھُه سَڀڪا آرِ، آگي جِي اَدَبَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 4، بيت 6، ص: 794)
شاھ لطيف جي ڪلام ۾ سُر رامڪلي وڏن سُرن ۾ شامل آھي، جنھن جي 9 داستانن ۾ لڳ ڀڳ 200 کن بيت آھن. شاھ لطيف جو ھي سُر بہ فن ۽ فڪر جي لحاظ کان نھايت مٿانهون سُر آھي، جنھن جي ھر داستان ۾ بيتن جي ٻوليءَ ۾ نواڻ ۽ تازگي موجود آھي.
جڏهن تہ ھن سُر ۾ ٻُڍل فقير، شاھ لطيف جي مقبول بيتن جي فقط ھڪ وراڻ، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘ جي اثر ۾ 18 بيت تخليق ڪيا، جڏهن تہ شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ’واڄٽ ويراڳين جا‘، ’نانگا نانيءَ ھليا‘، ’بابو بيکاري ٿيا‘، ’ڪن ڪٽ ڪاپڙي‘، ’مونا طورسينا‘، ’جي ڀانيين جوڳي ٿيان‘، ’قوت ڪڙايا ڪاپڙي‘، ’جا گُر ڏني گودڙي‘، ’جياسون جوڙ ٿي‘ ۽ ’اڄ نہ اوطاق ۾‘ واريون وراڻيون ملن ٿيون. ھن فني نُڪتي مان پڻ اھا ڳالهہ واضح ٿئي ٿي تہ، شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ٻوليءَ ۽ فڪر جي وسعت بي مثال آھي.
ڀائي چئنراءِ لُنڊُ ’سامي‘ (1743ع-1850ع) :
ڀائي چئنراءِ سامي، سنڌي ڪلاسيڪي شاعري جي ’ٽمورتي‘ جو اھم رڪن آھي. ڀائي چئنراءِ، ڏتاراماڻي لُنڊ ’سامي‘ ولد بچومل جو جنم، شاھ لطيف جي وصال کان نو سال اڳ، يعني 1743ع ۾، سنڌ جي تاريخي شھر، شڪارپور ۾ ٿيو. ساميءَ جو پيءُ بچومل ڏتاراماڻي لُنڊ، مڇيءَ مانيءَ وارو ھو، جنھن ڪري سامي دنيوي وهنوار کان بي نياز ھو. پاڻ ننڍپڻ کان ئي سنجيدہ طبيعت جو مالڪ ھو. ڦُوھ جوانيءَ ۾ سندس ملاقات بھاولپور رياست جي علائقي ۾ احمد پور جي ساڌو سنت سوامي مينگهراج ٻانڀڻ سان ٿي، جيڪو انهن ڏينھن ۾ سير سفر سانگي شڪارپور جي ھاٿي در جي ڀرسان ھيمنداس جي ٽِڪاڻي ۾ اچي رهيو ھو.
ساميءَ جو مَنُ اڳي ئي روحاني سُرور جي رنگ ۾ رچيل ھو، ويتر سُوامي مينگهراج جي سنگ کيس جرڪائي ڇڏيو. ساميءَ کي سواميءَ جي ھِردي ۾ اُھا ئي جوت جرڪندي نظر آئي، جيڪا سندس من ۾ ٽمڪي رهي ھئي. سوامي مينگهراج جي وڃڻ کان پوءِ ساميءَ جي بيقراري ايتري وڌي جو ھُو ٻارين ٻچين وڃي امرتسر پھتو، جتي نانڪ پنٿ جي سِکيا وٺي شڪارپور واپس وريو.
لڳ ڀڳ 40 ورهين جي ڄمار ۾ ساميءَ پنھنجو ڪلام (سِلوڪَ) لکڻ شروع ڪيو. ھُو پنن جي چُٽڪين تي بيت لکي مَٽَ ۾ وجهندو ويندو ھو، جن کي سندس سَپوت گهنشامداس سنڀاليندو ۽ گڏ ڪندو ويندو ھو. سندس سلوڪن جو انگ، 2100 آھي، جن کي ڪتابي روپ ۾ سڀ کان اڳ ۾، ناليواري اديب ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ، 1885ع ڌاري، گُرمکي پوٿيءَ تان اُتارائي، ھاڻوڪي سنڌي لپيءَ ۾، ’ساميءَ جا سلوڪ‘ جي نالي سان چئن جلدن ۾ ڇپايو. ڪتاب جو نالو ’ساميءَ جا سلوڪ‘ رکيو ويو.
سنڌ جي لازوال شعري ذخيري جي اعليٰ ترين ماخذ ’شاھ جو رسالو‘ جي، جرمن اسڪالر ارنيسٽ ٽرمپ واري اِشاعت کان لڳ ڀڳ ويھارو سال پوءِ، شاھ لطيف جي ڪلام وانگر ئي اھم ۽ بامقصد شعري دستاويز ’ساميءَ جا سلوڪ‘ ڇپيو، جنھن سنڌ جي مذھبي رواداريءَ ۽ انساني صلح پسنديءَ واري ماحول کي واسي ڇڏيو. ان خوشبوءِ سنڌ کان ٽپي ھند کي بہ واسي ڇڏيو.
’تذڪرہ لطفي‘ ۾، لطف الله بدوي لکي ٿو: ”هُو سڀ ڪنھن محبت واري جو ڳولائو ٿي پيو. ذات پات جي ٻنڌڻ کان آجو ٿي ڪڏهن مسلمان درويشن جي صحبت ۾ ڊوڙندو ھو تہ ڪڏهن ھندو پوجنيه بزرگن جي ست سنگ ۾ پھچندو ھو. “ (بدوي، 1946ع، ص: 405)
’تذڪرہ لطفيءَ‘ جي مصنف، صدري روايت موجب ساميءَ جي روحاني اُتساھ جي بنيادي نُڪتي کي بيان ڪندي لکيو آھي: ”ساميءَ کي جو رنگ لڳو، سو حضرت امين شاھ صاحب چشتيءَ جي صحبت کان. “ (بدوي، 1946ع، ص:405)
امين شاھ، چشتي سلسلي جو صوفي ۽ عالم ٿي گذريو آھي، جنھن جي تربت شڪارپور ۾ مختيارڪاريءَ جي ڀرسان آھي.
جيتوڻيڪ ساميءَ جو سُوامي مينگهراج ٻانڀڻ سان من جو رشتو ھو، پر تنھن ھوندي بہ مٿين روايت اعتبار جوڳي لڳي ٿي، ڇاڪاڻ تہ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي صاحبيءَ وارن ڏينھن ۾ مسلمانن ۽ ھندن جي وچ ۾ مذھبي ويڇو نہ ھو ۽ عوامي سطح تي سنڌ جي مذھبي رواداريءَ واري فضا قائم رهي. سنڌ جي سماج جي اھڙي فڪري پختگيءَ ۾، شاھ لطيف جي امر ڪلام بنيادي ڪردار ادا ڪيو.
ڪلهوڙن توڙي ٽالپرن جو دؤر، جاگيرداري سرشتي جي تسلط جو دؤر ھو،جنھن ۾ عوام کي ڪابہ اھميت حاصل نہ ھئي. ھونئن بہ جاگيرداري سرشتي ۾ ڦرمار ڪندڙ گروھ، عوام کي پنھنجي مطلب ۽ مقصد خاطر استعمال ڪندو آھي. عوام کي جيڪڏهن اھڙي سرشتي ۾ ڪو حق ڏنو ويندو آھي، تہ بس محنت ڪرڻ ۽ صبر ۽ شڪر ڪرڻ جو. سنڌ ۾ تصوف ۽ ويدانت جو فڪر، ھن پرماريت جي خلاف، ھڪ ڀرپور تحريڪ طور اُڀريو، جنھن ذريعي عوام ۾ مذھبي رواداري ۽ روشن خياليءَ جو شعور بيدار ٿيو.
فڪري سجاڳيءَ جي انهيءَ تحريڪ ۾، بنيادي ڪردار شاھ لطيف جو آھي، جڏهن تہ سچل سرمست ۽ چئنراءِ سامي، انهيءَ مذھبي رواداريءَ ۽ انسان دوستيءَ جي واڌاري واري تحريڪ کي ھٿي ڏني. انهيءَ ڳالهہ کي ڳڻيندي سنڌ جي ڏاھي دانشور محمد ابراھيم جويي، پنھنجي فڪري تصنيف، ’شاھ سچل سامي‘ ۾ لکي ٿو: ”شاھ، سچل ۽ سامي، عظمت جي صحيح معنيٰ ۾، سنڌي سماج جا عظيم ماڻهو آھن. اُھي سنڌي سماج جي ھڪ وڏي بُحراني دؤر جي پيداوار آھن. ھو ذھني (روحاني) دنيا جا عظيم تخليقڪار آھن. ھو پنھنجي ڏات ۽ ڏاتاريءَ ٻنهي ۾ بي مثل ۽ بي بدل آھن. ھو سنڌي سماج جي نئين جنم جا نقيب آھن. ھو مفڪر به، شاعر به، ۽ فنڪار بہ ھئا. ھو ٻين لاءِ جيئندڙ، عام مفاد لاءِ لڇندڙ ۽ سڄي پنھنجي زندگي ھڪ ئي مقصد لاءِ پاڻ پچائيندڙ ۽ ھڪ ئي آدرش جا فدائي ھئا. “ (جويو، ابراھيم، 1990ع، ص:31-32)
سنڌ جي انهيءَ روشن ٽِمُورتيءَ ۾، شاھ لطيف ۽ سچل سرمست، ’همه اوست‘ جا داعي ھئا، جڏهن تہ چئنراءِ سامي ويدانت جو پيامبر ھو، جنھن کي ويدانت ۾ وحدت الوجود جو ئي رُوپ سمجهيو وڃي ٿو. ان لحاظ کان شاھ لطيف ۽ ساميءَ ۾ وڏي ھڪجھڙائي آھي. شاھ لطيف فرمائي ٿو:
ڪوڙين ڪايائُون تنھنجون، لِکَن لَکَ ھزارَ،
جِيءُ سڀڪہ جيَ سين، دَرسنُ ڌارو ڌَار،
پِرَيمِ تنھنجا پارَ، ڪھڙا چئِي ڪھڙا ڪِيَ چُئان.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 21، ص: 99)
سامي ويدانت جي وجودي جوهر کي ھن ريت ظاھر ڪري ٿو:
آھِنِ آگَمَ اَپارُ، راھانِ رامَ مِلَڻَ جون،
تَنِ سَڀِني ۾ ھِڪِڙي، ساڌَ سَنگَتِ نِــرِوارُ،
سامي مِلُ تَنهيِن سان، ڪَري پِريمَ پِيارُ،
تَھ دوسِتَ جو ديدارُ، ڏِسيٖن ڀيدَ ڀَــرَمَ ريٖ.
(ناگراڻي، بي. ايڇ. پروفيسر، (1978ع)، ’ساميءَ جا سلوڪ‘، ڀاڱو ٻيو، سلوڪ ستسنگ مهما، بيت 1، ص: 23)
شاھ لطيف جي ڪلام ۾، وحدت جي وائي آھي. ھو انسان ذات کي چٽي گمراھي يعني شِرڪ کان روڪي ٿو ۽ نھايت تاڪيد ڪندي چئي ٿو:
وَحدَهُ لا شريڪ لہُ، اِيءُ وِهائج ويءُ،
کَٽين جي ھارائين، ھَنڌُ تنھنجو ھِيءُ،
پاڻان چوندءِ پيءُ، ڀَري جامُ جَنَّتَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 15، ص: 68)
سنت سامي پڻ ساڳي ڳالهہ ٿو ڪري تہ جن پنھنجي اندر مان شڪ، شبھا ۽ سَنسا ڪڍيا، اُنهن ئي پنھنجي پرينءَ کي صحيح سڃاتو:
وِرلاجَن ڪيئي، ساڌُو ھِن سنسارَ ۾،
ڪڍيا جَن اندر مؤن، سنسا سڀيئي،
سھي ڪيائون سَڀ ۾، پِريَنِ کي پيهي،
سَنمُکُ ٿيا سِيئي، سامي سُپيرين جي.
(ناگراڻي، بي. ايڇ. پروفيسر، (1978ع)، ’ساميءَ جا سلوڪ‘، ڀاڱو ٻيو، سلوڪ ساڌمهما ، بيت 26، ص: 9)
شاھ لطيف جي ڪلام جي سُر يمن ڪلياڻ ۾ محبت جي مامري کي بيان ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ خاص ڪري عاشقن جي اصلاح جي حوالي سان ڪجهہ بيت آيل آھن، جن جو شروعاتي پد ’محبت جي ميدان ۾‘ آيل آھي، جيئن:
مَحبَتَ جي ميدانَ ۾، عاشقَ! ٿِيءُ اَچامُ،
سَمھان سَلَ سَيّدُ چي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ،
ڪَھِجِ ڪومَ ڪَلامُ، جِمَ دوسَنِئُون دُورِ ٿييٖن. (13)
مَحبَتَ جي ميدانَ ۾، اچي پيٖرَ پِيانِ،
سِرَ وَڍَڻُ، ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِيءُ سِينگارَ سَندانِ،
ڏِيندا مون ڏِٺانِ، مَٿا مَحبُوبَنِ لَئٖي. (14)
مَحبَتَ جي ميدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ!
سِرُ سُورِيءَ، ڌَڙ ڪَنگريٖن، مَتان ڪُڇين ڪَٽُ!
عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي. (15)
مَحبَتَ جي ميدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ،
لاھي سِرُ لَطِيفُ چٖي، دوسَنِ اَڳِيان ڌَرِ،
عِشقُ نانگُ اَپر، خَبرَ کاڌَنِ کي پَوي. (16)
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 13، 14، 15 ۽ 16، ص: 117-118)
شاھ لطيف جي مٿينءَ وراڻ وارن بيتن جو اثر، ساميءَ خوب ورتو آھي. ساميءَ ’محبت جي ميدان ۾‘ بيت جي پھرين مصرع ۾ ڪٿي پھرين پد طور، تہ ڪٿي ٻئي پد طور ڪتب آندو آھي:
مَحَبَتَ جي ميدان ۾، عاشِقَ رنگِ رچن،
پَوَنِ پروانن جان، اڳِيون عجيبن،
سانگُ نہ وارِن سِر جو، توڙي مَچَ مچن،
ماسو ماس نہ تَنِ، برھ جنين جي بَکُري.
(ناگراڻي، بي. ايڇ. پروفيسر، (1978ع)، ’ساميءَ جا سلوڪ‘، ڀاڱو ٽيون، محبت – بيت 3، ص: 139)
مَحَبَتَ جي مَيدان ۾، مُئن ڪئي مجلس،
ماھِلُ ٿيا مَهِران ۾، چکي چاٽيءَ چَسَ،
موٽي موٽيا ڪينڪي، رڙِهيا منجهہ رَهسَ،
سامي پياري پُرَسَ، محبتي مستانُ ڪِيا.
(ناگراڻي، بي. ايڇ. پروفيسر، (1978ع)، ’ساميءَ جا سلوڪ‘، ڀاڱو ٽيون، محبت – بيت 4، ص: 140)
جن بيتن جي پھرينءَ سِٽ جي ٻئي پد ۾، ’محبت جي ميدان ۾‘ وراڻ ڪتب آندل آھي، انهن مان ھڪ مثال طور پيش ڪجي ٿو:
پيرُ پُرجهي پاءِ، مَحَبَتَ جي ميدان ۾،
ڪُٺا پِيا ٿي ڪيترا، جانيءَ لَڳِ تنھن جاءِ،
ڏِسي ڏهڪيٖن ڪِين ڪي، سامِي سِڪَ وڌاءِ،
جيئندي پاڻُ جَلاءِ، تہ پَسَڻُ ٿئَيئي پِرَ جو.
(ناگراڻي، بي. ايڇ. پروفيسر، (1978ع)، ’ساميءَ جا سلوڪ‘، ڀاڱو ٽيون، محبت – بيت 2، ص: 139)
شاھ لطيف جي امر ڪلام، جتي سنڌ جي سٻاجهن لوڪن جي عام رواجي، ٽُٽل ۽ وکريل زندگيءَ کي غيرمعمولي جِلا بخشي، ان کي نئين سر جوڙيو ۽ سماجي ٻڌي ۽ محبت جي مالها ۾ پوئيو، اُتي عقيدن ۽ نسلي متڀيد کان مٿانهون ٿي، انساني فلاح جي جيڪا لاٽ روشن ڪئي، انهيءَ سنڌ جي ’صلح ڪل‘ واري ڌرتيءَ کي منور ڪري ڇڏيو. اھوئي سبب آھي، جو سنڌ جي ڌرتي اڄ بہ روشن خياليءَ جي فڪر کي پنھنجو بنيادي آدرش سمجهي ٿي.
ڏسجي تہ شاھ لطيف جو دؤر، مذھب جي حوالي کان نھايت سختگيريءَ جو دؤر ھو، ڇاڪاڻ تہ ڪلهوڙا حڪمرانن پنھنجي اقتدار اعليٰ جي تحفظ لاءِ، مذھب کي بنيادي ذريعو بڻايو ھو، جنھن ڪري سنڌ جي سماجي جوڙجڪ ۾ ظاھر پرستن جو زور وڌيل ھو. شاھ لطيف، انهيءَ ڏکئي وقت ۾ نہ حڪمرانن جي ڪاڻ ڪڍي ۽ نہ ملائيت کي منظور ڪيو. شاھ لطيف جتي رياست جي جبر کي للڪاريو ’کَپر گاروڙين سين، وڏو وڌوءِ وير‘ اُتي مذھبي ظاھر پرستيءَ سان بہ مهاڏو اٽڪايو:
مُنهن ڪر منجهارا، ٻھران ڍُونڍِ مَ ڍورَ جيئن،
جي اکڙيين آرا، تہ ڪنڌِيءَ اَچڻُ ڏاکڙو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 11، ص: 722)
شاھ لطيف پنھنجو فڪر وڌيڪ کولي بيان ڪري ٿو:
اِنَ پَرِ نہ اِيمانُ، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائيين،
دغا تنھنجي دل ۾، شِرڪ ۽ شيطانُ،
منهن ۾ مسلمانُ، اندر آذرُ آھيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 11، ص: 722)
شاھ لطيف ڪُفر سان ڪوڙ تي بہ ڪافرن کي ننديو آھي:
ڪُوڙو تون ڪُفر سين، ڪافِرُ مَ ڪوٺاءِ،
ھِندُو ھَڏِ نہ آھِيين، جَڻِيو تو نَه جُڳاءِ،
تِلڪُ تَنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 15، ص: 723)
ڀائي چينراءِ ساميءَ جا سِلوڪَ، انهيءَ سماج جي سڌاري ۽ انساني ڀلائيءَ جا بنيادي اصول طيءِ ڪن ٿا. معمور يوسفاڻي حوالو ڏيندي لکي ٿو تہ: ”ساميءَ جي سِلوڪن بابت ڄيٺمل پرسرام لکي ٿو، جيئن مولانا روميءَ جي مثنوي، پارسيءَ ۾ قرآن ۽ شاھ جو رسالو سنڌيءَ ۾ قرآن آھي، تيئن ساميءَ جا سِلوڪ بہ آھن (آدي گرنٿ) سنڌي ٻوليءَ ۾ ويد، اُپنشد، سوتر، ڀاڳوت، يوگ، شنڪر يا تنجلي ۽ ٻيا انيڪ شاستر سندس من ۾ سمايل آھن. “ (يوسفاڻي، 2003ع، ص:134)
’ڍوليو ڍٽ ڌڻيءَ‘ جو مصنف، معمور يوسفاڻي لکي ٿو: ”ساميءَ جي ڪلام جو وڏو حصّو، حضرت ڀٽڌڻيءَ جي ڪلام جي اثر ھيٺ آھي. . . فرق صرف اھو آھي تہ، سامي پنھنجي ڪلام ۾ مالڪ جي بجاءِ پرماتما، ڪامل مرشد جي بجاءِ ستگرو، خدا جي طالب عيوض جڳياسي، خوديءَ جي بدران اڀمان، ڄاڻُ ۽ آزمودي جي جاءِ تي انڀئي، ڌڻيءَ جي بجاءِ جڳديش، ٻِيائي يا دوئيءَ جي بجاءِ دئيت، دنيا جي بدران مايا، جھالت جي عيوض اَوِديا ۽ ٻيا اھڙا لفظ استعمال ڪري ڪلام جي ظاھري رنگ کي بدلائي ڇڏيو آھي، نہ تہ اصل ۾ ساميءَ جو بہ اھوئي گس آھي، جيڪو لطيف جو، جيڪو لطيف کان اڳوڻن صوفي بزرگن جو ھو. “ (يوسفاڻي، 2003ع، ص:138)
سنسڪرت لفظن جي گهڻائيءَ طرف ڪلياڻ آڏواڻيءَ پڻ نشاندھي ڪئي آھي. معمور يوسفاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو تہ: ”سامي صاحب، ’وَيدن جي واڻي‘ کي سنڌي لباس پھرايو آھي، ’ويدن جي واڻي، سا سنڌيءَ ۾ سُڻايان. ‘ انهيءَ ڪري سندن سِلوڪن ۾ سنسڪرت لفظن جي گهڻائي آھي، ۽ سندس واڻي رس ۽ ميٺاج جو ڀنڊار آھي. “ (يوسفاڻي، 2003ع، ص: 134)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ساميءَ جي ڪلام جي بنيادي موضوع جو تعين ڪندي نتيجو ڪڍيو آھي. مايا جو موھ ساميءَ جي سِلوڪن جي مڙني موضوعن ۾ طاقتور چئجي تہ گهڻيءَ حد تائين درست ٿيندو. ھُن جي خيال ۾ مايا جي موھ ۾ جيڪو جِيوُ مستان آھي، سو وڏو خودعرض آھي ۽ دنيا جي ڌُٻڻ ۾ گتل آھي، پر جيڪو اَوِديا ۽ جھالت جي غفلت ڇڏي، سوئي ماڳ ماڻي ٿو. ساميءَ جي ڪلام ۾ نصيحت وارو رنگ وڌيڪ آھي. اِھو رويو عام طور صوفي ۽ ويدانتي شاعرن وٽ خاص ملي ٿو. اِن طرح اُپديش ۽ نصيحت ساميءَ وٽ بہ نمايان آھي. ھُو ظاھري تعليم تي فخر ڪرڻ کي نندي ٿو.
ساميءَ جو من اجرو ھو. ھُو ذات پات جي قيد کان آجو ھو ۽ انساني ننڍ وڏائيءَ جو قائل نہ ھو. ھُو نينھن کان سواءِ ويد پڙهڻ کي ٻيائي سمجهي ٿو ۽ نينھن کان سواءِ ظاھري تعليم جي حصول کي ناداني سمجهندي چوي ٿو:
نِيهَن بِنا نادان، ويدَ پڙهي وادي ٿيا،
ٻانڀَڻَ ڪَنِ ٻيائيءَ سان، جَپَ تَپَ دان اِشنانَ،
نيهي نارائڻَ ري، ٻي سُڌِ رکن ڪانَ،
رهن منجهہ جھان، نِرپَکَ نيارا نَڀَ جان.
(ناگراڻي، بي. ايڇ. ، پروفيسر، (1978ع)، ’ساميءَ جا سلوڪ‘، ڀاڱو ٽيون، نيهي – بيت 1، ص: 105)
سماجي جبر ۽ انتھاپسند روين جي خلاف، سامي، شاھ لطيف جي ٻاريل مشعل کي پنھنجي فڪري سگھ سان لاڳيتو ٻاري رکيو. ان جو مثال اُھي بيت آھن، جيڪي ’ساميءَ جا سلوڪ‘ ڪتاب ۾ ’اوديا‘، ’اگياني‘ ۽ ’مورک‘ جي عنوانن سان ڏنل آھن، جن ۾ ساميءَ جرئت ۽ دليريءَ سان علمي جھالت ۽ استحصالي گروھ جي سماجي توڻي معاشي ڦرلُٽ جي نندا ڪئي آھي:
ڪَلِجُڳَ جا ڪُوڙا، مِيرَ مُتهَدي چوڌري،
راتيون ڏينھان لوڀَ جا، گهَرِ ٻَنڌَنِ ٻُوڙا،
ويساھي ويساھَه سان، ڊوهِنِ وِسُوڙا،
سامي مَتِ مُوڙها، مَرڻُ نہ ڄاڻن مَنَ ۾.
(ناگراڻي، بي. ايڇ. ، پروفيسر، (1978ع)، ’ساميءَ جا سلوڪ‘، ڀاڱو پھريون، آگياني، بيت 44، ص: 119)
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، پنھنجي تصنيف ’جھڙا گُل گلاب جا‘ ۾ ھن حوالي سان لکيو آھي تہ، ’سامي بہ سنڌ جي انهيءَ دؤر سان واسطو رکي ٿو، جنھن کي جاگيرداري نظام چئي سگهون ٿا. سامي پنھنجي وقت ۽ حالتن جو چڱي ريت اڀياس ڪيو ھو. سندس ايمان ھو تہ، علم ۽ ڄاڻُ ئي انسان کي پنھنجو صحيح مقام ڏياري سگهي ٿي. پر انهيءَ وقت علم تہ انڌن جي وس ھو. مولا جا مالڪ سڏائيندڙ ماڻهو، الله جي انسانن کي دڳ لائڻ بدران ڀٽڪائي رهيا ھئا. اھي پاڻ ڪُوڙا جوڳي ھئا. اھڙن عالمن تان پردو لاھڻ ئي وقت جي وڏي گهرج ۽ ترقي پسندي ھئي ۽ سامي انهيءَ ڏس ۾ ڪڏهن بہ پوئتي نہ پيو. ‘
سنت سامي فرمائي ٿو:
ٻانڀڻ ٻَنڌَ گِياني، ڪوڙا گهُمَنِ ڪيترا،
ڳالهيون ڪنِ زبانَ سان، اَنڀئَهِ آساني،
رَهَنِ رَسَ ڪَسَ لوڀَ ۾، اُرجها اَڀِماني،
ڄاڻَنِ نہ فاني، پُتلو پنجن تَتَنِ جو.
(ناگراڻي، بي. ايڇ. ، پروفيسر، (1978ع)، ’ساميءَ جا سلوڪ‘، ڀاڱو پھريون، بيت 47، ص: 120)
اظھار جي اھڙي جرئت جو علمبردار شاھ لطيف، سُر رامڪليءَ ۾ ڪُوڙن جوڳين جي سخت لفظن ۾ نندا ڪئي آھي ۽ انهن کي ’نرڄو‘ ڪوٺيو آھي:
جان تان جوڳي ٿِيءُ، نَه تَھ نِرڄا! وَنءُ نڪري،
ڪَوھ ٿو ڪَنَ ڪپايين، جان نہ سھين سِيءُ،
ڀَڄُ پَرانهون ٿِيءُ، متان ٻيا لڄايين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 4، بيت 14، ص: 796)
سامي، شاھ لطيف جي سُر رامڪليءَ جي اھڙي تُرش لهجي جي تتبع تي ڪجهہ ھن طرح اظھار ڪري ٿو:
لکين لَٻاڙي، ڳالهيون ڪَنِ اَگَمَ جُون،
سامي ڪُوڙائي ساڌَ ٿيا، مَٿو ۽ ڏاڙِهي،
ڪَلڪائِين ڪَپَٽَ جي، ڪاتِي ڪُھاڙي،
ڀاڙَ کائي ڀاڙِي، وَهِيا وڃن وَھ ۾.
(ناگراڻي، بي. ايڇ. ، پروفيسر، (1978ع)، ’ساميءَ جا سلوڪ‘، ڀاڱو پھريون، آگياني، بيت 48، ص: 120)
شاھ لطيف ۽ ساميءَ جي ڪلام جي مطالعي مان اِھا حقيقت آشڪار ٿئي ٿي تہ ’شاھ جو رسالو‘ ۽ ’ساميءَ جا سلوڪ‘ فڪر ۽ مقصد جي لحاظ کان انسانيت جي عظمت جا روشن مينار آھن. جيڪڏهن ڪو فرق آھي تہ اھو فطري آھي تہ، سنڌ وطن جي ھنن ٻنهي عظيم شاعرن پنھنجي مذھبي تعليمات ۽ ماحول موجب پنھنجي شعري فڪر جو بيحد تخليقي استعمال ڪيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو شاھ لطيف جي ڪلام ۾ قرآن پاڪ جون آيتون ملن ٿيون، جڏهن تہ ساميءَ جي سِلوڪن ۾ ويدن جو ورد ملي ٿو. سندس ڪلام ۾ ھندي ۽ سنسڪرت جي ڏکين لفظن ۽ محاورن جو گهڻو استعمال ڪيو آھي. ٻوليءَ جي اِن فرق کي پاسيرو ڪري ڏسجي تہ شاھ لطيف جو ڪلام ساميءَ جي فڪر ۽ اسلوب جو پيشرو آھي ۽ ان جو اثر نمايان طور تي محسوس ٿئي ٿو، جنھن جا ڪجهہ بنيادي اھڃاڻ ھتي واضح ڪيا ويا آھن، پر اھا ڳالهہ واضح رهي تہ ساميءَ جي سلوڪن جي جوهر ۾ فقط انساني فلاح ۽ اصلاح جو مقصد اھم آھي، جڏهن تہ شاھ لطيف جي ڪلام جو دامن نھايت ڪشادو آھي، ھو انساني اصلاح سان گڏ قومي جاڳرتا جو شعور پڻ پکيڙي ٿو، جنھن لاءِ ھُن سنڌ جي رومانوي ۽ تاريخي ڪردارن سان گڏ ھزارن سالن جي لوڪ ڏاھپ کي سموهيو آھي، جنھن ڪري شاھ لطيف جو ڪلام سنڌ جي روح جو ترجمان بڻجي ويو آھي.
تنوير عباسي (1934ع-1999ع) :
تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي، ’تنوير عباسي‘ سندس تخلص آھي. پاڻ 7 ڊسمبر 1934ع تي ڳوٺ سوڀوديرو ضلعي خيرپور ميرس ۾ گل حسن عباسيءَ جي گهر ڄائو. ھن ميٽرڪ ڪراچيءَ مان، انٽر (سائنس) ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان 1960ع ۾ حاصل ڪئي. پاڻ شاگرديءَ جي دور کان ئي ادب ڏانھن لاڙو رکندو ھو ۽ مختلف شاعراڻين صنفن تي طبع آزمائي ڪندو رهندو ھو. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ کيس سرڪاري نوڪري ملي، پر جلد ئي اھا ڇڏي، پنھنجي خانگي ڪلينڪ کولي، غريب عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ جُنبي ويو.
تنوير عباسي 1950ع کان ئي شاعري شروع ڪئي. اھو دؤر سنڌ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ جو دؤر ھو ۽ سنڌي ادبي سنگت، اديبن جي ترقي پسند خيالن جي اپٽار ڪندڙ، غريب ھارين، مسڪينن، پورهيتن، سانگين جھانگين جي حمايت ۾ ادب جي مڙني صنفن، خاص ڪري نثري ادب (ڪھاڻي) ۽ شاعراڻي ادب ۾ ان ترقي پسند فلسفي جي پرچار سان گڏوگڏ پنھنجي امڙ جي ٻوليءَ جي ادبي جهولي ڀرڻ خاطر جيڪي شعوري يا لاشعوري ڪوششون ڪيون ويون. تنوير عباسي ۽ ان دؤر جو شاگرد طبقو بہ ان تحريڪ سان وڌيڪ سلهاڙجي ويو.
شاعري آھي ئي حسن جي ھٻڪار کي جهٽي، ان جو عڪس جيئن جو تيئن يا تشبيهن، تلميحن، اشارن ۽ ڪناين وسيلي ان جي تعريف ڪرڻ. جيتوڻيڪ تنوير عباسي بہ پنھنجي شروعاتي شاعري فارسي ترڪيبن ۽ تشبيهن ۾ ڪئي، پر سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙجڻ کان پوءِ ھن جو لاڙو سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي مسئلن ڏانھن لڙڻ لڳو، گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال سندس شاعريءَ کي وڌيڪ حسن بخشيو تہ پنھنجي ھڪڙي غزل جو مطلع ھن ريت لکيائين:
مضبوط جهوپڙيون ۽ ڪمزور محل ماڙيون،
سو ڏينھن آھه ويجهو، ٿينديون اُڀيون ڪھاڙيون.
(عباسي، تنوير، (1977ع)، ’سج تريءَ ھيٺان‘، ص: 21)
شاعريءَ سان گڏوگڏ تنوير عباسيءَ نثري ادب تخليق ڪيو ۽ ان جا ڪجهہ ترجما، سوانحي ادب، سفرناما لکيا، ۽ سڀ کان وڏو ڪم شاھ لطيف جي شاعريءَ تي تحقيق پڻ ڪيائين ۽ ڪجهہ ڪتابن کي ترتيب ڏنائين. سندس قلم ۽ ذھن جي حاصلات ھن ريت آھي: ٻاراڻا ٻول (سھيڙ 1973ع)، جي ماريا نہ موت (ويٽنامي ناولٽ جو ترجمو، 1973ع)، جديد سنڌي شاعري (1981ع)، شاھ لطيف جي شاعري (کوجنا، جلد پھريون) (1976ع)، شاھ جي شاعري (جلد ٻيو) (1985ع)، شاھ جي شاعري، (جلد ٽيون) جلد پھرين ۽ ٻئي سان گڏ (1989ع)، ’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ (1982ع)، ’خير محمد ھيسباڻيءَ جو ڪلام‘ (1983ع)، ’ڏوري ڏوري ڏيهه‘ (سفرنامو–1984ع)، ’تِرورا‘ (1988ع) ۽ انهن ڪتابن کان سواءِ خاڪا ’منهن جنين جا مشعل‘۽ سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور جي ڪتابي سلسلي ’سرمست‘ جا 9 جلد سھيڙيل (1980ع کان 1989ع) پڻ سندس ڪاوشن جا يادگار آھن. مٿين ڪتابن مان ڪيترن ڪتابن تي کيس ادبي انعام ملي چڪا آھن، جن ۾ پاڪستان رائٽرس گلڊ ايوارڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ايوارڊ، ڀارت مان شاعريءَ تي ’نارائڻ شيام‘ ايوارڊ ۽ حڪومت پاڪستان طرفان سڀ کان وڏو سِول اعزاز پڻ شامل آھي.
تنوير عباسيءَ جي شاعراڻي ڪتاب ’سج تريءَ ھيٺان‘ جي مهاڳ بعنوان ’ڪوتا مارڳ – پٿون پير‘ ۾ امداد حسيني ھن ريت ٿو لکي تہ: ”تنوير جي شاعري کليل ميدان جي شاعري آھي، نيارن پنڌن ۽ پيچرن جي شاعري آھي، لتاڙيل رستن تي پير ڌرڻ جو ھو ڪڏهن بہ قائل ناھي رهيو. “ (تنوير، 1977ع، ص: 8)
ڪوڙ جڏهن چڙهندو آ چوٽ تہ سڏ ٿيندو آ مون کي،
نعرا ھڻندو ڪوڙ جا ڪنگرا مان ڊاھيندو آھيان.
(عباسي، تنوير، (1977ع)، ’سج تريءَ ھيٺان‘، ص: 38)
ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ کي باھ ڏئي ساڙيو ويو ھو، تڏهن سنڌ جي سڄاڻ شاعرن ۽ اديبن ان ڏکوئيندڙ واقعي تي پنھنجي لکڻين وسيلي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. تنوير عباسيءَ بہ پنھنجي شاعريءَ وسيلي ’ڪيڏارو‘ (داستان ٽيون) ۾ لکيو:
باھ نہ ساڙي علم کي، علم تہ خود ئي آڳ،
وڌندي رهندي سنڌڙي، ھر پل پنھنجي ماڳ،
تن لئه آھي نِڀاڳُ، جيڪي روڙا راھ جا.
(عباسي، تنوير، (1977ع)، ’سج تريءَ ھيٺان‘، ص: 29)
شاھ لطيف بہ پنھنجي رسالي ۾ سڄو سارو ستن داستانن وارو ’سُر ڪيڏارو‘ لکيو آھي، جيڪو اصل ۾ جنگ ۾ جهونجهارڪي جهيڙي جي منظرنگاري آھي. خاص طور تي اھو سُر امام حسينؓ جي ڪربلا ۾ يزيدي لشڪر سان مهاڏي اٽڪائڻ جو تاريخي قصي بابت آھي. مثال طور ھي بيت ڏسو:
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيَا، راوَتَ ڪِينَ رَهَنِ،
سائُوئَنِ سِرَ فِدا ڪَيَا، اڳيان اِمامَنِ،
’يُجَاھِدُونَ فِي سَبِيلِ اللهِ‘، ڪَمُ اِھوئِي ڪَنِ،
حُورُون ھارَ ٻَڌَنِ، سِهِرا شَھِيدَنِ کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 3، بيت 1، ص: 415)
تنوير عباسيءَ، شاھ لطيف جي سورمين ڏانھن منسوب ڪندي نظم لکيا آھن، جن ۾ ’ٻيجل ڏانھن‘، ’سسئيءَ ڏانھن‘، ’سھڻيءَ ڏانھن‘ ۽ ’مارئيءَ ڏانھن‘. سندس انهن نظمن مان ھڪ ھڪ بند ھيٺ ڏنل آھي:
ٻيجل ڏانھن:
سال ٿيا، سُر لئه سڪيا، ساھ رکي چاھ،
سانت ھئا ساز، پڙاڏو ھو نہ پڙلاءُ.
(عباسي، تنوير، (1989ع)، ’تنوير چئي‘، ص: 94)
سسئيءَ ڏانھن:
ھو پنهونءَ کي ويا کڻي، ھئا چُپ سِي ڏاگها بي زبان،
پر زبان رکندڙ بہ گونگا، منھنجا ميرِ ڪاروان.
(عباسي، تنوير، (1989ع)، ’تنوير چئي‘، ص: 95)
سھڻيءَ ڏانھن:
توکي ڇا ميهر جي ٻانهن جو سھارو ويو ملي،
ڄڻڪ طوفانن ۾ توکي، ھڪ ڪنارو ويو ملي.
(عباسي، تنوير، (1989ع)، ’تنوير چئي‘، ص: 96)
مارئيءَ ڏانھن:
ھڪڙي ماروءَ ٿي چيو تو جبر جو سِر خم ڪيو،
عيد ڪئي حب وطن ظلم و ستم ماتم ڪيو.
(عباسي، تنوير، (1989ع)، ’تنوير چئي‘، ص: 97)
ھنن نظمن ۾ تنوير عباسي، شاھ لطيف جي ڪردارن کي ياد ڪندي، پنھنجي دؤر جي وارتا ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر شاھ لطيف تہ انهن جي روپ ۾ ڪي رمزون ۽ ڪي راز سلڻ جي لاءِ انهن ڪردارن کي تمثيل طور استعمال ڪيو آھي، جن جا مثال ھن ريت ڏيئي سگهجن ٿا:
سُر سورٺ:
اِي تانُ نہ آھي تَندُ جو، ٿو رُون رُون ڪَري رازُ،
ھَڻَندَڙَ سَندا ھَٿَڙا، سَڀُڪو چوي سازُ،
سَٽَ ڏيئِي شھَبازُ، ٿِيءُ تہ ٿوڪُ پرائِيين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 2، بيت 10، ص: 289)
سُر سسئي:
ويھ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ،
جِمَ وِرِچي ڇَڏئين، سَندو گُنگنِ گَسُ،
ڏورَڻَ منجهان ڏَسُ، پُوندءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 1، بيت 12، ص: 174)
سُر سھڻي:
ساھَڙُ مون جِئن سَرتُيون! جِي ڏسو سَڀيئي،
تہ سُمهو ڪِين سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئي،
مُونهان اڳيئِي، گِهڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 1، بيت 6، ص: 378)
سُر مارئي:
سُونہَ وِڃايَمِ سومَرا، مارُو مَسَ مَڃين،
ڏُنگا ڏاڏي پوٽِيينِ، ڪَنِ ڏِنا ڪي ٿيون ڏِينِ،
جي مان لوهَ لاھِين، تہ ڪوٺِين ۾ ڪِينَ ھُئان!
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 4، بيت 1، ص: 357)
جديد شاعرن جو خيال ۽ فلسفو، شاھ لطيف جي فلسفي ۽ خيال کان ڪو گهڻو مختلف نہ آھي. شاھ لطيف جي فلسفي ۾ تصوف، انسان دوستي، وطن جي حب، ڏکويلن سان ھمدرديءَ جو اظھار ملي ٿو، جڏهن تہ جديد دؤر جي شاعرن وٽ بہ اھي سڀ موضوع ملن ٿا تہ ڪجهہ مادي فلسفي جا پرچارڪ آھن، پر انهن بہ ڪلاسيڪل ڪردارن ۽ صنفن تي شاعري ڪئي آھي.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ زندگيءَ جا آخري ڏينھن اسلام آباد ۾ پنھنجي پٽ سرمد عباسيءَ وٽ گذاريا. سندس حياتيءَ جو سڳو 25 نومبر 1999ع تي ٽُٽي پيو. ھن مرڻ کان 15 سال اڳ وصيت ڪئي ھئي تہ، ’مرڻ کان پوءِ سندس جسم لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي) اسپتال کي ڏنو وڃي تہ جيئن شاگرد سندس جسم تي تجربا ڪري سگهن. ‘ پر سندس اِھا آخري خواھش پوري نہ ٿي سگهي. لاش ڇھَ ڏينھن سردخاني ۾ رهڻ کان پوءِ 30 نومبر تي ان کي اسلام آباد ۾ دفن ڪيو ويو.
ڄام دُرُڪ (1714ع-1784ع) :
ڄام دُرُڪ، بلوچستان جي علائقي قلات ۾ سردار ڪرم خان جي گهر ۾ 1714ع ۾ ڄائو، جنھن جو واسطو ڊومڪي قبيلي سان ھو. ڄام دُرُڪ جي حياتيءَ جو احوال باقاعدہ لکت ۾ نٿو ملي، پر ڪجهہ روايتن موجب ھُو سنڌي ٻوليءَ جي شاعر فيض بخشاپوري جي خاندان مان ھو. ڪتاب ’شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘ ۾ مير مٺا خان مريءَ جي حوالي سان لکيل آھي تہ: ”هن (فيض بخشاپوريءَ) فخر واري انداز ۾ چيو تہ ’ڊومڪي قبيلي ۾ مشاھيرن جي کوٽ ناھي. ادبي دنيا ۾ ھر نسل ۾ ھڪ وڏو شاعر پيدا ٿيندو آيو آھي. ڄام دُرُڪ کان وٺي مون تائين ھڪ سلسلو قائم آھي. ‘“ (ڄامڙو، شيخ، 1998ع، ص: 148)
بلوچي ٻوليءَ جو ھي ناليوارو شاعر ڄام دُرُڪ ھڪ خانداني سردار ھو. ھن جي شخصيت گهڻ پاسائين ھئي. ھُو جھڙو ڀلوڙ شاعر ھو، اھڙو ئي سٺو گهوڙي سوار پڻ ھو. تلوار بازي، شڪار ۽ ر اندين جو پڻ وڏو شوقين ھو.
جيئن بلوچي ٻوليءَ جي ٻين شاعرن شاھ مريد جو ’حانيءَ‘ سان ۽ مست توڪلي جو ’سمو‘ سان ڪيل عشق مثالي بڻجي ويو آھي، تيئن ڄام دُرُڪ بہ عشق ڪيو، پر ساڻس تاريخ جي ھيءَ ھڪ ستم ظريفي آھي جو کيس مجاز ۾ موهيندڙ ماھرو (چنڊ جھڙي) جي نالي جي بہ خبر نہ پئجي سگهي آھي. ڪجهہ روايتن موجب ڄام دُرُڪ جو مير نصير خان نوريءَ (جنھن جو ھُو درٻاري شاعر ھو) جي حَرم جي ڪنھن عورت سان نينھن جو ناتو ھو. جڏهن عشق جي کٿوري حويليءَ کي واسي ڇڏيو تہ مير نصير خان نوري، ڄام دُرُڪ کي سخت اذيتون ڏنيون، پر ھُو پنھنجي محبوبا لاءِ ھر تڪليفون سھندو رهيو. ڄام دُرُڪ 1784ع ۾ ھن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
ڄام دُرُڪ جي ڪلام کي پھريون ڀيرو ھڪ انگريز لانگ ورٿ ڊيمز پنھنجي ڪتاب ‘Popular Poetry of Balouchies’ وسيلي منظرعام تي آندو، جنھن کي بعد ۾ مير خدا بخش خان بجاراڻيءَ ’قديم بلوچي شاعري‘ جي نالي سان اردو ترجمي سان گڏ ڇپرايو. مير مٺا خان مري ’دُر چين‘ نالي ڪتاب ۾ ڄام دُرُڪ جي ڪلام کي اردو نثري ترجمي سان ترتيب ڏنو، جيڪو پاڪستان اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد ڇپرايو. بهرحال اڃا تائين ڄام دُرُڪ جو ڪلام مڪمل طرح سھيڙجي نہ سگهيو آھي.
شاھ لطيف، ڄام دُرُڪ کان 25 سال وڏو ھو، پر سندس دؤر ۽ حالتون ساڳيون ھيون. ٻيو تہ قلات ۽ سنڌ جون سرحدون پاڻ ۾ مليل ھيون، تنھن ڪري ھنن ٻنهي جي شاعري، سوچ ۽ شين کي ڏسڻ جي طريقي ۾ ھڪجھڙائي ھجڻ فطري عمل آھي. جڏهن شاھ لطيف ۽ ڄام دُرُڪ جي ڪلام جو تقابلي مطالعو ڪجي ٿو تہ اسان کي صنفن ۽ موضوعن جي لحاظ کان ھڪجھڙايون تمام گهٽ ملن ٿيون. شاھ جو ڪلام بيت ۽ وائيءَ جي صنف ۾ ملي ٿو. شاھ لطيف اٽڪل ھر موضوع تي تمام گهڻي گهرائيءَ سان ڪلام چيو آھي، سندس مشاھدو ڏاڍو وسيع ۽ اونهون آھي. ھُو ھر ڪردار ۽ موضوع ۾ پيهي ويو آھي. . . ڄام دُرُڪ جو گهڻي ڀاڱي موضوع مجازي عشق آھي. پنھنجيءَ محبوبا لاءِ تڙپ ۽ تانگھ اٿس، تنھن ھوندي بہ ھن وحدانيت، اخلاقيات، ڌرتي ۽ ان سان سلهاڙيل شين کي بہ موضوع بڻايو آھي، جيئن شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو.
شاھ لطيف ۽ ڄام دُرُڪ جي ڪلام جو تقابلي مطالعو ڪندي ڪٿي ڪٿي ايئن ٿو لڳي ڄڻ ٻنهي شاعرن ساڳي ڳالهہ ڪئي ھجي. ڄام دُرُڪ، واحد جي وحدانيت کي بيان ڪندي پنھنجي ھڪ شعر ۾ چئي ٿو تہ:
وث چيرن و وث شاھدين،
وث ظاھر و وث باطنين،
اوذڪھ ھمو وقتءَ وتين،
جمله جھانءِ داورين،
مارا يقين و باورين.
(ڄامڙو ڪمال، شيخ طارق عزيز، (1998ع)، ’شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستان ٻولين جا صوفي شاعر‘، ص: 155)
ترجمو: ھُو پاڻ ڳجهو ۽ پاڻ شاھد آھي، ھُو ظاھر ۽ لڪل آھي، ازل کان سندس ذات موجود آھي، ھُو سڄي جھان جي واھر ڪندڙ آھي. اسان کي انهن ڳالهين جو پورو يقين آھي.
ساڳي ڳالهہ شاھ لطيف پنھنجي رسالي ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪئي آھي.
پاڻِهن جَلُ جَلاَلُہ، پاڻِهن جانِ جمالُ،
پاڻِهن صُورَت پِرِينءَ جِي، پاڻِهن حسنُ ڪمالُ،
پاڻِهن پِيرُ مُريدُ ٿئي، پاڻِهن پاڻَ خيالُ،
سڀِ سڀوئي حالُ، مَنجهائِي معلومُ ٿئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 19، ص: 69)
سنڌ جي ڪجهہ ڀاڱن جھڙوڪ ٿر ۽ ڪوهستان، جڏهن تہ بلوچستان جون چار ئي ڪنڊون مينهن وسڻ جو اوسيئڙي ۾ ھونديون آھن. وسڻ کان پوءِ ئي مال لاءِ گاھ ٿئي ٿو، باراني ٻنين مان اَن جي لَپ ملي ٿي، تنھن ڪري اھڙن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ مينهن وڏي نعمت آھي. مند ملهار ۾ ئي سندن عيد ٿي پئي.
اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِيا بُرجَنِ سين،
سازَ، سارَنگِيُون، سُرندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ،
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلِٽِيُون راتِ پَڌامَ تي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سرنگ، داستان 2، بيت 5، ص: 693)
ڄام دُرُڪ، بلوچستان ۾ مِينهن وسڻ جي عڪس بندي ڪندي جھڙيءَ ريت پنھنجي محبوبا جي حُسن جي منظرنگاري ڪئي آھي، تنھن سان پڙهندڙ ڄڻ تہ ھوبهو بلوچستان جي اوچي جبل تي بيھي وسندڙ مينهن ۾ گِدان (بلوچستان ۾ ھڪ قسم جو جهوپڙو) مان نڪرندڙ ڪنھن حسين عورت جي حُسن جا جلوا پسي رهيو ھجي.
زور کپتگان بدر و شمال،
مهنا وشارءِ کھينتغال،
ملگور و زلفءِ مينتغان،
جانءِ گلابي پيرهن،
زربفت و ڪاشي گلبدان،
مينتہ سمينان جان وتن،
شھميت کھلي شعلوان،
من ليل و تاريکين شفان.
(ڄامڙو ڪمال، شيخ عزيز طارق، (1998ع)، ’شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستان ٻولين جا صوفي شاعر‘، ص: 155)
ترجمو: اُتر جي ڪڪرن زور ورتو آھي، انهن ھن جي (محبوبه) جي مٿي جو رئو کسڪائي ڇڏيو آھي، ڪاڪل زلفن کي ڀڄائي ڇڏيو اٿن. ھن جي زري سان ڀرت ڀريل وڳي ۽ تن بدن کي بارش پسائي ڇڏيو آھي. ڪارين ۽ اونداھين راتين ۾ ھُن جي جسم مان باھ جا اُلا پيا نڪرن.
شاھ لطيف بہ ساڳي ريت ڪنھن ڪنواري ڪنيا جي ڪاڪلن ڀڄڻ جي منظرڪشي ڪندي چئي ٿو:
مِينڍو مينهن پُسائِيو، سِرِي ٿيو سيلو،
پَکي پيهِي آئِيو رَحَمَتَ جو ريلو،
ساڄَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهرِ آئِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 3، بيت 12، ص: 696)
ڄام دُرُڪ سڄي حياتي پنھنجي محبوبا جي تصور ۾ گهاريندو رهيو، کيس ميلاپ نصيب نہ ٿيو، پر عاشق جي دل ڪٿي ٿي مڃي؟ ان کي تہ زماني جون ريتون رسمون ٽوڙي بہ پرينءَ اڳيان پيش پوڻو آھي، تنھن ڪري ڄام دُرُڪ پنھنجي ھڪ شعر ۾ چئي ٿو تہ، دل کي جيئن بہ قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو، قسم وجھانس ٿو، ايلاز ڪيانس ٿو، پر ھيءَ دل حاڪمن جيان وٺ ئي نٿي ڏي. اھا منھنجي پھچ کان پري آھي. ھيءَ زورآور پھلوانن وانگر ڪُڏي ڪُڏي زنجير ٽوڙي ڇڏي ٿي، وري ڪڏهن ڳوڙها ڳاڙائي ٿي تہ ڪڏهن ھُل ھنگامو ڪري ٿي:
ھرچي دلءَ قيدءَ کھنان، نيلان و دروهي آن ديان
واجہ مثل چھو صاحوان، مرينغي مردي نہ انت
مي پھجگءِ جاھ نہ انت، چنڊيث دريچي الکھان
چھو پھلوانين ھيکمان، عينان چہ کنت انڙزي روان
کش گرانين زارهان.
(ڄامڙو ڪمال، شيخ طارق عزيز، (1998ع)، ’شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستان ٻولين جا صوفي شاعر‘، ص: 159)
شاھ لطيف ان کان اڳ ۾ عاشق جي دل جي وارتا بيان ڪندي چيو ھو تہ:
نَوَ نِيئرَ، ڏهَ ڏاوَڻِيُون، پنڌرهن پَينڌَ پِياسَ،
جڏهن سَڄَڻَ يادِ پِياسِ، ڇِرڪَ ڇِنايَئِين ھيڪَڙي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان 2، بيت 43، ص: 147)
مٿئين مختصر جائزي مان اھو ثابت ٿئي ٿو تہ
شاھ لطيف ۽ بلوچي ٻوليءَ جي شاعر ڄام دُرُڪ جي ڪلام ۾ مشاھداتي ۽ فڪري ھڪجھڙايون پسي سگهجن ٿيون.
حافظ حامد (1832ع-1897ع) :
حافظ حامد روايتي عروضي دؤر جو ھڪ اھم شاعر آھي، جنھن جو تعلق ’ٽکڙ‘ جي سرزمين سان ھو. حافظ حامد ٽن سالن جو ھو تہ ماتا جي بيماريءَ جي ڪري سندس اکين جو نور ھليو ويو، ان جي باوجود عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم پرايائين. ھن فارسيءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي. ھُو ھڪ فطرتي شاعر ھو، جنھن جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اصلوڪو رس ۽ چس شامل آھي. ھن شاعريءَ جي مختلف صنفن کي پنھنجي اظھار جو ذريعو بڻايو، جنھن ۾ ڏوهيڙا، غزل، سي حرفيون، مداحون ۽ مثنويون شامل آھن.
سندس ڪلام ۾ سادگي، سلاست ۽ رواني آھي. تجنيس حرفيءَ جو گُڻ سندس شاعريءَ کي حُسن عطا ڪري ٿو. دين محمد وفائي 1926ع ۾ سندس ڪتاب ’ارمغان حامد‘ جي ديباچي ۾ لکي ٿو: ”حافظ حامد ھڪ نيچرل يا فطرتي شاعر ھو. سندس سنڌي زبان اھڙي صاف آھي، جو جيڪڏهن حضرت ڀٽائي عليہ الرحمة جي ڪلام سان ڀيٽجي تہ ڪو تفاوت معلوم ڪونہ ٿيندو.“
’ارمغان حامد‘ ۾ رديف وار غزل ڏنل آھن، انهن مان ڪن غزلن جي ٿورن شعرن ۾ ڪو فارسي رنگ جي ملاوت آھي، جڏهن تہ سندس شاعري نِج سنڌي رنگ ۾ رچيل آھي. ھُو پنھنجي غزل ۾ جيڪڏهن ’شوخ دلبر‘ جو ذڪر ڪري ٿو تہ ھن سان گڏ ’گوڏو گڏي ويهڻ‘ جي بہ ڳالهہ ڪري ٿو تہ ’سينڌ، سُرمي ۽ سينگار‘ جي ڳالهہ ڪري ٿو. سندس اڪثر غزلن ۾ ’مسلسل غزل‘ آھن، جيڪي دراصل نظم جو ھڪ روپ آھي.
حافظ حامد جي غزلن تي ڪافيءَ جو رنگ نمايان آھي. سندس شاعريءَ ۾ اسان کي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا ڪردار بہ ملندا تہ ٻولي بہ نج سنڌيت جي رنگ ۾ رنگيل ملندي. وٽس اسان کي شاھ عبداللطيف ۽ سچل سرمست جي دؤر جا ڪلاسيڪل ڪردار جھڙوڪ: سسئي پنهون، عمر مارئي وغيرہ جا ڪردار ملندا ۽ ھو ساڻيھ جي سڪ اُڪير کي مارئي جي حوالي سان بيان ڪري وطن سان پنھنجي عشق جو اظھار ڪري ٿو:
عمر آءٌ اباڻن ري، گهڙي ھِت ڪين گهارينديس،
سدا ساڻيھ ۾ سرتين ساڻ، ورتيون شال وارينديس،
جيان جي ٿي جيڏين ساڻ، ھيڪر ھِت ھلي ’حامد‘،
ولهارن ۾ ولر واري، نيارون تڙ تنوارينديس.
حافظ حامد جي شاعريءَ تي ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جو رنگ ۽ آھنگ بنھ چٽو آھي، تڏهن تہ پنھنجي ھڪڙي غزل ۾ سسئي وانگي پنهل لاءِ پار ڪڍي ٿو ۽ ڏونگر ۾ آڌيءَ اوڇنگارون ٿو ڏئي:
سُتيس سرواڻ ويا ڪاھي قطارون،
ٻڌيم ٻر ٻر نہ توڏن جون تنوارون.
ڪٿي ڪرهن وڃي اوطاق اڄ ڪئي،
چڙن چانگن جون لنو لنو ۾ لغارون.
رُوان رڻ ۾ پنهل لاءِ پار کڻيو،
ڏيان ڏونگر ۾ آڌيءَ اوڇنگارون.
مٿي مارڳ، مِرُن کائي جي ماريس،
ڪندا ھڏ ھوت جون پٻ ۾ پچارون.
حافظ حامد پنھنجو ڳوٺ ڇڏي، ٿر جي واٽ وٺي ڄاريلي (جوڌپور) ۾ وڃي رهيو. سندس وفات اتيئي 1315ھ ۾ ٿي.
حمل فقير لغاري (1809ع - 1879ع) :
حمل فقير ولد رحيم خان لغاريءَ جو جنم، 1125ھ موجب 1809ع ۾، رياست خيرپور جي ڳوٺ ’مير خان لغاري‘ ۾ ٿيو.
حمل فقير جا وڏا، سيرڪاڻي لغاري، ٽالپرن جي حڪومت جي شروعاتي عرصي ۾، ديري غازي خان مان لڏي اچي خيرپور رياست ۾ ويٺا ۽ اُتي ’مير خان لغاري‘ نالي ھڪ ڳوٺ ٻڌائون، جيڪو خيرپور جي ويجهو، خانپور لڳ، مٺي مَري جي ڳوٺ جي ڏکڻ طرف ھو.
حمل خان پنجن ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو ھو. ننڍپڻ کان ئي ذھين ۽ فھميدو ھو. اُن وقت رئيس سعيد خان، مير ڪرم علي ٽالپر جي طرفان سبزل ڪوٽ جو نواب مقرر ٿيل ھو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”رئيس ميان سعيد خان پنھنجي نوابيءَ جي ايامڪاريءَ (آخرين امڪاني سال 1249ھ/1833ع ۾، حمل کي اڪثر پاڻ سان گڏ رهايو، انهيءَ ڪري ممڪن آھي تہ حمل خان جي تعليم ۽ تربيت نواب سعيد خان جي زير نظر ٿي ھجي. بهرحال سندس علمي لياقت جي بناءَ تي چئي سگهجي ٿو تہ وقت جي رواج موجب چڱي خاصي پارسي تعليم حاصل ڪيائين. “ (بلوچ، 1982ع، ص: 5)
ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو: ”فطري ذھانت، ذڪاوت ۽ تعليم جي پختگيءَ سبب ئي حمل پاڻ بہ ھڪ استاد جي حيثيت ۾، تعليم ڏيڻ جو مشغلو اختيار ڪيو، ۽ خيرپور رياست ڇڏڻ بعد ڳوٺ مير خان لغاري تعلقي سڪرنڊ ۾، پنھنجو مڪتب جاري ڪيو. “ (بلوچ، 1982ع، ص: 5-6)
ھڪ مريد جي حيثيت ۾ حمل فقير جي ارادت ۽ عقيدت خاص طرح لنواريءَ وارن بزرگن سان ھئي، يعني ھو تصوف ۾ نقشبندي طريقي جو پيروڪار ھو. گڏوگڏ ھو، پنھنجي وڏي عزيز ۽ قومي شاعر، خليفي نبي بخش ’قاسم‘ لغاريءَ جي اثر ۽ پنھنجن ٻين عزيزن جِي، درگاھ پير صاحب پاڳاري سان وابستگيءَ سبب، پير صاحب پاڳارن ڏانھن بہ دلي حُب رکندو ھو. حمل فقير جي ابتدائي نيازمندي، پير علي گوهر شاھ ’اصغر‘ سان ٿي، جيڪو ھڪ عالم، عارف، درويش ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر ھو. 1263ھ/1847ع ۾، علي گوهر شاھ ’اصغر‘ جي رحلت کان پوءِ، پير حزب الله شاھ ’مسڪين‘ مسند نشين ٿيو، جيڪو پڻ حمل فقير جي خوش طبعي ۽ شاعراڻي ڏات کان بيحد متاثر ھو. ڏسجي تہ حمل فقير جي واقفيت ۽ اثر جو دائرو بہ نھايت وسيع ھو. سنڌ جي گهڻن اڪابرن وٽ سندس اچڻ وڃڻ ھو ۽ اھي سڀ سندس وڏو قدر ڪندا ھئا.
مير علي مراد خان ٽالپر، حمل فقير جي خوش طبعيءَ کان متاثر ٿي، ھن لاءِ روزاني خرچ لاءِ روزينو جي بدران، ’ڇھَ ماھي‘ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنھن موجب حمل فقير کي چڱي رقم گهر ويٺي پھچندي ھئي.
حمل فقير ڪچھريءَ جو ڪوڏيو ھو. گوشه نشيني اختيار ڪري، ڪنھن خانقاھ جي ڪُنڊ نہ وسايائين، بلڪھ سڄيءَ سنڌ اندر پنھنجي قدردانن سان ڪچھريون ڪري، عام مقبوليت حاصل ڪيائين. پنھنجي انهيءَ سيلاني طبيعت جي ڪري گهڻو ئي ڪجهہ پروڙيائين ۽ پرايائين. پنھنجيءَ طرز جي سنڌي ۽ سرائڪي زبان جي شاعرن جي ڪلام مان بہ نُڪتا ھٿ ڪيائين. فارسي شعر جي مطالعي جو بہ کيس چڱو خاصو ذوق ھو. پنھنجي بياض ۾ جيڪي فارسي شعر لکيائين، انهن مان سندس فارسي شعر جي ڄاڻ ۽ اڀياس جي پرک پوي ٿي.
حمل فقير، شاعريءَ ڏانھن مائل ٿيڻ جو پھريون فطري اُتساھ، پنھنجي والد رحيم خان کان ورتو، جيڪو پڻ خوش طبع شاعر ھو ۽ پنھنجن انوکن خيالن کي سنڌي شعر ۾ نھايت دلچسپ نموني ادا ڪندو ھو. اڳتي ھلي حمل فقير، قادرالڪلام شاعرن جي شعر جو اڀياس ڪيو ۽ انهن کان متاثر ٿيو. خاص طرح مولوي لطف علي ۽ خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي ڪلام جو سندس شعر تي گھرو اثر ٿيو. مولوي لطف علي، ان وقت پيرسن ھو، جڏهن تہ حمل فقير جي نئين جواني ھئي. لطف عليءَ جي سحرانگيز شاعري، خاص ڪري سرائڪي زبان ۾ ’سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال‘ جو قصو، حمل خان جي ڪنن تي پيو ۽ شايد اھو ڪلام ئي ھن لاءِ سرائڪي شاعريءَ جو بنيادي ڪارڻ بڻيو.
گڏوگڏ خليفي نبي بخش قاسم جي مشھور قصي ’سسئي پنهون‘ کان متاثر ٿي، حمل فقير 1263ھ/1847ع ۾ سرائڪي زبان ۾، ھير رانجهي جو رومانوي داستان منظوم ڪيو. ان بابت سٺ کن بيت ۽ ’سي حرفي‘ رچيائين. حمل فقير پنھنجي بياض ۾ حسين فقير ديدڙ جو سرائڪي زبان ۾ جوڙيل ھڪ ’نصيحت نامه‘ پنھنجي ھٿ اکرين قلمبند ڪيو آھي، جنھن جي ڪجهہ جهلڪ حمل فقير جي جوڙيل ٻن نصيحت نامن ۾ نظر اچي ٿي.
حمل فقير جي شاعريءَ جو دؤر لڳ ڀڳ ٽيھ سال: 1263ھ/1847ع کان 1293ھ/1876ع تائين رهيو. سندس شاعراڻي ذخيري ۾ اٽڪل اڌ ڪلام سنڌي ۽ اڌ ڪلام سرائيڪي زبان ۾ چيل آھي، جن ۾ بيت، ڪافيون، غزل، مثنويون، سي حرفيون، مداحون، معجزا، ھنر، ڏهسناما ۽ معما شامل آھن. جيتوڻيڪ سرائڪي حمل فقير جي مادري زبان ھئي، پر سنڌي زبان تي بہ کيس وڏو عبور حاصل ھو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’ڪليات حمل‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو: ”بيشڪ حمل جو سنڌي شعر گهڻو ڪري سڄو ’سولي سنڌي سوکڙي‘ آھي. جيتوڻيڪ ھو فارسي زبان ۽ شعر مان چڱو خاصو واقف ھو، مگر سندس ڪلام ۾ اھو خارجي اثر بلڪل ڪونهي. سندس سنڌي بيت، خاص زبان ۽ شستہ محاورن جو بھترين نمونو آھن. سسئي، مارئي، سھڻي، سارنگ، ڪانگل ۽ برؤو سنڌي سُرن ۾ چيل بيت، حمل فقير جي زبان جي سلاست ۽ رواني جي ساک ڀرين ٿا. “ (بلوچ، 1982ع، ص: 43-44)
’ڪليات حمل‘ جي پيرائتي مقدمي ۾، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان نُڪتي کي نہ ڇھيو آھي تہ، حمل فقير جي سُرن تي قائم ڪيل بيتن تي شاھ لطيف جي ڪلام جو پڻ اثر آھي.
معمور يوسفاڻي لکي ٿو: ”حمل فقير، بيت جي سلسلي ۾ جيتوڻيڪ ٿورا سُر چيا آھن، پر اُھي سڀ اھڙا آھن، جن جو مضمون شاھ صاحب اڳ، وضاحت سان بيان ڪري چڪو آھي. ان ڪري حمل فقير ڪافي ڪوشش جي باوجود لطيفي اثر کان نڪري ڪين سگهيو آھي. “ (يوسفاڻي، 2003ع، ص: 153)
اِن حقيقت جي ثابتي سندس ڪلام مان واضح نموني ملي ٿي. خاص ڪري سندس ڪلام مان ’همه اوست‘ يا ’وحدت الوجود‘ جي فڪري نُڪتن جي اُپٽار ٻڌائي ٿي تہ، حمل فقير فڪري سطحن تي پڻ شاھ لطيف جو سڀاويڪ اثر قبوليو آھي.
جيئن تہ حمل فقير تصوف جي نقشبندي سلسلي جو پيروڪار ھو، ان لحاظ کان لنواري شريف جي روحاني درگاھ سان سندس دلي سنٻنڌ ھو. پنھنجي مرشد خواجه محمد حسن مدنيءَ جي چوڻ تي ھُن، نقشبندي طريقي جي بيان ۾، ’معرفت نامو‘ منظوم ڪيو، گڏوگڏ مرشد جي عقيدت ۾ مداحون پڻ جوڙيائين.
ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو تہ: ”حمل جي پنھنجي پِيرَ سان ھڪ سچي مريد واري سچي عقيدت ھئي، جنھن کي ھُن، ’سلسلئه شاھان نقشبندان‘ توڙي خواجه محمد حسن جي شان ۾ چيل مداحن ۾ ظاھر ڪيو آھي. غلو ۽ استغراق ’لواريات‘ جي ھڪ خاص خصوصيت آھي ۽ حمل جي مناقب ۽ مداحن ۾ بہ ان جي جهلڪ واضح نظر اچي ٿي. “ (بلوچ، 1982ع، ص: 15)
حمل فقير جي انهيءَ واضح روحاني عقيدت ۽ ذھني لاڙي ھوندي بہ سندس ڪلام خاص ڪري بيتن ۾ ’همه اوست‘ يا ’وحدت الوجود‘ جي بنيادي نُڪتي، ’وجود ئي وڻڪار‘ جو ملڻ اُن امر ڏانھن واضح اشارو آھي، جنھن بابت ’تذڪرہ لطفي‘ جو مصنف لطف الله بدوي چواڻي، ساڳيو ’شاھ ڀٽائيءَ‘وارو رنگ پيو جهلڪي ۽ تجلا ڏئي.
شاھ لطيف ’سُر سسئي آبري‘ ۾ فرمائي ٿو:
ھوتُ تُنھنجي ھَنجَ ۾، پُڇِين ڪوھ پَرياڻُ،
”وَنَحن اَقرَبُ اِلَيہِ مِن حَبَلِ الوَرِيدِ“، تنھنجو توهِي ساڻُ،
پنھنجو آھِين پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2014ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد اٺون، سُر آبري، داستان 3، بيت 6، ص: 283)
حمل فقير ’سُر سسئي‘ ۾ فرمائي ٿو:
سسئي! توکي سورُ، جوش جَنهين آھه جت جو،
سو پُنهون اٿئي پاڻ ۾، ناحق ڏَورِ مَ ڏُورُ،
توکي ھِتِ، حمل چئي، حاصل حج حضور،
پرٽَ! اکيون تون پور، تان ھوتُ تنھنجي ھنجَ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1982ع)، ’ڪليات حمل‘، سُر سسئي، فصل 2، بيت 12، ص: 144)
معمور يوسفاڻي، ’ڍوليو ڍٽ ڌڻيءَ‘ ۾ ھڪ اھم نڪتي کي ظاھر ڪندي لکي ٿو: ”حمل فقير جي شاعريءَ جو چڱي طرح جائزو وٺڻ کان پوءِ اُھو معلوم ٿي ويندو تہ ھن، شاھ جي رنگ کي منتشر ڪري، مختلف بيتن ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. “ (يوسفاڻي، 2003ع، ص: 153) ان راءِ جي حق ۾ حمل فقير جو ھي بيت اھم اھڃاڻ ٿي سامهون اچي ٿو:
ووڙيندي وڻڪار ۾، ڏوٿي ڏٺائين،
ھلي تِت، حمل چئي، پُنهل پُڇيائين،
”تو ڪو ڏٺو ڏوٿِيا! ساٿ ڌڻي سائين“
اِئين اتائين، ”تہ ھِتِئون وٺيو ٿي ھوت ويا. “
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1982ع)، ’ڪليات حمل‘ سُر سسئي، فصل 2، بيت 13، ص: 144)
حمل فقير جو مٿيون بيت، شاھ لطيف جي ھڪ انوکي تخيل واري بيت جو تتبع آھي، جيڪو ھِت ڏجي ٿو:
مُنڪِرَ ۽ نڪِيرَ کي، جڏهن ڏِٺائِين،
اڳيان اُٿِي اُنِ کي، پُنهون پُڇيائِين،
”ادا اِئائِين، ڪو لَنگهيو ساٿُ سَڄَڻَ جو!“
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آبري، داستان 8، بيت 9، ص: 188)
سسئي، پنھنجي ڪانڌ، پنهونءَ لاءِ جبل جهاڳي پنھنجا پير پٿون ڪري ڇڏيا. ھُن نہ ڪنھن کان ساٿ گهريو ۽ نہ ڪنھن ماڻهوءَ توڙي مرونءَ کان ڊني. سسئيءَ جي اھڙي حوصلي ۽ ھمت جي بيان ۾ شاھ لطيف فرمائي ٿو:
آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرَ وراڪا وَرَ،
حُبَ جِنِهِيِن کي ھوتَ جي، سا ڏوريندي ڏُونگر،
پَھُچائِين پَرورَ، لُطُف ساڻ لَطِيفُ چَئي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 6، بيت 4، ص: 216)
حمل فقير، شاھ لطيف جي بيت جي پھرين سِٽ جي پھرئين پد جي لفظن: ’آڏ تراڇا آھڙا‘ جي بدران ’آڏا ڏونگر ڏاکڙا‘ استعمال ڪري ٿو:
آڏا ڏونگر ڏاکڙا، ٽَڪَر ٽوڙا ٽاڪ،
پير پيادي، پنڌ پري، ٿي حَب ۾ ھڪ ھلاڪ،
اُڇَنگارَنِ کي اڌ ڪيائين، ڏونگر ڏيئي ڏاڪ،
ھاڙهي پيئي ھاڪ، گڏيس ھوت حمل چئي.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1982ع)، ’ڪليات حمل‘، سُر سسئي، فصل 1، بيت ،14 ص: 139)
شاھ لطيف سُر ديسيءَ جي ڇھن بيتن ۾، ’آڏ تراڇا آھڙا‘ ۽ اٺن بيتن ۾، ’ڪرڙا ڏونگر ڪَھهَ گهڻي‘ جون ترڪيبون استعمال ڪيون آھن، جڏهن تہ حمل فقير وٽ اھڙن وراڻ وارن بيتن جو تعداد تيرهن آھي ۽ انهن سڀني بيتن ۾، ’آڏا ڏونگر ڏاکڙا‘ ڪتب آندو آھي. ان لحاظ کان ڏسجي تہ جتي شاھ لطيف جي تخيّل سان ھمسري ممڪن نہ آھي، اُتي سندس ٻوليءَ جو دامن بہ نھايت ڪشادو آھي، جنھن ۾ لفظن ۽ معنويت جي نواڻ جو عمل تيزيءَ سان ٿئي ٿو، جنھن سان خيال جي اثر پذيريءَ کي وڏي سگھ حاصل ٿئي ٿي:
ڪَرَڙا ڏُونگرَ ڪَھهَ گَهڻِي، جِتِ واٽُنِ تي وارِي،
آڏا لَڪَ لطيفُ چَئي، بَرَ سُڄن بارِي،
جا مَنزَلُنِ ماري، سا قادِرَ ڪِيچ رَساڻِئين.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 6، بيت 8، ص: 216)
حمل فقير فرمائي ٿو:
آڏا ڏونگر ڏاکڙا، باري بَر بَيبان،
رُڃَ، رائو، رِڻُ وڏا، ٻيو ھزارين حيوان،
سسئي کَنيا سُڃَ ڏي، سورن جا سامان،
اچي منجهہ اَرمان، گڏيس ھوت حمل چئي.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1982ع)، ’ڪليات حمل‘، سُر سسئي، فصل 1، بيت 13 ص: 139)
شاھ لطيف سُر مارئيءَ ۾ وطن ۽ ماروئڙن جي محبت جا جيڪي روحاني ۽ سماجي نُڪتا نروار ڪيا آھن، اُنهن جي تخيّل ۽ تصور جي وسعت ۽ گهرائيءَ تائين پھچڻ اڻ ٿيڻي ڳالهہ لڳي ٿي. ’اَلستُ بِرَبڪُم‘ ۽ ’ڪُن فيڪون‘ کان ’جَفَ القَلمُ‘ ۽ ’قيدُ المآءِ‘ تائين جيڪا فڪر ۽ ڏاھپ جي روشني آھي، اُھا ھميشه تخليقڪارن جي روح کي روشن ڪندي رهندي. حمل فقير کي لوڪ ادب جو بہ پورو ادراڪ ھو. ھنر جو سندس ھڪ بيت، سُر مارئيءَ مان ھيٺ ڏجي ٿو، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جون لفظي نزاڪتون نروار آھن:
عمر! اباڻي پار ڏي، لاکَ رَتيون لويُون،
سُتي ويٺي ساريان لاکيون سي لويُون،
پِيَنِ پِيارِنِ پاڻَ ۾ لُوڻَ، لَسي لويُون،
لَڄَ انهيءَ لويُون، ھاڻي ھِتِ حمل چئي.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1982ع)، ’ڪليات حمل‘، سُر مارئي، داستان 5، بيت 8، ص: 150)
پر جڏهن شاھ لطيف جي فڪري بلندي ۽ تصور جي انفراديت ۽ وسعت کي ڏسجي ٿو تہ حمل فقير جي تخيل جو پرواز کانئس گهڻو ھيٺ آھي. شاھ لطيف، مارئيءَ جي ڪردار جي پاڪيزگي ۽ حُب الوطنيءَ جي جذبي کي نھايت شانائتي نموني ظاھر ڪيو آھي. ڪن بيتن ۾، ’قيدالماءِ‘ جو فقرو ڪتب آندو آھي، جنھن مان مراد آھي، ’پاڻيءَ جو قيد، داڻي پاڻيءَ جو قيد، معنيٰ انسان جو داڻو پاڻي نصيب ۾، جتي بہ لکيل ھوندو، انسان کي اُتي ئي اوس گهارڻو پوندو:
’قيدُ المآءِ‘ ٿئوم، ھت اڙانگي گهاريان.
حمل فقير، سُر مارئيءَ جي 22 بيتن ۾ ھڪ ئي عربي فقرو ڪتب آندو آھي ۽ اھو آھي، ’قيد المآءِ‘:
مارن جي مُنهن لاءِ، سِڪي ساري جِندڙو،
ڪيو منهن ملير ڏي، جهَليان وطن واءِ،
حمل چئي ھِن ماڙيين، رهڻ ناھ روا،
ڪاٽي ’قيدالمآءِ‘، وري ويڙهيچن وڃان.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1982ع)، ’ڪليات حمل‘، سُر مارئي، داستان 5، بيت 11، ص: 150)
شاھ لطيف سُر سارنگ ۾، گوڙين ۽ کنوڻين سان گڏ، مينهن جي وسڪاري جي آواز کي، سَر مَنڊَل ساز سان ڀيٽ ڏني آھي:
مُندَ ٿِي مَنڊَل وَڄئا، تاڙي ڪِي تَوارَ،
اَڄُ پُڻُ منھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 1، ص: 406)
حمل فقير جي سُر سارنگ ۾، ڪل ڇھَ بيت آھن، جن مان پنج بيت ’مُند ٿي منڊل وڄيا‘ سان شروع ٿين ٿا:
”مُند ٿي منڊل وڄيا، ٿيو سارنگ سوايو.
حمل فقير جي سُر سارنگ جو ڇھون ۽ آخري بيت ھيئن آھي:
آء ميان سارنگ! آءُ، عالَم، تُنھنجي آسري،
اُتر اوڀر پار ڏَنہُ، ڪو واءُ سڻائو واء،
ڏيئي ھُونگَ، حمل چئي، موٽي مُلڪ وساء،
تان بر ٿر جاءِ بجاء، عالم آسُودو ٿئي.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1982ع)، ’ڪليات حمل‘، سُر سارنگ، داستان 8، بيت 4، ص: 162)
حمل فقير جي مٿين بيت سان ھم معنيٰ شاھ لطيف جي شھرہ آفاق بيت:
سائِين سَدائين، ڪَرين مٿي سنڌُ سُڪَارَ،
دوستَ مِٺاَ دلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 23، ص: 412)
جو بلڪل تتبع آھي، پر ان فڪري اثر مان اِھا ڳالهہ چٽي ٿئي ٿي تہ، سنڌ جا صوفي بزرگ ۽ شاعر پنھنجي ديس جي ترقيءَ ۽ عوام جي خوشحاليءَ سان گڏ پوري انسان ذات جي فلاح جا بہ داعي رهيا آھن.
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ، پنھنجيءَ تصنيف ’شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعارہ ۽ تشبيھ نگاريءَ جو تحقيقي جائزو‘ ۾، حمل فقير جي ڪلام ۾، استعاري، تشبيھ ۽ تمثيل تي شاھ لطيف جي اثر کي بيان ڪندي لکيو آھي: ”حمل فقير، جيڪو شاھ سائينءَ جي وفات (1752ع) کان صرف 57 سال پوءِ سن 1809ع ۾ ڄائو ، تنھن تي مختلف طريقن سان، شاھ سائينءَ جو اثر نظر اچي ٿو. مثلاً رومانوي داستانن جو تمثيلي بيان، انهن جي ڪردارن جو استعاراتي استعمال، ان کان علاوہ سندس ڪلام موضوع ۽ مضمون جي لحاظ کان بہ شاھ سائينءَ جي زير اثر آھي. “ (اُمِ ڪلثوم، 2004ع، ص: 600)
شاھ لطيف، ’سسئي پنهون‘ جي تمثيلي بيان ۾، سسئيءَ کي سالڪ ۽ پنهونءَ کي حقيقي محبوب جي استعاري ۾ بيان ڪيو آھي. سالڪ، جيڪو پنھنجي پنهونءَ يعني حقيقي محبوب جي ڳولا ۾ آھي، پر اُن سالڪ کي شاھ لطيف ’پاڻ سڃاڻڻ‘ جي ھدايت ڪندي فرمائي ٿو:
ھوت تنھنجي ھنج ۾، پڇين ڪوھ پرياڻ.
حمل فقير جي ڪلام ۾ پڻ سسئيءَ کي سالڪ ۽ پنهونءَ کي ازلي محبوب لاءِ مستعار ڪيو ويو آھي:
سسئي توکي سُور، جوش جنهين آھه جت جو،
سو پنهون اَٿئي پاڻ ۾، ناحق ڏورِ مَ ڏُورُ،
توکي ھِتِ حمل چئي، حاصل حج حضُور،
پرٽَ! اکيون تون پُور، تان ھوتُ تنھنجي ھنج ۾.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1982ع)، ’ڪليات حمل‘، فصل 2، بيت 12 ص: 144)
شاھ لطيف، ’سُر بروو‘ ۾ ’ڪانگ‘ کي قاصد ڪيو آھي، جنھن وسيلي پرينءَ ڏانھن پيغام پھچائڻ لاءِ چوي ٿو:
ڪَري ڪانگَ ڪُرِنِشُون، پيرين پرينءَ پَئيجِ،
آءٌ جو ڏِيَئِين سَنيھو، وِچِ مَ وِساريجِ،
لِللہِ لڳ، لطيف چئي، ڳُجهو ڳالهائيجِ،
چُئان تيئن چُئيٖجِ، تہ کِنياتا! خوش ھُئين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان 1، بيت 1، ص: 837)
حمل فقير جيئن تہ رومانوي مزاج وارو شاعر ھو، جنھن حسن ۽ عشق، فراق ۽ وصال جي دلڪش ۽ دل گداز تصوير پيش ڪئي آھي. شاھ لطيف جي ’ڪانگ‘ واري موضوع کان متاثر ٿيندي، حمل فقير، سڄو ’سُر ڪانگل‘ لکي ورتو، جنھن ۾ ’ڪانگ‘، ’ڪانوَ‘ يا ’کِنياتو‘ کي قاصد جي استعاري طور ئي ڪتب آندو آھي:
ڪانگل! چئج قريب کي، ھَٿَ ٻُڌي ٻيئي،
منھنجو تنھن محبوب کي ڏج نياپو نيئي،
ٻڌي حالُ حمل جو، اَچِجِ اَڄيئي،
تان ساجن سڀيئي، توکي سُورَ سُڻائِيان.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1982ع)، ’ڪليات حمل‘، سُر ڪانگل، فصل 2، بيت 7، ص: 169)
شاھ لطيف ھڪ ٻئي بيت ۾ محبوبن جي جدائيءَ جي ڪيفيت بيان ڪندي چوي ٿو:
ڪانگَلَ! نٖيئِي ڪانگِ، منھنجي ڏي مَحبُوبَ کي،
”لالَنَ! لايَئِي ڏينھڙا، ڪنھن سَٽاڻٖي سانگِ،
اوهان رِيءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِھ وَسائِيان. “
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان 1، بيت 24، ص: 842)
حمل فقير، شاھ لطيف جي مٿين بيت جي موضوع ۾ تبديلي آڻيندي لکي ٿو:
ڪانگ ٻڌائي ڪانگَ، پڙهي پِرين جي پارَ جي،
سِگها ايندا سپرين، سَوَلا ٿِيَڙَنِ سانگَ،
دل جا ميٽيا دانگَ، ڪانگ ٻڌائي ڪانگَ سان.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1982ع)، ’ڪليات حمل‘، فصل 2، بيت 18، ص: 171)
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ، شاھ لطيف ۽ حمل فقير جي ڪلام جي ڀيٽ مان نتيجو ڪڍندي چوي ٿي: ”حمل فقير، موضوع، مضمون، بيان، تمثيل جي استعمال ۾ شاھ سائينءَ جو ڪافي اثر قبول ڪيو آھي. “ (اُمِ ڪلثوم، 2004ع، ص: 604)
وڌيڪ لکيو اٿس: ”شاھ سائينءَ جو ھي متاخر شاعر، شاھ سائين جي زبان ۽ بيان توڙي خوبصورت لفظي ۽ محاوراتي ترڪيب ۾ شاھ سائين جي معيار کان تمام گهڻو ھيٺ آھي. “
(اُمِ ڪلثوم، 2004ع، ص: 600)
تنھن ھوندي بہ حمل فقير جي شاعريءَ کي عام مقبوليت حاصل ھئي. حمل جو ڪلام اڄ بہ سِري توڙي ڪاڇي، لاڙ توڙي کاري، ٿر توڙي لس ٻيلي طرف، عام ۽ مروج آھي. حمل فقير جي شعري صنعتگري ۽ ڪاريگريءَ کي ڏسندي، ’پير پاڳارو‘ حزب الله شاھ چوندو ھو تہ: ’فقير جي مصرع سان ڪو ٻيو شاعر مصرع ملائي، تہ ان کي ھر مصرع لاءِ اسان جي طرفان پنج روپيا انعام طور عطا ڪيا ويندا. ‘
حمل فقير، لڳ ڀڳ 70 ورهيه ڄمار ماڻي. سندس وفات 2-صفرالمظفر 1296ھ /1879ع ۾ ٿي. سندس مزار ڳوٺ محمود فقير لغاري، يونين ڪونسل حمل فقير، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاھ (بينظيرآباد) لڳ ابراھيم شاھ واري مشھور مُقام ۾ آھي، جتي ھر سال ميلو لڳندو آھي.
خليفو گل محمد ’گُل‘ ھالائي (1808ع-1855ع) :
خليفو گل محمد ’گُل‘ ھالائي، سنڌي ٻوليءَ جو پھريون صاحبِ ديوان شاعر آھي. پاڻ ھجري سن 1226 برابر 1808ع ۾ ھالن جي آخوند ولي محمد جي گهر پيدا ٿيو. سندس خانداني شجري بابت ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو: ”خليفو گل محمد ولد آخوند ولي محمد، تخلص ’گُل‘، ھالن جي مشھور ’سانوڻي مُلن‘ مان ھو. “ (قادري، 1982ع، ص: 24)
خليفو گل محمد، عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ماھر ھو. کيس تصوف بابت پڻ سٺي ڄاڻ ھئي. پاڻ پير صاحب پاڳاري علي گوهر شاھ ’اصغر‘ جو مريد ھو، جنھن بعد ۾ کيس پنھنجي خلافت جي پڳ ٻڌائي. خليفي ’گل‘ ڪافيون پڻ چيون آھن.
خليفو گل محمد گل ڀلي پار ويندي بمبئيءَ ۾ پنھنجو ديوان ڇپايو ۽ اُتان عربستان ڏانھن ويو، جتي مڪھ معظمه ۾ ھجري سن 1272 برابر 1855ع ۾ ھن فاني دنيا مان گذاري ويو.
سندس غزل: تشبيهن، استعارن، ڪناين، صنعتن ۽ تجنيسن جو ھڪ خوبصورت گلدستو آھن. پاڻ غزل جي روايتي مضمون ’عشق‘ سان گڏوگڏ زندگيءَ جي ھر پھلوءَ تي طبع آزمائي ڪئي اٿس.
’ديوان گل‘ بابت اياز جاني لکي ٿو: ”دل جي حضور سان ڏسجي تہ ’ديوان گل‘ مجاز ۽ حقيقت جي گيڙو رنگ ۾ رڱيل آھي. تصور ۽ تخيل، معروضيت ۽ موضوعيت، داخليت ۽ خارجيت ۽ حقيقت ۽ مجاز جا رنگ سندس غزل جي قالب ۾ ايڌو تہ پيهي ويا آھن، جو انهن کي ڌار ڪري پرکڻ لاءِ ھڪ سجاڳ ذھن ۽ حساس دل جي ضرورت تہ آھي، گڏوگڏ ان دل کي خليفي گل جي غزل جي پرک ڪرڻ لاءِ اڳ عشق ۾رچي ريٽو بہ ٿيڻو آھي. “ (جاني، ڪلاچي ريسرچ جرنل، ڊسمبر 2011ع، ص: 42)
خليفي گل محمد گل جي غزلن ۾ جتي سنڌي ٻوليءَ جا ٺيٺ لفظ ڪتب آندا ويا آھن، اُتي فارسي ٻوليءَ جا ڏکيا لفظ پڻ ملن ٿا. سندس قافيا ۽ رديف ڏسي سولائيءَ سان اھو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ وٽس لفظن جو ھڪ اکٽ خزانو ھو.
خليفو گل محمد گل، علم تصوف تي دسترس رکڻ ڪري مذھبي ڪٽرپڻي ۽ ظاھريت کان پري، ڌرتي، قوم ۽ ان جي ٻوليءَ جي محبت ۾ سرشار ھو، تنھن ڪري اھو فطري امر آھي تہ ھُو سنڌ جي سرموڙ شاعر شاھ لطيف کان متاثر ٿئي.
ان بابت اياز جاني لکي ٿو تہ: ”شاھ لطيف ۽ آخوند گل محمد ’گل‘ جي وچ ۾ ھڪ صديءَ جي وڇوٽي آھي، پر سندن سوچ ۽ تخليقي مقصد ۾ ھڪ پل جي بہ وِٿي نہ آھي. “ (جاني، ڪلاچي ريسرچ جرنل، ڊسمبر 2011ع، ص: 43)
خليفي گل محمد ’گل‘ ۽ شاھ لطيف جي ڪلام جا گهڻي ڀاڱي موضوع ھڪ جھڙا ئي آھن. اسان جا ھي ٻئي شاعر جتي فطرت جي حسن، قدرت جي ڪرشمن، سنڌ جي ھارين، پورهيتن ۽ ڪاريگرن جي مسئلن کي سندن ئي اصطلاحن وسيلي تمثيلي طور اجاگر ڪن ٿا، اُتي انهن کي سامهون رکي روحاني رازن تان پردو کڻڻ جي پڻ ڪوشش ڪن ٿا. شايد اھو ئي سبب آھي جو شاھ لطيف پنھنجي ’بيتن‘ کي ’آيتون‘ ڪوٺي، مَن کي پِريان سندي پار ڏي پھچائڻ جي شاھدي ٿو ڏي ۽ خليفو گل محمد ’گل‘ پڻ سنڌي شاعريءَ جو ’پھريون ديوان‘ ڇپائيندي مڪمل ڀروسي سان اھو چئي ٿو تہ ’گل‘ جا شعر ڪشمير کان لاڙ تائين پيا ڳائبا.
گل آھي مشھور ھرجا باغ سڀ بُستان ۾
جي پڇين ڪشمير ڪابل جي سري جي سنڌ لاڙ.
(هالائي، عبدالغفور، خاڪسار، (1933ع)، ’ديوان گل‘، ص: 73)
خليفو گل محمد گل، سنڌ جي زرعي سماج ۾ ھارين سان زميندارن ۽ سرڪاري عملدارن پاران ٿيندڙ ڏاڍاين جي نشاندھي ڪندي چئي ٿو تہ:
جي ھجي مسڪين ھاري سُڻ مُجيري نامدار،
سڀ ۾ ني اُن جو کٽيو ڪي اُن کي ڏي ڪي پنھنجو پاڙ.
(هالائي، عبدالغفور، خاڪسار، (1933ع)، ’ديوان گل‘، ص: 73)
خليفي گل محمد ’گل‘ کان اڳ ۾ شاھ لطيف ساڳي ريت سنڌ جي مالوندن ۽ سنگهارن جا ڪوماڻيل مُنهن ڏسي، مِينهن کي ايلاز ڪندي، وسڻ جا ويس ڪري، اَنُ ارزان ڪري، سندن ڪوماڻيل چھرن تي مُرڪون آڻڻ جي ڳالهہ ھن ريت ڪئي آھي:
سارَنگَ! سارَ لَهيج، اَللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جِي،
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائيجِ، تہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 29، ص: 690)
خليفو گل محمد ’گل‘، حقيقي عشق ۾ رچي ريٽو ٿيل عاشقن جي ماجرا ھن ريت بيان ڪري ٿو:
ڪين ھڻن تند تنبوري جي او ھٿ تي کڻي،
جان جسو سَنڌَ سَنڌَ رڳ رڳ انهن جي ٿي رباب.
(هالائي، عبدالغفور، خاڪسار، (1933ع)، ’ديوان گل‘، ص: 9)
ٻئي ھنڌ چئي ٿو:
جن کي حاصل پاڻ مان ٿيو پنھنجو راز،
تنجو تن طنبور ٿيو سُرُ سوز.
(هالائي، عبدالغفور، خاڪسار، (1933ع)، ’ديوان گل‘، ص: 75)
ساڳي ڳالهہ کانئس اڳ ۾ شاھ لطيف بہ پنھنجي رسالي ۾ ڪئي آھي، جنھن مان چٽيءَ ريت ظاھر آھي تہ خليفي گل محمد’ گل‘، شاھ لطيف جو اثر قبول ڪيو آھي. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ عاشق جي سَنڌ سَنڌ ۾ سپرين جي سارَ کي ھن ريت بيان ڪيو آھي:
تَنُ تَسبِيحِ، مَنُ مَڻِيُو، دِلِ دَنبورو جَنِ،
تَندون جي طَلَبَ جِون، وَحدَتَ سِرُ وَڄَنِ،
وَحدہُ لاشَرِڪَ لہ، اِھو راڳُ رَڳُنِ،
سي سُتائِي سُونھن، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 46، ص: 729)
طالب جو مطلوب ۽ عاشق جو معشوق جي ذات ۾ ملي ھڪ ٿيڻ واري منزل تصوف جي علم ۾ نھايت ئي اھميت جي حامل آھي. تصوف جي تاريخ ۾ گهڻي ڀاڱي ھر صوفي انهيءَ منزل جي جستجو پئي ڪئي آھي.
خليفي گل محمد ’گل‘، تصوف جي ان رمز کي ھن ريت بيان ڪيو آھي:
جنين کي شوق حق جو سي ڦرن مشرق و مغرب،
خدا دل ۾ محمد دل ۾ اُت مڪو اُتي يثرب.
(هالائي، عبدالغفور، خاڪسار، (1933ع)، ’ديوان گل‘، ص: 11)
ساڳئي غزل جي ٻئي بند ۾ ھن ريت چيو اٿس:
جنين کان غير ويو ٿيا عين ٿيا عريان عالم ۾،
نڪو خالق رکن پنھنجو، نڪو مولا نڪو تن رب.
(هالائي، عبدالغفور، خاڪسار، (1933ع)، ’ديوان گل‘، ص: 11)
شاھ لطيف انهيءَ بابت پنھنجي بيت ۾ فرمائي ٿو:
جان پيهي ڏِٺُمِ پاڻَ ۾، ڪَري روحَ رِهاڻِ،
تان نَه ڪو ڏُونگرُ ڏيھ ۾، نَه ڪا ڪيچِيَنِ ڪاڻِ،
پُنهُون ٿِيَسِ پاڻ، سَسُئِي تان سُورَ ھئا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 3، بيت 7، ص: 294)
خليفو گل محمد ’گل‘ پنھنجي ديوان ۾ ڪيترن ئي جاين تي عشق جي گهرائي، اونهائي ۽ عميق ھجڻ جي نشاندھي ڪندي، عاشق کي تلقين ڪئي آھي تہ ھُو (عشق) اونهي پاڻيءَ ۾ ٽُٻي ھڻي ماڻڪ ميڙڻ جو گهرجائو آھي.
آھين جي مڙس گل تون درس گهڙ منجهہ تار ڏي تاريون،
ڇاکي ٿو ڇوڪرن جئن ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ڪرين ڇٻ ڇٻ.
(هالائي، عبدالغفور، خاڪسار، (1933ع)، ’ديوان گل‘، ص: 13)
شاھ لطيف جي رسالي ۾ پڻ عاشقن کي عشق جي انهيءَ رمز کان ڪيترين ئي جاين تي خبردار ڪيو ويو آھي. اسان ھتي تہ فقط ھڪ بيت ڏيون ٿا.
سيوا ڪَرِ سَموُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَهي ٿو جالَ،
سَئين وَهَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ،
جي ماسو جُڙيَئِي مالَ، تہ پُوڄارا! پُرِ ٿِيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 2، بيت 3، ص: 159)
خليفو نبي بخش ’قاسم‘ (1776ع-1863ع)
خليفو نبي بخش ’قاسم‘ ولد بالاچ خان لغاري 1190ھ/1776ع ۾، مٺيءَ ۾ ڄائو ھو. سندس وڏا ڪلهوڙن جي حڪومت جي پڇاڙي ۽ ٽالپرن جي اوائلي دؤر واري عرصي ۾، ديري غازي خان جي ’لغاري تُمن‘ مان سنڌ لڏي آيا ۽ ھتي تعلقي بدين ۾ رهائش اختيار ڪيائون. خليفي نبي بخش جو ڏاڏو، مرزا علي خان ڪلهوڙن جي دؤر، ۾ ھڪ اثر رسوخ وارو سردار ھو. سندس سڪونت تعلقي بدين ۾، پراڻ ڍوري جي ڪپ تي ڳوٺ مٺيءَ ۾ ھئي، ۽ مٺي، نوتيار ۽ سُستيارو ديهون سندس جاگير ۾ ھيون. جڏهن ڪلهوڙن، ٽالپرن کان شڪست کاڌي، تڏهن خليفي نبي بخش جي عمر ست سال ھئي. ٽالپرن سنڌ ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائي حڪومت ڪئي. جنھن موجب ميرپور خاص وارو علائقو، ڏکڻ طرف ويندي علي واھ ۽ شير واھ جي پراڻ وارين ڪيٽين ۽ مٺي وغيرہ ديهن سميت، مير ٺاري خان جي حصي ۾ آيو، پر مير ٺاري خان، مرزا علي خان واريون جاگيرون، بالاچ خان کي بحال ڪري ڏنيون. اِن ريت خليفي نبي بخش جي والد، بالاچ خان کي ٽالپر حاڪم وٽ مکيه سردار واري حيثيت حاصل ھئي. ان لحاظ کان اھو چوڻ درست ٿيندو تہ خليفو نبي بخش سرداري ٻار ھو، جنھن جي پالنا ۽ پرورش ھندورن ۾ ٿي، پر سندس ننڍپڻ ۽ تعليم بابت ڪوبہ مستند احوال نہ ٿو ملي. سنڌ جي نامور محقق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’خليفي صاحب جو رسالو‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو: ”سندس پرورش اباڻي ڳوٺ ’مٺيءَ‘ واري ماحول ۾ ٿي ۽ وقت جي رواج موجب سندس والد کيس فارسيءَ جي تعليم ڏياري. نصابي تعليم موجب جيتوڻيڪ ھُو ھڪ ’مُنتهي‘ واري درجي کي ڪونہ پھتو، مگر جيئن تہ فطري طور سندس ذھن تيز ۽ ذوق سليم ھو، انهيءَ ڪري درسي تعليم بعد ھن پنھنجي مطالعي کي وسيع ڪيو ۽ فارسي زبان ۽ ادب مان چڱو حظ حاصل ڪيائين. سرائيڪي زبان ۾ جوڙيل داستان ’سسئي پنهون‘ ۾ خليفي صاحب ڪي شعر فارسيءَ ۾ چيا آھن، جي سندس مطالعي ۽ ذوق تي شاھد آھن. “ (بلوچ، 2005ع، ص: 9)
سندس علم، شعور ۽ ڏاھپ کان متاثر ٿي، مير ٺاري خان کيس پنھنجو خاص درٻاري ڪري چونڊيو، جنھن ڪري جملي سردارن ۾ سندس ڳاٽ اوچو ٿيو.
ڦُوھ جوانيءَ جي انهن ئي ڏينھن ۾، خليفي نبي بخش جي دل درٻار جي وهنوار کان کٽي ٿي پيئي، ويتر 1217ھ/1802ع ڌاري مير ٺاري خان ۽ لغارين جي وچ ۾ ٿيل ھڪ جهيڙي جي ڪري خليفي نبي بخش قاسم کي درٻار کان مڪمل طرح ڌار ٿيڻو پيو، جنھن کان پوءِ خليفي نبي بخش، مير باگي خان جو چوڻ مڃيندي، پنھنجي اباڻي ڳوٺ مٺيءَ مان لڏي اچي مير باگي خان جي جاگير ۾، بڊام جا پَٽَ وسايا، ۽ زندگيءَ جا ڪيئي سال محبت واري ماحول ۾ گذاريائين، ڇاڪاڻ تہ جنھن محبوب جي عشق ۾ ھُن درٻاري شان شوڪت کي تياڳيو، اُھا ھينئر سندس زال ھئي، پر خليفي نبي بخش جي خوشي گهڻو عرصو قائم نہ رهي سگهي. سندس محبوب گهر واريءَ جي بي وقت وڇوڙي کيس جهوري ڇڏيو.
اُن وقت سندس ماسات ۽ دل گهرئي دوست قاسم کيس سنڀاليو ۽ دلداري ڏني، سندس صحبت ۽ محبت کان متاثر ٿي، ھن پنھنجي نالي سان قاسم تخلص طور شاعريءَ ۾ ڪم آندو. سندس ماسات ھن جي منَ جي سُکَ لاءِ کيس قادري سلسلي جي برگزيدي عالم، سيد محمد راشد ’روضي ڌڻيءَ‘ ڏانھن وٺي آيو. ڪامل مرشد پھرينءَ نظر ۾ ئي خليفي نبي بخش جي ڏاھپ ۽ ڏيا کي پروڙي ورتو ۽ مٿس روحاني فيض جي پالوٽ ڪئي ۽ بروقت کيس خلافت جي پڳ ٻڌائي. ھيءَ ڳالهہ سن 1230ھ/1815ع جي آھي، جڏهن خليفي نبي بخش قاسم جي عمر اڃا چاليھ سال کن ھئي.
1233ھ/1818ع ۾، محمد راشد ’روضي ڌڻيءَ‘ راھ رباني ورتي. خليفي نبي بخش لاءِ مرشد ڪامل جو وڇوڙو وڏو روحاني صدمو ھو، پر سندس حوصلو بلند ھو، انهيءَ ڪري ھن، مرشد جي وصال کي رضا الاھي ڄاڻي، روضي ڌڻيءَ جي فڪر ۽ تلقين کي عام ڪرڻ جو عزم ڪيو. مرشد ڪامل جي فرزند صبغت الله شاھ جي تيرهن سالن واري سجادہ نشينيءَ واري دؤر (1233هه-1246ھ) ۾، خليفو نبي بخش قاسم ’حُر جماعت‘ جي واڌاري لاءِ سرگرم رهيو. ان حوالي سان خليفي نبي بخش ، ٽنڊي باگي، بدين ۽ ڏيپلي کان ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف جماعت جي تبليغ کي وسيع ڪيو. پير صبغت الله شاھ جي وفات کان پوءِ سندس فرزند پير علي گوهر شاھ ’اصغر‘ سجادہ نشين ٿيو. ھن صاحب جي دل محبت سان ٽمٽار ھئي، جنھن ڪري سندس لاڙو شاعريءَ ڏانھن ھو. ’اصغر‘ جي تخلص سان پنھنجو ڪافي ڪلام چيائين. سندس سجادہ نشيني جي دؤر (1346هه-1363ھ) ۾ خليفي نبي بخش ، مرشد جي صحبت کان متاثر ٿي، پنھنجي ڪلام جو وڏو حصو چيو ۽ شاعريءَ جي سلسلي کي اوج تي رسايو.
1249ھ/1834ع ڌاري، افغاني لشڪر شاھ شجاع جي اڳواڻيءَ ۾، شڪارپور ۽ سکر کان سنڌ تي راتاھو ھنيو ۽ آخر کَرڙيءَ جي ميدان تي، سنڌ جي دفاعي سپاھ تي اوچتو حملو ڪيو ۽ سنڌ جي مٽي، پنھنجن سرفروش ڪونڌرن جي لهوءَ سان لال ٿي وئي. ھن قومي سانحي، خليفي نبي بخش جي پُرسوز طبيعت ۾ ھيڪاندي تبديلي پيدا ڪئي، جو وطن جي شھيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ۽ قومي جاڳرتا لاءِ ’سُر ڪيڏارو‘ جوڙيائين:
ھَلو مَلهو مانجِهيَا! ويريين وٺون ويرَ،
جيئڻ ٿورا ڏينھڙا، پوءِ ڳڻبا پيرَ،
ٿيندو سَڏُ سويرَ، صُبحِ شھيدَنِ کي.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، فصل 1، بيت 15، ص: 42)
خليفي نبي بخش ، سُر ڪيڏاري ۾ چيو آھي تہ، ويريءَ جي وجود مان ڪٽارو ڪڍڻو نہ آھي، ۽ جيستائين ويريءَ سان جنگ نہ جوٽينداسين تيستائين سُک حاصل نہ ٿي سگهندو:
جان جان جهيڙو نہ ڪري، تان تان ناھ سُک،
وَڍئو ويريءَ اڱرا، ڀڃئو لاھي بُک،
راوت ھٿان رُڪ، رڻ ۾ راماڻا ڪري.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، فصل 2، بيت 13، ص: 45)
جيتوڻيڪ خليفي نبي بخش ، ’سُر ڪيڏارو‘ ۾ شھداءِ ڪربلا جي جاءِ تي سنڌ جي شھيدن جو ذڪر ڪيو آھي، پر ان ۾ بہ ڪجهہ اھڃاڻ اھڙا ملن ٿا، جن مان ان ڳالهہ جي وضاحت ٿئي ٿي تہ خليفو نبي بخش ، دلي طور ڪربلا جي شھيدن جي ياد کان غافل نہ ھو ۽ پنھنجي پيشرو، شاھ لطيف جو ’سُر ڪيڏارو‘، ھن جي اتساھ جو بنيادي محرڪ بڻيو. شاھ لطيف، سُر ڪيڏاري ۾ ڳِجهن جو ذڪر ڪيو آھي، جيڪي بھادرن جو گوشت کائين ٿيون، پر ڪانئر جي ويجهو بہ نہ ٿيون وڃن:
ڳِجَھِڙينِ ڳارو، راتو ڏينھان رِڻَ ۾،
ڀُڻيون پُڇنِ پاڻِ ۾، ڪنھن مُنهن ڪيڏارو،
کائن کڳمارو، ڪانِئرُ پِيو ڪِنو ٿئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 6، بيت 5، ص: 676)
خليفي نبي بخش ، شاھ لطيف جو اثر وٺندي، ھڪ ٻن بيتن ۾ ڳجھ پکيءَ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
ڳِجهون ڳاڙهي واتِ، مون لَمَندي ڏٺيون،
جيڪس مانجهي ماريا، رِڻ ۾ پِيينِ راتِ،
پُڪارُون پرڀات، ٻُڌمِ ٻانهيارينِ جُون.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، بيت 13، ص: 48)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ’خليفي صاحب جو رسالو‘ جي مهاڳ ۾ خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي شاعراڻي مرتبي جي پرک ڪندي لکي ٿو: ”شاھ عبداللطيفؒ سنڌي شاعريءَ جي آسمان ۾ سج ٿي اڀريو، جنھن جي پاڇي جي آب ۽ تاب کان اڪثر پويان شاعر ذرن مثل چمڪيا، مگر خليفي صاحب جو شمار انهن نامور شاعرن ۾ آھي، جي چنڊ ٿي اڀريا، بلڪھ خليفو صاحب پنھنجي بلند حوصلي ۽ فڪر جي يگانگت سببان چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي چمڪيو. سندس ’سنڌي رسالو‘، ’سسئيءَ جو داستان‘ توڙي ٻيو ڪلام سندس انهيءَ بلند مرتبي جو شاھد آھن. “ (بلوچ، 2005ع، ص:1)
’ڍوليو ڍٽ ڌڻي‘ جو مصنف، معمور يوسفاڻي، خليفي نبي بخش جي ڪلام جي فن ۽ فڪر تي، شاھ لطيف جي اثر بابت لکي ٿو: ”خليفو صاحب جيتوڻيڪ ھڪ وڏو شاعر آھي ۽ کيس پنھنجو رنگ آھي. تنھن ھوندي بہ ھو، لطيفي گهيري کان نڪري ڪين سگهيو آھي، جنھن جو شاھد، سندس ڪلام ئي آھي، جيڪو معنوي توڙي بياني لحاظ کان شاھ صاحب جي اثر جي ساک پيو ڀري. “ (يوسفاڻي، 2003ع، ص: 139)
خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جو رسالو، 29 سُرن تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ اُھي سڀ سُر ۽ سُرن ۾ اختيار ڪيل موضوع شامل آھن، جيڪي شاھ لطيف جي رسالي ۾ آيل آھن.
خليفي نبي بخش ، سسئي پنهونءَ جو رومانوي داستان ھڪ سُر ۾ ئي بيان ڪيو آھي، جڏهن تہ شاھ لطيف انهيءَ رومانوي داستان کي، پنجن سُرن: ’سسئي آبري‘، ’معذوري‘، ’ديسي‘، ’ڪوهياريءَ‘ ۽ ’حسينيءَ‘ ۾ لکيو. خليفي نبي بخش جي رسالي ۾، ’سُر بيراڳ ھندي‘، سُر جوڳ‘، ’سُر جهنگلو‘، ’سُر ڍول مارو‘ ۽ ’سُر ڌناسري‘ اضافي سُر آھن، جنھن ڪري شاھ لطيف ۽ خليفي صاحب جو ڪلام، سُرن جي تعداد جي لحاظ کان ھڪجيترو آھي، ڇاڪاڻ تہ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل شاھ لطيف جي مستند رسالي ۾ پڻ 29 سُر آھن، جن ۾ سُر ڪيڏارو داخل نہ آھي.
ھاڻي جيڪڏهن خليفي صاحب جي رسالي جي ھڪ ھڪ بيت کي کڻي، شاھ لطيف جي اثر کي جاچجي ٿو تہ واضح طور تي اھا ڳالهہ نشانبر ٿئي ٿي تہ، خليفي صاحب جي ڪلام جو سرچشمو فقط ئي فقط ’شاھ جو رسالو‘ آھي.
ڪجهہ مثال ھتي پيش ڪجن ٿا:
شاھ لطيف:
ٿيندو تَنَ طَبيبُ، دارون منھنجي درد جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 3، وائي 1، ص: 82)
خليفو صاحب:
دردَ طبيبُ دارون ڏيندو، حال حبيب دارون ڏيندو،
دارون ڏيندو، مون گهر ايندو.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، فصل 1، وائي 1، ص: 4)
شاھ لطيف:
پھرين ڪاتِي پاءِ، پُڇج پوءِ پريتڻو،
ڏُکُ پِريان جي ڏِيلَ ۾، واڄٽ جيئن وڄاءِ،
سِيخن ماھُه پچاءِ، جي نالو ڳِئَڙُءِ نينھن جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 10، ص: 72)
خليفو صاحب:
پِرين جي پُڇَنَ، ڪاتِي پُڇي تَنِ کي،
عاشق ڪري ڪترا، ٻئا وِجهي اي ٻَنِّ،
وڍيا ئي وِهسَنِّ، جي ڪوٺي ڪٺا سڄڻين.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، فصل 1، بيت 2، ص: 3)
شاھ لطيف:
ناسيندي نگاھ، پِھرين ڪِج پرين ڏي،
احوال عاجزن جا، آکج لڳِ اَللهُ،
روز نِهارِن راھ، اکيون اوهان جي آسري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان 2، بيت 1، ص: 139)
خليفو صاحب:
ناسيندي ئي نُور، قَمَرَ پس قريبَ جو،
منھنجا ڏيجُ سنيهڙا، ھلي منجهہ حضور،
ٻئي ٻڌج ھٿڙا، دايَنِ جي دستور،
صبح شامَ اَسور، اکيون اَنهجي آسري.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو، سُر کنڀات، فصل 1، بيت 13، ص: 11)
شاھ لطيف :
وِيا سي وينجهار، ھِيرو لَعلُ وِنڌِينِ جي،
تنين سندا پوئيان، سِيهي لَهَنِ نہ سارَ،
ڪُٽِنِ ڪُٽِ لُهارَ، ھاڻي اُنِين ڀيڻيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 4، بيت 15، ص: 176)
خليفو صاحب:
ھيري سندو ھوھ، مانُ ڀَلوجن ڀيڻيين،
ھاڻي تن ھٽن تي، لَسَ وڪامي لوھ،
سون سڃاڻي ڪونڪو، آھي اِيُ اندوھ،
قاسم ڪَچَ سندوھ، قدر نہ ڪوڏيءَ جيترو.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر سريراڳ، فصل 1، بيت 2، ص: 15)
شاھ لطيف، سُر بروي سنڌيءَ ۾، محبوبن جي قاتل ادائن کي ڪاسائڪي ڪرت سان ڀيٽ ڏني آھي ۽ عجب دل نوازيءَ سان محبوب کان پڇي ٿو:
ڪِئان سِکيين سپرين! ڪاسائڪي ڪارِ؟
تکي ڪاتي ھٿ ۾، مڏيءَ سين مَ مار،
چوري چاڪ نهار، سورن سانگهيئڙا ڪيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان 3، بيت 10، ص: 773)
خليفي نبي بخش ، شاھ لطيف جي نج تتبع تي محبوب کان ساڳي ئي پڇا ڪري ٿو:
ڪاسائڪو ڪَمُ، ڪنھن کؤن سِکئين سُپرين!
ھڏ چچيريو چَمُ، ڪاٽيو ڪريين ڪترا.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، فصل 1، بيت 4، ص: 3)
شاھ لطيف جي پارکو، محمد حسين ’ڪاشف‘، پنھنجي ڪتاب ’شاھ، سچل ۽ خليفو قاسم‘ ۾، خليفي نبي بخش جي فڪري مرتبي تي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”سندن ڪلام ۾ لطيف ۽ سچل جو روح جهلڪندو نظر اچي ٿو. پاڻ روحاني طور اھو ئي گس اختيار ڪيو اٿن ۽ اُھا ئي واٽ ورتي اٿن، جنھن کي لطيف ۽ سچل سنواري سوڌو ڪيو. اھو ئي آھي ’وحدت الوجود جو فڪر‘. انهيءَ چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو تہ سرڪار لطيف جي معنوي ۽ فڪري عروج جي خيال کان، سنڌي شاعريءَ تي ھڪ قسم جي مهر آھي، جنھن حد کي اورانگهي ڪير بہ اڳتون اڄ ڏينھن تائين نڪري نہ سگهيو آھي، انهيءَ ھالاري رنگ جي ھُڳاءَ ۾ ڪي ٿورا رچي ريٽو ٿيا آھن. “ (ڪاشف، 2012ع، ص:178)
محمد حسين ڪاشف، ’خليفي نبي بخش جي ڪلام تي شاھ لطيف جي اثر بابت‘ اظھار ڪري ٿو، خليفو نبي بخش ڪٿيڪٿي لطيف جي تصورات کي ڇھندو نظر اچڻ سان گڏ ايئن محسوس ٿئي ٿو تہ پاڻ سرتاج الشعراءَ لطيف جي ڳَلِي جهليو بيٺا آھن، وٽن بہ انهيءَ قسم جي نرالي نزاڪت محسوس ٿئي ٿي.
سُر حسينيءَ ۾، شاھ لطيف نڪوري نينھن جي ڪيفيت جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو:
نئون نينھن لڳوس، ڳري ۽ ڳالهيون ڪري،
اوريندي ارٽ سين، پنهون ياد پِيوس،
پَھو پَٽِ ڪِريوس، ھُو ھَٿُ اوڏاھين رهيو.
(شيخ، ٻانهو خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻِئو، سُر حسيني، داستان 2، بيت 15، ص: 270)
خليفو نبي بخش نينھن جي انهيءَ نڪتي کي اظھاريندي چوي ٿو:
اَورِيندي ارٽ، ڏورِي ڇِڪِي سَڄَڻين،
ھَٿيو ڇُٽو ھَٿَ مَؤن، وِڌو سُورَ سَرٽ،
پھو ڪِريو پَٽ، آتَڻُ وئو وِسرِي.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، بيت 1، ص: 161)
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ، پنھنجي ڪتاب، ’شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعارو ۽ تشبيھ نگاريءَ جو تحقيقي جائزو‘ ۾ شاھ لطيف ۽ خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي ڪلام ۾ استعاري ۽ تشبيھ جي ھڪجھڙائيءَ جو پيرائتو تجزيو ڪندي لکيو آھي تہ: ”استعاري ۽ تشبيھ جي صنعتن جو استعمال خليفي صاحب تمام گهٽ ڪيو آھي، پر ان ھوندي بہ انهن ٻنهي شعري صنعتن جي استعمال ۾ شاھ جو مٿس اثر صاف ظاھر نظر اچي ٿو. “ (اُمِ ڪلثوم، 2004ع، ص: 589)
جھڙيءَ ريت شاھ لطيف سُر سريراڳ ۾ ڏکئي ۽ خطرناڪ سامونڊي سفر کي دنيوي سفر سان ڀيٽ ڏني آھي، جنھن لاءِ ھو ڌڻي سڳوري کي ڪرم ۽ ٻاجھ لاءِ ٻاڏائي بہ ٿو:
لُڙَ، لهريون، لَسَ، ليٽَ، جتي اَتُ نہ آب جو،
اَللهَ! اُتِ مَ اوليين، ٻيڙا مٿي ٻيٽَ،
جُوکو ٿئي مَ جَهازَ کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽَ،
لڳي ڪا مَ لپيٽ، ھِن غاريبي غُراب کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 1، بيت 11، ص: 155)
ساڳيءَ ريت خليفو نبي بخش چوي ٿو:
ڪَنڌِي ناھ ڪُلابَ جِي، ڪَپَر ڪارا ڪُنّ،
جهوني ھن جهاز کي، تَرَ ۾ پئي مَ تُنّ،
اللهُ! ساڻ امُنّ، قاسم آر اڪارِيين.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر سارنگ، فصل 2، بيت 7، ص: 23)
گڏوگڏ شاھ لطيف، ’سُر سريراڳ‘ ۾ وينجهار، غواص، پاڻيٺ پرکيندڙ کي استعاري طور استعمال ڪيو آھي. اُھي ساڳيا استعارا، خليفي نبي بخش بہ ڪتب آندا آھن. سُر سھڻيءَ ۾ شاھ لطيف تصوف جي معنوي نُڪتن کي سمجهائيندي سھڻيءَ جي گهڙي ڀڄڻ کي سالڪ جي سنساري وسيلن تان ھٿ کڻڻ لاءِ مستعار ڪيو آھي:
گهڙو ڀڳو تہ گهوريو، پاڻان ھو حجاب،
واڄٽ وڄي وجود ۾، رهيو روح رباب،
ساھڙ ريءَ صَوابُ، آئون گهڻو ئي گهوريان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 1، بيت 19، ص: 221)
خليفو نبي بخش ، شاھ لطيف جي اثر ۾ لفظ بہ ساڳيا کنيا آھن:
سھڻي ساھڙ پاڻ ۾، ھڪا ھڪ ٿيا،
گهڙو ڀڳو تان گهوريو، وچان وچ ويا،
ٻيائي منجهہ ٻيا، ھو ويا وحدت گڏجي.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر توڏي، فصل 3، بيت 1، ص: 29)
شاھ لطيف، سُر معذوريءَ ۾ ورھ وڇوڙيل سسئيءَ کي ڪونج سان ڀيٽ ڏني آھي:
رُڃن ۾ رَڙِ ٿي، ڪَرَ ڪُرڪي ڪُونجَ،
نعرو منجهہ نِڪوُنج، ايءَ تان آھه عشق جي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان 7، بيت 20، ص: 371)
خليفي صاحب پڻ ’ڪونج‘ کي سسئيءَ لاءِ لطيف کان اڌارو استعارو ورتو آھي:
آڌيءَ اُڏاڻِي، سسئي ٻڌي سندرو،
ڪُڻڪِي ڪونجڙينِ جيئن، روھ چڙهي راڻِي،
سَڳَر سُڃاڻِي، ھَلِي ھاڙهي سامھين.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر سسئي، فصل 5، بيت 1، ص: 73)
انهيءَ تشبيھي ھڪجھڙائيءَ ۽ ان داستان اندر رٿيل روحاني تمثيل موجب سسئي پنهونءَ جي استعاراتي استعمال سان گڏ مضمون ۽ بيان ۾ بہ خليفي صاحب تي شاھ لطيف جو ڪافي اثر نظر اچي ٿو:
خليفو صاحب سسئيءَ کي ھدايت ڪندي، وحدت الوجود جي مکيه نُڪتي جي اپٽار ڪندي چوي ٿو:
پَسُ پنهون ٿي پاڻ، سُڃَ مَ ڏورج سسئي!
وڃيو ڏونگر ڏوريين، قاسِم ڪِنين ڪاڻ!
سو تان توهِي ساڻ، جنھن لئي جفائون ڪريين.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر سسئي، فصل 7، بيت 6، ص: 84)
شاھ لطيف کي اساسي شاعريءَ ۾ وحدت الوجودي خيال جي اظھار ۾ ملڪو حاصل آھي. ھو جيڪي ڪجهہ سوچي ٿو ۽ ڳالهائي ٿو، اھو وجودي تخيل ٿي وڃي ٿو، جڏهن تہ کانئس پوءِ ايندڙ شاعرن يا تہ سندس اثر ورتو آھي، يا وري ڪوشش ڪئي اٿن. خليفي صاحب بہ فڪري لحاظ کان، شاھ لطيف جي ڪلام جو بيحد اثر ورتو آھي. شاھ لطيف، سسئيءَ کي مخاطب ٿيندي ڪيڏي نہ بي ساختگيءَ سان چوي ٿو:
وڃين ڇو وڻڪار، ھِت نہ ڳولين ھوتَ کي،
لِڪو ڪِينَ لَطيفُ چئي، ٻاروچو ٻئي پارِ،
ٿِيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نهارِ، تو ۾ ديرو دوست جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آبري، داستان 3، بيت 11، ص: 295)
يا وري شاھ لطيف اڃا وڌيڪ سولو ڪري ساڳيو وجودي نُڪتو ھن ريت نروار ڪيو آھي:
ڪونهي اُتِ ڪوهيارُ، جِتِ تو ڀَورِي! ڀانئيو،
پَنڌُ مَ ڪَرِ پھاڙ ڏي، وجود ئي وَڻِڪارُ،
ڌارِيان ڀانئج ڌارَ، پُڇ پريان ڪَرَ پاڻُ تون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آبري، داستان 3، بيت 3، ص: 293)
1259ھ موجب 1843ع ۾، برطانوي عملدارن، سازشون ڪري، ٽالپرن کي شڪست ڏني ۽ سنڌ تي غاصباڻو قبضو ڪيو. اُن وقت ھِن وطن دوست شاعر، خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي ڄمار 67 کن ورهيه ھئي. وطن جي آزاديءَ تي راتاھي سندس عملي زندگيءَ تي وڏو اثر وڌو. ويتر پنھنجي دِلي دوست مير باگي خان جو وڇوڙو پلئه پيس. جنھن کان پوءِ خليفي صاحب بڊام وارا پَٽَ ڇڏي، ٽنڊي باگي اچي، شھر کان 6 ميل اوڀر طرف، ’باگي واھ‘ جي اترئين ڪپ تي ھاڻوڪو ڳوٺ (تعلقو ٽنڊو باگو) ٻڌو.
خليفي نبي بخش ، ٽالپرن جو سمورو دؤر، پنھنجين اکين سان ڏٺو، ۽ ويھارو کن سال، انگريزن جي حاڪميت ۾ گذاريا. ان سموري دؤر ۾، خليفو صاحب فنا في الله جي منزل تي پھتل ھو، جنھن جو ھر سچو صوفي آرزومند ھوندو آھي. سندس وفات لڳ ڀڳ نوي سالن جي ڄمار ۾ 1280ھ موجب 1863ع ٿي. سندس مزار ٽنڊي باگي شھر کان لڳ ڀڳ تيرنهن ڪلوميٽر پري، ڳوٺ خليفو محمد ھاشم لغاري، ديھ انڙڪي، يونين ڪونسل خليفو ھاشم لغاري، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ موجود آھي.
خواجه غلام فريد (1845ع - 1901ع) :
خواجه غلام فريد فاروقي ولد خدابخش، 26 ذوالقعد 1261ھ مطابق 26 نومبر، 1845ع ڌاري اڱاري ڏينھن منگلوٽ، ضلع ملتان ۾ ڄائو. سندس نالو خورشيد عالم رکيو ويو پر ساڳيءَ تاريخ تي فريدالدين گنج شڪر جو پڻ جنم ٿيو ھو، انڪري سندس نالو مٽائي، پوءِ غلام فريد رکيو ويو. سندس خاندان جو شجره، حضرت عمر فاروق سان ملي ٿو. سندس خاندان جا وڏا، محمد بن قاسم سان گڏجي ھتي آيا ھئا ۽ ٺٽي ۾ اچي رهيا. بعد ۾ ملتان ويجھو منگلوٽ ۾ رهائش اختيار ڪيائون، جتان پوءِ لڏي، مظفرڳڙھ ۽ ڪوٽ مِٺڻ ۾ آيا، بعد ۾ وڃي چاچڙان ضلعي خانپور ۾ آباد ٿيا.
خواجه غلام فريد چئن سالن جو ھو تہ سندس پيءُگذاري ويو ۽ جڏهن اٺن سالن جو ٿيو تہ سندس والدہ بہ گذاري وئي. پاڻ قرآن جي تعليم، ميان صدر الدين وٽان شروع ڪيائين ۽ ھن جي وفات کان پوءِ، ميان محمد بخش وٽ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيائين ۽ ان وقت سندس عمر نو سال ھئي. ظاھري علم، ميان جي احمد يار وٽ ورتائين. وڌيڪ تربيت سندس وڏي ڀاءُ مولانا فخرالدين جھان ڪئي، جو پاڻ بہ وڏو جيد عالم ھو. سندس خاندان جا وڏا، سھرورديه مسلڪ جا ھئا، پر پاڻ چشتيه سلسلو اختيار ڪيائين. خواجه غلا م فريد، جڏهن 28 ورهين جو ٿيو تہ سندس وڏو ڀاءُ گذاري ويو، جنھن کان پوءِ سڀ ذميواريون اچي سندس ڪلهن تي پيون. پاڻ نہ رڳو عقيدتمندن جي روحاني تربيت ڪيائين بلڪھ دنيوي علم جي پڻ ڄاڻ ڏنائين، پر تربيت ۾ ترجيح، روحاني رمزن کي ڏنائين. پاڻ ’روهيءَ‘ ۾ غفا تيار ڪرائي، مختلف وقتن ۾ ارڙهن سالن تائين، اُتي رهي عبادت ڪيائين ۽ ڪائنات جي اسرار کي سمجھڻ لاءِ شاھ لطيف وانگي سير سفر پڻ ڪيائين.
خواجه غلام فريد جي شاعريءَ ۾ پڻ ساڳيو شاھ لطيف وارو رنگ سمايل آھي، جنھن ۾ تصوف جا باريڪ نڪتا، تاريخي ۽ رومانوي ڪردار، رومانوي پَھلو، روحاني رمزون ۽ وحدت الوجود جو فلسفو، نمايان نظر اچي ٿو. ان ڪري کيس سرائيڪي شاعريءَ ۾ اُھو مقام حاصل آھي، جيڪو عربيءَ ۾ امراؤالقيس کي، فارسي ۾ حافظ ۽ روميءَ کي، انگريزي ۾ ورڊس ورٿ کي، اردو ۾ غالب کي، پنجابيءَ ۾ شاھ حسين ۽ وارث شاھ کي، پشتو ۾ رحمان بابا کي ۽ سنڌيءَ ۾ شاھ لطيف ۽ سچل سرمست کي حاصل آھي. خواجه غلام فريد، ڪيترين ئي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آھي، جنھن ۾ سرائيڪي، فارسي، سنڌي ۽ اردو اچي وڃن ٿيون. کيس عربيءَ ۽ انگريزي ٻوليءَ جي پڻ ڄاڻ ھئي. خواجا غلام فريد 56 سالن جي عمر ۾، 24 جولائي، 1901ع / 6 ربيع الثاني 1319ھ ڌاري دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس مزار ڪوٽ مٺڻ ۾ آھي، جتي ھر سال وڏي احترام ۽ عقيدت سان ٽي ڏينھن عرس جو اھتمام ٿيندو آھي.
خواجه غلام فريد جي شاعريءَ جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ اِھو نتيجو ٿو نڪري تہ، سندس ڪلام ۾ گهڻو ڪري شاھ لطيف وارا ئي موضوع ملن ٿا. شاھ لطيف، خواجه غلام فريد کان ڪافي آڳاٽو شاعر آھي. خواجه غلام فريد مختلف ٻولين جي ڄاڻ ھئڻ ڪري گهڻ مطالعاتي شاعر ھو. سندس تعلق سنڌ ۽ سنڌين سان بہ ھو، انهي ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو تہ ھن، شاھ لطيف جو مطالعو ڪيو ھوندو، يا سندس ڪلام ٻڌو ھوندائين. ھن تي سچل سرمست جو سڀ کان وڌيڪ اثر ملي ٿو ۽ سچل تي وري شاھ لطيف جو اثر ھو. انهيءَ ڪري خواجه غلام فريد جي شاھ لطيف جي ڪلام سان اڻواقفيت ناممڪن آھي، ھن تي سڌيءَ يا اڻ سڌي طرح، شاھ لطيف جو اثر چئي سگهجي ٿو. ھتي اُن جا ڪجهہ مثال پيش ڪجن ٿا.
شاھ لطيف جو پاڻ سڃاڻڻ وارو فلسفو ’من عرف نفسہُ فقد عرف ربہُ‘ (ترجمو: جنھن پاڻ سڃاتو تنھن رب کي سڃاتو) جي حديث تي ٻڌل آھي، جيئن شاھ لطيف فرمائي ٿو:
پاڻِهين جَل جَلالہُ، پاڻِهين جانِ جَمالُ،
پاڻِهين صُورت پِرينءَ جي، پاڻِهين حُسنُ ڪَمالُ،
پاڻِهين پِيرَ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ خَيالُ،
سڀُ سَڀوئِي حالُ، منجهان ئِي مَعلومُ ٿِيي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 17، ص: 48)
پاڻ سڃاڻڻ وارو ساڳيو ئي فلسفو، خواجه غلام فريد ھن ريت بيان ڪري ٿو:
خود واجد خود موجود اور خود وجود،
خود عالم خود معلوم اور خود علم،
خود انور خود منور اور خود نور،
خود شاھد خود مشھود اور خود شھود.
شاھ لطيف، پاڻ سڳورنﷺ جي الله سان محبت ۽ سندن ساراھ کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ايتريءَ حد تائين ڳايو آھي جو لفظن ۾ بہ فقط ھڪڙي اکر جو ظاھري طور فرق ڪري ٻنهيءَ کي ھڪ چيو اٿس، جيئن فرمائي ٿو:
اَحد اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان مِيمُ فَرَقُ،
آھي مُستَغَرقُ، عَالمُ اِنهِيءَ ڳالهہ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 5، بيت 40، ص: 114)
جھڙيءَ ريت، شاھ لطيف، الله تعاليٰ ۽ سندس محبوب جي محبت جو مثال پيش ڪيو آھي، تهڙيءَ طرح ئي خواجه غلام فريد، شاھ لطيف واري ساڳي ڳالهہ کي ھن ريت بيان ڪيو آھي.
احد اوهي ھي، احمد اوهي،
ميم دي اولي، دلڙي موهي.
احد تي احمد، فرق نہ ڪوئي،
واحد ذات صفات نين.
شاھ لطيف، فرقن، گروهن ۽ طبقاتي نظام کان تمام مٿانهون ھو. ڪنھن بہ ھڪ گروھ يا فرقي جي پرچار ڪرڻ کان ھميشه پاسو ڪيائين. پاڻ وحدت ۽ ڪثرت ۾ اھا ئي ھيڪڙائي ڏٺائين ۽ اُن کي ئي ڳايائين.
وَحدَتان ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثرتَ وحدتَ ڪُلُ،
حَقُ حقِيقِي ھيڪَڙو، ٻولي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھُو ھُلاچو ھُلُ، بِاللهِ سندو سَڄَڻين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 18، ص: 69)
ھيڪڙائي جي ھڪ واري فلسفي کي، وري خواجه غلام فريد ھن ريت بيان ڪيو آھي.
جگ وهم خيال تي خواب، سڀ صورت نقش برآب ئي،
جي پڇندي حال حقيقت، سڻ سمجھ اتي رک عبرت،
جيوين بحر محيطھي وحدت، ڪُل ڪثرت شڪل حباب ئي.
شاھ لطيف جي ’هر صورت ۾ پاڻ پسڻ‘ وارو فلسفو سندس ڪلام ۾ نمايان آھي ۽ مالڪ حقيقيءَ کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو تہ:
پاڻِهين پَسي پاڻَ کي، پاڻهِين ئِي مَحبُوبُ،
پاڻِهين خَلَقي خُوبُ، پاڻهِين طالِبُ تَنہِ جو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 18، ص: 48)
رب پاڪ، خلق ۾ پاڻ کي ڏسي ٿو ۽ ان جو پاڻ ئي طالب آھي، پنھنجو نور، پنھنجو مظھر پنھنجي خلقيل انسان ۾ ئي ڏسي ٿو ۽ ساڳي خيال بابت خواجه غلام فريد چوي ٿو:
ھر مظھر وچ آپ سماوي، اپڻا آپ ڪري ديدار،
ھر صورت وچ آوي يار، ڪري ناز ادا لک وار.
خواجه غلام فريد، سنڌيءَ ۾ بہ ڪلام چيو آھي. تصوف کان علاوہ سنڌ جي رومانوي داستان سھڻي، سسئيءَ، مارئي، مومل کي پڻ شاھ وانگر ھن پنھنجي ڪلام ۾ ڳايوآھي، جنھن مان اِھو ثابت ٿئي ٿو تہ، پاڻ، شاھ لطيف جي ڪلام کان ڏاڍو متاثر ٿيو، جنھن جا عڪس سندس ڪلام ۾ ملن ٿا.
خواجه محمد زمان ’لنواريءَ وارو‘ (1713ع - 1775ع) :
سلطان الاولياء حضرت خواجه محمد زمان ولد شيخ حاجي عبداللطيف جو جنم 21-رمضان المبارڪ 1125 ھجري مطابق 1713ع ۾ ضلعي بدين جي شھر لنواري شريف ۾ ٿيو. سندس وڏا عربستان مان ھجرت ڪري آيل ھئا، جن عباسي خليفي ھارون رشيد جي صاحبيءَ ۾ لڳ ڀڳ 786ھ مطابق 1384ع ۾ سنڌ جو رخ ڪيو اول لنواريءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي.
سومرن ۽ سمن جي گهرو ويڙھ ۽ انتشار جي ڪري ھي پرهيزگار ۽ متقي خاندان لڏپلاڻ ڪري ڪَڇُ پھتو. سن 910ھ مطابق 1504ع ڌاري پنھنجن مريدن ۽ معتقدن جي ميڙ منٿ ۽ حُب سبب ھن خاندان جي ڇھين پيڙهيءَ وارو بزرگ شيخ حاجي عبداللطيف لنواري شريف موٽي آيو ۽ اُتي ئي دائمي رهائش اختيار ڪيائين.
خواجه محمد زمان پنھنجي والد جي نظر ھيٺ قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيو، جنھن کان پوءِ وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ٺٽي جي مخدوم محمد صادق نقشبنديءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي خاص طور عربي ۽ ناظرہ قرآنشريف جي تعليم حاصل ڪيائين.
مدرسي جي تعليم دوران سندس ملاقات شيخ محمد ٺٽوي عرف خواجه ابوالمساڪين سان ٿي. سندس مذھبي طريقت کان متاثر ٿيڻ جي باوجود ھُن پنھنجي درسي تعليم ۾ رخنو نہ وڌو، پر جلد ئي سندس مَن اندر ۾ ’حق‘ جي طلب جي زبردست جُنبش پيدا ٿي ۽ مخدوم محمد ابوالمساڪين جي نظرداريءَ ھيٺ ٿوري ئي عرصي ۾ وڏيون روحاني منزلون ماڻي ’سلطان الاولياء‘ جي درجي تي پھتو. سندس مرشد شيخ ابوالمساڪين کانئس ايتري قدر راضي ٿيو، جو پنھنجي دستار مبارڪ لاھي خواجه محمد زمان جي سِرَ تي رکيائين ۽ کيس پنھنجي مَسند تي ويھاري پھرين پاڻ ۽ پوءِ پنھنجي مريدن کي سندس بيعت ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.
خواجه محمد زمان جو پھريون سوانح نگار، سندس ھمعصر مؤرخ ۽ شاعر مير علي شير قانع پنھنجي شاندار تصنيف ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکي ٿو: ”ميان محمد زمان؛ اڄ ڪالھ جو مرشد ۽ ميان ابوالقاسم نقشبندي ۽ ميان محمد نقشبندي ٺٽوي جي مريدن مان آھي. ڏاڍو ھدايت وارو، نقشبندي سلسلي جي مريدن جو مرجع ۽ وڏين ڪرامتن جو صاحب آھي. ھن وقت بدين ويجهو لنواريءَ جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو. دنيا کي فيض جي درياھ مان سيراب ڪري رهيو آھي. گهڻن ماڻهن جو اعتقاد آھي تہ ھن وقت سندس وجود بينظير آھي. “ (قانع، 1998ع، ص:415)
خواجه محمد زمان عبادت، رياضت ۽ خلق کي تزڪيئه نفس جي تلقين ۾ وقت گذاريندو ھو. خواجه صاحب جو ڪلام (84 بيت) ۽ ملفوظات ’فتح الفضل‘ موجود آھن. ملفوظات لنواري شريف جي ڪن بزرگن، خليفن ۽ مريدن جون جمع ڪيل آھن، جن ۾ ’فردوس العارفين‘ ۽ ’مرغوب الاحباب‘ اھم آھن. ملفوظات ۾ مختلف واقعن، ڪرامتن ۽ ٻين لاڳاپيل ڳالهين جو ذڪر آھي.
سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پھريون) ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو؛ خواجه محمد زمان جي ڪلام بابت لکي ٿو: ”سلطان الاولياء خواجه محمد زمان قدس سرہ جا 84 سنڌي بيت سندن بصيرت جو اعليٰ مثال آھي. “ وڌيڪ لکي ٿو: ”خواجه صاحب جا سنڌي بيت، سنڌي شاعريءَ جو بي بھا خزانو آھن، اِنهن بيتن ۾ عشق الاھيءَ جي اپٽار ڪيل آھي. “ (جوڻيجو، 2001ع، ص: 198)
سندس روحاني ۽ علمي بصيرت جي اُن کان وڏي ٻي ڪابہ گواھي ۽ مڃتا ٿِي نہ ٿي سگهي جو، شاھ لطيف چاليهن ورهين جي عمر ۾ لنواري شريف اچي ساڻس ملاقات ڪئي. اُن ملاقات جو احوال درگاھ لنواريءَ جي ڪتابن ۾ موجود آھي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۾ اُھا انوکي روح رهاڻ ھن ريت لکي آھي: ”هڪ ڀيري شاھهعبداللطيف صاحب، خواجه صاحب جي روح رهاڻ لاءِ لنواري شريف آيو. جڏهن ھجري جي دروازي تي پھتو تہ خادم کي اندر روانو ڪيائين تہ اندر اچڻ جي اجازت وٺي اچي. خادم کي خواجه صاحب جواب ڏنو تہ، ڪا ساعت ترسو تہ اسين اوهان جي استقبال لاءِ اچون ٿا. شاھ لطيف پڇيو تہ، ڪھڙي مشغوليءَ ۾ ھئا. خادم جواب ڏنو تہ ماٺ ۾ ويٺا ھئا. شاھ لطيف فرمايو تہ، ان مشغوليءَ مان ڪڏهن فارغ ٿيندا جو، اسان ڏانھن توجهہ ڪندا؟ ھلو تہ اندر ھلون. شاھ لطيف اندر اچي ھي بيت چيو:
سامي سفر ھليا، ڪو پروڙي پنڌَ،
جن ھيٺانهان ڪنڌ، آءٌ نہ جيئندي اُن ري.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (2011ع)، ’لواريءَ جا لال‘، ص: 46)
خواجه صاحب جن جواب ڏنو:
ڪِينَ آھين ڪِينَ ٿئين، وڃي ڪيِنَ ڪماءِ،
لاڳاپا لوڪ جا ’لا‘ سين سڀ لهراءِ،
سامي پوءِ سلينداءِ، ڳالهہ پريان جي ڳُجھ جي.
شاھ لطيف فرمايو:
قلم وهي ويو ڪانھ، سرتيون ڪنھن سھاڳ لئه،
انگ اڳيئي لکيو، اُت نہ پھچي ٻانھ،
ڪنھن کي ڏيان دانھ، تہ پرين مون سين ھيئن ڪيو.
خواجه صاحب فرمايو:
ويھ وڃي وٽ تن، قلم جنين جي ھَٿَ ۾،
ميٽِئو انگ اڳيون، واري ٻيو لکن،
پنو سو پاڙِهن، جنھن مان پسين پرينءَ کي. “
(جوڻيجو، 2004ع، ص: 192-193)
بيتن جي رهاڻ کان پوءِ فنا ۽ ٻين مسئلن بابت سندن گفتگو ٿي. شاھ لطيف، خواجه صاحب کان پڇيو تہ، ”فنا کان پوءِ بہ ڪو عالم آھي ڇا؟ تہ خواجه صاحب کانئس پڇيو، ”فنا کان اڳ ڀلا ڇاھي؟“ اُھو ٻڌي شاھ لطيف، مريد ٿيڻ جو ارادو ظاھر ڪيو، پر جيئن تہ خواجه صاحب پنھنجي طريقت ۾ ساز سُر جا سخت مخالف ھئا، ان ڪري شاھ لطيف تي راڳ ۽ ساز ترڪ ڪرڻ جو شرط رکيو، جنھن تي شاھ لطيف فرمايو تہ، ”مون سڄي زندگي سماع ۽ سُرود ۾ گذاري آھي، ھينئر انهيءَ کي ترڪ ڪرڻ مون لاءِ محال آھي. “ روح رهاڻ کان پوءِ جڏهن شاھ لطيف موڪلائڻ لڳو تہ خواجه صاحب اُڪير مان کين خلعت جي چادر اوڍائي.
خواجه محمد زمان، شاھ لطيف جو ننڍو ھمعصر ھو ۽ کانئس ڄمار ۾ 23 سال کن ننڍو ھو. محققن جي اڪثريت اِن راءِ جي آھي تہ شاھ لطيف پيرسنيءَ ۾ يعني وصال کان سال کن اڳ ۾ خواجه صاحب وٽ روح رهاڻ لاءِ حاضر ٿيو ۽ سندن روحاني مرتبي، طريقت ۽ فضيلت جو گهڻو اثر ورتو، ايتري قدر جو کيس ياد ڪندي شاھ لطيف ھي بيت پڙهندو ھو:
مُون سين ڏِٺا ماءِ! جِنين ڏٺو پرينءَ کي،
ڪري نہ سَگهان ڪاءِ، اُنين سَندِي ڳالهڙي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 1، بيت 2، ص: 746)
خواجه محمد زمان پڇاڙيءَ ۾ گهڻو بيمار رهڻ لڳو ھو. گهڻو ڪري کيس تپ، کنگھ ۽ سَنڌن جو سُور رهندو ھو. وصال کان سال کن اڳ ۾ حُجري کي نئين سِر ٺھرائي، اُن ۾ مراقبي ۽ وضوءَ جي حالت ۾ رهندو ھو، کائڻ پيئڻ ۽ دوا درمل ڏانھن ڌيان گهٽائي خواجه صاحب دوا ڦڪيءَ جي ڳالهہ تي چوندو ھو، ”حضرت خواجه ابوالمساڪين قدس سرہ مون کي اسباب ترڪ ڪرڻ جو امر ڪيو آھي. “ اڪثر حافظ جو ھي بيت پڙهندو ھو:
قراری کردہ ام با می فروشاں،
کہ روز غم بجز ساغر نگیرم۔
(سعيد حسن، پير، (1981ع)، ’ابيات سنڌي‘، ص: 17)
پر خادمن پاران دوا درمل بابت زور ڀرڻ تي، کين حافظ (خواجه شمس الدين محمد حافظ شيرازي) جي ڪلام مان فال ڪڍڻ جو حڪم ڏنائين، جنھن مان ھيٺيون بيت نڪتو:
خوش خبرداری اے نسیم شمال،
کہ بہ مامی رسد زمانِ وصال۔
(سعيد حسن، پير، (1981ع)، ’ابيات سنڌي‘، ص: 18)
مٿيون بيت نڪرڻ کان پوءِ فقيرن ۽ معتقدن کي نيرن ڪرڻ جو چيائون، پوءِ پاڻ ھي دوهو اچاريائون:
ڀلي آئين مون ڀان، ڀلي آئين مون ڀان،
ڳڻي ڳڻيا ڪيترا، تنھنجي اچڻ جا احسان.
(سعيد حسن، پير، (1981ع)، ’ابيات سنڌي‘، ص: 18)
سندن وصال 4 ذوالقعد 1188ھ/1775ع ۾ ٿيو.
ھڪ لحاظ کان ڏسجي تہ، خواجه محمد زمان، شاھ لطيف جي شاعريءَ ۽ سرود سماع جي عروج واري سموري دؤر جو مشاھدو ماڻيو ۽ جيترا سال ھُو شاھ لطيف کان پوءِ ڄائو، لڳ ڀڳ ايترا ئي سال ھُن وڌيڪ حياتي ماڻي ۽ ڪلهوڙن جي آخري حاڪمن جي وحشي پڻي ۽ اڍنگين حڪمت عملين جي نتيجي ۾ سنڌ جي قومي وحدت کي زوال ڏانھن ويندي بہ ڏٺو، جنھن جو کيس شديد اونو ھو، جيڪو سندس ھن بيت مان نشانبر ٿئي ٿو:
پِرت ڇَڏِ پرڏيھ جِي، ساڻِھ ڪر سنڀالَ،
لَکَنِ سَندي لالَ، مَڇُڻ مفت وڃائين.
(سعيد حسن، پير، (1981ع)، ابيات سنڌي، بيت 9، ص: 34)
جيتوڻيڪ خواجه صاحب جو ڪلام 84 بيتن تي ٻڌل آھي، جيڪو مقدار جي لحاظ کان بنھ گهٽ آھي، پر معيار ۽ تصوف جي فڪر جي گهرائي ۽ پختگيءَ جي ڪري ھيءُ ڪلام ايترو ڳُوڙهو آھي، جو اُن کي شرح کان سواءِ سمجهڻ نھايت ڏکيو آھي.
خواجه محمد زمان جي بيتن جي اڀياس مان پروڙ پئي ٿي تہ، خواجه صاحب، شاھ لطيف جي ڪلام جو گھرو اثر قبوليو آھي، خاص ڪري اُھو نڪتو اھم آھي تہ، خواجه صاحب وحدت الشھود جو مڃيندڙ ھو، پر سندس ڪلام مان وحدت الوجودي فڪر جو سڳنڌ پڻ ملي ٿو.
جانۡ سِيَ پسين پاڻُ، تان سِيَ مَهۡتِ مڙهي،
جو لٿو اِيءُ گُمان، تہ مَڙِهيائي مهت ٿِي.
(سعيد حسن، پير، (1981ع)، ابيات سنڌي، بيت 10، ص: 35)
خواجه صاحب نھايت سليقي سان مذھبي سطحن تي مسجد ۽ مندر جي تضاد کي نبيري عوام کي امن ۽ رواداريءَ سان رهڻ جو پيغام ڏنو آھي، جيڪو پيغام يا مقصد وحدت الوجود جي نظريي جو بنياد آھي.
شاھ لطيف سموري زندگي ھڪ باعمل صوفيءَ جي حيثيت ۾ گذاري، جتي شريعت کان معرفت جو سفر ڪيو، اُتي انسان ذات جي ڀلائيءَ، امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ظاھر پرست قوتن جي طاقتور ھوندي بہ شاھ لطيف اُنهن جي تڪبّر ۽ مذھبي برتريءَ واري احساس کي ختم ڪندو رهيو ۽ چوندو رهيو:
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناھ نِمازَ،
سڀ وڃائي ساز، تنهان پوءِ تڪبير چئو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 1، بيت 11، ص: 707)
شاھ لطيف جي فڪر جو اھو سڀاويڪ اثر آھي، جو سلطان الاولياء خواجه محمد زمان جھڙو برگزيدو عالم ۽ نقشبندي سلسلي سان لاڳاپيل شريعت جو ڌڻي پڻ لطيفي آواز ۽ پيغام کي پنھنجي وسيلي سان عوام تائين پھچائي ٿو ۽ انهن کي انهيءَ مذھبي تفرقي ۾ پوڻ کان جهلي ٿو.
شاھ لطيف جو فڪر انسانيت جي عظمت ۽ احترام جو علمبردار آھي. ھو انسان مان پاڻپڻو، خودي، تڪبر ۽ نسلي متڀيد جي خاتمي جو پيمبر آھي. ھُو اُن لاءِ معاشري جي تنگ ذھن فردن / قوتن سان ٽڪراءَ ۾ ايندي، پنھنجي اظھار ۽ لهجي کي سخت بہ ڪري ٿو ۽ للڪاري بہ ٿو:
سَڀَتِ پَچارَ پريَنِ جِي، سَڀتِ ھوتَ حُضورُ،
مَلڪُ مِڙوئي منصورُ، ڪُھي ڪُھندين ڪيترا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 9، بيت 2، ص: 265)
خواجه صاحب جو بيت ھن ريت آھي:
سَڀَتِ پَچَرَ پِريَ جي، سَڀتِ ھوت حضورُ،
مُلڪ سڀ منصور، ڪُھي ڪُھبا ڪيترا.
(پير سعيد حسن، (1981ع)، ابيات سنڌي، بيت 16، ص: 44)
مٿين بيتن جي ھڪ جھڙائي اِن ڳالهہ جي ساکي آھي تہ، خواجه محمد زمان، شاھ لطيف جي ڪلام کان بيحد متاثر ھو ۽ گهڻو ممڪن آھي تہ ھُو پنھنجي گفتگوءَ ۾ شاھ لطيف جا بيت چوندو ھجي ۽ سندس معتقدن اُھي بيت سندس ملفوظات ۾ شامل ڪري ڇڏيا ھجن، جن ۾ ’فرودس العارفين‘ ۽ ’مرغوب الاحباب‘ اھم آھن.
شاھ لطيف جي تخليقي عمل ۽ زندگيءَ جي وهنوار ۾ ھيڪڙائي ھئي. جيتوڻيڪ تصوف جي قادري ۽ نقشبندي سلسلي ۾ اُنسيت جو ملڻ محال آھي، پر اِھا حقيقت عالم آشڪار آھي تہ خواجه محمد زمان مريدن ۽ معتقدن جي اڳيان پنھنجي پيرسن دوست شاھ لطيف کي ’اھل دل‘ سڏي مانُ ڏنو ھو.
خواجه محمد زمان جي شاھ لطيف سان فڪري قربت، سندس ڪلام مان ڀليءَ ڀت محسوس ڪري سگهجي ٿي؛ پر فڪري لحاظ کان ڏسبو تہ شاھ لطيف کانئس گهڻو اتاھون، گهرو ۽ وسيع آھي. حق ۽ سچ جي ڳولا جي اڻانگي راھ تي سِرَ جي سئين ھڻندي شاھ لطيف چوي ٿو:
مٿي اُتي منھنجي، جي ڪوڙين ھُونِ ڪپارَ،
تہ وارِيو وارِيو وڍيان، سِسيءَ کي سَوَ وارَ،
تہ پُڻِ تَندُ تنوارَ، مونهان مٿانهون مَڱڻا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 1، بيت 14، ص: 651)
خواجه محمد زمان فرمائي ٿو:
تان سِيَ تُون نہ فقيرُ، جان سِيَ سانگُ سِسيَ جو،
ماڻِئو تن مليرُ، جن جُسو مالُ مباحُ ڪئو.
(پير سعيد حسن، (1981ع)، ’ابيات سنڌي‘، بيت 14، ص: 42)
شاھ لطيف، سھڻيءَ کي صلاح ڏيندي، تاڪيد ڪندي فرمائي ٿو:
ساري سِکُ سَبَقُ، شريعت سندو سُهڻي،
طَريقتان تِکو وَهي، حقيقت جو حَقُ،
معرفت مَرَڪ، اصلِ عاشقن کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 3، بيت 10، ص: 231)
شاھ لطيف جي نھايت گهري ۽ بي مثال بيت جي اثر مان نڪرڻ ڪنھن بہ ھمعصر، متاخرين توڙي جديد شاعر لاءِ بيحد ڏکيو آھي. خواجه محمد زمان ھن ريت اثر ورتو آھي:
فعل شريعت، حُبَّ طريقت، ھِيون حقيقت ھوءِ،
معرفت نالوءِ، پروڙڻ يار سين.
(پير سعيد حسن، (1981ع)، ’ابيات سنڌي‘، بيت 28، ص: 59)
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ پنھنجي مقالي ’شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاري ۽ تشبيھ نگاريءَ جو تحقيقي جائزو‘ ۾ لکي ٿي تہ، ”شاھ لطيف جي ڪلام ۾ سسئي پنهونءَ تي تمام گهڻو توجهہ ڏنل آھي. پنجن سُرن ۾ پنهونءَ کي پنهون، ھوت، ڪوهيارو، ڪيچ ڌڻي، آرياڻي، ٻروچ کي محبوب حقيقي لاءِ ۽ سسئيءَ کي طالب يا حقيقي عاشق لاءِ مستعار ڪيو ويو آھي. “ (اُمِ ڪلثوم، 2004ع، ص: 501) خواجه محمد زمان پڻ سسئي پنهونءَ جي روحاني تمثيل ۾ بلڪل ساڳيو ئي استعاري جو استعمال ڪيو آھي. شاھ لطيف فرمائي ٿو:
ھونديان ھوت پري، اوڏو آھي اڻ ھوند کي،
ساڄن تن سري، ’لا‘ سين لڏين جي.
(آڏواڻي، ڪلياڻ، (2013ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان 2، بيت 7، ص: 126)
ساڳي ريت ’عمر مارئي‘ جي ڪردارن ۽ ماڳن مڪانن، ’سامي‘ يا ’جوڳي‘ جي ياترائن، تيرٿن، جوڳ جي مشقن ۽ انهن جي مختلف منزلن کي طيءِ ڪرڻ جو ذڪر شاھ لطيف ڪيو آھي تہ ان جو اثر پڻ خواجه محمد زمان جي ڪلام تي واضح آھي، خاص ڪري تشبيهن ۽ استعاراتي استعمال ۾ ھڪجھڙائيءَ جا ڪافي مثال ملن ٿا.
روحل فقير (1733ع - 1804ع) :
ميان روح الله عرف روحل فقير، 1733-1734ع ۾ ڄائو ھو. ذات جو زنگيجو ھو. سندس وڏا اصل پنجاب جي ڳوٺ، ’لونگره‘ جا ويٺل ھئا، جتان روحل فقير پنھنجن عزيزن سان لڏي اچي، ٿرپارڪر ضلعي جي عمرڪوٽ ڀرسان ڪنھن ڀٽ ۾ رهيو. گولاڙن ۽ گگرين ۾ پلجي وڏو ٿيو.
”روحل فقير جي والد جو نالو شاھو فقير ھو. کيس ٽي پٽ ھئا: وڏي جو نالو سلطان ۽ ننڍي پٽ جو نالو ميوو ھو. روحل فقير وچون ھو. روحل فقير جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو ۽ ھن ڪھڙي تعليم حاصل ڪئي، تنھن بابت ڪا ڄاڻ نہ ملي سگهي آھي، پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي تہ سندس تعليم سٺي نموني ٿي. سندس ڪلام جي پختگي ۽ روانيءَ کي ڏسي چئي سگهجي ٿو تہ کيس سنڌيءَ سان گڏ فارسي ۽ عربيءَ جي بہ چڱي ڄاڻ ھئي. جيئن تہ ٿر جي حصي جو رخ جوڌپور ۽ جيسلمير رياستن ڏانھن ھو، جتي ھنديءَ جو وڌيڪ رواج ھو. فقير صاحب ھنديءَ تي بہ عبور حاصل ڪري ورتو، جيڪو سندس ھندي ڪتابن مان نظر اچي ٿو. “ (بدوي، 1983ع، ص: 3)
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن فقير صاحب جوانيءَ جي سن کي پھتو، تڏهن اُن وقت ڪلهوڙن جي درٻار ۾ سندس رسائي ٿي. جيئن سندس خانداني روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، ھُو راڄو ليکيءَ جو ماسات ھو، جو نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾، سرڪاري ملازمت ۾ گهڙيو ھو ۽ ميان غلام شاھ جي حڪومت جي دؤر ۾، ترقي ڪري، وزير جي عھدي تي وڃي پھتو ھو. غلام شاھ جي حڪومت جي دؤر ۾ ٻن شخصيتن وڏي حيثيت حاصل ڪئي ھئي – ھڪ مير بهرام، ۽ ٻيو راڄو ليکي. ليکي وڏو دورانديش شخص ھو. حڪومت ۾ پنھنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ، ھن پنھنجي عزيزن ۽ قريبن مان گهڻن کي سرڪاري ملازمت ۾ آندو. جيئن زباني روايتون آھن، راڄو ليکيءَ جي مدد سان، روحل فقير بہ سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو.
ميان غلام شاھ، فقير صاحب جي خصلتن کان پوري ريت واقف ھو. سانتيڪو مزاج، نهٺي طبيعت، ھوَس ۽ حرص کان دور. ميان صاحب سندس سرپرست بڻجي پيو. ھوريان ھوريان، ترقي ڪري، روحل فقير ’توشاخاني‘ جو ناظر مقرر ٿيو. ھيءُ ڪو معمولي عھدو نہ ھو، مگر ھو اُن رتبي تي پھچڻ کان پوءِ بہ اڳي وانگر نهٺو ۽ سادگيءَ جي صورت بڻيو رهيو. اُن زماني ۾ بہ ھو ’دست بہ ڪار ۽ دل بہ يار‘ جو نمونو ٿي رهيو.
فيضانِ الاھي جڏهن ڪنھن دل کي پنھنجي لاءِ انتخاب ڪندو آھي، تہ اُن ۾ انساني شرف جون سڀئي سعادتون اڳ ۾ ئي موجود ٿي وينديون آھن. روحل فقير جي بہ پاڪيزہ دل اھڙيءَ ريت انوار الاھيءَ جي جلوه لاءِ پئي تيار ٿي. اوچتو ئي اوچتو سن 1772ع ڌاري، سنڌ جو حاڪم ميان غلام شاھ گذاري ويو ۽ سندس فرزند ميان سرفراز حڪومت جون واڳون ورتيون. جوانيءَ ۽ الهڙپڻ، سياست کان ناواقفي، اِھي اھڙيون شيون ھيون، جي نوجوان تاجدار کي بي احتياطيءَ جي طرف وٺي ويون. ھُو راڄو ليکيءَ جي ھٿن ۾ کيڏي رهيو ھو، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو ھُو پنھنجي قديم خانداني محسن، مير بهرام کان ڪشيدہ ٿي ويو. فقير صاحب جيئن تہ راڄوليکيءَ جو طرفدار ھو ۽ سندس ئي ماڻهو ٿي سمجهيو ويو، مگر حق ۽ صداقت کيس متاثر ڪيو. مير بهرام جي خلاف منصوبن کي ڏسي ھو ڏڪي ويو. سندس دل تہ ھن ست رنگي دنيا کان اڳ ۾ ئي بيزار ھئي، خالي نالي ۽ نمود کان ھو گهڻو پري ھو، پر ھاڻي سندس مشاھدو ۽ مطالعو بہ وسيع ٿي ويو. ھن ڄاتو ٿي تہ ھنن منصوبن جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ ھن دنيا جي شان شوڪت، مال ۽ دولت جي بي جٽاءَ ڪڪر جي ڇانوَ کي قريب ٿي ڏٺو. ھٿ ۾ استعيفا جو ڪاغذ کڻي، ميان سرفراز جي درٻار ۾ پھتو. ميان صاحب جي طبيعت ۾ ھُو تبديلي ۽ اصلاح آڻي نٿي سگهيو، اُن ڪري ھن پنھنجي ترڪ ملازمت جو پختو عزم ڪيو ھو. ھو ھڪ قديمي ملازم ھو، جو پنھنجي تجربيڪاريءَ ۽ ديانتداريءَ کان مشھور ھو، تنھن ڪري ميان سرفراز سندس استعيفا کي منظور ڪرڻ ۾ نٽاءَ کان ڪم ورتو ۽ پاڻ وٽ رهڻ لاءِ مٿس زور ڀريائين. مگر فقير صاحب جو فيصلو اَٽل ھو. ميان صاحب آخر مجبور ٿي، کيس پاڻ کان ڌار ڪيو.
روحل فقير، دنيا کان بيزاريءَ جو منظر ھن ريت بيان ڪيو آھي:
دنيا ڍونڍ تي طالب ڪُتي، بيٺا مل عمر تاڻي،
ھڏي اُتون ھوڏ تنهان دي، وڙهندي عمر وهاڻي،
انڌيان عشق الله دا ڇوڙيا، پئي ولوڙن پاڻي،
”روحل“ راھ ربانيءَ ٻاجهون، ٻي سڀ ڪوڙ ڪھاڻي.
(بدوي، لطف الله، (1983)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘، (روحل فقير)، ص: 5)
فقير صاحب جو ڪلام سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ موجود آھي، جو ٿورو آھي، پر نھايت مدلل ۽ وسيع مفھوم رکندڙ آھي. روحل فقير واري دؤر کي سنڌي ادب ۾ متقدمين جو دؤر چئجي ٿو. سنڌ جي عظيم شاعر شاھ عبداللطيف جي دؤر سان سندس قريبي تعلق آھي. پاڻ شاھ لطيف کان گهڻو متاثر نظر اچي ٿو. جنھن جون شاھديون ھيٺين بيتن ۾ ملن ٿيون.
شاھ لطيف جي مشھور بيت:
جي تو بيتَ ڀانئِيا، سي آيَتُون آھِينِ،
نِيو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَندي پارَ ڏي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 6، بيت 25، ص: 253)
روحل ان جي تتبع ۾ چيو آھي:
ٻڌان جا ٻيهار، تان تون اکين کان بہ اوڏڙو،
”روحل“ وسين روح ۾، وِٿَ نہ ڀانئيان وار،
جيئن جو سج صبوح جو، ٿو ڪري باغ بھار،
بيت نہ ڀانئنجو ماڻهؤ! ھي وحدت جو ويچار،
دل ۾ ڪيا ديدار، عشق جنين اکين سين.
(بدوي، لطف الله، (1983)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘، (روحل فقير)، بيت 13، ص: 64)
روحل فقير جي دل جو لاڙو، ننڍپڻ کان ئي فقيريءَ ڏانھن ھو، ان ڪري ميرانپور جي مشھور صوفي درويش، شاھ عنايت شھيد جي درگاھ تي حاضر ٿيو ۽ 25 سال ڏاڍي خدمت ڪيائين. راتين جون راتيون بندگي ڪندو ھو. مرشد، روحل فقير جي عقيدت ڏسي مٿس، عنايت ڪئي ۽ کيس فرمايو تہ: ”تون ھاڻي ڀلي وڃ، جتي بہ توکي روڪ ٿئي، اتي تنھنجو ٺڪاڻو آھي. فقير، مرشد جي حڪم موجب اتان روانو ٿي ويو ۽ ھلندو ھليو. آخر ھڪ ھنڌ سندس پھراڻ جو پلاند، ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ اٽڪي پيو ۽ فقير لڏو لاھي اتي ويھي رهيو. آخر انهيءَ ھنڌ، ڳوٺ ٻڌجي ويو، جيڪو ’ڪنڊڙيءَ‘ جي نالي سان مشھور ٿي ويو. ھي ڳوٺ، روهڙي تعلقي ۾ آھي. جتي ڪيترائي ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. “ خيرپور جي واليءَ، مير سھراب خان جي بہ ساڻس عقيدت ھئي، جنھن ڪوٽ ڏجيءَ جي ڀرسان کيس زمينون نذراني طور ڏنيون، جيڪي ڪافي وقت سندس عزيزن جي قبضي ۾ رهيون.
روحل فقير پنھنجي وقت جو وڏو عالم، فاضل، عربيءَ، فارسيءَ ۽ ھنديءَ جو وڏو ڄاڻو ٿي گذريو آھي. جوڌپور ۽ جيسلمير ۾، پنڊتن سان روح رهاڻيون بہ ڪيائين، جتي سندس ڪلام اڄ سوڌو ڏاڍو چاھ سان ڳايو ويندو آھي. ھنديءَ ۾ تہ ڪافي منظوم تصنيفون اٿس، جن مان: ’من پوٻوڌ‘، ’پريم گيان‘ ۽ ’انڀؤ‘ ڪافي مشھور آھن ۽ تصوف جي وضاحت ڪن ٿيون. ھو ھڪ سچو صوفي درويش ھو. ھندو مسلم اتحاد جو پرچارڪ ھو. سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ سندس ڪافي ڪلام آھي؛ جيڪو بيتن، ڪافين ۽ سي حرفين تي ٻڌل آھي.
روحل فقير، 1804ع ۾ ھن فاني دنيا کان موڪلائي ويو. سندس مزار ڪنڊڙي (روهڙي) ۾ آھي.
جن کي عشق اندر ۾، تن کي اڃ نہ بک،
وحدت منجهہ وصال جي، سدا ماڻين سک،
ڏور تنين کان ڏک، جي روحل رتا روح ۾.
(بدوي، لطف الله، (1983)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘، (روحل فقير)، بيت 14، ص: 64)
اھو بيت شاھ لطيف جي ھيٺين بيت جي شرح آھي:
سامِيُنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾،
جَڙي ٻَڌائُون جانِ ۾، پيغامَنِ جا پُورَ،
آديسي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِيا.
(آڏواڻي، ڪلياڻ، (2013ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 15، ص: 325)
روحل فقير، ظاھري مسلمان ۽ ڪفر جي دعويٰ ڪندڙن ۽ مذھب جي نالي ۾ سماجي سرشتي کي ھاڃو رسائيندڙن، الله جي واٽ کان اورانهن کي واضح نموني چيو آھي تہ:
ڪفر ۽ اسلام ۾، ٿا ڀَرن اُبتا پير،
ھڪ ھندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
اَنڌن اوندھه نہ لهي، تن کي سچ چوندو ڪير؟
پر ’روحل‘ راھ پرين جو، جان گِهڙي ڏٺوسين گهير،
تہ رب مڙني ۾ ھيڪڙو، جنھن ۾ ڦند نہ ڦير،
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا سُتي ڪعبة الله ۾!
(بدوي، لطف الله، (1983)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘، (روحل فقير)، بيت 9، ص: 62)
سانوڻ فقير (وفات: 1935ع) :
بيت، سنڌي شاعريءَ جي بنيادي صنف آھي، پر اُھي ڊگها بيت، جيڪي اڪثر نڙ ۽ ڪانيءَ تي آلاپجن ٿا، اھي لوڪ شاعريءَ ۾ لوڪ گيتن جو درجو رکن ٿا، ۽ اُھي بيت عام طور تي ’نڙ جا بيت‘ سڏجن ٿا. نڙ بيتن جي ڪچھرين ۾ انهن کي بيت / بيٿ سڏيو وڃي ٿو. اھي ڊگها بيت، عام سنڌي شاعريءَ جو نج ۽ نادر نمونو آھن، جن ۾ عوامي شاعرن، ٻھراڙيءَ جي عام فھم پر شاھوڪار ٻوليءَ ۾، زندگيءَ جي ھر پھلوءَ ۽ رُخ کي ڳايو آھي.
سانوڻ فقير ۽ سندس ساٿيارين، ڊگهي بيت جي صنف کي نڀايو. سنڌ ۾ سانوڻ جي اسلوب بيان جو گهڻن شاعرن تي اثر پيو. صديق خاصخيلي، توڏو فقير مري ۽ ٻيا سندس ٻالڪا ھئا. مولا بخش خاصخيلي سؤ سيڪڙو کانئس متاثر ٿيو ۽ سندس شاگردي قبول ڪيائين. بچائي فقير رند تي بہ سانوڻ جو اثر ھو، جڏهن تہ پاڻ بہ سانوڻ جو مدمقابل ساٿياري ۽ نامور شاعر ھو. سانوڻ جي ساٿيارين مان الهڏني نوناريءَ ۽ محمود شيخ پنھنجو گس ورتو. نڙ جي بيتن جا ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آھن، پر نڙ جي بيتن ۾ سانوڻ ۽ سندس ساٿيارين کي مرڪزي حيثيت حاصل ھئي.
ھڪ روايت موجب سانوڻ فقير جي پيءُ جو نالو ڪارو ھو، جيڪو تعلقي بدين ۾ ڪڍڻ لڳ پني جو ويٺل ھو. ھُو چار ڀائر ھئا. سانوڻ فقير ذات جو خاصخيلي، اصل ۾ نندي شھر کان چار ميل اتر طرف ڳوٺ شھداد خاصخيليءَ ۾ ويٺل ھو. اندازً 75-1870ع ڌاري ڄائو. سانوڻ مھيني ۾ ڄمڻ ڪري، سندس نالو سانوڻ رکيائين. ننڍي ھوندي نڙ بيت جي ڪچھرين ۾ پھرين ٻين جا بيت ڏيندو ھو. سانوڻ ڏينھن جو مال چاريندو ھو ۽ رات جو ڪچھرين ۾ بيت ڏيندو ھو. مجاز جي مهميز بعد پاڻ شاعري ڪيائين. اوائل ۾ تيرهن سال سانوڻ، ڳوٺ مراد علي خان ٽالپر ۾ رهيو. سندس وفات 1935ع ڌاري ٿي ۽ سندس قبر اوٽيءَ وارن پيرن جي مقام ۾ آھي. (جيڪو ماتلي ۽ ٽنڊي غلام علي جي وچ ۾ موجود آھي). پاڻ پڪيءَ عمر ۾ شاعر ٿيو.
سانوڻ جا بيت رڳو بياني نہ آھن، پر بيان سان گڏ سندس سوز ۽ جذبي جا ترجمان آھن، ان ڪري سانوڻ جا بيت ٻڌندڙن تي وڏو اثر ڪندا ھئا. 1915ع کان 1955ع واري دؤر جي نڙ بيتن جي ڪچھرين ۾ سانوڻ ۽ سندس بيتن جي ھنڌين ماڳين ھاڪ ھئي. سانوڻ وڏي سوز سان بيت ڏيندو ھو. سانوڻ جا بيت وچولي ۽ لاڙ ۾ ايڏا تہ مشھور آھن، جو ورلي ڪو نڙ بيتائي ھوندو، جنھن کي سانوڻ جا بيت ياد نہ ھجن.
”سانوڻ غالباً بيتن جو پھريون شاعر ھو، جنھن ڪچھرين ۾ پاڻ پنھنجا بيت ڏنا. . . . . سانوڻ جا ٻالڪا گهڻا ھئا، پر سندس مکيه راوي علي خان ڪورائي ٿيو، جنھن سانوڻ جا بيت سولا، سوڌا ۽ سھڻا ڪري ڏنا، ۽ ايئن ئي ڏنا، جيئن سانوڻ پاڻ چيا. “ (بلوچ، (1995ع)، مقدمو، ص: 29)
سانوڻ فقير سڄيءَ سنڌ جو سير ڪيو ھو ۽ سڀني ميڙن ملاکڙن ۾ وڃي بيت چوندو ھو. 1918ع جي وڏي بيماريءَ ۾ سانوڻ فقير جي زال ۽ ڀائر گذاري ويا، جن جي غم ۽ سوز ۾ ڏک جا بيت چوڻ لڳو:
سانوڻ تنھنجي سڪ منجهان، آديسي آيو،
ٻائيءَ چيو ٻانهيءَ کي، ويندل ورايو،
مومل توکي ميم جي، آ ساميءَ سڏايو،
تنھنجي ڏسڻ جو آھي، راڻي کي رايو،
آستيءَ آکايو، ستين ڏينھن صبح جو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’نڙ جا بيت‘، ص: 4)
ستين ڏينھن صبح جو، ڪڍي سج ڪني،
آيا مرد الله جا، کڻي سُرڪ سنهي،
رُوندي رڙندي ڪيترو، اچي بندا توتي بني،
مون کان سڱ ڇني، لاھوتي لڏي ويا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)،’نڙ جا بيت‘، ص: 5)
”سانوڻ فقير سياري اونهاري فقط صدري پائيندو ھو، سا بہ بيتن وقت لاھي ڇڏيندو ھو. سخت سرديءَ ۾ بہ بيت چئي، مٿان پاڻيءَ جو گلاس پيئندو ھو. اھڙيءَ طرح پڙيءَ تي ويٺي دلا پاڻيءَ جا پي ويندو ھو ۽ سندس بدن مان پگهر ريلا ڪري وهندو ھو. بيت چوڻ وقت گوڏا ڀڃي اُڀو ٿي ويھندو ھو، بيت ڏئي يڪدم ڀرسان رکيل پاڻيءَ جو ڪاڍو پيئندو ھو. بيت نھايت درد مان ڏيندو ۽ اشارن سان پوري تصوير آڻي اڳيان بيھاريندو ھو. بيتن چوڻ وقت ڪن تي ھٿ رکي ويھندو ھو. ھن جي بيتن ۾ سوز ھو. بيت ڏيندو ھو تہ ماڻهن جا ميڙ لڳي ويندا ھئا. سڄيءَ سنڌ ۾ سندس بيت مقبول ٿيا. ماڻهو مٿانئس رپيا گهوريندا ھئا. “ (بلوچ، (1995ع)، ص: 7)
ھو ھميشہ ’سڙيءَ جو سانوڻ چئي‘، ’سڙي مران سانوڻ چئي‘، ’ساري رات سانوڻ چئي‘، ’سوڙهيءَ ۾ سانوڻ چئي‘، ’سارو ڏينھن سانوڻ چئي‘ جھڙا فقرا ھر بيت جي آخر ۾ چوندو ھو. ھُو تجنيس حرفيءَ جي لحاظ کان شاھ لطيف جي ٻوليءَ جو وارث ھو. ھن جي شاعريءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ ان جو وڏو حصو شاھ لطيف جي سُر وار بيتن وانگر ھو. سانوڻ فقير، سسئي، مومل راڻي، مارئي، ليلان چنيسر، سھڻي ميھار، پورب، مورڙي (گهاتو)، سامونڊي، رامڪلي ۽ سارنگ جي سُرن مان بيت چوڻ کان سواءِ ليليٰ مجنون، جمجما سلطان جي قصن کان سواءِ نبي ڪريمﷺ جي ھرڻيءَ واري معجزي تي بہ ڊگها نڙ بيت چيا آھن.
سانوڻ فقير بيتن جي ٻڌ، جڙاوٽ، تجنيس حرفيءَ ۽ ترڪيبن جي حوالي کان شاھ لطيف کان تمام گهڻو متاثر ھو. خاص ڪري سسئيءَ جي سُر وارن بيتن جي ٻولي، شاھ لطيف جو پڙاڏو معلوم ٿئي ٿي:
سرتيون پرتيون رب کي، آءٌ جا ھلڻ ھاري،
قسمت واڳون ڇڪيون، آءٌ وڃڻ واري،
جيڏيون منھنجي جان ۾، برھ لڳو باري،
عشق جي عذاب کان، منھنجو جانو ۽ زاري،
ساجن سُتي سور جي، مون کي پينگهي ۾ پياري،
ٻاھر ٻاڦ نہ نڪري، اندر ڪان ڪٽاري،
باھ منھنجي بخت لئه، اھا ٻاروچل ٻاري،
ھڪڙيون پٽيون پنڌ جون، ٻي ڪڙهي ٿيس ڪاري،
ھڪڙيون پٽيون پنڌ جون، ٻي برھ بيماري،
ھڪڙيون پَٽيون پنڌ جون، ٻيو ڏونگرن ڏاري،
لتاڙيم لتن سان، وندر جي واري،
ھاڙهي، وندر وچ ۾، توبہ ٻي زاري،
سڱ نہ منھنجو سڦرو ٿيو، جو ڌيءَ ھيس ڌاري،
منھنجا ڪم ڪريم تي، ڪندو مرشد موچاري،
سوڙهيءَ ۾ سانوڻ چئي، اجهو ٿيندو آري،
جنھن پنهونءَ ٿي پاري، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)،’نڙ جا بيت‘، ص:12)
سانوڻ فقير وٽ سٽن جو تڪرار جھڙوڪ: ’هڪڙيون پٽيون پنڌ جون‘، ’سرتيون پرتيون رب کي‘ وغيرہ تمام گهڻو ملي ٿو. شاھ لطيف وارا استعارا ۽ فقرا سندس ھر سُر ۾ ملندا. مثال طور:
سُر سسئي:
سسئي شھر ڀنڀور ۾، تون رڙ نہ ڪي رو،
بيگاني ڀنڀور ۾، تون چلا ڪاٽين ڇو،
پاڻهي ڪيئي پاڻ سان، اھا تعدي تو،
توکي ننڊ نڀاڳ جي، تو سمجهيو نڪي سو،
توکان اُٺ اٿي ويا، گونگا کڻي گوءِ،
سُتي ھئينءَ سيج تي، جت ڇڏي ويا جوءِ،
ڇو سُتي ھئينءَ سيج تي، لاھي لعل لِبوءِ،
ھت تنھنجي ھنج مان، وهاڻيءَ ويو،
سارو ڏينھن، سانوڻ چئي، ھتي ھل ھنگامو ھو،
بخت تنھنجي ڀُل ڪئي، ناھي ڏيرن جو ڏوھ،
کڻي پير پنهل جا، وڃي رندن مٿي رو،
سيڻ تنھنجا سسئي، اجهو ھُو ٿا وڃن ھو،
پرھ ڦٽيءَ کان پوءِ، ھاڙهو ھوت مٽي ويا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’نڙ جا بيت‘، بيت 10، ص: 16)
سُر مومل راڻو:
ڪاڪئون قاصد آئيو، ڪو مومل جو ماڻهو،
تہ وري آءُ وطن تي، ٿيءُ سوڍل! سياڻو،
موٽي اچج مينڌرا! ڪري چڙهي چانڊاڻو،
پانڌي اچي ٿو پنڌ ڪري، جنھن کي ڏنم نول ڀري ناڻو،
رنج ڪڍي اچ روح مان، آءٌ پلئي وجهئين ٿي پاڻو،
لڳي چئي چغلن جي، تون ڇو آھين ڇناڻو،
آءٌ ڪيئن سمھان سيج تي، ڏيئي ولها وهاڻو،
نکٽ سڀ نمي ويا، ٽري ويو ٽاڻو،
ساريندي توکي سوڍا! آھي ڪاڪ بہ ڪوماڻو،
ڄاڻي ڄمايو اٿئي مومل ڏانھن، حرف حقاڻو،
من تو لئي مينڌرا! اڄ وتي منھنجو ويڳاڻو،
”اذا جاء ورتڪ قائما“، اھو گهمي پيو گهاڻو،
سڙيءَ جو، سانوڻ چئي، ڪر نہ مومل سان ماڻو،
اھو امڙ اولاڻو، ڏنو مونکي ڏهاڳ جو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’نڙ جا بيت‘، بيت 121، ص: 59)
سُر مارئي:
ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ٿي نيڻن وهائي نار،
ڪرڙ ڪڪوريا، ڪنڊا موريا، ٽُوهن ڪڍيا ٽار،
ٿڌي ھير، ڪنڊيون ڪشمير، ٿي ڇنن ۾ ڇنڪار،
ٽليون ٽؤنر، ڀڻڪن ڀؤنر، ڪيا گولاڙن گلزار،
ميھا موهر ۾، ونگا وَر ۾، لنگي ڏس ليار،
سانگي منھنجا سنمک سھڻا، ڍِلڪن ڍِليءَ ڍار،
ھٿن ڪھاڙيون، ڳنن ڳاڙهيون، ٽليو وڍين ٽار،
سانگي سويلا، ڇوڙين ڇيلا، ٻڪر سي ٻنيار،
جھانگي جهڻ تي، ڪٽين ڪڻ تي، اڇو جن اوتار،
ڪڙمي ماڻهو ڪک چرو، جن جو وڻن سين واپار،
پرين پھريا، وتن ڳھريا، کٿيءَ جي بہ خمار،
لٽڪيو لڪن ۾، گهيٽا گهٽن ۾، ڳنهيو ڪن ڳٽڪار،
وڃن ويڙهي، اچن ميڙي، ڏوٿي ڏونرن ڏار،
ڀِنيءَ ڀُڻي، ڪَنين سُڻي، ھتي ٿئي ڪونجن جي ڪٽڪار،
نبيسر جون نام ڪٺيون، ھتي سوڍيون ڪن سينگار،
ھيءَ ڪوھ ڪنگالڻ قيد ڪيئي، جنھن جي مالي نامقدار،
ٽوڙي آندئي ٽولي مان، ھيءَ گولي گنهگار،
سا ڪيئن وساري قيدن ۾، پنھنجا ڏوٿيئڙا ڏيهدار،
عمر ساري، ويٺي ويچاري، ڄارين ھيٺ ڄمار،
جيڏين بنا جاڙ جيان، مونکي ماڙين ۾ نہ مار،
مري وينديس ماڙين ۾، ھُت ڇيڄ پڪا چوڌار،
سڻي سڏ، گولي گڏ، تون ھاديءَ لڳ حبدار،
ھيءَ سوالڻ، سانوڻ چئي، تون والي وطن ڏي وار،
اي سومرا سردار! آءٌ باب نہ ھيس بند جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’نڙ جا بيت‘، بيت 164، ص: 74 ۽ 75)
سُر ليلان چنيسر:
ھن سُر ۾ سانوڻ جو ھڪ بيت مليو آھي، جنھن جي آخري سٽ ۾ شاھ لطيف جو فقرو ’دليون پرکي داسڙو‘ ڪم آندل آھي:
عجب رنگ الله جا، سڀ ڏينھن ڏٺم سيئي،
دانهيندي درٻار ۾، مونکي وهامي ويئي،
ڪونهي ڏوھ ڪونرؤ جو، قسمت جا ڪيئي،
سورن جي، سانوڻ چئي، پيٽان آئون پيئي،
اٿئي معلوم مڙيئي، ٿو دليون پرکين داسڙا!
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’نڙ جا بيت‘، بيت 266، ص: 121)
سُر سھڻي ميھار:
ھن سُر جو بہ ھڪ بيت ملي ٿو، جنھن جي پھرين سٽ تي ئي لطيفي اثر آھي:
گهڙو کڻي ھلي گهيڙ تي، وڌس نينھن نهوڙي،
وڏي دؤر درياھ ۾، بيٺي ٻانهياري ٻوڙي،
ڪيائين گُن غريب سان، ڇڏيائين ڇتڙا ڇوڙي،
ڏيو ور ولين تان، ٿي ڊيل اُڀي ڊوڙي،
سينڌ پٽيون، سانوڻ چئي، ٿي جانب لاءِ جوڙي،
تڏهن منهن موڙي، جڏهن لڳيس ناوَڪ نينھن جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’نڙ جا بيت‘، بيت 267، ص: 121)
سُر پورب:
سُر پورب ۾، سانوڻ فقير بہ شاھ لطيف جي پوئلڳيءَ ۾ ’ڪانگ جي ڪانگن‘ جو ذڪر ڪيو آھي:
ڪانگا ٿيندئي ڪانہ ڪا، جيسين نہ ويندين پاڻ،
ھيڪر حبيبن کي، ھلي ڪر تون ڄاڻ،
اچڻ وس عجيبن جو، چوڻ تو جڳاڻ،
ماري ڪُٽي پاڻ کي، ڪيم رَتوڇاڻ،
منهندوڪي محبت لاءِ، ھٿ بہ ھڻندا ھاڻ،
مون سڃيءَ کان، سانوڻ چئي، تون پرين نہ پلاڻ،
ڪھڙي ڪرين واکاڻ، ڪانگا قريبن جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’نڙ جا بيت‘، بيت 289، ص: 129)
(مٿئين بيت تي شاھ لطيف جي چيل بيت ’ڪڍي ڪانگل تو ڏيان، ھِنيو ساڻ ھٿن‘، جو اثر آھي.)
سُر مورڙو (گهاتو) :
ادا گهر نہ آئيا، مورڙا! مانجهي ٿيا مهمان،
آيس پيغام پرين جو، ٻڌائين بات بيان،
ويهڻ جنھن کي وِھ ٿيو، کاڄ نہ کائي خان،
اوڀائي ان سان، ھئا ڪيا نسورا نقصان،
آنا ڀڳا اوڀائي، ڪونہ ڪيائين ڌيان،
ڏسڻ واري ڏٺو پئي، مٿان رب رحمان،
سور مڇ کي، سانوڻ چئي، ھئا قهري اندر ڪانَ،
مڇ سندو مڪان، رهيو ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’نڙ جا بيت‘، بيت 305، ص: 135)
سُر سامونڊي:
سامونڊي سنڀوڙا، جاوي وڃن جام،
ٻيڙا ٻڌل ٻيٽ ۾، غورابن گُدام،
سودي سُتيون سور جون، سفر سنڀوڙام،
ھلڻ ھارا سپرين، پرھ پنڌ پوندام،
وري وڻجارن کي، آيل! دلِ اُڪنڊيام،
پرين ٿي پرديس ويا، تن کي روئي رات رنڊيام،
ھول جي ھنئين جا، ويھي ڇوھ ڇنڊيام،
کامي من خاڪ ٿيو، ويا وڻجارا وٽام،
ويچارا وڻجارا ويا، ڇني سڱ سندام،
ڏاڍا جي ڏکن جا، تن سان ڳنڍ ڳنڍيام،
پکين ۽ پرديسين جا، ڪھڙا مڙھ مقام،
سور پريان سين، سانوڻ چئي، وهاڻيءَ ونڊيام،
ائين چئي چُڪام، اسان اچڻ ايترو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’نڙ جا بيت‘، بيت 311، ص: 147 ۽ 148)
سُر رامڪلي:
لاھوتي لڏي ويا، خيما سڀ کڻي،
بک وڌائون بگرئين، پِني پنج ڪڻي،
ڌاڳا ڌوپ واسيا، ڇتا پين ڇڻي،
توڪل توشو جن جو، تن کان ناھي ڌار ڌڻي،
لڳي ويئي لاھوتين کي، عشق جي اَڻي،
طالب ٿي تحقيق ۾، ھنيائون گُهت گهڻي،
اھا رمز رندن جي، ويئي واحد کي وڻي،
سورن جي، سانوڻ چئي، مون ويٺي ڳالهہ ڳڻي،
پورب ڪري پڻي، لاھوتي لڏي ھليا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’نڙ جا بيت‘، بيت 340، ص: 149)
سُر ڪارايل:
وڃ اُڏامي ھنجڙا، ھت ڇنون ڀريو ڇڇ،
ماڻڪ ۽ موتين جي، اُتي آھي اڇ،
پاڙهيري پھه ڪريو، ٿا ريبيو ھڻن رڇ،
ڦاسايو ڦاھين ۾، ٿا پاپي ڪن پڇ،
ڪرت جن جي ڪُھڻ جي، ڪاني اٿن ڪڇ،
ساھ پٺيان، سانوڻ چئي، آھي بادشاھي بڇ،
ماريو ماريو مڇ، ڀيريو ھڻنس ڀن ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’نڙ جا بيت‘، بيت 376، ص: 160)
اھڙيءَ طرح سانوڻ جي سُرن وارن بيتن جي ٻولي، اسلوب، محاورا، فقرا ۽ ترڪيبن تي شاھ لطيف ڇانيو پيو آھي. ان حوالي سان ٻولي توڙي موضوعن جي لحاظ کان سانوڻ فقير، شاھ لطيف جي اثر کان ٻاھر نڪري نہ سگهيو آھي.
سچل سرمست (1739ع - 1829ع) :
ميان عبدالوهاب ولد ميان صلاح الدين ولد ميان محمد حافظ عرف ميان صاحب ڏنو فاروقي، سن 1152ھ مطابق 1739ع ۾ خيرپور ميرس جي تعلقي گمبٽ جي ھڪ ڳوٺ، ’درازا‘ ۾ جنم ورتو. والدين ۽ سندس ٻيا بزرگ کيس پيار مان ’سچيڏنو‘ سڏيندا ھئا، جنھن جو مخفف ’سچو‘ پنھنجي سنڌي ڪلام ۾ تخلص طور ڪتب آندائين.
ننڍپڻ ۾ ئي سندس پيءُ جو لاڏاڻو ٿيو کيس سندس چاچي عبدالحق پاليو، جيڪو سندس سھرو ۽ مرشد پڻ ھو.
سچل چوڏهن سالن جي عمر ۾، ظاھري علم پرايو. پاڻ ننڍي ھوندي کان فھيم طبيعت جو مالڪ ھو. کيس راڳ ۽ سماع جو گهڻو شوق ھوندو ھو. اھو شوق اڳتي ھلي سندس مستيءَ جو محرڪ ثابت ٿيو، جو سندس تخيل، تصور ۽ جسماني وجود تي صوفياڻي سرمستي غالب رهندي ھئي، جنھن ڪري ھُو موجود موافق توڙي غير موافق شين کان بي نياز ٿي، سراپا رقص ٿي ويندو ھو. اھو ئي سبب آھي جو ھند توڙي سنڌ جي صوفياڻي دنيا ۾ کيس ’سچل سرمست‘۽ ’منصور ثاني‘ ڪري ڄاتو ويندو آھي.
چون ٿا تہ، ھو (سچل) اڃا پنجن ورهين جو ھو تہ شاھ لطيف درازان ۾ آيو ھو. انهيءَ وقت ميان عبدالحق جا پنج پٽ ۽ ميان صلاح الدين جي پٽ ميان سچل فقير کي ڏسي، شاھ لطيف، ميان سچل فقير جي نالي چيو تہ ’هن کي نہ پڙهايو، ڇو جو ھن کي پڙهڻ جي گهڻي ضرورت ڪانهي. ‘ ميان صاحب ڏني ۽ ميان عبدالحق کي چيائين: ’اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آھي، تنھن جو ڍڪڻ ھي ڇوڪر لاھيندو. ‘ اِھا درويشاڻي اڳڪٿي، نيٺ اڳتي ھلي پوري ٿي، جو سچل فقير پنھنجي صوفياڻي ڪلام ۽ منصوري مام جي ڪري، سڄيءَ سنڌ ۽ ھند ۾ مشھور ٿي ويو ۽ راز الاھي ظاھر ڪيائين.
’سَچُو‘ سارو سچ ٿيو، منجهان ڪثرت ڪُلُ،
الف مؤن آدم ٿيو، ڪري ھنگامو ھُلُ،
ھندو مومن سو ٿيو، ڀول نہ ٻئي ڪنھن ڀُلُ،
’خلق الاشياءِ فَھُوَ عينها‘ اِھو آڻ عملُ،
ٿِجُ گلابي گُل، مَرُ مارنئي منصور جان.
(انصاري، عثمان علي، (1982ع)، ’سچل سرمست جو سنڌي ڪلام‘، عنوان: حقيقت، داستان 1، بيت 2، ص: 65)
شاھ لطيف، سُر ڪلياڻ ۾ وحدت الوجود جي راز کي کولي سمجهايو آھي. سچل سرمست جو مٿي ڏنل بيت جو فڪر ۽ قافيي جي بندش ان ڳالهہ جو اھم ۽ واضح ثبوت آھي تہ سچل سرمست، شاھ لطيف جو فڪري ۽ فني اثر ورتو آھي، جيڪو ھن بيت مان نشانبر ٿئي ٿو.
وَحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُ،
حق حقيقي ھيڪڙو، ٻوليءَ ٻيءَ مَ ڀُلُ،
ھُو ھلاچو ھُلُ، باالله سندو سڄڻين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 18، ص: 69)
روايت آھي تہ شاھ لطيف ان کان اڳ بہ درازان ۾ آيو ھو، تڏهن ميان صاحب ڏنو، شھر جي ٻاھران کٻڙن جي ھيٺان ھڪڙي غار ۾ رهندو ھو. شاھ لطيف، ميان صاحب ڏني کي سمجهايو تہ، يار کي لڪائڻ نہ گهرجي ۽ نيٺ ٻاھر وهاريائينس ۽ پوءِ اُتي اوتارو بہ ٺھرايائون ۽ کوهي بہ کوٽيائون. انهيءَ ھنڌ تي ھاڻي قبا ۽ مسجد بيٺل آھي. ان روايت مان ظاھر ٿئي ٿو تہ شاھ لطيف جي سچل سرمست جي وڏڙن سان محبت ۽ صحبت ھوندي ھئي ۽ انهيءَ روحاني قربت جو اثر ھو، جيڪو سچل لاءِ فڪري محرڪ بڻيو جو سندس سنڌي، سرائڪي، پنجابي، فارسي ۽ اردو ڪلام ’وحدت الوجود‘ جو نمائندو آواز ٿي اڀريو ۽ ’اناالحق‘ جي گونج عالم ۾ آشڪار ٿي.
پٺيءَ ڄَڃَ نہ ڄُل، منجهہ تماشي نہ پوين،
گهوٽُ ڪري تون پاڻ کي، ڪر ھنگاما ھُلُ،
ڀول نہ ٻئي ڪنھن ڀُلُ، وٺجِ حال حلاج جو.
(انصاري، عثمان علي، (1982ع)، ’سچل سرمست جو سنڌي ڪلام‘، عنوان: وحدت، داستان 1، بيت 5، ص: 43)
وحدت الوجودي فڪر جو بنياد يا محرڪ پاڻ سڃاڻڻ آھي. خود آگاھيءَ کي، خدا آگاھيءَ جو سرچشمو سمجهڻ سان انسان جي محدود وجود کي ڪائناتي وسعت ملي وڃي ٿي ۽ انساني برابريءَ جو آدرشي معاشرو جڙي پوي ٿو، جنھن لاءِ دنيا واجهائي رهي آھي.
شاھ لطيف، وحدت الوجودي فڪر جو اُھو بي انت سمنڊ آھي، جنھن ۾ کانئس پوءِ جي شاعرن بي بھا موتين جھڙا خيال ڳولي لڌا آھن. انهن مان سچل سرمست جي سڃاڻ بيحد نرالي آھي، ھو بيباڪيءَ سان انهن خيالن جو اظھار ڪري ٿو، جن کان ٻيا شاعر پاسو ڏيئي گذري وڃن ٿا. سچل سرمست فرمائي ٿو:
پاڻ پنھنجو پاڻهي، صُورت منجهہ سڃاڻ،
الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،
تون ئي ٻڌندڙ، تون ئي ڏسندڙ، شاھد آ قرآن،
ناھي شڪ گمان، ’سچو‘ سائين ھيڪڙو.
(انصاري، عثمان علي، (1982ع)، ’سچل سرمست جو سنڌي ڪلام‘، مقدمو، ص: 20)
سچل سرمست جي سدا حيات پيشرو، شاھ لطيف انهيءَ خيال کي سسئي پنهونءَ جي تمثيل ۾ نھايت زيبائتي نموني اظھاريو آھي:
پيهِي جان پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِهاڻِ،
تہ نَڪو ڏُونگَرُ ڏيھ ۾، نَڪا ڪيچِيَنِ ڪاڻِ،
پُنهُون ٿِيَسِ پاڻِ، سَسُئِي تان سُورَ ھُئا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 5، بيت 2، ص: 303)
وحدت الوجود جي فڪر سان واسطو رکندڙ ٻنهي عظيم صوفي شاعرن جي بيان جي اظھار ۽ ٻوليءَ جي استعمال کي ڏسجي تہ سچل جي اظھار ۾ بيان سادو ۽ گهڻي ڀاڱي سڌو سنئون يا بياني آھي. استعاري جو استعمال پڻ گهٽيل آھي، جنھن جي ڪري بيان اثرائتو ھجڻ جي باوجود، روح جي انهن گهرائين کي نٿو ڇُھي، جن تائين شاھ لطيف جي رسائي آھي.
’سچل سرمست جو سنڌي ڪلام‘ جي مرتب عثمانعلي انصاري، ٻولي ۽ لهجي جي انهيءَ تبديليءَ بابت ھن ريت لکي ٿو: ”سچل سرمست جو زمانو سنڌي شاعريءَ جو ھڪ اھڙو ارتقائي دؤر ھو، جنھن ۾ سنڌي شاعريءَ بہ پنھنجو پاسو ورائڻ ٿي گهريو، چناچھ، ’وائيءَ‘ جي جاءِ ’ڪافي‘ اچي ورتي ھئي. ٿورو گهڻو غزل جو بہ رواج پئجي چڪو ھو، زبان بہ پنھنجو روپ ڦيرائي رهي ھئي. ڀٽائيءَ واري زماني جا ڪيئي لفظ متروڪ ٿي چڪا ھئا. وڏي ڳالهہ تہ تخيل جي اونهائي گهٽبي ٿي ويئي ۽ زبان جي چسڪي تي وڌيڪ زور ٿي ڏنو ويو. “ (انصاري، 1982ع، ص: 3)
عثمان علي انصاري وڌيڪ لکي ٿو: ”سرمست جو ڪلام تمام گهڻو ھو، جو زماني جي خورد بُرد ھيٺ اچي ويو. تنھن کان پوءِ بہ جيڪي ڪجهہ ھن وقت بہ سنڌي دنيا ۾ موجود آھي، سو بہ ايترو آھي جو ٻئي ڪنھن ھڪ شاعر جو ايترو ڪلام موجود نہ آھي: مثلاً، ’سچل جو سنڌي رسالو‘، جنھن ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي ڏوهيڙا، ٽيھ اکريون، ڪافيون ۽ جهولڻا درج ٿيل آھن؛ ’ديوان آشڪارا‘، ’راز نامو‘ ۽ ’رهبر نامو‘ سمورو فارسي ڪلام آھي. ’قتلنامو‘، ’گداز نامو‘، ’تار نامو‘، ٽيئي محبت جي نھايت باريڪ نڪتن جا بياض آھن. “ (انصاري، 1982ع، ص: 3)
سچل سرمست جي سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام ۾ لڳ ڀڳ 1338 ڪافيون، 10 سھ حرفيون ۽ سنڌي بيت شامل آھن، جن ۾ ’وحدت‘ ۽ ’حقيقت‘ جي عنوانن کان پوءِ، سسئي، نوري، مارئي، مومل راڻو، پورب، سارنگ، ھير رانجهو، جوڳ مالڪوس ۽ ’متفرقہ ڪلام‘ جي عنوانن سان بيتن جي ترتيب ڏني وئي آھي.
سچل سرمست کي، راڳ ۽ سماع جو بيحد ذوق ھوندو ھو. ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو بہ ھو ۽ طنبورو بہ وڄائيندو ھو. راڳداريءَ بابت کيس پڪي پروڙ ھئي. ڳائڻ مھل پھرين پنھنجي ڏاڏي ميان صاحب ڏني فاروقيءَ جو ڪلام چوندو ھو.
خيرپور جو حاڪم، مير رستم علي خان، سچل جي ذوق کي ڏسي، محفلون سجائيندو ھو، جنھن ۾ سچل، روح سان گڏ اکيون بہ ٿڌيون ڪندو ھو، ۽ ڏسندي ڏسندي رقص ڪرڻ لاءِ اٿي بيهندو ھو ۽ مٿس وجد طاري ٿي ويندو ھو. تڏهن سندس عمر اسي سالن کان بہ مٿي ھئي. سنڌ جي منصور، سچل سرمست ڪُل ستاسي ورهيه حياتي ماڻي ۽ 14 رمضان المبارڪ 1242ھ مطابق 1826ع ۾ ھن فاني دنيا کان موڪلايو.
پانهنجي رائي پِرين، نَوي ورهيه نروار ھو،
وصل جي پوءِ موج ماڻي، ذوق جو ذُخُار ھو.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ’ديوان بيدل‘، ڪافي روپ جهنگلو 69، ص: 137)
شاھ لطيف حقيقي محبوب بابت، راز و نياز ۽ قربت کي يعني معرفت جي مامَ کي لِڪ ۽ ڳُجھ ۾ بيان ڪيو آھي. اِن معاملي ۾ شاھ لطيف ٻاھر ٻاڦ نہ ڪڍڻ جو قائل آھي:
نِهائِينءَ کان نينھن، سِکُ منھنجا سُپِريِن!
سَڙيٖ سارو ڏينھن، ٻَھَر ٻاڦَ نَه نِڪِري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رپ، داستان 2، بيت 17، ص: 742)
پر سچل سرمست، حقيقت ۽ معرفت جو بيان بلڪل برملا ۽ بيباڪيءَ سان اظھاريو آھي:
طبل وڄائج وحدت وارو، غازي ڇڏ گدائي،
ھيڏي ھوڏي تون ئي آھين، ڪانهي جاءِ جدائي،
’الانسان سرِّي وَ اَنا سِرّه‘، آھين خاص خدائي،
بر بحر تي تنھنجو ’سچا‘، آھي سير سدائي.
(انصاري، عثمان علي، (1982ع)، ’سچل سرمست جو سنڌي ڪلام‘، مقدمو، ص: 19)
”پنھنجي ذات لڪائي، ڪيئن ٻي ذات سڏايان،
اعليٰ اعظم شان جي، نوبت نينھن وڄايان،
منصوريءَ جي موج ۾، ٿو اناالحق الايان. “
(انصاري، عثمان علي، (1982ع)، ’سچل سرمست جو سنڌي ڪلام‘، مقدمو، ص: 18)
ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاھ، پنھنجيءَ تصنيف، ’شاھ جي شاعريءَ ۾ استعارہ ۽ تشبيھ نگاريءَ جو تحقيقي جائزو‘ ۾، شاھ لطيف ۽ سچل سرمست جي استعاري ۽ تشبيھ جي ھڪجھڙائين تي نظر وجهندي لکي ٿي تہ، ٻنهي بزرگ شاعرن جي ڪلام جو موضوع ساڳيو يعني تصوف ۽ وحدت الوجود جي نظريي جي تشريح آھي، باقي سچل سائينءَ تي شاھ لطيف جي اسلوب ۽ استعمال ٿيل شعري صنعتن جو ڪو خاص اثر نہ ٿيو آھي، البت رومانوي قصن جي تمثيلي بيان ۾ سچل، شاھ لطيف جي تقليد ڪئي آھي. اھو حسن اتفاق چئجي تہ سچل سائين، شاھ لطيف وانگر سڀ کان گهڻو ڪلام سسئي پنهونءَ جي داستان ۾ چيل آھي، جيڪو يارهن داستانن تي ٻڌل آھي ۽ ھر داستان ۾ اٽڪل ٽيهن کان پنجٽيھ بيت ۽ ويھن کان پنجويھ ڪافيون چيل آھن. جڏهن تہ شاھ لطيف، سسئي پنهونءَ جي رومانوي قصي بابت پنج سُر (سُر سسئي آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري ۽ سُر حسيني) چيا. مجموعي طور، شاھ لطيف جي ڪُل ڪلام جو چوٿون حصو سسئي پنهونءَ بابت آھي.
شاھ لطيف، ’سسئيءَ‘ جي تمثيل ۾، انسان جي غفلت، غفلت جي نتيجي ۾ پڇتاءُ ۽ پڇتاءَ جي احساس ۾ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ ۽ پنھنجي جذبي ۽ حوصلي کي سلامت رکڻ ۽ مقصد جي حاصلات لاءِ پنھنجي جان قربان ڪرڻ جو مثالي نُڪتو سمجهايو آھي، جيڪو انسان جي سماجي توڙي روحاني زندگيءَ جي عظمت جو دليل پڻ آھي.
شاھ لطيف جي سسئي، پنھنجين ساھيڙين کي چئي ٿي:
وريتيون ورو، آئون نہ ورندي وَرَ ري،
جاڏي ھن جبل جو، تانگهينديس ترو،
جتن ساڻ ذرو، نينھن نبيرڻ نہ ٿئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 4، بيت 7، ص: 298)
سچل سرمست جي سسئيءَ جو بيان گهڻو مختلف نہ آھي:
راتو ڏينھان رَتُ، اوتڻ آيم اُن ري،
آيل عشق عليل ۾، شال نہ پوي قَطُ،
جبل سڀ جهاڳي وڃي، جيڏيون ڏسان جَتُ،
ھِن مُئيءَ جو مَتُ، پوي مذڪور پرين ۾.
(انصاري، عثمان علي، (1982ع)، ’سچل سرمست جو سنڌي ڪلام‘، عنوان: سسئي، داستان 1، بيت 13، ص: 87)
سچل سرمست، سسئيءَ جي ڪلام ۽ ڪردارن ۽ ماڳن جي استعاراتي استعمال ۾ پڻ، شاھ لطيف جو اثر قبوليو آھي. ڪيچ، ڀنڀور، ھوت، ڪوهيارو، پنهون، سسئي، ٻروچ، آرياڻي، وندر، جتُ، ڏونگر، وڻڪار، ڇپر، ڪميڻي، نماڻي ۽ انيڪ ٻيا لفظ جيڪي شاھ لطيف، سسئيءَ جي مڙني سُرن ۾ استعاري طور ڪم آندا آھن، اھي سچل سرمست پڻ نہ رڳو استعمال ۾ آندا آھن، پر انهن جو مقصد بہ ساڳيو شاھ لطيف وارو قائم رکيو آھي.
مثال طور شاھ لطيف فرمائي ٿو:
پيهي جان پاڻَ ۾، ڪَيِمِ رُوحَ رِهاڻِ،
تہ نَڪو ڏونگُر ڏيھ ۾، نَڪا ڪيچِيَنِ ڪاڻِ،
پُنهُون ٿِيَسِ پاڻِ، سَسُئِي تان سُورَ ھُئا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 5، بيت 2، ص: 303)
سچل سرمست، شاھ لطيف جي فڪر جو ھن ريت اثر ورتو آھي:
پيهي پروڙيم، تان پنهون پاڻ ئي آھيان،
پاڻ ئي منجهان پاڻ کي، ھيءُ پڙلاءُ پيوم،
صحيح ڪن ڪيوم، تہ غيرگمان اٿي ويا.
(انصاري، عثمان علي، (1982ع)، ’سچل سرمست جو سنڌي ڪلام‘، عنوان: سسئي، داستان 6، بيت 25، ص: 128)
نوري ڄام تماچيءَ جي رومانوي داستان کي شاھ لطيف سُر ڪاموڏ ۾ بيان ڪيو آھي، جڏهن تہ سچل سرمست انهيءَ داستان جو نالو ’نوري‘ ئي رکيو. سچل سرمست نوريءَ جي تمثيل ۽ استعاري جي استعمال ۾، شاھ لطيف جو ئي پيچرو ورتو آھي. ھڪ بيت تہ بلڪل ھڪجھڙو ملي ٿو، جيئن شاھ لطيف فرمايو آھي:
مهاڻيءَ جي من ۾، نہ گيربُ، نہ گاءُ،
نيڻن سين ناز ڪري، ريجهايائين راءُ،
سمون سڀن مُلاءُ، ھيريائين حرفت سان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 1، بيت 20، ص: 623)
مهاڻيءَ جي مَن ۾، نہ ھو گيرب گاءُ،
نيڻن سان ناز ڪري، ريجهايائين راءُ،
سمو سڀني کانءُ، وٺي ويٺي پاڻ سان.
(انصاري، عثمان علي، (1982ع)، ’سچل سرمست جو سنڌي ڪلام‘، عنوان: نوري، داستان 4، بيت 11، ص: 224)
وطن دوستيءَ جي عظيم ڪردار، ’مارئيءَ‘ کي، شاھ لطيف، سنڌ جي تاريخ جو امر ڪردار بڻائي ڇڏيو. ايندڙ ھر دؤر جي ھيڻي ۽ بيوس انسان کي، ’مارئيءَ‘ جي ڪردار مان اُتساھ ۽ رهنمائي حاصل ٿيندي. اھو شاھ لطيف جي تخيل ۽ وطن سان محبت جو ڪمال آھي. مارئي، شاھ لطيف کان اڳ، شاھهعنات رضويءَ جي امر ڪلام جو ڪردار پڻ بڻي تہ شاھ لطيف کان پوءِ سچل سرمست بہ مارئيءَ جي وطن دوستيءَ جي ڪردار کي اڀاريو، پر ان جو استعارو اھو ئي شاھ لطيف وارو ڪتب آندائين ۽ گڏوگڏ ڪٿي اھڙيون ھڪجھڙايون نظر اچن ٿيون، ڄڻ تہ سچل جي ڪاتبن کان ڪا خطا ٿي وئي ھجي. مثال طور شاھ لطيف فرمائي ٿو:
عمر! اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪن،
جنين جا ٿرن ۾، وَرَ ٿا ويڻَ سھِن،
ھوءِ جي حق ڀڃنِ، سي ڪيئن ستيون سومرا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 12، ص: 568)
جڏهن تہ سچل سرمست جو ھيٺيون بيت واضح طور تي شاھ لطيف جي اثر کي نشانبر ڪري ٿو:
ڪيئن ڪاڻياريون ڪَنِ، ڪپڙا اڇا عمر ڄامَ؟
ٿين پنهواريون پٽ ۾، مهڻي ھابُ مُدام،
آھيان سومرا تو سامَ، تہ لوئيءَ جي لڄ رهي.
(انصاري، عثمان علي، (1982ع)، ’سچل سرمست جو سنڌي ڪلام‘، عنوان: مارئي، داستان 7، بيت 15، ص: 270)
سنت نيڻو رام (1898ع - 1973ع) :
سنت شرومڻي نيڻو رام ٿر جو آدرشي ڪردار ھو، جنھن پنھنجي سڄي حياتي علائقي جي ڀٽڪيل ماڻهن کي سچائي، نيڪي ۽ ڀائپيءَ جي راھ ڏيکاري. صوفي منش سنت نيڻو رام پٽ شري مينگهو رام لوهاڻو جو جنم1898ع ڌاري ٿر جي مشھور شھر اسلام ڪوٽ ۾ ٿيو.
سنت نيڻو رام جو پِتا سندس ڄمڻ کان ڪجهہ مھينا اڳ ڌيانت ڪري ويو ھو ۽ سندس ماتا مينگها ٻائي بہ سندس جنم کان ڇھَ مھينا پوءِ ھن فاني جھان مان موڪلائي وئي، جنھن کان پوءِ سندس پالنا ۽ سار سنڀال جي ذميواري سندس چاچي لکو رام نڀائي. لکو رام راجسٿان جي ڳوٺ ’سارلا گام‘ ۾ رهندو ھو، جتي سندس سيڌي جو دڪان ھو.
1908ع ڌاري ڪاڪي لکو رام سندس پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي دنيوي وهنوار ۾ مصروف ڪري ڇڏيو ۽ کيس دڪان جي ذميواري ڏئي ڇڏي.
سنت نيڻو رام ننڍپڻ کان ئي ويدانيت ڏانھن مائل ھو، ان ڪري دنيا جي حسناڪين ڏانھن اک ئي نہ کنيائين، پر پوءِ بہ جياپي جي مصلحت جي ڪري ڪافي سال دڪان جي ڪِرت ۾ رُڌل رهيو. ڳوٺ سارلا گام جي ويجهو ڪيڪڙ ڳوٺ ھو، جتي گرو ڪنيرام جکڙ جو ’آشرم شيوا ڀاؤ‘ ھو، جنھن جي سڄي تَر ۾ وڏي ناماچاري ھئي ۽ وڏي خلق ڏانھس اکيون پَير ڪري ايندي ھئي ۽ پنھنجي مَن جون مرادون ماڻيندي ھئي.
گرو ڪنيرام جي آشرم سان لاڳايپل ساڌن جو سٿُ تيرٿ ياترا جي ارادي سان نڪري اچي ڳوٺ سارلا گام ۾ ڪجهہ دير ترسيو. سنت نيڻو رام ساڌن جو درشن ڪيو ۽ سندس مَن ۾ تيرٿ ياترا ڪرڻ جي خواھش ڪَرُ کنيو. سنت نيڻو رام، انهن ساڌن سنتن سان گڏجي ڪاشي، مٿرا، بندرابن، گوڪل، جگنناٿ، گرنار، ھردئار، دئارڪا ۽ بدري ناٿ جھڙي اڻانگي آسٿانن جي ياترا ڪئي ھئي، جنھن تائين پھچڻ لاءِ جبلن جي مٿاھين چوٽين مان ننڍا سوڙها پيچرا ھئا. جبلن تان ھلڻ وقت ٿورو پير ترڪي پوي تہ ھيٺ وڏي کاھيءَ ۾ ڪري پوڻ جو خطرو ھو. ساڌن سنتن سان گڏيل تيرٿ ياترا کان موٽندي سنت نيڻو رام کي ڪيڪڙ ڳوٺ ۾ گرو ڪنيرام جو درشن نصيب ٿيو ۽ کيس ايترو دل جو سڪون مليو جو کين پنھنجو گُرو ڪيائين.
سنت نيڻو رام 15 سال کن گروءَ جي شيوا ۾ گذاريا. مگهن لال شرما پنھنجي مضمون ’ٿر جو آدرشي رشي سنت نيڻو رام‘ ۾ لکي ٿو، سنت نيڻو رام سال ۾ ھڪ ٻہ ڀيرا پنھنجي ڳوٺ اسلام ڪوٽ پيا ايندا ھئا ۽ پوءِ واپس گروءَ جي آشرم ’ڪيڪڙ گام‘ ۾ وڃي رهندا ھئا، جڏهن پاڻ چاليھ سالن جي عمر جا ٿيا، تڏهن گروءَ جي آگيا سان اچي اسلام ڪوٽ ۾ رهيا.
مٿين لکت موجب اِھا ڳالهہ ظاھر ٿئي ٿي تہ، ساڌن سنتن سان گڏ تيرٿ ياترا ڪرڻ وقت سندس عمر لڳ ڀڳ 24 يا 25 سال ھئي. اِن حوالي سان ڏسجي تہ ٻن عظيم عارفن ۽ صوفين شاھ لطيف ۽ نيڻو رام ۾ ساڌن سامين، جوڳين ويراڳين سان گڏ تيرٿ ياترا لاءِ نڪرڻ وقت عمر جي ھڪجھڙائي ھئي، ۽ ٻئي ڦوھ جوانيءَ ۾ جوڳين ۽ ويراڳين جي ساٿ سان نڪتا ھئا.
سنت نيڻو رام، اسلام ڪوٽ ۾ اچڻ کان ڪجهہ سال پوءِ 1944ع ڌاري ’پُورن ڀارتي آشرم‘ ۾ رهڻ لڳو، جيڪو ڀوانيگُر نالي ٻائي جو ھو، پر ھُو انهيءَ سال ھنگلاج ماتا ڏانھن ياترا تي ويو ھو، جتان پوءِ سندس واپسي نہ ٿي سگهي ھئي. سنت نيڻو رام جي ’پورن ڀارتي آشرم‘ بابت سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو اديب ولي رام ولڀ پنھنجون ساروڻيون ساريندي ڪتاب ’سنت نيڻورام جو جيون چرتر‘ ۾ پنھنجي مضمون ’هُو اڄ بہ دلين ۾ ڌڙڪي ٿو‘ ۾ لکي ٿو: ”1964ع دوران جڏهن ٻيلي کاتي ۾ نوڪري ڪندو ھوس تہ اسلام ڪوٽ جي واحد تفريح گاھ سنت نيڻو رام جي آشرم ۾ ستسنگ ٻڌڻ لاءِ ڪڏهن اڪيلو تہ ڪڏهن وري ٻين دوستن سان گڏجي ھليو ويندو ھوس. سچ پڇو تہ اھو آشرم ويرانيءَ ۾ بھار يا ريگستان ۾ نخلستان جو ڏيک ڏيندو ھو (۽ اھو اڄ بہ ڏسڻ وٽان آھي) آشرم جو اڱڻ صاف سٿرو، وچ ۾ پاڻيءَ جي گڏ ٿيل ذخيري جو تلاءُ، آس پاس ۾ پکين جي پيئڻ لاءِ ڪونڊين ۾ پاڻي، اَنُ چُڳڻ لاءِ جدا ٿَلهو، ڳائي مال ۽ ٻين جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ھوديون ۽ مٿان وري پکين جي دلفريب چُون چُون ۽ مورن جو ڊيلن اڳيان ناچ. ڪنھن پراڻي زماني جي رشيءَ جي آشرم جھڙو لڳو ھو. “ (شرما، 2008ع، ص: 22)
ولي رام ولڀ، سنت نيڻو رام بابت ھن ريت خيال جو اظھار ڪيو آھي، سنت نيڻو رام آشرم ۾ پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ پاڻمرادو پيو پُستڪ واچيندو ھو. . . ڪڏهن ڪبير ڀڳت، دادو ديال، شاھ لطيف، بلهي شاھ جا بيت، ڀڄن، شبد، واڻيون ۽ ڪافيون وڏي آواز سان، سُر ۾ بي سُڌ ٿي ڳائيندو ھو ۽ جهومندو ھو، پر ميران ٻائيءَ جا گيت ڳائيندي ايئن نچندو ھو، جيئن ھوءَ پنھنجي گرڌر گوپال اڳيان ڳائيندي نچندي ويندي ھئي.
سنت نيڻو رام جي ڪلام ۾ ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي شاعرن: سور داس، ميران ٻائي، ڪبير ڀڳت، تلسيداس، شاھ لطيف، سچل سرمست، روحل فقير، حمل فقير، سامي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، بلهي شاھ، بابا فريد ۽ ٻين جو ذڪر ملي ٿو، جنھن مان سندس وسيع مطالعي جي پروڙ پوي ٿي. سنت نيڻو رام جي شاھ لطيف سان بيحد روحاني عقيدت ۽ محبت ھئي. ھُو شاھ لطيف کي اُڪير مان ’اسان جو ٻڍڙو‘ ڪري چوندو ۽ ياد ڪندو ھو. ’شاھ جو رسالو‘ وٽن ھميشه موجود ھوندو ھو، جنھن جو اڀياس پيو ڪندو ھو.
ولي رام ولڀ ان حوالي سان لکي ٿو: ”هڪ ڏينھن آئون جڏهن وٽس سندس ڪُٽيا ۾ لنگهي ويس. . . ڀرسان ئي جاري ۾ ڪجهہ ڪتاب رکيل نظر آيم تہ رهي نہ سگهيس ۽ پڇي ورتم تہ اھي ڪھڙا ڪتاب آھن؟ پاڻ اٿي ھڪ ڪتاب کنيائين ۽ چيائين تہ ھيءُ شاھ جو رسالو آھي. پوءِ تہ رسالو کولي ڪجهہ بيت سُر ۾ ڳائي ٻڌايائين، جيڪي ياد اٿم تہ اُھي سُر رامڪليءَ مان ھئا، جن ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر ھو. “ (شرما، 2008ع، ص: 23)
سنت نيڻو رام پنھنجي ھڪ سلوڪ ۾ شاھ لطيف سان انسيت جو اظھار بيحد عقيدت ۽ اتساھ مان ڪيو آھي:
سُورداس، ميران، مون ڏٺو ڪبيرو،
ڀِٽَ تي ڀٽائي، ڏنو جن ذرو ذرو،
نيڻو تي ٿورو، آھي انهن گفتن جو.
(موٽواڻي، ھيمن ڪمار، (2012ع)، ’نيڻو جا نسخا‘، پستڪ 1، بيت 27، ص: 15)
مگهن لال شرما، سنت نيڻو رام جي فڪر ۽ حاصلات بابت لکي ٿو: ”سندس ذھن ۾ ھزارن ساڌوئن جو ذھني ۽ روحاني نچوڙ ھو. ٽي درجا سنڌي پڙهڻ بعد ھندي، گجراتي، سنسڪرت جي وِديا (تعليم) حاصل ڪئي ۽ سندس سوچ ۽ عمل ھندو جاتيءَ جي صدين جي پٺتي پيل انسانن لاءِ بنا مت ڀيد شيوا جو آدرش ڏئي، پنھنجي سوچ ۽ ڏاھپ جي چِڪايل عطر جي انساني ذھنن ۾ ھٻڪار پيدا ڪئي ۽ اھڙيءَ ريت ٿر جي وارياسي ۾ امرتا ماڻي. “ (شرما، 2008ع، ص: 41)
سنت نيڻو رام 15 سيپٽمبر 1973ع تي لاڏاڻو ڪيو. سندس ڏيوري اسلام ڪوٽ ۾ آھي، جتي ھر سال ’سنت نيڻو رام آشرم ٽرسٽ‘ پاران ڏڻ (ٽيج) ملهايو ويندو آھي.
سنت نيڻو رام جو جنم، شاھ لطيف جي وصال کان لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ سال پوءِ ٿيو، پر انسانيت جي ڀلائي ۽ سماجي تبديليءَ جي شعور جي لاٽ، جيڪا شاھ لطيف ’شاھ جو رسالو‘ جي صورت ۾ روشن ڪئي، اُھا سنت نيڻو رام جي ذھن ۽ ضمير، قلب ۽ روح لاءِ اُجالو ثابت ٿي، جنھن جو ثبوت سندس چيل سلوڪ آھن، پر عجب جھڙي ڳالهہ آھي تہ اُھي ادبي تاريخ جي ڪنھن بہ مؤرخ جي تذڪري ۾ نہ اچي سگهيا آھن، جيتوڻيڪ سندس سلوڪ علمي ۽ ادبي معيار موجب آھن.
سنت نيڻو رام جو ڪلام ھزار کن سلوڪن تي ٻڌل آھي، جيڪو قلمي صورت ۾ موجود آھي. اھو چوڻ آھي سندس ھڪ ذھين عقيدتمند ھيمن ڪمار موٽواڻيءَ جو، جنھن 2012ع ۾ ٽن ڪتابڙن ۾ ’نيڻو رام جا نسخا‘ جي عنوان سان 680 سلوڪ شايع ڪرايا آھن ۽ انهن جي مختصر معنيٰ بہ لکي آھي. ھي ڪتابڙا ’سنت نيڻو رام آشرم ٽرسٽ اسلام ڪوٽ‘ جي نگران ڪاڪي خوشحال وسنداڻيءَ جي دلچسپيءَ ۽ اجازت سان پھريون ڀيرو 2013ع ۾ پڌرا ٿيا ۽ عام خلق کي سنت جي ڪلام پڙهڻ ۽ پُرجهڻ جو موقعو مليو.
’نيڻو رام جا نسخا‘ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي تہ، سنت نيڻو رام جي ڪلام تي خيال ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان ڀائي چينراءِ لنڊ سامي ۽ موضوعاتي اظھار ۽ فڪري اعتبار کان شاھ لطيف جو اثر نمايان آھي. ان لحاظ کان سنت جو ڪلام ويدانت ۽ وحدت الوجود جو سيبائيندڙ ميلاپ آھي. جيئن شاھ لطيف جي ’سُر ڪلياڻ‘ جي پھرين بيت جي پھرين سٽ ’اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي‘ جي تتبع تي سنت نيڻو رام جي پھرين بيت جي پھرين سٽ ھن ريت آھي:
پھرين پرڀو پاڻَ، ساري منجهہ سنسار.
(موٽواڻي، ھيمن ڪمار، (2012ع)، ’نيڻو جا نسخا‘ پستڪ 1، بيت 1، ص: 5)
شاھ لطيف وحدت الوجود جي فڪر کي عام فھم انداز ۾ سمجهائيندي فرمايو آھي تہ:
ايڪ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيين ڪَڻِس ڳِڙکيون،
جيڏانھن ڪريان پَرَکَ، تيڏانھن صاحب سامُهون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 23، ص: 70)
نيڻو رام ان بيت جو اثر وٺندي، ڄڻ تہ ان جو ترجمو ڪيو آھي:
مَحَلُ اٿيئي ھڪڙو، دريون در سَوَ.
(موٽواڻي، ھيمن ڪمار، (2012ع)، ’نيڻو جا نسخا‘، پستڪ 3 ۽ 4، بيت 487، ص:57)
يا ساڳئي بيت جي اثر ۾ سنت فرمائي ٿو:
”عقل سين ويچار، تہ صاحِبُ سڀ جو ھيڪڙو،
نظر ڪر چوڌار، ’نيڻو‘ صاحب سڀ جي سامهون. “
(موٽواڻي، ھيمن ڪمار، (2012ع)، ’نيڻو جا نسخا‘، پستڪ 2، بيت 209، ص:65)
شاھ لطيف فرمائي ٿو:
ڪوڙيين ڪايائُون تنھنجيون، لِکَنِ لَکَ ھزار،
جِيءُ سڀ ڪنھن جِيءَ سين، دَرَسَن ڌارو ڌارُ،
پِرِيَمِ تنھنجا پار، ڪھِڙا چَئِي ڪيئن چُوئان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 24، ص: 70)
سنت نيڻو، شاھ لطيف جي فڪر توڙي فن جو اثر وٺندي لکيو آھي:
ھزار رُوپ ھِڪَ، آھي پُورڻ پَرماتما،
پنھنجو پاڻُ وِرهائي، ٿيو اَنيڪَ آتما،
’نيڻُو‘ پوءِ بہ اَجَنما، آھي شڪتي اُن جي.
(موٽواڻي، ھيمن ڪمار، (2012ع)، ’نيڻو جا نسخا‘، پستڪ 3 ۽ 4، بيت 416، ص:33)
شاھ لطيف سُر رامڪليءَ ۾ ’گل‘ کي گودڙين يا سامين جي لاءِ مستعار ڪري ’ڪثرت مان وحدت‘ جي فڪر کي نھايت ئي سلوڻائپ سان سمجهائيندي چوي ٿو:
گُل گُل پَسي گودڙيا! گهڻا مَ ڀانئيج،
سوئي سڃاڻيج، ھِي ھُو آھي ھيڪڙو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘ سُر رامڪلي، داستان 9، بيت 36، ص: 824)
سنت نيڻو رام تصوف جي انهيءَ ساڳئي نڪتي کي اظھارڻ لاءِ شاھ لطيف جي مٿين بيت جو اثر قبوليو آھي، جيتوڻيڪ اُن ۾ سنت ھندو ڌرم جي ماحول جي مطابقت ۾ خاص لهجو اختيار ڪيو آھي:
ڪاشِيءَ تي گهاٽ، ايترا آھن گهڻا،
ماڻهو ٿو منجهيو پوي، ڏسي ٻانڀڻ ٺاٺ،
نيڻُو تن اَڻاٺَ، آھي اندر رام جي.
(موٽواڻي، ھيمن ڪمار، (2012ع)، ’نيڻو جا نسخا‘، پستڪ 2، بيت 279، ص:47)
سنت نيڻو رام جو ڪلام الفاظ (Diction) توڙي ماحول جي لحاظ کان ھندو ڌرم جي عڪاسي ڪري ٿو، پر گڏوگڏ انهيءَ ۾ اھڙا انيڪ اھڃاڻ، تمثيلون ۽ ڪردار پڻ آھن، جيڪي ظاھر ڪن ٿا تہ، مٿن شاھ لطيف جي ڪلام جو گھرو اثر رهيو آھي.
سنت نيڻو رام جي ڪلام ۾ شاھ لطيف جي سورمين جي حوالي سان پڻ بيت ملن ٿا:
ميران جو پريم، ھيو ڪاڻ ڪرشن،
مارئيءَ جي ڪوڪ، ھئي ڪاڻ ماروئڙن،
مئيون ٻئي سچ تي، رکي رَک مٿن،
’نيڻو‘ اڄ ستيون ٿيون سڏجن، ڳيچ ۽ گيتن ۾.
(موٽواڻي، ھيمن ڪمار، (2012ع)، ’نيڻو جا نسخا‘ پستڪ 2، بيت 297، ص:54)
ميران ڪيو ڪرشڻ، سچو وَرُ اندر ۾،
راڻي ڪارڻ روئي، مومل ڪيو منڻ،
ڪوٺن ۾ مارئيءَ، سنڀاريو ھو ڌڻ،
نيڻو ٻڌي منجهہ پٻڻ، پھتو ڪيچ مڪران ۾.
(موٽواڻي، ھيمن ڪمار، (2012ع)، ’نيڻو جا نسخا‘ پستڪ 2، بيت 298، ص:54)
پَلي پَلُ اچو، يا ڪي گهڙيُون،
سڄاڻ جي سفر لئه، جي ڪي پير ڌريون،
سياڻيون رکي ڪپر تي، ڪچو کڻي گهڙيون،
نيڻو ستيون ٿي سڙيون، تِنِي ڳاتو ويو گيتن ۾.
(موٽواڻي، ھيمن ڪمار، (2012ع)، ’نيڻو جا نسخا‘ پستڪ 2، بيت 285، ص:49)
ات گر نہ مئو، مئي سڄي سنڌ،
نہ سلامت تڏهن کان، آھي ساري سنڌ،
سورن ۾ ٿي ڄمي، سسئي ڪھي پنڌ،
’نيڻو‘ وهندي ھئي ھر ھنڌ، سُڪي وسپت وار کان.
(موٽواڻي، ھيمن ڪمار، (2012ع)، ’نيڻو جا نسخا‘ پستڪ 3-4، بيت 576، ص:89)
مٿين مثالن جي بنياد تي اھو واضح ٿئي ٿو تہ، سنت نيڻو رام پنھنجي وجود ۾ ھڪ روشن خيال مفڪر، سماج سڌارڪ ۽ شاعر ھو ۽ ھن جي جوهر ۾ اھا لاٽ روشن ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ’شاھ جي رسالي‘ جو ئي نظر اچي ٿو.
سنت نيڻو رام جي ڪلام ۾ جتي مسلمان صوفي شھيدن سرمد ۽ منصور جو ذڪر ملي ٿو، اُتي سنڌ جي سخي ڏاتار راءِ ڏياچ جو پڻ ذڪر آھي، گڏوگڏ ڀٽن، ڀانن ۽ منگتن بابت بہ بيت ملن ٿا. ان کان سواءِ سنت نيڻو رام لوهارن، ڪنڀارن، جوڳين، کاھوڙين، آديسين، ڪاپائتي ۽ ڪربلا جي موضوعن تي بہ لکيو آھي ۽ ماڳن مڪانن ۾ ڪيچ مڪران، گرنار، ساڌ ٻيلي، ھنگلاج بابت بہ وٽس حوالا ملن ٿا. ان ڪري سنت نيڻو رام جي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو شاھ لطيف جي فڪر ۽ تخيل جي وسيع ڪائنات ۾ جڙي راس ٿيل لڳي ٿو.
سنت نيڻو رام جيتوڻيڪ شاھ لطيف جي ڪلام مان ڪٿي بہ سڄي سٽ نہ کنئي آھي، پر ڪافي بيتن ۾ شاھ لطيف جي بيتن جا پَد ملن ٿا، جيڪي لفظي صورت ۾ ڪجهہ مختلف ۽ ڪجهہ جيئن جو تيئن ڪتب آندا ويا آھن، ڪجهہ مثال ھن ريت آھن.
شاھ لطيف، سُر آسا ۾ فرمائي ٿو:
اَلا! کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِين جي مَنَ ۾،
اَسان ۽ پِرِيَن جُون، اُميدُون پَسَن،
تِنهان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهيءَ سُورَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 3، بيت 16، ص:716)
سنت نيڻو رام جو فرمان آھي تہ:
سي ٿيون ڏک ڏسن، مَدِي جِني مَنَ ۾،
سچ سڄوئي سنسار، پر ڪي پارکو پرکن،
’نيڻو‘ ڪري جتن، نٿو ڪاسا ڀري ڪوڙ جا.
(موٽواڻي، ھيمن ڪمار، (2012ع)، ’نيڻو جا نسخا‘ پستڪ 3 ۽ 4، بيت 511، ص:65)
شاھ لطيف، سُر سريراڳ ۾ رب العالمين جي وحدانيت، طاقت ۽ رحم ڪرم بابت چوي ٿو:
جيڪي منجهہ جھان، سو تاريءَ تڳي تنھنجي،
لُطف جي، لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪانَ،
عَدُلَ ڇُٽان آن نهَ، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 2، بيت 1، ص: 159)
سنت نيڻو رام، شاھ لطيف جي تتبع تي فرمائي ٿو:
ٻُڌي ھر آذانَ، ’نيڻُو‘ جهڪي سجدي،
آھيون ٻالڪ تنھنجا، جيڪي منجهہ جھان،
شل رکين منجهہ امانَ، اي سالڪ سڀ جا.
(موٽواڻي، ھيمن ڪمار، (2012ع)، ’نيڻو جا نسخا‘ پستڪ 3 ۽ 4، بيت 489، ص:57)
سيد چيزل شاھ (1912ع - 1984ع) :
سيد چيزل شاھ جو اصل نالو عزيز شاھ ھو. پاڻ سيد رکيل شاھ جو فرزند ھو ۽ جمادالثاني 1332ھ مطابق 1912ع ۾ بلوچستان جي ضلعي گنداواھ جي علائقي فتح پور ۾ پيدا ٿيو.
سيد چيزل شاھ ننڍپڻ کان ئي روحانيت ڏانھن مائل ھو. ھڪ مجذوب درويش سانوڻ فقير کيس ڏسي چيو ھو تہ، ”بلند اختر شھزادو دنيا جي درويشن جو امام ٿيندو. “ (ڪارڙا، 2004ع، ص: 16)
سندس والد کيس قرآن پاڪ جي درس لاءِ پير سيد رسول بخش شاھ وٽ ويھاريو. قرآن پاڪ جي درس جي ابتدا ٿي تہ ٻاراڻي راند روند ترڪ ڪري ڇڏيائين. درس قرآن پاڪ کان فارغ ٿي، پنھنجي والد کان روحاني تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. ٿوري عرصي ۾ سندس دل ظاھري ۽ باطني علم سان منور ٿي وئي.
سيد چيزل شاھ جا وڏا عربستان جي شھر مڪي جا رهاڪو ھئا. اُتي جي ڏکين حالتن جي ڪري انهن لڏپلاڻ ڪئي ۽ اچي بلوچستان جو شھر فتح پور وسايو. سيد چيزل شاھ جي ڏاڏاڻي ڪھول مان سيد عبدالنبي ’سوا ڪسيري‘ وارو ولي ٿي گذريو آھي. سندس والد رکيل شاھ پڻ معرفت جو ڌڻي ۽ وڏو شاعر ھو، جنھن جي صحبت ۽ تربيت سيد چيزل شاھ کي روحانيت جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. رکيل شاھ کي چئن پٽن جو اولاد ھو، پر شاعريءَ ۾ روحانيت ڏانھن لاڙي سبب سندس چيزل شاھ سان گهڻي دل ھئي.
سيد چيزل شاھ جي پھرين شادي چوڏهن سالن جي عمر ۾ پنھنجي ڏاڏاڻن مان ٿي، جڏهن تہ سندس ٻي شادي جيڪب آباد جي سيد گهراڻي مان ٿي، جنھن مان کيس ڪو پُٽاڻو اولاد نہ ٿيو.
سيد چيزل شاھ ايڪويھن سالن جي عمر ۾ پنھنجي پيءُ رکيل شاھ جي ھٿ تي بيعت ڪري تصوف جي قادري سلسلي کي اختيار ڪيو ۽ مجاھدن ۽ رياضتن ۾ محوِ ٿي ويو. ھمه اُوست جو اثر مٿس غالب رهيو، ڪثرت مان وحدت جا پُر لطف اسرار مٿس ظاھر ٿيندا ھئا، جن کي شاعريءَ جي صورت ۾ اظھاريندو ھو:
مري موتو جي مامَ سڃاڻين،
ذات صفات ھڪ ڪري ڄاڻين،
اِھا صورت سڀ ۾ سمايو آ.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق رسالو - سيد چيزل شاھ صوفي القادري‘، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-3، ص: 65)
ھڪ اردو ڪافيءَ ۾ سيد چيزل شاھ چوي ٿو:
خاڪ ۾ حق پاڪ ھئي،
واحد سڀ وجود ھئي،
فرقان ۾ فرمان ھئي،
انسان سِر اُتم ھوا.
اسم جسم جان ھئي،
صورت سڀ سلطان ھئي،
لاحد لامڪان ھئي،
خيال ڪُل ختم ھوا.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق رسالو - سيد چيزل شاھ صوفي القادري‘، سُر جوڳ، ڪلام 78، ص: 133)
سيد چيزل شاھ وحدت الوجود جي فڪر جو پيروڪار ھو، سندس ڪلام انهيءَ فڪري رمز سان ٽمٽار آھي:
ھر جا حاضر ھِڪُ ٿي تون ڪَھُه نہ ڪائي بات
ٻي نہ آڻج ٻولڙي نہ ڪا وائي وات
ڪل پوندئي ڪين مَئون ٿي نفي مَئون اثبات
ظاھر ظھور ذات ٻي صورت سڀ صفات
سھڻا چيزل مشڪل بات اٿٖي سڌ پردو ئي سمجھ جو.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق، سيد چيزل شاھ‘، ڏوهيڙه شريف، بيت 5، ص: 236)
چيزل شاھ جي مٿئين بيت ۾ تصوف ۽ تخيل جو ڪو انوکو احساس نہ ٿو اڀري، ڇاڪاڻ تہ شاعريءَ ڏانھن سندس لاڙو گهڻي ڀاڱي تشريحي يا بياني آھي، البت کيس ڪافيءَ تي فني ۽ فڪري دسترس حا صل ھئي.
چيزل شاھ جي بيت جون مٿيون ٻہ سٽون شاھ لطيف جي بيت جي اثر کي ظاھر ڪن ٿيو:
وحدتان ڪثرت ٿِي، ڪثرت وحدت ڪُلُّ،
حَقُ حقيقي ھيڪڙو، ٻولي ٻيءَ مَ ڀُلُ،
ھُو ھُلاچو ھُلُّ، بِاللهِ سندو سڄڻين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 18، ص: 69)
چيزل شاھ جو ڪلام جيتوڻيڪ روحانيت تي ٻڌل آھي، پر ان تي مجاز جو رنگ چڙهيل آھي، جنھن مان محسوس ٿئي ٿو تہ مٿس ڪنھن ڪامڻيءَ جو مَنڊُ ھو، جنھن جي وڇوڙي کيس بيقرار ڪري ڇڏيو ھو. ھڪ ڪافيءَ ۾ پنھنجي دل جي حالت کي ھن ريت بيان ڪري ٿو:
لڳو درد جدائيءَ وارو ڪان ميان،
سارو جسم وجود ويرانُ ميان.
عشق تنھنجي جي آزاري آ،
برھ باھ اندر منجهہ ٻاري آ،
ھي ميان درد وڇوڙي جي ماري آ،
ڪھڙو سڪ جو ڪيان بيانُ ميان.
’چيزل‘ آھي دلڙي اداسي،
ڪيئن تہ پرين وئي آھي توسان ڦاسي،
ھيءَ ميان محبت تنھنجي ڪاڻ پياسي،
آھيان پتنگ، شمع تي پروان ميان.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق رسالو - سيد چيزل شاھ صوفي القادري‘، سُر ڀيروي، ڪلام 55، ص: 115)
چيزل شاھ کي والد سيد رکيل شاھ پنھنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ درگاھ فتح پور شريف جو جانشين مقرر ڪيو، ان کان پوءِ درگاھ جي گادي نشيني چيزل شاھ جي اولاد مان ھلندڙ آھي. چيزل شاھ کي ٽن پٽن جو اولاد ٿيو: صادق علي شاھ، نياز حسين شاھ (علي حيدرشاھ) ۽ رکيل شاھ (علي اڪبر شاھ).
سيد چيزل شاھ پنھنجي والد رکيل شاھ جي ڪلام کي سھڻو ڪري ڇپائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. اھڙو اظھار ’بحرالعشق‘ جي چوٿين ڇاپي ۾ فتح چند ڪنيا لال ڪارڙا ھن ريت ڪيو آھي: ”هن ڇاپي کي نئين سر ترتيب ڏيڻ لاءِ سائين مرشد چيزل شاھ ؒ جن جون ڪوششون قابل ستائش آھن. سائين چيزل شاھهؒ ’بحرالعشق‘ جي سڄي ڪلام کي نئين سر ڇنڊي ڇاڻي ترتيب سان سُر وار ڪرڻ ۾ وڏي اڻٿڪ ڪوشش ڪئي. “ (ڪارڙا، 2005ع، ص: 7)
مٿين حوالي مان پروڙ پئي ٿي تہ چيزل شاھ نہ رڳو شاعر ھو، پر شاعريءَ جو پارکو بہ ھو ۽ گڏوگڏ راڳ جو بہ ڄاڻو ھو. سندس راڳ سان بيحد انسيت ھئي. راڳ بابت ھڪ ھنڌ ھيئن چيو اٿس:
راڳ سڄو ھي راز آھي، ڪي معنيٰ ڪن مهمير،
پُرجهي ويھن پاڻ ۾، آھه اندر تن اُڪير،
سمجهن سچ سلوڪ کئون، نيڻين وهائن نِير،
سھڻا چيزل چون فقير، تہ راڳ منجهہ بہ رمز ٿي.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق رسالو، سيد چيزل شاھ‘، ڏوهيڙا شريف، بيت 8، ص: 237)
چيزل شاھ پنھنجي ڪلام ۾ بنيادي اثر تہ رکيل شاھ جو ورتو آھي، جيڪو سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪافين مان ظاھر ٿئي ٿو، پر سندس بيتن تي لطيفي فڪر ۽ فن جو رنگ نروار آھي. شاھ لطيف وانگر سندس ڪلام ۾ بہ عجز ۽ انڪساري ڪثرت سان ملي ٿي، جنھن ۾ ھُو پاڻ کي ڪڏهن سسئيءَ سان، ڪڏهن ھير سان ۽ ڪڏهن مارئيءَ سان ڀيٽي ٿو. ڪڏهن طمع تياڳڻ، نفس کي مارڻ لاءِ آڌوتي، سامي، جوڳي ۽ فقيرن سان ڀيٽي، جستجو ۽ جدوجھد جو درس ڏئي ٿو.
چيزل شاھ ٻاھتر سال زندگي ماڻي. سندس وفات 15 شعبان 1404ھ مطابق 16 مئي 1984ع ۾ ٿي. سندس مزار درگاھ فتح پور شريف ۾ آھي. چيزل شاھ جي وفات کان ٽي سال پوءِ 1987ع ۾ درگاھ فتح پور شريف جي معتقد فتح چند ڪنيا لعل ڪارڙا، درگاھ جي جانشين صادق علي شاھ جي اجازت سان، سندس ڪلام جو مجموعو ’بحرالعميق‘ شايع ڪرايو، جنھن جا ھيل تائين ٽي ڇاپا پڌرا ٿيا آھن. ’بحرالعميق‘ ۾ سنڌي ڪافين جو انگ 141، جڏهن تہ سرائڪي 34، اردو 13 ۽ 2 فارسيءَ ۾ ڪافيون درج آھن، جيڪي حمد، نعت، تصوف، مجاز، ھير، مارئي ۽ سسئيءَ جي موضوعن تي ٻڌل آھن.
’بحرالعميق‘ ۾ شاھ جي رسالي وانگر سسئيءَ جي پنھنجي وَر جي وڇوڙي جي درد جو گهڻو بيان آھي، ان ڪري ’بحرالعميق‘ کي ’وڇوڙي جا ورلاپ‘ بہ چئي سگهجي ٿو.
چيزل شاھ جي بيتن جو تعداد گهٽ آھي، انهن سان گڏوگڏ ٻہ سي حرفيون پڻ آھن، جن مان ھڪ غزل جي سٽاءَ موجب آھي ۽ ٻي نظم مطابق آھي، پر انهن ۾ بيت جو ھڳاءُ نمايان آھي ۽ موضوع جي لحاظ کان اھي ھڪ کان وڌيڪ موضوعن تي آڌاريل آھن. مجموعي طور انهن بيتن ۽ سي حرفين جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو تہ ’بحرالعميق‘ جي تخليقي عمل ۾ ’شاھ جو رسالو‘ کي بنيادي اھميت حاصل آھي. استعاري، تشبيھ، ماحول ۽ ڪردارن جي بناوت ۾ چيزل شاھ، شاھ لطيف جي اثر ۽ دائري کان ٻاھر نہ وڃي سگهيو آھي. چيزل شاھ جي پھرئين بيت جي سِٽ ھن ريت آھي:
آڌوتي الف کئون، واندا ڪين ويھن،
پھريون پنھنجي نفس کي، ٿا پل پل پرزا ڪن،
سامهون ٿيا سبحان کي، ٿا ساري رات رڙن،
اٿي اسر ويل جو، سيني سوز سڙن،
سھڻا چيزل ٿا پُور پَون، جو دم دم دونھان درد جا.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق رسالو، سيد چيزل شاھ‘، ڏوهيڙا شريف، بيت 1، ص: 235)
مٿين سٽ شاھ لطيف جي سُر رامڪليءَ جو تتبع آھي. شاھ لطيف سُر رامڪليءَ ۾ فرمائي ٿو:
ڪنھن جنھن سناسيءَ سُورَ، جُھ وَهلُورُ وَتن،
اَٺئي پھر اَلَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِينِ،
سدائين صاحب ڀئيءَ، ٿا ڪاپڙي ڪَنبن،
جي راتو ڏينھن رَمَنِ، ھلو تہ تڪيا پَسون تَنِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 1، ص: 790)
شاھ لطيف جي ڪلام ۾ وجود وڃائي انسانيت جي اعليٰ منزل ماڻڻ واري سنيهي جي گونج پر لطف بہ آھي تہ پُر اثر به. سُر آسا ۾ فرمائي ٿو:
جَنِ وِڃايو وُجود کي، سي فاني ٿيا ’في الله‘،
نہ تن قِيام نہ قُعُودُ، نہ ڪو ڪن سُجُودُ،
جيلانهن ٿِيا نابوُدُ، تيلانهن گڏِيا بُودَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 1، بيت 17، ص: 708)
ساڳئي فڪر کي چيزل شاھ ھن ريت بيان ڪري ٿو:
دانھان ڪيون درد جون، دل ۾ دکائج دوڌ،
ٻڌي سُورن سندرو، جسم جلائج جودُ،
فنا ٿي فراق ۾، نفيءَ ۾ نابودُ،
سھجئون سر پنھنجو، ذاڪر ڏي تون زود،
ساڙي سڀ وجود، سھڻا چيزل ٻڌي نوبت نينھن جي.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق رسالو، سيد چيزل شاھ‘، ڏوهيڙه شريف، بيت 3، ص: 236)
چيزل شاھ جي بيت کي ڏسجي تہ، اُھو شاھ لطيف جي ڀران چيل بيت معلوم ٿئي ٿو. شاھ لطيف، سُر ڪلياڻ ۾ سچي عاشق بابت فرمائي ٿو:
سُوري آھِه سينگارُ، اڳھِين عاشقن جو،
مُڙڻ موٽَڻُ مِيهڻو، ٿيا نظاري نروار،
ڪُسڻ جو قرارُ، اصل عاشقن کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 5، ص: 71)
چيزل شاھ جو مٿئين بيت جي اثر ۾ لکيل بيت، شاھ لطيف جي ھن بيت جي شرح ٿي لڳي:
عاشق اظھار ٿيا، کڻن گلا سندو گهانگهو،
ڪنڌ رکي ھن ڪات تي، ڪن نا سِرَ جو سانگو،
جيڪي آيا عشق اويڙ ۾، تن موٽڻ مھانگو،
سھڻا چيزل سودو سھانگو، سوريءَ جڏهن سِر ڏين.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق رسالو، سيد چيزل شاھ‘، ڏوهيڙه شريف، بيت 10، ص: 238)
’بحرالعميق‘ ۾ سسئيءَ جي حوالي سان ڪل 8 بيت آھن، جن جو فني ۽ فڪري تاڃي پيٽو ’ڏوهيڙي‘ جھڙو آھي، ڇاڪاڻ تہ انهن ۾ سسئيءَ جي جبل جهاڳڻ جو مذڪور بيحد عام انداز ۾ آندو ويو آھي. ڪوبہ اھڙو بيت نٿو ملي، جيڪو شاھ لطيف جي ڪنھن بيت يا سُر سان ميل نہ رکندو ھجي:
اَولِ آخرِ آھ، ھلڻ منھنجو ھوتَ ڏي،
پورهيو سندو پورهيتين، والي! ڪيم وڃاءِ،
سو مون ٿورو لاءِ، جيئن جيئري مِلان جَت کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 1، بيت 1، ص: 283)
اھا حقيقت آھي تہ، شاھ لطيف ۽ متاخرين جي وچ ۾ وقت جي وِٿي وڌڻ سان متاخرين جي شاعري فني ۽ فڪري لحاظ کان اوچايون ماڻي نہ سگهي، جيتوڻيڪ سندن ڪلام تي شاھ لطيف جي ڪلام جو اثر بہ چڱيءَ ريت پرکي سگهجي ٿو. چيزل شاھ، سسئيءَ جي بيتن ۾ ھڪ سِٽ ۾ شاھ لطيف جيان ’ڀنڀور کي باھ ڏيڻ‘ جو ذڪر ڪيو آھي:
ڏس چيزل ڪيئن چري ٿي آ، پنھنجي ور ڪان ويچاري،
ڏئي باھ ڀنڀور کي، ڪَيئَين ترت سگهو تياري،
واڪا ڪندي وڃي پئي، ھئي منزل جي ماري،
ڪري ڪوڪان ڪوهياري، سائين چيزل ڪڏهن ملندي ڪيچ کي.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق رسالو، سيد چيزل شاھ‘، بيت سسئيءَ جا، بيت 2، ص: 242)
شاھ لطيف فرمائي ٿو:
مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھوتاڻِي ھِنَ ھَنڌِ،
توسِين پُوندِيَسِ پَنڌِ، ڏِيندِيَسِ باھِه ڀَنڀورَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪوهياري، داستان 3، بيت 3، ص: 420)
شاھ لطيف، سُر ڪوهياريءَ ۾ سسئي ۽ پنهونءَ جي ازلي رشتي بابت ھن ريت اظھاريو آھي:
جيهِي جي تيهِي، تَھ پِھ ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،
حُجَتَ ھوتَ پُنهُونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيهِي،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَلئٖي آئُون پيئِي،
ھُوءِ جا پائِين پيرَ ۾، تنھن جُتِيءَ نہ جيهِي،
وِساري ويھي، تَنِ ڪيچِيَنِ کي ڪيئن رَهان؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪوهياري، داستان 3، بيت 8، ص: 421)
صوفي چيزل شاھ جي بيت جي سِٽ ڪجهہ ھن ريت آھي:
اديون آريءَ ڄام جو، مون کي پلپل پُور پيو.
چيزل شاھ جي رسالي ’بحرالعميق‘ ۾ ست بيت ’بيت ڪربلا جا‘ جي عنوان سان ملن ٿا، جن ۾ ڪربلا ۾ حضرت امام حسينؑ ۽ سندس جانثار ساٿين جي شھادت جو بيان اچي ٿو.
چيزل شاھ، ڪربلا جي حوالي سان ٽن اھم نقطن کي اظھاريو آھي: ھڪ ڪربلا جي قضيي کي مخفي مام سمجهڻ، ٻيو ڪربلا جي جنگ ۾ حضرت حرؓ جو حضرت امام حسينؓ جو ساٿ ڏيڻ ۽ ٽيون ڪوفين پاران خط لکي امام حسينؓ کي گهرائڻ ۽ پوءِ ڊوھ ڪري، امام عالي مقام سان ساٿ نہ ڏيڻ.
ڪربلا ۾ قافلو، آيا اڄ امام،
سختي سٺائون سِر تي، کڻي سورن جا سامان،
ظاھر ظلم يزيد جو، آھي مخفي معنيٰ مامَ،
پانڌئون ھيا پھلوان، سھڻا چيزل شير شھيد ٿيا.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق رسالو، سيد چيزل شاھ‘، بيت ڪربلا جا، بيت 2، ص: 245)
ڪربلا جي پڙ ۾ آيو حُر ڪري ھڪل،
ڪٽڪ ڪارون ڀار مئون آيو ھڪ ڄڻو ھيکل،
تنھن سورهيه تئون صدقو وڃان آيو سختي منجهہ مھل،
ٻڌي تن اندر توڪل سھڻا ’چيزل‘ شير شھيد ٿيو.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق رسالو، سيد چيزل شاھ‘، بيت ڪربلا جا، بيت 4، ص: 245)
ڪربلا ۾ قهر ٿيو، ڪيڏا ھل حشر،
ڪوفين ڪاغذ لکيا، رکي ڊوھ مڪر،
شھزادا ھليا شام ڏي، سڀيئي ساڻ سفر،
ڪٽا اھي ڪافر، سھڻا ’چيزل‘ سيد سان سامهون ٿيا.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق رسالو، سيد چيزل شاھ‘، بيت ڪربلا جا، بيت 1، ص: 245)
ڏسجي تہ، شاھ لطيف ’سُر ڪيڏاري‘ ۾ انهن ٽنهي موضوعن کي فڪري اعتبار کان وڏي پَدَ جو تخليقي اظھار ڏنو آھي. شاھ لطيف، شھادت جي سختيءَ کي ڪٿي شاديءَ جي ڏينھن سان ڀيٽ ڏني آھي تہ ڪٿي اُن کي ’ملهار‘ ۽ ’ناز‘ چيو آھي؛ گڏوگڏ ڪربلا جي واقعي کي ھڪ ربّاني راز بہ سمجهي ٿو:
سختي شھادت جي، نسورو ئي ناز،
رِند پروڙين رازُ، قضيي ڪربلا جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 1، بيت 11، ص: 662)
حضرت حُر جي حوالي سان شاھ لطيف جي مصرع ظاھر ڪري ٿي تہ چيزل شاھ ان جو نج پج اثر ورتو آھي:
حُر ھَلِي آئِيو، مانجِهي مَردانو،
آھيان عاشقُ آڳ جو، پَتَنگُ پَروانو،
مانَ راضي ٿئي رَسُولُ رَبَ جو، نَبِي تو نَانو،
ھي سِرُ سَمانو، گهوٽَ! مٿانئين گهوريان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 5، بيت 6، ص: 673)
جڏهن تہ ڪوفين جي منهن ڦيرڻ ۽ سخت دليءَ بابت شاھ لطيف فرمائي ٿو:
ڪُوفِيُن ڪاغَذُ لِکيو، وِچ وِجِهي الله،
اسين تابع تنھنجا، تون اَساَنهنجو شاھ،
ھيڪَرُ ھيڏي آءُ، تہ تَختُ تابينيٖ تنھنجي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 4، بيت 6، ص: 670)
’بحرالعميق‘ جي آخر ۾ ٽيھ اکري آيل آھي، جنھن ۾ ٽيھ بند آھن ۽ ھر بند ھڪ چار سٽي بيت وانگر آھي. ھر بند جي آخري چوٿين مصرع جي پوئين پد ’وڃي ھاديءَ سان ھو رسيا‘ جي ڪري ٽيھ اکري جو مجموعي تاثر ھڪ پابند نظم وارو اڀري ٿو. تخيل ۽ تصور جي لحاظ کان ٽيھ اکريءَ جو ھر بند تخليق جو اعليٰ نمونو آھي، جن ۾ گهڻو ڪري شاھ لطيف جي سُررامڪليءَ جو موضوع اختيار ڪيو ويو آھي. ھڪ بند ھتي ڏجي ٿو:
نون ڇڏي ناسوت کي، جوڳي ھليا جبروت،
معذن قربا ملڪوت ۾، لوچي لاحد لنگهي لاھوت،
ھاھوت ۽ باھوت ۾، صبر چُپ سُڪوت،
خودي کائي قوت، وڃي ھاديءَ سان ھو رسيا.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيا لال، (2004ع)، ’بحرالعميق رسالو، سيد چيزل شاھ‘، ٽيھ اکر، بيت 25، ص: 254)
شاھ لطيف، سُر رامڪليءَ ۾ تخليقي لحاظ کان جيڪي طريقت جون منزلون طئي ڪيون آھن، شايد ننڍي کنڊ توڙي عالمي صوفياڻي شاعريءَ ۾ ان جھڙو مثال ملڻ ممڪن نہ ھجي. شاھ لطيف فرمائي ٿو:
راھَه شَريعَتَ ھَليا، تَفَڪَرُ طَريقونِ،
حالُ حَقِيقَتَ رَسِيا، مَعرِفَتَ مَاڳونِ،
ناسُوتُ، مَلڪُوتُ، جَبَرُوتُ، اِيءُ اِنعام لَڌونِ،
پَسُ لاھوتُ لنگهِيونِ، ھاھوتان مَٿي ھَليا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 5، بيت 8، ص: 801)
شاھ شريف ڀاڏائي (1793ع-1846ع) :
قنبر علي شاھ ولد بچل شاھ ڀاڏائيءَ جو جنم 1207ھ/1793ع ڌاري ضلعي سجاول جي شھر سجاول کان لڳ ڀڳ 16 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ’ڀاڏ‘ مڪان ۾ ٿيو. سندس ڄم واري ھنڌ جي نسبت سان ’ڀاڏائي‘ ۽ شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’شريف‘ جي ڪري سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ سندس سڃاڻپ ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ‘ جي نالي سان آھي.
شاھ شريف ڀاڏائي، پنھنجي وقت جو وڏو عابد، زاھد، قلندر طبع درويش ۽ توڪل جو صاحب ھو. سندس جنم، شاھ لطيف جي وفات کان 42 سال پوءِ ٿيو، يعني 1207ھ/1793ع ڌاري ھِي اُھو سال آھي، جڏهن شاھ لطيف جي ڪلام ’گنج شريف‘ سھڻو روپ ورتو ۽ سنڌ جي برن بحرن، شھرن توڙي ڳوٺن ۾، سندس ڪلام جو ھڳاءُ پکڙجي ويو. لاڙ توڙي اُتر، ٿر، ڪاڇو توڙي ڪوهستان، ’گنج‘ ۽ رسالي جي گونج سان ٻُرڻ لڳو.
شاھ شريف ڀاڏائي، يقيناً نوجوانيءَ واريءَ عمر ۾ ئي شاھ لطيف جي ڪلام سان واسجي ويو. اھوئي سبب آھي جو ھُن شاھ لطيف جي رسالي جي تتبع تي پنھنجو ڪلام، رسالي جي صورت ۾ سُر وار چيو.
شاھ شريف ڀاڏائيءَ جا وڏا اُچ شريف جي بخاري ساداتن مان ھئا. بچل شاھ جو وڏو ڏاڏو ڇُٽن شاھ، اُچ مان سنڌ ۾ آيو ۽ ’آبڙيءَ‘ ۾ پکا اڏي اچي ويٺو. اھو ماڳ، نصرپور ريلوياسٽيشن کان ڏکڻ طرف ’جاڙين‘ مورين وٽ آھي، جتي ڇُٽن شاھ جي درگاھ آھي.
قنبر علي شاھ جي شروعاتي تعليم، ’ڀاڏ‘ مڪان جي مڪتب ۾ ٿي، پر سندس والد 1219ھ/1804ع ڌاري، ’ڀاڏ‘ مڪان کان تعلقي گهوڙا ٻاريءَ جي ڳوٺ، ’گنبالو‘ ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي، جتي ھُن وڌيڪ تعليم پِرائي.
شاھ شريف ڀاڏائي، ننڍپڻ کان سنجيدہ طبيعت ۽ صوفي فڪر ڏانھن مائل ھو. جوانيءَ جي مدھوش عالم ۾ بہ ھُن نفس کي نهوڙيندڙ سخت رياضتون ڪيون ۽ تن کي تسيا ڏنا.
فقير غلام حيدر ٿيٻو، ’تيرهيو‘ ۽ فتح محمد فقير ڪلهوڙو، سندس خاص خليفن ۾ شامل ھئا، جن کي مرشد وٽان شاعريءَ جو فيض پڻ نصيب ٿيو. سندن ڪلام ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘ ۾ محفوظ آھي.
شاھ شريف ڀاڏائيءَ کي چئن پٽن جو اولاد ھو. مهدي شاھ، علي گوهر شاھ، عبدالقدوس شاھ ۽ ڪمال الدين شاھه. سندس چارئي پُٽَ وڏيءَ مڻيا وارا ھئا. انهن مان عبدالقدوس شاھ جو علمي توڙي روحاني مرتبو ٻين ڀائرن کان مڙئي سرس ھو. مٿس پنھنجي والد جي شاعريءَ واري نينھن جي بہ پالوٽ ٿي.
ٽالپرن جي شروعاتي دؤر ۾، جنم وٺندڙ اساسي شاعريءَ جي اھم رسالي جي شاعر، شاھ شريف ڀاڏائي، 57 سال حياتي ماڻي، جنھن ۾ ٽالپرن جي حڪومت جو سڄو دؤر ۽ فرنگي اقتدار جا ابتدائي چار پنج سال اچي وڃن ٿا.
شاھ شريف ڀاڏائي، 25-ذوالحج 1264ع/1848ع ڌاري ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس مزار، ٺٽي ضلعي، تعلقي گهوڙا ٻاريءَ جي ڳوٺ ’گنبالي‘ ۾ آھي، جتي ھر سال 26 ۽ 27 ذوالحج تي سندس عرس ملهايو ويندو آھي.
شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، سندس وفات کان ويھ سال پوءِ، 1284ھ/1867ع ڌاري مٽيارين جي ڪاتب محمد مقيم ولد قاضي محمد ڪامل سھتي، پنھنجن سھڻن اکرن سان لکي مڪمل ڪيو، جيڪو ٻن ھزارن کان مٿي بيتن، ٻن سون کن وائين ۽ ڪيترين ئي ڪافين، مداحن ۽ مولودن تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو ڪلام ڇويھن سُرن ۾ رچيل آھي، جنھن ۾ 1268 بيت ۽ 112 وايون محفوظ رهيون آھن. اھو سڄو ڪلام، سنڌي اساسي شاعريءَ جو شاندار ذخيرو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو اَملھ دستاويز آھي.
’شاھهشريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘ جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ: ”حضرت شاھ عبداللطيفؒ جي وفات (1165ھ) کان پوءِ سؤ سالن واري عرصي ۾ جيڪي اھل دل درويش ۽ شاعر ساماڻا ۽ جن حضرت شاھ عبداللطيف جي بيتن کان متاثر ٿي رسالي جي رنگ ۾ بيت چيا، تن مان قنبر علي شاھ ڀاڏائي ھڪ اعليٰ درجي جو شاعر ھو. “ (بلوچ، 1972ع، ص: 1)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو تہ: ”شاعريءَ ۾، قنبر علي شاھ ’شريف‘ جو روحاني رهبر ڀٽائي صاحب ھو، ۽ ھن پڻ ڀٽائي صاحب واري واٽ وٺي بيت ۽ وايون چيون ۽ رسالو جوڙيو. قنبر علي شاھ صاحب جي حياتيءَ ۾ ۽ پڻ پوءِ، گنبالي ۾ ’شاھ جي راڳ‘ جي نوعيت وارو راڳ طنبورن تي ٿيندو رهيو ۽ راڳ ۾ ڀٽائي توڙي شاھ ’شريف‘ جا داستان ڳايا. قنبر علي شاھ جا خليفا ۽ فقير پڻ ڀٽائي صاحب جي رسالي جا ڄاڻو ھئا. “ (بلوچ، 1972ع، ص: 8)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھ شريف ڀاڏائيءَ جي ڪلام کي اسلوب بيان توڙي مفھوم ۽ معنيٰ جي لحاظ کان معياري سمجهي ٿو، گڏوگڏ سندس اھو پڻ چوڻ آھي تہ: ”حضرت شاھ عبداللطيف جا بيت ھر وقت سندس سامهون آھن ۽ انهن بيتن ڀران بيت چوندي، ھو ڀٽائي صاحب واري بنيادي خيال کي جدا جدا طريقن سان ورجائي ۽ وهڃائي ٿو جو ڄڻ تہ ھو شاھ عبداللطيف جو شارح آھي. “ (بلوچ، 1972ع، ص: 10)
’ڍوليو ڍٽ ڌڻي‘ جو مصنف معمور يوسفاڻي لکي ٿو: ”جڏهن شاھ شريف ۽ سندس خليفا شعر چوڻ لڳا ھئا، ان وقت لاڙ ڇا، پر سڄي سنڌ ۾ لطيف جي ڪلام جو چرچو ھو. ٻئي طرف لطيف پنھنجي ڪلام کي اتي پھچائي ڇڏيو ھو، جو ان جي موجودگيءَ ۾ ڪا نئين ڳالهہ يا نئون موضوع آڻڻ وڏو مشڪل ڪم ھو. ان ڪري اھو ضرور ٿيڻو ھو، تہ اھي سڀ بزرگ لطيفي کيت اندر ڪم ڪن. “ (يوسفاڻي، 2003ع، ص: 146)
محققن جي راءِ کي نظر ۾ رکندي، جڏهن شاھ شريف ڀاڏائيءَ جي ڪلام کي پڙهجي ٿو، تہ اھڙا انيڪ بيت ملن ٿا، جن تي شاھ لطيف جي ڪلام جو فني توڙي فڪري اثر واضح نموني اڀري اچي ٿو. مثال طور سُر سسئيءَ ۾ شاھ لطيف ’آڏَتِراڇا آھُڙا‘ يا ’ڪرڙا ڏونگر ڪَھَه گهڻي‘ جي شروعاتي پَدَ سان، ڪافي بيت چيا آھن، جن ۾ جبل جي ڏنگن ڦِڏن، اوکن اھنجن پيچرن بابت ھو فرمائي ٿو تہ:
آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندر وراڪا وَرَ،
حُب جنهين کي ھوت جي، سا ڏوريندي ڏونگَرَ،
پھچايين پروَرَ! لطف ساڻ، لطيف چي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 6، بيت 4، ص: 400)
شاھ لطيف جي بيتن جي پھرين پد، ’آڏَ تِراڇا آھُڙا‘ جي تتبع تي شاھ شريف ڀاڏائيءَ پنھنجن بيتن ۾ لفظ ’اھکا وَرَ وندر جا‘ فقرا ڪتب آندا آھن، جيڪي سندس بيتن ۾ بہ پھرين پد طور شامل آھن:
اُھکا وَرَ وِندر جا، جت ڪاف ارڏا ڪوھ،
لڪي اُت لوڀون ڪري، جت مرون مارين ڏوھ،
جا تڳي اَھان جي توھ، تنھن رهبر رسج راھ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر سسئي، بيت 64، ص: 10)
ڀاڏائي صاحب جي ڪجهہ ٻين بيتن جون پھريون سِٽون ھن ريت آھن:
”اوکا وَرَ وندر جا، جِت ڀيڻيون ڀورايون. “ (62)
***
”اوکا وَرَ وندر جا، جِت ڀولا، بگهاڙيون. “ (63)
***
”اھکا وَرَ وندر جا، اڻانگا اڻگيل. “ (64)
***
”اُھکا وَرَ وندر جا، جِت چيٽا، چٻون، چور. “ (65)
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر سسئي، بيت 62، 63، 64، 65، ص: 10)
جڏهن تہ شاھ لطيف جي بيتن جون پھريون سٽون ڪجهہ ھيٺينءَ ريت آھن، جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ شاھ شريف حقيقي طور تي شاھ لطيف جي مفسر وارو ڪردار نڀايو آھي:
”آڏَ تراڇا آھُڙا، ڏونگر کي ڏاڪا. “ (2)
***
”آڏَ تراڇا آھُڙا، ڏاڪا ڏونگر کي. “ (3)
***
”آڏَ تراڇا آھُڙا، وِنگا وَرَ واٽُنِ. “ (5)
”آڏَ تراڇا آھُڙا، وِندر وَراڪا واڪ. “ (6)
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، بيت 2، 3، 5، 6، ص: 216)
شاھ لطيف ڪن بيتن جي پھرئين پد جي لفظن ۾ جدت پيدا ڪندي چوي ٿو:
ڪَرڙا ڏونگر ڪَھَه گهڻي، جت واٽُنِ تي وارِي،
آڏا لَڪَ، لطيفُ چي، بَرَ سُڄَنِ بارِي،
جا منزلن مارِي، سا، قادِرَ ڪيچِ رَسائِيين!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 6، بيت 8، ص: 401)
شاھ لطيف، سُر ديسيءَ ۾ پنهونءَ جي ڀائرن جي رٿيل سازش جي ڪري، آڌيءَ رات جو اُٺن جي پلاڻڻ جو ذڪر ھڪ بيت ۾ ھن ريت ڪري ٿو:
آڌيءَ اوءِ اٿي ويا، ڪَرَ رکيائون ڪيچَ،
ٻاروچاڻي پيچَ، منھنجو مَنُ مُنجهائِيو!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 4، بيت 11، ص: 392)
شاھ شريف ڀاڏائيءَ جي رسالي جي ’سُر حسينيءَ‘ ۾ چار بيت ملن ٿا، جن جو پھريون پَدُ ’اُٿي آڌيءَ رات جو‘ آھي، مثال طور:
اُٿي آڌيءَ رات جو، ڪاھيائون ڪَرهنِ،
ڇورِي ڇڏيائون ڇپرين، رُلائي روهنِ،
ڪَھلَ ڪيچيئڙنِ، مُورِ نہ ڪِي معذورِ تي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر سسئي، بيت 143، ص: 24)
شاھ لطيف، ’سُر يمن ڪلياڻ‘ ۾، عشق جي مريض جي دنيوي ويڄن کي، ’اَنڌا اُونڌا ويڄ‘ سڏيو آھي، ۽ اُنهن کان علحدگيءَ مان ڪئين تصوف جا اِسرار ۽ نُڪتا واضح ڪيا آھن. طبيب جي بيوسيءَ کي ظاھر ڪندي شاھ لطيف چوي ٿو تہ:
تَنَ طبيبُ نہ تُون، سُڌِ نہ لَهِين سُورَ جِي،
سانڍ پنھنجا ڊَڀڙا، کَڏَ کڻِي ۾ ڀُون،
ڪانہ گهرجي مُون، حياتي ھوتَنِ ري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 2، بيت 1، ص: 89)
سُر جمن ۾، شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو بہ ويڄ ڏانھن اھو ئي رويو آھي، جيڪو شاھ لطيف اختيار ڪيو آھي:
ويڄَ نہ مون وٽ ويھ، تو نہ سڃاتو سُورَ کي،
جني ڦَٽِي آھيان، ڏور تني جو ڏيھ،
سڄڻن جو ساڻيھ، ڏسان تہ ڏکندو لهي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر جمن، داستان 4، بيت 512، ص: 79)
شاھ لطيف جھڙيءَ ريت موکيءَ ۽ متارن جو ذڪر سُريمن ڪلياڻ ۾ ڪيو آھي، ساڳيءَ ريت، شاھ شريف ڀاڏائيءَ پڻ موکيءَ جو ذڪر ’سُر جمن‘ ۾ ئي ڪيو آھي.
شاھ شريف ڀاڏائيءَ موکي متارن جي داستان جي بيان ۽ انداز ۾ بہ شاھ لطيف جو گهڻو اثر ورتو آھي، شاھ لطيف چوي ٿو:
آڻي اُتر واءَ، موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِيا،
مَتارا تنھن ساءَ، اَچَنِ سِرَ سَنباھِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 10، ص: 102)
شاھ شريف ڀاڏائي لکي ٿو:
موکيءَ اُپٽيو مَٽُ، پسي پياڪن کي،
ڪاڙهيو تنھن ڪيف ۾، ھئو نانگُ نپٽُ،
شائقن شريف چئي، ھَلِي ڀريو ھَٽُ،
سا پِڪ پيئندي پَٽُ، متارا مري ويا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر جمن، داستان 20، بيت 479، ص: 76)
شاھ لطيف سُر يمن ڪلياڻ ۾ متارن جي اچڻ بابت ھن ريت فرمائي ٿو:
جُہُ سي اڱڻ آئيا، تہ سَرو ڪندا سُڃَ،
سائي ٿيندي اُڃَ، ھِي پيتو، ھُو آڻِ ڪِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 12، ص: 102)
شاھ شريف ڀاڏائي، شاھ لطيف جي مٿين بيت جي اثر ۾ لکي ٿو:
ساقِي سري آئِيا، سَرو ڪندا سُڃَ،
پياريندا اُڃَ، منجهان موج ميخان جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر جمن، داستان 1، بيت 456، ص: 73)
متارن جي مرڻ کان پوءِ، موکيءَ جي جيئري رهڻ جو ڪوبہ اخلاقي جواز نہ ھو، ڇاڪاڻ تہ سندس مئخاني تي ھن جي ڪوتاھيءَ سبب، متارن کي پيئڻ لاءِ زھريلو شراب مليو ھو. شاھ لطيف، موکيءَ جي اِن ڪوتاھيءَ کي نظر ۾ رکندي فرمائي ٿو:
متارا مري ويا، موکي تون ڀِي مَرُ!
تنھنجو ڏوس ڏَمَرُ، ڪونہ سھندو اُنِ رَي!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 14، ص: 103)
يا وري سندس ھي بيت بہ موکيءَ کي مهڻي ھاب بڻائي ٿو:
متارا مَرِي ويا، موکي! تون نہ مرين،
ڪيهِي پَرِ پرين، ڏُکي ڏاتارن رَي؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 14، ص: 103)
شاھ شريف ڀاڏائي، شاھ لطيف جي مٿين بيتن جي ڀران ھي بيت فرمائي ٿو:
موکي تون نہ مُيين، متارا مري ويا،
ھُئين جاڙ جِيين، تني ري، شريف چئي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر جمن، داستان 2، بيت 473، ص: 75)
سُر ’مومل راڻو‘ ۾ شاھ لطيف فرمائي ٿو:
سِڄُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ،
اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، منجهان مُگهَٽَ بُوءِ،
سا ڏيکارِيَهُون جُوءِ، جِتان لاھُوتِي لَعلُ ٿِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 1، بيت 7، ص: 518)
حضرت شريف ڀاڏائي صاحب سُر ’راڻو‘ ۾ شاھ لطيف جي بيت جي تتبع تي فرمائي ٿو:
سِڄُ اُڀرندي جا ڪري، سامِيءَ سائِي رُوءِ،
اچي ٿي عطر جي منجهان بابؤَ بُوءِ،
سا سُڻايو جُوءِ، جئان لانگوٽيا لالُ ٿيئن.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 1، بيت 791، ص: 122)
شاھ شريف ڀاڏائيءَ جي، ’سُر راڻو‘ جي بيتن جون ڪجهہ سٽون ڏجن ٿيون، جيڪي شاھ لطيف جي امر ڪلام کان متاثر ٿي چيل ڏسجن ٿيون.
شاھ لطيف:
سِڄُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي وَڻِڪَ،
سَھِي نَه سَگهان ساتَ سيئن، تنھن جي راسِن جِي رَونَقَ،
ڪِ رَتائِين لاکَ ۾، ڪِ ڏِنائِين پانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سوڍَلِ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهلِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 1، بيت 8، ص: 518)
شاھ شريف ڀاڏائي:
سِڄُ اڀرندي جا ڪري، ساميءَ سا وِڻِڪَ،
مهتاب تنھنجي مُنهن سان، ڦڪو منجهہ فَلڪَ،
وسرين سڀ ورق، ويا ڪاھيندا ڪاڪَ ڏي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 1، بيت 790، ص: 122)
شاھ لطيف:
جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نيهن جو،
پتنگ جئين پيدا ٿيو، سامي سِڄ وڙاءُ،
آيو ڪاڪِ تڙاءُ، ڪُنوارين ڪڪوريو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 1، بيت 9، ص: 519)
شاھ شريف ڀاڏائي:
جوڳيءَ اُتي جوڙَ، نسورو ئي نينھن جِي،
راولَ جي رِهاڻِ ۾، کٿوريءَ جا کوڙ،
سناسيءَ، شريف چئي، ٻڌا مگهٽ موڙ،
سڀني لٿي سوڙھ، آئي آديسيءَ جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 1، بيت 795، ص: 122)
جوڳيءَ تي جنسارُ، نسورو ئي نينھن جو،
آديسيءَ عالَم جو، کنيو باريءَ بارُ،
لاھوتي لامڪان کان، نسنگ ٿيو نروار،
’ڪُلُّ يَومِ ھُوَ في شانِ‘ آھي ايءُ اسرار،
ھت ديکايائين ديدار، ھو مهند انهي ماڳ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 1، بيت 796، ص: 123)
شاھ لطيف:
مومل کي مجاز جا، اکين ۾ اَنبوُرَ،
ھڻي حاڪِمِين کي، پَٽِ نهاري پور،
گهوٽ پھرينءَ گُهورَ، جي وِيا سي وَڍِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 2، بيت 5، ص: 521)
شاھ شريف ڀاڏائي:
مومل کي مجاز جا، ڪي جي پَھَه پيا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 2، بيت 809، ص: 125)
شاھ لطيف:
سونَ وَرَنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ،
اگرُ اوطاقَن ۾، کَٿُورِي کَٽُنِ،
اُپٽِيائُون عَبِيرَ جا مَٿي طاقَ تَڙَنِ،
ٻاٽَنِ ٻيلُون ٻَڌِيُون، پَسئِو سُونہَ سَڙَنِ،
ٿِئا لاھُوتِي لَطِيفُ چَئي، پَسَڻَ لَئي پِرينِ،
اِجهي ٿا اَچَن، ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 3، بيت 1، ص: 257)
شاھ شريف ڀاڏائي:
سھس ورنيون سوڍيون، سھسين ڪن سينگارُ،
طلاتَنُ تني جو، ڪر لعلُن جي لالار،
ڌويو ڌوپيو ڌڄ کي، واسيو ويڙهين وارِ،
تن اوتيا اوطاقن ۾ عطر عنبير اپارَ،
اچن ڀؤنر ڀَڪُليا، تنھن لڊاڻي جي لار،
ليکي ليکيان ڪيترا، ڪاڪ ڌڃاڻِن پار،
موهيا لک ھزار، سامي سونھن، شريف چئي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 3، بيت 821، ص: 127)
شاھ لطيف:
تُون ڍاٽِي، ڍَٽَ ڌڻي، ڍولا! تنھنجو ڍَٽُ،
پائي تراڙيءَ توريان، تہ ملڪ نہ تنھنجو مٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪٽُ، اَچِي کوڙِ قَناتون ڪاڪِ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 8، بيت 2، ص: 265)
شاھ شريف ڀاڏائي:
تون ڍاٽي، تون ڍٽ، تون وارث تون ولهو،
راڻي جي رهاڻ ۾، ڪڇڻ ناھي ڪٽ،
’والله مَعَ الصَابِرِينَ‘، سوڍي وڌو ھٽ،
سامي کڻي پٽ، ڪاڪ پني بکيا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 4، بيت 826، ص: 128)
شاھ لطيف جو ڪلام تخيل، تصور ۽ مشاھدي جو شاھڪار آھي. سندس رسالي ۾ ڪي اھڙا سُر بہ آھن، جن ۾ سندس ذاتي تجربي جي پيڙا ۽ بيقراريءَ جو مکيه عمل دخل آھي. انهن سُرن ۾، ’سُر پورب‘، ’سُر کاھوڙي‘ ۽ ’سُر رامڪليءَ‘ کي بنيادي حيثيت حاصل آھي، جن ۾ شاھ لطيف، جوڳين، سامين ۽ کاھوڙين جي صحبت جو پيرائتو ذڪر ڪيو آھي ۽ تصوف جا نت نوان ۽ گهرا راز پروڙيا آھن، ۽ لڳ ڀڳ ٽي سال جوڳين جي صحبت ۾ گذاريا. ڊاڪٽر ھوتچند مُولچند گربخشاڻي موجب: ’انهن جي صحبت ۾ گهڻي ئي مُلڪ ڦِريو ۽ ڪيتريون سندن تِيرٿن جون جايون ۽ تَڪيا ڀيٽيائين. ‘
ھڪ ڀيري جوڳي ۽ سامي، شاھ لطيف کي سُتو ڇڏي رمندا رهيا. شاھ لطيف جوڳين جي صحبت کي ساريندي چوي ٿو:
صبح سڱڙيون کڻي، وِيا وڄائي وِيرَ،
ڏوريان ڏوريان نہ لهان، تن بيراڳين بَھِيرَ،
جن جي آسڻ منجهہ عَنبِيرَ، آئون نہ جيئندِي اُنِ ري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 16، ص: 781)
شاھ لطيف جي زندگيءَ جي انهيءَ اھم تجربي جي بيقراري، شاھ شريف ڀاڏائيءَ بہ بيان ڪئي آھي:
جوڳي ناھن جُوءِ ۾، جي ڪاپڙي ڪَن چِيرَ،
سناسي، شريف چئي، ويا ويراڳي وِيرَ،
ڪين پروڙي پِيرَ، آسڻ پوري اُسھيا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1972ع)، ’شاھ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 955، ص: 145)
شاھ قطب رضوي (1718ع - 1771ع) :
شاھ قطب رضوي (1130ھ/1718ع-1184ھ/1771ع)، ڪلاسيڪي دؤر جو شاعر ھو. پاڻ ميين شاھ عنات رضويءَ جو پڙپوٽو ھو. سندس والد شاھ بلال رضوي ۽ سندس ڏاڏو شاھ شريف رضوي پڻ نالي وارا شاعر ھئا. انهيءَ حوالي سان شاھ قطب رضويءَ کي شاعري ورثي ۾ ملي ھئي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو: ”ميين شاھ عنات جو فرزند سيد محمد شريف ھڪ اعليٰ شاعر ۽ درويش ھو، ۽ انهيءَ لحاظ سان ھو پنھنجي والد جو صحيح معنيٰ ۾ جاءِ نشين بڻيو. شاعريءَ جو ورثو پڻ سندس اولاد ۾ باقي رهيو ۽ سندس پٽ بلال شاھ توڙي پوٽو قطب شاھ (بن بلال شاھ) وڏا شاعر ٿيا. “ (بلوچ، 1963ع، ص: 67)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، قطب شاھ بابت لکي ٿو: ”هو بلال شاھ جو پٽ ۽ ميين شاھ عنات جو پڙپوٽو ھو. اندازاً 1130ھ ڌاري ڄائو ۽ سندس والد بلال شاھ جي صحبت ۽ تربيت سان گڏ شاعري پڻ کيس ورثي ۾ ملي. سندس بيت ميين شاھ عنات، شاھ شريف ۽ بلال شاھ جي ڀران ۽ ساڳئي رنگ ۾ چيل آھن. سندس ٻولي زيادہ عام فھم آھي. “ (بلوچ، 1963ع، ص: 70)
شاھ قطب رضويءَ جو ڪلام، اٽڪل 150 بيتن تي ٻڌل آھي، جيڪو ’ميين شاھ عنات جي ڪلام‘ ۾ پھريون ڀيرو 1963ع ۾ ڇپجي ظاھر ٿيو.
شاھ قطب رضويءَ جا ٻہ چار بيت انهن سمورن 22 سُرودن ۾ شامل آھن، جن تي ميين شاھ عنات جو ڪلام رچيل آھي. نموني طور ڪجهہ بيت ڏجن ٿا:
ڪريان ڪوھ، قطب چئي، تن حڪيمن ھاڻي،
جيڪي وهي وجود ۾، تنھن ڪَرَ تون ڄاڻي،
پِرين نِي پاڻهي، ٻُڪي ڏني ٻاجھ جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود ڪلياڻ، فصل 1، بيت 7/د، ص: 10)
الله لڳ اسانهجا، ڏج سنيها سردارَ،
پارهو ائين پانهجا، قطب چئي، قرارَ،
اُمَّتِ جا آڌارَ، آڳھه! آھيو اڳھين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود کنڀات، فصل 1، بيت 6 (حاشيو)، ص: 16)
گَهرَ سورِيا، جَرَ پوڄيا، مون پڻ جني لاءِ،
تن جي خبر کيانتا آڻئين، قطب چئي، ڪَلَ ڪاءِ،
جُڳ لنگهي ويا جن کي، سي موليٰ! مون ملاءِ،
وڻجارا وراءِ، تہ آنء ڳالهاري ڳَرِ لائِيان.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود سُرراڳ، فصل 2، بيت 1 ، ص: 35)
قطب شاھ جي مٿين بيتن مان اِھا چِٽي ثابتي ملي ٿي تہ سندس شعري اسلوب وڻندڙ ۽ عام فھم آھي.
شاھ قطب رضويءَ جي ڪلام ۾ تاريخي ٽاڻن ۽ اُھڃاڻن جو پڻ ذڪر ملي ٿو، جنھن مان پڻ شاھ لطيف جي ڪلام سان ھڪجھڙائي ثابت ٿئي ٿي.
گهگهيريون گامن ۾، پڙيريون پٽ،
ٻولي ٻروچن جي، ڪونہ سڄندو ڄٽ،
رڱي راٺوڙن جي، اڃا پُري ڪندا پٽ،
ڍول ورندي ڍٽ، ڪاھيندا قطب چئي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، مهاڳ، ص: 72)
شاھ قطب رضويءَ جي ڪلام مان اِنَ حقيقت جا بہ اھڃاڻ ملن ٿا تہ، ھو وقت جي ڪلهوڙن حاڪمن جو مداح نہ ھو. سندس لاڙو ٽالپر گهراڻي ڏانھن ھو.
اصل ۾، شاھ قطب رضوي، ڀيڻ ڪري سڏيل ھڪ بلوچ زائفان جي حق انصاف لاءِ ڪلهوڙي حاڪم وٽ ھلي ويو، پر ڪلهوڙي حاڪم، قطب شاھ کي مانُ نہ ڏنو، جنھن تي چيائين تہ:
نڪي طبل تانهن جو، نڪي ندي نير،
ڪلهوڙي جو ڪير، پٽيوسين پاتارَ مان.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، مهاڳ، ص: 71)
ايئن چئي، قطب شاھ اُٿي کڙو ٿيو. مائيءَ کي نااميد ڏسي کيس ڏڍُ ڏنائين تہ، اسان جي توڪل ڌڻيءَ تي آھي:
الله حسبي، ڪلهوڙي کان کسبي،
ٽالپر کي ڏسبي، تنهان پوءِ پسبي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، مهاڳ، ص: 71)
ھڪ ٻئي بيت جي آخري مصرع ۾ شاھ قطب رضويءَ جي ڪلهوڙن جي مخالفت جو اھم اھڃاڻ آھي:
شاھِي تنھنجي شاھه! ڪارِي ٿي قطب چئي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، مهاڳ، ص: 71)
جيتوڻيڪ اھو واضح نہ آھي تہ، شاھ قطب رضوي ڪھڙي ڪلهوڙي حاڪم کان ناراض ھو، پر اھو يقيناً ميان غلام شاھ ڪلهوڙي حاڪم کان پوءِ جو حاڪم ھوندو، ڇاڪاڻ تہ ھُن کان پوءِ ٻيا ڪلهوڙا حڪمران نااھل ثابت ٿيا، جن پنھنجا وفادار ۽ محسن امير بي گناھ مارايا، جنھن جي نتيجي ۾ ئي حڪومت وڃائي ڇڏيائون. رضوي ساداتن تہ ھميشه ڪلهوڙن جي طرفداري پئي ڪئي ھئي.
شاھ قطب جي پڙڏاڏي، ميين شاھ عنات رضويءَ جو ھڪ مشھور تاريخي بيت ان ڳالهہ جي ساک ڀري ٿو، جنھن ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي واکاڻيو ويو آھي:
نِسرئو نصير، چانڊُڪٖي ۾ چنڊ ٿي،
ڪاڇو ڪوڙيٖ ۾ ڪري، مَلٖي ويٺو مير،
دمامي جي دؤنس سان، ڦِري ٿو فقير،
آھي ھيء، عنات چئي، سندو سنڌ ھمير،
سي وئا ھلي ڍاڍري، کڻي کِروٿئون کيرُ،
تن کي گڏئو ڪين گس تي، بدو نہ بدگير،
خاصي خداآباد منجھ، عطر ۽ عنبير،
جان جان ندي نير، تان تان طبل تهنجي تجلو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، مقدمو، ص: 50-51)
قطب شاھ ’نڪي طبلُ تانهجو، نڪي ندي نير‘ چئي، پنھنجي وڏن جي روايت کي ٽوڙيو ۽ ڏنل دعا واپس ورتي.
معمور يوسفاڻي، پنھنجيءَ تصنيف ’ڍوليو ڍٽ ڌڻي‘ ۾ لکي ٿو: ”هي جيتوڻيڪ ھڪ سٺي شاعر جو پٽ، سٺي شاعر جو پوٽو ۽ وقت جي وڏي شاعر جو پڙپوٽو ھو، تنھن ھوندي بہ انهن جي مقابلي ۾، لطيف سائينءَ ڏانھن گهڻو جهڪيل آھي، جنھن جو ثبوت سندس ڪلام آھي، جيڪو لڳ ڀڳ سمورو نہ تہ بہ اُن جو وڏو حصو شاھ صاحب جي اثر ھيٺ آھي. “ (يوسفاڻي، 2003ع، ص: 86)
شاھ لطيف، شاھ قطب رضويءَ جو وڏو ھمعصر ھو ۽ کانئس اٽڪل ٽيھ سال وڏو ھو. اِھا دلچسپ حقيقت آھي تہ، مِيون شاھ عنات رضوي، وري شاھ لطيف جو وڏو ھمعصر ھو ۽ ساڻس عمر جو فرق بہ ٽيھ سال ھو، گڏوگڏ ٿوري مفاصلي جي فرق سان ٻنهي شاعرن جو لاڳاپو بہ ساڳئي تر سان ھو، جنھن بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ: ميين شاھ عنات جي سڪونت ۽ شاھ حبيب جي حويليءَ وارا ماڳ مڪان ڄڻ ساڳئي ئي تر ۾ ھئا ۽ وچ ۾ مفاصلو پندرنهن ميلن اندر ھو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سڄاڻ سگهڙن جي حڪايتن مان اُن نتيجي تي پھتو تہ: ڀٽائي صاحب، ميين شاھ عنات وٽ رس رهاڻ لاءِ ايندو ھو. ميون شاھ عنات، ڀٽائي صاحب کي گهڻو ڀائيندو ھو ۽ ڀٽائي صاحب کي ميين شاھ عنات لاءِ گهڻي محبت ۽ عزت ھئي. پر انهن حڪايتن کان وڏو دليل شاھ عنات رضويءَ جي شاعري آھي، جنھن جو سڀاويڪ اثر شاھ لطيف جي شاعريءَ منجهان ثابت ڪيو ويو آھي. ساڳيءَ ريت شاھ قطب رضويءَ جي پنھنجي شاعري ان ڳالهہ جو اھم دليل آھي تہ، کيس شاھ لطيف جو قرب، پيار ۽ صحبت حاصل ھئي. ھيٺ ڪجهہ مثالن سان اھا حقيقت واضح ٿئي ٿي:
شاھ لطيف سُر سارنگ ۾ فرمائي ٿو:
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، چوڏِسِ ٿِي چوڌارَ،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص: 700)
شاھ قطب رضوي مٿين سِٽ کي ھيٺينءَ ريت لکيو آھي:
وڄُون وسڻ آئيوُن، چمڪيون چوڌارَ،
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود سارنگ، فصل 1، بيت 2/ج، ص: 192)
شاھ لطيف سُر کنڀات ۾ انسان جي بي چئي نفس کي ڪرهي سان مشابھ ڪندي چوي ٿو:
ڪَرَهي کي ڪَئِين، وِڌَمِ پَينڌَ پَلَڻَ جا،
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نيئر ساڻُ نَئِين،
چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحبَ! وجهہ سَئِين،
اوباھِيوسِ اَئِين! لُطفَ ساڻُ، لطيفُ چي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان 2، بيت 34، ص: 146)
شاھ قطب رضويءَ جي بيت ۾ ڪرهي جي استعاري سميت لفظن ۾ قافيي جي پڻ ساڳيائپ ملي ٿي:
سٖيٽ سُوَٽ سوگها، پاتم ڪَرهي ڪَئين،
ليڙو لاڻِي ڏسئو، پوءِ نِير ساڻَ نَئِين،
چانگو چيو نہ ڪري، تنھن کي صاحب وجهہ سئين،
اوباھيوسِ اَئين، ڪنهين ڀَتِ، قطب چئي.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود کنڀات، فصل 2، بيت 7/ج، ص: 23)
شاھ لطيف ساڳئي سُر ۾ چنڊ کي مخاطب ٿي چوي ٿو:
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏانھن عالَمَ آسَرو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان 2، بيت 6، ص: 140)
شاھ قطب رضوي ڪرهي کي اِھا ئي ڳالهہ چئي آھي، جنھن سان شعر جي جماليات متاثر پڻ ٿئي ٿي:
ھل تہ ھيڪاندو ٿئين، ڪرها! وجهہ مَ ڪاڻِ،
جيڏانہ عالَم آسرو، تون توڏ! تيڏاھين تاڻ،
ڪامِلَ اُتِ، قطب چئي، پھجائجاھون پاڻ،
تہ رات ھِي ڪريون رهاڻِ، ھُتي ھَلِي حبيب سٖين.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سُر کنڀات، فصل 3، بيت 2/الف، ص: 27)
شاھ لطيف فرمائي ٿو:
جنھن وَلِ گَهڻا وِهاٽِيا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان 2، بيت 37، ص: 146)
تہ شاھ قطب چوي ٿو:
جا وِهاٽٖي وَلِ، اوڏو وانءُ مَ اُن کي.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سُر کنڀات، فصل 3، بيت 6/ب، ص: 29)
ميين شاھ عنات جي ڪلام ۾ شاھ قطب رضويءَ جي سھيڙيل جملي بيتن جي وڌيڪ اڀياس مان شاھ لطيف جي اثر بابت وڌيڪ پروڙ پئجي سگهي ٿي، گڏوگڏ ان حقيقت کي پڻ تسليم ڪجي تہ مٿس پنھنجي پڙڏاڏي، ڏاڏي ۽ پيءُ جي شاعريءَ جو اثر بہ رهيو آھي، جنھن کي لاشڪ تہ ’روشنيءَ جو مينار‘ چئجي، تہ ان ۾ ڪوبہ مبالغو نہ ٿيندو. پاڻ 1184ھ/1771ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار سندس پڙڏاڏي ميين شاھ عنات رضويءَ جي مقبري اندر آھي.
شيخ اياز (1923ع - 1997ع) :
شيخ اياز پنھنجي دؤر جو مشھور ترقي پسند شاعر ٿي گذريو آھي. پاڻ جديد ۽ قديم شاعراڻين صنفن جو سھڻو ميلاپ ڪيو اٿس. شيخ اياز 2 مارچ 1923ع مطابق 12 رجب 1341ھ تي شڪارپور شھر جي شيخ پاڙي ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو غلام حسين شيخ ۽ سندس ڏاڏي جو نالو عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ ھو. سندس ڏاڏو ھڪ سخي مرد ھو، جنھن پنھنجي پاڙي ۾ پاڙيسڙين جي سھولت لاءِ ھڪ کوھ پڻ کوٽرايو ھو. سندس والد غلام حسين شيخ، ٽي شاديون ڪيون. شيخ اياز سندس ٽين ۽ آخري گهرواريءَ مان ڄائو. سندس والدہ دادن ھندو ھئي، جنھن غلام حسين سان پيار جي شادي ڪئي ھئي. پھرين ٻن زالن مان کيس ڪو اولاد ڪونہ ھو. پٽ لاءِ ھن پنھنجي مرشد کي دعا لاءِ عرض ڪيو ھو، جنھن جي دعائن سان شيخ اياز ڄائو.
”شيخ غلام حسين پاڻ بہ شاعر ھو ۽ ’فقير‘ جي تخلص سان شاعري ڪندو ھو. سندس ڪلام فارسي، سنڌي ۽ اردو ٽنهي ٻولين ۾ ھو، پر افسوس جو سندس سمورو ڪلام شيخ اياز کان ڪراچيءَ ويندي ريل گاڏيءَ ۾ گُم ٿي ويو. پاڻ شڪارپور ۾ راڻي پور جي پير سيد سخي صالح، مير علي نواز علوي، آخوند عبدالقادر بيدل ۽ آغا فاروقيءَ سان گڏ شعر ۽ سخن جون محفلون منعقد ڪندو ھو. “ (هڪڙو، 2006ع، ص: 17)
سندس ڪلام جو نمونو ھيٺ پيش ڪجي ٿو:
ڇڏ ھٺيلي ھام، ھڻ ڪو نعرو نينھن جو،
دنيا ڄاڻي دلبو ڇڏ، تون خودي خام،
تہ جوڳي توکي جام، پر تئون ڏين پُر ڪري.
(هڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر، (2006ع)، ’شيخ اياز: شخصيت اور فن‘، ص: 17)
شيخ اياز جو نالو غلام حسين شيخ پنھنجي مرشد راڻي پور جي بزرگ سخي صالح شاھ جيلانيءَ جي چوڻ تي ’مبارڪ علي‘ رکيو ھو. مبارڪ علي جڏهن پنجن ورهين جي ڄمار کي پھتو تہ سندس پيءُ کيس پاڙي جي ھندو سنڌي اسڪول ۾ پھرين درجي ۾ داخل ڪرايو. اسڪول جو ھيڊماستر ٽيڪڻ داس ڄيٺانند ھو.
ھندو سنڌي اسڪول ۾ پھرين درجي (ڪچي ۽ پڪي درجي) جا ٻہ سال مڪمل ڪرڻ کان پوءِ کيس ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2 ۾ (جيڪو اڄڪلھ جماڻي ھاءِ اسڪول جي نالي سان سڏجي ٿو) داخل ڪرايو ويو، جتي ان دؤر جي قابل استادن کيس پڙهايو. ننڍپڻ کان ئي سندن گهر جو ماحول ادبي ھو، تنھن ڪري سندس والد کيس ٻارن لاءِ قصن، آکاڻين ۽ داستانن جا ڪتاب آڻي ڏيندو ھو، جن کي مبارڪ علي پڙهندو ھو. گهر ۾ سندس والد جي رکيل اردو ۽ فارسي ڪتابن کي پڙهي، پنھنجي اسڪول جي دوستن کي موڪل ٿيڻ کان اڳ ڪلاس ۾ قصا ۽ آکاڻيون ٻڌائيندو ھو.
پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مبارڪ علي ڏهين اپريل 1934ع تي نيو ايرا اسڪول ۾ (جنھن کي اڄڪلھ گورنمينٽ قاضي حبيب الله اسڪول جي نالي سان سڏجي ٿو) داخل ٿيو. اسڪول جي استادن ۾ سنڌ جو مشھور شاعر کيئل داس فاني ۽ ھاسانند پرسواڻي بہ شامل ھئا. اھڙن باشعور استادن جي محنت ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي سبب اسڪول ۾ علمي ۽ ادبي ماحول جڙيو ۽ شاگردن کي نصابي ڪتابن کان سواءِ علمي ۽ معلوماتي ڪتاب لائبريريءَ مان وٺي پڙهڻ جي ترغيب ڏني ويندي ھئي، تنھن ڪري شيخ اياز، ’فانيءَ‘ جي صحبت مان گهڻو ڪجهہ پرايو. اسڪولي ٻارن جي علم ۽ ادب سان شوق جي نتيجي ۾ ’ٻالڪ ساھتيه منڊلي‘ قائم ٿي، جنھن پاران ٻارن لاءِ رسالا بہ شايع ٿيڻ لڳا. شيخ اياز بہ شاعريءَ جي شروعات انهن ڏينھن ۾ ڪئي، جيڪا انهن رسالن ۾ شايع ٿيندي ھئي.
شيخ اياز ڇھين درجي ۾ نيو ايرا اسڪول ڇڏي، ٻارهين اپريل 1939ع تي شڪارپور جي گورنمينٽ ھائي اسڪول ۾ داخل ٿيو، ڇاڪاڻ تہ نيو ايرا اسڪول جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق نہ ھو. 1941ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري شيخ اياز، چيلاسنگھ سيتلداس ڪاليج، شڪارپور ۾ داخلا ورتي، جتي نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ، ادب، سياست، مذھب، فلسفي، لطيف فنن ۽ ٻين سماجي علمن جو گهرو اڀياس ڪندو رهيو.
ڪاليج ۾ سندس سنڌيءَ جو استاد ڀوڄراج ناگراڻي ھو، جنھن ’سامي جي سلوڪن‘ کي سھيڙيو ھو. ڪاليج ۾ نصابي سرگرمين کان سواءِ غير نصابي سرگرمين ۾ مشاعرا پڻ ٿيندا ھئا، جن ۾ شيخ اياز بہ پنھنجو ڪلام پيش ڪندو ھو.
C & S ڪاليج مان انٽر پاس ڪري شيخ اياز گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ ڏيارام ڄيٺمل (D. J) ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اچي داخلا ورتي، جتي سندس ملاقات سنڌ جي ٻن وڏن عالمن ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ نارائڻ شيام سان ٿي. کيس پنھنجي ادبي ذوق کي برقرار رکڻ جو اتي بھترين موقعو مليو. ھن 1945ع ۾ B. A ۽ 1948ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. پھريائين سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، پر پوءِ جلد ئي نوڪري ڇڏي عبدالحي قريشي ۽ خالد اسحاق سان گڏ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين، پر ڪجهہ عرصي کان پوءِ کين ڇڏي، عبدالقادر شيخ جي زيردست وڪالت ڪندو رهيو.
ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران شروعاتي دؤر ۾ پاڻ اردوءَ ۾ شاعري ڪندو ھو، پر ڪجهہ سنڌي اديبن جي چوڻ ۽ زور ڀرڻ تي ڪراچي ڇڏي سکر آيو. سکر ۾ وڪالت ۾ نالو ڪڍيائين ۽ اردوءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌي شاعريءَ کي ترجيح ڏنائين. سکر ۾ وڪالت دوران کيس ڪيسن جي سلسلي ۾ شڪارپور، جيڪب آباد، نواب شاھ، حيدرآباد ۽ ڪيترن ئي ٻين شھرن ۾ وڃڻو پوندو ھو. ھڪ موقعي تي پاڻ اظھار ڪيو اٿس: ’وڪالت ۾ بہ ڏاھو ۽ شاعر ھئس ۽ ادب ۽ سخنوريءَ ۾ وڪيل بہ وڪالت منھنجي ادبي زندگي سان گڏ ھلندي رهي. ‘
1976ع ۾ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو. عھدي جي چارج وٺڻ کان ترت پوءِ شاھ لطيف جي مزار تي حاضري ڀرڻ ويو. ھن سنڌ يونيورسٽيءَ کي ترقي وٺرائڻ ۾ ڪونہ گهٽايو. 22 جنوري 1980ع ۾ چئن سالن جو مدو پورو ڪري، ڄام شوري کي الوداع چئي وري سکر موٽي ويو جتي ٻيهر وڪالت ۽ ادبي ڪچھريون شروع ڪيائين.
شيخ اياز پنھنجي سنڌ دوستي، مثبت فڪر ۽ سوچ ڪري جيل بہ ڪاٽيو. عمر جي آخري ڏينھن ۾ کيس دل جي تڪليف ٿي پئي، علاج لاءِ کيس ڪراچيءَ اچڻو پوندو ھو. ڊاڪٽرن کيس وڪالت ڇڏي ڪراچي اچي رهڻ جي صلاح ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ پاڻ 1990ع ۾ سکر واري جاءِ وڪڻي ڪراچيءَ جي مشھور علائقي ڪلفٽن ۾ ’پرنس ڪامپليڪس‘ ۾ فليٽ وٺي رهائش اختيار ڪئي ۽ آخر ڪار 28 ڊسمبر 1997ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. کيس ڀٽ شاھ ۾ ڪراڙ جي ڪپ تي دفنايو ويو.
شيخ اياز پنھنجي فن ۽ فڪر ذريعي ننڍي کنڊ ۾ ھڪ منفرد حيثيت حاصل ڪئي ۽ پنھنجي ھمعصرن ۾ تمام مٿانهون مقام ماڻيو، جيڪو عالمي سطح تي تمام گهٽ شاعرن کي حاصل ٿيندو آھي. برک نقاد ۽ ڏاھي رسول بخش پليجي لکيو آھي تہ: ”اوڀر ۽ اولھ ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون اھڙيون آھن، جن ۾ نھايت ئي قيمتي ادبي سرمايو موجود آھي، پر انهن کي فقط ان ڪري انصاف نہ مليو آھي تہ اھي ننڍيون ٻوليون آھن. منھنجي نظر ۾ اوڀر ۽ اولھ جي وڏين ٻولين ۾ ٿيندڙ شاعريءَ تي عبور رکندڙ ڪو شاعر قابل بہ ھجي ۽ دسترس بہ رکندڙ ھجي، ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ شيخ اياز جي ٻوليءَ ۾ سندن سڄي شاعري تي عبور رکندڙ بہ ھجي تہ مون کي اھو چوندي ڪو عار نہ ٿيندو تہ اھو شخص پڪ ان نتيجي تي پھچندو تہ شيخ اياز نہ فقط پاڪستان جو بلڪ دنيا جو وڏو شاعر آھي. “ (فرخي/پيرزادو، 1999ع، ص: 19)
شيخ اياز، سنڌي شاعريءَ جي سڀني صنفن تي ڀرپور شاعري ڪئي آھي. بيت، وائي ۽ گيت تہ سندس دلپسند صنفون رهيون آھن، انهن صنفن ۾ ھن جدت پڻ آندي آھي، جنھن کي سنڌي شاعريءَ ۾ انقلابي تبديلي بہ چئي سگهجي ٿو. شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ 1962ع ۾ ڇپيو، جنھن کي پاڪستان رائٽرس گلڊ ڇپرايو ھو، ان ۾ بيت، دوها، گيت، ڇيڄ، وايون، آزاد نظم، نظم، قطعا ۽ غزل شامل آھن.
جنھن لاءِ پاڻ لکي ٿو: ”منھنجي بيت جي ھيئت قديم شاعري جي بيت جھڙي آھي، باقي ان جي موضوع ۾ جدت آھي. بيتن ۾ ڪم آندل ٻولي ٺيٺ سنڌي آھي، ڇو تہ بيت جي ٻوليءَ ۾ فارسي آميزش جي بالڪل گنجائش ڪانهي. “ (شيخ اياز، 1962ع، ص: 1)
آيو آڌيءَ رات جو، پرينءَ جو پڙلاءُ،
چڪڻ لڳو چنڊ جو، گهرو گهرو گهاءُ،
صدين جو سوداءُ، جاڳي اٿيو جيءَ ۾.
(اياز، شيخ، (1962ع)، ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘، ص: 3)
”منھنجي واين جي ھيئت ۽ موضوع ٻئي جداگانہ ۽ جديد آھن. وايون فارسي بحر ۾ آھن، پر انهن ۾ قديم وائيءَ جو تسلسل آھي، جو دراصل وائيءَ جي سخن جي جان آھي. “ اڳتي لکي ٿو: ”هن مجموعي ۾ دوهي ۽ گيت جو موضوع بہ ڪلاسيڪي دوهي ۽ گيت کان زيادہ وسيع آھي. “ (شيخ اياز، 1962ع، ص: 2)
بُک تي نڪتي باک، ۽ ڏک ۾ گذريو ڏينھن،
ڇڏ ھي سک جون ڳالهڙيون، پنھنجو ڪھڙو نينھن؟
(اياز، شيخ، (1962ع)، ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘، ص: 29)
شيخ اياز جي شاعري سنڌي عوام ۾ شعور جو احساس پيدا ڪيو ۽ ان وقت جي حالتن پٽاندر سياسي سجاڳي ۽ سياسي ماحول کي گرمائڻ ۾ سنڌي شاعريءَ نھايت اھم ڪردار ادا ڪيو. خاص طور تي ون يونٽ خلاف ھلندڙ تحريڪ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي عوام، اديبن ۽ شاعرن جيڪو ڪردار ادا ڪيو ۽ قربانيون ڏنيون،سي تاريخ جو ھڪ اھم باب آھن. سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي شيخ اياز ڄڻ تہ سرواڻي ڪئي. ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘، سنڌي ادب ۾ ھڪ نئون ۽ جدت سان ڀريل شاعريءَ جو مجموعو ھو. پاڪستان رائٽرس گلڊ پاران ان کي سال جو بھترين ڪتاب قرار ڏيئي، ان کي انعام بہ ڏنو ويو. ڪتاب جي ڇپائيءَ کان پوءِ رجعت پسند عناصرن شيخ اياز جي مخالفت ۾ احتجاج ڪيو. جواب ۾ ترقي پسند اديبن ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ تي تبصرا لکيا. سڄاڻ ڌرين سان واسطو رکندڙ اديبن ۽ عالمن شيخ اياز جي باقاعدہ حمايت ڪئي ۽ ڪيئي ڪالم، مقالا ۽ ڪتاب شايع ٿيا. انهن نالي وارن عالمن ۾ ابراھيم جويو، رسول بخش پليجو، غلام محمد گدا ۽ رشيد ڀٽي وغيرہ شامل ھئا.
شاھ لطيف کان پوءِ شيخ اياز پھريون شاعر آھي، جنھن صدين کان پوءِ سنڌي ثقافت کي نئين سِر جياريو ۽ عالم انسانيت سان روشناس ڪرايو. ڊسمبر 1963ع ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان جي شروعات ۾ پنھنجي شاعريءَ بابت شيخ اياز لکي ٿو:
”تون ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پاڻي پي رهيو آھين، مان توکي بلور جي صاف ڪوزي ۾ ميءِ آڇيان ٿو. تون منھنجيءَ ميءِ کان ڇرڪين ٿو، ڇو تہ تون انهيءَ بيٺل تلاءَ جي پاڻيءَ تي ھري ويو آھين. تو کي اِھو ٻاڙو پاڻي گهر ويٺي ملي ٿو، تنھن ڪري تون اِھا تڪليف بہ نہ ٿو وٺين تہ تون اھو شفاف جهرڻو ڳولي لهين، جنھن جي ڀر تان تنھنجا وڏا ڪجهہ صديون اڳ لڏي آيا ھئا. مون انهيءَ ساڳي جهرڻي جي پاڻيءَ تي انگور جون وليون پوکي، انهن جي ميوي جي رس مان ھيءَ ميءِ جوڙي آھي. تون انهيءَ مان چُڪي چکي تہ ڏس! شايد اِھا توکي امر ڪري ڇڏي. “ (شيخ اياز، 1963ع، ص: ٻ)
شيخ اياز، اردو شاعريءَ جي حوالي سان بہ ھڪ وڏو شاعر ھو. سندس اردو شاعريءَ ۾ جيڪا فني ۽ فڪري ھمه گيريت آھي، سا سندس ھمعصرن ۾ نظر نٿي اچي. سندس وسيع اڀياس ۽ مشاھدو سندس شاعريءَ جي اھميت کي وڌائي ڇڏيو آھي. ھُو سنڌيءَ کان سواءِ اردو، فارسي، ھندي ۽ انگريزي ٻولين تي بہ ھڪ جيتري دسترس رکندو ھو. ورهاڱي کان پوءِ اردو ٻوليءَ ۾ شاعريءَ وسيلي پنھنجي اندر جي اڌمن جو اظھار ڪيائين. پاڻ ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ ۽ ’حلقہ ارباب ذوق‘ جي گڏجاڻين ۾ پڻ شرڪت ڪندو ھو. اردو ٻوليءَ ۾ سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو جولاءِ 1954ع ۾ ’بوءِ گل نالہ دل‘ جي نالي سان ڇپيو ھو، جنھن کي ’سنڌي ادبي سرڪل، سکر‘ شايع ڪرايو. اردوءَ جي مشھور شاعر ۽ اديب آفاق صديقي ان ڪتاب کي سھيڙيو. سندس ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ آفاق صديقي لکيو آھي: ”اياز جو فن ڪنھن مخصوص نظرئي جو پابند ڪونهي، پاڻ ھر شيءِ جو تجربو پاڻ پنھنجي دل ۽ نظر سان ڪري ٿو ۽ جن احساسن کي فني تخليق جي سانچي ۾ گهڙڻ چاھي ٿو، تنھن کي نھايت ئي نفاست سان گهڙي ٿو. سندس فن نہ نج ’طربيه‘ آھي نہ ’الميه‘، بلڪ ٻنهي جو وڻندڙ ميل جي ڪيفيتن تي ٻڌل آھي. انهن ئي بنا نالي واري ڪيفيتن کي سھڻين ترڪيبن، اڻ ڇھيل استعارن ۽ ٻين شعري خوبين سان نون طريقن ۽ انداز سان پيش ڪرڻ ۾ سندس فنڪارانہ انفراديت لڪل آھي. “ (صديقي، 1954ع، ص: 15)
نین کنول مرجهائے،
ساجن لوٹ نہ آئے۔
آشا کی اگنی تو من میں دیپ پہ دیپ جلائے
سمے پرانا پاپی جگ میں لاکھوں چاند بجھائے
ڈگر ڈگر بھٹکائے
ساجن لوٹ نہ آئے۔
کیا جانے میری نینوں سے نندیا کون چرائے
کاش مجھے آکاش پہ ایسا اک تارا مل جائے
جو چاند کا دیس دکھائے
ساجن لوٹ نہ آئے۔
بیتی رتیاں! آج جو مجھکو میرا کل مل جائے،
میں جیون کی ناؤ ڈبو دوں جو وہ مانجهی آئے،
کون اسے سمجھائے،
ساجن لوٹ نہ آئے۔
(ایاز، شیخ، (1988ع)، ’نیل کنٹھ اور نیم کے پتے‘، ص: 54)
سندس اردو شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ’کف گلفروش‘ ھو، جيڪو ڪن سببن ڪري شايع ٿي نہ سگهيو. البت سندس اردو شاعريءَ جو ٽيون مجموعو، جيڪو 1988ع ۾ مڪتبہ دانيال ڪراچي ’نیل کنٹھ اور نیم کے پتے‘ جي نالي سان ڇاپيو ھو، ٻہ سؤ يارهن صفحن تي ٻڌل آھي. فھميدہ رياض ان جي مهاڳ ۾ لکيو آھي: ”شيخ اياز بنا ڪنھن شڪ جي ھڪ مھان ڪوي آھي. سندس اصل حيثيت کي ننڍي کنڊ ۾ گهٽ ماڻهو ڄاڻن ٿا، جنھن جو سبب اھو آھي تہ سندس تعلق ننڍي کنڊ جي ھڪ ڪنڊ پاسي سان آھي، جنھن جي ٻولي پنھنجي علائقي تائين محدود آھي، نہ تہ حقيقت اھا آھي تہ آزاديءَ کان پوءِ اياز جي قد ڪاٺ جو ٻيو ڪو شاعر ھندستان ۽ پاڪستان ۾ ادب جي افق تي اڀريو ئي ناھي. “ (شيخ اياز، 1988ع، ص: 10)
شيخ اياز شاعريءَ کان سواءِ نثر ۾ بہ نالو ڪمايو آھي ۽ ورهاڱي کان اڳ سنڌي افساني نگاريءَ ۾ پنھنجي فن ۽ فڪر کي پيش ڪيو. پاڻ جڏهن اڻويھين سالن جو ھو تہ سندس افسانا ان وقت جي مشھور رسالي ’سنڌو‘ ۾ شايع ٿيندا ھئا. سندس پھريون افسانو ’سھڻي سير ۾‘ ھو، جيڪو سيپٽمبر 1942ع جي ’سنڌوءَ‘ جي پرچي ۾ ڇپيو ھو. اھڙي ريت سندس افسانا رسالي ’سنڌو‘ ۽ ’اڳتي قدم‘ ۾ ڇپيا ھئا. سندس افسانن جو پھريون مجموعو ’سفيد وحشي‘ اپريل 1947ع ۾ ھندستاني ساھتيه آستان ڪراچي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.
شيخ اياز پنھنجي نوجوانيءَ واري دؤر کان باشعور نظر ايندو ھو. سنڌي ٻولي ۽ ادب کي جديد فڪر سان سلهاڙڻ ۾ نہ فقط ادبي کيتر ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين، پر صحافتي ميدان ۾ بہ چڱو نالو ڪمايائين. ڪاليجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ شڪارپور مان ماھوار سنڌي رسالو ’اڳتي قدم‘ جي نالي سان شروع ڪيائين، جنھن سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ کي ھٿي وٺرائي. 1994ع کان ڪراچي مان ڇپجندڙ روزاني اخبار ’برسات‘ جو بہ چيف ايڊيٽر ٿي رهيو. ’برسات‘ اخبار جا سندس سياسي، اقتصادي، سماجي، علمي، ادبي ۽ لساني موضوعن تي لکيل ايڊيٽوريل ۽ ڪالم، صحافتي ادب جو ھڪ بھترين سرمايو آھن.
شيخ اياز جي شاعريءَ جا مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿيندا رهيا آھن، جن ۾ ھندي، بنگالي، پنجابي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ٿيل ترجما ذڪر جوڳا آھن.
شيخ اياز جي شاعريءَ جو پنجابي ۾ ترجمو احمد سليم ’جو بیجل نے آکھیا‘ جي نالي سان ڪيو، جنھن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي 1976ع ۾ شايع ڪرايو.
شيخ اياز جي شاعريءَ جي چونڊ ڪلام جو اردو ۾ ترجمو ’حلقہ میری زنجیر کا‘ جي عنوان سان فھميدہ رياض ڪيو، جنھن کي پڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1979ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ھي ڪتاب 272 صفحن تي ٻڌل آھي، جڏهن تہ 273 کان 343 صفحن تائين حمايت علي شاعر پاران ’شیخ ایاز شخصیت و عکس‘ جي عنوان سان شيخ اياز جي شخصيت ۽ فن تي مقالو لکيل آھي. ترجمو ٿيل ھڪ بيت ھيٺ ڏنل آھي:
گیت جسے سمجھا ہے تو، آگ ہے وہ انمول
جس کی سوچ سماج کو، کردے ڈانوا ڈول
سلگیں کوتا بول، جگمگ جگمگ زندگی۔
(ریاض، فہمیدہ، (1979ع)، ’حلقہ میری زنجیر کا‘، ص: 84)
شيخ اياز جيل ۾ رهندي ساھيوال جيل جي ڊائري ۽ پنھنجي آتم ڪٿا ’ڪٿي نہ ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۽ ’ڪٿي تہ ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ جي عنوان سان لکي آھي. سندس ڇپيل نثري ۽ شاعريءَ جي ڪتابن جو وچور ھن ريت آھي:
سفيد وحشي (1947ع)، اڳتي قدم (1947ع)، اسان جي سنڌ (1947ع)، سنڌي ڪھاڻيون (1954ع)، پنهل کان پوءِ (1954ع)، بوءِگل – ناله دل (1954ع)، بقول اياز (1958ع)، ڀؤنر ڀري آڪاس (1962ع)، ڪلهي پاتم ڪينرو (1963ع)، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي (1963ع)، شاھ جو رسالو (اردو ترجمو) (1963ع، جل جل مشعل جل (1967ع)، ھي گيت اڃايل مورن جا (1968ع)، رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي (1968ع)، ھي گيت سنهري سنڌوءَ جا (1968ع)، ڪي جو ٻيجل ٻوليو (1970ع)، لڙيو سج لڪن ۾ (1970ع)، مدن مست (1972ع)، وڄون وسڻ آئيون (1973ع)، ڪپر ٿو ڪُن ڪري (1975ع)، جو بيجل ني آکيا (پنجابي) (1976ع)، نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي (1976ع)، 4 مارچ ۽ سنڌي جوڌا (1978ع)، حلقہ ميري زنجير ڪا (1979ع)، پتڻ ٿو پور ڪري (1982ع)، شاعر جي نوٽ بڪ تان (1983ع)، ٽڪرا ٽٽل صليب جا (1984ع)، جڳ مڙيو ئي سپنو (1985ع)، چنڊ چنبيليءَ ول (1985ع)، پن ڇڻ پڄاڻان (1985ع)، واٽون ڦلن ڇانيون (1985ع)، رڻ تي رم جهم (1986ع)، ساھيوال جيل جي ڊائري (1986ع)، ڀڳت سنگھ کي ڦاسي (1986ع)، راڄ گهاٽ تي چنڊ (1987ع)، خط، انٽرويو، تقريرون-1 (1987ع)، اڪن نيرا ڦليا (1988ع)، بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي (1988ع)، جهڙ نيڻان نہ لهي (1989ع)، ڪراچيءَ جا ڏينھن ۽ راتيون (1989ع، اُڀر چنڊ پس پرين (1990ع)، پنهل کان پوءِ جڳ مڙيو ئي سپنو (1990ع)، سُر نارائڻ شيام (1991ع)، ٽڪرا ٽٽل صليب جا ۽ واٽون ڦلن ڇانيون (1991ع)، ھينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن (1991ع)، خط، انٽرويو، تقريرون-2 (1991ع)، ڪتين ڪر موڙيا جڏهن-1 (1992ع)، ڪتين ڪر موڙيا جڏهن-2 (1992ع)، ننڊ وليون (1992ع)، سورج مکي سانجهه (1993ع)، سر لوهيڙا ڳڀيا (1993ع)، جر ڏيئا جهمڪن (1993ع)، ھرڻ اکي ڪيڏانھن (1994ع)، الوداعي گيت (1994ع)، ڪٿي نہ ڀڃبو ٿڪ مسافر-1 (1995ع)، تون ڇپر تون ڇانوَ (1995ع)، چنڊ ڳليون (1995ع)، ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون (1996ع)، ڪٿي تہ ڀڃبو ٿڪ مسافر-2 (1996ع)، ڪتين ڪر موڙيا جڏهن-3 (1996ع)، سانجهي سمنڊ سپون (1996ع)، گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾ (1996ع)، ڪونجون ڪرڪن روھ تي (1997ع)، وڏا وڻ وڻڪار جا (1997ع)، اُٿي اور الله سين (1998ع)، ڪٿي تہ ڀڃبو ٿڪ مسافر-3 (1998ع)، ڪـاري رات ڪھنگ (1998ع)، شـاعـريءَ جـو سـجــدو (1998ع)، ھڪ شاعر ھڪ عاشق (1998ع)، جي تند برابر توريان (1998ع)، ساھيوال جيل ڪي ڊائري (1998ع)، ڪٿي تہ ڀڃبو ٿڪ مسافر-4 (1999ع)، مينهن ڪڻيون (1999ع)،The Storms call for Pryaers (1999ع)، شيخ اياز ڪي خطوط (2000ع)، اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني (2002ع)، Songs of Freedom (2003ع)، Immortal Poetry of Sheikh Ayaz (2003ع)، گـيـڙو ويـس غزل (2004ع)، آوارہ (اردو) (2006ع)، On the bank of Indus
(2006ع)، ھيءَ ناوَ ھلي آ گيت کڻي (2009ع)، ھي روح جزيرو حيرت جو شامل آھن.
انهن سڀني ڪتابن کي سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي پاران ٻيهر نئين ڍنگ سان ڇپرايو ويو آھي، جيڪي شاعريءَ جي ڏهن جلدن، نثر جي پنجن جلدن، اردو شاعريءَ جي ٽن جلدن ۽ Songs of Freedom انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب جي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آھن.
شيخ اياز ھڪ وڏو شاعر ھئڻ سان گڏوگڏ ھڪ بھترين مترجم بہ ھو. سندس وڏو ڪارنامو ’شاھ جو رسالو‘ جو اردو ترجمو ھو. 1953ع ڌاري پاڪستان سرڪار جي تعليم واري وزارت، سنڌ يونيورسٽيءَ کي اردو-سنڌي لغت، سنڌي-اردو لغت، بنيادي سنڌي لغت ۽ شاھ لطيف جي رسالي کي ترجمي ڪرائڻ جي رٿا منظور ڪري ڏني. ’شاھ جو رسالو‘ جي ترجمي جو ڪم پير حسام الدين راشدي مرحوم جي حوالي ڪيو ويو، جنھن وري اھو ڪم شيخ اياز جي حوالي ڪيو. ”ان کان اڳ مخدوم امير احمد، جيڪو ان وقت اورينٽل ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال ھو، تنھن جي ذمي اھو ڪم رکيو ويو ھو تہ پاڻ ’شاھ جو رسالو‘ جو اردو نثر ۾ ترجمو ڪري کيس سنڌي ۽ اردو ٻنهي ٻولين تي مهارت حاصل ھئي. اھو نثري ترجمو شيخ اياز جي حوالي ڪيو ويو تہ جيئن منظوم ترجمي ۾ شاھ لطيف جي ڪلام جو ڪو بہ حصو مبهم ۽ شڪ وارو نہ رهي. “ (شيخ اياز، 1991ع، ص: 2)
شيخ اياز 1955ع ۾ اھو ترجمو شروع ڪيو ۽ ڏيڍ سال جي مختصر عرصي ۾ ان کي مڪمل ڪيو، جنھن ۾ ڇھَ ھزار ٻہ سؤ ٽيٽيھ بيتن ۽ 196 واين جو ترجمو شامل آھي. ان رسالي کي پھريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽي پاران 1963ع ۾ ڇپيو ويو ھو پوءِ اڄ تائين ان جا ٻہ ڇاپا 1977ع ۽ 1991ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيل آھن.
شيخ اياز ذھني طور تي شاھ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي کان تمام گهڻو متاثر ھو. خاص طور تي ’شاھ جو رسالو‘ کي ترجمي ڪرڻ کان پوءِ پاڻ شاھ لطيف جي فڪر جي گهرائيءَ ۾ ٽٻيون ھڻي چڪو ھو. سندس ڪلام ۾ شعوري ۽ لاشعوري طور شاھ لطيف جو فڪر پَسجندو نظر اچي ٿو.
شاھ لطيف ھڪ بيت ۾ عام کي سمجهائيندي چوي ٿو:
روزا ۽ نَمازُون، اِيءُ پُڻ چَڱو ڪَمُ،
اُو ڪو ٻيو فَھَمُ، جِنہِ ۾ پَسڻُ پِرينءَ کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 1، بيت 16، ص: 332)
شيخ اياز بہ پنھنجي ھڪ بيت ۾ ساڳئي خيال کي ہن ريت سمايو آھي:
عبادت نہ عيب، آھيان ڪنھن جي روبرو،
غير نہ آھي غيب، تو مان توکي ٿو ڏسي.
(اياز، شيخ، (1996ع)، ’سانجهي سمنڊ سپون‘، ص: 83)
شاھ لطيف، ڏکن کي بہ سکن جي سونھن ڪري، ان جو اظھار ھن ريت ڪيو آھي:
ڏُکَ، سُکَنِ جِي سُونھن، گهورِيا سُکَ ڏُکَن ري!
جَنِين جِي وِرُونھن، سَڄَڻُ آيو مان ڳريٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان 6، بيت 24، ص: 459)
ان ساڳئي خيال کي شيخ اياز ڪجهہ ھن ريت بيان ڪيو آھي:
ڏکارن جا ڏک، وراھين ونڊين،
ماڻهن کي منڊين، او شل! پنھنجي پيار سان.
(اياز، شيخ، (1996ع)، ’سانجهي سمنڊ سپون‘، ص: 81)
شيخ اياز، انسان کي مخاطب ٿيندي چيو آھي، جيڪڏهن پنھنجو پاڻ سان رهاڻ ڪري، پنھنجي حياتيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسين، امر روشني، شڪتي حاصل ڪري سگهين ٿو:
جي تون پنھنجو پاڻ سان، گهڙي گهارين،
جي تون پنھنجو پاڻ ۾، ٿورو نهارين،
شايد تون ٻارين، ان ۾ امر جوت کي.
(اياز، شيخ، (1996ع)، ’سانجهي سمنڊ سپون‘، ص: 84)
اھڙي قسم جي ڳالهہ شاھ لطيف، سُر سسئي آبري ۾ ھن طرح سمجهائي ٿو ۽ دوست کي ٻئي پاسي نهارڻ بدران پاڻ ۾ پيهي اندر ۾ جهاتي پائڻ جي تلقين ڪري ٿو:
وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، ھِتِ نہ ڳولِين ھوتَ کي،
لِڪو ڪِينَ لَطيفُ چي، ٻاروچو ٻئٖي پارِ،
ٿِيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهُونءَ سين پارِ،
نايو نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
(شاھواڻي،غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر سسئي آبري، داستان 3، بيت 11، ص: 295)
چيئن چاڙهڻ جو ذڪر شيخ اياز ھيئن ڪري ٿو:
مون کي چاڙهي چيئن تون، پوءِ پڇين ٿو ڪيئن،
تو سان ٿيندو ھيئن، ايءُ بہ تو ڄاتو ھيو.
(اياز، شيخ، (1997ع)، ’ڪونجون ڪرڪن روھ تي‘، بيت: 4، ص: 56)
شيخ اياز اھو منظر ڀٽائيءَ جي سُر سامونڊيءَ مان ورتو آھي:
سي ئِي جوڀَنَ ڏينھن، جَڏِهن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِيا،
رُئان، رَهَنِ نہ سُپِرِين، آيَلِ! ڪَرِيان ڪيئن؟
مون کي چاڙهي چِيئَن، وِيو وَڻِجارو اوهَرِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘ سر سامونڊي، داستان 1، بيت 8، ص: 190)
شاھ لطيف، سُر ڪاموڏ ۾ مهاڻين جي ڪرت ھن ريت بيان ڪئي آھي:
کِکيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ ھاڻان ڇَڄَ،
پاندُ جَنِي جي پاندَ سِين، لَڳو ٿئي لَڄَ،
سَمُو ڄامُ سَھَڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ سِين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 2، بيت 9، ص: 280)
ان ساڳئي خيال کي شيخ اياز ڪجهہ ھن ريت بيان ڪيو آھي:
ککيءَ کاريون جندڙيون، ھينئان ڇڇيءَ ڇڄ،
تن کي ڪھڙي لڄ، جن کي ساڙ سڳنڌ سان.
(اياز، شيخ، (1996ع)، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘، ص: 91)
صوفي دلپت (1769ع-1849ع) :
12 صدي عيسويءَ ۾ شروع ٿيل ڀڳتي ھلچل پوري ننڍي کنڊ ۾ 16 عيسوي صديءَ تائين ڇانئجي وئي. سنڌ ۾ قاضي قادن، شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ۽ ميون شاھ عنات پھريان صوفي شاعر ھئا، جن 16 عيسوي صديءَ ۾ تصوف سان گڏ ڀڳتي ھلچل جو اثر ورتو. ان کان پوءِ شاھ، سچل ۽ ساميءَ، اُن ھلچل جي اثر کي سنڌ ۾ اوج تي رسايو. روحل فقير، ڀائي آسرداس ۽ دلپت صوفي بہ ان سلسلي جي ڪڙي ھئا.
دلپت صوفيءَ سيوهڻ ۾ جنم ورتو ھو. سندس آڪھ ناراڻي ھئي. سندس جنم 1769ع ۽ لاڏاڻو 1849ع ۾ ٿيو. ھُو حيدرآباد ۾ پنھنجي گُروءَ آسرداس وٽ ڪافي عرصو رهيو. ھو ميرن جي صاحبيءَ ۾ چڱي عھدي تي ھو ۽ حاڪمن وٽ سندس ڪافي عزت ھئي. شڪل جو سھڻو، حشمت وارو ۽ بيپرواھ انسان ھو. ھڪ ڀيري پنھنجن ننڍن ڪامورن سان گڏ، سرڪاري ڪم سان گشت تي نڪتو ھو. سندس گرو، ڀائي آسرداس، دونھين دکائي، اکيون بند ڪري جهنگ ۾ ويٺو ھو. ڀائي دلپت بہ اچي گروءَ جي اڳيان ويٺو رهيو، جيستائين سنت اکيون کولي. ايتريقدر جو ساڻس گڏ آيل ننڍا ڪامورا تنگ ٿي واپس ھليا ويا. آخر ميرن کيس چوائي موڪليو تہ جلدي اچي سندن آڏو حاضر ٿئي. دلپت، ميرن جي ماڻهن کي سرائڪيءَ ۾ چيو تہ: ”ڄُلو، مين نہ ڄُلسان، ميران ڪو غرض ھوسين تہ آپي اِٿ آويسن. “ (ٺڪر، (2009ع)، ص: 18) سچ به، ٿيو ايئن تہ مير صاحب پاڻ گهوڙي تي چڙهي، اُتي ساڻس ملڻ آيو. ھمت وارو مڙس ھو، نوڪريءَ دوران تلوار پاڻ سان رکندو ھو.
دلپت جا ھمعصر شاعر، سچل، بيدل ۽ سامي ھئا. جھڙيءَ ريت سنڌي شاعريءَ ۾ شاھ ۽ سچل، بيدل ۽ بيڪس، ساڳيءَ طرح ساميءَ ۽ دلپت جي جوڙي سدا حيات آھي.
دلپت ڪٿي پڙهيو، ڪھڙا علم پرايائين. ڪا ڄاڻ نہ ٿي ملي. سندس گرو آسرداس ھو، جنھن کيس رڱي ريٽو ڪري ڇڏيو ھو. دلپت کي سنڌيءَ سان گڏ سنسڪرت، ھندي ۽ فارسيءَ جي وڏي ڄاڻ ھئي. ساميءَ وانگر دلپت بہ پنھنجي ٻاڻي اڪثر ڪري سلوڪن ۾ ادا ڪئي آھي. صوفي دلپت، پنھنجن سمورن سلوڪن کي الڳ الڳ موضوعن ۾ ورهائي، عميق ۾ ٽٻيون ڏنيون ۽ اعليٰ پرواز ڪيو آھي. سندس سلوڪ ھيٺين عنوانن ۾ ورهايل آھن: (1) سلوڪ محبت جا، (2) سلوڪ ڀرم نو ورتي ڪرڻ جا، (3) سلوڪ ڪلاليءَ جا، (4) سلوڪ پتنگن جا، (5) سلوڪ سـڪ جـا، (6) سلوڪ پـوربـيءَ جا، (7) سلوڪ ڪـلجـڳ جـا،
(8) سلوڪ بسنت بھار جا، (9) سلوڪ سڌارا. ان کان سواءِ ڪجهہ ڪافيون بہ چيون اٿس. سندس سلوڪن جو تاتپرج بہ ساڳيو ساميءَ جي ئي سلوڪن وانگر آھي. دلپت جون ڪافيون الفت جي آلاپن سان ڀريل آھن، پر سنڌيءَ کان بہ وڌيڪ سندس ڪلام ھنديءَ ۾ چيل آھي.
سندس ’هندي سي حرفي‘، ’سلوڪ گر اُستت ڪي‘، ’واھگرو ڪو جاپ‘ ۽ مختلف ھندي راڳن ۽ راڳڻين ۾ بہ چيل اڪيچار ڀڄن، پرماتما جي پيار سان پُر ۽ الاھي عشق جي رنگ ۾ رتل آھن. سندس سرائڪي ۽ سنڌي ڪافيون، عشق جا اُمنگ ۽ محبت جي مستي آڻيندڙ آھن. سندس سنڌي سلوڪ بہ معرفت ۽ تصوف جي متن ۽ رمزن سان سرشار آھن. تصوف سندس شعر جو تاڃي پيٽو آھي.
دلپت صوفيءَ جي شاعريءَ جو مطالعو ڪجي ٿو تہ معلوم ٿو ٿئي تہ مٿس شاھ لطيف جو وڏو اثر آھي. سندس ڪلام ۾ موکيءَ جو ڪردار، شاھ لطيف جي شعر وانگر متاثر ٿو ڪري. شاھ لطيف، سُر يمن ڪلياڻ ۾ موکي ۽ متارن جو ذڪر ڪيو آھي. موکي، ڪلال ھئي، دارون تيار ڪندي ھئي ۽ متارن کي وڪڻندي ھئي. شاھ لطيف چيو آھي:
نِڪتو نِڪتو مٽ مان، جيئڻ جو جنسارُ!
موکي، مومل جي ڀيڻ ’ناتر‘ جي ڌيءَ ھئي، جيڪا مومل راڻي جي قصي ۾ موجود آھي ۽ مومل جي عاشق کي ڪاڪ محل تائين منجهائي ماريندي ھئي. شاھ لطيف، موکيءَ کي تمام گهڻو ياد ڪيو آھي:
متارا مري ويا، موکي تون نہ مرين!
ڪيهي پَرِ پَرين، ڏُکي ڏاتارن ري.
(ڏيپلائي، محمد عثمان، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 4، بيت 32، ص: 47)
دلپت صوفيءَ بہ شاھ لطيف جيان موکيءَ کي علامت بڻائي، کيس پنھنجن ڪيترن سلوڪن ۾ امر ڪري ڇڏيو آھي:
موکيءَ جي من ۾، پئي مِهر اَپار،
ھڻي ڪرٽ ڪپار ۾، سر ڌڙ کان ڪري ڌار،
تن پرينءَ ڏنو برھ جو، پيالو پُر خمار،
چيٺي ڦٽ فراق جا، دل نئي دلپت گهار،
ٺريا نيڻ ٺار، ڏسي مُنهن محبوب جو.
(ٺڪر، گوپ ڪمل، (2009ع)، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘، ص: 9 ۽ 10)
شاھ لطيف، سُر سورٺ ۾ ٻيجل تي راضي ٿي، سر ڏيڻ جي ڳالهہ ڪئي آھي. دلپت وري موکيءَ تان صدقي ٿي، ساڳي ڳالهہ شاھ لطيف وانگر دھرائي ٿو:
موکي گُهري سِر ھڪڙو، مئي جو مُلھ ميان،
جي سَوَ سِر ھُونِ ڌر، تان وڍي سڀ ڏيان،
پر ڌر تي سِر ھڪڙو، سو ڏيندي لڄ مران،
دلپت سر سُپرين ڪئن، ڏيندي ڌير ڌريان،
صدقي ساھ ڪريان، موکي تنھنجي محبت تان!
(ٺڪر، گوپ ڪمل، (2009ع)، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘، ص: 10)
دلپت جي شاعريءَ ۾ ’سلوڪ محبت جا‘ ستاويھ عدد چيل آھن. ’سلوڪ محبت جا‘، ۾ دلپت صوفي، شاھ لطيف جي ’پتنگ پرواني‘ واري واٽ ورتي آھي. ھن سڪ جو فلسفو کڻي، محبت جي سلوڪن ۾ خوب بيان ڪيو آھي:
پتنگ چوائين پاڻ کي، تان اُتي آگ اچ،
سدا سپرين جو ٿو، محبت ٻري مچ،
سانگو ڪري سِر جو، پتو پرينءَ جو پُڇ!
(ٺڪر، گوپ ڪمل، (2009ع)، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘، ص: 10)
يا وري لطيفي لات ’محبت جي ميدان ۾‘ کي ھن ريت ڪم آڻي ٿو:
محبت جي ميدان ۾، ڪي گهڙن مَيا مردَ،
لنگهي ليڪو لوڪ جو، فارغ ٿيا فرد.
(ٺڪر، گوپ ڪمل، (2009ع)، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘، ص: 59)
محبت جي ميدان ۾، ڪي ھلن شير شتاب،
ڪلهو ڏئي ڪاتيءَ کي، ڪُسي ٿيا ڪباب.
(ٺڪر، گوپ ڪمل، (2009ع)، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘، ص: 56)
اھڙيءَ ريت عنوان ’سلوڪ ڀرم ڪلاليءَ جا‘ ۾ دلپت جا ٽيھ سلوڪ ملن ٿا. ھن موضوع تي پڻ شاھ لطيف ۽ ساميءَ، انسان کي ھدايت ڪئي آھي تہ سنسار جي ڀرمن وس ٿي، اڀماني بڻجي، ڳھلا نہ ٿيو، سچي محبوب جي راھ ۾ وک کڻي ڀَوَ ساگر کان پار پئجو. دلپت چوي ٿو:
وڏو قربُ ڪلال جو، اکين سان ڏٺو،
ڏنائون قاتل زھر مون، سو لڳو مون مٺو،
پلٽ ٿي پياڪن تي، برھ وُٺي وٺو،
دلپت تن ٽٽو، جن سر ڏنو سٽ ۾!
(ٺڪر، گوپ ڪمل، (2009ع)، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘، ص: 64)
ساڳي شاھ لطيف واري ٻولي تہ:
عاشقَ زھرَ پِياڪَ، وِھ پَسيو، وِهُسَن گهڻُو،
ڪَڙي ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيَنِ لَئُون لطيفُ چي، فَنا ڪيا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَھ پِھ آھَه نہ سَلَنِ عامَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 23، ص: 75)
دلپت جا ’سلوڪ ملار جا‘، شاھ لطيف جي سُر سارنگ جون سڪون لاھين ٿا. ملار جا سلوڪ نَو آھن، جن مان ھڪ ھيٺ ڏجي ٿو:
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪئي مينهن اُڇل،
پئي اوچتي عشق جي، ھنئين منجهہ ھڪل،
دلپت باھ برھ جي، ساڙيا شير سٻل،
ڍول نہ ڪر تون ڍل، متان اکين کي اوکي ٿئي.
(ٺڪر، گوپ ڪمل، (2009ع)، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘، ص: 72)
’اڄ پڻ اُتر پاري ڏي‘ – شاھ لطيف جي ترڪيب، دلپت وٽ بہ ساڳي آھي. اھڙيءَ ريت ’سلوڪ پتنگن جا‘، شاھ لطيف جي سُر يمن ڪلياڻ جو پڙاڏو لڳن ٿا. تفصيلي ذڪر بدران ھڪ سلوڪ مان ڳالهہ پڌري ٿي پوي ٿي:
پتنگ چوائين پاڻ کي، تان آءُ اُسري آڳ،
عشق جي آڙاھ جو، دوڙي جهلج داڳ،
دلپت پوءِ دڪان ۾، سر جو ڇڏي سانگ،
محبوباڻو ماڳ، مري ماڻ مچَ جو.
(ٺڪر، گوپ ڪمل، (2009ع)، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘، ص: 75)
’سلوڪ سڪ جا‘ ۾ دلپت صوفي، سڪ ۽ محبت جي اُھائي اُپٽار ڪري ٿو، جيڪا شاھ لطيف ۽ ٻين شاعرن وٽ آھي. سڪ جا 7 سلوڪ، دلپت چيا آھن، جن جو مطلب آھي تہ: سچي سڪ وارن ۽ عاشقن جو مول مقصد آھي مرشد وٽان حاصل الاھي الفت جي وٽي پي، سُرت وڃائي رنگ ۾ رتو رهڻ، ٻولي ٻولائي پئي، تہ دلپت صوفي، لطيفي مئخاني جو مڌ پياڪ آھي:
ماندو آھي من منھنجو، ڪاتر توهي ڪاڻ،
ساجن اچي سڪ مان، ڪر ونين منجهہ وٿاڻ،
ويھ مون وٽ وَلها، نات وٺي وڃ منجهہ وٿاڻ،
دلپت وساءِ وصل سان، برھ سندا ڀاڻ،
صدقي ڪيان پاڻ، پرين تنھنجي پيرن تان.
(ٺڪر، گوپ ڪمل، (2009ع)، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘، ص: 79)
اھڙيءَ ريت دلپت صوفيءَ جا ’سلوڪ پوربيءَ جا‘ ساميءَ جي سلوڪن وانگر توحيد جي تنوار آھن. شاھ لطيف جي سُر پورب، سُر کاھوڙي ۽ سُر رامڪليءَ جو عڪس آھن. مثال:
پُريا پورب پار ڏي، ڪاپڙي ڪري ڪاھ،
آديسي اندر کي، بڇ برھ سندي باھ،
ساڙ شڪ سڀئي، ٻاري عشق آڙاھ،
محڪم وٺي من کي، اڳيان گرج سان گاھ،
دست ڪر دلپت کي، سوار ٿي سر ساھ،
عشق اُلٽي راھ، رڙهي رس رام کي!
(ٺڪر، گوپ ڪمل، (2009ع)، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘، ص: 88)
مطلب تہ دلپت صوفيءَ جو ڪلام شاھ، سچل ۽ ساميءَ واري واٽ سان ضرور آھي، پر اُن جي ٻولي ۽ سڃاڻپ پنھنجي بہ آھي. سندس سمورو ڪلام ڇند وديا جي اصولن تي رچيل آھي. سندس رنگ ڪلاسيڪي، تصوف، ويدانت ۽ ڀڳتيءَ وارو آھي.
دلپت صوفيءَ جون گوپال ٺڪر نَو ڪافيون ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘ ڪتاب ۾ شامل ڪيون آھن، جيڪي انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي روح روان ڀمڀاڻي کيس ھٿ ڪري موڪليون ھيون.
دلپت جون اَٺ ڪافيون، ’ڪافين‘ جي گهاڙيٽن ۽ وراڻين سان آھن، البت ھڪ ڪافي، شاھ لطيف جي وائيءَ واري رنگ ۾ چيل آھي:
من ھي ملڪ ملير،
ڪاڏي وڃان سڀ وطن ٿيوسين.
من ھي پنهوار، مارو ڀي من ھي. من ھي عمر ھمير.
من ھي عرش و فرش ڀي من ھي، من ھي رانجهن، ھير.
جُدا جانب ريءَ جاءِ نہ ڪائي، جنھن جو عالم سڀ سرير.
دلپت دل مون آءِ ھليوسين، سڄڻ ساڻ اُڪير. . .
(ٺڪر، گوپ ڪمل، (2009ع)، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘، ڪافي – 4، ص: 135)
صوفي رکيل شاھ (1846ع - 1939ع) :
صوفي رکيل شاھ ولد سيد نور محمد شاھ 17 ربيع الاول 1262ھ مطابق 1846ع ۾ بلوچستان جي علائقي فتح پور ۾ ڄائو. رکيل شاھ جا وڏا بزرگ عربستان جي شھر مڪي شريف جا رهاڪو ھئا. عرب خطي ۾ خلافت جي دؤر کان پوءِ اڻانگين حالتن ۾ ھن گهراڻي لڏپلاڻ ڪئي. مڪي شريف کان مديني منوره، نجف اشرف ۽ ڪربلا کان ٿيندي، ھي ڪٽنب ايران جي شھر شيراز پھتو، جتان پوءِ شاھ ولي شاھ بلوچستان جي علائقي فتح پور گنداواھ ۾ اچي پکڙا اڏيا.
عرب جي ھن سيد گهراڻي تي ان وقت ھن علائقي جي بلوچ حاڪمن ھٿ رکيو ۽ کين وڏيون جاگيرون ڏنيون، جيڪي اڄ تائين بہ سندن ھٿ وس آھن.
صوفي رکيل شاھ ڇھن مھينن جو ھو، جو سندس امڙ سانئڻ جي وفات ٿي ۽ سندس والد نور محمد شاھ سندس تربيت ڪئي. شروعاتي ديني تعليم فتح پور جي مدرسي ۾ ورتائين. جيئن تہ سندس وڏا بزرگ جهوڪ ميرانپور جي گاديءَ جا پيروڪار ھئا، تنھن ڪري رکيل شاھ پنھنجي ڀاءُ عبدالنبي شاھ جي چوڻ تي، شاھ عنايت شھيد جي گادي نشين عبدالستار نوراني صوفي القادريءَ جي ھٿ تي بيعت ڪئي.
فتح پور کان جهوڪ ميرانپور پھچڻ لاءِ صوفي رکيل شاھ تمام گهڻيون آزمائشون ڏٺيون. ’بحرالعشق‘ ۾ فتح چند ڪنيا لال ڪارڙا، صوفي رکيل شاھ جي ھٿ تنگيءَ جو پيرائتو ذڪر ڪيو آھي.
صوفي رکيل شاھ، جهوڪ شريف ڏانھن ويندي، جڏهن روهڙي پھتو ۽ جان الله شاھ رضويءَ جي درگاھ جي سجادہ نشين علي اڪبر شاھ وٽ حاضر ٿيو، تہ ھُن ڏانھس ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، ويتر درگاھ جي خليفي رکيل شاھ جي طالب ٿيڻ جي ارادي تي چٿر ڪندي چيو: ”شينهڻيءَ جي کير پيئڻ لاءِ شينهن جا ٻچا گهرجن، توهان وڃي پِني کائو. “ سجادہ نشين جي بي توجهي ۽ سندس خليفي جي اڍنگي ورتاءَ جي ڪري کيس گهڻو ڏک پھتو، پر سندس مَن ۾ ’شاھ شھيد‘ جي اُڪير ۾ گهٽتائي نہ ٿي، نيٺ اڻانگي سفر کان پوءِ شھيد شاھ عنايت جي روضي ۾ داخل ٿيو، جنھن کان پوءِ رکيل شاھ ھڪ سچي طالب جي حيثيت ۾ پنھنجي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ پاڻ کي جهوڪ ميرانپور جي درگاھ جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.
رکيل شاھ کي چئن پٽن جو اولاد ھو: عبدالغني شاھ، محمد ڪامل شاھ، معصوم شاھ ۽ چيزل شاھه. صوفي رکيل شاھ جي دل چيزل شاھ سان مڙوئي گهڻيري ھئي، ان جو ھڪ سبب اھو ھو تہ چيزل جي طبيعت خود شاعريءَ ڏانھن مائل ھئي.
صوفي رکيل شاھ 97 سالن جي وڏي عمر ماڻي. پيرسنيءَ ۾ بہ جهوڪ ميرانپور جي درگاھ جو کيس اونو ھوندو ھو. سنڌ جو نھايت اھم ڪافي گو شاعر صوفي رکيل شاھ 7 ربيع الثاني 1359ھ مطابق 17 اپريل 1939ع تي وفات ڪئي. سندس مزار بلوچستان جي علائقي فتح پور ۾ آھي، جتي ھر مھيني چنڊ جي ستينءَ تاريخ سڄي رات سماع جي محفل ٿيندي آھي ۽ ھر سال مارچ ۾ وڏي پيماني تي عرس ملهايو ويندو آھي.
صوفي رکيل شاھ جو رسالو ’بحرالعشق‘ جو پھريون حصو 1923ع ۾ شايع ٿيو. رسالي جو ٻيو حصو 1952ع ۾ فقير پير بخش ڇپرايو، جڏهن تہ ٻنهي حصن کي گڏائي شايع ڪرائڻ وارو سيٺ ھرگن داس پٽ ڪُندن مل پارواڻي ھو، جنھن 1968ع ڌاري اھو اھم ڪم سرانجام ڏنو، جنھن کان پوءِ ’بحرالعشق‘ جا وڌيڪ ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آھن، جيڪي صوفي رکيل شاھ جي عقيدتمند فتح چند ڪنيا لال ڪارڙا شايع ڪرايا آھن. ’بحرالعشق‘ جو آخري ڇاپو مارچ 2005ع ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ صوفي رکيل شاھ جي سوانح حيات ۽ سندس مڪمل ڪلام شامل آھي.
صوفي رکيل شاھ جيئن تہ بنيادي طور تي ڪافيءَ جو يگانو شاعر آھي، تنھن ڪري سندس ڪلام ۾ڪافين جو انگ گهڻو آھي. ان کان سواءِ 237 سنڌي بيت، 51 سرائڪي بيت ۽ 2 سِي حرفيون بہ شامل آھن.
صوفي رکيل شاھ جي فرزند چيزل شاھ ’بحرالعشق‘ جي ڪافين جي سُر وار ترتيب تي ڌيان ڏنو تہ جيئن راڳداريءَ جي حوالي سان ڪافين جي صورت مقرر ٿي سگهي، پر بيتن کي اھڙي ترتيب نہ ڏني وئي، جيڪا پڻ ضروري ھئي.
رکيل شاھ جو جنم شاھ لطيف کان 160 سال کن پوءِ ٿيو، تيستائين شاھ لطيف جو رسالو ۽ ’گنج‘ ڇپجي ظاھر تہ نہ ٿيو ھو، پر شاھ لطيف جي حافظن جي لوڪ ڪچھرين ۽ راڳداريءَ جي وسيلي شاھ جو رسالو يا شاھ لطيف جو ڪلام عام مقبوليت ماڻي چڪو ھو ۽ ان جي ناماچاري ڀٽ شاھ، درازا شريف، روهڙي ۽ جهوڪ ميرانپور جي روحاني درگاھن کان ٽپي بلوچستان جي حدن لس ٻيلي ۽ فتح پور تائين پھچي چڪي ھئي. ان جو ظاھر ظھور ثبوت صوفي رکيل شاھ جا سنڌي بيت آھن، جن تي شاھ لطيف جي تخيل ۽ اسلوب کان سواءِ تمثيل ۽ استعاري جو پڻ واضح اثر آھي.
شاھ لطيف سُر ڪيڏاري ۾ ڪربلا جي جنگ بابت فرمائي ٿو تہ:
جهيڙو لاھِه يزيدَ! عليءَ جي اولادَ سين،
سا نہ پسندين عِيدَ، جا ھوندي مِيرَ حسينَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 4، بيت 2، ص: 669)
جڏهن تہ ان موضوع تي ’بحرالعشق‘ جو پھريون بيت ھن ريت آھي:
لکيو روز ميثاق جو، ائين قلم اڙهي،
علي جي اولاد سان، اچي جنگ جڙي،
سختي شھزادن سان، وڃي ڪيئن مڙهي،
ھيا اھي امتي، آيا سڀ مڙي،
اھا مصلحت وين لڙهي، ’رکيل‘،
ڪيائون حملو مير حسين تي.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيالعل، (2005ع)، ’بحرالعشق رسالو - حضرت سيد رکيل شاھ صوفي القادري‘، بيت 1، ص: 409)
’بحرالعشق‘ جا پھريان ٻارهن بيت موضوعاتي لحاظ کان سُر ڪيڏاري جا آھن، جن ۾ ڪيئي فقرا ۽ پَد شاھ لطيف جي سُر ڪيڏاري جي اثر ۽ اتساھ کي ظاھر ڪن ٿا.
فڪري حوالي سان ڏسجي تہ، شاھ لطيف سُر ڪيڏاري ۾ ڪربلا جي قضيي کي ھڪ ’راز‘ سڏيو آھي ۽ شھادت جي سختيءَ کي ’ملهار‘ چيو آھي ۽ اھو سمورو دردناڪ واقعو ربّالعالمين جي مرضي ۽ حڪمت ڄاڻايو آھي. شاھ لطيف فرمائي ٿو:
ڏٺو محرم ماھ، سنڪو شھزادن ٿيو،
ڄاڻي ھيڪُ الله، پاڻ وڻنديون جو ڪري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 1، بيت 1، ص: 660)
رکيل شاھ چئي ٿو:
ڪري حملو مير حسين تي، ڪوفن قصد ڪيو،
لکيو ھو اڳ جو، پسڻ پوءِ ٿيو،
پاڻ وڻنديون ٿو ڪري، ناھين ڪو ٻيو،
اچي اوڏانھن پاڻ ٿيو، ’رکيل‘، نہ تہ ڪوفي اھي ڪير ھئا.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيالعل، (2005ع)، ’بحرالعشق رسالو - حضرت سيد رکيل شاھ صوفي القادري‘، بيت 2، ص: 409)
شاھ لطيف فرمائي ٿو:
ڪُوفِيَنِ ڪاغَذُ لِکيو، وِچِ وِجِهي اَللهُ،
”اَسيِن تابِعَ تنھنجا، تُون اَسانهنجو شاھ،
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تَھ تَختُ تابيني تنھنجي“.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 4، بيت 6، ص: 670)
رکيل شاھ، ڪوفين جي ڪمزور ڪردار بابت چئي ٿو:
ھي ھي مير حسين کي، ڪوفن ڪوٺايو،
ويسہ بہ ڏيئي وچ تي، تن ڊوھ اھو ٺاھيو،
ڪربلا جي ميدان ۾ اچي ويرن ورايو،
’رکيل‘ رب سندو رايو، مڃي بيٺا ميدان ۾.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيالعل، (2005ع)، ’بحرالعشق رسالو - حضرت سيد رکيل شاھ صوفي القادري‘، بيت 3، ص: 409)
شاھ لطيف، حضرت حُر بابت فرمائي ٿو:
حُرّ ھَلِي آئِيو، مانجِهي مَردانو؛
”آھِيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَرِوانو،
مانَ راضي ٿِئي رَسُولُ رَب جو، نَبِي تو نانو،
ھِيُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ! مَٿانِئين گهورِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 5، بيت 6، ص: 673)
صوفي رکيل شاھ فرمائي ٿو:
ڪربلا جي پڙ ۾، آل نبي آيا،
توڙؤڻ ھي تقدير ھئي، رب سندي رايا،
ھلي آيو حُرُ، جنھن اڳيان ملهايا،
’رکيل‘ سچي بي بيءَ ڄايا، مير پيا ھن مامري.
(تنيو، گل محمد، (2013ع)،’بحرالعشق‘، بيت 5، ص:463)
شاھ لطيف ڪربلا جي قضيي بابت فرمائي ٿو:
سخَتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ،
رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِئٖي ڪَرِبَلا جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 1، بيت 11، ص: 662)
شاھ لطيف جي تتبع تي رکيل شاھ فرمائي ٿو:
قضيو ڪربلا جو، ڪي رند سڃاڻن راز،
پيالو شراب طھورا شھيدن پيتو، ھي نينھن نسورو ناز،
’الست بربڪم قالو بليٰ‘، اھي ڪنين پين آواز،
ھي سِر ڏيئي ٿيا ساز، تہ ’رکيل‘ وڃي رسيا رب سان.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيالعل، (2005ع)، ’بحرالعشق رسالو - حضرت سيد رکيل شاھ صوفي القادري‘، بيت 11، ص: 411)
شاھ لطيف، سُر يمن ڪلياڻ ۾ سچي عاشق لاءِ ’پتنگ‘ جو استعارو ڪم آندو آھي. سچي عاشق کي شاھ لطيف تاڪيد ڪندي فرمائي ٿو:
پَتَنگُ چاييٖن پاڻَ کي، تہ ڄيري پئو ڄاڻي،
تان تان تاڻِج تَوَ ڏي، جان آڳِ نہ اُجهاڻِي،
وِسَھُه وِهاڻِي، آڳ نہ ڏجي عامَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘ سُر يمن ڪلياڻ، داستان 3، بيت 11، ص: 95)
صوفي رکيل شاھ پڻ پتنگ کي ساڳئي مفھوم ۾ اظھاريو آھي:
جن کي حب حسنين جي، اھو سچو ٿيندو سچ،
لهندو بہ رستو رب جو، ٻيو ڪوڙ وڃائي ڪچ،
جلڻ جاڳڻ جوش سان، پتنگ وانگي پچ،
’رکيل‘ اھو من ۾ ٻارج مچ، تہ ٿئين رسيلو راھ سان.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيالعل، (2005ع)، ’بحرالعشق رسالو - حضرت سيد رکيل شاھ صوفي القادري‘، بيت 13، ص: 412)
کڻي چڻنگ چکي کؤن، جنھن من ۾ ٻاريو مچ،
ٻي ڀي ڪا ٻاري اچي، ھن مچ منجهون ئي ڳچ،
جيڪي ھٿ سيڪينديون مچ تي، تن جو سيءُ نہ لٿو سچ،
او ’رکيل‘ پتنگ جان ئي پچ، تڏهين پرين ڪندءِ پنھنجو.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيالعل، (2005ع)، ’بحرالعشق رسالو - حضرت سيد رکيل شاھ صوفي القادري‘، بيت 14، ص: 412)
جيتوڻيڪ صوفي رکيل شاھ بيتن کي سُر وار نہ چيو آھي، پر سندس ڪلام جي مطالعي مان شاھ لطيف جي مڙني سُرن جو ھُڳاءُ محسوس ٿئي ٿو، گڏوگڏ اِھو پڻ واضح ٿئي ٿو تہ، صوفي رکيل شاھ بيت جي سٽاءَ ۾ مختلف سُرن سان لاڳايپل لفظن کي ڪتب آندو آھي، جنھن ڪري بيت جي موضوعاتي وحدت قائم رهي سگهي آھي:
جي سر کي وڍي سرندو ڪرين، تہ سچو ٿيندءِ ساز،
ڪر شتونو شمع تي، پتنگ ڪر پرواز،
ڪوڙ ڪڍي ڇڏ ڪڙھ مؤن، پوءِ سڏائج ساڌ،
ڪُل شيءِ يرجع الا اصلح اثر جهين جو آب،
’رکيل‘ ساڻ حساب، اچي ھوت ڪندم ھڪڙو.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيالعل، (2005ع)، ’بحرالعشق رسالو - حضرت سيد رکيل شاھ صوفي القادري‘، بيت 16، ص: 413)
مٿين بيت ۾ ’سُرندو‘، ’پتنگ‘، ’ساڌ‘ ۽ ’هوت‘ جي لفظن کي ڏسجي تہ، اُھي شاھ جي رسالي جي ’سُر سورٺ‘، ’سُر يمن ڪلياڻ‘، ’سُر رامڪلي‘ ۽ ’سُر سسئي آبري‘ ۾ ڪتب آيل آھن ۽ اھي لفظ ’صنعت مراعات النظير‘ موجب لفظي مناسبت سان استعمال ٿيا آھن ۽ حقيقت بہ اِھا آھي تہ، صنعت مراعات النظير، جنھن کي ’صنعت متناسب‘ بہ چئجي ٿو، ان لحاظ کان شاھ لطيف جو سمورو ڪلام مٿانهين درجي تي بيٺل آھي. سندس ھر سُر جو ھر بيت ان جو مثال آھي، جنھن مطابق بيت ۾ آيل لفظن جي وچ ۾ مناسبت ھوندي آھي. مثال طور سُر سريراڳ جي ھڪ بيت ۾ شاھ لطيف فرمائي ٿو:
وَھ تِکَ وَهَڪُرا، جِتِ نَنگَرَ نَه ٺَھِرَنِ،
وڏاندَريُون وَھ سامُهِيُون، جَجهي زورِ جُنَبنِ،
نيڍُوءَ ۾ ناتارِيُون، وَڻِجارا وِجَهنِ،
مُلا مُعلِمَنِ، مون ڳَرِي سُئِي ڳالهَڙِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 3، بيت 15، ص: 169)
مٿئين بيت ۾ ’وَهَه‘، ’تِکَ‘، ’وهڪرا‘، ’نَنگرَ‘، ’وڏاندريون‘، ’سامهيون‘، ’نيڍو‘، ’ناتاريون‘، ’وڻجارا‘، ’معلم‘ جھڙن لفظن جي معنوي توڙي ماحولياتي مناسبت جي ڪري بيت جي معنويت ۽ وحدت ۾ جيڪا حسناڪي پسجي ٿي، اُھا صوفي رکيل شاھ جي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي ڏسجي ٿي. گڏوگڏ ’بحرالعشق‘ جي ڪلام ۾ صوفي رکيل شاھ جو تخلص ’رکيل‘ بيتن جي فني بيهڪ ۾ ٺھڪي نٿو بيھي، شايد تہ راڳين جي چوڻ / چَوتِ موجب ڪلام کي مرتب ڪيو ويو آھي.
صوفي رکيل شاھ جي ڪلام جي بناوت عام فھم آھي ۽ بياني انداز اختيار ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري تصوف جي ڏکين اصطلاحن توڙي محاورن کي سولو ڪري سمجهايو ويو آھي.
صوفي رکيل شاھ جيئن تہ تصوف جي قادري سلسلي جو مڃيندڙ ھو، ان ڪري سندس ڪائنات ڏانھن وجودي لاڙو ھو. سندس ڪلام ۾ وحدت الوجودي فڪر جي روشني جڳمڳائي ٿي. صوفي رکيل چئي ٿو:
ويراڳن پاڻ وڃائيو، وجود ڪري ويران،
جن جي جنگ جسم سان، تن کي اچي نہ آرام،
ماٺ ڪيون من ۾ مخفي ڏسن، ڪھن ڪونہ ڪلام،
’شاھ رکيل‘ سارو ئي سبحان، ھر صورت ۾ حق ٿو ڏسان.
(ڪارڙا، فتح چند ڪنيالعل، (2005ع)، ’بحرالعشق رسالو - حضرت سيد رکيل شاھ صوفي القادري‘، بيت 213، ص:463)
صوفي رکيل شاھ جي مٿين بيت ۾ جيتوڻيڪ شاھ لطيف جي سُر رامڪليءَ جو اثر آھي، پر موضوع جي لحاظ کان ھي بيت ’سُر ڪلياڻ‘ سان بہ لاڳاپيل آھي، جنھن ۾ شاھ لطيف وحدت ۽ ڪثرت جو فڪر گهرائيءَ سان نروار ڪيو آھي. جيئن فرمائي ٿو:
وَحدَتان ڪَثرتَ ٿي، ڪَثرتَ وحدتَ ڪُلُّ،
حَقُ حقِيقِي ھٖيڪَڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھُو ھُلاچو ھُلُّ، بِاللهِ سَندو سَڄَڻين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 18، ص: 69)
ويھي ويراڳِيَنِ جو، ٻئٖي ڏينھن ٻُڌُمِ حالُ،
تَنِ جا ڌاڄا ڌُوڙِ ڀَڪُلِيا، جاڳوٽا زَوالُ،
اُنِ ڄاڻِي جَٽائُون ڇَڏِيُون، چوٽا چَڱِيءَ چالِ،
ويچارا وُجُودَ جِي، ڪنھن سين ڪَنِ نَه ڳالِ،
نانگا ٿِيا نِهالُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 2، ص: 786)
مٿي ڏنل بيتن مان اھا ثابتي ملي ٿي تہ صوفي رکيل شاھ جي ڪلام ۾ شاھ لطيف جو نمايان اثر موجود آھي.
صوفي محمد صديق فقير (1756ع - 1849ع) :
محمد صديق ولد فقير دين محمد سومرو، المعروف ’صوفي صادق‘، 1170ھ موجب 1756ع ۾، تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ ’آھُر‘ (هاڻوڪو، ڳوٺ صديق فقير) ۾ جنم ورتو.
صوفي صديق فقير جي مڪتبي تعليم جي پروڙ پئجي نہ سگهي آھي، پر سندس ڪلام ۽ اُن ۾ سمايل وجودي فڪر مان اندازو ٿئي ٿو تہ، کيس قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي مڪتبي تعليم سان تصوف جي وحدت الوجود سلسلي جي تعليمات بہ حاصل ھئي، ڇاڪاڻ تہ سندس والد، فقير دين محمد، شاھ ڪريم بُلڙيءَ وارن بزرگن جو مريد ھو، ۽ سندن ڏاڏو، فقير جلال الدين، شھيد شاھ عنايت صوفيءَ جو مريد ھو.
صوفي صديق، نوجوانيءَ ۾، سرڪش ڌاڙيل ٿي ساماڻو، جنھن ڪري پنھنجن وڏن جي فقيري نسبت کي قائم رکي نہ سگهيو ۽ ڏاڍ مڙسيءَ ۾ نالو ڪڍيائين. لڳ ڀڳ ويھارو سالن جي سرڪشيءَ کان پوءِ، سندس طبيعت پنھنجي اصليت يعني فقيريءَ ڏانھن مائل ٿي. ھُن پنھنجي باغي مزاج کي ڏسندي، پنھنجي ڏاڏي جي مرشد، ’شاھ شھيد‘ ميرانپور جي درگاھ ڏانھن موٽ کاڌي. درگاھ جي سجادہ نشين، صوفي فضل الله شاھ ’قلندر‘ سلوڪ ۽ طريقت جون منزلون طيءِ ڪرائي سندس وجود کي اڇو اجرو بڻائي ڇڏيو.
صوفي فضل الله شاھ ’ قلندر‘ جي حياتيءَ تائين، صوفي صادق، سندس تعليمات مان فيضياب ٿيندو رهيو. مرشد جي وصال ( 1243ھ/1827ع ) کان پوءِ، ’فقير صاحب‘ صوفي ذڪر پکيڙڻ لاءِ، ’ميرانپور‘ جي بدران، پنھنجي ڳوٺ ’آھُر‘ ۾ دائمي سڪونت اختيار ڪئي. تصوف جي تعليمات لاءِ ڳوٺ ۾ خانقاھ قائم ڪيائين. سندس رعبدار شخصيت ۽ ان سان گڏ توڪل، زھد ۽ عبادت، عوام جي دلين تي وڏو اثر ڪيو، ۽ سندس مريدن ۽ عقيدتمندن جو دائرو گهڻو پکڙجي ويو.
صوفي صديق پنھنجي ڳوٺ ۾ مستقل رهڻ ۽ پيرسن ھوندي بہ ٿر کان جهوڪ وڃي، پنھنجي مرشد جي حاضريءَ ۽ خدمت کي قائم رکيو، ڇاڪاڻ تہ پاڻ فضل الله شاھ قلندر جو وڏو خليفو ھو ۽ انهيءَ حيثيت ۾ ’ميرانپور‘ جا وڏا سجادہ نشين پڻ سندس بيحد احترام ڪندا ھئا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، صوفي صادق جي تصنيف، ’راڳنامون‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو: ”حقيقت ۾ شاھ قلندر جي وفات بعد، فقير صاحب محمد صديق ئي ’ميرانپور‘ جي صوفي قادري طريقي جو اڳواڻ ٿي رهيو ۽ ’صوفي صادق شاھ‘ جي لقب سان مشھور ٿيو. “ (بلوچ، 2012ع، ص:4)
صوفي صديق فقير پنھنجيءَ زندگيءَ جا پھريان 20 سال سرڪشيءَ ۽ اُن کان پوءِ 50 سال، صوفي تعليمات جو درس وٺندي ۽ ڏيندي گذاريا. سندن وصال پنجانوي سالن جي عمر ۾، سن 1265ھ مطابق 1849ع ۾، پنھنجي ڳوٺ، ’آھُر‘۾ ٿيو، جتي سندس مقبرو آھي ۽ ھر سال سندس مريدن ۽ معتقدن جو اجتماع ٿيندو آھي.
صوفي صديق فقير جي فڪر ۽ فھم جا ٽي اھم اُھڃاڻ، دستاويزي صورت ۾ موجود آھن. انهن مان ھڪ سندس ڪلام آھي، جيڪو بيتن ۽ صدائن (وائين) تي ٻڌل آھي، ٻي سندس تصنيف ’دردنامو‘ آھي، جيڪا فقير صاحب پنھنجي مرشد صوفي فضل الله شاھ قلندر جي ملفوظات، ’ارشاد نامو‘ ( فارسي تصنيف – مرتب: صوفي نورالله شاھ) کان متاثر ٿي لکي. سلوڪ ۽ طريقت جي لحاظ کان ’دردنامو‘ خاص اھميت رکي ٿو، جنھن ۾ صوفي صديق جي فڪر ۽ فھم جي اعليٰ صورت نظر اچي ٿي. جڏهن تہ ٽيون دستاويز ’راڳنامو‘ آھي، جيڪو فقير صوفي صديق پنھنجي مرشد جي درگاھ ’ميرانپور‘ ۾ روحاني راڳ جي رسم کي قائم ڪندي، راڳ جي ضرورت موجب مرتب ڪيو. زباني روايتن موجب اُھو دؤر صوفي فضل الله شاھ ’قلندر‘ جي سجادہ نشينيءَ وارو دؤر ھو.
راڳنامي جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”جڏهن فقير صاحب راڳ شروع ڪرايو، ڀٽ شاھ تي ’شاھ جي راڳ‘ جي اوج ۽ عروج وارو دور ھو. فقير صاحب، شاھ صاحب جي راڳ جي رسالي توڙي ’شاھ جي راڳ‘ جي سلسلي کان باخبر ھو. “ (بلوچ، 2012ع، ص:10)
ڊاڪٽر بلوچ اڳتي لکي ٿو: ”اندازاً 1210ھ/1250ھ واري عرصي ۾ ’شاھ جي رسالي‘ کي خاص طرح راڳ جي لحاظ سان سرن ۽ داستانن ۾ ورڇيو ويو. اھو پھريون ’راڳنامو‘ ھو، جيڪو سنڌ ۾ مرتب ٿيو. انهيءَ کان پوءِ ٿوري عرصي بعد فقير محمد صديقؒ جي شروع ڪرايل راڳ ۽ ان راڳ ۾ ڳايل ڪلام بابت ’راڳنامو‘ تاليف ڪيو ويو ۽ انهيءَ لحاظ سان سنڌي راڳ جي تاريخي روايت ۾ ھي ٻيو ’راڳنامو‘ ھو، جيڪو شاھ واري ’راڳنامي‘ کان پوءِ مرتب ٿيو. “ (بلوچ، 2012ع، ص: 6)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ راڳنامي جي بيتن ۽ صدائن کي پرکي ۽ پروڙي، ان نتيجي تي پھتو تہ، ’فقير صاحب حال جو صاحب ھو ۽ کيس شاھ صاحب جي بيتن ۽ وائين ۾ سمايل فڪر ۽ سوز جي پوري پروڙ ھئي. انهيءَ ڪري ئي فقير صاحب پنھنجي قائم ڪيل راڳ جي سلسلي ۾ ’شاھ جي رسالي‘ مان گهڻي ۾ گهڻو ڪلام ڳارايو، جيڪو ھن راڳنامي ۾ پڻ شامل آھي. ڊاڪٽر بلوچ ’راڳنامو‘ جي ادبي ۽ علمي ڪٿ ڪندي لکي ٿو: ”’فقير صاحب جو راڳنامو‘ اعليٰ اساسي شاعري توڙي آڳاٽي روايتي شاعري جو ھڪ قيمتي ذخيرو آھي ۽ انهيءَ لحاظ سان ’شاھ جي راڳنامي‘ (رسالي) کان پوءِ ھڪ خاص ادبي اھميت رکي ٿو. ’شاھ جو راڳنامو‘ ھن جو مکيه ماخذ ۽ مثالي سرچشمو آھي. “ (بلوچ، 2012ع، ص:15)
راڳنامي جي حوالي سان مٿين ڳالهين مان واضح ٿئي ٿو تہ صوفي صديق طريقت کان معرفت جو درس صوفي فضل الله شاھ قلندر کان ورتو، جنھن لاءِ فقير صاحب ھڪ بيت ۾ ھيٺينءَ ريت ساراھ بہ ڪري ٿو:
”اُڀرندان ٿي اڀريو، ڪري گيڙو گل،
ھادي ھدايت جو، ڪونهي سندس مُل،
’صادق‘ ڳالهہ مَ سل، فضل الله شاھ فقير جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’راڳ نامو‘ سُر راڻو، بيت 54، ص: 29)
ھڪ روايت موجب، صوفي فضل الله شاھ قلندر کي ڪنھن چيو تہ: ’سائين! اوهان بہ ڪو ڪلام چيو آھي؟‘ تنھن تي صوفي شاھ قلندر جواب ڏنو تہ: ’اسان جو زندہ رسالو ’صادق فقير‘ اوهان جي اڳيان موجود آھي.
صوفي فقير محمد صديق سومري جو ڪلام 27 سُرن ۾ ترتيب ڏنل آھي اُنهن مان ’سُر وهاڳڙو‘، ’سُر موکي‘ ۽ ’سُر سوزڙو‘ اُھي سُر آھن، جيڪي نالن جي حوالي سان تہ نوان آھن، پر موضوع جي لحاظ کان اھڙو ڪلام شاھ لطيف جي رسالي ۾ موجود آھي ’سُر وهاڳڙو‘ ۾ شاھ لطيف جي سُر پرڀاتيءَ وارو مضمون، ’سُر سوزڙو‘ ۾ ’ڪيڏارو‘ وارو مضمون ۽ ’سُر موکي‘ ۾ شاھ لطيف جي ’سُر يمن ڪلياڻ‘، ۾ موکي ۽ متارن وارو ساڳيو مضمون اختيار ڪيو ويو آھي، جڏهن تہ ’سُر ڌناسري‘ ۽ ’سُر شينهن ڪيڏارو‘، شاھ لطيف جي شروع وارن رسالن ۾ موجود ھئا، جيئن مرزا قليچ بيگ جي سنواريل رسالي توڙي 2009ع ۾ ڇپيل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري رسالي ۾ اھي ٻئي سُر موجود آھن. ان لحاظ کان ڏسجي تہ صوفي صديق فقير جي سڀني سُرن جو مضمون نہ رڳو شاھ لطيف جي سُرن جھڙو آھي، پر انهن جي لفظي بناوت ۽ اظھار جي ڏانءَ تي پڻ شاھ لطيف جو گھرو اثر آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان سلسلي ۾ لکي ٿو: ”فقير صاحب اعليٰ شاعري جي دائري ۾ خاص طرح شاھ عبداللطيفؒ کان ئي متاثر آھي. سندس ڪيترن ئي بيتن ۾ شاھهصاحب جي لفظن ۽ اصطلاحن توڙي ڳوڙهن خيالن ۽ نازڪ نڪتن جو عڪس نظر اچي ٿو. “ (بلوچ، 2012ع، ص: 23)
صوفي صاحب جي ’راڳنامو‘ جو پھريون سُر ڏهر آھي. اُن سُر ۾ فقير صديق سومري اُھو ئي موضوع بيان ڪيو آھي، جيڪو شاھ لطيف ’سُر ڏهر‘ ۾ بيان ڪيو آھي. شاھ لطيف سُر ڏهر جي پھرئين داستان ۾ ڪنڊي کي مخاطب ٿي، اُن کان خبرون ورتيون آھن ۽ کيس اھو پڻ چوي ٿو تہ جڏهن تنھنجا ڌڻي ھتان لڏي ويا تہ پوءِ تون ڪيئن سائو بيٺو آھين!
ڪَنڊا ڪُڄاڙئا، اُڀو آھين ريلَ ۾،
پِرِينِ پڄاڻئا، سُڪي بانگهو نہ ٿئين!
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2014ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد 8، سُرڏهر، داستان 2، بيت: 4، ص: 266)
صوفي صديق فقير جو بيت ھيٺينءَ ريت آھي:
اُڀو آھين پٽ ۾، ڪنڊا ڪڄاڙياءِ،
پاراڻو پاڻي وهي، مڃر ڪيو مٿاءِ،
پرين پڄاڻاءِ، سڪي ڀانگهر نہ ٿئين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’راڳ نامو‘ سُر ڏهر، بيت 34، ص: 5)
شاھ لطيف، ڪنڊي کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
ڪَرِ ڪي ڳالَهڙيُون، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِينِ جِيوُن،
ڪِئَن سي راتَڙِيُون، ڪَنھ پَرِ ڏِينهَن گُذارِيين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2014ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد 8، سُرڏهر، داستان 2، بيت: 1، 2014ع، ص: 266)
شاھ لطيف جي بيت جي تتبع تي فقير صديق فرمائي ٿو:
ڪنڊا ڍور ڌڻين جون، ڪر ڪي ڳالهڙيون،
ڪنھن پر ڏينھن گذارئين، ڪنھن پر راتڙيون،
تو ۾ مالهڙيون، ٻَڌيون آتڻ وارئين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’راڳ نامو‘ سُر ڏهر، بيت 31، ص: 5)
شاھ لطيف، پٽيهل جي ڍوري جي سُڪل حالت ڏسي، ان کان سبب معلوم ڪندي پڇي ٿو:
پَٽيهَلَ تو ۾ پُورُ، اڳِيوُن ناھي آبَ جو،
سُڪِنہِ ڪِھَڙي سُورِ، پِيَئِه وارِي وِچَ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2014ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد 8، سُرڏهر، داستان 1، بيت: 11، ص: 267)
ٿوري لفظي ڦيرگهير سان ھي بيت ’راڳنامو‘ ۾ بہ ملي ٿو:
اڳي ھو ڪو آب جو، ’پٽيل‘ تو ۾ پور،
سڪين ڪھڙي سور، واري ڪيئي وچ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’راڳ نامو‘ سُر ڏهر، بيت 24، ص: 4)
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ لکي ٿي: ”فقير صاحب، شاھ سائينءَ ۽ اُن جي ڪلام مان تمام گهڻو متاثر ھو. ھُن جي پنھنجي ھِن متقدم شاعر ۽ صوفي بزرگ سان محبت جو چٽو ثبوت سندس ڪلام آھي، جنھن ۾ ھُن شاھ سائينءَ جون بيشمار مصرعون تضمين طور ڪم آنديون آھن ۽ روحاني توڙي انهن ۾ ڪردارن ۽ مڪانن جو استعمال بہ بلڪل ساڳيو شاھ سائينءَ وارو ڪيو اٿائين. “ (اُمِ ڪلثوم، 2004ع، ص: 576)
مٿينءَ راءِ کي نظر ۾ رکندي، ڪي مثال ھيٺ ڏجن ٿا. شاھ لطيف، ’سُر پرڀاتي‘ ۾ ’سپڙ سخي‘ جي ڪردار کي جڳ جي رزق رسائيندڙ رزاق لاءِ استعمال ڪيو آھي:
ڄاڻي توءِ مَ ڄاڻُ، ھِيءُ دَرُ اَٻوجَهنِ جو،
اِنَ دَرِ سيئِي اگهيا، جن نہ ڀانيو پاڻُ،
رُونجهاڻي راڄاڻُ، آھي اَٻوجهن جو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2014ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد 8، سُرپرڀاتي، داستان 1، بيت: 19، ص: 251)
صوفي محمد صديق فقير، ’سُر وهاڳڙو‘ ۾ مٿئين بيت جو گھرو اثر قبوليو آھي، جيڪو ھيٺين بيت مان واضح ٿئي ٿو:
ڀانَ ڀورائي ھٿ ڪر، وجهہ ڄيري ۾ ڄاڻ،
ھن در سيئي اگهيا، جن نہ ڏٺو پاڻ،
رونجهاڻي راڄاڻ، آھي اٻوجهن جو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’راڳ نامو‘ سُر وهاڳڙو، بيت 36، ص:17)
فڪري لحاظ کان، صوفي صاحب، شاھ لطيف جو جيڪو اثر قبوليو، اھو سندس تخلص واري بيت ۾ چٽيءَ ريت اڀري بيٺو آھي:
ڪي جو چيو ڪاپڙي، سو ’صادق‘ سيباڻون،
آھه مڙيوئي مينڌرو، پر پنڌ پراھون،
سڀ تو منجهہ سيباڻون، تون مڙني ۾ محيط ٿيين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’راڳ نامو‘ سُر راڻو، بيت 46، ص: 27)
يا وري فقير صديق جو ھي بيت پڻ شاھ لطيف جي بيت جي سِٽ ’راڻو ئي راڻو، راڻي ريءَ ڪِين ناھ ٻِئو‘ جي ڄڻ تہ شرح آھي:
راڻو روح منھنجو، سوڍو ساھ سندوم،
منجھيئي ڪاڪ ڪڪوري، لوڊاڻو لڌوم،
سرتيون پرين سندوم، منجهانئي معلوم ٿيو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’راڳ نامو‘ سُر راڻو، بيت 41، ص: 27)
شاھ لطيف، ’سُر مارئي‘ ۾، مارئيءَ جي ڪردار کي وطن جي حُبّ جو غير معمولي ڪردار ڪري پيش ڪيو آھي ۽ انهيءَ تمثيل کي ھن، تصوف جي خوبصورت رنگن ۾ چٽيو آھي، جنھن مان سندس تخيّل جي اعليٰ منزل جو ڏس ملي ٿو:
’اَلَستُ بِرَبڪُم‘ جَڏِهن ڪَنِ پَيومِ،
’قالُوا بَليٰ‘ قَلبَ سِين تَڏِهن تِتِ چَيومِ،
تَھِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙِيچَنِ سِين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2014ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد 8، سُرمارئي، داستان 1، بيت: 10، ص: 475)
فقير صاحب جو، ’مارئيءَ‘ جي ڪردار جي عظمت جو تعين ڪندڙ ھڪ بيت ڏجي ٿو، جنھن ۾ فقط مارئيءَ جي پنھنجي وطن ۽ ويڙهيچن سان انوکي لڳاءَ جو اظھار ملي ٿو:
جيءُ منھنجو جن ري، اُداسي آھي،
’حب الوطن مِن الايمان‘، ٿو چت اوڏانهين چاھي،
ايءَ نينھن نباھي، مِلان ماروئڙن کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’راڳ نامو‘ سُر مارئي، بيت 13، ص: 72)
شاھ لطيف جو ’سُر سھڻي‘، موضوع جي لحاظ کان نھايت حساس سُر آھي، جنھن ۾ ھڪ شادي شدہ عورت، ’سھڻي‘ جي ميھار سان عشق کي روحاني توڙي سماجي سطح تي ’حقيقي عشق‘ جي طور تي جواز ڏنو ويو آھي، فن ۽ فڪر جي لحاظ کان اِھا وڏي جرئت ۽ بيباڪي آھي، جنھن، سنڌ جي روايتي جاگيرداري سماج جي بنيادن کي ڌوڏي ۽ لوڏي ڇڏيو. شاھ لطيف جي اھڙي عمل ۽ فڪر، معاصرين ۽ متاخرين کي گهڻو متاثر ڪيو، ۽ اُنهن پڻ سھڻيءَ جي عشق جي بچاءُ ۾ ڪلام چيو. جيتوڻيڪ انهن گهڻو احتياط کان ڪم ورتو آھي، جنھن ڪري سندن تخيل جي اُڏام شاھ لطيف کان گهڻي ھيٺ آھي. تنھن ڪري انهن جي ڪلام ۾، ’ساھڙ ڌاران سھڻي، نِسوري ناپاڪ‘ واري اظھار جي ارڏائي نہ ٿي ملي. صوفي محمد صديق جو ’سُر سھڻي‘ فن ۽ فڪر جي لحاظ کان، توڙي ماحول، ٽاڻن ۽ ماڳن جي حوالي سان شاھ لطيف جي ڪلام جو ئي روپ آھي. شاھ لطيف فرمائي ٿو:
گهڙي گهڙو ھٿِ ڪري، ٻوڙيائِين ٻَانهُون،
ويچارِيءَ وڏيون ڪَيُون، وچِ درَياھ دانهوُن:
”موٽِ مُحبَ پاھوُن، تَاڪُنِ تَڪِي آھِيَان. “
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 1، بيت 17، ص: 380)
فقير صاحب ساڳئي ئي منظر لاءِ گهڻي قدر شاھ لطيف وارا ئي لفظ ڪم آندا آھن:
گهڙِي گهڙو ھٿ ڪري، ٻوڙيائين ٻانهون،
تنھن وڏيون ڪيون ويچاريءَ، درياھ ۾ دانهون،
اچج اوراھون، نہ تہ دوست ٿي دم ڏيان.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’راڳ نامو‘ سُر سھڻي، بيت 40، ص:110)
يا وري ڏسجي تہ درياھ جي تکي وهڪري ۾ سھڻيءَ جي ڪچي گهڙي جي ڀُرڻ تي شاھ لطيف نہ افسوس ٿو ڪري ۽ نہ ئي ڏکارو ٿو ٿئي، ويتر گهڙي کي، دنيوي سھارو/وسيلو سمجهي، اُن جي ڀڃڻ تي بيپرواھيءَ جو اظھار ڪري ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ’شاھ جو رسالو‘ (جلد: اٺون ۽ نائون) ۾، سُر سھڻيءَ جي داستان ٻئي ۾ لاڳيتو پنج کن بيت آھن، جن جو پھريون پد ’گهڙو ڀڳو تان گهورئو‘ آھي. فقير صوفي محمد صديق جي ’راڳ نامو‘ ۾ اھڙي طرز جا 3 بيت آھن، جيڪي گهڻي قدر تہ شاھ لطيف جا ئي آھن، جي نہ تہ پوءِ شاھ لطيف جي ڀران چيل آھن.
شاھ لطيف چوي ٿو:
گهڙو ڀڳو تان گهورئو، پاڻان ھو حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄي وُجُودَ ۾، رهيو روحُ رَبَابُ،
ساھَڙَ رِءَ ثَوابُ، آءٌ گهڻوئِي گهورِيَان.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 2، بيت 5، ص: 381)
جڏهن تہ صوفي فقير جو بيت ھيٺينءَ ريت آھي، جنھن مان شاھ لطيف جو اثر نمايان نظر اچي ٿو:
گهڙو ڀڳو تان گهوريو، پاڻان ھو حجاب،
مون کي سڪ ساھڙ جي، ڪھي ڪيو ڪباب،
ڪونهي ٻيو جواب، جيءَ ڏني ريءَ نہ جُڙي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’راڳ نامو‘ سُر سھڻي، بيت 3، ص: 104)
فقير صوفي محمد صديق ’سُر کنڀات‘ جي مضمون ۽ موضوع جي ترتيب بہ اُھا ئي رکي آھي، جيڪا شاھ لطيف وٽ آھي. شروعاتي بيتن ۾ چنڊ تارن کان وڌيڪ سڄڻ جي سونھن جو بيان ڪيو اٿائين، جنھن کان پوءِ نفس لاءِ ڪرهي يا اُٺ جو استعارو ڪتب آندو اٿس.
شاھ لطيف اِن حوالي سان بہ فقير صاحب جو پيشرُو آھي. فرمائي ٿو تہ، نفس بي چيو آھي، انهيءَ مامري مون کي رئاري وڌو آھي:
آڻي ٻَڌُم وَڻَ جاءِ، مانَ چَري ڪي مُڱريوُن،
ڪُڌاتُورو ڪَرَهو، لِڪِئو لاڻِي کاءِ،
اِنَ مَيي سندي ماءِ، مون کي ڳالَهڙِيين ڳوڙها ڪِئا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرکنڀات، داستان 5، بيت 5، ص: 88)
فقير صاحب، نفس جي اھڙيءَ عادت جي پچار لاءِ بہ شاھ لطيف جي بيت کان ئي مدد ورتي آھي، چوي ٿو:
جان مان مکريون چاريان، جيڪر ليمي جاءِ،
تان ڪڌاتورو ڪرهو، لڪيو لاڻي کاءِ،
ميي سندي ماءِ، مون کي ڳالهين ڳورا ڪيا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع)، ’راڳ نامو‘ سُر کنڀات، بيت 25، ص:45)
صوفي مراد فقير:
محمد مراد المعروف صوفي مراد فقير ولد محمد حيات زنگيجو 1742ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد روحل فقير جي سوٽن مان ھو. ڏاڏاڻڪي حسب نسب موجب، صوفي روحل ۽ مراد فقير سوٽاڻا سوٽ ھئا.
صوفي مراد، پنھنجي ننڍپڻ جا ڏھ سال شاھ لطيف جي دؤر ۾ گذاريا. عمر جي اعتبار کان مراد فقير کي شاھ لطيف جو ننڍو ھمعصر ليکيو ويو آھي، پر ھو شاھ لطيف جي متاخرين ۾ شامل آھي، جنھن بابت ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ لکي ٿي: ”هي صوفي شاعر پنھنجي صوفيانہ تخيل جي بيان ۾ مضمون توڙي موضوع جي لحاظ کان شاھ سائينءَ جي زير اثر آھي ۽ تصوف جي نظريه وحدت الوجود جي تشريح خاطر ھن مختلف لوڪ داستانن جي تمثيل پيشڪش ۾ استعاراتي استعمال بہ شاھ وارو ڪيو آھي. “ (اُمِ ڪلثوم، 2004ع، ص: 558)
مراد فقير جي وڏي ھمعصر ھجڻ جو رتبو، صوفي روحل فقير کي حاصل آھي؛ جو ھُو مراد فقير کان ڏھ سال وڏو ھو، ۽ مراد فقير جي خوشبختي، جو کيس ننڍپڻ ۾ ئي روحل فقير جي روحاني صحبت نصيب ٿي. مراد فقير روحل جي رنگ ۾ ايترو رڱجي ويو، جو ھُن جو روحل کان گهڙي پل پري ٿيڻ بہ محال ھو. ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ جو مصنف لطف الله بدوي مطابق مراد فقير، روحل فقير سان سفر ۽ حضر ۾ گڏ ٿي رهيو. کيس خلافت جو منصب ھجي تہ ڪھڙو شڪ آھي. جڏهن تہ سنڌي شاعريءَ جي تاريخ تي ٻڌل تصنيف، ’تذڪرہ لُطفي‘ ۾ لطف الله بدوي، مراد فقير کي روحل فقير جي صوفي سلسلي جو مريد لکيو آھي ۽ حقيقت بہ اھائي آھي تہ، مراد فقير کي جيڪو ڪجهہ فيض رسيو، ان جو محرڪ ۽ مرڪز روحل فقير ھو. مرا د فقير؛ روحل فقير جي انهيءَ حيثيت جو اعتراف بہ ڪري ٿو:
صاحبَ واري رمز اھا سڀ، ’روحل‘ مون سمجهائي،
(بدوي، لطف الله، (1983ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ منزل ڇھين وحدت، ص: 145)
مراد فقير جو جنم، ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ٿيو، پر ھو روحل فقير جي صحبت جي اثر ھيٺ ٽالپرن جو طرفدار ھو. جڏهن ٽالپر گهراڻي، 1783ع ڌاري ڪلهوڙن کي جنگ ۾ شڪست ڏيئي، سنڌ حڪومت جون واڳون سنڀاليون، تڏهن مراد فقير پنھنجي جوانيءَ جي اوج تي ھو، ۽ ھن جي دل ٽالپرن جي لاءِ دعا بڻجي وئي ھئي ۽ چيو ھئائين:
ٽاريون ٽالپرن جون، پرور پوکايون،
دائم تنين دعا جو، اسين پاڻي ٿا پايون،
سي سدائي سايون، جن جي مدد محمد مراد چئي.
(بدوي، لطف الله، (1983ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ بيت متفرقه، بيت 25، ص: 132)
ڪلهوڙن جي پُر آشوب دؤر گذرڻ کان پوءِ، جڏهن ملڪ ۾ سڪون اچي ويو، تڏهن پنھنجي رهنما (روحل فقير) سان گڏجي، ھُو ڪوٽ ڏيجيءَ جي ڀرسان ’ڪوٽلي‘ ۾ اچي رهيو، جتي ھُن روحل فقير کي پنھنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏنو. روحل جي ھيءَ ٻي شادي ھئي، جنھن مان کيس ٻن پٽن: خدابخش ۽ فقير دريا خان جو اولاد ٿيو.
صوفي مراد فقير، سچو ۽ کرو ماڻهو ھو، ڪنھن جي کؤنس برداشت نہ ڪري سگهندو ھو، ۽ خاص ڪري پنھنجي مرشد روحل فقير تي ڪنھن جو ڪَکُ بہ نہ سھندو ھو.
انهن ڏينھن ۾ ڪوٽلي جي ڀرپاسي ۾ شڪر شاھ نالي ھڪ بي شڪرو وڏيرو رهندو ھو، جيڪو روحل فقير جي بزرگي ۽ حيثيت تي نرڙ ۾ گهنج وجهندو ھو. خاص ڪري صوفي فقيرن ڏانھن عام ماڻهن جو مائل ٿيڻ کيس ڀانءِ نہ پوندو ھو. شروعات ۾ فقيرن کي رنجائڻ ۽ انهن جو رستو روڪڻ جي ڪيائين، جڏهن ان ڪوشش ۾ ناڪامياب ٿيو، تہ ھُن صوفي فقيرن ۽ سندس مريدن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. شڪر شاھ جي انهن عملن تي مراد فقير گهڻو ڪاوڙيو. نيٺ شڪر شاھ کي جوڳي سيکت ڏيڻ جو رٿيائين، پر روحل فقير کيس ھدايت ڪئي تہ، فاني شين تي تڪرار اجايو آھي، اسان جو ويري شڪر شاھ نه، پر نفس آھي، جيڪو فاني شين ڏانھن مائل ڪري ٿو. مراد فقير پنھنجي رهبر جي ھدايت تي ماٺ اختيار ڪئي ۽ نفس جي اصلاح ۾ محوِ ٿي ويو.
مراد فقير نفس کي ’ٻيلهه‘ سڏيندي، اُن کي ٻَن ڏيڻ جو پڪو پھه ڪيو ۽ چيائين:
رهزن نفس نفيءَ سان، توڻي ڪوڙين ڪارون ڪن،
توءِ گڻ ڏسي اوگڻ ڪري، ڏئي ڏهاڙيون ڏک تن،
تنھن کي مار ’مراد‘ چئي، جيئرو ڇڏ مَ ڇَن،
سا ٻيلھ کڻي وجهہ ٻَن، جنھن مؤن جيءُ جوکو ٿئي.
(بدوي، لطف الله، (1983ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ بيت مترفقه، بيت 8، ص: 129)
انهيءَ نفس ڪُشيءَ دوران سندس لاڏاڻو ٿيو. ھڪ روايت موجب اُھو سال 1796ع ھو. سندس مزار ڪوٽلي (پراڻو ڪوٽلي)، ديھ سوهو، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ آھي.
مراد فقير جي سنڌي ڪلام ۾ ڪافيون، سي حرفيون ۽ بيت شامل آھن. بيتن جو ڪل انگُ 129 آھي، جيڪو ’معرفت‘، ’سھڻي‘، ’سسئي‘، ’مومل راڻو‘، ’عمر مارئي‘، ’نوري‘، ’ليلا چنيسر‘، ’گهاتو‘، ’سامونڊي‘، ’پرڀاتي‘ ۽ ’پورب‘ جي عنوانن تي ٻڌل آھي.
ان کان سواءِ ’عشقيه‘ عنوان سان سندس ڊگهن بيتن (ڪبت) جو سلسلو آھي، جنھن ۾ مراد فقير معرفت جي راھ جون ڇھَ منزلون بيان ڪيون آھن. مراد فقير ’عشقيه‘ خاص ڪري پنھنجن طالبن جي رهبريءَ لاءِ لکيو، جنھن ۾ ھُن نفي ۽ اثبات جي ڳوڙهي موضوع کي نھايت سادي نموني ۾ بيان ڪيو آھي. ھتي اُن ’عشقيه‘ جي ڇھين منزل (وحدت) بابت مراد فقير جو بيت ڏجي ٿو، جنھن مان سندس فڪر ۽ ان جي تخليقي اظھار جي پروڙ پئي ٿي:
مُلڪ نفي اثبات کان اڳتي، وادي وحدت آئِي،
جت ’همه‘ جو ھوڪو ھردم، ٻي نہ ٻُڌجي وائِي،
مذھب ملت اوري اُن کان، منزل جنھن ھيءَ پائِي،
شاھد ۽ مشھود اُتي ھڪ، ٻِي نہ ڪِيرت ڪائِي،
صاحبَ واري رمز اھا سڀ، ’روحل‘ مون سمجهائِي،
موج ’مراد‘ ھي حاصل جن کي، مانجهي ھو مَرڪن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.
(بدوي، لطف الله، (1983ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ منزل ڇھين وحدت، ص: 145)
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ، پنھنجيءَ تصنيف ’شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعارہ ۽ تشبيھ نگاريءَ جو تحقيقي جائزو‘ ۾ صوفي مراد فقير جو شاھ لطيف جي ڪلام تان ورتل اثر بابت پيرائتو بحث ڪيو آھي.
ھوءَ لکي ٿي: ”مراد فقير خاص طور تي شاھ عنات ۽ شاھ لطيف کان متاثر نظر اچي ٿو. ھنن جي نقش قدم تي ھلندي ھن پنھنجي ڪلام ۾ عشق حقيقي ۽ تصوف جي موضوع تي خوب شعر چيو آھي. “ (اُمِ ڪلثوم، 2004ع، ص: 550)
شاھ لطيف، تصوف جي سلسلي ۾ حسين بن منصور حلاج جي ’همه اوست‘ فلسفي جو پيروڪار ھو. ’شاھ جو رسالو‘ ان حوالي کان ڄڻ تہ ’وحدت الوجود‘ جو منظوم دستاويز آھي، جو اُن جي سِٽ سِٽ ۾، حقيقي محبوب جو مشاھدو سمايل آھي. ھتي انهن بيتن/سِٽن کي شامل ڪجي ٿو، جن کي فڪري سطح تي يا فني سطح تي مراد فقير اختيار ڪيو آھي. سڀ کان اڳ ۾ ان صوفي ڌارا ’وحدت الوجود‘ جو ذڪر ڪجي ٿو، جنھن سان اسان جي ٻنهي اساسي شاعرن جو لاڳاپو آھي.
شاھ لطيف فرمائي ٿو:
ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکُ، ڪوڙين ڪَڻسِ ڳِڙکيوُن،
جيڏاھَ ڪريان پرک، تيڏاھَ صاحب سامهون.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 20، ص: 85)
صوفي مراد فقير مٿئين بيت جو اثر ھيٺينءَ ريت ورتو آھي:
تنِ پرين، منِ پرين، چِتِ پرين، دل يار،
اَندر ٻاھر سُپرين، وِٿِ نہ آھي وار،
اکين منجهہ ’مراد‘ چوي، ٻيو ڪونہ قريبين ڌار،
جاڏي ڪريان نهار، تاڏي سَڄڻَ پَسان سامھان.
(بدوي، لطف الله، (1983ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ معرفت، بيت 18، ص: 106)
شاھ لطيف، پنھنجي پرينءَ کي پنھنجي اندر ۾ پسندي چوي ٿو:
جو تون ڏُورِئين ڏوُرِ، سو سدا آھي ساڻُ تو،
لالنَ لءِ لطيفُ چٖي، مَنجِهي ٿِيُ، معذورِ!
منجها پَنءَ پَروڙِ، تو منجهہ آھِسِ تَڪِيو.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 3، بيت 8، ص: 28)
مراد فقير جو خيال ڪجهہ ھيٺينءَ ريت ظاھر ٿئي ٿو:
جي تو سِڪَ پرين جي، تہ ناحق ڏور مَ ڏُور،
’هُو اَلاوّل، ھُو الآخر‘، جئن سو نيڻين نوُر،
’هُوَ الظّاھر، ھُو الباطن‘، ھر دم آھه حضور،
ٻيا سڀ ڦند فُتوُر، ماري ڪڍ، ’مراد‘ چئي.
(بدوي، لطف الله، (1983ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ معرفت، بيت 8، ص: 104)
شاھ لطيف حقيقي عاشق جي سڃاڻ ڪرائيندي چوي ٿو:
پاٻوهِيو پڇنِ، ڪٿي ھٿُ حبيبَ جو،
نيزي ھيٺا نِيہَ جي، پاسي پاڻ نہ ڪَنِ،
عاشقَ اَجَلَ سامُها، اُنچي ڳاٽِ اَچنِ،
ڪُسَڻُ قربُ جَنِ، مرڻُ تَنِ مشاھِدو.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 3، بيت 16، ص: 90)
مراد فقير، شاھ لطيف جي مٿي ڏنل بيت جي اثر ۽ سحر ۾ ڪيترو رهيو آھي، اھو سندس ھيٺيون بيت ٻڌائي ٿو:
سا مَنَ سِکُ ’مراد‘ چوي، جا پَر پتنگن،
اَچن اَجَلَ سامھان، سِرَ جو سانگ نہ ڪن،
جن کي موت مشاھدو، سي رَتِي ڪين رهن،
ساعت سين نہ سھن، پاڻ برابر پِر جي.
(بدوي، لطف الله، (1983ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ معرفت، بيت 1، ص: 103)
شاھ لطيف، سُر يمن ڪلياڻ ۾ ’پتنگ‘ کي حقيقي عاشق جي استعاري طور استعمال ڪيو آھي، جنھن ۾ شاھ لطيف نہ رڳو پتنگ جي قربانيءَ جو ذڪر ڪري ٿو، پر گڏوگڏ پتنگ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
پَتنگُ چايين پاڻَ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ!
سَھائي سُپيريَنِ، گِهڙُ تہ ٿيين گهوٽُ!
اَڃا تون اَروٽُ! کوُري خبرَ نہ لَهِم!
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 3، بيت 12، ص: 96)
مراد فقير پتنگ جو استعارو پڻ حقيقي عاشق لاءِ ڪتب آندو آھي، ھو چوي ٿو:
جي اچين تان اچ، اَٿِي اڄ ’مراد‘ مشاھدو،
پئي پروانن جان، رنگ پريان جي رَچ،
پَسي موٽ مَ مَچُ، اَٿِي سِرَ جي ساٽي سُپرين.
(بدوي، لطف الله، (1983ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ معرفت، بيت 2، ص: 103)
شاھ لطيف جي فڪر ۽ اسلوب جي ڇاپ تہ مستقبل جي شاعرن تي بہ رهندي، پر شاھ لطيف جي شاعريءَ جي ھن اثر کي ڇا چئجي، جو متاخرين، شاھ لطيف جي فقرن توڙي پدن کڻڻ/استعمال ڪرڻ کان پاڻ روڪي نہ سگهيا آھن.
شاھ لطيف بيت جي پھرين سِٽ جي ٻئي پد ۾ پتنگ کي چوي ٿو، ’پسِي مَچُ مَ موٽ‘ تہ مراد فقير پنھنجي بيت جي آخري سِٽ جي پھرين پَدَ ۾ ھن ريت مخاطب ٿئي ٿو: ’پَسي موٽ مَ مچ‘، يا وري شاھ لطيف جي ھيءَ مقبول مصرع ڏسو: ’پتنگن پَھُه ڪيو، مِڙئا مَٿي مَچَ‘ جنھن جي تتبع تي مراد فقير چوي ٿو : ’مٿي مَچَ ’مراد‘ چئي، ڪئي پتنگن پچارَ!‘.
جيتوڻيڪ مراد فقير پنھنجي ڪلام ۾ تشبيھ ۽ استعاري جو سھڻو استعمال ڪيو آھي، پر انهن مان گهڻائي اھڙن استعارن جي آھي، جيڪي شاھ لطيف ڪتب آندا آھن ۽ انهن ۾ معنيٰ جا جيڪي موتي پوئيا آھن، انهن ئي موتين جي چمڪ شاھ لطيف جي متاخرين ۾ بہ واضح طور تي پسجي ٿي.
تخيل جي بي پناھ طاقت، استعاري کي تخليق ڪندي آھي، جنھن ۾ فرد جو ذاتي تجربو ۽ آزمودو محرڪ ثابت ٿيندو آھي. اُن لحاظ کان استعارو، شاعر جي ذات جو اظھار ھوندو آھي ۽ نھايت ئي ذاتي ھوندو آھي. جيڪڏهن ڪوبہ تخليقڪار اڳ ۾ تخليق ٿيل استعاري کي ساڳي ماحول، ڪيفيت ۽ معنيٰ ۾ اظھاري ٿو تہ اِھا ڳالهہ اصل تخليقڪار جي مشاھدي ۽ تخليقي سگھ جي ثابتي آھي. شاھ لطيف کي ان حوالي سان بنيادي حيثيت حاصل آھي تہ، کانئس پوءِ جا شاعر، ھن جي اسلوب، ٻولي، فڪر ۽ شعري صنعتن خاص ڪري استعاري جي سحر ۾ رهيا آھن، جنھن جو ھڪ واضح مثال مراد فقير جو ڪلام آھي.
جيتوڻيڪ سندس ڪلام ٿورو آھي، پر اُن ۾ اُھي اھڃاڻ گهڻا آھن، جن مان شاھ لطيف جي اثر کي چڱيءَ ريت پرکي سگهجي ٿو. ھيٺ ڪجهہ اھڙا مثال ڏجن ٿا:
لهرِنِ ليکو ناھِه ڪو، جِتِ ڪَپُرُ ڪُن ڪارا.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 5، بيت 2، ص: 130)
مراد فقير ’سُر سھڻيءَ‘ ۾ شاھ لطيف جي اثر کي قبوليندي لکي ٿو:
لهرين ليکو ناھ ڪو، اونهو جت اَجهار.
(بدوي، لطف الله، (1983ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ سُر سھڻي، بيت 2، ص: 109)
شاھ لطيف سُر سسئي آبريءَ ۾ سسئيءَ کي چوي ٿو:
ھوتُ تُھجٖي ھنجَ ۾، پُڇين ڪوهُ پَھِي؟
***
ھوتُ تُھجٖي ھنجَ ۾، پُڇين ڪُہ پَرياڻُ
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 5، بيت 12 ۽ 13، ص: 293-294)
مراد فقير بہ سسئيءَ سان مخاطب ٿيندي شاھ لطيف جا ئي اکر اچاري ٿو:
وٺي ڪونہ ويوءِ، آھي ھوتُ تنھنجيءَ ھنج ۾.
(بدوي، لطف الله، (1983ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ سُر سسئي، باب وصال، بيت 1، ص: 115)
شاھ لطيف ’سُر ڪارايل‘ ۾ ھنج، مور ۽ ڪانگ پکيءَ کي انهن جي ڳُڻن ۽ اوڳڻن کي نظر ۾ رکندي، معاشري جي بگڙيل صورتحال کي واضح ڪيو آھي:
وِيا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَه رَهِيو ھيڪَڙو،
وَطَنُ ٿِيو وَريِ، ڪوڙَنِ ڪانِيئَرنِ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان 1، بيت 29، ص: 853)
مراد فقير شاھ لطيف جي مٿئين بيت جي تتبع تي ساڳيو خيال ھيٺينءَ ريت ظاھر ڪيو آھي:
ويا ھنجھ ھَلِي، آيا ڪانءَ ڪُنبن تي،
مورن جِي ’مراد‘ چئي مِرُن جاءِ جهلي،
چِٻَن سان چَلي، ٿي، مَينا مقالون ڪري!
(بدوي، لطف الله، (1983ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ بيت متفرقه، بيت 23، ص: 132)
شاھ لطيف، سُر پورب ۽ رامڪليءَ ۾ جوڳين جي روحاني رياضت، نفس ڪشي ۽ محبوب سان وصال حاصل ڪرڻ جو سھڻو بيان ڪيو آھي. جيئن تہ شاھ لطيف شعور جي اُن بلنديءَ تي ھو، جتان قومن جي سرواڻيءَ جو احساس جنم وٺندو آھي. انهيءَ احساس ھيٺ اصلاحي رُخ جو پيدا ٿيڻ اڻٽر آھي. اھو ئي سبب آھي، جو شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ جي مجموعي ڪردارن جي خوبين کي ڳڻايو آھي ۽ منجهن ڪمزورين کي دور ڪرڻ لاءِ رهبر جو ڪردار ادا ڪيو آھي. سُر رامڪليءَ ۾ جتي سچن جوڳين جي ساراھ ڪري ٿو، تہ اتي طمع ۾ ڦاٿل جوڳين کي تنبيھ بہ ڪري ٿو:
جان تان جوڳِي ٿِيءُ، نَه تَھ نِـــــرِڄا! وَنءُ نِڪِرِي،
ڪُوھ ٿو ڪَنَ ڪَپايين، جان نَه سَھين سِيءُ،
ڀَڄُ! پَرانهُون ٿِيءُ، مَتان ٻِيا لڄايين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 4، بيت 14، ص: 796)
انهيءَ ساڳئي پس منظر ۾ مراد فقير بہ ساڳيو ئي اظھار ڪري ٿو:
جوڳي تو نہ جُڳاءِ، جو ٿو ڪَنَ چيرائين ڪاپڙي.
(بدوي، لطف الله، (1983ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ بيت پورب جا، بيت 2، ص: 125)
طالب الموليٰ (1919ع-1993ع) :
سنڌ جي روحاني گادي، مخدوم نوح جي خاندان سان تعلق رکندڙ، ۽ مخدوم نوح جي گاديءَ جو 16هون گادي نشين، مڃيل شاعر، اديب مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ ولد مخدوم غلام محمد جو ڄم، ”9 محرم الحرام، ڇنڇر ڏينھن سن 1338 ھجري مطابق 4 آڪٽوبر 1919ع تي ھالا (نوان) ۾ ٿيو. سندس خانداني روايت موجب سندس نسب شيخ الشيوخ شھاب الدين ابو خصص عمر بن عبدالله سھروردي (م 632ھ) سان ملي ٿو. “ (حسيني بيخود، 1990ع، ص: چ)
مخدوم طالب الموليٰ طبيعتاً سُلڇڻو، وڏائيءَ کان پري، نهٺو، نفيس ۽ جاذب شخصيت جو مالڪ ھو. شاعريءَ ڏانھن لاڙو ننڍي وهيءَ کان ئي ھوس. پاڻ 1936ع ۾ ھالا ۾ ’انجمن علم و ادب‘ جو بنياد رکيائين، ان سان گڏ ’الزمان‘ جي نالي ھالا ۾ پريس پڻ لڳايائين، جتان ھفتيوار اخبارون ’پاسبان‘ ۽ ’الزمان‘ جاري ٿيون. 1950ع ۾ ھالا مان ھڪڙو ماھوار رسالو ’فردوس‘ سندس سرپرستيءَ ھيٺ جاري ٿيو. ان کان سواءِ ’سيستان‘ مان جمعي خان ’غريب‘ ماھوار رسالو ’طالب الموليٰ‘ (1952ع) ۽ سندس ئي سرپرستيءَ ۾ حيدرآباد مان 1956ع ۾ ’شاعر‘ نالي رسالا نڪتا. 1936ع ۾ شاعرن جي ھڪڙي جماعت ’جميعت الشعراء‘ نالي جوڙي وئي تہ پاڻ ان ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. 1957ع ۾ گهوٽڪيءَ جي اجلاس ۾ کيس ’جميعت الشعراء‘ جو صدر چونڊيو ويو. پاڻ 1954ع ۾ ’ادارہ روح ادب سنڌ‘ جو بنياد رکيائين. ان جي سري ھيٺ 1955ع ۾ راڳ جي ڪانفرنس ڪوٺايائين ۽ ماھوار رسالو ’روح ادب‘ پڻ جاري ڪرايائين. ان سال کان ئي پاڻ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد جو ميمبر رهندو آيو. نومبر 1955ع ۾ ئي ’شاھ لطيف يادگار ڪاميٽي ۽ ڪلچرل مرڪز‘ جو ميمبر نامزد ٿيو، ان سان گڏ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن جي مشاورتي ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر ٿيو.
طالب الموليٰ نہ صرف علم عروض جو ڄاڻو ۽ غزل جو شاعر ھو، پر پاڻ بيت ۽ ڪافي پڻ چئي اٿس. کيس موسيقيءَ سان خاص لڳاءُ ھوندو ھو. سندس والد مخدوم غلام محمد بہ فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو ھو. طالب الموليٰ جي شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آھن، جن ۾ ’ديوان طالب الموليٰ‘ (1982ع)، ’بي پير اکيون‘، (1987ع)، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘ (1990ع) وغيره. انهن کان سواءِ ’ڪافي‘ نالي ڪافيءَ جي صنف تي نثر ۾ ڪتاب لکيل اٿس، جيڪو 1962ع ۾ ڇپيو. ان صنف تي سندس اھو پھريون ڪتاب آھي. ان سان گڏ ’لغات مخففات سنڌي‘ سنڌي لفظن جا مخفف، پڻ تاليف ڪيو اٿائون، جيڪو پنھنجي نوعيت جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڪتاب آھي، اھو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو.
جيئن تہ طالب الموليٰ نہ صرف شاعر ھو، پر ھُو راڳ ٻڌڻ جو شوقين ۽ ان سان گڏ راڳ جي ڄاڻ پڻ رکندڙ ھو، تنھن ڪري نہ صرف ھُو پنھنجي شھر ۾ راڳ جون نجيون محفلون مچرائيندو ھو.
ھادي سو، حڪيم سو، مالڪ سو مختيار،
رازق سو، رحيم سو، جابر سو جبار،
اڳ بہ سو، پوءِ بہ سو، اڙين جو آڌار،
الله غني و انتم الفقراء‘، سو ئي سو سردار،
’طالب الموليٰ‘ مرد ٿي، ڪر وحدت جو واپار،
قادر سو ڪلتار، قائم دائم ڪُلَ تي.
(طالب الموليٰ، محمد زمان، مخدوم، (1990ع)، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘ (هادي آھي ھيڪڙو)، بيت 3، ص: 1)
شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ ان ساڳئي خيال کي ھن ريت سمجهايو آھي:
سو ھِيُ، سو ھُو؛ سو اَجَلُ، سو اَللهُ؛
سو پِرِين، سو پساھُه؛ سو ويري، سو واھَرُو.
(آڏواڻي، ڪلياڻ، (2013ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 18، ص: 15)
شاھ لطيف ھڪ بيت ۾ الله تعاليٰ جي وڏائي بيان ڪندي، سندس رسول ڪريمﷺ سان لڳاءُ رکندي، ۽ سندس ڏسيل واٽ الله تعاليٰ جي طالبن کي ڏسيندي ھيئن ٿو چئي:
وَحدَہُ جي وَڍِئا، ’الاالله‘ اَڌَ ڪِئا،
”مُحَمدُ رَسُولُ اللهِ“ چَئِي، مسلمانَ ٿِئا،
عاشِقَ، عبداللطيفُ چئي، اِنَهِين پَہِ پِئا،
جيلاھ ڌَڻيءَ ڌُئا، تي وِئا وَحدَتَ گَڏِجِي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 10، ص: 48)
مخدوم طالب الموليٰ بہ شاھ لطيف جيان اول الله تعاليٰ جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ سندس رسول آخر زمان حضرت محمدﷺ جن جي تعريف ڪندي ھيٺئين بيت ۾ ھيئن ٿو چوي:
سرسو آھي سونھن ۾، مديني جو ميرُ،
شمس اڳيائنس شرمندو، توڙي ماھُه منيرُ،
فقيرن جو فقير سو، پيرن جو پيرُ،
خادم خاصو خلق جو، ۽ اُمت جو اميرُ،
طالب الموليٰ عشق ۾، انجي آھه اسيرُ،
الله ڪيو اڪسيرُ، عشق عربي ڄام جو.
(طالب الموليٰ، محمد زمان، مخدوم، (1990ع)، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، بيت 3، ص: 11)
مٿي ڄاڻايل بيت ۾ شاھ لطيف اھڙن طالبن جو ذڪر ڪيو آھي، جيڪي الله تعاليٰ جو وصال ماڻڻ ٿا گهرن، ۽ ويجھڙائيءَ جي ھام ٿا ھڻن، پر مخدوم طالب الموليٰ ان ڳالهہ کان منع ٿو ڪري تہ متان تون حجت مان الله تعاليٰ کي پنھنجو دوست (ولي) سمجهي ويھي رهين، متان ڪڏهن اھڙو دم ھڻين تہ تون ڪو الله تعاليٰ جي ويجهو پھچي ساڻس رهاڻ ڪري سگهندين، پر تون ھميشه نوڙت ۽ نياز سان ھن جي آڏو ويندو ڪر، تڏهن رب تعاليٰ تنھنجي مٿان ڪي وڙ ڪندو.
متان تون ھڻين، ڪڏهن دم دوستيءَ جو،
ٿئج دلبر يار جي، پيزارن پڻي،
ھو مالڪ جاھ جمال جو، ۽ دل جو آھه ڌڻي،
طالب الموليٰ مرد ٿي، رک ان جي گهرج گهڻي،
قرب جي ڪڻي، ڪروڙ تان ڪثر ٿئي.
(طالب الموليٰ، محمد زمان، مخدوم، (1990ع)، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، بيت 3، ص: 30)
مخدوم طالب الموليٰ جي طبيعت بابت بيخود حسيني، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو تہ: ”پير، فقير ۽ امير تہ گهڻيئي آھن. شان شوڪت، رعب تاب ۽ مان مرتبي وارن جي گهڻائي آھي، پر طالب الموليٰ جھڙو ھمه صفت موصوف شخص ملڻ مشڪل آھي. “ (طالب الموليٰ، 1990ع، مقدمو: جھ)
مخدوم طالب الموليٰ شاعر سان گڏوگڏ سٺو نثر نويس پڻ ھو. ھن ڪيئي ڪتاب نثر ۾ پڻ لکيا، جيڪي پنھنجي وقت ۾ خاصي مقبوليت ماڻي چڪا ھئا، جنھن لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو تہ: ”سنڌي ادب جي تاريخ نويسن کين (طالب الموليٰ کي) ھڪ شاعر جي حيثيت ۾ نمايان جڳھه ڏني آھي، پر منھنجي خيال ۾ پاڻ اوترائي وڏا نثر نويس ھئا. سنڌي نثر جي ميدان ۾ تحقيق، تنقيد، سنڌي ادب جي تاريخ، سنڌي ٻولي، لسانيات ۽ سنڌي لغت نويسيءَ وارن موضوعن تي سندس تصنيف ڪيل ڪتاب ’ڪافي‘، ’يادِ رفتگان‘، ’اسلامي تصوف‘، ’شيطان‘، ’خود شناسي‘، ’امام غزاليءَ جا خط‘، ’چھنڊڙيون‘، ’مضامين طالب الموليٰ‘، ’ڪچڪول‘، ’بھار لطيف‘، ’مصريءَ جون تڙيون‘ ۽ ’لغات سنڌي مخففات‘ جا نالا پيش ڪري سگهجن ٿا. “ (الانا، 2013ع، ص: 20)
مخدوم طالب الموليٰ بہ سنڌي جديد توڙي قديم شاعريءَ جي پُل جو ڪردار نڀائيندي، ٻنهي ميدانن تي پاڻ موکيندو رهيو آھي، جنھن جي لاءِ پاڻ ’ديوان طالب الموليٰ‘ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو تہ: ”سنڌي زبان ۾ پرديسي شاعري ڪجي تہ ان کي عربي، فارسي محاورن ۽ ترڪيبن سان سينگارجي ۽ ديسي شاعري (بيت، ڪافي وغيره) ڪجي تہ ان کي سنڌي محاورن ۽ ترڪيبن سان سنوارجي. “ (طالب الموليٰ، 1982ع، ص: 6)
مٿي بيان ڪيل سندس لکت مطابق ھتي اسان سندس پرديسي ۽ ديسي صنفن مان ڪي مثال ڏجن ٿا. مٿي بيان ڪيل پرڏيهي صنفون مخدوم طالب الموليٰ خاص ڪري غزل، رباعي، مخمص، مسدس، مثمن وغيرہ کي سڏي ٿو ۽ ڏيهي صنفن ۾ بيت، دوهو، سورٺو ۽ ڪافي يا وائيءَ کي شمار ڪري ٿو. سندس غزل جو ھڪڙي مطلع جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
نگاھِ ڪيف آور سا به، ھڪ ظالم ادا سان گڏ،
الا جي ڪيئن ھلي ٿو يار، ھن تيرِ قضا سان گڏ.
***
يقيناً پوري عالم کي، نظر شقُّ القمر ايندو،
ڪو بيھاري ڏسي محبوب کي، بدرالدجيٰ سان گڏ.
(طالب الموليٰ، محمدالزمان، مخدوم، (1982ع)، ’ديوان طالب الموليٰ‘، ص: 82 ۽ 83)
سندس غزل جي صنف ۾ صرف اھو چوڻ تہ ھن ھروڀرو عربي ۽ فارسي محاورا ۽ تشبيهون ڪتب آنديون آھن، جيڪي اسان جي سنڌي نوجوان شاعرن کي ڏکيون لڳن، پر طالب الموليٰ ھڪڙي غزل جي بند جي جوڙجڪ ھيٺين ريت ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي آھي. ساڳئي ديوان جي ھڪ غزل جو ھي بند سولي سلوڻي سنڌي سٽاءَ ۾ آھي:
ڀلا پنھنجن پراون جون، ڳڻيندين ڪيتريون ڳالهيون،
تون عادت درگذر جي ڪر، ٻيو سڀ ڪجهہ وساري ڇڏ.
(طالب الموليٰ، محمدالزمان، مخدوم، (1982ع)، ’ديوان طالب الموليٰ‘، ص: 80)
وري سندس ڏيهي شاعري يعني مڪاني صنف ’ڪافيءَ‘ جو مثال ھيٺ ڏجي ٿو:
عبادتون آھين، پرهيزگار ڪرڻ لاءِ،
طالب مولا مرد سي، جي سينو نہ ساھين،
اوڙون ڏيئي عشق سان، قلب کي ڪاھين،
اندر واري آگ ۾، پاڻ کي پاھين،
رمز سان راھين، قريب پنھنجو قلب ۾.
(طالب الموليٰ، محمدالزمان، مخدوم، (1990ع)، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، ص: 23)
سندس ڏيهي صنف ڪافيءَ جو ھي مثال ڏسو، ڪيتري نہ سادڙي لس پڙهي وڃڻ واري سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڪيو اٿس. سندس ھڪڙي ڪافيءَ جو ٿلھ ھن ريت آھي:
ٿلهہ:
جاڳڻ سان رک جار مسافر!، جانب لهندين جاڳي جاڳي.
ان ڪافيءَ جو ٻيو بند ھن ريت لکيو اٿس:
بند:
ويل ويهڻ جي ڪانہ ڪا آھي، سالڪ ٻڌ تون سندرو ساھي،
لوڪ سندا لاڳاپا لاھي، ورھ جو ڪر واپار – مسافر!
صورت پسندين سھڻي ساڳي.
(طالب الموليٰ، محمدالزمان، مخدوم، (1990ع)، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، ص: 255)
طالب الموليٰ جي شاعريءَ تي شاھ لطيف جي شاعريءَ جو اثر واضح طور نظر اچي ٿو، جنھن جا مثال ھيٺ ڏجن ٿا:
ڪانڌَ ڪميڻي ناھيان، توڙي ڪوجهي آھيان ڪِني،
سڄڻ سيل رکيو اٿم، ڇڏين متان ڇِني،
تنھنجي محبت من ۾، ڏاتر آھه ڏِني،
پيرن کان پِني، تون ورُ ورتم ھيڪڙو.
(طالب الموليٰ، محمدالزمان، مخدوم، (1982ع)، ’ديوان طالب الموليٰ‘، بيت 3، ص: 53)
ھن بيت ۾ طالب الموليٰ جو عورت ڪردار پنھنجي وَر يا ڀتار کي منٿ ڪندي، پنھنجي سيل ۽ ست جي ساک ڀريندي چوي ٿي تہ منھنجو تون ھڪڙو ئي ورُ آھين، منھنجو ڪنھن ٻئي سان بہ ڪو واسطو ناھي، ان ڪري پنھنجي مَن مان وسوسا ۽ وهم واري ڇڏج.
شاھ لطيف جو اھڙو ئي عورت جو ڪردار سُر راڻو (مومل) ۾ پاڻ کي راڻي جو ڪاڻيارو پيو ڀانئين ۽ منٿ ان لحاظ سان ڪري ٿو تہ مان ڪميڻي آھيان، سڪايل آھيان، تنھنجي انتظار ۾ آھيان، مهرباني ڪري ڪرهي جي واڳ مون طرف (ڪاڪ) ڏانھن موڙي اچ، مون سان ملاقي ٿيءُ تہ منھنجا اوسيئڙا ختم ٿين، وسوسا وارجي وڃن:
ڪَرهو ڪَمِيڻيءَ تي، سوڍا وارِ سُڄاڻَ،
آءٌ ڪُہُ ڪَريان ھِنَ ڪاڪِ کي، تَنَ توهِي ڏي تاڻَ،
لاھي غَيرَ گُماڻَ، اَڱڻِ آءُ اُڪَنڊِيين!
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 6، بيت 7، ص: 262)
مخدوم طالب الموليٰ ڪجهہ بيت وراڻي جا بہ لکيا آھن، جيڪي ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘ ۾ ’اکن مينهن وسايو‘ جي وراڻي سان ست کن بيت لکيا اٿس، انهن مان ھڪڙو مثال ھن ريت آھي:
اکين مينهن وسائيو، ڪري ڪارونڀار،
اڃا وڃ نہ عجيب تون، محب مٺا منٺار،
طالب چوي تن ۾، اڃا وسڻ جا وهنوار،
جڏهن ڏين وار، پو ٻہڳڻ ٻاھر نڪر جان.
(طالب الموليٰ، محمدالزمان، مخدوم، (1990ع)، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، بيت 2، ص: 123)
اھڙيءَ طرح شاھ لطيف وٽ وراڻي جا بيت بہ عام جام ملن ٿا، ڪيترن ئي سُرن ۾ موجود آھن. سُر ڪلياڻ ۾ ’عاشق معشوقن جو‘وراڻي وارا بيت ھيٺ ڏجن ٿا:
عاشِقَ مَعشوقَنِ جِي، وَٺِي ويھ ڳَرِي،
جِمَ وِرچِي ڇَڏيين، سَندِي دوستَ دَرِي،
ڏيندَءِ ٻُڪِي ٻاجَھ جِي، وِيندَءِ ٺَپَ ٺَرِي،
ساجَنِ توءِ سَرِي، اَسان سَرِي نہ اُنِ ري.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 4، بيت 20، ص: 57)
طالب الموليٰ جو بيت ڏسو:
مَڻيو مھانگو ڄاتئي، ايڏي طمع تات،
مڻيا تہ مُوڙي ھٿ جي، ورُ ڏاتر جي ڏات،
ھنن جا مٽ ملڪ ۾، ھي پنھنجو ذات ئي ذات،
ڪمائي سڀ ڪُٽُ ڪيئي، ھُوڙهي منجهہ ھڪ رات،
قرب جي قرشي چوي، بلڪل نہ سمجهئي بات،
ھو بخشئي ھا برات، ھي ٿيئي ڳٽ ڳچيءَ جو.
(طالب الموليٰ، محمدالزمان، مخدوم، (1990ع)، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، بيت 2، ص: 168)
شاھ لطيف، سُر ليلان ۾ ليلان جي ھار تي ھرکڻ کان پوءِ، اھو ھار اصل مڻين جو نہ پر ڪوڙو ڪچ ھو، جنھن جي موھ ڪري ليلان چنيسر جو چاھ پاڻ تان کڻائي ڇڏيو. ان لاءِ شاھ لطيف، ليلان کي ھن ريت مت ٿو ڏئي:
مَڻِيُون سو نہ مڻيُون، جو تون پَسي ھارُ ھرکِيين،
اَصُل آھي اَڳھِين، سندو ڪُوڙَ ڪَڻِيُون،
اِنَ گهوڙَنِ ھَنئي گَهَڻيُون، دوسنِئان دُورِ ڪِيون.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان 1، بيت 4، ص: 271)
مخدوم طالب الموليٰ پنھنجي شاعريءَ ۾ پَکين جو ذڪر بہ ڪيو آھي. خاص طور اھي پرڏيهي پکيئڙا، جيڪي ڪنھن مخصوص ھنڌن، موسم ۽ مٺي پاڻيءَ جي ڳولها ۾ دسيون لتاڙي، جبل جي چوٽين تان لهي، پنھنجي قوت گذر خاطر سنڌ ۾ اچي واھيرا ڪندا آھن. اھڙن پکين مان ’ڪونج‘ بہ ھڪڙو اھڙو ئي پرڏيهي پکي آھي، جيڪو ھت مارين جو شڪار بڻجي ٿو. اھڙن پکين لاءِ طالب الموليٰ فرمائي ٿو:
ڪرڪي اڄ ڪونجن، روئاريو سڄو ڏينھن،
ھن کي ٻاجھ ٻچن جي، مون کي نرڄو نينھن،
ھن جو چاھ چڻڻ سان، شوق سندم ڄڻ شينهن،
محبت وارو مينهن، طالب وسايم وِرھ ۾.
(طالب الموليٰ، محمدالزمان، مخدوم، (1990ع)، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، بيت 2، ص: 134)
شاھ لطيف، ڪونجن جي اصل وطن جو ڏس ڏيندي ھن ريت ٻڌائي ٿو:
قِسمَتَ آنديُون ڪُونجَڙِيُون، وَطَنُ سَندُنِ روهُ،
ڪَنہِ جو ڪونهي ڏوهُ، رِزقُ رازِقَ ھَٿَ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 5، بيت 3، ص: 170)
شاھ لطيف، شڪارين کي ڪونجن کي مارڻ کان جهليندي منٿ ٿو ڪري:
ڪُونجَنِ کي ڪِيمَ چَئو، جي ٻاجهارو ٻولنِ،
سارِيو سانڀيڙَنِ کي، رَڙيُون ڪِئو رُئنِ،
سائِين سِندا تَنِ، ٻَچا ميڙِيين ٻاجَھ سِين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان 5، بيت 1، ص: 169)
مٿين مختصر جائزي مان واضح ٿئي ٿو تہ مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ تي شاھ لطيف جي شاعريءَ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو.
غلام محمد شاھ ’گدا‘ (1826ع-1905ع) :
حاجي غلام محمد شاھ ’گدا‘، سن 1253ھ موجب 1826ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو سيد حسن علي شاھ ھو. ’گدا‘ جا وڏا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ خراسان مان لڏي خدا آباد ۾ اچي ويٺا، جيڪو ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ ھو.
غلام محمد شاھ ’گدا‘ جو خاندان خراساني رضوي سادات سڏبو آھي. سندس پڙڏاڏو سيد بچل شاھ ھڪ
ولي الله، عالم ۽ نيڪ انسان ھو. ’گدا‘ شاھ پنھنجي جوانيءَ جي شروعاتي دؤر تائين سندس ئي سنڀال ھيٺ رهيو.
غلام محمد شاھ ’گدا‘ عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ٻولين جو وڏو ڄاڻو ھو. سندس تعليم حاصل ڪرڻ بابت ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو: ”هن پارسي ۽ عربيءَ جي تعليم آخوند احمد بن عبدالعليم سانوڻيءَ کان حاصل ڪئي ھئي، جيڪو مير صاحبن جو استاد ھو ۽ شاعريءَ ۾ محمد روشن ’روشن‘ حيدرآبادي، سندس استاد ھو، جنھن جي وفات جي تاريخ گدا ھيئن بيان ڪئي آھي:
چون استاد روشن بہ جنت روان شد،
بگفتا ’گدا‘ آھه شيرين سُخن.
(قادري، اياز حسين، (1984ع)، ’سنڌي غزل جي اوسر‘ ڀاڱو ٻيو، ص: 152)
غلام محمد شاھ ’گدا‘، مير محمد خان ۽ سندس پٽ مير شاھنواز خان جي دربار سان بہ واڳيل رهيو، جتي خاص موقعن تي قصيدا چوڻ تي کيس شاھاڻين خلعتن ۽ انعام و اڪرامن سان پڻ نوازيو ويندو ھو. ’گدا‘ کي مير عبدالحسين خان سانگيءَ وٽان بہ مالي مدد ملندي ھئي، تنھن ڪري ھُو معاشي طور سکيو گذاريندو ھو.
سيد غلام محمد شاھ ’گدا‘ سنڌ کان ٻاھر ھندستان، ايران ۽ عربستان جا سفر ڪيا. ھڪ ڀيري ڪابل وڃڻ جي تياري بہ ڪيائين پر پوءِ ڪن مجبورين سبب اوڏانھن وڃي نہ سگهيو.
’گدا‘ شاھ نجف جي ڪر زيارت،
ڪڍي ڇڏ دل مان شوق سير ڪابل.
(لاشاري، رشيد احمد، (1957ع)، ’ڪليات گدا‘، ص: 14)
غلام محمد شاھ ’گدا‘ جي شادي ۽ اولاد بابت رشيد احمد لاشاري لکي ٿو: ”گدا شاھ جي شادي پنھنجن ويجهن عزيزن منجهان ھڪ نھايت خوبصورت، پاڪدامن پارسي عورت سان ٿي ھئي، جا پڻ فارسي زبان جي چڱي ڄاڻو ھئي ۽ گدا شاھ جي ساڻس ڏاڍي پريت ھوندي ھئي. ان منجهان کيس ٻہ فرزند ڄاوا، جن منجهان ھڪڙو پرڻيو ۽ ٻارن ٻچن جو پيءُ ٿيو ۽ ٻيو اڃا ڪنوارو ھو. گدا شاھ وٽ فارسيءَ ۾ سڪندر نامو پڙهندو ھو ۽ پيءُ جو ساڻس اھڙو پيار ھوندو ھو، جھڙو يعقوب جو پنھنجي يوسف سان، مگر افسوس جي زماني جي انقلاب ۽ چرخ بي پيريءَ ۾ اھڙو سخت صدمو پھچايو جو ان جي بيان ڪرڻ جي نہ زبان کي طاقت آھي ۽ نہ قلم کي قدرت. پھريائين تہ پوٽا ۽ پوٽيون اجل جي آواز کي لبيڪ چئي وڃي جنت ۾ آرامي ٿيا ۽ بعد ۾ ٻئي فرزند ارجمند به. . . جي سندس پيريءَ جي عصا ۽ اکين جو سوجهرو ھئا. ھڪ ٻئي پٺيان کيس داغ مفارقت ڏيئي وڃي ابدي آسائش حاصل ڪيائون. “ (لاشاري، (1957ع)، ص: 16 ۽ 17)
”سنڌي غزل جي ھن روشن ستاري سيد غلام محمد شاھ ’گدا‘، اٺھٺ ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 4 ذوالقعد 1322ھ مطابق 11 جنوري 1905ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ وفات ڪئي. کيس ٽنڊي آغا جي قبرستان ۾ ھڪ گمنام ھنڌ تي دفن ڪيو ويو. “ (لاشاري، (1957ع)، ص: 22)
غلام محمد شاھ ’گدا‘ اُن دؤر جو شاعر آھي، جڏهن سنڌي شاعري، خاص طور تي عروضي شاعريءَ تي فارسي ٻوليءَ جو تمام گهڻو اثر ھو. مير عبدالحسين خان سانگي، مرزا قليچ بيگ، آخوند محمد قاسم، فضل محمد ماتم، حافظ حامد ۽ غلام محمد شاھ ’گدا‘ جي شاعري، ٻولي، ماحول ۽ موضوع جي حوالي سان گهڻي ڀاڱي ھڪ جھڙي آھي.
غلام محمد شاھ ’گدا‘ جي ٻوليءَ تي پڻ فارسي ٻوليءَ جو اثر نمايان ڏسجي ٿو. سندس شاعريءَ جو تجزيو ڪندي ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو: ”گدا پنھنجي دؤر جو استاد شاعر ھو. ھن جي ڪلام ۾ رواني آھي ۽ ھن کي اِھا قدرت حاصل آھي تہ ھُو پنھنجن جذبن ۽ احساسن کي نھايت دلپزير پيرائيءَ ۾ بيان ڪري ٿو. ھُو پنھنجي دؤر ۾ پارسي شاعريءَ جي سمورين رعناين ۽ نزاڪتن جو علمدار ھو، ھن نہ صرف غزل جي زبان کي پارسي لفظن سان سينگاريو آھي پر ترڪيبون، تشبيهون ۽ استعارا بہ پارسي شاعريءَ وارا استعمال ڪيا آھن ۽ ماحول بہ ساڳيو پارسي شاعريءَ وارو قائم رکيو آھي. “ (قادري، 1984ع، ص: 155)
غلام محمد شاھ ’گدا‘ سنڌي شاعريءَ کي نہ رڳو استعارن، تشبيهن ۽ صنعتن سان سينگاري سونھن بخشيو بلڪ اُن سنڌي شاعريءَ کي فني ميدان ۾ پڻ ترقي ڏياري، تنھن ڪري کيس ان وقت جا ٻيا شاعر ’استاد‘ ڪري مڃيندا ھئا. سندس ڪلام جي خوبين ۽ خاصيتن تي روشني وجهندي رشيد احمد لاشاري لکي ٿو: ”گدا شاھ جو ڪلام انيڪ خوبين ۽ رنگينن سان ڀريل آھي. تشبيھ، استعارو، تخيل، زبان جي صفائي، محاوري بندي ۽ صنايع بدايع تہ سندس خاص خاصو آھن. جيئن اسين مٿي ذڪر ڪري چڪا آھيون تہ گدا شاھ پنھنجي دؤر جي شاعرن جو شاھ ھو، تنھن ۾ تِر جيترو بہ مبالغو نہ آھي. “ (لاشاري، 1957ع، ص: 42)
غلام محمد شاھ ’گدا‘ جي شاعريءَ ۾ اھڙا اھڃاڻ ملن ٿا، جن مان ايئن ٿو لڳي تہ غزل جي ڀلوڙ شاعر تي سنڌي شاعريءَ جي زمين کي بيت ۽ وائيءَ جي ڦولهاريل وڻن سان آباد ڪرڻ واري شاھ لطيف جو اثر آھي. غلام محمد شاھ ’گدا‘ جي شاعريءَ جو ڪينواس توڙي جو شاھ لطيف جي ڪلام جيان وسيع نہ آھي، پر تنھن ھوندي بہ ھُو ٻئي ڪٿي ڪٿي ساڳي ڳالهہ ڪجهہ مختلف طريقي سان چئي ويا آھن. ھيٺ ڪجهہ اھڙا شعر ڏنل آھن.
غلام محمد شاھ ’گدا‘، واحد جي وڏائي ۽ واکاڻ بيان ڪندي، قادر جي قدرت ۽ ڪرم ۾ ڪمي يا گهٽتائي نہ ھجڻ جي نشاندھي ڪندي چئي ٿو تہ:
تون اھڙو ڪريم آھين، ڪمي ڪانہ ڪا جنھن وٽ،
آءُ توکي ڀلا ڪيئن چوان، بسيار ڪرم ڪر؟
(لاشاري، رشيد احمد، (1957ع)، ’ڪليات گدا‘، مقدمو، ص: 49)
ٻنهي جھانن جي پالڻهار جي خزاني ۽ قرب ۾ گهٽتائي نہ ھجڻ واري ڳالهہ شاھ لطيف پڻ ڪئي آھي. سندس چوڻ موجب تون سڀ ڪجهہ ڄاڻندڙ اڳيان آءُ ڪھڙو عرض ڪيان؟ تو کان ڇا مڱان؟ جڏهن تہ مون کان پھرين مون بابت تون ڄاڻندو آھين.
جيڏو تُنھِنجو نانء، ٻاجَھ پِھ اوڏِيائِي مَنگان،
ري ٿَنڀِين ري ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ تُون ڇانء،
ڪُڄَاڙو ڪَھانء، توکي مَعَلُمَ سَڀَڪا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 1، بيت 3، ص: 160)
ٻئي ھنڌ سُر سريراڳ ۾ ساڳي ڳالهہ شاھ لطيف ھيئن بيان ڪئي آھي:
جيڪِين منجهہ جھان، سو تارِيءَ تَڳي تُنھِنجي،
لُطُفَ جِي لَطِيفُ چَئي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَه،
عَدُلِ ڇُٽان آن نَه، ڪو ڦيرو ڪَجِ فَضُلَ جو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 1، بيت 1، ص: 112)
غلام محمد شاھ ’گدا‘ تصوف جو وڏو ڄاڻو ھو، جنھن جا اھڃاڻ سندس ڪلام ۾ جابجا ملن ٿا. ھُو صوفين جيان ھن دنيا جي فاني ۽ بي بقا ھجڻ جي ڳالهہ ڪري سمجهائي ٿو تہ ٻن ڏينھن جي ھن زندگي ۽ ان ۾ ملندڙ تاج و تخت تي ناز و غرور ڪرڻ چڱي ڳالهہ نہ چئبي، ھتي وڏا وڏا طاقتور بادشاھ بہ قائم و دائم نہ رهي سگهيا. ھو چئي ٿو:
لابقا اقبال تي ڪھڙو غرور؟
مستعار آھي سڀئي جاھ و حشم،
ڏس! ڪٿي شداد ۽ نمرود آھه؟
ڪيڏي ويا اسڪندر و دارا ۽ جم؟
(لاشاري، رشيد احمد، (1957ع)، ’ڪليات گدا‘، ص: 165)
شاھ لطيف، غلام محمد شاھ ’گدا‘ جي لابقا اقبال واري ھن جھان کي عارضي ھجڻ و اري پنھنجي رسالي ۾ ھن ريت ٿو بيان ڪري:
فاني ني فاني، دنيا دم نہ ھيڪڙو،
لٽي لوڙھ لتن سين، جوڙيندءِ جاني!
ڪوڏر ۽ ڪاني، آھي سر سڀڪنھن.
(آڏواڻي، ڪلياڻ، (2013ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان 2، بيت 7، ص: 384)
ھڪ ٻئي بيت ۾ شاھ لطيف، زندگي بي ڀروسي ھجڻ بابت انسان کي خبردار ڪندي چئي ٿو تہ:
آھِيين آرَ اَکِينِ ۾، ناکُئا ڪِجُ نِگاھَ،
وَڏا ٻيڙا ٻوڙِئا، سائِرَ ڏيئِي ساھَ،
مُلاحِظو مَلاحَ! ڪِجُ ڪو اِنَهِن ڪُنَ جو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 2، بيت 19، ص: 118)
غلام محمد شاھ ’گدا‘هڪ حساس دل انسان ھو، جيڪو زماني جي نفسا نفسي ۽ ماڻهن جي بي مُروتي مزاج ڏسي اندر ئي اندر ۾ روئي ٿو. سندس چوڻ موجب جيڪڏهن دنيا ۾ الفت نہ رهي تہ پوءِ جيئڻ جاڙ ٿيو وڃي.
جڏهن الفت زماني ۾ نٿي ڏسجي تڏهن بيشڪ،
رهڻ دنيا ۾ ٿيو دُشوار پنھنجن ۾ پراون ۾.
(لاشاري، رشيد احمد، (1957ع)، ’ڪليات گدا‘، ص: 167)
شاھ لطيف ان احساس کي بيان ڪندي چئي ٿو تہ جڏهن قدر وارا نہ رهيا تہ زندگي بي مقصد بڻجي وڃي ٿي. ’پڄاڻا پرين، ڏجي باھ ڀنڀور کي‘.
جُہُ صَرافَنِ لَڏئو، تہ تون پُڻ لَڏجِ سونَ،
قَدرُ لَهندَءِ ڪونَه، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏَونءَ سين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 4، بيت 9، ص: 123)
عشق ۾ ھميشه اھو دستور رهيو آھي تہ عاشق محبوب جي قدمن ۾ پنھنجو سر قربان ڪندو آھي. تاريخ ۾ اھڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا. منصور حلاج، سرمد، دارا شڪوه، مخدوم بلاول، صوفي عنايت شھيد ان جا زندھه مثال آھن.
غلام محمد شاھ ’گدا‘ ھن بابت پنھنجي ھڪ غزل جي پھرئين بند ۾ چئي ٿو تہ:
سر وڃي يار جي قدمن تي تصدق آءُ ڪريان،
اڄ اچي اھڙو پيو روح ۾ رايو منھنجو.
(لاشاري، رشيد احمد، (1957ع)، ’ڪليات گدا‘، ص: 199)
شاھ لطيف ساڳي ڳالهہ ھن ريت ٿو ڪري:
گِهڙي گهَڙو ھَٿ ڪَري، ٻَھُون نهاري ٻَنگُ،
”سِر دَر قَدَمِ يار فدا شُدِ چہ بَجا شُد“ وَصُلَ اھوئِي وَنگُ،
”ايِن بارِ گِران بُود، اَدا شُد چہِ بجا شُدَ“ آجو ٿيو سَڀُ اَنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، آران سي اُڪاريين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 1، بيت 13، ص: 379)
جيئن شاھ لطيف کان پوءِ جي ٻين سنڌي شاعرن شاھ لطيف جي ڪلام مان اثر ورتو آھي، تيئن غلام محمد شاھ ’گدا‘ تي بہ شاھ جي ڪلام جو اثر نمايان آھي.
غلام محمد خانزئي (1834ع - 1914ع)
سڄاڻ عالم، صوفي بزرگ ۽ ’رسالي جو شاعر‘ غلام محمد خانزئي ولد خان محمد خانزئيءَ جو جنم، 1250ھ موجب 1834ع ۾ ٿيو. سندس ننڍپڻ تعلقي سانگهڙ جي ڳوٺ ’چوٽياريون‘ ۽ پير صاحب جهنڊي جي ڳوٺ ۾ گذريو.
سندس وڏن جي پير جهنڊي جي درگاھ سان مريديءَ واري نسبت ھئي. غلام محمد خانزئي، ابتدائي مڪتبي تعليم ۽ تربيت کان پوءِ، پير جهنڊي جي درگاھ جي نوجوان سجادہ نشين، پير رشيد الله شاھ (بيعت ڌڻي) جي مريدي اختيار ڪئي، ۽ دين ۽ دنيا جون منزلون ڪاميابيءَ سان طئي ڪرڻ شروع ڪيون.
غلام محمد خانزئي، اعليٰ تعليم لاءِ چوٽياريون جي اعليٰ تعليمي درسگاھ ۾ داخل ٿيو، جتي ’نجم الهُديٰ في آخر اَظھر‘ جي مصنف، عالم، فاضل ۽ فقيھ ميين عبدالحڪيم چوٽيارويءَ جي عالماڻي صحبت ۽ تربيت ۾ رچي ريٽو ٿيو، ۽ خاص طور تي تصوف ۽ طريقت ڏانھن مائل ٿيو. سندس موزون طبيعت ۽ روحاني رياضتن کي ڏسندي، سندس استاد عبدالحڪيم کيس توحيد ۽ رسالت جي موضوع تي منظوم ڪتاب لکڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو ھن ’مناصح المؤمنين‘ جي عنوان سان سنڌيءَ ۾ لکيو. ھن ڊگهي نظم جي پھرين بند ۾ خانزئي، پنھنجي استاد ۽ سندس ڳوٺ بابت ضروري ڄاڻ ڏني آھي:
اي غلام محمد شروع ڪر ھي ڪتاب،
اَمر ٿيو تصنيف سِنڌي جو شتاب،
امر ڪِيو مونکي، ميان ڪارڻ ڪريم،
سو ميان اُستذ مون ’عبدالحڪيم‘،
مُلڪ ريگستان ’ناريٖ‘ جي ڪِنار،
شھر ’چوٽياري‘ چوان اِي ھوشيار،
لقب تنھن ’ناري‘ سندو ’ڪارو‘ لِکن،
سو ٿيو استاذ منھنجي جو وطن.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، مناصح المومنين، ص: 544)
غلام محمد خانزئيءَ فارسي نثر ۾ ھڪ ننڍڙو ڪتاب ’منهاج العاشقين‘ بہ لکيو، جيڪو شاھ لطيف سان سندس دلي ڳانڍاپي جو چٽو اھڃاڻ آھي، جو ھِن ڪتاب ۾، شاھ لطيف جي امر رسالي ۾، مختلف سُرن ھيٺ جيڪي قصن وارا ٽاڻا ۽ اھڃاڻ آيل آھن، جن ۾ سلوڪ جي لحاظ سان تمثيلي معنيٰ سمايل آھي، انهن جو تفسير ڏنو ويو آھي.
غلام محمد خانزئيءَ جو تعلق بروهي يا پٺاڻ قبيلي سان ھجڻ سبب، ان ڳالهہ جو گهڻو امڪان آھي تہ سندس مادري زبان سنڌي يا سرائڪي نہ ھئي، پر سندس رسالي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ کيس سنڌي ٻوليءَ سان بيپناھ عشق ھو ۽ اُن عشق جو محور ۽ مرڪز شاھ لطيف ۽ ھن جو لافاني شعري دستاويز ’شاھ جو رسالو‘ ھو، جنھن جو خانزئيءَ بہ گهرو مطالعو ڪيو ۽ ان کان متاثر ٿي پنھنجو رسالو جوڙيائين.
جيتوڻيڪ غلام محمد خانزئي، چوٽيارين جو پڙهيل ڪڙهيل عالم فاضل ھو، جنھن ڪري کيس فارسي، عربي، ھندي، اردو ۽ سرائڪيءَ تي پوري دسترس حاصل ھئي، پر ھن جو خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ سان سُٻنڌ مادري ٻوليءَ وارو ثابت ٿئي ٿو، ۽ ان جو وڏو مثال ’رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو‘ آھي، جنھن ۾ 2590 بيت، 174 وايون، 77 ڪافيون، ھڪ مولود، 6 سنڌي غزل، ’لولي‘ جي عنوان سان ھڪ ٽيھ اکري، ۽ ’مناصح المومنين‘ جي عنوان سان توحيد، رسالت ۽ نيڪ عملن جي بيان ۾ ھڪ ڊگهو نظم شامل آھي.
ان لحاظ کان غلام محمد خانزئيءَ جو وڏو علمي ۽ ادبي ڪارنامو، سندس رسالو آھي، جنھن بابت مايه ناز عالم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مقدمي ۾ لکي ٿو: ”هي ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘ سنڌي اَساسي (ڪلاسيڪي) شاعري جي شاھڪارن مان آخري شاھڪار آھي. ھيءُ رسالو شاھهعبداللطيف جي رسالي جو تعبير ۽ تفسير آھي، ۽ رسالي جي سُرن ۽ موضوعن بابت معياري بيان ۽ معنيٰ جي لحاظ سان ساڳئي ھڪ ئي شاعر جي چيل بيتن ۽ واين ۾ رسالي جي ھيئت ۽ ترتيب جي ھڪ تڪميلي صورت آھي. “ (بلوچ، 1985ع، ص: 1)
غلام محمد خانزئي جي بيتن وارو حصّو، ڇٽيھ سُرن تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ ٽيھ سُر تہ اُھي ساڳيا آھن، جيڪي ’شاھ جو رسالو‘ ۾ قائم رکيا ويا آھن. وڌيڪ ڇھن سُرن ۾: سر بروئو ھندي، ھير رانجهو، ڌناسري، شينهن ڪيڏارو، بسنت ۽ ڍول مارئي شامل آھن.
غلام محمد خانزئيءَ جي رسالي جي 36 سُرن جي ترتيب مان واضح ٿئي ٿو تہ ان وقت سندس سامهون شاھ جي رسالي جو ڪو اھڙو قلمي نسخو ھو، جنھن ۾ ’ڇٽيھ سُر‘هئا. گهڻو امڪان آھي تہ، اھو ’شاھ جو رسالو، بمبئي ڇاپي وارو ھجي، جيڪو 1293ھ موجب 1876ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ھو ۽ ھڪ اندازي موجب خانزئي پنھنجي رسالي جي ترتيب ۽ تڪميل 1294ھ کان وٺي 1303ھ وارن ستن اٺن سالن ۾ ڪئي، ان لحاظ کان اھو ثابت ٿئي ٿو تہ ’شاھ جو رسالو‘ خانزئيءَ لاءِ بنيادي ماخذ ۽ سرچشمو رهيو.
شاھ لطيف جي ڪلام جي ان اثر جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪو غلام محمد خانزئيءَ پنھنجي تخليقي عمل ۾ ورتو، ۽ پنھنجو رسالو جوڙي سگهيو. شاھ لطيف ’سُر ڪلياڻ‘ ۾ رب ذوالجلال جي صفت بيان ڪندي چوي ٿو:
اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنھنجي قُدرتَ سين، قائمُ آھِ قَديمُ؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازِقُ، رَبُّ رَحِيمُ؛
سو ساراھِ سچو ڌڻِي، چئِي حَمدُ حَڪِيمُ؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جھان جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت: 1، ص: 65)
غلام محمد خانزئيءَ جي ’سر ڪلياڻ‘ ۾ ٿوري لفظي مٽ سٽ سان ھي بيت ڏنل آھي:
سو ساراھِه سَچو ڌَڻي، صاحب رَبَ ستارَ،
جوڙِي جوڙَ جھان جي، ھاديءَ ريءَ آڌارَ،
نَڪو آلو ھٿ ۾ نڪا ڪِيرت ڪارَ،
نفي مان اِثباتَ ڪري ساروئي سنسارَ،
پاڻهي اُپڻهار، پاڙُهورو پاڻَ ڪري.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 1، ص: 1)
شاھ لطيف ٻنهي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم کي ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ سمجهندي فرمائي ٿو:
وَحدَه لا شرِيڪَ لَہُ، جَن اُتو سين اِيمانَ،
تن مڃئو محمد ڪارڻِي، قلب ساڻُ لِسانَ،
اوءِ فائق ۾ فرمانَ، اَوتَڙِ ڪِہ نہ اولِيئا.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت: 4، ص: 83)
غلام محمد خانزئيءَ جو ھيٺيون بيت ڄڻ تہ شاھ لطيف جي بيت جي ڀران چيل معلوم ٿئي ٿو:
مِير مُحمد ڪارڻي، سڳوريو سلطانَ،
مُحمد رسول الله چئي، ساراھيو سبحانَ،
ڪري اقرار قَلبَ سين، مڃيوسين ايمانَ،
صَحي ساڻ لِسانَ، ويساھي سو وِسَھوَ.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 5، ص: 2)
’سُر ڪلياڻ‘ ۾ شاھ لطيف وحدانيت جي بيان ۾ ڪجهہ بيتن ۾ ’وَحدھُ لاشريڪَ لَہُ‘ جي لفظن کي پھرين پد طور ڪتب آندو آھي، ساڳيءَ ريت خانزئيءَ جا پڻ 5 بيت ملن ٿا. شاھ لطيف فرمائي ٿو:
وَحدھُ لاشريڪَ لَہُ، اِيُ ھيڪڙائيءَ حقُ،
ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جَن وڌو سي وِرسِئا.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت: 13، ص: 84)
شاھ لطيف مٿيئن بيت ۾ واضح طور تي تاڪيد ڪئي آھي تہ جن ذات مطلق جي ھيڪڙائيءَ کان منهن ڦيريو ۽ ٻيائي اختيار ڪئي، اھي لاشڪ تہ ڀٽڪيل ۽ پشيمان ٿيا. انهيءَ فڪر ۽ شعر جي فني سٽاءَ جي تقليد ڪندي غلام محمد خانزئي فرمائي ٿو:
وَحدھُ لا شَريڪَ لَہُ“، صحي ڪري سُوجھ،
رَکِي سُڌ سَٻوجھ، ڏيجِ ٻِيائِي ٻَنَ ۾.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 19، 1985ع، ص: 4)
سُر ڪلياڻ ۾ شاھ لطيف،’همه اوست‘ واري نقطي جي نھايت ئي فڪر انگيز اپٽار ڪئي آھي، فرمائي ٿو:
وحدتا ڪَثرتَ ٿِي، ڪثرتَ وحدتَ ڪُلُ،
حَقُ حقيقي ھيڪڙو، ٻولِيءَ ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھُو ھُلاچو ھُل، بالله سندو سڄڻين.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 15، ص: 84)
غلام محمد خانزئيءَ جي ڪلام مان ثابت ٿئي ٿو تہ، ھو نہ رڳو ’همه اوست‘ فڪر جو پيروڪار ھو، پر گڏوگڏ وحدتالوجودي خيالن جي اظھار ۾ شاھ لطيف کان بيحد متاثر ھو. سندس ھيٺيون بيت انهيءَ اثر کي ظاھر ڪري ٿو:
ھِي سَڀوئِي ھُوءِ، حَقُ حقيقي ھيڪڙو،
جَھڙو پَسَڻ مُنھ جو، تَھِڙو پَسَڻ رُوءِ،
باسَ مِڙوئِي بُوءِ، جي تون پَسين پاڻ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 22، ص: 4)
مٿئين بيت ۾ خانزئي، تصوف جي اصطلاح ’ڪثرت‘ کي ’هِي‘ ۽ ’وحدت‘ کي ’هُوءِ‘ ۾ بيان ڪري، خيال جي سمجهاڻيءَ لاءِ تشريحي انداز اختيار ڪيو آھي.
ڊاڪٽر بلوچ، شاھ لطيف ۽ غلام محمد خانزئيءَ جي ڪلام جي معيار جي ڀيٽ ڪندي لکي ٿو: ”خانزئي جي بيتن ۽ واين کي پڙهندي، اھڙين ڪن جاين تي ڄڻ اصلاح جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، ۽ انهيءَ طرف خيال وڃي ٿو تہ، ’هيئن نہ ھيئن ھجي ھا تہ جيڪر بھتر ٿئي ھا‘، ان جي برعڪس حضرت شاھ عبداللطيف جي ڪلام ۾ اھڙي تہ فطري پالوٽ آھي جو چئجي ٿو تہ ڄڻ سنڌي ٻولي ٺھي ايئن ھئي. “ (بلوچ، 1985ع، ص: 26)
شاھ لطيف، سُر ڪلياڻ ۾، وحدانيت، رسالت ۽ وحدتالوجود جي موضوعن کي خاص طور سموهيو آھي، پر انهيءَ سُر ۾ انڌن اونڌن ويڄن، زھر پياڪ عاشقن، سوريءَ جي سينگاريندڙن، ڪلاڙڪي ھٽن ۽ شراب جو بہ ذڪر ڪيو آھي. بلڪل ساڳيءَ ريت غلام محمد خانزئيءَ جي سُر ڪلياڻ ۾ اھڙن ئي موضوعن تي بيت ملن ٿا، جن مان شاھ لطيف جي لهجي ۽ ٻوليءَ جو ھڳاءُ نھايت واضح طور تي محسوس ٿئي ٿو.
شاھ لطيف فرمائي ٿو:
اَنڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئيين؟
اسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تون پيارِين پيڄَ!
سُورِي جنين سيڄَ، مرڻ تن مُشاھِدو.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 2، ص: 85)
غلام محمد خانزئيءَ جو پڻ ويڄن ڏانھن ساڳيو ئي رويو آھي، ھو ويڄن کي چوي ٿو:
وَڃو ويڄَ وَرِي، مَر پيو ڏُکي ڏِيل،
ھُجي مانَ وُجود ۾ ساڳي سِڪَ سَبيل،
خوشي ذَوقُ ذَلِيل، ھَڏِ نہ گهرجي ھاڻ مون.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 5، ص: 6)
شاھ لطيف فرمائي ٿو:
سَڌڙيا سَري جون، ڪُہ پچارون ڪنِ؟
جہُ ڪاتَ ڪلاڙَن ڪڍئا، تہ موٽئو پوءِ وڃنِ،
پِڪُون سي پِيئَنِ، سِرَ جَنيِن جا سَٽِ ۾.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 25، ص: 87)
غلام محمد خانزئي ان ساڳئي خيال کي ھن ريت اظھاري ٿو:
تِکي ڪاتِي ھٿ ۾، رَکِي قَريبَنِ،
سَڌڙيا سِيراھهَ ۾، موٽيو پوءِ وَڃنِ،
ڪاٽي پيالَنِ، پياڪُو پيئَنِ ڪي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 16، ص: 7)
شاھ لطيف سُر ڪلياڻ ۾ عاشق کي تاڪيد ڪندي فرمائي ٿو:
پِھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇجِ پوءِ پِريتَڻون،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيَ وڄاءِ،
سيخن ماھُه پچاءِ، جي نالو ڳيڙءِ نِيہَ جو.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرڪلياڻ، داستان 2، بيت 10، ص: 86)
غلام محمد خانزئي ساڳئي خيال ۽ لفظن جي اثر کي ھن ريت قبوليو آھي:
پَھرين پاڻ وِڃاءِ، پڇــجِ پوءِ پِريتَڻو،
جانڪين جِيئَي جندَڙو، تان تون پير مَ پاءِ،
لُڏِي ڪِيمَ لَڄاءِ، وکون وَحدتَ سنديون.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 20، ص: 8)
شاھ لطيف جي سُر يمن ڪلياڻ جو پھريون بيت ربالعالمين جي اختيار ۽ حڪمت کي ظاھر ڪري ٿو:
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دردَ جي دوا،
جانِبَ مُهجي جِيءَ ۾، آزَرَ جا اَنوا،
صاحبَ! ڏي شفا، ميان! مريضنِ کي.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 1، بيت 1، ص: 91)
غلام محمد خانزئي لڳي ٿو تہ، شاھ لطيف جي ھر بيت جي ڀران بيت چيو آھي، فرمائي ٿو:
تون وِڄا، تون ويڄَ، سو تون صحتَ سور جي،
پوڄُ پيارين پاڻ کي، منجهان پَلُرَ پيڄ،
اِھا آڌر ڏيج، مِلِي مريضن کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر جمن، داستان 1، بيت 1، ص: 13)
سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاھ لطيف موکي ۽ متارن جو ذڪر ڪيو آھي تہ غلام محمد خانزئيءَ بہ ساڳي ريت نڀائي آھي، پر تخيل جي لحاظ کان پنھنجي انفراديت قائم رکي آھي. ھُو ڪٿي بہ موکيءَ کي ميار نہ ٿو ڏئي، نہ ئي ڏوس ڏمر جو ذڪر ڪري ٿو. سندس ھي بيت اعليٰ تخيل جو مثال آھي:
موکِي سندي مَٽَ ۾، کَپُر کيپُ ڪيو،
طھورا تيزاب کي، وِهاٽي وِيو،
پيئڻ تَنِ پِيو، جي پِياڪُو پِڪَ جا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر جمن، داستان 3، بيت 7، ص: 19)
شاھ لطيف، موکي متارن جي ڪٿا ۾ پڻ اعليٰ عارفاڻا نُڪتا بيان ڪيا آھن، فرمائي ٿو:
ڪَنڌِ ڪَٽارو، مُنہِ وَٽِي، عادتَ جَنِين اِيءَ،
تَنين تِڪُون ڏِنيون، جُنبِي منجها جِيءَ،
سَرو تَنِ سَبِيءَ، حاصُلُ ڪِئو حالَ کي.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 18، ص: 99)
جيتوڻيڪ مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي بيتن جي لفظي ھڪجھڙائي نہ آھي، پر پوءِ بہ چڱيءَ ريت محسوس ٿئي ٿو تہ، غلام محمد خانزئيءَ جو پنھنجو رنگ آھي، پر شاھ لطيف جي اثر کان ٻاھر نڪري نہ سگهيو آھي. شاھ لطيف سُر سريراڳ ۾ فرمائي ٿو:
اَمُلَ آڇِ مَ اُنَ کي، جي نہ پروڙنِ مَٽِ،
جِت گڏجيئي جوهَرِي، ماڻِڪُ تِنهم مَٽِ،
جنين سون سين سَٽِ، تن ھڻِي رِيء رَدِ ڪِئو.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 4، بيت 7، ص: 129)
غلام محمد خانزئي، شاھ لطيف جي بيت جي تتبع تي چوي ٿو:
موتي پائي مُٺ ۾، ونءُ وينجهارن وٽ،
جي اوجارا جوهري، ڪڍن منجهان ڪَٽ،
اَمُل ماڻڪ مٽ، مُور نہ ڪندا ڪچ سِين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر جمن، داستان 3، بيت 9، ص: 37)
شاھ لطيف ٻيڙياتن، ناکئن کي سفر ۾ ننڊ نہ ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ خاص ڪري تڏهن جڏهن بندر تي اڻ سونھندڙ ماحول ڏسڻ ۾ اچي، شاھ لطيف فرمائي ٿو:
بندَرِ جان ڀَئِي، تہ سُکاڻيا! مَ سُمهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِين ماٽي منجهہ مَهِي،
ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نہ ڪِجي ناکُئا!
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 3، بيت 18، ص: 126)
غلام محمد خانزئيءَ جو موضوع بابت خيال ھن ريت آھي:
نِنڊر مَ ڪيو ناکئا، رکو ھنيون ھوش،
ڇوهي ڇڪون آنديون، جَرُ ڏيکاري جوش،
پنڌ ۾ پردي پوش، مُعلمَ ٿيندا ڪيترو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر سريراڳ، داستان 7، بيت 1، ص: 33)
سُر سريراڳ ۾، شاھ لطيف ھڪ ھنڌ مُنهن ڪائي جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن کي ڪتب آڻي ٽوٻا يا غوطہ خور پاتار ۾ پيهي وڃن ٿا:
وئا جي عميقَ ڏي، مُہِ ڪائو ڏيئِي،
تَنِ سِپُون سوجهي ڪڍيون، پاتارا پيهِي،
پَسندا سيئِي، اَمُلَ اَکڙيُنِ سين.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 2، بيت 11، ص: 123)
غلام محمد خانزئي، ان موضوع تي ھيٺين ريت پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو آھي:
موتِي منجهہ تري، ڪَرون ڪوھ نهاريين،
ھيبتناڪ عميق جي، مٿان وير وري،
ڪائو منہ ڪري، سوجهي لهج سپيون.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 2، ص: 36)
شاھ لطيف سُر سھڻيءَ ۾ فرمائي ٿو:
جيڏيون! ڏِٺيان جي، صورتَ ساھَڙَ ڄام جي،
سُکِ ٿي سُتيون ڪِينَ ڪِين، ڪانَڌنِ پاسي ڪي،
مُنهائِي اڳي، گِهڙو سڀ گهڙا کڻي.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 1، بيت 4، ص: 255)
غلام محمد خانزئي، مٿين بيت جي تتبع تي لکي ٿو:
صورت ساھڙ ڄام جي، ڏسو جي جوڙي،
ٿيو سڀ ديوانيون، وار ڇڏيو ڇوڙي،
مُلهاٽا موڙي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر سھڻي، داستان 6، بيت 6، ص: 78)
شاھ لطيف، سُر سھڻيءَ ۾ عارفاڻي رمز اختيار ڪري جھڙيءَ جرئت سان معروضي حالتن جي عڪاسي ڪئي آھي ۽ وقت جي ظاھر پرستن جي جوڙيل سماجي قدرن کي تبديل ڪرڻ لاءِ پنھنجي ڪلام ۾ ’سھڻيءَ‘ جي ڪردار کي اُڀاريو آھي ۽ ان جي شادي شدہ ھجڻ جي باوجود سندس محبت جي حق جو بچاءُ ڪيو آھي. اھڙو مثال اسان کي ٻين ڪلاسيڪي شاعرن ۾ نہ ٿو ملي:
ساھَڙ ڌارا سوهڻي، نسورِي ناپاڪ،
نَجاسَتَ ناھِه ڪري، اُنِين جي اوطاقَ،
ھُوءِ جي کيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِين پاڪَ ٿيي.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، ابيات متفرقه، بيت 2، ص: 280)
اُھا جرئت ۽ معروضي حالتن جي ايتري ٺوس عڪاسي غلام محمد خانزئيءَ جي ڪلام ۾ ملڻ محال آھي. جيتوڻيڪ ھو شاھ لطيف جي اثر ۾ سھڻيءَ جي محبت جي حق کي تسليم بہ ڪري ٿو ۽ چوي ٿو:
سُهڻي سانگ مَ رکُ، ڪاھي پئو ڪُنن ۾،
جنھن کي توڪل ترهو، جر ماري ٿو جک،
اکيون اوڏاھين رک، جيڏهن ساھڙ سامهون.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘، سُر سھڻي، داستان 2، بيت 8، ص: 68)
مٿين ٿورن مثالن مان، جيڪي بہ سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ مان کنيا ويا آھن، اھا ڳالهہ بلڪل صاف ٿي وڃي ٿي تہ غلام محمد خانزئي پاڻ عالم، فاضل ۽ اھم صوفي شاعر ھو، پر ھُن پنھنجي ڪلام لاءِ ’شاھ جي رسالي‘ کي تخليقي محرڪ طور ڪتب آندو آھي.
فقير قادر بخش بيدل (1815ع-1873ع) :
فقير قادر بخش بيدل، شاھ لطيف جي وفات کان 66 سال پوءِ 1231ھ موجب 1815ع ۾ روهڙيءَ ۾ جنم ورتو.
فقير بيدل جو پيءُ فقير محمد محسن، درويش صفت انسان ھو ۽ صوفي طريقي ۾ قادري سلسلي جي بيعت ڪيل ھو. وٽس ھميشه صوفي بزرگن جو ميڙو متل رهندو ھو، جتي تصوف ۽ زندگيءَ جي مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي ھئي. فقير بيدل جي تربيت اھڙي عالماڻي ۽ عارفاڻي ماحول ۾ ٿي، جنھن ڪري سندس دل ننڍپڻ کان ئي انهي عشق سان ٽمٽار ھئي، نتيجي ۾ سندس ظاھري علم ڏانھن رويو ڪجهہ غير معمولي رهيو.
فقير بيدل جي سوانح نگار، گدومل ھرجاڻِيءَ پنھنجي تصنيف ’ديوان بيدل عرف بيدل جي سوانح عمري‘ (1940ع) ۾، ھڪ مستند روايت ڄاڻائي آھي تہ، فقير بيدل فرمايو: اسان جي والد صاحب اسان کي پنجن ورهين جي ڄمار ۾ استاد وٽ پڙهڻ لاءِ ويھاريو، پر ٻارهن ورهين جي ڄمار تائين اسان کي ھڪ ’الف‘ جي اکر کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ياد نہ ھو. گدومل ھرجاڻِي، فقير بيدل جي علمي صلاحيتن بابت لکي ٿو تہ، ’بيدل، فارسي ۽ عربي علم ۾ صاحب ميزان ۽ اڪبريءَ جا سبق ورتا. ان کان سواءِ قرآن شريف، حديث، فقہ ۽ اجتھاد تي کيس پوري دسترس حاصل ھئي. ‘
پير حسام الدين راشدي، پنھنجي ھڪ مضمون ’عشق جو اوتار بيدل ڀوتار‘ (’سنڌو‘، سيپٽمبر 1923ع) ۾ لکيو آھي، ’فقير ظاھري علم جو ڀنڊار ھو. عربي، فارسي، اردو ۽ سرائڪي زبانون ڄڻ مادري ٻوليون ھئس، جڏهن انهن زبانن ۾ ڪلام چوڻ ويھندو ھو تہ بس درياھ پلٽائي ڇڏيندو ھو. ‘
’بيدل جو اردو ڪلام‘ جو مرتب اختر درگاھي لکي ٿو: ”فقير بيدل، برِصغير جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو، پارسي ٻوليءَ جو ڄاڻو ھئڻ ڪري ھن، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي کان سواءِ شيخ سعديءَ، حافظ شيرازيءَ ۽ فريدالدين عطار جي ڪلام جو گهرو مطالعو ڪيو. ان کان سواءِ ھُن سنڌ جي اساسي شاعريءَ سان پڻ لنوَ لاتي، خاص طور تي ھن شاھ جي رسالي مان ڪافي اثر ورتو. “ (درگاھي، 1997ع، ص: 24)
فقير بيدل، شاھ لطيف جي روحاني ڪردار ۽ علمي عظمت جو اعتراف پنھنجي ھيٺئين فارسي شعر ۾ ڪيو آھي:
مرشدِ وقت سید السادات، مظہر جلوہائے غیب شہود،
شاہ عبداللطیف کز لطفش، طالبان میر سند بامقصود۔
(درگاھي، اختر، (1997ع)، ’بيدل جو اردو ڪلام‘، ص: 30)
فقير قادر بخش بيدل نوجوانيءَ جي ڏينھن ۾ ئي سنڌ جي صوفي درگاھن ۽ علمي مرڪزن جو سير سفر ڪيو. خاص ڪري جهوڪ شريف ،ڀٽ شاھ، درازا، سيوهڻ، پير جي ڳوٺ، پريالوءِ، نوشھروفيروز ۽ ڪنڊڙيءَ وڃي نہ رڳو اُتي جي درگاھن جي فڪري تحريڪن کان آگاھي حاصل ڪئي، پر اتي موجود صوفي فقيرن، درويشن، جوڳين، سناسين ۽ راڳ جي پارکن سان ڪچھريون پڻ ڪيون ۽ سندن صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو.
فقير بيدل، ظاھري تعليم ۽ سير سياحت کان پوءِ، روهڙيءَ ۾ ھڪ مَنو ٿي ويٺو. زندگيءَ جي دنيوي وهنوار ھلائڻ لاءِ مڻهيارڪو دڪان بہ کوليائين، پر گهڻو وقت ھُن لکڻ کي ڏنو. بيدل سائين، ھر وقت سوچ ويچار ۾ رهندو ھو، ايئن ھو ڪائنات جي ڳوڙهي مطالعي ۾ محو ۽ ڪنھن سچي رهبر جي ڳولها ۾ رهندو ھو.
بيدل روحاني فيض صوفي شاھ عنايت شھيد جي خاص خليفي، مير جان الله شاھ رضوي پھرئين جي پوٽي مير جان الله شاھ رضوي ٻئي وٽان حاصل ڪيو. سندس سوانح نگار: گدومل ھرجاڻي، عبدالحسين موسوي ۽ سبحان بخش قريشي ان ڳالهہ تي متفق آھن تہ، حضرت قلندر لال شھباز، بيدل فقير جي روحاني فيض جو اصل سرچشمو آھي. ان لحاظ کان بيدل جو باطني روحاني سلسلو ’قلندري‘ بڻجي ٿو. اھو ئي سبب آھي، جو اڄ تائين سندس درگاھ تي روزانو قلندري ڌمال ٿيندي آھي ۽ خاص موقعن تي درگاھ جا فقير راڳ ويراڳ ۽ سماع سان گڏ ڌمال تي مخصوص رقص پڻ ڪندا آھن.
فقير قادر بخش بيدل، پنھنجيءَ 59 سالن جي حياتيءَ ۾ عربي، فارسي، اردو، سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ نظم ۽ نثر جا 30 ڪتاب تصنيف ڪيا. جن مان ’سرودنامو‘،’وحدت نامو‘ ۽ ’فرائض صوفيه‘ سنڌي ۽ سرائڪي ڪافين ۽ بيتن تي ٻڌل ڪتاب آھن. سندس پھرين تصنيف، ’مثنوي رياض القمر‘ (فارسي) 1258ھ/1841ع ۾ مڪمل ٿي، جنھن ۾ ھڪ ھزار بيت شامل آھن.
1264ھ/1847ع ڌاري فقير قادر بخش پنھنجي مقبول تصنيف، ’پنج گنج‘ مڪمل ڪئي، جنھن ۾ حقيقت جي ڳولا لاءِ تصوف جي انيڪ موضوعن کي بيان ڪيو ويو آھي. جنھن لاءِ پنجن دليلن: آيت ڪريمہ، حديث، حضرت جلال الدين روميءَ جي مثنوي مان شعر، ھڪ حڪايت ۽ شاھ لطيف جي بيت، جو سھارو ورتو ويو آھي. بيدل فقير جي انهيءَ اھم تصنيف کي سنڌي ترجمي سان گڏ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز حيدرآباد پاران 1976ع ۾ ڇپايو ويو ھو. جنھن کي صوفي سبحان بخش (سجادہ نشين درگاھ بيدل سائين) ترجمو ڪيو. ھن اھم تصنيف کي، ڊاڪٽر نواز علي شوق اردو ۾ ترجمو ڪيو، جنھن کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، 2000ع ۾ شايع ڪيو.
فقير قادر بخش بيدل، وحدت الوجودي فڪر جو صوفي شاعر ھجڻ سان گڏ نھايت اعليٰ پائي جو عالم ۽ فقيہ ھو. سندس عربي ۽ فارسي تصنيفون: ’فوائدالمعنوي‘ (عربي نثر ۾ وحدت الوجود، وحدت الشھود، حسن عشق ۽ مجاز جو بيان)، ’سند الموحدين‘ (فارسيءَ ۾ شاھ لطيف، مير قلندر علي رضوي، پير محمد راشد، عبدالحق درازائي، فقير قبول محمد درازائي ۽ سچل سرمست جا بيت) ’رموز العارفين‘ (فارسي ۾ عارفن جي ڪلام جي منظوم شرح) ’في بطن احاديث‘ (عربي ۽ فارسي نثر ۾ ڇھن حديثن ۽ عرفاني معنيٰ ۽ تشريح)، ’ديوان سلوڪ الطالبين‘ (فارسي ديوان)، ’ديوان مصباح الطريقت‘ (فارسي ديوان، جنھن ۾ ڏيڍ ھزار کان مٿي غزل، رباعيون، مخمس، مسدس ۽ قطعات شامل آھن)، ديوان بيدل (فارسيءَ ۾ سڀ کان وڏو ديوان، جنھن ۾ غزلن کان سواءِ فرد، رباعيون، مُسدس ۽ مرثيا شامل آھن) سندس عالماڻي عظمت جون ساکي آھن. گڏوگڏ ھنن فارسيءَ ۾، ’تاريخ سنڌ‘ ڪتاب پڻ لکيو، جنھن ۾ گهڻو ڪري پرڏيھ جي بزرگن جو سنڌ اندر رهائش اختيار ڪرڻ بابت ذڪر آھي.
فقير بيدل جو مطالعو پڻ وسيع ھو. ھن پنھنجين تصنيفن ۾ جن جن عالمن، بزرگن ۽ شاعرن جو ذڪر ڪيو آھي، انهن ۾ جلال الدين رومي، فريدالدين عطار، حافظ شيرازي ۽ شاھ لطيف سرفھرست آھن. سندس تصنيف، ’مثنوي دلڪشا‘ بہ ان حوالي سان اھم آھي، جنھن ۾ حضور پاڪﷺ جي حديث، مولانا رومي، حافظ شيرازي ۽ شاھ لطيف جي بيتن جي منظوم شرح ڪئي وئي آھي.
بيدل فقير جي تصنيفن ۾، شاھ لطيف اھم حوالي طور ھجڻ مان اِن ڳالهہ جي وضاحت ٿئي ٿي تہ ھو، شاھ لطيف جي روحاني شخصيت ۽ فڪر کان بيحد متاثر ھو. جتي کين جلالالدين رومي ۽ فريدالدين عطار، حافظ شيرازي ياد ھئا، اُتي سندس دل ۾ شاھ لطيف لاءِ پڻ وڏو قدر ھو. اھو ئي سبب آھي جو سندس سنڌي ڪلام خاص ڪري بيتن تي شاھ لطيف جو نمايان اثر آھي. ’ڍوليو ڍٽ ڌڻي‘ جو مصنف، معمور يوسفاڻي لکي ٿو تہ: ”عبدالقادر عرف قادر بخش بيدل، ٽالپر دؤر جو مشھور شاعر ھو، جيڪو سنڌيءَ سان گڏ فارسي ۽ عربي ٻولين جو پڻ وڏو ڄاڻو ھو، ھو جيتوڻيڪ وقت جو سٺو شاعر ۽ عالم ھو تہ بہ لطيفي شعر جي گهيري ۾ گهريل رهيو ۽ وک بہ ٻاھر کڻي نہ سگهيو آھي. سندس سمورو ڪلام شاھ صاحب جي ڪلام جي اثر ھيٺ آھي. “ (يوسفاڻي، 2003ع، ص: 160)
فقير بيدل جو سنڌي ڪلام، ’سرود نامو‘ جي سنڌي ۽ سرائڪي ڪافين کان سواءِ، جملي 181 بيتن تي ٻڌل آھي، جيڪو ’وحدت نامو‘، ’فرائض صوفيه‘ ۽ ’متفرقہ بيت‘ جي عنوان سان ’بيدل جو سنڌي ڪلام‘ نالي ڪتاب ۾ پھريون ڀيرو ڇپجي ظاھر ٿيو. ھي ننڍڙو ڪتاب، جيڪب آباد مان شايع ٿيندڙ رسالي ’سنڌو‘ جي ايڊيٽر بولچند وسومل راجپال مرتب ڪيو ۽ 1950ع ڌاري شايع ٿيو. 1985ع ڌاري مشتاق مسرور باريچي، انهيءَ ڪتاب کي نئين سر ترتيب ڏئي، صداقت بُڪ ڊيپو حيدرآباد پاران شايع ڪرايو.
فقير قادر بخش بيدل جيتوڻيڪ شاھ لطيف جي سُرن تي ٻڌل شاعريءَ واري واٽ نہ ورتي آھي، پر موضوعن ۾ لطيفي فڪر جو ئي پانڌيئڙو آھي. ’وحدت نامو‘ ۾ ’سُر ڪلياڻ‘ ۽ ’يمنڪلياڻ‘، ’فرائض صوفيه‘ ۾ ’سُر رامڪلي‘ جو ماحول چٽيل آھي، جڏهن تہ متفرقہ بيتن ۾ ٻہ بيت ڪينجهرَڄائي نورِيءَ ۽ ھڪ بيت ٿر جي عظيم ڪردار مارئيءَ بابت آھي ۽ بيتن ۾ گهڻي قدر وراڻ وارن بيتن جو انگ وڌيڪ آھي، مثال طور: ’وحدت نامو‘ جي شروعاتي پنجن بيتن جو پھريون پد ’هستيءَ جي ھمه اوست ۾‘ ان کان پوءِ پنجن بيتن جو پھريون پد ’ايڪائيءَ ۾ ايڪ ٿيو‘ آيل آھي ۽ گهڻي قدر پنجن بيتن جي وراڻ قائم رکي وئي آھي، جنھن مان صوفي بيدل جي وجداني ۽ شعوري ڪيفيت جي ميلاپ جو متوازن ۽ سڀاويڪ احساس اڀري ٿو.
شاھ لطيف ۽ فقير قادر بخش بيدل، ’همه اوست‘ فڪر جا علمبردار آھن، فڪري لحاظ کان منجهن ھڪجھڙائي اڻٽر آھي، پر جيڪڏهن متاخر شاعر پنھنجي خيال پيش ڪرڻ ۾ تخيّل جي جدت ۽ لفظي نواڻ کان ڪم نہ ورتو تہ پوءِ چئبو متاخر پنھنجي متقدمين جي اثر ۾ آھي. اھڙا ڪجهہ چٽا اھڃاڻ فقير بيدل جي بيتن منجهان ملن ٿا، جن تي شاھ لطيف جي ڪلام جو فني ۽ معنوي اثر ثابت ٿئي ٿو. شاھ لطيف سُر ڪلياڻ ۾ وحدتالوجودي فڪر کي اُپٽاريندي فرمائي ٿو:
ڪوڙين ڪايائون تُھجيون، لِکَنِ لَکَ ھزارَ،
جيءُ سڀڪہِ جيءَ سين، دَرسَنُ ڌاروڌارَ،
پِريَمَ! تهجا پارَ، ڪھڙا چئِي ڪِيَ چُئان.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 21، ص: 85)
فقير بيدل وحدت الوجودي خيال کي ظاھر ڪندي فرمايو آھي تہ:
مڙوئي محبِوب آھ، سَدائي سڀ پارِ،
وَلا اسم اِلاّ وُجُوۡدٗ واحدٗ، صورت سَھس ھزار،
جامان سَؤ جِنسار، پَھۡريندَڙُ ھِڪُ پرين.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، وحدت نامه، بيت 54، ص: 86)
شاھ لطيف نفي، خودي ۽ اثبات کي ھن ريت بيان ڪيو آھي:
نَفيءَ سَندي ناھ سين، پُڇي پڇيائون،
ڀِڙا جي ڀائڻ جا، سي ڀيري ڀَڳائُون،
’اَسِين‘ ۽ ’آئون‘ آتڻِ ھئي نَه اُنِ جي.
(قاضي، علامه آءِ آءِ، (1986ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت: 11، ص: 128)
بيدل نفي ۽ اثبات جي فڪر کي ھن ريت اظھاريو آھي:
نَفِيءَ ڌاران ناھِه ڪوُ، چَنچل ٻيو چارو،
”و وجَدَڪَ ضَالاّ فَھۡديٰ“، سمجھ اِشارو،
مارِج نَغارو، نَفِي ٿي اثبات جو.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، وحدت نامه، بيت 68، ص: 87)
شاھ لطيف، وحدت الوجود جي فڪر جي بنيادي نڪتي پاڻ سڃاڻڻ يا خود شناسيءَ کي خداشناسيءَ لاءِ اختيار ڪري ٿو:
پيهي جان پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِهاڻِ،
تہ نَڪو ڏُونگرَ ڏيھ ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻِ،
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، سَسُئِي تان سُورَ ھئا.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آبري، داستان 3، بيت 8، ص: 178)
شاھ لطيف جي خيال جي تتبع تي فقير بيدل ھيءَ بيت چيو آھي:
ڳولا ڪرين جنھن جي، سو ئِي تُون سلطان،
پيهِي پَسُ تون پاڻ ۾، پانهن جِي سُونھن سڄاڻ،
ناحَقُ، ٿيو نادان، لِيا وجهين لوڪ ۾.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، وحدت نامه، بيت 122، ص: 92)
شاھ لطيف سُر ڪلياڻ ۾ انهيءَ فڪري نُڪتي کي وڌيڪ سولو ڪري سمجهائي ٿو:
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائيءَ جو جي لهين،
ھئا اڳھين گَڏُ، ٻُڌڻ ۾ ٻہ ٿئا.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 28، ص: 49)
فقير بيدل پڻ سڏ ۽ پڙاڏي جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
ڳولا ڪرين جنھن جي، ساڳيو تُون سوئِي،
جي پاڻ پَروڙين پانهن جو، ناھين ٻيو ڪوئِي،
ھيءُ ھُو ھِڪوئِي، سَڏُ پَڙاڏو سَمُجُھ تُون.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، وحدت نامه، بيت 124 ص: 92)
شاھ لطيف ’همہ‘ کي حق چوڻ لاءِ شِرڪ ۽ شڪ نہ ڪرڻ جي تلقين ڪندي چئي ٿو:
’ڏَسڻُ‘ ڏِسين جي، تہ ھَمَہ کي حَقَ چَئيِن،
شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا اِنهيِن ڳالهہ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 3، بيت 8، ص: 153)
بيدل فقير پڻ ساڳي تلقين ڪئي آھي:
ھَمه کي ھڪُ ڄاڻ تون، تنھن ۾ شڪ نہ ڄاڻ،
”ذالِڪالۡڪِتابُ لارَيب فِيۡہِ“، ھر جا حق سڃاڻ،
جاڏي ڪاڏي ڄاڻ، موجودي محبوب جي.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، وحدت نامه، بيت 56 ص: 86)
شاھ لطيف مذھبي ظاھرداريءَ کي نندي چيو آھي:
اِنَ پَرِ نہ اِيمانُ، جئن ڪلمي گو ڪوٺائيين،
دغا تنھنجي دِلَ ۾، شِرڪَ ۽ شيطانُ،
مُنَہ ۾ مُسَلِمانُ، اَنَدرِ آزَرُ آھيين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 3، بيت 12، ص: 54)
صوفي بيدل فقير، شاھ لطيف جي لفظن ’ڪلمي گو ڪوٺائيين‘ کان متاثر ٿي ’فرائض صوفيه‘ جي شروعاتي ستن بيتن ۾ ’ڪوٺائين ٿو ڪلمي گو‘ جا لفظ وراڻ طور ڪتب آندا آھن:
ڪوٺائين ٿو ڪَلمه گو، ڪَلِمون پڙهڻ سِکِ، (1)
***
ڪوٺائين ٿو ڪلمه گو، ڪَل ڪلمي جي کول، (3)
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، فرائض صوفيه، بيت 1۽ 3، ص: 97)
ڪوٺائين ٿو ڪلمه گو، پُرجهِي ڪلمون پڙھ،
فڪر جي ڦرهيءَ اُتي، لاَ، جو لِکُ اکر،
مرڻا اڳي مَرُ، تہ مانجهِي مسلمان ٿئين.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، فرائض صوفيه، بيت 2، ص: 97)
فقير بيدل پاڻ سڃاڻڻ واري نڪتي جي وضاحت ڪندي ھيئن بہ فرمائي ٿو:
الاّ الله اثبات ڪر، اِھو ٿِي اِيمانُ،
”واَنۡتَ الۡمَوجُودَ فِي الَّدارَين“، مَڃُ ٿيءُ مسلمان،
معبوديءَ جو ماڻُ، پاڻُ سُڃاڻِي پاءِ تُون.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، فرائض صوفيه، بيت 17، ص: 98)
شاھ لطيف، سچي صوفي بابت فرمائي ٿو:
صُوفِي چائين سَڌَ ڪِرين، صوفيءَ ايءَ نہ صَلاحَ،
ڪاٽيِ وجهہ ڪُلاھَ، ھَڻُ اُڇلي آڳ ۾.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 3، ص: 50)
قادر بخش بيدل فرمائي ٿو:
صوفي چائين پاڻ کي، پاڻ وڃائي ويھ،
سُورَنِ سان ڪَرِ سيہُ، پيُ ڪو سُرڪو سوزَ جو.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، وحدت نامه، بيت 140، ص: 94)
شاھ لطيف صوفيءَ جي روحاني عظمتن بابت آگاھي ڏيندي فرمائي ٿو:
صوفيءَ سَيرُ سَڀنِ ۾، جِئَن رڳن ۾ ساھ،
سا نہ ڪَري ڳالَهَڙِي، جا پَرُوڙِي پَساھ،
آھِسُ اِيءُ گناھ، جِئَن ڪا ڪَري پَڌَرِي.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 1، ص: 50)
فقير بيدل چئي ٿو:
تماشو ھر طَور ۾، صوفي سندو آءِ،
’اَلصُّوفِي مَعّ اللهِ فِي ڪُلّ مَڪَانِ‘، ھُو حاضر ھَر جاءِ،
حد بي حَد سَماءِ، صُوفي سير صفات ۾.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، وحدت نامه، بيت 145، ص: 94)
شاھ لطيف، سُر ڪاموڏ ۾ نوريءَ جي حسب نسب بابت فرمائي ٿو:
ھٿين پيرين آرکَڻينِ، مُنہِ نہ مُهاڻِي،
جئن سڳو وچ سُرَنَدَڙِي، تئن راڻِينِ ۾ راڻِي،
اَصَلُ ھئي اُن کي، اَھل ڄاماڻِي،
سَمي سُڃاڻي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ ٻانہ ۾.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 3، بيت 7، ص: 282)
بيدل جي سنڌي ڪلام ۾ شاھ لطيف جي سورمي نوريءَ بابت فقط ٻہ بيت ملن ٿا، ٻنهي بيتن ۾ موضوع ۽ فڪر جي حوالي کان شاھ لطيف جو ھڳاءُ ملي ٿو:
نُوريءَ نُور نِسَھَرو، مُولِ نہ مُهاڻِي،
ھِت ھُت آھِه اُنهيءَ سان، ڄامَ سَمو ساڻِي،
ھُوءَ جا اَگهاڻي، تنھن مُهاڻِيءَ مانُ لڌو.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، متفرقہ بيت، بيت 2، ص: 107)
شاھ لطيف جي عظيم ڪردار ’مارئيءَ‘ بابت فقير بيدل جو فقط ھڪ ئي بيت ملي ٿو:
مَليِرَئُون مُون ڏي مُڪا، سَرتِيُن سَنيها،
وساري ويھي رَهِينءَ، قول ڪيَئه ڪيها،
پِرين پَري ھا، نہ تہ ويجها وِسرن ڪينڪِي.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، متفرقہ بيت، بيت 3، ص: 107)
بيدل جو مٿي ڏنل شعر شاھ لطيف جي بيت جي ڀران لکيل آھي. شاھ لطيف ھيئن ٿو فرمائي:
اَڄُ اَڍَنگا ويڻَ، مون کي مُڪا جيڏيين:
”هارِي! ھَميرَنِ جا، جيڪُسِ کاڌءِ کيڻَ،
سانڀيئڙا ۽ سيڻَ، ڪِ تو ويا وسري. “
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، متفرقه، بيت 7، ص: 605)
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ، بيدل فقير ۽ شاھ لطيف جي ڪلام ۾ استعاري ۽ تشبيھ جو جائزو وٺندي لکيو آھي تہ: ”بيدل فقير جي ڪلام کي جاچيو وڃي تہ، پاڻ نھايت سھڻو ۽ وقتائتو شعري صنعتن جو استعمال ڪيو آھي، پر اڪثر ڪري سندس ڪلام ۾ مضمون يا موضوع کي سڌو سنئون بيان ڪيو ويو آھي. شعري صنعتن يعني تشبيھ، استعاري ۽ ڪنايي وغيرہ جو استعمال پاڻ تمام گهٽ ڪيو اٿس. “ (اُمِ ڪلثوم، 2004ع، ص: 609)
شاھ لطيف ’سُر کاھوڙيءَ‘ ۾ فرمائي ٿو:
جت نہ پکيءَ پيرُ، تِت ٽِمڪي باھڙي،
ٻِئو ٻاريندو ڪيرُ، کاھوڙڪيءَ کيرَ ري.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 3، بيت 20، ص: 132)
بيدل فقير، شاھ لطيف جي بيت جي تتبع تي ساڳيو مضمون ۽ محاورو ڪتب آندو آھي:
لنگهي ويو نَو کَنڊ کُون، سناسِيُنِ جو سيرُ،
جاتي سندن جُھوپِڙا، تاتي پَکِيءَ نہ پيرُ،
ڪاپِڙِيُنِ رِيءَ ڪيرُ، ھلندڙ ٿئي ھاھوت ڏي.
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، وحدت نامه، بيت 98، ص: 90)
شاھ لطيف جي ڪلام جي فني خوبيءَ ۾ استعاري جو بنيادي عمل دخل آھي. بيدل سائينءَ وٽ استعارو آھي ضرور، پر گهٽ آھي، مثال طور، ’فرائض صوفيه‘ جي عنوان ھيٺ 23 بيتن ۾ بيدل فقير ھڪ ڀيرو ’هوت‘ جو استعارو استعمال ڪيو آھي، ۽ اھو بہ ڪاپڙين، سناسين جي موضوع ۾، جڏهن تہ ھوت، سسئي پنهونءَ جي داستان سان لاڳاپيل آھي، پر جيئن تہ شاھ لطيف ان کي حقيقي محبوب لاءِ ڪتب آندو آھي، اُن ڪري بيدل پڻ ’هوت‘ کي مرشد ڪامل يا حقيقي محبوب لاءِ ڪتب آڻي، شاھ لطيف جي مفھوم کي اختيار ڪيو آھي.
شاھ لطيف سُر حسينيءَ ۾ فرمائي ٿو:
پڇيو ئي جان دوستُ، تان پاسي ڪر پرهيز کي،
جنين ڏِٺو ھوتُ، تَنِ دِين سڀئي دُور ڪيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرحسيني، بيت 17، ص: 446)
بيدل فقير، ’روپ سسئيءَ‘ جي ڪافيءَ ۾ ھوت کي حقيقي محبوب يا ذات حقيقي جي استعاري ۾ اظھاريندي چوي ٿو:
ٻاروچو تو ساڻ، وَوڙِين ڇو وڻڪار ۾؟
ھِتيئِي ڪَرِ ھوت ساڻ، ريجِهي رُوحَ رهاڻ،
(موسوي، عبدالحسين شاھ، سيد، (1991ع)، ديوان بيدل‘، روپ سسئي، ڪافي 60، ص: 133)
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ پنھنجي ڪتاب ’شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعارہ ۽ تشبيھ نگاريءَ جو تحقيقي جائزو‘ ۾ لکي ٿي: ”توڙي جو ٻنهي شاعرن جي رهائشي علائقن ۾ بہ اتر ۽ ڏکڻ جو وڏو فرق موجود آھي. بيدل فقير جي سوانح حيات ۾ بيان ٿي چڪو آھي تہ، مٿس پنھنجي پاڙيسري صوفي بزرگ ۽ شاعر سچل سرمست جو تمام گهڻو اثر ھو پر تنھن ھوندي بہ بيدل جو ڪلام ان جو چٽو ثبوت آھي تہ، پاڻ نہ صرف شاھ لطيف جي ڪلام جو گهرو مطالعو ڪيو اٿائين، پر ان کان تمام گهڻو متاثر بہ ٿيو آھي. “ (اُمِ ڪلثوم، 2004ع، ص: 615)
ٽالپرن جي حڪومت وارن ڏينھن ۾ جنم وٺندڙ ھي صوفي شاعر، انگريز دؤر ۾ 16 ذوالقعد سن 1289ھ موجب 15-جنوري 1873ع تي گذاري ويو. سندس مزار، روهڙيءَ ۾ ان ھنڌ آھي، جتي گهڻو وقت بيدل سائين اچي مراقبو ڪندو ھو. فقير بيدل جي ٽن پٽن جي اولاد مان ٻن ڄڻن: محمد فريد ۽ امام بخش جي وفات ننڍپڻ ۾ ٿي ھئي. سندس وڏو پُٽ، جنھن تي بيدل فقير پنھنجي والد جو نالو محمد محسن رکيو، اڳتي ھلي ’بيڪس‘ تخلص سان سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ٻولين جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آھي.
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1759ع - 1778ع) :
مخدوم ميين شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ولد سعد الله مڱريي، 1152ھ/1739ع ۾، ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري جي ڳوٺ ’واڙ‘ ۾ جنم ورتو.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو پنھنجي ڪتاب، ’ڪلام گرهوڙي‘ (1956ع) ۾ لکي ٿو: ”گرهوڙي صاحب جي ڄم جي پوري خبر ناھي، پر جنھن صورت ۾ سندس شھادت سن 1192ھ ۾ واقع ٿي ۽ ان وقت سنديس عمر چاليھ سال ھئي، تنھن صورت ۾ قوي گمان آھي تہ، سنديس ولادت، سن 1152ھ ڌاري ٿي ھوندي. ڪٿي ڄائو ۽ ڪيئن نپنو، تنھن جو بہ پورو پتو ڪونہ ٿو پوي. قرائن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سندس جنم، خيرپور رياست جي مشھور، شھر راڻيپور ۾ ٿيو ھوندو. “ (دائودپوٽو، 1995ع، ص: 13-14) اڳتي ساڳئي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو تہ: ”تازو عزيزم ڊاڪٽر بلوچ جي ھڪ انگريزي مقالي مان معلوم ٿيو تہ بزرگ گرهوڙي، کپري تعلقي جي واڙ ڳوٺ ۾ ڄائو ھو. “ (دائودپوٽو، 1995ع، ص: 60)
اتفاقي امر آھي تہ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ بابت بنيادي معلومات ملڻ ۾ دشواري پيش آئي آھي، جڏهن تہ ھو پنھنجي وقت جو ھاڪارو جيّد عالم سڳورو، اسلامي شريعت جو مبلغ، مفڪر ۽ شاعر ھو. ملتان کان ٺٽي تائين جا عالم سڳورا ساڻس مباحثي ۽ مناظري ۾ بيھي نہ سگهندا ھئا. فقھ تي کيس ملڪو حاصل ھو، جھڙي تهڙي کي ڪين مڃيندو ھو ۽ ھميشه پنھنجي اجتھاد تي ھلندو ھو. سندس روحاني رغبت سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان (لنواري واري) ڏانھن ھئي. سڄي حياتي، سندس صحبت ۽ عقيدت ۾ گذاري، وڏي خليفي جو مرتبو حاصل ڪيائين.
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، ابتدائي ظاھري تعليم ان وقت جي ديني علمي مرڪز ’چوٽياريون‘ ڳوٺ ۾، ميين محمد مبين وٽان حاصل ڪئي. ’فردوس العارفين‘ جو مؤلف لکي ٿو: ”ننڍي وهيءَ کان ڪتابن پڙهڻ ۾ مشغول ھوندو ھو، ۽ جيڪو ڪو ساڻس مباحثو ۽ مناظرو ڪندو ھو، تنھن تي غالب پوندو ھو. “ (دائودپوٽو، 1995ع، ص: 16)
گرهوڙي، ظاھري علمن تي عبور رکندي بہ ھميشه باطن ڏي مائل ھوندو ھو ۽ کيس ڪنھن باڪمال روحاني بزرگ سان ملڻ ۽ ان جي صحبت ۾ رهڻ جو خيال دامنگير ھوندو ھو. ھڪ روايت موجب، ٻارنهن مھينا شاھ عنايت الله شھيد صوفيءَ جي خاص خليفي، ميان اَبن سمي ’اوڙاھ‘ جي صحبت ۾، جهوڪ شريف جي درگاھ تي گذاريائين ۽ وٽانئس گهڻو فيض پرايائين. آخر ۾، خليفي ابن سمي، گرهوڙي کي چيو تہ،” اسان کان جيڪا خدمت پڳي سا ڪئي سون، ھاڻ وڃو لنواري شريف، جتي اوهان جي عقدہ ڪُشائي ٿيندي. “ (دائودپوٽو، 1995ع، ص: 17)
شيخ عبدالرحيم گرهوڙي، اسلام جو جوشيلو شيدائي ۽ فدائي ھو. سندس ذھن، بت پرستيءَ کي مڃڻ لاءِ بلڪل تيار نہ ھو. گڏوگڏ ھو فقھ جي معاملي ۾ پڻ سختگير ھو. کيس فقھ جي عام ڪتابن تي اعتماد نہ ھوندو ھو ۽ پنھنجي علم، عقل، فھم فراست ۽ اجتھاد موجب، فقھ تي عمل ڪندو ھو. ’فردوس العارفين‘ ۽ ’مرغوب الاحباب‘ ۾ انيڪ روايتون قلمبند ڪيل آھن، جن ۾ گرهوڙي جا ڪارناما ۽ ڪرامتون بيان ٿيل آھن. وقت جي عالمن جي کيس مخالفت سَھڻي پيئي، جن سندس خلاف فتوائون لکيون ۽ اتفاق ڪيائون تہ کيس سزا ڏيون، ڇو تہ ھو بي شرع ڳالهيون ٿو ڪري. سندن اڳرائيءَ تي وقت جي حاڪم، عالمن ۽ شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ کي، دارالسلطنت خدا آباد ۾، مناظري لاءِ گهرايو. مخدوم گرهوڙيءَ جي اچڻ جو ٻڌي، شھر جا اڪابر ۽ درٻار جا امير ۽ مشير بہ اچي مسجد ۾ گڏ ٿيا. مباحثو ٻپھريءَ کان ٽِپھري تائين ھليو. عالمن ڪتاب کولي سوال پئي پُڇيا ۽ گرهوڙي صاحب انهن جا شڪ شُبھا، قرآن پاڪ ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ پئي رد ڪيا. نيٺ عالم سڳورا سوال ڪرڻ ۽ جواب ڏيڻ کان عاجز ٿيا تہ مناظري جي امين ظاھر ڪيو تہ: ”بِدعت ھِن شخص وٽ ڪٿان آئي، ھي تہ خود قرآن ۽ حديث جو نُور آھي. “ (دائودپوٽو، 1995ع، ص: 22)
شريعت جي معاملي ۾، سندس سختگيريءَ جي مثال طور ھڪ روايت آھي تہ گرهوڙ کان سٺ ميل پري، ريگستان ۾ ھندؤَ جي ھڪ مڙهيءَ ۾، ڪي اھڙيون رسمون عمل ھيٺ ھيون جن جي خلاف گهڻي شڪايت ھئي، ان ڪري اُن دؤر جي ڪن مشائخن ۽ خود گرهوڙي اُن مڙهيءَ جي مهاڏيو خلاف جهاد جو اعلان ڪيو. نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. اھو واقعو1192ھ/1778ع ۾ پيش آيو، جنھن ۾ گرهوڙي شھيد ٿو.
مخدوم محمد عاقل کھڙائيءَ، پنھنجيءَ تاريخ، ’گنجينہ جھان نما‘ ۾ ذڪر ڪيو آھي تہ واٽ ويندي مخدوم عاقل کي ڪنھن شخص چيو تہ، ’حضرت! اوهان سان ٿورڙا ماڻهو آھن ۽ جوڳيءَ وٽ چيلا گهڻي انداز ۾ رهن ٿا، پوءِ توهين انهن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگهندؤ؟‘ تنھن تي فرمايائين تہ، ’ادا! جي ھوءَ مڙهي ڀڳي تہ بہ فتح اسان جي، پر جي ھيءَ مڙهي (جسم) ڀڳي تہ بہ فتح اسان جي. ‘
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، ڪُل چاليھ ورهيه ڄمار ماڻي، پر ھُن پنھنجيءَ عُمر جو ڪو ھڪ پل بہ بي مقصد نہ گذاريو. مخدوم گرهوڙيءَ کي سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ تي وڏي مهارت حاصل ھئي، جيڪا سندس تصنيفن مان نشانبر ٿئي ٿي. انهن تصنيفن ۾ ’فتح الفضل‘ اھم آھي، جنھن ۾ مخدوم گرهوڙيءَ، حضرت خواجه محمد زمان جي، 446 چونڊ مقولن جي عربيءَ ۾ شرح لکي، گڏوگڏ عبدالرحيم گرهوڙي، خواجا محمد زمان جي بيتن جي مجموعي، ’ابيات سنڌي‘ جي پڻ عربيءَ ۾ شرح لکي، جنھن کي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، سنڌي شرح سان، 1939ع ۾ شايع ڪرايو. ان کان سواءِ، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪتابن ۾ ٻہ فارسي تصنيفون، ’رساله گل نما‘ ۽ ’مڪتوبات‘ ۽ ھڪ سنڌي تصنيف سندس ڪلام تي مشتمل ‘مجموعہ سنڌيات‘ شامل آھن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجيءَ تحقيق، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”گرهوڙي صاحب جو سڄو ڪلام، غالباً سلامت نہ رهيو آھي، پر باوجود ان جي، اعليٰ فڪر ۽ معنيٰ وارن منظومين کان سواءِ به، رسالي جي سترهن سُرن (ڪلياڻ، يمن، رامڪلي، آسا، بروو، سسئي، سھڻي، مومل، راڻو، ڪاموڏ، ڪيڏارو، سارنگ، رِپ، ڏهر، ڪاپائتي، پرڀاتي، ڪارايل، ڌناسريءَ، ۾ سندس چيل ھڪ سؤ پنجھٺ (165) بيت موجود آھن، جيڪي سندس اعليٰ انفرادي فڪر ۽ انوکي اثرائتي اسلوب بيان جا شاھد آھن. “ (بلوچ، 1999ع، ص: 471-472)
مٿين تحقيق موجب، اھا ڳالهہ ثابت ٿئي ٿي تہ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي پنھنجي ڪلام کي سُرن ۾ ترتيب ڏنو ھو ۽ انهن تي موضوع ۽ راڳ موجب اُھي ساڳيا ئي نالا رکيا، جيڪي شاھ جي رسالي ۾ اڳ ئي موجود ھئا. ان ھڪجھڙائيءَ جي بنياد تي ان ڳالهہ جو قوي امڪان آھي تہ، شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ کي، شاھ لطيف جي رسالي جي ابتدائي قلمي نسخي تائين رسائي حاصل ھئي، جنھن جو ھن نہ رڳو دل جي گهرائيءَ سان اڀياس ڪيو، پر گهڻو اثر پڻ ورتو. اُھو ئي سبب آھي جو مخدوم گرهوڙيءَ، شاھ لطيف جي ڪلام بابت بيحد عقيدت ڀريو اظھار ڪيو آھي:
آھي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
جوڙي جنھن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.
(دائودپوٽو عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، ص: 50)
شاھ لطيف جي وصال وقت (1163ھ/1752ع) مخدوم گرهوڙيءَ جي عمر 13 سال کن ھئي، پر انهيءَ ننڍي وهيءَ ۾ ئي علم ۾ اڪابر ھو ۽ الاھي ڏات حاصل ھيس. تنھن ڪري گهڻو ممڪن آھي تہ مٿس انهيءَ ابتدائي زماني ۾ شاھ لطيف جي ٻاجهاري نظر پئي ھجي ۽ مخدوم گرهوڙي رچي ريٽو لال ٿيو ھجي.
روايت آھي تہ، شاھ لطيف؛ مخدوم گرهوڙيءَ ڏانھن سوکڙيءَ طور ھڪ تلوار موڪلي ھئي، جيڪا اڄ تائين درگاھ گرهوڙ شريف جي سجادہ نشين وٽ موجود آھي. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو پنھنجي تصنيف، ’ڪلامِ گرهوڙي‘ ۾ لکي ٿو: ”حڪيم معين الدين صاحب گلچين ھالائيءَ کان ھيءَ روايت ٻڌيم تہ ھڪ ڀيري شاھ صاحب پنھنجي ڪنھن مريد ھٿان ھيٺيون سوال ميين عبدالرحيم ڏي جواب لاءِ ڏياري موڪليو:
’جو مڙني موچارو، سو آھي ڪڄاڙو؟‘
ميين عبدالرحيم ھي جواب ڏياري موڪليو:
’هڪڙي صحت سرير جي، ٻيو پرين جو پاڙو. ‘ (دائودپوٽو, 1995ع، ص: 50)
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو وڌيڪ لکي ٿو تہ: ”فرض ڪري وٺجي تہ، شاھ عبداللطيف ۽ ميين عبدالرحيم جي پاڻ ۾ ملاقات نہ ٿي، پر انهيءَ ڳالهہ ۾ ذري جو بہ شڪ نہ آھي تہ شاھ عبداللطيف جي ڪلام جو اثر شيخ عبدالرحيم جي ڪلام تي گهڻي قدر پيو آھي. “ (دائودپوٽو، 1995ع، ص: 50)
معمور يوسفاڻي پنھنجيءَ تصنيف، ’ڍوليو ڍٽ ڌڻي‘ ۾ مخدوم گرهوڙيءَ بابت ھن ريت رقم طراز آھي: ”اسان کي سنڌ جي تاريخ ۾ اھڙن ڪافي بزرگن جو تذڪرو ملي ٿو، جيڪي 9-10 سالن جي عمر ۾، درس نظاميءَ جو سمورو ڪورس مڪمل ڪري، وقت جي عالمن کي لاجواب ڪري چڪا ھئا. حضرت گرهوڙي بہ اھڙن بزرگن مان ھڪ ھو ۽ پاڻ ننڍيءَ عمر ۾ ئي سڀ ظاھري علم مڪمل ڪري، باطن جي تلاش ۾ رهيو. گرهوڙي صاحب جيتوڻيڪ ھڪ نرالي رنگ وارو ۽ تمام اونهي فڪر وارو شاعر آھي ۽ سندس شعر کي پروڙڻ لاءِ ڪئين پنڌ ڪرڻا پوندا آھن، تہ بہ سندس ڪلام جو ڪجهہ حصو اھڙو بہ آھي، جو ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جي اثر ھيٺ آھي. “ (يوسفاڻي، 2003ع، ص: 92) ڪجهہ چٽا مثال ڏجن ٿا:
شاھ لطيف:
”پِھرين ڪاتِي پاءِ، پُڇج پوءِ پِرِيتَڻُو. “
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 10، ص: 72)
”سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇجِ پوءِ پِريتَڻُو. “
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 4، ص: 71)
مخدوم گرهوڙي:
پِھرِين ڪَنڌُ ڪاٽيجِ، پُڇِجِ پوءِ پِريتَڻو. “
(دائودپوٽو عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، سُر ڪلياڻ، بيت 5، ص: 256)
شاھ لطيف:
ھَڻُ حبيبَ ھٿُ کَڻِي، ٿيڪِ مَ، ٿورو لاءِ،
پِريَمِ! تُنھنجي گهاءِ، مران تہ مانُ لَهان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 1، بيت 6، ص: 86)
مخدوم گرهوڙي:
ھِڪُ جو ھَڻٖي ھَٿُ کَڻِي، ٻئو جو جهَلٖي گهاءُ،
اُنَهِين سُرڪِي ساءُ، اُھٖي ڄاڻَنِ ٻَھ ڄَڻا.
(دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، سُر يمن ڪلياڻ، بيت 8، ص: 258)
شاھ لطيف سُر رامڪليءَ ۾ جوڳين/سنياسين جي ياد ۾ فرمائي ٿو:
آسَڻَ وَٽ آھُون ڪَرِيان، وَسِ نہ منھنجي واتُ،
لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، منجهان ڪِينَرَ ڪاتُ،
ھَلَڻَ کي ھَيهاتُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ريٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 20، ص: 781)
مخدوم گرهوڙي لاشڪ اھڙي ساڳئي ڪيفيت پنھنجي مرشد خواجه محمد زمان جي جدائيءَ ۾ محسوس ڪئي آھي:
جوڳي پَنھنجي جُوءِ وِيا، ٿا جھُڙَ جِنءَ نيڻَ جھِمَنِ،
سُخنَ ساميڙن جا، ٿا ھينڙي منجهہ ھُرَن،
سَڄو مَوتُ مڱن، اَڌَ ڪُٺا آرامَ لاءِ.
(دائودپوٽو عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، سُر رامڪلي، بيت 2، ص: 262)
ڏٺو وڃي تہ مخدوم گرهوڙيءَ جو سُر رامڪلي، شاھ لطيف جي سُر رامڪليءَ جو عڪس آھي ۽ سڄو شاھ جي ڪلام جي اثر ۽ اُتساھ جو سڀاويڪ ڦل آھي. ان جو ھڪ اھم اھڃاڻ اھو بہ آھي تہ، مخدوم گرهوڙيءَ جو فڪر ۽ مزاج جوڳي تهذيب سان لاڳاپيل نہ ھو ۽ نہ ھن شاھ لطيف وانگر جوڳين/ويراڳين سان سفر ڪيو ھو.
شاھ لطيف؛ جوڳين جي فڪري وسعت ۽ قدامت بابت فرمائي ٿو:
لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نہ مَسَحو،
جا اِسلامان اڳي ھُئِي، سا سُئائُون ٻانگَ،
سامِي ڇَڏي سانگَ، گڏِيا گورَکِناٿَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 7، بيت 14، ص: 810)
مخدوم گرهوڙي جيتوڻيڪ صاحب شريعت ۽ وحدت الشھود واري فڪر جو سختگير فقير ھو، پر ھو شاھ لطيف جي فڪر جي مڪمل اثر ۾ ھجڻ جي ڪري، جوڳين جي فڪري وسعت کي ذھني ۽ دلي وسعت سان اظھاريو آھي:
سوئِي اوڇَڻُ اَنگَڙين، سوئِي کاڄُ سَندونِ،
ڪُفرَ ۽ اِسلامَ کان، پَري پيرُ پِئون،
تتي واھٖيرونِ، جتي راتِ نہ ڏِينہُ ڪو.
(دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، سُر رامڪلي، بيت 36، ص: 270)
مخدوم گرهوڙيءَ جي مٿين بيت جي پس منظر ۾ شاھ لطيف جو ھي بيت ذھن تي تري اچي ٿو:
جِتي عَرشُ نَه اُڀَ ڪو، زَمِينَ ناھ ذَرو،
نہ ڪو چاڙَهائو چَنڊَ جو، نَه ڪو سِڄَ سَرو،
اُتي آديسين جو، لَڳو دَنگَ دَرو،
پَري پِيُنِ پَرو، ناٿُ ڏِنائُون ناھ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 9، بيت 45، ص: 825)
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سُر رامڪليءَ ۾ جنھن حد تائين، پنھنجي ڳوُڙهي ڪلام جي ذريعي، ذھن ۽ دل جي اڻ کٽ وسعتن کي ڇُھيو آھي، شاھ لطيف کانئس اڳ اُن کان گهڻو اڳتي سفر ڪري چڪو ھو، ان جا اھڃاڻ اُھي فڪري نظارا آھن، جيڪي فقط شاھ لطيف وٽ ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيئن: ’نانگا نانيءَ ھليا‘، ’گڏيا گورکناٿ کي‘، ’ويا رمندا رام ڏي‘، ’نانگا ناٿ نهار‘ جھڙا غير معمولي خيال، مخدوم گرهوڙيءَ جي ڪلام ۾ نہ ٿا ملن. اُن جو ھڪ اھم ڪارڻ صوفي مسلڪ بہ آھي، جنھن سان ھو لاڳاپيل ھو، جنھن تي سختيءَ سان ڪاربند رهندي کيس شھادت نصيب ٿي.
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ، پنھنجي تصنيف، ’شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعارہ ۽ تشبيھ نگاريءَ جو تحقيقي جائزو‘ ۾ ان نتيجي تي پھتي آھي تہ: ”گرهوڙي شھيد بلڪل ساڳيو مضمون بيان ڪيو آھي، ڪٿي ساڳيا شاھ سائينءَ وارا لفظ تہ ڪٿي سندن اڌ يا سڄي مصرع تضمين طور استعمال ڪئي اٿس. “ (اُمِ ڪلثوم، 2004ع، ص: 539)
مثال طور شاھ لطيف فرمائي ٿو:
نا اُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آدِيسِنِ،
ڪَڏِهن تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِهن ھيٺِ ھَلَنِ،
ساميئڙا سَمُونڊَ ۾، تُنبي جيئن تَرَنِ،
جي واڳُونءَ واتِ وَڃَنِ، تان ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪينَڪِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 5، بيت 11، ص: 801)
مخدوم گرهوڙي، شاھ لطيف جي ان مضمون کي ٻن بيتن ۾ بيان ڪيو آھي:
نا اُميدي آجِڪو، جيجان جوڳيڙنِ،
سَناسِي سَمُونڊَ ۾، تُنبي جِنءَ تَرَنِ،
سَدا سُکِ وَسَنِ، تارِڪِي تَدبِيرَ جا.
(دائودپوٽو عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، سُر رامڪلي، بيت 23، ص: 267)
جَنِ دِل لائِي دِل سٖين، سي سَداِئين سَرَها،
تِھڙا تازِيَ پُٺَ تٖي، تِھڙا ھيٺِ ھَلِيا،
جٖي واڳونءَ واتِ وِيا، تہ پُڻ ھَنجَ حَبِيبَ جِي.
(دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، سُر رامڪلي، بيت 12، ص: 264)
شاھ لطيف سُر آسا ۾ فرمائي ٿو:
لوڪُ لَهوارو لڏيو، اوڀَرُ آديسينِ،
سَڄَڻَ سَنيوُن ڪَنِ، لوڪ لٖيکٖي وِنگيوُن.
(دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، سُر رامڪلي، بيت 33، ص: 269)
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ موجب، مخدوم گرهوڙيءَ جي شاعريءَ جي مضمون ۾ ڪتب آندل ڪردارن جي تمثيلي ۽ استعاراتي استعمال تي، شاھ لطيف جو گھرو اثر آھي. مثال طور سُر ڪيڏاري ۾ شاھ لطيف ڪربلا جي سرزمين تي امام سڳورن جي بھادري ۽ حوصلي سان وڙهڻ تي اُنهن لاءِ شير يا شينهن جو استعارو استعمال ڪيو آھي، جيئن:
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيّدَ شيرَ،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 2، بيت 6، ص: 664)
عَلِيءَ شيرَ وياءَ، رِڻَ ۾ پِييَنِ راتَڙِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 4، بيت 1، ص: 669)
شيرَ شَھِزادي لَڏِيو، سَيّدَ سيڄَ نَه ماڻِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 5، وائي، ص: 675)
مخدوم گرهوڙي پڻ سُر ڪيڏاري ۾ ’شير‘ جو استعارو امام سڳورن جي بھادريءَ سان وڙهڻ جي ڪري ڪم آندو آھي:
”شيرَ شھادت رسيا، ماتَمُ مِسڪيِنَنِ. “
(دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، سُر ڪيڏارو، بيت 3، ص: 289)
”ڪَربَلا ۾ ڪُوچُ ٿِيو، لائُون لَهَنِ شيٖرَ. “
(دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، سُر ڪيڏارو، بيت 5، ص: 289)
سُر پرڀاتيءَ جي ھڪ بيت ۾، مخدوم گرهوڙي، شاھ لطيف جو اثر وٺندي، اُھا ئي تمثيل بيان ڪئي آھي تہ، ٻانهي کي پنھنجي رب تعاليٰ آڏو، پنھنجيءَ عبادت ۽ پرهيزگاريءَ تي ناز ۽ ھَٺُ نہ ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ ڪائنات جو خلقڻهار انهن مڙني ڳالهين کان بي نياز آھي ۽ ھُن کي انسان جي نوڙت، نيازمندي ۽ انڪساريءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي شيءِ عزيز نہ آھي.
شاھ لطيف سُر پرڀاتيءَ ۾ فرمائي ٿو:
ڄاڻين تَھ پِھ نَه ڄاڻُ، اِيءُ دَرُ اَٻوجَھنِ جو،
اِنَ دَرِ سي ئي اَگِهيا، جَنِ نَه ڀانئيو پاڻ،
ريجهاڻو راڄاڻُ، آھي اٻوجَھنِ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرپرڀاتي، داستان 1، بيت 14، ص: 860)
ھتي ’راڄاڻ‘، جڳ جي پالڻهار ۽ رزاق ربّ لاءِ مستعار ٿيو آھي، جيڪو انهن خاڪسارن سان ريجهي ٿو، جيڪي تڪبر تي تڪيو نٿا ڪن. شھيد گرهوڙيءَ جي ھيٺ ڏنل بيت مان واضح ٿئي ٿو تہ، ھُن نہ رڳو شاھ لطيف جي فڪر ۽ ڏاھپ جي پيروي ڪئي آھي، گڏوگڏ لفظن ۽ لهجي کي بہ اختيار ڪيو آھي:
ڄاڻَ وِڃايو ٽاڻُ، ڪِيرَتِ راھَه ڪَمُ ڪيو،
اِنَ دَرِ اِيندَڙي مڱڻا! پاڻَ مَ کڻج ساڻُ،
روجھاڻِي راڄاڻُ، آھي اَٻوجهن جو.
(دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، سُر پرڀاتي، ص: 291)
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھ موجب، ھتي ڪِيرت ڪندڙ مڱڻو، عبادت گذار بندي لاءِ ۽ سخي سردار سپڙ (جنھن کي ٻيلي ڌڻي يا رونجهاڻي راڄاڻ بہ چيو ويو) مستعار ٿيو آھي؛ جڳ جي پالڻهار ۽ رزق رسائيندڙ ربّ لاءِ، جيڪو اٻوجهن جو مددگار آھي.
مخدوم گرهوڙي، سُر سسئي، سُر مومل راڻو توڙي سُر سھڻيءَ ۾ ڪردارن توڙي ارضياتي اُھڃاڻن کي شاھ لطيف واري استعاري ۾ اظھاريو آھي، خاص ڪري سُر سھڻيءَ ۾، شاھ لطيف جي استعاري جو استعمال ڪري، مخدوم گرهوڙيءَ جتي فڪري اثر قبوليو آھي، اُتي ھُن، شاھ لطيف جي انقلابي فڪر کي، سماجي سطحن تي ناماچاري ۽ قبوليت کي مڃيو. ڇاڪاڻ تہ شاھ لطيف سُر سھڻيءَ ۾، سھڻيءَ جي ڪردار ۽ ميھار سان سندس ازلي نينھن جو بچاءُ ڪيو آھي. شاھ لطيف جي اُن غير رواجي رويي مان واضح ٿئي ٿو تہ، ھُو اُن وقت جي سختگير ۽ ظاھر پرست مذھبي ڌرين سان وڏي ٽڪراءَ ۾ ھو. حڪومتي ڪارندا پڻ اُنهن مذھبي ڌرين جي اثر ۽ طاقت کان ھيسيل ھئا، پر شاھ لطيف، ھڪ انقلابي، صوفي ۽ محب وطن شاعر جي حيثيت ۾، پنھنجي فڪر سان، پنھنجي ڪلام سان ٻَڌل رهيو. شاھ لطيف جي اَڏولتا اُن مان بہ ظاھر ٿئي ٿي تہ دين اسلام جو شيدائي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، جيڪو شريعت ۽ فقھ جو وڏو عالم بہ ھو، شاھ لطيف جي تخيُل جي بلند پرواز کي سمجهيو، قبوليو ۽ اُن کان متاثر ٿي پنھنجو ڪلام چيو. ھيٺ ڪجهہ مثال ڏجن ٿا. شاھ لطيف فرمائي ٿو:
توڏِيءَ کي تَعظِيمَ، ٻينِ سَڀِنِئا اَڳَرِي،
اوڏِي ٿِي اَلفَ کي، مَنُ گَڏِيائِين سين مِيمَ،
جيلاَنهن ذاتِ حَلِيمَ، مِلِي تٖي ميھار کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 3، بيت 9، ص: 231)
مخدوم گرهوڙي، مٿين خيال جي تتبع تي فرمائي ٿو:
اوڏو ٿي اَلِفَ کي، نِسبَتَ نِهاريٖج،
مَنجِھيون ڌَڻُ ڌاريٖج، جِتٖي ساھَڙَ سوجَهرو.
(دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، سُر سھڻي، بيت 1، ص: 285)
شاھ لطيف، سھڻيءَ جي وجود ۾ پيدا ٿيل بيقراري ۽ ميھار سان ملڻ جي خواھش کي ظاھر ڪندي لکي ٿو:
اَدِيُون! سَڀِ اَندامَ، چَڙَنِ منھنجا چورِيا،
لارُنِ جا لَنءُ لايِئِي، سا ڪيئن آڇِيان عامَ،
لَڳِيَسِ جنھن جي لامَ، سو دِلاسا دوستُ مُهٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 4، بيت 1، ص: 236)
مخدوم گرهوڙي، شاھ لطيف جي ڪلام جو اثر وٺندي، ساڳئي ئي قافيي ۾ ھن ريت بيت رچيو آھي:
سُنهڻيَ سَاھُه پَرِييٖن ڀَرِ، اورييٖن ڀَرِ اَندامَ،
مَنَ ۾ ميھارنِ جِي، قابُو لڳيس ڪامَ،
پَئِي ساھَڙَ سامَ، ڏُکان ڇُٽِي ڏَمَ جٖي.
(دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘، سُر سھڻي، بيت 2، ص: 285)
مرزا قليچ بيگ (1853ع-1929ع) :
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ٽنڊي ٺوڙهي ۾ 4 محرم 1270ھ موجب 1853ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو مرزا فريدون بيگ ھو. سندس وڏن بابت پنھنجي آتم ڪٿا ’سائو پن يا ڪارو پنو‘ ۾ لکي ٿو تہ:
”منھنجو نانو ۽ پيءُ ٻئي اصل جارجيا يا گرجستان جي گاديءَ جي ھنڌ، ٽفلس، شھر جا ويٺل ھئا ۽ اُتي ڄاوا ھئا، تنھن ڪري ’گُرجي‘ يا ’جارجين‘ سڏبا ھئا ۽ اسين سندن اولاد، اڃا تائين ’گُرجي مرزا‘ سڏبا آھيون. ٻيا سنڌ يا ھند جا مرزا، اڪثر مغل يا ٻي ذات جا آھن. تن ڏينھن ۾ گرجستان، روس يا رشيا جي بادشاھ جي ھٿ ھيٺ ھو ۽ ايران جي بادشاھ جي اڪثر ھن سان جنگ رهندي ھئي ۽ گرجستان تي ڪاھون ٿينديون ھيون. اھڙي ھڪڙي جنگ ۾ سن 1797ع ڌاري، منھنجي ناني ۽ بابي جا والد مارجي ويا ۽ ھو پاڻ ٻين ڪيترن وڏن ننڍن گرجين، مڙسن ۽ زالن وانگي قيد ٿي ويا ۽ ايرانين پنھنجي ملڪ ايران ۾ آڻي پھچايا، جتي ڳچ مدت، ھنن پرورش ۽ تعليم پاتي. “ (بيگ، 2004ع، ص: 1)
ھُو وڌيڪ لکي ٿو: ”منھنجي پيءُ جو نالو ميرزا ’فريدون بيگ‘ ھو، مگر منھنجي ڏاڏي جي مون کي خبر ڪانهي ۽ نہ منھنجي پيءُ کي انهيءَ جي نالي جي خبر ھئي. “ (بيگ، 2004ع، ص: 1)
مرزا قليچ بيگ جو والد بزرگوار مرزا فريدون بيگ جو ننڍپڻ جو نالو سڊني ھو. ھُو اصل عيسائي مذھب جو ھو، ”جنھن کي ايران جي ھڪڙي جاگيردار سيد مرتضيٰ شاھ، مسلمان ڪري فريدون بيگ نالو رکيو. “ (الانا، 1999ع، ص: 123)
پھريون ڀيرو مرزا قليچ بيگ جو نانو مرزا خسرو بيگ 1805ع ۾ 15 ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ آيو، تڏهن مير ڪرم علي خان ٽالپر، سنڌ جو حاڪم ھو. ھُو ايران جي شاھ ۽ وزير جي معرفت تحفو ٿي مير ڪرم علي خان ٽالپر وٽ آيو ھو، ان کان پوءِ مرزا فريدون بيگ ڏھ ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ ۾ آيو. مير صاحب کين پالي وڏو ڪيو.
ھُو ٻئي ھڪڙي وطن جا ھئا ۽ ھتي گڏ رهڻ جو وجهہ ملين تہ ھڪ ٻئي سان سندن قرب وڌيو. ھُو ميرن جي دربار ۾ پڙهڻ لکڻ جو ڪم ڪندا ھئا.
مرزا خسرو بيگ پنھنجي نياڻي فريدون بيگ کي پرڻائي ڏني، جنھن مان کيس مرزا قليچ بيگ سميت ست پٽ ۽ ٻہ نياڻيون ڄايون.
مرزا قليچ بيگ جڏهن پڙهڻ جوڳو ٿيو، تہ پھرين کيس پنھنجي ڳوٺ جي خانگي مڪتب ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ھن آخوند شفيع محمد وٽ قرآن شريف جي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ھُو پنھنجي ٻن ڀائرن سان گڏ حيدرآباد شھر جي اسڪول ۾ پڙهيو. اُتان ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد بمبئي جي ايلفسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ڪاليج ۾ ھن پنھنجي محنت سان ڏاڍو نالو ڪمايو. استادن کائنس خوش ٿي کيس ساڳي ڪاليج ۾ ننڍن ڪلاسن جي شاگردن کي فارسي پڙهائڻ لاءِ فيلو ڪري رکيو. انهيءَ دوران سندس ماءُ گذاري وئي ۽ بعد ۾ پاڻ بہ ڏاڍو بيمار ٿيو، جنھن جي ڪري سندس پڙهائي متاثر ٿي ۽ ھُو بي. اي جي امتحان ۾ فيل ٿيو.
روزگار جي سلسلي ۾ ھُو پھريون ڀيرو ڪراچيءَ جي ھڪ ھاءِ اسڪول ۾ فارسي پڙهائڻ لاءِ ڀرتي ٿيو، جتي ھُو ڪجهہ وقت رهيو ۽ پوءِ مختيارڪار جو عھدو مليس ۽ پوءِ ترقي ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو، جتان 1910ع ۾ پينشن ورتائين ۽ 1929ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
مرزا قليچ بيگ سنڌيءَ کان سواءِ انگريزي، فارسي، عربي، سنسڪرت ۽ ترڪي ٻوليءَ جو ڄاڻو ھو، ان کان سواءِ گجراتي ۽ مرهٽي ٻوليون پڻ لکي ۽ پڙهي سگهندو ھو، تنھن ڪري سندس مطالعو تمام وسيع ھو. 1853ع ۾ سنڌي الف بي ٺھڻ کان پوءِ اُن سنڌي ٻوليءَ کي چار سؤ ستونجاھ ڪتابن جو تحفو ڏنو، جن مان ڪي سندس طبعزاد لکيل ھئا ۽ ڪي مختلف ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيل ھئا.
مرزا قليچ بيگ جا ڪتاب، ناٽڪ، ناول، ڊرامي، سوانح نگاري، تنقيد، مضمون ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي مشتمل آھن. ادب کان سواءِ مذھب، اخلاقيات، ثقافت، باغباني، جهونن آثارن، صرف و نحو، تاريخ، فلسفي ۽ نفسيات جي موضوعن تي قلم کنيائين.
لطيفيات تي پڻ سندس جوڳو ڪم ٿيل آھي. ’احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي‘، ’شاھ جو رسالو‘، شاھ جي رسالي جي لغت ’لغات لطيفي‘ جوڙيائين.
”هڪ ڪتاب ’شاھ جي رسالي جي ڪنجي‘ نالي لکيائين، جو اڃا تائين نہ ڇپيو آھي. ٻيو ڪتاب ’لطيفي لات‘ لکيائين، جنھن ۾ رسالي جا اھي بيت جمع ڪيائين، جي سنڌ ۾ مثالن، پھاڪن يا ضرب المثل طور ڪم اچن ٿا. شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن جون جدا جدا تشريحون تفصيل سان لکيائين. “ (بيگ، (1989ع)، ص: 58)
مرزا قليچ بيگ پنھنجي شاعريءَ ۾ گهڻي ڀاڱي نج سنڌي ٻولي ڪم آندي آھي، پر ڪٿي ڪٿي عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جا لفظ پڻ ڪم آندا اٿس. تصوف، اخلاقيات، مجازي توڙي حقيقي عشق، سندس ڪلام جا موضوع آھن.
مرزا قليچ بيگ پاڻ کان اڳوڻن سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن مان شاھ لطيف کان وڌيڪ متاثر ھو، جيڪو سندس ’ديوان قليچ‘ ۾ جابجا نظر اچي ٿو. ھن سلسلي ۾ ’ديوان قليچ‘ جي مقدمي ۾ اجمل بيگ مرزا لکي ٿو: ”’قليچ‘ سنڌ جي قديم صوفي شاعرن منجهان، شاھ ڀٽائي جي ڪلام کان گهڻي ڀاڱي متاثر ٿيو آھي ۽ ان جي خيالن جو اثر گهڻي قدر قبول ڪيو اٿس. ايئن معلوم ٿو ٿئي تہ سندس مطالعو، شاھ صاحب جي ڪلام ۽ خيال جو نھايت وسيع آھي. اھو ئي سبب آھي جو شاھ صاحب جا اثرات ’قليچ‘ جي ڪلام ۾ جهجها نظر اچن ٿا. “ (بيگ، (1989ع)، ’ديوان قليچ‘، ص: 58)
مرزا قليچ بيگ، شاھ لطيف تي غزل جي صنف ۾ ھڪ قصيدو پڻ چيو آھي، جن مان ڪجهہ سٽون ھن ريت آھن:
شاعرن جو سنڌ ۾ سردار، شاھ عبداللطيف،
اوليائن ۾ بہ نَرُ نروار، شاھ عبداللطيف،
ڀِٽَ ڌڻي، صوفي ۽ تارِڪُ، ٿي ڪيو عشق ۾،
عھد عباسين جي ۾ اظھار، شاھ عبداللطيف،
ٿَرَ ۽ بَرَ ڪاڇي ۽ ڪوهستان، جيسلمير ۾،
سَير ڪيئين، ھر ھنڌ ڦريو چوڌار، شاھ عبداللطيف.
(بيگ، مرزا، قليچ، (1989ع)، ’ديوان قليچ‘، ص: 156)
مرزا قليچ بيگ زماني جي بدلجندڙ صورتحال ۽ ماڻهن جي روين ۾ آيل ڦيرگهير بابت گهڻو ڪجهہ لکيو آھي. ماڻهن ۾ وفاداري، ميٺ محبت جھڙن ڳڻن جي خاتمي، ايماندار ۽ شُناس رکندڙ ماڻهن جي ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ ڏانھن اشارو ڪندي چئي ٿو:
شاھ آھي سچ چيو، ’ويا مورَ ۽ ھَنج سڀ مري‘،
اڄ وطن يارو! ٿيو ڪُوڙن ڪانِئرن جو منجهہ زمان.
(بيگ، مرزا، قليچ، (1989ع)، ’ديوان قليچ‘، ص: 209)
سندس غزل جون ھي سٽون شاھ لطيف جي سُر ڪارايل جي ھن بيت مان کنيل آھن:
وِيا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَه رَهِيو ھيڪَڙو،
وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪوڙَنِ ڪانِيئَرنِ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان 1، بيت 29، ص: 853)
مرزا قليچ بيگ پنھنجي شاعريءَ ۾ شاھ لطيف جي فڪر جي تشريح ڪندي نظر اچي ٿو. سندس ديوان ۾ ڳچ بيتن ۾ شاھ لطيف جي نالي سان سندس فڪر کي کولي سمجهايو ويو آھي، جيئن ھيٺين بيت ۾ تصوف جي ھڪ اھم نڪتي کي بيان ڪندي، مرزا قليچ بيگ چئي ٿو:
”ڏِسُ! نامرادي عبد کي اعليٰ نِئِي ڪَيو،
نِجهري انهيءَ جي پَس تون الله – شاھ ايئن چوي. “
(بيگ، مرزا، قليچ، (1989ع)، ’ديوان قليچ‘، ص: 383)
مرزا صاحب غزل جي ھن بند ۾ صوفياڻي نُڪتي ”فنا في الله“ کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جيڪو شاھ لطيف ان کان اڳ ۾ ھن ريت اظھاري چڪو ھو:
نابُودِيءَ نيئِي، عَبدَ کي اَعليٰ ڪِيو،
مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِيا، صُورَتَ پُڻِ سيئِي،
ڪِبِيءَ اِتِ ڪيهِي، ڳالهہ پِرِيان جي ڳُجَھ جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 1، بيت 13، ص: 707)
مرزا قليچ بيگ، عارفن بابت چئي ٿو تہ اھڙن الله وارن کي چار ئي پاسا پالڻهار جو پرتوو نظر ٿو اچي، ھُو سدائين ڌڻيءَ جي ياد ۾ مَحو آھن، اُٿي ويٺي کين پنھنجي محبوب جو ديدار ٿو ٿئي، تنھن ڪري سندن ننڊ بہ عبادت مثل آھي:
ٿا ڏسن رب کي سڀ شيءِ ۾ نظر جيڪا اچين،
”ننڊ عبادت ٿِي، اُنهن جي، سي ئي سُونھن ٿا سُتا. “
(بيگ، مرزا، قليچ، (1989ع)، ’ديوان قليچ‘، ص: 2)
صوفين جي اھڙين رمزن ۽ وحدانيت جي بيان ۾ شاھ لطيف جا ڪيترائي بيت ملن ٿا، جن ۾ ساڳيو مٿيون فلسفو مختلف نمونن ۾ بيان ٿيل آھي. اھڙن بيتن مان ھڪ بيت ھي بہ آھي، جنھن ڏانھن مرزا صاحب اشارو ڪيو آھي:
تَنُ تَسبِيحُ، مَنُ مَڻِيُون، دلِ دَنبُورو جَنِ
تَندُون جي طَلَبَ جِيُون، وَحدَتَ سِر وَڄَنِ،
”وَحدھُ لا شَرِيڪَ لَہُ“ اِھو راڳُ رَڳَنِ،
سي سُتائِي سُونھن، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 7، بيت 3، ص: 346)
مرزا قليچ بيگ کي عربي ٻوليءَ تي گهڻو عبور ھو، تنھن ڪري پاڻ قرآن شريف ۽ تصوف جو چڱيءَ ريت اڀياس ڪيو ھئائين. سندس شاعريءَ ۾ قرآن شريف جون ڪيتريون ئي آيتون ۽ عربي ٻوليءَ جا مقولا ڪتب آيل آھن. پنھنجي ھڪ شعر ۾ ھُو قرآن شريف جو حوالو ڏيندي چئي ٿو تہ، ’بندا، تون الله کي ياد ڪر جيئن ھُو بہ توکي ياد ڪري. ‘
”ياد ڪَر حَقَ کي، حَق توکي ڪري“ قرآن چئي،
شاھ پڻ چئي، ”تات تِن وَٽ، جي ٿا ڳولن تات کي. “
(بيگ، مرزا، قليچ، (1989ع)، ’ديوان قليچ‘، ص: 354)
مرزا قليچ بيگ جي مٿئين شعر جي ھيٺئين سٽ ۾ شاھ لطيف جي ھن بيت جو حوالو ڏنل آھي:
تو جَنِين جِي تاتِ، تَنِ پُڻِ آھي تنھنجي،
فاذکُروُني اذکُرُکُمُ، اِيءَ پَرُوڙِج باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي، ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پريَنِ جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 3، بيت 13، ص: 80)
مصري شاھ (1828ع - 1906ع) :
سيد مصري شاھ امام رضوي المعروف مصري شاھ ولد سيد بلند شاھ ولد سيد محمد نافع رضوي 1245ھ مطابق 1828ع ۾ سنڌ جي تاريخي شھر نصرپور ۾ پيدا ٿيو. ھُو نصرپور جي رضوي ساداتن جي نُک ’محمد پوٽا‘ مان ھو. سندس حسب نسب ستين پيڙهيءَ ۾ ولي درويش سيد ھاشم شاھ سان جڙي ٿو، جنھن جو سنڌ جي تاريخ جي بنيادي ماخذ ’تحفة الڪرام‘ ۾ ذڪر ملي ٿو. سنڌ جو اساسي شاعر شاھ عنات رضوي پڻ مصري شاھ جي وڏڙن بزرگن مان ھو، جيڪو رضوي ساداتن جي ’مبارڪ پوٽا‘ نُک مان ھو.
مصري شاھ جو والد سندس ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو ھو، جنھن ڪري سندس تربيت ۽ تعليم جي ذميواري سندس وڏي ڀاءُ سيد فتح محمد شاھ نڀائي. مصري شاھ جي ابتدائي تعليم قاضي گل محمد ’گل‘ جي مڪتب ۾ ٿي، جتي سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جا ابتدائي درس پرايائين. ننڍپڻ کان سندس مَنُ روحانيت ڏانھن مائل ھو. مڪتبي تعليم سندس روح جي تشنگي ختم ڪري نہ سگهي، ان ڪري فطرت ۽ ڪائنات جي مطالعي ۾ مَحوِ رهڻ لڳو.
مصري شاھ کي عربي ۽ فارسي شعر ۽ ٻوليءَ تي ملڪو حاصل ھو، خاص ڪري کيس عربي لغت ’قاموس‘ تي مڪمل دسترس ھئي. سعدي شيرازيءَ جي ڪُليات، ’ديوان حافظ‘، ’مثنوي مولانا رومي‘ ۽ ’شاھ جو رسالو‘ ھر وقت ساڻس گڏ ھوندا ھئا. تصوف جي ھنن شاھڪار منظوم دستاويزن مصري شاھ جي اندر کي اُجاري ڇڏيو. ڪائنات جي ھر شيءِ ۾ ھو ربَّ تعاليٰ جي تجلي پسڻ لڳو:
سوئي عبد، احد سوئي آدم، پاڻهي پير مريد ۽ خادم،
دست چڙهڻ دستور، اي ارشاد ٿيو عبرت جو.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، سُر ڪلياڻ، ڪافي، ص: 1)
ھڪ مستند روايت مطابق مصري شاھ کي چوويھن سالن جي ڄمار ۾ صوفي فقيرن جي صحبت نصيب ٿي ۽ ڪنھن کي ٻڌائڻ کان سواءِ سامين ۽ سناسين سان گڏجي سفر تي روانو ٿي ويو. اٽڪل پندرنهن سال گهر کان پري رهي، ھن ھنگلاج، گرنار، جهونا ڳڙھ، جوڌپور، جئپور، ڪڇ ۽ ٿرپارڪر جا پَٽ گهميا. خاص ڪري ’اَبو جبل‘ تي ڪافي عرصي تائين چلاڪشيءَ ۾ گذاريو.
مصري شاھ تيرٿ ياترا تان موٽڻ کان پوءِ دنيا جي لڳ لاڳاپن کان بي نياز ٿي پنھنجي اوتاري کي وسايو. جتي ھُن راڳ ويراڳ ۽ پنھنجي ڪافي ڪلام سان روح کي ريجهائي وحدانيت جي وائي آلاپي. سندس سمورو ڪلام مجازي رنگ ۾ رڱيل آھي، گهڻو ممڪن آھي تہ سندس مجازي محبوب بہ ھجي، جنھن جي حاصل نہ ٿيڻ جي صورت ۾، لاحاصل عشق جي تڙپ کيس ’حقيقت‘ ڏانھن مائل ڪيو ھجي؛ ڏسو ھي شعر ان جي ساک ڀرين ٿا:
عمر ساري جي عبادت، تِر ھِڪي تاراج ڪئي،
ويو ھڻي ھندو کڻي، ڪعبي اندر ڪافر ڏٺم.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، ڪافي، مصرع 4، ص: 50)
خانبھادر محمد صديق ميمڻ، مصري شاھ جي مجازي محبت بابت لکي ٿو: ”سيد مصري شاھ قدآور ۽ نھايت حسين نوجوان ھو. شاعريءَ جي ڏات ڪچيءَ کان عطا ٿيل ھيس وري مجازي حسن ۾ حقيقي حسن جو پارکو ھو، تنھنڪري مجازي جي ميخ بہ جوانيءَ جي اوائل ۾ ئي جيءَ سان جڙجي ويس.
ھُو پنھنجي چاچي سيد ڏنل شاھ جي گهران مڱيو بہ ھو، پر شادي نہ ڪيائين. ساداتن جي ڪوٽ سان لاڳو قاضين جي محلي مان ھڪڙي قاضيءَ جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ گهڻو ئي شائق ھو، پر قاضين انهيءَ سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. “ (ميمڻ خانبھادر، 2000ع، ص: 420)
تيرٿ ياترا ڪرڻ کان پوءِ مصري شاھ، نصرپور ۾ دنيا سان لڳ لاڳاپا لاھي، پاڻ کي راڳ، ويراڳ، شاعري ۽ روحاني مشاھدن لاءِ وقف ڪري، سڄي زندگي شاديءَ جي ٻنڌڻن کان آجو رهيو.
مصري شاھ راڳ جو پڻ پارکو ھو. اوتاري تي موجود راڳين کي چڱيءَ ريت ڪافي ڪلام ياد ڪرائي، سُر ساز جي سکيا ڏئي، پوءِ ڳائڻ جي اجازت ڏيندو ھو. اوتاري تي دلو ۽ يڪتارو تہ عام رکيل ھوندو ھو، پر جڏهن مصري شاھ جو ڀاڻيجو ۽ راڳداريءَ جو ڄاڻُو سيد قادر شاھ راڳ ڳائڻ لاءِ ساڻس گڏ ويھندو ھو تہ ’سِتار‘ کڻي ويھندو ھو. سيد مصري شاھ اڪثر وجد جي ڪيفيت ۾ ڪلام چوندو ھو، ان وقت سندس منهن ۽ اکين جو رنگ ريٽو ٿي ويندو ھو.
مصري شاھ سنڌي ڪافي کي وڏي اوج تي رسايو. ڪافي ڪلام سنڌ جي عام ۽ خاص طبقن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي، انهيءَ ڪري کيس ’ڪافيءَ جو شھنشاھ شاعر‘ چيو وڃي ٿو.
مصري شاھ جو ڪلام ’ڪليات مصري شاھ‘ پھريون ڀيرو 1961ع ڌاري مقبول احمد ڀٽيءَ مرتب ڪري شايع ڪرايو. 1987ع ۾ مصري شاھ ميموريل ڪاميٽي نصرپور پاران سيدعاشق حسين شاھ رضويءَ ’ڪليات مصري شاھ‘ کي نئين سِر مرتب ڪري ڇپرايو. ’ڪليات مصري شاھ‘ جو ٽيون ڇاپو سيد مريد علي شاھ جي نگرانيءَ ۾ مصري شاھ ميموريل ڪاميٽي نصرپور جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عرس فقير بهراڻيءَ مرتب ڪيو، جيڪو 2005ع ڌاري شايع ٿيو.
’ڪليات مصري شاھ‘ جي ٽئين ڇاپي ۾ 164 سنڌي، 25 سرائڪي، 3 ھندي، 1 فارسي ۽ اردو جون جملي 194 ڪافيون، 24 وايون ۽ 175 بيت شامل آھن.
مصري شاھ جي ڪلام جي تجزيي مان پروڙ پوي ٿي تہ، سندس مطالعي ۾ ’شاھ جو رسالو‘ اڪثر رهندو ھو، جنھن ڪري سندس ڪلام تي شاھ لطيف جي فڪر جو اثر پوڻ فطري امر آھي، جنھن بابت ’ڪليات مصري شاھ‘ جو مرتب ڊاڪٽر عرس فقير بهراڻي لکي ٿو: ”عشقيه ڪلام قديم صوفي شاعرن جي طرز تي سسئي، سھڻي، مومل ۽ مارئي وغيرہ جي مشھور عاشقانہ ڪھاڻين جي اوٽ وٺي محبوب حقيقي سان ملڻ جي ازخود اشتياق جو اظھار ڪيل آھي. اسلوب بيان ۽ گهڻي تڻي سرمست ۽ شاھ لطيف سان ملندڙ جلندڙ معلوم ٿئي ٿي. “ (بهراڻي، 2005ع، ص: عرض-1)
ھيٺ ڪجهہ مثالن ذريعي مصري شاھ جي ڪلام تي شاھ لطيف جي لفظي ۽ فڪري اثر ۽ اتساھ کي واضح ڪجي ٿو. سُر مارئيءَ ۾ شاھ لطيف تقدير جي نظريي کي بيان ڪندي فرمائي ٿو:
”جھڙو قيدُالۡمآءِ“، تَھِڙو بَندُ نہ ڪو ٻيو،
”جَفَّ الۡقَلَمُ بِمَا ھُوَ ڪَائِنٌ“، لهي نہ تِرُ تِياءِ،
عمر! تو ھٿاءِ، آجائِي ٿِئي اَجِڙين. “
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 1، بيت 12، ص: 561)
سيد مصري شاھ فرمائي ٿو:
الست ارواحن کي، جڏهن راھ ڪيو رحمٰن،
”جَفَّ الۡقَلَمُ بِمَا ھُوَ ڪَائِنٌ“، تر تفاوت تا نه،
توڙائين تقدير جا، نينھن ڀڳا نيشان،
اُڪنڊ اباڻي پار جي، منجهہ ڀريا ماڳ، مڪان،
سرتين ۽ ساڻيھ جا، جيءَ اندر جولان،
’مصري‘ مارو ڄام جا، ڀانيان بَرَ بُستان،
ٿر ٿر اندر ٿان، مون من مارو ڄامَ سين.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، سُر مارئي، ص: 200)
شاھ لطيف، سُر مارئيءَ جي ھڪ ٻئي بيت ۾ تقدير کي ھن ريت واضح ڪيو آھي:
”قَيۡدُالۡمآءِ“ ڪَھَنِ جو، سو مُون پاندِ پِيو،
”جَفَّ الۡقَلَمُ بِمَا ھُوَ ڪَائِنٌ“، وَهِي قَلمُ وِيو،
ايُ قَضا ڪَمّ ڪِيو، جئن ٿَر مارُو آن ماڙِئين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 1، بيت 11، ص: 560)
مصري شاھ انهيءَ خيال کي ھيئن اظھاريو آھي:
الست ارواحن کي، جڏهن سمجهايو سميع،
جڙيائين جھانگين سان، مون من ڀت ڀليءَ،
جَفَّ الۡقَلَمُ بِمَا ھُوَ ڪَائِنٌ، لَٽي ڪونہ لِکيءَ،
قلم ڪُن فيڪون جي، ھتي آندي ھيءَ،
ويڙهين پکا ويءَ، مون من ماروءَ ڄام سين.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، مارئي، ص: 201)
شاھ لطيف تقدير جي جواز ۾ ’قيدالماءِ‘ جي اذيت بيان ڪندي چوي ٿو:
جھڙو قَيۡدُالۡمآءِ، تهڙو بندُ نہ ڪو ٻيو،
جَفَّ الۡقَلَمُ بِمَا ھُوَ ڪَائِنٌ، نہ لهي تِرُ تِياءِ،
عُمرَ! تو ھٿاءِ، اَجائي ٿئي آجڙين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 1، بيت 12، ص: 561)
مصري شاھ، اَنَ پاڻيءَ جي انهيءَ قيد بابت شاھ لطيف جي خيال جي ئي پيروي ڪئي آھي. اسلوب ۽ لفظيات ۾ پڻ اھو اثر بَکي ٿو:
الست ارواحن کي، جڏهن قائم ڪيو قدير،
قسمت قيدُالماءِ جا، زوراور زنجير،
ڀُري تَري ڪين ڪي، تِرهڪو تقدير،
سيئي ساريم سومرا، سرها جنين سرير،
ويڙهيچن وٿاڻ ڪئا، بَر منجهہ کڻي بِيرَ،
ڪڍ بندياڻي بند مان، عمر ڄام اسير،
ٿرن ٿڌي ھير، مون من ماروءَ ڄام سين.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، مارئي، ص: 202)
شاھ لطيف، مارئيءَ جي ڪوٽ ۾ قابو ٿيڻ کي قسمت جو قيد سمجهي ٿو، جنھن لاءِ فرمائي ٿو:
قسمت قيد قوي، ناتہ ڪيرَ اچي ھن ڪوٽ ۾،
آڻي لِکئي لوحَ جي، ھنڌ ڏيکاريم ھِيءُ،
پرچي ڪِينَ پنهوار رِيءَ، جانِ، جُسو ۽ جيءُ،
راڄا! راضي ٿيءُ، تہ مارُن مِلي مارُئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 1، بيت 8، ص: 560)
مصري شاھ جي ڪلام ۾ مٿين بيت جي اثر ۾ ھن ريت بيت ملي ٿو، جنھن ۾ قافيو بہ ساڳيو ڪتب آندو ويو آھي:
مون مَنُ ماروءَ ڄام سين، جڙيو آھي جيءُ،
قضا آنديس ڪوٽ ۾، قسمت قيد قويءُ،
موڪل ڏي تہ ملير وڃان، راجا راضي ٿيءُ،
تہ لهي سنگهارن سِيءُ، اُڊو عمر ڄام جو.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، سُر مارئي، ص: 203)
شاھ لطيف ٿر جي نياڻي ’مارئي‘ کي پنھنجي تخيل جي لازوال سگھ سان وطن جي حب جو لافاني ڪردار بڻائي ڇڏيو. شاھ لطيف جي مقصد ۽ اظھار کي متاخرين دل سان اختيار ڪيو آھي ۽ گهڻو تڻو اُھي ئي نڪتا نروار ڪيا آھن، جيڪي شاھ لطيف جي ’سُر مارئي‘ ۾ اظھاريل آھن. مثال طور مارئي، عمر سومري جي قيد ۾ پنھنجي عصمت جي حفاظت ڪئي ۽ حاڪم جي طرفان ڏنل ھر طرح جي لالچ کي ٿڏي ڇڏيو ۽ پنھنجن پنهوارن سان اڻمٽ محبت جو ثبوت ڏنو. شاھ لطيف مارئيءَ جي اھڙي ڪردار کي ھن ريت ظاھر ڪيو آھي:
اِرَمَ ھَڏِ مَ اوڍيان، پَٽولا، پَٽر چيرَ،
ٻانڌُوڻا ٻَنِ ڏِيان، اَرِغَچَ ۽ عَبِيرَ،
ماروءَ سين شَلَ ماڻيان، کَٿيُون جھڙيون کِيرَ،
اَندر اُڃَ اُڪيرَ، مون کي پرينءَ پنهوار جي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 2، ص: 566)
مصري شاھ جو ’سُر مارئي‘ جيتوڻيڪ فن ۽ فڪر جو اعليٰ نمونو آھي، جنھن مان سندس عوامي نوعيت جي اسلوب ۽ اظھار جي پروڙ پوي ٿي، پر اُھو سمورو واس ورن، رنگ ۽ روپ شاھ لطيف جي لافاني ڪلام جي اثر ۽ اتساھ جو سڀاويڪ نتيجو آھي. مثال طور شاھ لطيف فرمائي ٿو:
سونَ برابر سَڳَڙا، مارُوءَ سندا مُون،
پَٽولا پَنهٰوارِ کي، عُمرَ! آڇ مَ تُون،
وَرُ لوئيءَ جي لُون، ڏاڏاڻن ڏنيامِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 3، ص: 566)
مصري شاھ، مارئيءَ جي ڪردار بابت شاھ لطيف جھڙي اظھار کي ئي اوليت ڏني آھي:
جھانگي جهلج ڪيم ڪي، جهنگل جن جي جوءِ،
ويڙهيا گهمن وليين، سانگي سنجھ صبوحِ،
پٽولا پنوهار کي، عمر آڇ مَ اوءِ،
سونُ تنھنجو سومرا، سانگين سندي سوءِ،
ماڙين کان مصري چئي، ھنڌ ڀليرا ھوءِ،
پيي پائر ڏيھ جي، خاص کان خوشبوءِ،
راجا روبروءِ، جھانگي جهلج ڪيم ڪي.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، مارئي، ص: 206)
شاھ لطيف جي ڪلام مان ثابت ٿئي ٿو تہ، مارئي، عمر سومري جي آڇيل سونن زيورن کي پائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو، شاھ لطيف، مارئيءَ جي اھڙي ارڏائيءَ بابت ھن ريت ڪلام ڪري ٿو:
پَٽُ نہ پَرهِيان، سومرا! جانڪيتان جيان،
آءٌ ڪيئن لوئي لاھيان، ڪارڻ ٻن ڏينھان،
جانسين ٿي جيان، ڪانڌ نہ ڪنديس ڪو ٻيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 7، ص: 567)
ڪارا ڪراين ۾، سونُ اسان کي سُوءِ،
ور جيڏين سين جُوعَ، فاقو فرحت ڀائِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 10، ص: 567)
سونَ برابر سڳڙا، لُون لُون برابر لَکُ،
رُپو جنھن رد ڪِيو، ڪوڙِ تهين کي ڪَکُ،
مُون ماروءَ جو مَکُ، تيل نہ لائيان تنھنجو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 4، ص: 566)
شاھ لطيف جو ھڪ مقبول بيت آھي تہ:
ايءَ نہ مارن رِيتِ، جيئن سيڻَ مٽائن سونَ تي،
اَچي عُمَرَڪوٽَ ۾، ڪَندِيَس ڪانہ ڪُرِيتِ،
پکن جي پِريتِ، ماڙِيءَ سِين نہ مٽيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 11، ص: 567)
مصري شاھ جي ھڪ ست – سٽي بيت جي مصرع، شاھ لطيف جي اثر کي نشانبر ڪر ي ٿي:
جھانگين جهليم ڪين ڪي، جهنگل جن جي جوءِ،
ويڙهيا گهمن ولئين، سانگي سنجھ صبوحِ،
پٽولا پنهوارن کي، عمر آڇ مَ اوءِ،
سون تنھنجي سومرا، سانگين سندو سوءِ،
ماڙين کان ’مصري‘ چئي، ھنڌ ڀليرا ھوءِ،
پسي پائر ڏيھ جي، خاص کان خوشبوءِ،
راجا روبروءِ، جھانگي جهلج ڪيم ڪي.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، ’ڪليات مصري شاھ‘، سُر مارئي، 1987ع، ص: 206)
شاھ لطيف فرمائي ٿو:
سَنهيءَ سُئيءَ سِبيو، مُون مارُوءَ سين ساھ،
ويٺِي ساريان سُومرا!، گَولاڙا ۽ گاھ،
ھِنيون منھنجو ھُت ٿيو، ھِت مِٽي ۽ ماھ،
پَکَنِ منجهہ پَساھ، قالب آھي ڪوٽَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 7، بيت 12، ص: 586)
مصري شاھ، مٿين بيت جو تتبع ھن ريت ڪيو آھي:
جھانگي جهلج ڪيم ڪي، جهنگ جنين جويون،
وجهن ڦانگن ڦلڙا، پنهواريون پويون،
ماروءَ سندي مشڪ جون، بر اچن بويون،
تن سانگين سبيم ساھَه کي، سنهيون ھڻي سويون،
ٿا پوڄ پيارين پھيڙا، خوب کنيون کوهِيُون،
جن جهنگ ڀلاريون، سي جھانگي جهلج ڪيم ڪي.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، سُر مارئي، ص: 207)
مصري شاھ جي سُر سسئيءَ ۾ ڪل ٽيھ بيت آھن، جڏهن تہ شاھ لطيف پنھنجي سورمي سسئيءَ کي پنجن سُرن: سُر سسئي آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري ۽ سُر حسينيءَ ۾ سموهيو آھي، گڏوگڏ سُر حسيني تہ شاھ لطيف جي رسالي جو سڀ کان وڏو سُر پڻ آھي، جنھن ۾ اڍائي سؤ کن بيت شامل آھن. ان ڳالهہ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ، شاھ لطيف، ڀنڀور ۽ ڪيچ مڪران سان لاڳاپيل، ھن پُرسوز رومانوي قصي کي ڪيترو نہ روح سان محسوس ڪيو ۽ اظھاريو آھي.
مصري شاھ جي سُر سسئيءَ جي اڀياس مان پروڙ پوي ٿي، تہ پاڻ شاھ لطيف جي ڪلام کان گهڻو متاثر ھو. سندس سُر سسئيءَ مان اھڙا ڪجهہ مثال پيش ڪجن ٿا:
ھوت تنھنجي ھنج ۾، پڇين ڪوھ پَرياڻُ؟
’وَ نَحنُ اَقرَبُ اِليہِ مِنۡ حَبلِ الوَرِيد‘، تنھنجو تونهِين ساڻُ،
پنھنجو آھي پاڻُ، آڏو عجيبن کي. “
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 5، بيت 13، ص: 306)
مصري شاھ پڻ وحدت الوجودي شاعريءَ جو علمبردار شاعر ليکيو وڃي ٿو. شاھ لطيف جي مٿئين بيت جي اثر ۾ مصري شاھ جا ھيٺيان ٻئي بيت اچن ٿا. مصري شاھ فرمائي ٿو:
ساجن ساھ پساھ سان، ويجهو وهين وٽ،
’وَنَحُن اَقربُ اِليہ مِن حَبَل الوَرِيدُ‘، گهوٽ تنھنجي گهٽ،
ڄاڻ وڃاءِ مَ ڄَٽ، ڪوھ نهارين ڪيچ ۾.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، سسئي، ص: 224)
شاھ لطيف حقيقي عشق بابت تلميح جي مدد سان فرمايو آھي:
ڪڍ پنهونءَ ڏي ڪاھي، چاٽيءَ روح چريو ڪيو،
اُٿئي ويٺي اوڏهين، سُتي پڻ ساھي،
’العشقُ حِجابُ بَينُ العاشِقُ والمَعشُوقُ‘، لاشڪ ٿِي لاھي،
آرياڻي آھي، ٻيو سرتيون! سُڄي ڪِينَ ڪين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 5، بيت 17، ص: 307)
مصري شاھ جي سُر سسئي جي بيت ۾ پڻ ساڳي تلميح ڪتب آيل آھي:
پنهونءَ ڏانھن پيغام ڏي، سورن جا سسئي،
اَلعِشقُ حِجابُ بينُ العاشِقين، قاصد پيئي ڪاڻ،
ڳرهڻ ڳرهي ڪينڪي، ايءَ اَڏي آئي آڻ،
تون لحظي لائي لالاڻ، پئو پيادي پنڌ ۾.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، سسئي، ص: 226)
سسئي پنهون جي رومانوي داستان بابت شاھ لطيف ڪجهہ واقعاتي نُڪتن / اھڃاڻن کي ظاھر ڪيو آھي. جيئن فرمائي ٿو:
آڌيءَ اوءِ اٿي ويا، ڪَرُ رکيائون ڪيچَ،
ٻاروچاڻي پيچَ، منھنجو مَنُ مُنجهائيو!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 4، بيت 11، ص: 392)
مصري شاھ انهيءَ واقعي جي اھم اھڃاڻ کي ظاھر ڪندي چيو آھي تہ:
آڌيءَ رات اٿي ويا، ڪرها ڪشائون،
جمل جاڪي ھليا، ليڙا لانچيائون،
بار ڳرا بغدن تي، نهي نڌائون،
ڏس جي ڏنائون، مهميزون ’مصري‘ چوي.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، سسئي، ص: 221)
سنڌ جي ھنن ٻنهي صوفي شاعرن جي حياتيءَ جي اڀياس مان ڪافي ھڪجھڙايون پسجن ٿيون، جھڙوڪ: جوانيءَ وارن سالن ۾ سامين جوڳين جي صحبت ۽ تيرٿ ياترائون، تصوف جي وحدت الوجودي فڪر سان ڳانڍاپو ۽ راڳ / سماع سان جڙاءُ ۽ گڏوگڏ راڳ جي ڄاڻ.
شاھ لطيف جيتوڻيڪ جوڳين ويراڳين سان ٽن سالن جو عرصو گذاريو، پر شاھ لطيف انهيءَ روحاني سفر جو احوال جنھن پيرائتي طريقي سان سُر رامڪليءَ ۾ ڪيو آھي، ان سان تخيل ۽ فڪر جي اعتبار کان اھو سُر ’شاھ سُر‘ محسوس ٿئي ٿو. ’ڪليات مصري شاھ‘ ۾ اھڙو مضمون ’پورب‘ جي عنوان ۾ سموهيو ويو آھي، جنھن ۾ ڪل چوڏهن بيت آھن، جن مان ٻارنهن بيت جوڳين جي روحاني رياضتن جي ٻارنهن ڏينھن بابت آھن. اھڙي روايت جو پيشرو پڻ شاھ لطيف آھي، جنھن جي سُر رامڪليءَ جي داستان ٻئي ۾ جوڳين جي تپسيا جي ٻارنهن ڏينھن جو احوال ملي ٿو. انهن بيتن مان سواءِ آخري بيت جي سڀني بيتن جو آخري پَد ’لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾‘ آھي، جڏهن تہ مصري شاھ جي ٻارنهن ئي بيتن جو آخري پَد ’پُريا پورب پار ڏي‘ آھي.
شاھ لطيف جي ھڪ بيت جي پھرين سِٽ ۾ اھو پد پڻ آيل آھي: ”جوڳي جڳ ڇڏي، پُريا پُورب پنڌ ڏي. “
مصري شاھ فرمائي ٿو:
نوئين ڏينھن نياز جو، گهمي لڌائون گهر،
ھر ڪنھن ھنڌ ھنگلاج ٿيو، جِٿ ڪِٿ ناٿ نظر،
حق حقيقت ھن حال جو، سڃاتائون سِرُ،
’اِن اَللهُ وِتِرُ يُحب الوِتِرُ‘، ٻاري ٻيائيءَ جو ٻَرُ،
’مصري‘ تن مهيسن لئه، جاڳي جيئري مَرُ،
بستي ڀانئي بَرُ، پُريا پورب پار ڏي.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، سُر پورب، ص: 229)
شاھ لطيف:
نِڱِيا ناسُوتان، مَڻِيائُون مَلِڪُوتَ ڏي،
جوڳِي جَبروتان، وَڄائٖي واٽَ ٿِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 5، بيت 9، ص: 801)
مصري شاھه:
ماءُ ڏٺيم اڄ ماٺ مڙهين ۾،
جوڳي جيڪس ويا جبروت،
لوڪئون پاڻ لڪائي لاشڪ،
لانگوٽيا ٿيا لايموت.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، سُر رامڪلي، ص: 73)
مصري شاھ جي سُر سارنگ جي رنگن توڙي محاڪاتي روپ سروپ مان بہ شاھ لطيف جي سُر سارنگ جون جهلڪون پسجن ٿيون. مثال طور سُر سارنگ ۾ شاھ لطيف جو ھڪ شاھڪار دعائيه بيت آھي:
موٽِي مانڊاڻَن جي واري ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيون چوڏس چَوڌارَ،
ڪي اُٺيون استنبول تي، ڪَنِ مَڻِئو مَغرِبَ پارَ،
ڪي چَمَڪن چينَ تي، ڪي لَھَن سَمَرقَند سارَ،
ڪي دِلِي، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنَارَ،
ڪي جُنبيُون جيَسر ميرَ ڏي، ڪي بيڪانيرِ بَڪارَ،
ڪي پُريون پنجاب ڏي، ڪي ھَلنِ مَٿي ھالارَ،
ڪَنِي ڀُڄُ ڀڄائيو، ڪَنِي ڍَٽَ تي ڍَارَ،
ڪَنِ اَچِي عُمَرڪوٽَ تان وَسَايا وَلھارَ،
سائِين سَدائين ڪَرين مٿي سنڌُ سُڪَارَ،
دوستَ مِٺاَ دِلدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 23، ص: 412)
سيد مصري شاھ مٿين بيت جي تتبع ۾ ھن ريت اظھار ڪيو آھي:
اٿيون مٿان عرفات، برسيون بيت الله تي،
ڪيائون منهن مديني، سامهون ڪرنش ڪمارات،
روضي پاڪ رسول جي، رحمت ريلا رات،
سرلي سونھن شفيع جي، ڪيون پالوٽيون پرڀات،
مشرق مغرب وچ ۾، ٿي ڀليءَ ڀَتِ برسات،
اتر اوهيرا ڪيا، اڪمل عنايات،
ڏکڻ ڀريائون ڏنيون، ڏاتر مڪي ڏات،
’وَما اَرسلناڪَ اِلّا رَحمة اللعالمين‘، خوشتر خصالات،
رهبر رب ھلايو، رفيع الدرجات،
حيدر حمايات، ڀڳا ڪوٽ ڪفار جا.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات مصري شاھ‘، سُر سارنگ، ص: 192)
مصري شاھ پنھنجي بيت ۾ حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي روضي پاڪ جي مٿان برسات جي وسڻ جو مضمون اختيار ڪيو آھي، جيڪو شاھ لطيف جي مٿين بيت جي مضمون جي لحاظ کان تہ منفرد آھي، پر ھڪ ٻئي بيت ۾ شاھ لطيف ان موضوع کي پڻ اختيار ڪيو آھي؛ فرمائي ٿو:
روضي تان رسول جي، ڪيو وڄڙين وارو،
ڀريائون ڀيرَ پئي، نظر سين نارو،
ھادي! ڀَرُ حڪم سين، ھِيءُ تڙ تاسيارو،
نِرمل نظارو، پِي پسايو پانهنجو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 16، ص: 687)
جڏهن تہ وري مصري شاھ ھڪ بيت ۾ شاھ لطيف جي مٿي ذڪر ڪيل دعائيه بيت جي عالمگيري خوشحالي ۽ وطن سنڌ ۾ دائمي سڪار واري موضوع کي اظھاريو آھي:
واحد! وسائينس، آھون عالم جون سُڻي،
موڪل ٿئي مِينهن کي، ھڪ تِلُ مَ ترسائينس،
وسائي واٽن تي، اوڀر اڀائينس،
صاحب ساري سنڌ تي، بادل برسائينس،
برڪت وجھي بحر ۾، ھر جا ھلائينس،
ھو جي سَر سُڪي ويا سي واري وهائينس،
پکا پکن سامھان اوري اڏائينس،
ھونِ سدائين ھتهين رب تون رهائينس،
مصري ملائينس، کنڊ وانگي کير ۾.
(بهراڻي، عرس فقير، ڊاڪٽر، (1987ع)، ’ڪليات حمل فقير‘، سُر سارنگ، ص: 197)
مصري شاھ جي مٿين بيت ۾ شاھ لطيف جو ئي تخيل سمايل آھي، خاص ڪري شاھ لطيف جي ھتي ڏنل طويل بيت جون آخري ٻہ سِٽون انهيءَ اثر کي نشانبر ڪن ٿيون:
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوس مٺا دلدار، عالمُ سَڀُ آباد ڪرين.
سنڌي ڪافيءَ جو باڪمال شاعر سيد مصري شاھ حياتيءَ جا اٺھتر سال ماڻي 5 صفر 1325ھ مطابق 1906ع دارالبقا ڏانھن راھي ٿيو. سندس مزار شاھ محمود جي درگاھ ۾ موجود آھي، جتي ھر سال 5 صفر تي سندس عرس مبارڪ ملهايو ويندو آھي، جنھن ۾ ڪڇ، گجرات، جوڌپور، جئپور، اجمير ۽ آفريڪا مان سندس ھندو ۽ مسلمان مريد ۽ عقيدتمند حاضري ڀريندا آھن.
مولوي حاجي احمد ملاح (1895ع-1969ع) :
سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ ڪيئي جيد عالم، درويش، اديب، شاعر ۽ سُگهڙ پيدا ٿيا آھن، جن پنھنجي پنھنجي فن ۽ شعبي ۾ وڏو نالو ڪمايو آھي. اھڙو ئي ھڪ مذھبي عالم، علم عروض جو ماھر، قادرالڪلام شاعر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو پارکو مولوي حاجي احمد ملاح، انگريزن جي حڪومت واري عرصي ۾ لاڙ پٽ جي ضلعي بدين، ديھ لوهڻ، يونين ڪائونسل ڀڳڙا ميمڻ جي ھڪ ننڍي ڳوٺ ’ڪنڊو‘ ۾ ھڪ غريب نانگي ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس جنم جي تاريخ بابت ادبي تاريخن ۾ اختلاف آھن. ڊاڪٽر غلام علي الانا، مولانا حاجي احمد ملاح جي جنم جي تاريخ بابت لکي ٿو: ”لاڙ جو ھي جيد عالم 1877ع ۾، بدين تعلقي جي ڳوٺ ’ڪنڊي‘ ۾ ڄائو ھو. “ (الانا، 1977ع، ص: 322)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي بہ پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۾ احمد ملاح جي جنم جو سال 1877ع ئي لکي آھي، پر تازو ڇپيل ’ڪليات احمد‘ ۾ محمد صديق ’مرهم‘ ملاح، حاجي احمد ملاح جي جنم بابت لکي ٿو: ”سندس جنم جي سال ۾ سوانح نگارن 1877ع تي اتفاق ڪيو ھو، پر ھاڻ ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي جديد تحقيق موجب اھو سال 1895ع بيھي ٿو، جيڪو سؤ سيڪڙو صحيح آھي. پاڻ ننڍپڻ واري دؤر ۾ مال چاريندو ھو، جيئن ھڪ شعر ۾ چيو اٿس:
پوءِ ڊوڙڻ پوءِ ڍورن، ساڻ منجهہ ڍورن ڍنڍن،
وس ولهارن ۾ ولر سان، گاھ گولاڙا گُدام.
اھا مال چارڻ واري ڪرت 11 سالن جي عمر تائين جاري رکيائين، پوءِ کيس اوچتو علم حاصل ڪرڻ جو اشتياق پيدا ٿيو.
ڍور چاريندي اچي ويو، اوچتو مون کي خيال،
علم ري انسان کي، ڪجهہ ناھي عزت احترام.
اھڙي نموني مال چارڻ ڇڏي پاڻ علم جي حصول لاءِ پنھنجي ڳوٺ جي ويجهو ھڪ مڪتب ۾ وڃي داخل ٿيو:
ياد آھيم، سال يارهين ۾ پڙهڻ ويٺس پَٽي،
ڏينھن ھڪ ۾ باب پُورا، سال ۾ سندس ڪلام.
(رستماڻي، ضرار، پروفيسر، (2014ع)، ’ڪليات احمد‘، ڀاڱو پھريون، ص: 25 ۽ 26)
مولوي حاجي احمد ملاح، علم جي حاصلات جي ابتدا بهڊميءَ جي مڪتب ۾ حافظ عبدالله منڌري وٽان ڪئي، ان بعد علم جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ ڀڳڙا ميمڻ، بدين، سجاول، گهڙو ۽ نانگو شاھ جي مڪتبن مان تعليم حاصل ڪيائين. سندس شاگرديءَ وارو زمانو ساڍا سترهن سال ھليو. سندس آخري استاد مولوي خير محمد مگسي ھو، جيڪو گهڙي جي مڪتب ۾ معلم ھو.
تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ھُو پنھنجي ڳوٺ ’ڪنڊي‘ ۾ موٽي آيو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن نور محمد منڌري، لاکي پير ۽ بهڊميءَ جي مدرسن ۾ معلم ٿي رهيو. ان بعد بدين جي مدرسي مظھرالعلوم ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، بعد ۾ مولوي حاجي احمد ملاح قاضيا واھ جي اوڀر واري ڪپ وٽ ھڪ زمين جو ٽڪرو وٺي، اتي ھڪ مسجد ۽ ھڪ مدرسي ’انوارالعلوم‘ جو بنياد رکيو ۽ پنھنجو گهر بہ اتي ٺھرايائين ۽ آخري ڄمار تائين مدرسو ھلائيندو رهيو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر حڪومت ۾ ھن مسجد ۽ مدرسي کي اوقاف کاتي جي انتظام ھيٺ ڏنو ويو. ھن وقت اھا مسجد ’جامع مسجد مولوي احمد ملاح‘ جي نالي سان موجود آھي ۽ سندس مدرسو ھاڻي گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد جي نالي سان مشھور آھي.
مولوي حاجي احمد ملاح، سنڌ ۾ بدعت پرستي، قبر پرستي، پِير پرستي ۽ ٻين غير اسلامي عملن خلاف ڀرپور شاعري ڪئي. جھالت، ڏيکاءُ پرستي ۽ ٻين فضول رسمن کان ماڻهن کي پري رهڻ جي تلقين ڪندو رهيو. مولوي حاجي احمد ملاح 1938ع ۾ لنواري واري ھٿ ٺوڪئي حج تي مزاحمتي شاعري ڪري، عملي طور تي اُن جي خلاف جدوجھد ڪئي. پاڻ ھندستان ۾ 1919ع ۾ اٿندڙ خلافت تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. انگريز حڪومت خلاف سخت شاعري ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ھڪ جڙتو ڪيس ٺاھي، کيس چار مھينا قيد جي سزا ڏني وئي. ان دوران جيل ۾ ٻانگ ڏيڻ تي جيلر ڪلب والا ڪاوڙجي پيو، تنھن تي مولوي صاحب ھڪ شعر چيو آھي:
ڪلب والا تي ڪري وِڄ، قهر جي ڪڙ ڪڙ ڪري،
ڀينگ ٿئي ڀونگو سندس، جو ٻانگ تي بڙ بڙ ڪري.
(رستماڻي، ضرار، پروفيسر، (2014ع)، ’ڪليات احمد‘، ڀاڱو پھريون، ص: 34)
مولوي احمد ملاح، سنڌي شاعريءَ کي جيڪي املھ سوکڙيون ڏنيون، سي آھن: ’معرفت الاالله‘ (1936ع)، ’هيڪڙائي حق‘ (1951ع)، ’گلزار احمد‘، (1957ع)، ’فتح لنواري‘، (1958ع)، ’بياض احمد‘، (1964ع)، ’غزليات احمد‘، (1964ع)،’پيغام احمد‘ (1969ع)، ’گلشن احمد‘ (1969ع)، ’ديوان احمد‘ (1976ع) ۽ ’ڪليات احمد‘
(2013ع) شامل آھن.
مولوي حاجي احمد ملاح لڳاتار ڏھ سال محنت ڪري قرآن شريف جو منظوم سنڌي ترجمو ڪيو. ان دوران پاڻ گهڻو ڪري ناچاق رهندو ھو. سندس اھا تمنا ھئي تہ ’نورالقرآن‘ کي ڇپيل صورت ۾ ڏسي. سندس ھيءَ تمنا ارباب حاجي الھ جوڙيي پوري ڪئي، جنھن پنھنجي خرچ تي ’نورالقرآن‘ ڪراچيءَ مان 1967ع ۾ ڇپرايو. ان کان ٻہ سال پوءِ پاڻ 19 جولاءِ 1969ع ۾ راھ رباني وٺي، بدين جي ڀرسان معصومن جي مقام ۾ ابدي آرامي ٿيو.
مولوي حاجي احمد ملاح سنڌي شاعريءَ جو اھو بحر بيڪران آھي، جنھن ۾ جيڪر ڪو غواص ٽُٻي ھڻي اھڙا املھ ماڻڪ ميڙي اچي، جن کي ڏسي ھوند دنياءِ ادب، سنڌي ٻوليءَ جي شاھوڪاريءَ تي رشڪ ڪري.
مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ لاڙي لهجي جي لفظن جو درياھ سنڌوءَ جيان ڇوليون ھڻندو، تجنيس جي جملي قسمن، تشبيهن، استعارن، صنعتن، وزن، بحرن، ڇندوديائي ماترائن سان گجگوڙ ڪندو جڏهن روانيءَ ۾ ايندو آھي تہ ادب جا شاگرد ان جي سحر ۾ وڃائجي پاڻ وساري ويھن.
سندس شاعراڻين خوبين ۽ خاصيتن جي مڃتا لاءِ سندس ئي ’ديوان احمد‘ ڪافي آھي، جنھن ۾ پاڻ ھڪ حرف ’الف‘ تي ٻاونجاھ غزل چئي، سنڌي ٻوليءَ جي نالي چڙهيل شاعرن کي بہ حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين.
مولوي حاجي احمد ملاح ھر موضوع تي شاعري ڪئي. مجازي عشق، عورت جي حسن، مذھبي مسئلن، قومي ۽ طبقاتي ويڇن، سماج ۾ پکڙيل وهمن ۽ وسوسن تي سندس شاعري لاٽ بڻجي رهنمائي ڪندي رهي آھي.
اولياءَ ۽ انبياءَ الله الله ويا ڪندا،
پُٺ نہ پرور کي ڏيئي وڻ پن پٿر کي سڏ ڪجا.
(رستماڻي، ضرار، پروفيسر، (2014ع)، ’ڪليات احمد‘، ڀاڱو ٻيو، ص: 109)
مولوي حاجي احمد ملاح نہ رڳو گهڻ پڙهيو ۽ مذھبي عالم ھو پر ان پاڻ کان اڳ ۽ پنھنجي ھمعصر سنڌي شاعريءَ جو پڻ چڱي ريت اڀياس ڪيو ھو، جنھن جي شاھدي طور اسان شيخ اياز جي ڪتاب ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ تي لکيل سندس نظم ’مقالي اياز‘ کي پيش ڪري سگهون ٿا. مولوي حاجي احمد ملاح، شاھ لطيف جو پارکو ھو. سندس شاعري ۽ ان جا ڪردار اُن جا شاھد آھن.
ڊاڪٽر اسد جمال پلي لکي ٿو تہ: ”انهن سنڌي زبان جي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ گرهوڙي صاحب، خليفو نبي بخش لغاري، سچل سرمست، صوفي صديق فقير صادق، حمل فقير، محمود پلي، سانوڻ فقير، منٺار فقير راڄڙ ۽ مولوي احمد ملاح خاص آھن. ھي سڀ بزرگ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جا لغوي توڙي فڪري شارح پڻ آھن. ھن شرح ۾ مولوي صاحب جو حصو سوايو آھي. مولوي صاحب، ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ فھم سان گڏ، لسانياتي پھلوئن ۽ رسالي جي زميني داستانن جي نُڪتن کي بہ نروار ڪيو آھي. “ (رستماڻي، ڀاڱو ٻيو، (2014ع)، ص: 10)
معمور يوسفاڻي ھن سلسلي ۾ ھيءَ راءِ رکي ٿو، ”ملاح پنھنجي بيپناھ شاعرانا خوبين ۽ ٻوليءَ تي ڪمال دسترس جي باوجود لطيف جي فڪر ۽ فن مان خوب چسڪيون ڀريون آھن ۽ لطيفي سمنڊ مان فيضياب ٿيو آھي. سندس شاعريءَ ۾ ڪيترائي اھڙا مثال موجود آھن، جيڪي ملاح تي لطيف جو واضح ۽ چٽو اثر ثابت ڪن ٿا. “ (يوسفاڻي، (2003ع)، ص: 179)
مولوي حاجي احمد ملاح ’شاھ جي رسالي‘ جي ڪردار مومل جي اکڙين ۽ حُسن کي بيان ڪندي چئي ٿو تہ:
تِير، تارا توبہ توبه! گُهور گولو توب جو،
حُسن کان گُم حوصلو، ھي بُت ڏڪي، ھيبت عجب!
راھ سارِي رت رنڱي، ڏينھن رات ريهُون روھ ۾،
تو طرف ايندي ڏٺم، تُربت پٺيان تُربت عجب!
(رستماڻي، ضرار، پروفيسر، (2014ع)، ’ڪليات احمد‘، ڀاڱو ٻيو، ص: 109)
شاھ لطيف، مولوي حاجي احمد ملاح کان ڪيئي ورهيه اڳ ۾ گُجر جي تارن جي تيرن جو شڪار ٿي، ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرن ڀيڙا ٿيڻ وارن عاشقن ۽ انهن جي محبوبا مومل جي حُسن جو بيان ھن ريت ڪيو ھو.
گُجَرِ کي گَجَميلَ جُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون،
ھَڻي حاڪِمِيَنِ کي، زورَ ڀَرِيُون زَبَرُون،
ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏيهِيَنِ جُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 2، بيت 2، ص: 520)
حاجي احمد ملاح، شاھ لطيف، سسئيءَ جي ڏونگر ڏورڻ وارن ڏکين ڏينھن جي جدوجھد ۽ تڪليفن بابت ھيئن چئي ٿو:
ڪنھن کي ڏوراپا ڏيان؟ ڪِٿ ڏوريان؟ ويا ڏير ڏُور،
ماڳ، مارڳ موت جھڙا، منزلن ڪِئي مات مَت.
(رستماڻي، ضرار، پروفيسر، (2014ع)، ’ڪليات احمد‘، ڀاڱو ٻيو، ص: 119)
ساڳئي غزل جي ٻئي بند ۾ ڪجهہ ھن ريت چيو اٿس:
اَڏ تِرڇن آھُڙن کي، آھه سان ’احمد‘ اُڏار،
بَر ڪندا ڇا بِرھ کي؟ ڀڄڻون نہ منجهہ برسات سَت.
(رستماڻي، ضرار، پروفيسر، (2014ع)، ’ڪليات احمد‘، ڀاڱو ٻيو، ص: 119)
ساڳي ڳالهہ شاھ لطيف ھن ريت ڪئي آھي:
آڏتِراڇا آھُڙا، ڏاڪا ڏُونگَر کي،
ھُو جي وَرَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي،
ھاڙهو ھيڻِيءَ کي، لَنگهائِجِ لَطِيفُ چي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 6، بيت 3، ص: 400)
حُب الوطنيءَ جي علامت مارئيءَ کي جڏهن عمر سومري پنھنجي ڪوٽ ۾ قيد ڪري رکيو تہ ھُوءَ پئي پنھنجي مارُن جون واٽون نهاريندي ھئي. سندس ھن انتظاري ڪيفيت کي سنڌ جي ھر شاعر ڳايو آھي. مولوي حاجي احمد ملاح ھن بابت چئي ٿو:
ڪڙهان ڪوٽ ۾ ٿِي، ڪُٺيس ڪوٺيَن،
لُڪن لِڱ لُوساٽيا، لهسي لوٺيَن،
نہ احوال ورتو اڃا اوٺيَن،
جُڪس ڳالهہ مون ڏي ڳڻِي ڳوٺيَن،
اٿم مامرو اِن ميارن سندو.
(رستماڻي، ضرار، پروفيسر، (2014ع)، ’ڪليات احمد‘، ڀاڱو پھريون، ص: 291)
جڏهن تہ شاھ لطيف، مارئيءَ جي ھن ڪيفيت کي نھايت ئي سھڻي نموني بيان ڪندي چئي ٿو:
نَه خَبَرَ، نَه خوابُ، نَه ڪو اوٺِي آئِيو،
ھُتي جو ھِتِ ڪِھِين، ڏِنو ڪونهَ جَوابُ،
ھَمِيرَنَ حِسابُ، ڪُھه ڄاڻان، ڪيئن ٿِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 2، بيت 2، ص: 562)
سنڌ جي رومانوي داستانن منجهان ھڪ ’سھڻي ميھار‘ جو داستان بہ آھي. سھڻي، رات جي اونداھيءَ ۾ سنڌو درياھ اُڪري ميھار سان ملندي ھئي، تڏهن مهراڻ موجن ۾ ھوندو ھو ۽ جُنگ جهاز بہ ٻوڙيندو ھو. اھڙي دھشت ڀريي درياھ ۾ سھڻي توڪل جي تُرهي تي ترندي ھئي، ٻيو ڪوبہ سندس حيلو وسيلو نہ ھو. مولوي حاجي احمد ملاح چئي ٿو:
موج ماڻي موج ۾، محبت سندو مهراڻ مست،
جُنجھ جهازن ناھ جت تارو بہ تنھن ۾ تند دست،
دوست دنيا جا ٿين، سي دؤر ڏسيو دل شڪست،
آر اوڀارا سھي، اُڪرن اُھي عاشق الست،
لاھي لاڳاپا رکيو، جن آسرو الله جو.
(رستماڻي، ضرار، پروفيسر، (2014ع)، ’ڪليات احمد‘، ڀاڱو ٻيو، ص: 293)
مولوي صاحب جو مٿيون بيت ڄڻ تہ شاھ لطيف جو سُر سھڻي پڙهي پوءِ لکيو ويو آھي، ڇو تہ شاھ لطيف جي سُر سھڻيءَ ۾ اھا ڳالهہ ھن ريت بيان ڪئي وئي آھي:
دَهَشَتَ دَمُ دَرياھ ۾، جِتِ جايُون جانارَنِ،
نَه ڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نہ مَلاحَنِ،
دَرِندا دَرياھَه ۾، واڪا ڪِيو وَرَنِ،
سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، ھَلِيا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرزو پَيدا نہ ٿِئي، تَختو منجهان تَنِ،
ڪو جو قَهرُ ڪُنَنِ ۾، وِيا ڪِينَ وَرَنِ،
اُتي اَڻَتارُنِ، ساھَڙَ! سِيرَ لَنگهاءِ تون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 2، بيت 11، ص: 228)
مولوي حاجي احمد ملاح، سُر برووي جي قصي بابت پنھنجي ھڪ بيت ۾ چئي ٿو تہ:
بُت وڍي بروقت بَروي، ڪيو قريبن لئي ڪباب،
برھ ۾ برباد ٿيندي، ويا بہ بنيادن ڪَنان.
(رستماڻي، ضرار، پروفيسر، (2014ع)، ’ڪليات احمد‘، ڀاڱو ٻيو، ص: 379)
ساڳي ڳالهہ ان کان اڳ ۾ شاھ لطيف ٿوري گهڻي فرق سان چئي چڪو ھو.
مولوي صاحب جو مٿيون بيت ڄڻ شاھ لطيف جي ھن بيت جي سمجهاڻي ھجي.
جانِبَ منھنجي جِيءَ ۾، تنھنجي طَمَعَ پوءِ،
وَٺِ ڪاتِي، وَڍِ اَنگُڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ،
ڀانئيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَنَ! سَنئون نِهارِيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان 2، بيت 2، ص: 767)
مولوي حاجي احمد ملاح ۽ شاھ لطيف جو لهجو بہ ساڳيو، ڪردار بہ ساڳيا، نظرياتي طور بہ ھڪجھڙائي ھئي، تنھن ڪري، مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ مان ٻيا اھڙا ڪيترائي مثال ڏيئي سگهجن ٿا، جن مان واضح طور، مولوي احمد ملاح تي شاھ لطيف جو اثر پسي سگهجي ٿو.
مير عبدالحسين خان سانگي (1851ع-1924ع) :
انگريزن سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ جي آخري مير حڪمران مير نصير خان ٽالپر کي ڪلڪتي ۾ نظربند ڪيو، جتي مير نصير خان ٽالپر سان گڏ سندس فرزند مير عباس علي خان بہ رهندو ھو.
مير عباس علي خان ٽالپر نھايت ئي سھڻو ۽ بھادر جوان ھو. حڪمران خاندان جي ھن نوجوان ڪلڪتي ۾ ھڪ انگريز ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنھن جو نالو بلقيس بيبي رکيو ويو. مير عبدالحسين خان سانگي انهيءَ بلقيس بيبيءَ جي ڪُک مان 1851ع ۾ ڪلڪتي ۾ پيدا ٿيو.
مير عبدالحسين خان سانگي اڃا ڇھن ڏينھن جو مس ٿيو تہ سندس ماءُ بلقيس بيبي ھن دنيا مان گذاري وئي. سانگي جڏهن ڇھن سالن جو ٿيو تہ سندس پيءُ مير عباس علي خان ٽالپر ھڪ حادثي ۾ فوت ٿيو. ھي 1857ع جو سال ھو. تنھن کان پوءِ مير عبدالحسين سانگي جي پالنا سندس چاچي مير حسن علي خان ڪئي.
1859ع ۾ ميرن کي سنڌ اچڻ جي اجازت ملي تہ مير عبدالحسين خان سانگي پنھنجي چاچي سان گڏ حيدرآباد پھتو. سانگيءَ جي تعليم جو بندوبست سندس چاچي مير حسن علي خان ڪيو، پر سندس استادن بابت سانگيءَ جي سوانح نگارن ۾ اختلاف ٿو ڏسجي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو: ”عبدالحسين جي اعليٰ تعليم لاءِ ھالن جي آخوند احمد سانوڻيءَ کي مقرر ڪيائين، جيڪو شاعر ۽ عربي ۽ فارسيءَ جو بہ ڄاڻو ھو. “ (جوڻيجو، (2005ع)، جلد ٻيو، ص: 354)
جڏهن تہ احسان بدوي لکي ٿو: ”مير عبدالحسين خان جي تعليم جو بندوبست ڪلڪتي ۾ ئي ڪيو ويو، جتي ھن فارسيءَ جي تعليم سيد مرزا حسن علي عرف آقا بزرگ ’وفا‘ وٽان حاصل ڪئي. حيدرآباد ۾ سندس تعليم جو بندوبست آخوند احمد بن آخوند عبدالعليم ھالائي جي ھٿن ۾ ڏنو ويو. اھا شايد سنڌيءَ جي تعليم ھئي. فارسي ۽ اردو شاعريءَ ۾ مولانا ابوالحسن ابن مولانا مهدي حسن لکنوي کان استفادو ڪيائين. “ (بدوي، (1964ع)، ص: 23 ۽ 24)
”سانگيءَ جي شروعاتي تعليم ڪلڪتي ۾ ٿي. سندس تدريس لاءِ مرزا حسن علي بزرگ ’وفا‘ کي مقرر ڪيو ويو، جنھن کيس قرآن شريف پڙهائڻ ۽ پارسي پڙهائڻ شروع ڪئي. . . جنھن بعد اعليٰ تعليم آخوند احمد سانوڻيءَ کان حاصل ڪيائين. “ (قادري، 1982ع، ص: 158)
مير عبدالحسين خان سانگيءَ کي نوجوانيءَ ۾ ئي انگريز سرڪار پاران ’هز ھائينس‘ جو خطاب ڏنو ويو. جڏهن سندس جواني جوڀن تي پھتي تہ ھڪ ڏينھن شڪار ڪندي گنجي ٽڪر جي ويجهو پھتو تہ حاجران نالي ملاح ڇوڪريءَ جي حُسن سندس حواس خطا ڪري ڇڏيا ۽ ھُو اُن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو. سانگي ھن واقعي کي پنھنجي فارسي شعر ۾ ھن ريت بيان ڪيو آھي:
شوقي ز شڪار داشتم بحدي،
آخر يقين شُد کھ خود شڪاريم.
(ميمڻ، محمد صديق، خانبھادر، (2000ع)، ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘، ص: 361)
معنيٰ: شڪار جو شوق تمام گهڻو ھوندو ھوم، نيٺ پڪ ٿيم تہ پاڻ ئي شڪار بڻجي چڪو آھيان.
نيٺ مير عبدالحسين سانگي پنھنجي محبت ماڻي ۽ حاجران سان شادي ڪيائين.
الله آھن منھنجيون ڪيون پوريون،
منٺار مليو روح کي راحت ڏني موليٰ،
حاصل ٿيو رقيبن کي جدائيءَ جو جهنم،
سانگيءَ کي تہ جيئري آھي جنت ڏني موليٰ.
(جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، ڀاڱو ٻيو، ص: 355)
حاجران، نوري گندريءَ جيان پنھنجي وَر کي نماڻائي ۽ نهٺائيءَ سان تمام گهڻو خوش رکيو، پر ھوءَ ٿوري ڄمار ۾ ئي 1874ع ۾ وفات ڪري وئي. گهرواريءَ جي وفات ڪرڻ تي مير عبدالحسين خان سانگي گهڻو ڏکارو ٿيو. زماني جي ڪاروهنوار مان سندس دلچسپي ختم ٿي وئي، ھُو اڪيلو رهڻ لڳو ۽ حيدرآباد کان ڀٽ شاھ جو اگهاڙين پيرين سفر پئي ڪندو ھو. جڏهن تہ ان کان اڳ، پنھنجي گهرواريءَ سان گڏ گهوڙي تي چڙهي، ڀٽ شاھ تي راڳ ٻڌڻ ويندو ھو ۽ اسر ويل موٽي ايندو ھو.
سندس دوستن ۽ چاچي مير محمد حسن علي خان کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي ۽ نيٺ انهن پاڻ ۾ صلاح ڪري ڪجهہ وقت کان پوءِ 1877ع ۾ ڊاڪٽر رائيٽ جي ڌيءَ سان سندس شادي ڪرائي وئي.
”هن بيگم جو نالو بہ سانگيءَ جي والدہ وارو ساڳيو يعني ’بيبي بلقيس‘ ڄاڻايل آھي. “ (جوڻيجو، 2005ع، ص: 356)
ان گهرواريءَ مان سانگيءَ کي ٽي فرزند: مير خدا يار خان، ايزد يار خان ۽ احمد يار خان ڄاوا.
مير عبدالحسين خان سانگي حياتيءَ جي ڏکن، سکن، ھڏڪين ۽ ٽھڪن جي گڏيل سفر پورو ڪندي، 12 جون 1924ع ۾ ھن جھان کي الوداع چئي مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو. پھرين کيس ميرن جي قبن ۾ سندس والد مير عباس علي خان جي ڀرسان رکيو ويو، پر پوءِ ھڪ سال کان پوءِ 11 جون 1925ع تي سندس مڙھ ڀٽ شاھ ۾ دفنايو ويو.
مير عبدالحسين خان سانگي جديد شاعري ۽ خاص طور تي غزل جي صنف ۾ وڏو نالو ڪمايو. سندس ڪلام ۾ عشق ۽ محبت جي مهميزن سان گڏوگڏ سنڌي سماج جي ريتن رسمن، اخلاقي ۽ سماجي قدرن، ڏک ۽ اَلم جي جذبن، جوانيءَ ۽ پِيريءَ جي انساني حالتن جو نھايت ئي چٽو اظھار ملي ٿو. سانگي ھڪ اھڙي دؤر ۾ شاعري ٿي ڪئي، جنھن وقت سنڌ تي ست سمنڊ پار کان آيل انگريزن جي حاڪميت ھئي. پرڏيهي حڪومتن جي ڪري سنڌي سماج پنھنجي ڏيهي سڃاڻپ وڃائي رهيو ھو ۽ ماڻهن جي سوچ، رهڻي ڪھڻي سميت سندن عقيدہ ۽ سماجي قدر تيزيءَ سان بدلجي رهيا ھئا، جنھن جو اظھار ڪندي سانگي چئي ٿو:
ھوا اھڙي لڳي آھي جو پنھنجي پنھنجي مذھب کان،
مسلمان و ڪرستان و يهود و برهمڻ بگڙيا،
زماني رمز سان ورتي جا آھي راھ حاڪم جي،
ڏسو رسمن کان پنھنجي يڪ قلم سڀ مرد و زن بگڙيا.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1969ع)، ’ڪليات سانگي‘، ص: 58)
سانگي توڻي جو ميرن جي اولاد مان ھجڻ ڪري فارسي ٻوليءَ سان تمام گهڻي محبت رکندو ھو، پر تنھن ھوندي بہ اُن پنھنجي سنڌي شعر کي گهڻي ڀاڱي اھڙي ٻوليءَ کان پري رکيو آھي، سندس شعر جي ٻولي سولي ۽ سلوڻي آھي.
”سانگي غزل گوئي جي ان بنيادي اصول جي پابندي ڪئي آھي، جنھن موجب ’جيستائين ٿي سگهي تہ محسنات ڪلام کان پرهيز ڪرڻ گهرجي‘ جيئن ڪابہ ڳالهہ پيچدار نہ بڻجي پوي ۽ خيال اصل مقصد کان دور ٿي صنائع ۽ بدائع لفظي ۽ معنوي کي مرڪز نہ بڻائي ڇڏي. “ (بدوي، 1964ع، ص: 44 ۽ 45)
مير عبدالحسين خان سانگي، نظم سان گڏوگڏ تمام سٺي نثر نگاري پڻ ڪئي آھي. سندس ڪتابن مان ’لطائف لطيفي‘، ’ڪھاڻي محبت ھاڻي‘، ’آکاڻي رات وهاڻي‘، پارسي شاعرن جي ڪلام مان انتخاب کي تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي.
مير عبدالحسين خان سانگي، شاھ لطيف جو معتقد ھو. شاھ لطيف سان سانگيءَ جي اُنسيت جي شاھدي سندس اھي پيرين اگهاڙا پنڌ آھن، جيڪي ھن حيدرآباد کان ڀٽ شاھ جي وچ ۾ ڪيا. سانگي پنھنجي ڪلام ۾ بہ اھڙو اظھار ڪيو آھي:
شاھ لطيف شامل حالم اگر نہ ھو
تو شاھراھ عشق مين ميرا گذر نہ ھو.
(ميمڻ، محمد صديق، خانبھادر، (2000ع)، ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘، ص: 364)
احسان بدي ھن بابت ھيئن ٿو لکي:
”شاھ عبداللطيف ڀٽائي سان سانگيءَ کي بيحد عقيدت ھئي. ’ديوان سانگي‘ ۾ جابجا پنھنجي اِن عقيدت جو اظھار ڪيو اٿس:
ھادي راھ ھدا آھي ڀٽائي ڀرجهلو
ياد ٿو ھر دم ڪريان مرشد و مولا کي آءُ.
(بدوي، احسان، (1964ع)، ’سانگي شخصيت، فن ۽ ڪلام‘، ص: 38)
مير عبدالحسين خان سانگي ۽ شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ھڪجھڙائي پسي سگهجي ٿي.
زماني ۾ انسان کي سٺن انسانن سان ملڻو پوندو آھي تہ ڪٿي ڪي ماڻهو مَدي رکي مَن ۾ بہ ملندا آھن، پر ھنديءَ جي شاعر تلسي داس چواڻي ’سڀ سي رل مل جائيو جيسي ندي ناؤ سنجوڳ‘ مثل سڀني سان ھلڻو پوندو آھي.
سانگي ان بابت چئي ٿو:
ڪَڙن سان ڪجن مر ڪَڙائي جون ڳالهيون
مٺن سان ڪجن پر مٺائيءَ جون ڳالهيون.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1969ع)، ’ڪليات سانگي‘، ص: 46)
اھا ساڳي ڳالهہ شاھ لطيف ھن ريت ڪئي آھي:
چَڱا ڪَنِ چَڱائِيُون، مَٺائِيون مَٺَنِ،
جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 4، بيت 4، ص: 174)
سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ يار تان سِر قربان ڪرڻ جي روايت گهڻي آڳاٽي آھي. اسان جي شاعرن اھڙي روايت کي ھر دؤر ۾ جياريو آھي. عشق ۾ يار جي قدمن ۾ سِرُ قُربان ڪرڻ ضروري آھي، پر سانگي چئي ٿو تہ، سڄڻ لاءِ ھڪ ڀيرو ڪنڌ ڪٽائڻ مان ڇا حاصل؟ ھزار سِر ھجن ۽ ھر ھر قربان ڪجن:
افسوس ھڪڙو آھي ھجن سِر ھزار جي
ھوند وار وار يار تان ھڪ ھڪ کي وارجي.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1969ع)، ’ڪليات سانگي‘، ص: 76)
ساڳي ڳالهہ شاھ لطيف ھن ريت ٿو ڪري:
مَٿي اُتي منھنجي، جي ھُئا سِرَن سَوَ ھَزارَ،
تہ تنھنجِيءَ تَندُ تنوارَ، ھَرَ ھَرَ وَڍِيُمِ ھيڪَڙو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 3، بيت 13، ص: 651)
مَٿي اُتي منھنجي، جي ڪوڙين ھُونِ ڪَپارَ،
تہ وارِيو وارِيو وَڍِيان، سِسيءَ کي سَوَ وارَ،
تَھ پُڻِ تَندُ تنوارَ، مُونهان مَٿانهُون مَڱڻا.
(شاھواڻي، غلام محمد (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 3، بيت 14، ص: 651)
سانگي، مارئيءَ جي مَن ۾ مارُن جي سِڪ کي تمام بھترين نموني اظھار ڪيو آھي:
چيو ٿي مارئي مارن کان آھيان ڌار، سانوڻ ۾
رهن ٿا دلگهريا منھنجا ڍنگر جي ڍار، سانوڻ ۾،
عُمر آءُ سڙان ٿي تيئن، پسان ٿي جيئن پائر ڏي
وڄون ھر ويل ڪن ٿيون چوطرف چمڪار سانوڻ ۾.
(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1969ع)، ’ڪليات سانگي‘، ص: 270)
ساڳي ڳالهہ شاھ لطيف ڪجهہ مختلف انداز سان پنھنجي رسالي ۾ اڳ ۾ ئي ڪري چڪو آھي:
جھڙي آيَس جِيئن، تَھڙِي مِلان تَنِ کي،
ڦِران، ڦَرَ چارِيان، ھِنيون چَئيم ھيئن،
وَڃان ڪيئن وَطَنَ ڏي، ڪاڻِ لَهَندِيَمِ ڪيئن؟
مُندائِتي مِينهن سُونهان سَرَتِيَنِ وِچَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 6، بيت 2، ص: 578)
سانگي پنھنجي محبوب جي مُک تان پردو ھٽڻ ڪري، اُن جي حُسن جي تجلي جو ذڪر ڪندي ھيئن ٿو چئي:
نڪتو سَحاب مان ڄَڻ خورشيد،
منهن تان جو لاٿو يار نقاب.
(بدوي، احسان، (1963ع)، ’سانگي شخصيت، فن ۽ ڪلام‘، ص: 49)
جڏهن تہ شاھ لطيف، سُر ڪاموڏ ۾ نوريءَ جي حُسن کي بہ سج سان تشبيھ ڏني آھي. سانگيءَ جي مٿيئن شعر ۾ شاھ لطيف جي ھن بيت جو چٽو اثر نظر اچي ٿو:
ھيڏِيءَ وير ڪِئاءُ، ڪِينجُهر ۾ باھ ٻَري،
نَڪو وَرنُ وِڄَ جو، نڪو چَنڊَر اُھاءُ،
لَٿو پاندُ مُهاءُ، ميءِ چڙهندي مَڪُرِي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 3، بيت 1، ص: 281)
نارائڻ شيام (1922ع-1989ع) :
جديد سنڌي شاعرن مان نارائڻ شيام انهن چند شاعرن مان ھڪ آھي، جن ڪشنچند بيوس کان پوءِ جديد شاعريءَ کي نئين واٽ ڏيکاري. ھُو پنھنجي اسلوب ۽ ڏانءَ جي ڪري منفرد شاعر ليکيو وڃي ٿو. ھُو ۽ شيخ اياز، سنڌ جي جديد شاعري توڙي ترقي پسند شاعريءَ جي بنياد وجهندڙن مان آھن.
نارائڻ شيام، اڳوڻي نواب شاھ ضلعي ۽ ھاڻوڪي نوشھري فيروز ضلعي جي ھڪ ڳوٺ، کاھي قاسم ۾، 22 جولاءِ 1922ع تي پيدا ٿيو. نارائڻ جو پيءُ گوڪلداس ناگواڻي ۽ ماءُ جو نالو جمنا ديوي ھو. ھن پرائمري ۽ سيڪنڊريءَ جي تعليم ڳوٺ ۽ نوشھري مان حاصل ڪئي. سندس پيءُ مختيارڪار ھو. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ جي اسڪول ۾ کيس ماستريءَ جي نوڪري ملي. ھُو فارسي پڙهائيندو ھو ۽ فارسيءَ ۾ تمام گهڻو ھوشيار ھو، وٽس سنڌي ۽ فارسي لفظن جو وڏو ذخير ھو، جنھن کيس قابل استاد بڻائي ڇڏيو. نارائڻ شاعريءَ ۾ تخلص ’شيام‘ ڪم آڻيندو ھو. ھُو پنھنجي شاعري، ٻاجهاري سڀاءَ ۽ حليمائيءَ جي ڪري ڳوٺ جي ماڻهن ۾ مقبول ھو.
نارائڻ شيام وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو ۽ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. رهائش لاءِ کيس ميٺارام ھاسٽل ۾ جڳھه ملي. شيخ راز سندس ھم ڪلاسي ھو، اُن مٿس لکيل خاڪي ۾ ڄاڻايو آھي تہ: ”نارائڻ شيام، وڏو اديب، پختو نقاد ۽ برجستو شاعر ھو. ھُو ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جو سرگرم رڪن ھوندو ھو. نارائڻ شيام، صبر وارو شاعر ھو. ھو فطري طرح سادو ھوندو ھو. ھو سادو ۽ سچو ماڻهو ھو. ھن جو رنگ سانورو ھو، ان ڪري ھن پنھنجو تخلص ’شيام‘ (ڪرشن مُراري) رکيو. ادبي محفلن ۾ نارائڻ شيام خوب بهرو وٺندو ھو. ساڻس شيخ اياز بہ ميٺارام ھاسٽل ۾ رهندو ھو. اسان گڏجي شيخ اياز جي ڪمري ۾ ويندا ھئاسون. سندس صحبت ۾ اسان جي خيالن ۾ تبديلي آئي، قديم خيال ڇڏي، نوان خيال اختيار ڪياسون. اسان جا ذھن ۽ دليون بدليون ۽ اسان جدت پسند ٿي وياسون. “ (شاد، 2017ع، ص: 488)
شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام، قديم ڪلاسيڪي شاعريءَ مان بيت، وائي ۽ گيت کي جدت بخشي، گڏوگڏ سنڌي شاعريءَ ۾ نظم، آزاد نظم، ھائيڪو، ترائيل وغيرہ جون صنفون متعارف ڪرايون.
نارائڻ شيام، بي. اي جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري، ايم. اي ۾ داخلا ورتي. 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو تہ نارائڻ شيام بہ پنھنجي وڏي ڪٽنب سان گڏ لڏي ھندستان ھليو ويو. اُتي ھن کي دھلي شھر ۾ پوسٽ ۽ تار کاتي جي اڪائونٽس برانچ ۾ نوڪري ملي. گهٽ پگهار سبب سندس رهڻ سھڻ ڏاڍو سادو ھوندو ھو. قدرتي نظارن جو عاشق ھو. گهر کان آفيس تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڏا وڏا وڻ ھوندا ھئا، جن ۾ پکيئڙا مٺيون مٺيون ٻوليون ڳائي، ماحول کي رنگين بڻائي ڇڏيندا ھئا. ڪڏهن ڪڏهن نارائڻ شيام، آفيس کان موٽندي، وڻن ھيٺيان ويھي پکيئڙن جون لاتيون ٻڌي، شاعريءَ جا خاڪا جوڙي گهر موٽندو ھو. آڌي رات جو اُٿي انهن خاڪن ۾ رنگ ڀري شعر جوڙيندو ھو. ھُو فطرت جو عاشق ھو. اڳتي ھلي ھُو سنڌيءَ جو وڏو شاعر بڻجي ويو. سنڌ ۾ شيخ اياز ۽ ھند ۾ نارائڻ شيام جي ھاڪ ھلي وئي. ھي ٻئي ھمعصر، ھڪ ٻئي جا وڏا معترف ھئا. شيام نوڪريءَ تان 1980ع ۾ رٽائر ڪيو.
نارائڻ شيام جي شاعريءَ جا ھيٺيان مجموعا ڇپيل آھن: ’ماڪ ڦڙا‘ (1953ع)، ’پنکڙيون‘ (1955ع)، ’رنگ رتي لهر‘ (1957ع)، ’روشن ڇانورو‘ (1962ع)، ’ماڪ ڀنا رابيل‘ (1964ع)، ’واريءَ ڀريو پلاند‘ (1968ع)، ’آڇيندي لڄ مران‘ (1972ع)، ’مهڪي ويل صبح جي‘ (1983ع)، ’نہ سو رنگ نہ سُرهاڻ‘ (1987ع)، ’ڏات ۽ حيات‘ (ڀاڱو پھريون - 1988ع)، ’ڏات ۽ حيات‘ (ڀاڱو ٻيو - 1998ع)، ’روپ مايا‘ (2015ع) - پويان ٻئي ڪتاب، نارائڻ شيام جي وفات کان پوءِ ڇپيا آھن.
نارائڻ شيام 10 جنوري 1989ع تي ديهانت ڪيو، وفات وقت سندس عمر 67 سال ھئي، سندس وفات تي شيخ اياز، ’سُر نارائڻ شيام‘ لکيو ھو، جنھن ۾ ھُن ھيٺيون اظھار ڪيو آھي:
تنھنجي رَک کڻي ويون، گنگا جون لهريون،
سنڌوءَ اُٻھريون، ٻانهون ڦھلايون گهڻو!
(جويو، تاج، (2009ع)، ’سُر نارائڻ شيام‘، شيخ اياز (شاعري 4)، ص: 3)
نارائڻ شيام، سنڌي شاعريءَ ۾ وڏا تجربا ڪيا ۽ ڪيئي صنفون متعارف ڪرايون. تنوير عباسيءَ لکيو آھي تہ: ”نارائڻ شيام سنڌيءَ جو اھو نرالو شاعر آھي، جيڪو پنھنجي نرالي اسلوب، لهجي، مزاج ۽ فڪر، ٻوليءَ، موسيقيت ۽ ڪامياب تجربن سبب سنڌي شاعريءَ جي موجودہ دؤر ۾ نرالي ۽ دائمي حيثيت رکي ٿو. “ (عباسي، (1987ع)، ص: 3)
مٿي ذڪر ٿي چڪو آھي، تہ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز سان گڏجي، پرڏيهي صنفن سان گڏ سنڌ جي ڪلاسيڪي صنفن بيت، دوهي، سورٺي، گيتن ۽ واين تي نئين نموني لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس دوهن، سورٺن، بيتن ۽ واين جو اڀياس ڪجي ٿو تہ ھن پنھنجي ڪلاسيڪي دؤر جي ھنن صنفن کي نئين رنگ، نئين شعور سان پيش ڪيو، پر ماضيءَ جي خوبصورت ورثي کي تسلسل ۾ رکندي، اُن ۾ نواڻ ۽ نُدرت آندي. شيخ اياز وانگر نارائڻ شيام جو فڪري محرڪ ۽ رهبر شاھ لطيف ھو. ھن شاھ لطيف مان اتساھ ورتو. سندس بيتن، دوهن، سورٺن ۾ جتي شاھ لطيف جو اثر محسوس ٿئي ٿو، اُتي شاھ لطيف سان عقيدت بہ ملي ٿي. ھن شاھ لطيف جي ڪلاسيڪي ڪردارن ۽ سورمين کي پنھنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو آھي، پر نيو ڪلاسڪ (New Classism) واري انداز سان اھي ڪلاسيڪي صنفون ۽ ڪردار انگريز دؤر تائين ايندي ورجاءَ جو شڪار ٿي ويا، نئين دؤر جي تقاضا ھئي تہ انهن کي نئين انداز ۽ شعور سان پيش ڪجي. نارائڻ شيام اھو ڪردار ڀرپور ادا ڪري، پنھنجي شاعريءَ کي نہ ماضيءَ جو اولڙو ۽ نہ ورجاءَ جو شڪار ٿيڻ ڏنو. اُن جا ڪجهہ مثال ھيٺ ڏجن ٿا.
سُر مومل راڻي ۾ شاھ لطيف چيو آھي تہ:
آکون، ڊاکون، سرکنڊ شاخون، جت چوکا چندن ڪؤنر،
ميي سي ئي ماڻيان، جت نہ ڀرن ڀؤنر،
ڪنواريون ۽ ڪؤنر، ھل تہ پسون ڪاڪ جا!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 2، بيت 12، ص: 522)
ان ھڪ سٽ ۾ مومل جي سونھن نہ بيان ڪندي بہ اڻ سڌيءَ طرح ڪاڪ جي حسين عورتن ۽ مومل جي حسن جو اظھار ٿي ويو آھي. مومل جي حسناڪيءَ کي نارائڻ شيام، ھن ريت نواڻ واري انداز ۾ پيش ڪيو آھي:
سُونھن آھي سدا ڪنواري، شيام!
ڇا ھو مومل کي مينڌري سمجهيو!
(شيام، نارائڻ، (1988ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو پھريون، ص: 293)
سندس عضوو عضوو نزاڪت نزاڪت،
لڳي ڪايا مومل جي مالا گلن جي!
(شيام، نارائڻ، (1988ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو پھريون، ص: 34)
پوئين غزل جي بند ۾ شاھ لطيف جي ’جھڙا گل گلاب جا، تهڙا سندن ويس’، ’عطر ۽ عنبير ۾، تازا ڪيائون تن‘ وارو ھڳاءُ ملي ٿو، پر پيشڪش ۽ انداز، شيام جو نرالو ۽ پنھنجو آھي.
ھيٺين بندن ۾، مومل کي ’جاڳڻ جي تلقين‘ سان ’جهيڻن نکٽن‘ ۽ ’ونين ۾ ٿي ويهه‘ جو ذڪر، نئين ڪلاسيڪي انداز سان ڪري، نارائڻ شيام نہ رڳو پاڻ کي ماضيءَ جي حسين روايت ۽ شاھ لطيف جي تسلسل سان ڳنڍيو آھي، پر شاعراڻي خيال جو خوبصورت اظھار بہ ڪيو آھي.
جاڳ جاڳ مومل ملي، جاڳ سھاڳڻ جاڳ،
موٽي وڃي نہ مينڌرو، پُٺي ڏيئي نہ ڀاڳ!
(شيام، نارائڻ، (1998ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو ٻيو، دوهو، ص: 61)
گذري رات پرھ ڦُٽي، جهيڻا ٿيا نکٽ،
ھير گُهلي، گل ڦل ٽِڙيا، ايندا پڻ پوپٽ!
(شيام، نارائڻ، (1998ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو ٻيو، دوهو، ص: 85)
ونين ۾ ٿي ويھ، واري آءٌ ڍڪيان،
ڪجل ڏيان نہ ريھ، وچ ۾ ٿئي نہ وٿي!
(شيام، نارائڻ، (1998ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو ٻيو، دوهو، ص: 85)
’ونين ۾ ٿي ويهه‘،شاھ لطيف جي سورٺي جو ھڪ پَدُ کڻي، ان ۾ شيام نواڻ اھا ڀري آھي تہ ’ڪجل جي ريھ ڏيڻ سان وچ ۾ وٿِي ٿي ويندي، ان ڪري محبوب کي چوي ٿو تہ اچ اکين ۾ اچي ويھ تہ انهن کي ڍڪي ڇڏيان. ‘ ھيٺيون ھائيڪو، ڪمال جو آھي:
چوڏس چانڊاڻو،
اڳيان رسالو شاھ جو
سُر مومل راڻو.
(شيام، نارائڻ، (1998ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو ٻيو، ص: 45)
ھن ھائيڪي ۾ شيام جي تصور جو ڪمال شامل آھي. شاھ جي رسالي مان سُر مومل راڻو کولڻ سان چوڏس چانڊوڪي ڦھلجي وڃي ٿي. ان ھائيڪو ۾ حسناڪيءَ سان گڏ شاھ جي رسالي ۾ سمايل جماليات جو بہ خوبصورت اظھار موجود آھي. اھڙيءَ ريت شاھ لطيف جي تصور: ’ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي‘ ۽ ’راڻي‘ ۽ ’ڪاڪ‘ جي استعارن کي نارائڻ شيام بيت ۽ وائيءَ ۾ پيش ڪري، ’نئين ڪلاسيڪيت‘ جو ڪھڙو نہ خوبصورت اظھار ڪيو آھي:
شيام! ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽئي،
رات، ڪاڪ جون ڳالهڙيون، ياد ڏياري وئي،
ڏسندي ڏسندي ڪئي، شمعون ٻري اُجهاڻيون.
(شيام، نارائڻ، (1998ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو ٻيو، بيت، ص: 93)
نکري پيو آڪاسُ، راڻو آيو ڪاڪ تي!
ڪنول ڪڪوريا ڪاڪ تڙين اڄ، ڏئي وراڪا واسُ.
راڻو آيو ڪاڪ تي!
مٺڙي مٺڙي مُرڪ فضا جي، سُرهو سُرهو سُواسُ.
راڻو آيو ڪاڪ تي!
صبح جون سونيون باکون جرڪن، سون ورن احساس.
راڻو آيو ڪاڪ تي!
لِڪ ڇپ جون ٿيون راتيون پوريون، بِرھ پُڄائي آس.
راڻو آيو ڪاڪ تي!
سرچي ڪانڌ ڪيو اڄ آھي، نيڻن منجهہ نواس.
راڻو آيو ڪاڪ تي!
(شيام، نارائڻ، (1998ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو ٻيو، وائي، ص: 215)
اھڙيءَ ريت شاھ لطيف، سُر ڪاموڏ ۾ ’نوريءَ ۽ ڄام تماچيءَ‘ جو داستان ڳايو آھي. ان داستان جا لفظ، استعارا ۽ مرڪزي خيال ذھن ۾ سمائي، نارائڻ شيام، شاھ لطيف واري رنگ کي ’نيو ڪلاسيڪيت‘ ۾ ھن ريت پيش ڪيو آھي:
ھاڻِ ککيءَ ھاڻي نہ مُهاڻي،
سڱ سمي جو سُرهو سُرهو!
(شيام، نارائڻ، (1988ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو پھريون، ص: 90)
جُهڪي جنھن جي ڪري شاھي، غريبي مرتبو پائي،
ڪينجهر ۾ گندري نوريءَ سريکي ٻي بہ ڪا آھي؟
(شيام، نارائڻ، (1988ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو پھريون، ص: 125)
اھڙيءَ ريت ’سُر ليلا چنيسر‘، ’سُر سورٺ‘ ۽ ’سُر سھڻيءَ‘ جي شاھ لطيف وارن سُرن جو اثر پڻ نارائڻ شيام ورتو آھي، پر ھوبهو ساڳيا خيال پيش ڪرڻ بدران ھن نئين ڪلاسيڪيت واري انداز ۾ ماضيءَ جي واقعن، عشقيه قصن کي نئين رنگ ۾ پيش ڪيو آھي. مثال طور:
ليلا تان ئي ڄام کنئي دل، آخر جنھن کي ڏسي ڏسي،
ڪونئروءَ کي ليلا سمجهيو ھو، من مهڻي اھڙيائي ڇا؟
(شيام، نارائڻ، (1988ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو پھريون، ص: 203)
چارڻ! سورٺ ناھي راڳُ،
راڳَ لُٽيو سورٺ جو سھاڳ!
(شيام، نارائڻ، (1988ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو پھريون، ص: 70)
قصو قديم آھه ھي، سھڻيءَ جو شيام، پر
ڄاڻي ٿي دل تہ ڪوئي، ٻُڏو ڪئن ۽ تريو ڪئن؟
(شيام، نارائڻ، (1988ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو پھريون، ص: 228)
اھڙيءَ ريت شيام جو ھڪ غزل پيش ڪجي ٿو، جنھن ۾ ھن ’شاھ لطيف جي سمورين سورمين‘ ۽ عشقيه داستانن ۾ جو ذڪر، جديد انداز ۾ پيش ڪيو آھي:
’سورٺ‘ چنگ کي چوريندي،
’ٻيجل‘ جو سِرُ ڪوريندي!
رات ٿڪِي، تارا بہ ٿڪا،
ڏونگر ’سسئي‘ ڏوريندي!
’نُوري‘ جي توريندي مڇّي،
موتين سان ئي توريندي!
گهري، نرم، اُداس نگاھ،
ساري ’ڪاڪ‘ ڪڪوريندي!
’ڄام‘ اڳي پوءِ ’ليلا‘ جو،
’ڪونئرو‘ اورڻ اوريندي!
’مارئي‘ ڀيڻ عمر جي ٿِي به،
مارن لئه جيءُ جهوريندي!
ساھ ۾ سانڍي ’سھڻيءَ‘ کي،
’سنڌو‘ گهورون گهوريندي!
(شيام، نارائڻ، (1988ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو پھريون، ص: 148)
يا وري نظم جي ھيئيت ۾ سھڻيءَ جي حسن جو ذڪر نئين ڪلاسيڪيت واري انداز ۾ ڪيڏو نہ سھڻو لڳي ٿو، جيڪا پيشڪش نارائڻ شيام کي جديد شاعر طور پيش ڪري ٿي، گڏوگڏ پنھنجي ماضيءَ جي شاندار ورثي جي تسلسل طور پڻ سندس خيال جي جدت ظاھر ٿئي ٿي.
نظم:
سُهڻي ميهر جي سچ پچ سھڻي،
سھِڻي سُهڻي قرب ڪڙي وو!
صاف کير جئن جوڀن تُنھنجو،
نرم مکڻ جئن تن من تنھنجو،
کير مکڻ سڀ سھڻي آھي، چنڊ تہ آھي ڇاڇ ڇڙي وو!
چنڊ جي ڪھڙي سُونھن ٻڙِي وو!
نينھن نوازيل اکيون نماڻيون،
ساھ سيباڻيون، سندس رهاڻيون،
ڏسڻ ٻڌڻ کان ئي اڳ جنھن سان، ميهر پنھنجي جان جڙي وو!
تنھن کان ڪئن ٿئي ڌار گهڙي وو!
(شيام، نارائڻ، (1998ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو ٻيو، ص: 289)
اھڙيءَ ريت ’سُتا اٿي جاڳ‘، ’پلئه پايو سچ‘، ’سَر ۽ ھنج‘، ’جاڳڻ منجهان جس‘ وارا شاھ لطيف جا تصور ۽ استعارا پڻ نارائڻ شيام، نئين انداز ۽ نيو ڪلاسڪ روپ ۾ ھن ريت پنھنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪري، پنھنجي ثقافتي، ڪلاسيڪي ورثي سان ناتو ڳنڍيو آھي:
رهئين ننڊ ۾ جاڳندو، جاڳڻ ۾ ڪي جاڳ،
ننڊ نڀاڳيءَ کي ڇڏي، جاڳ تہ لڳئي ڀاڳ!
(شيام، نارائڻ، (1998ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو ٻيو، دوهو، ص: 86)
ڪھڙو سُک سمهڻ ۾، ڪھڙو جاڳڻ جسُ،
جن کي دل ڏکڻي ملي، ويچارن جا وس؟
(شيام، نارائڻ، (1998ع)، ’ڏات ۽ حيات‘،ڀاڱو ٻيو، دوهو، ص: 89)
سوڍو مون نہ سچ، وينجهارن وٽ رهي،
پلئه پايو ڪچ، آڇيندي لڄ مران!
(شيام، نارائڻ، (1998ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو ٻيو، سورٺو، ص: 86)
اُجلي سُرهي سر مٿي، پاڻهي ھنج اچن،
منجهان ھيج ترن اچي، منجهان چوڄ چڳن.
(شيام، نارائڻ، (1998ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو ٻيو، دوهو، ص: 89)
ھي سڀ مثال ’ڏات ۽ حيات‘ جي ڀاڱي ٻئي مان ڏنا ويا آھن، جنھن ۾ نارائڻ شيام جون سڀ شعري صنفون ڏنيون ويون آھن.
ھنن مثالن مان ثابت ٿئي ٿو، تہ نارائڻ شيام تي شاھ لطيف، سندس سُرن، داستانن ۽ ٻوليءَ جو وڏو اثر ھو، پر ھن انهن واقعن، استعارن ۽ علامتن کي پنھنجي دور جي شعور سان سلهاڙي، بيت، دوهي، سورٺي، نظم، وائي ۽ غزل ۾ پيش ڪيو آھي.
نارائڻ شيام تي شاھ لطيف جو ڪيترو اثر ھو ۽ شاھ لطيف جي رسالي کان ڪيترو متاثر ھو، ان حوالي سان سندس شعرن جا ڪجهہ مثال پيش ڪجن ٿا:
رسالو شاھ جو مان ’شيام‘، رات جئن ڪڍي ويٺس،
ڪيو ھُئو پھه ڪو پتنگن، اچي ڪِريا ٿي بتيءَ تان!
(شيام، نارائڻ، (1988ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو پھريون، ص: 217)
اڄ ’شاھ جي رسالي‘ تي، نظرون کُپي ويون،
موٽي صدين کان پوءِ ئي، ڄڻ سنڌ مون ڏٺي!
(شيام، نارائڻ، (1998ع)، ’ڏات ۽ حيات‘، ڀاڱو ٻيو، ص: 251)
نارائڻ شيام کي شاھ لطيف ۽ شاھ لطيف جي رسالي سان ايڏو پيار ۽ ايڏي عقيدت ھئي، جو ھن شاھ لطيف جي رسالي ڏسڻ سان، جلاوطنيءَ ۾ کيس ڄڻ سنڌ ڏسڻ ۾ ايندي ھئي.
نياز ھمايوني (1930ع-2003ع) :
نياز ھمايونيءَ جو اصل نالو مشتاق احمد ھو. سندس والد جو نالو قائم الدين ھو ۽ سندس ڄم پھرين اپريل 1930ع تي شڪارپور جي ھمايون نالي ڳوٺ ۾ ٿيو. نياز ھمايونيءَ جي تعليم ديني مدرسي ۾ ٿي، جتان مذھب کان سواءِ عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ مهارت حاصل ڪري تحصيل حاصل ڪيائين. نياز ھمايونيءَ طب جي پڻ تعليم حاصل ڪئي، جنھن تي پڻ خاصي مهارت رکندو ھو، انهن سان گڏوگڏ ھو سنڌي ٻوليءَ جو قادرالڪلام شاعر پڻ ھو، جنھن ۾ گيت، غزل ۽ ادب لطيف جي صنفن تي گهڻي دسترس حاصل ھيس.
نياز ھمايونيءَ جي شاعريءَ ۾ شھرت، سندس قومي گيتن جي ڪري ٿي. پاڻ نہ صرف شاعر ھو، پر تحقيق ۽ ترجمي تي پڻ چڱو ڪم ڪيو ھئائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’فرهنگ جعفري‘ (1960ع)، ’سنڌ جي طبي تاريخ‘ (1976ع)، ’ملوڪ الڪلام‘
(1977ع)، ’سنڌ نامه‘ (1978ع)، ’تاريخ مظھر شاھ جھاني‘
(1979ع)، ’انتخاب سنڌي شاعري‘ (1987ع)، ’آھوانِ صحرا‘
(1988ع)، ’تاريخ طاھري‘ (1988ع)، ’مقصودالعارفين‘ (1989ع)، ’آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه‘ (1989ع)، ’راھ عشق‘ (1993ع)، ’تاريخ تازہ نواي معارڪ‘ (1995ع)، ’فرهنگ ھمايوني‘ (1996ع) ۽ ’رسالئه اويسيه‘ (1996ع) شامل آھن، انهن ڇپيل ڪتابن کان سواءِ ڪيترائي اڻ ڇپيل ترجمو ۽ طبعزاد ڪتاب سندس پونيئرن وٽ پيل آھن. کيس مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آھن. ھڪ ٻن طبي ادارن ۾ استاد ٿي رهيو ۽ آخر تائين مرڪزي اردو بورڊ حيدرآباد جي ريجنل آفيس سان وابستہ رهندو آيو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي چواڻي: نياز ھمايونيءَ کي سمجهڻ لاءِ سنڌ سان اٿاھ محبت ھجڻ لازمي آھي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’ساڻيھ جي ساک‘ (1975ع) ھڪ ڪلاسڪ جي حيثيت رکي ٿو. سندس اڌمن ۽ جذبن جو تسلسل ڏسجي تہ سندس ڪتاب ’ڌرتيءَ جا گيت‘ (1977ع) پڙهڻ مان سندس خيالن جي سونھن نگري، اوهان جي ذھن کي معطر ڪري ڇڏيندي، ان ھوندي بہ ھُو پنھنجي باري ۾ ھيئن ٿو اظھار ڪري:
آءٌ نماڻو، ھاري زادو، ذات جو ڪوري، نانءُ نياز،
سڀ ڪو ڄاڻي، ڪين ٿو ڄاڻي، ڏنگن وارو ڏانءُ نياز.
(همايوني، نياز، (2009ع)، ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘، ص: 120)
نياز ھمايوني، سنڌ بابت شعوري طور سوچي سمجهي گيت ۽ نظم لکيا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ڀاڱو ٻيو ۾ نياز ھمايونيءَ جي شاعريءَ تي راءِ ڏيندي لکي ٿو تہ: ”نياز، لوڪ گيتن جي اوٽ ۾ اڌما ظاھر ڪيا، ماھيا، ھنبوڇي ۽ جمالو تہ قالب ھئا، انهن ۾ پنھنجي دل جي ڳالهہ ڪندو ويو. “ (جوڻيجو، 2005ع، ص: 577)
نياز ھمايونيءَ جي ٻي خاصيت اھا ھوندي ھئي جو خاص ڪري مشاعرن يا محفلن ۾ پنھنجي شاعري ڳائي ٻڌائيندو ھو، جو سندس آواز ۾ ميٺاج ھو. نياز ھمايونيءَ کي سنڌي ٻوليءَ تي وڏو عُبور حاصل ھو. کيس سنڌ جي وڻن ٽڻن، گلن ڦلن، گاھن، گسن، گهارن، ميدانن ۽ پھاڙن سان پيار ھوندو ھو، ايئن محسوس ٿيندو ھو تہ نياز ھمايوني شاعري ئي سنڌ جي خاطر ڪرڻ لڳو ھو ۽ ھن جو ھر خيال ۽ اڌمو نڪرندڙ سنڌ ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي خاطر ئي ھوندو ھو. ”سندس انقلابي ۽ قومي شاعريءَ ۾ وقت جي ڳالهہ ۽ زندگيءَ جود رد دھرايل ھوندو آھي. “ (گرامي، 1990ع، ص: 499)
ھو پنھنجي خيال ۽ لکڻيءَ جي حوالي سان سنڌي شاعريءَ ۾ انفراديت، خيال جي جدت سان سنڌي ادب ۾ نمايان حيثيت رکندڙ ھو.
غلام محمد گرامي، نياز ھمايونيءَ جي شاعراڻي فن بابت لکي ٿو تہ: ”سندس فن سوز ۽ گداز، رقت ۽ محبت جي نازڪ ترين مسئلن ۽ زندگيءَ جي اھم ۽ دقت پسند معاملن کي رمز ۽ ڪنايي سان بيان ڪرڻ ۾ جي تجربا ڪري چڪو آھي، سي واضح ٿا ڪن تہ سنڌي زبان ۾ اھڙي اھليت ۽ صلاحيت موجود آھي، جا اھڙا پسنديدہ قدر ۽ بنيادي معيار نباھي ٿي سگهي. “ (گرامي، 1990ع، ص: 499)
سندس ٻوليءَ کي سولي ۽ سلوڻي طريقي گيت ۾ مڙهڻ جو ڏانءُ ڏسو:
تنھنجي دنيا سڀ رنگ سانول
مون وٽ روپ نڪو ٻھروپ الا!
تنھنجي دنيا انڊلٺ ريکا،
منھنجي دنيا گدلا بادل،
تنھنجي دنيا سج جا پاڇا،
منھنجي دنيا چنڊ جيان گهايل.
(همايوني، نياز، (2009ع)، ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘، ص: 50)
سندس ٻولي اھڙي تہ سادي، سرل ۽ لس پڙهڻ واري آھي، جو ڪو ٻارڙو بہ پڙهي تہ کيس ڪٿي بہ اٽڪاءُ نہ ٿئي. ھڪڙي گيت جي ٿلھ جي ٻنهي مصراعن ۾ سندس ڏنل تشبيهون:
ساھ کي ايئن ويا سور وٺي، ڄڻ چنڊ کي گرهڻ ڙي ڍوليا!
ھاءِ، اسان جي جندڙي ٿي وئي، پند-پھڻ ڙي ڍوليا!
(همايوني، نياز، (2009ع)، ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘، ص: 74)
سورن کي ’چنڊ-گرهڻ‘ سان تشبيھ ڏئي، جندڙيءَ کي ’پند-پھڻ‘ چوڻ،ڇا تہ خيال آھي ۽ ڪھڙيون انوکيون ٺيٺ تشبيهون آھن، جڏهن سندس ٽھيءَ جا ڪيترا ئي سنڌي شاعر فارسي ٻوليءَ جي ٻاتار ۾ ڦاٿل رهيا.
نياز ھمايونيءَ جو ھڪڙو طويل نظم طويل بحر ۾ ٽھ-مصرائين بندن وارو ’ڌرتيءَ جي دل ڌڙڪي ٿي!‘ جو ھڪڙو بند ھيٺ پيش ٿو ڪجي:
ھِيرُن ھيج مان ھنج ۾ آڻي، لوڏيم لال ھندوري جان،
راتين رمندي لوليون ڏيئي، تاتيم ٻار سدوري جان!
صبح جي گيتن سرت ۾ آڻي، مست بڻايم ڀؤنري جان!
(مهراڻ، شاعر نمبر، (1990ع)، ’ڌرتيءَ جي دل ڌڙڪي ٿي‘، ص: 502)
نياز ھمايونيءَ جي ھن نظم ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي اھنجن ۽ اوکاين جون تصويرون، لفظن معرفت عام ماڻهن ۽ وس وارن کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. نياز ھمايونيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ شاھ لطيف جي شاعريءَ جيان دوها بہ لکيا آھن. سندس ھڪڙو دوهو ھيٺ ڏجي ٿو:
عشق اسان جو صدا ازل جي، اسان بھار جي باک جيان،
مرڻ جيئڻ ۾ جوت اسان جي، سرمستن جي ساک جيان.
(همايوني، نياز، (2009ع)، ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘، دوهو-1، ص: 111)
ھن دوهي ۾ نياز ھمايونيءَ، عشق کي ازل جي صدا سڏيو آھي، پر پنھنجو پاڻ کي بھار جي باک جيان ڦٽندڙ چيو اٿس، پر شاھ لطيف، عشق جي ڳالهہ اھڙي پيرائي ۾ ڪئي آھي، جيڪا ماڻهوءَ کي پنھنجو پاڻ بہ وسارائي ٿي ڇڏي. شاھ لطيف، عشق کي نانگ نپٽ بہ ڪوٺيو آھي:
عشق نہ آھي راند، تہ ڪِي ڪَنِسِ ڳَڀَرُو،
جِيءَ، جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي جو ھيڪاند،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇلِ تہ اَڌَ ٿِئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 19، ص: 118)
شاھ لطيف وٽ عشق جو مقصد ئي ٻيو آھي، جو عشق
ماڻهوءَ وٽ اچي ٿو تہ ھُو جان ۽ جُسي کان بہ لاپرواھ بڻجيو وڃي. نياز ھمايوني ھڪڙي دوهي ۾ ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ کي ھيئن ياد ڪيو آھي:
دوست اسان جي ديس ۾ آيو، ٻيجل جو ٻھروپ وٺي،
اسان انهيءَ لئه ڪنڌ ڪپايو، راءِ ڏياچ جو روپ وٺي.
(همايوني، نياز، (2009ع)، ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘، دوهو-3، ص: 111)
شاھ لطيف وٽ ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ جي ڪھاڻيءَ ۾ تہ راءِ ڏياچ، ٻيجل جي سرندي جي آواز تي اول تہ ٻيجل کي ڪيئي ڏيج ڏيڻ لاءِ تيار آھي، کيس مال، ملڪيت ۽ الائي ڇا ڇا ڏيڻ جي آڇ ٿو ڪري، پر ٻيجل جيڪا صدا ھنئين، سا ھئي سندس سِر جي گُهر، جنھن تي راءِ ڏياچ چيو ھوس تہ ھن سر ۾ تہ ڪجهہ ناھي، ھي سر وٺي توکي ڇا ملندو. شاھ لطيف ان سلسلي ۾ ھيئن ٿو چوي:
جاجِڪَ! تون جُهارُ، ڏَھ ڀيرا ڏِياچُ جي،
جنھن ۾ مالُ نَه مِرِيءَ جيتَرو، تنھن تُون طَمَعدَارُ،
جي اَچيئِي ڪمِ ڪپَارُ، تہ وِيھ ڀيرا وڍي ڏِيَئين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 3، بيت 6، ص: 648)
مٿئين بيت ۾ راءِ ڏياچ، ساز جي آواز تي راضي ٿي ٻيجل (جاجڪ) جي صدا مڃي ٿو وٺي، پر کيس اھو بہ جتائي ٿو تہ سِر ۾ تہ مِرُ جيترو بہ مال نہ ملندءِ. ھو تہ کيس چوي ٿو تہ ڏيانءِ ڏيج ھزار.
نياز ھمايوني بہ شاھ لطيف پاران ڳايل سسئيءَ جي پنهل پويان جبل جهاڳي کيس ڳولهي لهڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا ۽ جبل جهاڳيا، انهيءَ ڳولها لاءِ عورت ذات کي جيڪي تڪليفون پيش آيون ۽ جابلو چارا ۽ لاھا چاڙها، جيڪي پير ئي پٿون ٿا ڪري ڇڏين، انهن جي لاءِ ھن دوهي ۾ ھيئن ياد ڪيو اٿس:
آڏا ڏونگر ڏاڍ الا ڙي! سور ڀلا سھسائي ڪير؟
دنيا پنھنجي ڌن ۾ پوري، روئندن کي پرچائي ڪير؟
(همايوني، نياز، (2009ع)، ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘، دوهو-1، ص: 117)
مٿئين دوهي ۾ سسئي، سورن ۾ آھي، سندس اوس پاس تہ ڪو آھي ڪونه، تنھن ڪري نياز ھمايوني، سسئيءَ کي تڪليف ۽ سور سھندو ٿو ڏيکاري ۽ اھڙو ڪوبہ سندس ويجهو اوڏو ناھي، جيڪو کيس پرچائي ۽ حال ڀائي ٿئي. پر شاھ لطيف جي سسئي تہ پيرن ھلڻ ڇڏيو تہ ھوءَ پنهل کي ڳولهڻ ۽ ڳولهي لهڻ جي لاءِ جسم جي ھر عضوي سان ھلڻ جو پڪو پھه ڪري، جبل جون چوٽيون چڙهندي ڏيکاري ٿو.
ھَٿين، پيرين، مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ ڪَپارَ،
مَتان، ڇوري! ڇَڏِيين، پَرِيَتَڻي پَچارَ،
توکي سَنَدَ سَسُئِي! سَندِي لَنئُون لَغارَ،
جي ھوَنئِي ھوتَ ھَزارَ، تہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنهُونءَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان 5، بيت 2، ص: 359)
نياز ھمايوني، جاڳي نُور نچوئڻ وارن کي جس ٿو ڏئي، ڇو تہ انهن کي سپرين سڪ جا سور ڏئي ويا آھن.
ساري رات سجاڳ رهي، جن نينھن نکاريو نور ڏئي،
ساري رات انهن کي سپرين، سعيو ڪري ويا سور ڏئي.
(همايوني، نياز، (2009ع)، ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘، دوهو-5، ص: 117)
اھا ساڳي ڳالهہ شاھ لطيف، سالڪ جي جاڳي پنھنجي رب کي ياد ڪرڻ وارن جي مٽيءَ بہ مانُ لهڻ جي ڳالهہ ھن ريت ٿو ڪري ۽ پوءِ ڪروڙين سندن سلامي ٿين ٿا:
سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِيو،
اُنِ جِي، عبداللطيفُ چي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙِيين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِه اَچِيو اُنِ جي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 2، بيت 2، ص: 159)
نياز ھمايونيءَ جيئن تہ پنھنجي عمر جو وڏو حصو حيدرآباد ۾ رهندي گذاريو. حيدرآباد جي ٻن پاسن کان سنڌو درياھ ڇيڪ وهندو رهندو آھي. ھن آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ سنڌو درياھ ۾ پاڻيءَ جي چاڙھ، ان چاڙھ ۾ ڇولين جي ڇوھ ۽ ڪنن ڪڙڪن کي ڪنين ٻڌو ۽ اکئين ڏٺو تہ چئي ڏنائين:
دھشت ڌم درياءَ الا! جت وِيرَ وري واسينگ جيان،
آءٌ ڪنھن ميهر سان ملان، مون کي مونجھ ڪيو مرڻينگ جيان.
(همايوني، نياز، (2009ع)، ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘، دوهو-2، ص: 120)
شاھ لطيف، سُر سھڻيءَ ۾ جتي عام رواجي ريتن کي نِنديو آھي ۽ شادي نہ ھوندي بہ سھڻي ۽ ميھار جي ملاقات کي ساراھيو آھي، اُتي ان دور ۾ درياھ جي دھشت، ڪُنن ڪي ڪڙڪن، ويرن جي لهرن جو بہ اثرائتي انداز ۾ بيان ڪيو آھي:
دَهَشَتَ دَمُ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنُ ڪَرِينِ،
ٻِڇَلِ ٻانڊِي ٻارِ ۾، اُتِ لَهرِيُون لوڏا ڏِينِ،
سَناوَرَ سَھِميا، اُتِ سيڻها نہ سَنڊِينِ،
جِتِ وِيرِيُون واٽَ نہ ڏِينِ، اُتِ ساھَڙَ! سِيرَ لَنگهائِيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 2، بيت 5، ص: 227)
ساڳي سُر ۾ ھڪ ٻيو بيت شاھ لطيف ھن ريت ٿو فرمائي:
دَهَشَتَ دَمُ دَرياھ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو،
آھينِ اُنهين پارَ جو، دِلِ اَندَرِ دَڙَڪو،
ڀَڃي سِڪَ سَيّدُ چي، سِيرَ سَندو سَڙَڪو،
والِي! ڪِجِ وَڙُ ڪو، تہ ٻارِ لَنگِهيان ٻاجَھ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 2، بيت 8، ص: 227)
نياز ھمايوني، سنڌي ٻوليءَ جو نھايت سٺو شاعر ۽ تز ۽ سادي سلوڻي ٻولي پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪرڻ تي کيس پورو پورو ملڪو حاصل ھو، جيتوڻيڪ ھُو فارسي ۽ عربي ٻوليءَ جي نصابي تعليم ۾ تحصيل يافتہ ھو، تنھن ھوندي بہ کيس پنھنجي مادري ٻوليءَ تي پوري گرفت ھئي ۽ ھُو بہ سنڌي ٻوليءَ جي پنھنجي ھمعصر شاعرن جيان شاھ لطيف کان نہ صرف متاثر ھو، پر سندس اثر پڻ قبول ڪيو ھئائين.