بِنگو فقير گوپانگ
بِنگو گوپانگ، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو ۽ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو مريد ھو. ڳوٺ وايون لڳ درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نواب شاھ ھاڻوڪي ضلعي نوشھري فيروز جو ويٺل ھو. سندس مزار درٻيلي کان اولهہ طرف لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڳوٺ بهرام گوپانگ جي ڀرسان مُقام ۾ موجود آھي. ڳوٺ بھرام گوپانگ ۾ رهندڙ گوپانگ ۽ ڪلا ذات وارا سڀ ماڻهو کيس ’ڏاڏو بِنگو‘ ڪري سڏيندا آھن. بيت ۽ ڪبت پڻ چيا اٿس:
پُنهل ويو ڙي جيڏيون، ويو ڇڏي زر ۾،
اُٺن رات رڙيون ڪيون، ڀيڄ ڀنيءَ ڀر ۾.
تماچي فقير
تماچي فقير اصل ڪڇَ جو رهاڪو ھو، ۽ شاھ لطيف جو خاص خليفو ۽ سٺو شاعر ھو. پاڻ سڀ کان پھرين ونھيين فقير جت سان گڏجي ڀٽ شاھ تي آيو ھو ۽ شاھ لطيف جو مريد ٿيو ھو. شاھ لطيف کيس واپس ڪڇَ وڃي رهڻ جي ھدايت ڪئي. وفات کان ڪجهہ وقت اڳ شاھ لطيف کيس سڏي پاڻ وٽ رهايو ھو. شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ ھي فقير اوريئڙا ڳوٺ (ڪڇ) موٽي ويو ۽ اُتي وفات ڪيائين، جتي ھينئر سندس مزار عقيدتمندن جو مرڪز بڻيل آھي. تماچي فقير جو ڪجهہ ڪلام پڻ مليو آھي، سندس ھڪ بيت نموني طور ھيٺ ڏجي ٿو:
گهر ڀريوئي گهور، نينهن نماڻيءَ نجهري،
تاڻي تنگ تماچي چئي، اٿي ڏونگر ڏور،
سسئي سڱ سنڍور، ڪر ڪا ٻانهپ ٻاروچل جي.
تَمر فقير (1708ع -1767ع)
تَمر فقير، شاھ لطيف جو ھمعصر ۽ شاھ لطيف جي خاص پيارن فقيرن مان ھو. ڀٽ شاھ تي راڳ جي اڳواڻي بہ سندس ھٿ ھيٺ ھئي. پاڻ راڳ جو وڏو ڄاڻو ھو. سندس اصل نالو حاجي علي ھو، پر شاھ لطيف کيس تمر جو نالو ڏنو.(وڌيڪ ڏسو عنوان: شاھ لطيف جا خدمتگار/فقير، صفحو 167) ان زماني کان اڄ تائين تمراڻي فقيرن جي راڳائي جماعت، شاھ لطيف جي ڪلام جو ڏيھ پرڏيھ پرچار ڪندي رهي ٿي.
ھڪ سٺي راڳائيءَ کان سواءِ، تمر فقير ھڪ سٺو شاعر پڻ ھو. سندس ڪلام ۾ بيت ۽ ڪجهہ وايون پڻ مليون آھن، جن ۾ وڏو فراق ۽ وڇوڙو آھي، جن لاءِ ڊاڪٽر بلوچ جو چوڻ آھي تہ، ’سندس جدائيءَ وارو عرصو سوز ۽ فراق وارو دور ھو.‘ ڊاڪٽر بلوچ، تمر فقير جي پيدائش جو سال 1120ھ/1708ع ۽ وفات جو سال 1181ھ/1767ع ڄاڻايو آھي. سندس وائيءَ ۽ بيت جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو.
وائي:
مُئِي مَ ماريجا! ٻاروچا! ڀنڀور ۾،
ڏکي ڏونگر وٽ سان، چُڪي چاڙهيجا،
سائينءَ ڪارڻ سپرين، محبن ميڙيجا.
بيت:
منھنجو من منجهايو، جتن جي جمال،
وڌو سور سرير ۾، ڪيچين جي ڪمال،
ھوت نہ ڀائي حال، مِٽ نہ موٽيا معذور جا.
پير موسن شاھ جيلاني
پير موسن شاھ جيلاني، ’لوءِ صاحبان‘ (گهوٽڪيءَ) جو عالم عارف ۽ سجادہ نشين ھو، ۽ شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. شاھ جيلاني 1101ھ/1689ع ۾، شاندار جامع مسجد جوڙائي ۽ مدرسو قائم ڪيائين. شاھ لطيف جڏهن ’لوءِ‘ ۾ آيو، تہ انهيءَ مسجد ۾ اچي ٽڪيو ھو، جتي پير موسن شاھ سان سندس روح رهاڻ ٿي ھئي، جنھن ۾ شاھ لطيف مارئيءَ جي سُر مان پنھنجا ڪي بيت پڙهيا، جيڪي پوءِ اتي پيرن وٽ يادگار رهيا. روايت موجب شاھ لطيف، جيڪو پھريون بيت پڙهيو ۽ جنھن پير موسن شاھ تي وڏو اثر ڪيو، سو ھيءُ ھو
زُمر زُخرف سومرا، حمد جني جو ھنڌ،
اھدنا الصراط المستقيم، ايءُ پنهوارن پنڌ،
باري لاھج بند، تہ مِلان ماروئڙن کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، مقدمو، ص: 38)
پير موسن شاھ جي مزار اڄ بہ لوءِ صاحبان ۾ موجود آھي.
جُمن چارڻ (وفات: 1738ع)
جمن چارڻ ولد محمد بخش چارڻ جو جنم ضلعي خيرپور تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ کھڙا ۾ ٿيو. فقير جمن چارڻ پنھنجي دور جو نہ فقط مدح گو شاعر ھو، بلڪہ ھڪ سُگهڙ ۽ مورخ شاعر پڻ ھو. مدح کان سواءِ سندس ٻيو بہ ڪيتروئي ڪلام آھي، جنھن مان ھڪ، قلات جي والي، امير عبدالله خان ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي جنگ بابت چيل آھي.
جمن چارڻ جي خاص خصوصيت اھا آھي تہ ھو، سنڌي شاعريءَ ۾ مدح جو بنيادي عروضي شاعر آھي ۽ رزميه شاعريءَ، فطرت نگاري ۽ واقع نگاريءَ جو پڻ بهترين شاعر آھي. سندس ڪلام ۾ سوز ۽ گداز سان گڏوگڏ، فراق جي ڪيفيت پڻ معلوم ٿئي ٿي. ھو شاھ لطيف جو وڏو ھمعصر ھو.
جمن چارڻ لاءِ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو تہ: ”... ھو نابين، پيرسن، بيمار ۽ نريني اولاد کان محروم ھو. شفايابي لاءِ مدح حضرت پير پيران بادشاھ جي شان ۾ چيائين، جا مقبول پيئي ۽ کيس ارشاد ٿيو تہ، تنھنجو ھڪ سوال آگي جي در اگهندو. سوال ھن ريت ڪيائين:
سوني ٻانهينءَ سان نُنهن، پُٽ جهوليءَ ۾،
ماڙيءَ تي کير ولوڙيندي ڏسان.
ھن سوال ۾ سندس من جي مدعا سمايل آھي.“(سنديلو، 1986ع، ص: 261) سندس ’پير پيران بادشاھ‘ واري مدح گهڻي مقبوليت ماڻي. اھا مدح عروضي شاعريءَ جي آڳاٽي اھڃاڻن مان آھي، اُن جا ڪجهہ بند ھيٺ ڏجن ٿا
روشن ٿيا چوڏهن طبق، ھفتِ زمين ھفتِ فلڪ،
مخلص مريديءَ ٿيا ملڪ، ديو و پري خادم خلق،
يا پير پيران بادشاھ.
تون درگہ خدا جو دفتري، راھ خدا ڪر رهبري،
پَٽ دِينَ دنيا جي دري، واھر ڪيو وهلو وري.
يا پير پيران بادشاھ.
ڪُل پير تي آ پَڳُ سندءِ، عالم سوالي جَڳُ سندءِ،
جُمن مَداحي سَڳُ سندءِ، پيزار جو پَس لَڳُ سندءِ.
يا پير پيران بادشاھ.
(جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، (2004ع)، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، جلد پھريون، ص: 181)
جمن چارڻ جا مقولا، پنج ئي بدنام، پنج ئي مئي مت، پنج ئي سھنج ۽ پنج ئي گهوچائي بہ مشھور آھن. 1151ھ/1738ع ۾ وفات ڪيائين، سندس مزار پير ڪٽبر، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ آھي.
چنيھ فقير اڄڻ (ڄمڻ: 1732ع)
چنيھ فقير اڄڻ، کھڙا شھر جي ڀرسان ويٺل، ھڪ فقير ۽ درويش صفت انسان ھو. ھو شاھ لطيف جي قرب وارن ۾ شامل ھو ۽ تاريخي ماخذن ۾، شاھ لطيف جون ساڻس ملاقاتون پڻ درج آھن.
چنيھ فقير جو پيءُ غنيھ فقير، کھڙا شريف جي ناليواري بزرگ مخدوم عبدالرحمان (شھيد) جو خاص خدمتگار ھو. چنيھ فقير بابت تفصيلي احوال نہ ٿو ملي، البتہ سندس جنم ۽ فقيريءَ بابت ڪتاب ’تذڪرہ مخاديم کھڙا شريف‘ ۾ ڪي روايتون ضرور ملن ٿيون، جن مطابق سندس پيءُ غنيھ فقير، ھڪ ڀيري عيد جي موقعي تي، مخدوم عبدالرحمان لاءِ صبح جو سوير گهوڙو سينگاري حويليءَ ۾ آيو تہ ساڻس گڏ سندس پُٽ بہ ھو. اتفاق سان گهوڙي، ننڍڙي ٻارکي لت وهائي ڪڍي، جنھن ڪري ٻار اتي ئي فوت ٿي ويو. مخدوم صاحب کي جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئي تہ ڏاڍو غمگين ٿيو ۽ عيد نماز کانپوءِ، ننڍڙي جي جنازي نماز پڙهيائين ۽ دعا جا ھٿ بارگاھ الاھيءَ ۾ کنيائين. سال کن کان پوءِ غنيھ فقير کي ھڪ ٻيو پُٽ ڄائو، جنھن کي کڻي مخدوم صاحب وٽ حاضر ٿيو. مخدوم صاحب ننڍڙي ٻار کي پنھنجي ھنج ۾ کڻي، غنيھ فقير کي مخاطب ٿي چيو: ’تون آھين غنيھ تہ ھيءُ آھي چنيھ! جنھن تي جڳ ڍرندا. ھن کي وڌيڪ فيض، درازن ۾ سچل پيدا ٿيندو، اتان ملندو.‘
اھو واقعو سن 1144-1145ھ/1732-1733ع جو آھي. ان واقعي جي ڪجهہ عرصي کان پوءِ، 1145ھ/1733ع ۾ مخدوم عبدالرحمان کي نور محمد ڪلهوڙي پاران سندس 222 مريدن سميت شھيد ڪرايو ويو. چنيھ فقير جي ولادت جي لڳ ڀڳ ستن اٺن سالن کان پوءِ درازن ۾ سن 1152ھ/1739ع ۾ سچل سرمست جو جنم ٿيو. سچل جي ٻالڪپڻ ۾ ئي چنيھ فقير درازن ڏانھن ويو، جتان فيض حاصل ڪيائين. سچل سرمست ۽ چنيھ فقير بابت ھڪ روايت مشھور آھي تہ جڏهن چنيھ فقير، سچل سرمست وٽ پھتو تہ سچل سرمست چيس تہ: ’اسان تنھنجي ’چ‘ ڪڍي ٿا ڇڏيون. اڄ کان پوءِ تون آھين نينھن!‘
چنيھ فقير جي مستقل رهائش، کھڙا شھر جي ڀرسان ھڪ مڪان ۾ ھئي. جيتوڻيڪ ھو شاھ لطيف کان عمر ۾ گهڻو ننڍو ھو، پر کيس شاھ لطيف جي خاص محبت ۽ قُرب حاصل ھو. شاھ لطيف جي ساڻس ھڪ تاريخي ملاقات جو ذڪر تاريخ جي مختلف ڪتابن ۾ درج آھي، جڏهن شاھ صاحب، ميان چنيھ فقير جي کوھ تي اچي منزل انداز ٿيو، جتان پوءِ مخدوم محمدي کھڙن واري ڏانھن ساڻس ملڻ لاءِ ويو. شاھ لطيف ۽ چنيھ فقير جي اھا ملاقات، سن 1159هه-1160ھ/1746ع-1747ع ۾ ٿي، جڏهن چنيھ فقير جي عمر لڳ ڀڳ 15 سال ھئي.
چنيھ فقير ۽ سندس وڏا، کھڙن جي مخدومن جا مريد ھئا ۽ چنيھ فقير کي مخدوم عبدالرحمان شھيد جي دعا ۽ سچل سرمست جو فيض حاصل ٿيو، جنھن ڪري ڪيترائي ماڻهو چنيھ فقير جا مريد ٿيا ۽ اھو سلسلو اڄ تائين سندس اولاد ۾ ھلندو اچي.
حافظ عالي (وفات: 1778ع)
حافظ عالي، قديم وسندي ٽکڙ جو رهاڪو ھو ۽ ذات جو ميمڻ ھو. سندس نالو، يارهين صديءَ ھجريءَ ۾ ملي ٿو. سندس ولادت جي باري ۾ ڪابہ ڄاڻ نہ ٿي ملي، پر بياض مان پتو پوي ٿو تہ ھن بزرگ، سال 1192ھ/1778ع ۾ رحلت ڪئي. سندس قبر شاھ ذڪريا جي مُقام ۾ آھي، جيڪو وسي ملوڪ شاھ (ٽکڙ) کان ڏکڻ طرف ڏيڍ ڪلوميٽر مفاصلي تي لوپ بند ۽ بچاءَ بند جي وچ ۾ آھي. حافظ عاليءَ جي قبر جي ھن مهل ڪابہ نشاندھي ٿي نہ سگهي آھي. پر چيو وڃي ٿو تہ سندس قبر ھن مُقام ۾ ئي آھي. ھي مُقام ديهه ڍنڍڍاڀو يونين ڪائونسل مُلاڪاتيار، تعلقي بُلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي.
حافظ عالي، مومن اسلام ڪوٽيءَ جو شاگرد ھو، جيڪو پڻ شاعر ھو، ۽ نور محمد خستہ کان ٿورو پوءِ ٿي گذريو آھي. حافظ عالي جو سنڌي ۽ فارسي ۾ گهڻو ڪلام ھو، پر جنھن مان ٿورو بچيو آھي. حافظ عاليءَ جي پوئيرن مان حافظ يوسف، حافظ ھارون ’دلگير‘ ۽ حافظ ’بسمل‘ جھڙا باڪمال شاعر پيدا ٿيا. سندس سنڌي شعر علم عروض موجب آھي. جنھن مان نموني طور ھڪ شعر پيش ڪجي ٿو:
سڪ وارن سبق سرئو سالم،
پرت وارن پسيو پراھون پار.
حافظ ميون اسحاق درس :
حافظ ميون اسحاق درس، ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ موجب، ’ميين مشائخ ھوٿي‘ واري ماڳ کان ھڪ ميل ڏکڻ طرف، موجودہ ڳوٺ ’ملڪو دڙو‘، (تعلقي ٽنڊي الهيار) جي ھڪ مڪتب ۾ پڙهائيندو ھو. پاڻ بيحد عبادت گذار ۽ نيڪ ٻانهو ھو. ھڪ ڀيري پنھنجي مڪتب ۾ ٻارڙن کي پڙهائي رهيو ھو تہ شاھ لطيف اچي ساڻس مليو ۽ پڇيائينس تہ: ’ادا پاڙهين ٿو يا کارين ٿو؟‘ حافظ جواب ڏنو تہ: ’سائين! جي کاريندس، تہ بہ لطيف ٿيندا.‘ (يعني جي اکرن ۾ کريا، تہ بہ اخلاق ۾ نيڪ ٿيندا.) شاھ لطيف اشارو سمجهيو ۽ حافظ سان وڏي محبت سان مليو. روايتن مطابق ان کان پوءِ شاھ لطيف ڪيترائي ڀيرا حافظ سان ملڻ لاءِ ويو . سندس مزار ميين مشائخ ھوٿيءَ واري مُقام ۾ آھي.
خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو (1713ع-1774ع)
حضرت سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان ولد حاجي شيخ عبداللطيف نقشبنديءَ جي ولادت، 21 رمضان 1125ھ/1713ع تي ٿي. سندس نسب ٽيهين پيڙهيءَ ۾ حضرت ابوبڪر صديقؒ سان وڃي ٿو ملي. ابتدائي تعليم، پنھنجي پيءُ کان حاصل ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ ٺٽي ويو، جتي مخدوم محمد صادق نقشبنديءَ جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، خواجه محمد ابوالمساڪين جو مريد ٿيو، جلد ئي طريقت جون منزلون طيءِ ڪيائين. ڪجهہ وقت کان پوءِ سندس مرشد کيس خانقاھ تي ويھاري، حرمين شريفين راھي ٿيو. محمد زمان ڪجهہ وقت ٺٽي ۾ رهي، پوءِ اتان لڏي وڃي لنواريءَ ۾ ويٺو. اتي وڃي رهڻ کان پوءِ سال 1149ھ/1736ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪئي. جيئن تہ پراڻي لنواري ڦٽي رهي ھئي، تنھن ڪري 1150ھ/1737ع ۾، نئون شھر ٻڌائي اتي وڃي رهيو ۽ ان جو نالو بہ لنواري رکيائين. خدا جي ڪيتري ئي مخلوق کي فيض ڏئي، 1188ھ/1774ع ۾ وفات ڪيائين.
شاھ لطيف سندس ھمعصر ھو، پر عمر ۾ کانئس وڏو ھو. پاڻ ڪھي لنواريءَ ساڻ ملاقات لاءِ ويو ھو ۽ مريد ٿيڻ جو ارادو بہ ڏيکاريو ھئائين، پر جيئن تہ نقشبندي طريقي ۾ راڳ جي جهل آھي، تنھن ڪري سندس مريد ٿي نہ سگهيو.(وڌيڪ ڏسو عنوان: شاھ لطيف جي زندگيءَ جا واقعا، صفحو 143) روايت آھي تہ، جڏهن بہ خواجا محمد زمان جو ذڪر ٿيندو ھو تہ، شاھ لطيف ھي بيت پڙهندو ھو
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نہ سگهان ڳالهڙي.
خواجه محمد زمان جا 84 سنڌي بيت مليا آھن، جن جي عربيءَ ۾ شرح سندس مريد عبدالرحيم گرهوڙيءَ ڪئي آھي، ان شرح جو ڊاڪٽر دائود پوٽي، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ’ابيات سنڌي‘ جي نالي سان ڇپايو. بيتن جو مضمون صوفياڻو آھي:
جنين ڏٺو پاڻ، تنين ڏٺو سپرين،
غلط اِيءُ گمان، تہ عارف پسي آرسي.
عارف ۽ ’عشاق‘، پسڻ گهرن پرينءَ جو،
جنت جا مشتاق، اڃا اوراھان ٿئا.
روحل فقير (34-1733ع - 1804ع)
ميان روح الله عرف روحل فقير، 1733-1734ع ۾ ڄائو ھو. پاڻ ذات جو زنگيجو ھو. سندس وڏا اصل پنجاب جي ڳوٺ، ’لونگرہ‘ جا ويٺل ھئا، جتان روحل فقير پنھنجن عزيزن سان لڏي اچي، ٿرپارڪر ضلعي جي عمرڪوٽ ڀرسان ڪنھن ڀٽ تي رهيو. جوانيءَ ۾ ميان روح الله ڪجهہ وقت ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي ملازمت ۾ بہ رهيو، جتي ايمانداريءَ ۽ وفاداريءَ ڪري، حاڪم طرفان کيس ڪيترائي انعام ۽ اڪرام پڻ مليا. پاڻ ٻہ شاديون ڪيون ھئائين، جن مان کيس ٻہ پٽ ٿيا.
ھن واقعي جو تعلق، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ميان غلام شاھ ڪلهوڙي ۽ سندس فرزند ميان سرفراز خان سان ڄاڻايو آھي.
ھڪ دفعي روحل فقير جي ڪنھن مائٽ، پنھنجي فرزند کي چيو: ’منھنجي وفات کان پوءِ ھيءَ شال، منھنجي لاش مٿان وجهجانءِ. اھا منھنجي آخري تمنا آھي.‘ ڪجهہ ئي عرصي ۾ جڏهن ان شخص راھ رباني ورتي تہ سندس پٽ لوڀ وچان سوچيو، تہ اھڙي سهڻي شال اجايو لاش مٿان وجهي زيان ڇو ڪريان؟ اولاد جي ايتري خودغرضي ڏسي روحل فقير جي دل کي تڪليف پھتي.
روحل فقير جي دل جو لاڙو، ننڍپڻ کان ئي فقيريءَ ڏانھن ھو، ويتر جو ھي واقعو ڏٺائين سو لاڳاپا لاھي نڪري پيو ۽ وڃي، ميرانپور جي مشھور صوفي درويش، شاھ عنايت شھيد جي درگاھ تي خدمت ۾ حاضر ٿيو. اتي ھن، 25 سال ڏاڍي خدمت ڪئي. راتين جون راتيون بندگي ڪندو ھو. مرشد، روحل فقير جي عقيدت ڏسي مٿس عنايت ڪئي ۽ کيس فرمان ڪيو تہ: ’تون ھاڻ ڀلي وڃ، جتي بہ توکي پنھنجو پاڻ روڪ ٿئي، اتي تنھنجو ٺڪاڻو آھي.‘ فقير، مرشد جي حڪم موجب اتان روانو ٿي ويو ۽ ھلندو ھليو. آخر ھڪ ھنڌ سندس پھراڻ جو پلاند، ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ اٽڪي پيو ۽ فقير لڏو لاھي اتي ويھي رهيو. آخر انهيءَ ھنڌ، ڳوٺ ٻڌجي ويو، جيڪو ڪنڊڙيءَ جي نالي سان مشھور ٿي ويو. ھي ڳوٺ، روهڙي تعلقي ۾ آھي. ڪيترائي ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. خيرپور جي واليءَ، مير سھراب خان جي بہ ساڻس عقيدت ٿي وئي، جنھن ڪوٽ ڏيجيءَ جي ڀرسان کيس زمينون نذراني طور ڏنيون، جيڪي ڪافي وقت سندس عزيزن جي قبضي ۾ رهيون.
روحل فقير، بجيه سنگ جو ھمعصر بہ ھو، بجيه سنگ جوڌپور جو حاڪم ھو. روحل فقير، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي راڄ ڌانيءَ ۾ پنھنجي نھٺائپ، سانتيڪي طبيعت، حرص و ھوس کان پري ھئڻ ڪري، ترقي ڪري وڃي توشا خاني جو ناظر مقرر ٿيو، پر ڪجهہ عرصي گذرڻ کان پوءِ ان عھدي تان دستبردار ٿي ويو ۽ اتان واپس ٿر ۾ عمرڪوٽ جي ڀرسان پدمات جي ڀٽ تي گوشه نشين ٿي گذارڻ لڳو.
روحل فقير، پنھنجي وقت جو وڏو عالم ۽ فاضل، عربيءَ، فارسيءَ ۽ ھنديءَ جو وڏو ڄاڻو ٿي گذريو آھي. جوڌپور ۽ جيسلمير ۾، پنڊتن سان روح رهاڻيون بہ ڪيائين، جتي سندس ڪلام اڄ سوڌو ڏاڍي چاھ سان ڳايو ويندو آھي. ھنديءَ ۾ تہ سندس ڪافي منظوم تصنيفون آھن جن مان: (1) من پرٻوڌ، (2) پريم گيان ۽ (3) انڀؤ ڪافي مشھور آھن ۽ تصوف جي وضاحت ڪن ٿيون. ھو ھڪ سچو صوفي درويش ھو. سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ بہ سندس ڪافي ڪلام آھي؛ جيڪو بيتن، ڪافين ۽ سي حرفين تي ٻڌل آھي. روايت مطابق، 1804ع ۾ ھن فاني دنيا کان موڪلائي ويو. سندس مزار ڪنڊڙيءَ (روهڙيءَ) ۾ موجود آھي.
جن کي عشق اندر ۾، تن کي اڃ نہ بک،
وحدت منجهه وصال جي، سدا ماڻين سک،
ڏور تنين کان ڏک، جي روحل رتا روح ۾.
سيد محمد بقا لڪياري (1723ع – 1783ع)
سيد محمد بقا لڪياري، سيد علي مڪيءَ جي اولاد مان ھو ۽ شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. سيد علي مڪي عباسي خلافت جي دؤر ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ اچي سيوهڻ ويجھو ڳوٺ لڪياريءَ ۾ رهيو. سيد مڪي، راشدي خاندان جو مورث اعليٰ آھي.
سيد محمد بقا لڪياريءَ جي زندگيءَ جو ڪو گهڻو احوال ڪونہ ٿو ملي. پروفيسر لطف الله بدوي صاحب جي لکڻ موجب ھو ننڍي سائدي عرف رسولپور ۾ شعبان 1134ھ/1723ع ۾ ڄائو. مختلف ھنڌن تي وڃي علم حاصل ڪيائين. جڏهن 63 سالن جو ٿيو تہ ھڪ سفر ۾ ڪتابن جي ڀري مٿي تي ھجڻ ڪري دولت جي شڪ ۾ چورن کيس شھيد ڪيو. اھو سال 1198ھ/1783ع ھو. کيس خيرپور رياست جي ڳوٺ شيخ طيب ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. سندس شاھ لطيف سان بہ ملاقات ٿي ھئي. (وڌيڪ ڏسو عنوان: شاھ لطيف جو سير سفر صفحو 128)
سيد محمد بقا ھڪ پختو شاعر ھو، وقت جي شاعريءَ جي روايت سان ڳنڍيل ھو. سندس بيت مارئي، سسئي ۽ مجاز جي موضوعن تي آھن ۽ مٿس شاھ لطيف جو اثر آھي:
اوڏا جي ھئام، تہ نت نياپا آئيا،
سنگهارن سانگ پئي، ونهيا وس ٿيام،
مارو ٿر ٿيام، ڏيان ڏوراپا ڪن کي.
سيد شاھ ولي ٺٽوي (وفات: 1737ع)
سيد شاھ ولي ٺٽوي بن شاھ ابوالقاسم شاھ لطيف جو ھمعصر ھو، پاڻ ھڪ نيڪ ٻانهو ۽ مخدوم رحمتالله ٺٽويءَ جي شاگردن مان ھو. املا، انشاء ۽ شاعريءَ ۾ سندس قابليت مڃيل ھئي. سندس ھڪ تصنيف ’تحفتہ المجالس‘ مشھور آھي. سندس وفات 1150ھ/1737ع ۾ ٿي. تذڪرن ۾ مزار جو ذڪر ٿيل ناھي، گمان آھي تہ سندس تربت مڪليءَ ۾ ھجي.
سيد شھمير شاھ مٽياروي (وفات: 1763ع)
سيد شھمير شاھ مٽياروي، شاھ لطيف جو ھمعصر ۽ وڏو عالم، فاضل ۽ مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ھو. سيد شھمير شاھ، سنت جي زندہ رکڻ ۽ اسلامي مقدمن جي حمايت ۾، تمام گهڻو متحرڪ رهندو ھو. سدائين انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهندو ھو ۽ ھر ديني ڪم لاءِ طالب علمن جي جماعت وٺي ويندو ھو. مولانا سيد شھمير شاھ مٽيارويءَ جي وفات، سن 1177ھ/1763ع ۾ ٿي. سندس تربت مٽيارين ۾ آھي.
شاھ عنايت شھيد (1656ع - 1718ع)
صوفي شاھ عنايت، شاھ لطيف جو وڏو ھمعصر ھو. سنڌ جو ھي ناميارو صوفي، انسان دوست انقلابي درويش، تعلقي ميرپور بٺوري جي نصريه ڳوٺ ۾، 1656ع ۾ ڄائو. شاھ عنايت جو وڏو ڏاڏو ملا صدو لانگاھ ھو، جيڪو ھڪ توڪلي درويش ھو.
شاھ عنايت جوانيءَ جي دؤر ۾، حق ۽ علم جي طلب ۾ پنھنجو وطن ڇڏي، پرديس ويو. سير سفر ڪندو حيدرآباد دکن (ڀارت) ۾ ھڪ درويش شاھ عبدالملڪ سان مليو. ظاھري علم، شاھ غلام محمد کان حاصل ڪيائين. اُھو شاھ عنايت سان گڏ شاھ جھان آباد کان سنڌ موٽيو. شاھ غلام محمد جي عقيدت ۽ شاھ عنايت ڏانھن خلق جو لاڙو ۽ عقيدت، ٺٽي جا ظاھر پرست برداشت ڪري نہ سگهيا ۽ نہ ئي مقامي مُلا، موراڻا، وڏيرا، گادي نشين ۽ حاڪم سھي سگهيا، ڇاڪاڻ تہ ھن ھارين جي ذھنن ۾ ڳالهہ ويهاري تہ ’جو کيڙي سو کائي‘، انڪري سندس خلاف ھڪ سازش سٽي ويئي ۽ اُن ۾ ٺٽي جي نواب اعظم خان ۽ مقامي ماڻهن مان ڪريمي درگاھ جو سجادہ نشين سيد عبدالواسع، وڏيرو نور محمد پليجو ۽ حمل جت شامل ٿيا. سازش گهري سٽيل ھئي. اُنڪري شاھي درٻار دھليءَ مان ’باغين‘ جي پاڙ پٽڻ جو حڪم اچي ويو. سازشين جو مڪومتو ۽ شاھ عنايت ۽ سندس مريدن ۽ جانثارن تي خوني حملو ڪيو ويو.
ھمه اوست جي فڪر سبب بہ، وقت جا عالم سندس خلاف ٿي پيا.
صوفين کان جڏهن ڍل گهري ويئي تہ ھنن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اڳوڻي گورنر، ميرلطف عليءَ کان پوءِ نواب اعظم خان ٺٽي جو گورنر ٿي آيو، ھن ڍل جي اوڳاڙيءَ لاءِ سختي ڪئي. ڍل ڏيڻ کان صوفين پوءِ بہ جواب ڏنو. ھوڏانھن حاڪم جي ڇاڙتن اھو مشھور ڪيو تہ، شاھ عنايت ۽ صوفي فقير پنھنجي خودمختيار حڪومت قائم ڪرڻ گهرن ٿا. بادشاھ لاءِ تہ اھا ڳالهہ گار ھئي. دھلي درٻار کان تنبيھ جو حڪم آيو، پر ھتي بہ تياري مڪمل ھئي، پر تنبيھ جي تياري ھيئن ٿي، جو ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مدد سان مقامي ڇاڙتن، صوفين تي لشڪر چاڙهي موڪليو. ھن حملي ۾ شاھ عنايت جا ڪافي مريد شھيد ٿيا. شاھ عنايت جي مريد، مير جان الله شاھ رضويءَ، مقابلي جي اجازت گهري، پر صوفي شاھ عنايت کيس اجازت نہ ڏني. گهيرو اٽڪل ڇھه مهينا ھليو. ٺاھ جون ڪوششون ٿيون، شاھ عنايت کي قرآن وچ ۾ وجھي، گورنر نواب اعظم خان جي درٻار ۾ گهرايو ويو. اھا بہ ھڪ سازش ھئي. ڳالهين مان جڏهن کڙ تيل نہ نڪتو تہ گورنر نواب اعظم خان، شاھ عنايت کي ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. نواب ۽ شاھ عنايت جي وچ ۾ ٿيل گفتگو ۾، شاھ عنايت ھر سوال جو جواب فارسي شعر ۾ ڏنو، جڏهن ھي ارڏو ۽ اڏول انسان پنھنجي اصول تان نہ ھٽيو تہ جلاد کي اشارو ڪيو ويو. جلاد تلوار مٿي کنئي تہ شاھ عنايت ھي شعر پڙهيو:
رها نيدي مرا از شر ھستي،
جزاک الله في الدارين خيرا.
سر ڌڙ کان ڌار ٿي ويو. ھڪ ٻي روايت موجب، شاھ عنايت جو جڏهن سر قلم پئي ڪيو ويو، تڏهن ھي شعر چيائين:
سَر در قدمِ يار فدا شد چھ بجا شد،
اين بارِ گران بُود، ادا شد چھ بجا شد.
انهيءَ شعر جي شاھ لطيف ’سُر سھڻيءَ‘ جي ھڪ بيت ۾ تضمين ڪئي آھي تہ:
گِهڙي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون بَھاري ٻَنگُ،
’سَر دَر قدَمِ يار فدا شُدِ چھ بَجا شُد‘، وَصُلَ اھو ئِي وَنگُ،
’ايِن بارِ گرِان بُود، اَدا شُد چھ بجا شُد‘ آجو ٿيو سَڀُ اَنگُ،
راتِ جَنِيءَ جو رَنگُ، آران سي اُڪاريين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان 1، بيت 13، ص: 379)
صوفي شاھ عنايت جي شھادت جو واقعو، 16 صفر 1130ھ/8 جنوري، 1718ع ۾ ٿيو. اُن وقت شاھ لطيف جي عمر 28 سال ھئي. شاھ عنايت شھيد جي مزار جهوڪ شريف ۾ آھي.
صابر موچي
صابر موچي، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. ھڪ روايت موجب ھو شڪارپور جو ويٺل ھو. ’سينگار‘ جو ملوڪ شاعر ھئڻ سان گڏ، ’ڏور‘ جو بہ سٺو شاعر ھو. نموني طور سندس ھڪ ’سينگار‘ جو بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
جھڙا گل گلاب، انهان وڌ اعليٰ پرين،
پسي ميٺ دھن دوست جو، مجرو ڪيو مهتاب،
ڪيسن ساڻ قريب جي، ڇا ڪارنهن پُڄندي ڪاف،
ڪن پيا ويس وڏاندرا، صابر چئي سر صاف،
ذلف اڳتون زاف، اچي ڪونہ عجيب جي.
شاھ لطيف جو ھيٺيون بيت پڻ ان موضوع تي آھي
جِهَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿَن ويسَ،
چوٽا تيل چَنبيلِيا، ھا ھا ھو ھَميشَ،
پَسِيو سُونهن سَيّدُ چي، نينهن اَچَنِ نيشَ،
لالڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اُکَرُ نَه اُڄھي.
(شاھواڻي، غلام محمد ڊاڪٽر، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 3، بيت 1، ص: 524)
صالح فقير گوهري
صالح فقير، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. ڪڇ جي گوهر نالي ڳوٺ جو رهاڪو ھو، ان ڪري گوهري سڏجڻ ۾ آيو. پاڻ ڀٽ تي اچي رهيو ۽ شاھ صاحب جي وفات کان ڪجهہ وقت پوءِ ھي جھان ڇڏيائين.
سندس بيت رسالي جي سُر ڌناسريءَ ۾ شامل آھن:
لويون ليڙا اک جون، اڃا آلڙيون،
ڪين پائيندي ڪامڻي، ويھي والڙيون،
ڇڏ ڳرهي ڳالڙيون، وڃي مَنهَه ماروئڙن جي.
عارف ڪلهوڙو (وفات: 1794ع)
عارف ڪلهوڙو، سنڌ جي آخري ڪلهوڙي حاڪم ميان عبدالنبيءَ جو پٽ ھو. ميان عبدالنبي جڏهن افغانستان ڏانھن ڀڳو ھو تہ جيئن ھو سنڌ خلاف اٿندڙ بغاوتن کي منهن ڏيئي سگهي، جنھن لاءِ ھن، مدد خان پٺاڻ کان مدد گهري. ان وچ ۾ جوڌپور ۽ قلات جي حڪمرانن، سنڌ جي خلاف ڪامياب بغاوتون ڪيون. مدد خان پٺاڻ ان صورتحال ۾، ميان عبدالنبي کان زر ضمانت گهري، جنھن لاءِ ھن کيس ٻڌايو تہ اسان جي قلعن جي ديوارن ھيٺيان دنيا پوريل آھي. چون ٿا تہ مدد خان، انساني خون وهائڻ سان گڏ، ڪلهوڙن جي قلعن کي پڻ نيست نابود ڪري ڇڏيو. عارف ڪلهوڙو پوءِ، 1794ع ۾ ھڪ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. سندس قبر، ضلعي مظفر ڳڙهه ۾ آھي. عارف ڪلهوڙو، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو.
قاضي عبدالڪريم:
قاضي عبدالڪريم، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. ھو ڳوٺ ڪنڊا کاھيءَ (ضلعي نوشھرو فيروز) جو وڏو عالم ھو. ڪلهوڙن جي پوئين دور ۽ ميرن جي شروعاتي زماني ۾ ٿي گذريو آھي. سنڌي نثر ۾، دعائن جو ھڪ ڪتاب لکيائين ۽ الف اشباع جي نظم ۾ سورة ياسين جو ترجمو ۽ تفسير لکيائين. سندس نظم سادو آھي، پر سليس ۽ نج سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل آھي ۽ ساھتي پرڳڻي جي سنڌي محاوري جو قديم ۽ عمدو نمونو پيش ڪري ٿو:
ساراھجي سبحان کي، ساراھ جنھن جڳاءِ،
نازل ڪيائين نور نبيءَ تي، ڪامل قرآنا.
قاضي محمد ڪامل اول:
قاضي محمد ڪامل اول، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. ھو اصل کاھي راھو، ضلعي نوشھري فيروز جو ويٺل ھو ۽ ڪلهوڙن جي دور جو وڏو عالم، فقيھ ۽ شاعر ٿي گذريو آھي. شاھ لطيف جي ساڻس ڏاڍي محبت ھوندي ھئي. ڳوٺ کوڙي شريف جي اوڀر طرف مُقام ’پير ميان الياس‘ ۾ دفن ٿيل آھي.
محمد پناھ رِجا:
محمد پناھ رِجا، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو ۽ ھڪ وڏو شاعر ۽ اديب ھو. لطافت طبع جي ڪري سندس شاعري ڏاڍي وڻندڙ ھئي. سندس شاعريءَ جا موضوع، مقصديت ۽ فڪر جي بلندي جا اعليٰ مثال آھن. کيس نھايت قربائتو انسان ۽ محفل جو مور سمجهيو ويندو ھو.
محمد پناھ ’رَجا‘ ھيٺين ٻن شعرن جي پوئين سِٽ مان شاھ لطيف جي رحلت جو سال ڪڍيو:
زد نعرہ در فراق دگر کرد سينہ چاڪ
’شد محو در مراقبہ جسمِ لطيف پاڪ‘ 1165
گفت اين ’رَجا‘ مريد سن ارتحال پير
’گرديد محو عشق وجودِ لطيف مير‘ 1165
يعني: ’وڇوڙي ۾ ڪوڪ ڪيائين ۽ پڻ سينو ڏاريائين، ڇو تہ پاڪ لطيف جو جسم مراقبي ۾ محو ٿي ويو.
محمد شريف راڻيپوري:
محمد شريف راڻيپوري، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. ھي بزرگ راڻيپور جو ويٺل ھو. 1160ھ/1747ع ۾، الف اشباع واري نظم ۾ ھڪ ڪتاب لکيائين، جنھن کي ’مُلائين سنڌي‘ سڏجي ٿو. اھو ڪتابڙو، مخدوم عبدالرحيم مڱرئي (گرهوڙيءَ) جي رسالن سان گڏيل ملي ٿو. ان ڪري عام طور ان کي گرهوڙيءَ جي سنڌي سمجهيو ويندو آھي. مولوي فقير متعلويءَ، ان کي جدا ڪتابي صورت ۾ ڇپايو آھي.
ھن ڪتاب ۾ محمد شريف، عام ملن جي ظاھري روش کي ننديو آھي، جيڪي قرآن ۽ حديث کي ڇڏي، فقہ جي ٻين مسئلن کي اُڀارين ٿا. نظم ۾ ھن جابجا قرآني آيتون ڏيئي، دليلن سان ديني مسئلن کي سمجهايو آھي. نظم جا شروعاتي بند آھن:
ملو چئجي تن کي، جي وات پڙهن وائي،
اندر نہ آھن اکيون، سمجهہ نہ سڀائي،
گهڻي خلق خدا جي، مُلن مُنجهائي،
ھڪڙا چون ھيڪڙي، ٻين ٻيائي.
ان نظم ۾، علماء سوءِ جي مذمت ڪئي وئي آھي ۽ صوفياءِ ڪرام جي تابعداريءَ تي زور ڏنل آھي. بقول دين محمد وفائي جي، ھي اھو زمانو ھو، جنھن ۾ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي ۽ شاھ لطيف زندھه ھئا ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت جو دور ھو.
مخدوم ڀاون شاھ
مخدوم ڀاون شاھ، ملتان جي سھروردي غوثيه درگاھ جو سجادہ نشين ھو، جنھن سان شاھ لطيف فقير ڏاتار ڏني سان گڏجي مليو ۽ صحبت ڪئي. اھا ملاقات سن 55-1154ھ/42-1741ع وارن سالن ۾ ٿي.
مخدوم دين محمد سيوهاڻي:
مخدوم دين محمد سيوهاڻي، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. مخدوم دين محمد، ھڪ وڏو عالم، صوفي ۽ سھروردي طريقي جو درويش ھو. مخدوم صاحب، شرعي حڪمن جو ايڏو تہ پابند ھوندو ھو، جو ميان نور محمد ڪلهوڙي کي شرعي فيصلن ۾ کانئس مشورو يا فتويٰ وٺڻي پوندي ھئي. شاھ لطيف سيوهڻ ۾، مخدوم وٽ تمام گهڻو وقت وڃي رهندو ھو ۽ پاڻ ۾ رهاڻيون ڪندا ھئا. شاھ لطيف جي ھن وڏي عالم سان ايڏي تہ محبت ھئي جو ھڪ دفعي ھڪ ٻئي جون دستارون بدلائي، پاڻ ۾ ’پڳ مَٽ يار‘ بڻيا.
مخدوم صابر ولهاري:
مخدوم صابر ولهاري ھڪ وڏو عالم، درويش ۽ نقشبندي طريقي جو مُرشد ھو. مخدوم صابر سان شاھ لطيف جي ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن شاھ لطيف سفر ۾ ھو ۽ مخدوم پنھنجي تر ۾، شاھ لطيف جي اچڻ جو ٻُڌي ساڻس ملاقات لاءِ آيو. مخدوم صابر ولهاريءَ جو مقبرو ٽنڊي الهيار کان ميرواھ روڊ تي 28 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي شيدي ھوٽل اسٽاپ کان لڳ اولهہ طرف تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ آھي، مزار جي سامهون عالم بلوچ فارم ھائوس آھي، جيڪو ھن وقت زرداري فارم ھائوس سڏجي ٿو، ميان صابر ولهاريءَ جي مزار جي چؤطرف پراڻيون ڊٺل قبرون جهجهي تعداد ۾ آھن.
مخدوم ضياءُ الدين (1677ع –1757ع)
مخدوم ضياءُ الدين بن مخدوم ھارون 1091ھ/1677ع ۾، سنڌ جي قديم شھر جُوڻ ۾ ڄائو. ھو حضرت شيخ شھاب الدين سھرورديءَ جي اولاد مان ھو ۽ سھروردي مسلڪ رکندو ھو. پاڻ شاھ لطيف جو ھمعصر ھو.
مخدوم ضياءُالدين، ٺٽي جي مشھور عالم ۽ فاضل مخدوم عنايت الله کان تعليم حاصل ڪري، پنھنجو مدرسو کوليو. سنڌ جو يگانو عالم ۽ بزرگ ھستي، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي بہ سندس شاگردن ۾ اچي شامل ٿيو.
پاڻ 1171ھ/1757ع ۾ اَسي ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس فرزند ميان يار محمد ۽ سندس پوٽو ميان غلام محمد بہ وڏن جي نقشِ قدم تي ھلي، وڏي مان ۽ مرتبي وارا ٿيا.
مخدوم ضياءُالدين جو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب: ’مخدوم ضياءُالدين جي سنڌي‘ آھي، جنھن ۾ ھن نہ رڳو وضوءَ ۽ نماز جا مسئلا سمجھايا آھن، پر ٻيا بہ ڪيترا مسئلا، عقيدا ۽ فرض بيان ڪيا اٿس. مثال:
ڏهن ورهن جو جي ٿئي تہ مر اُن ماري،
ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي.
مخدوم ضياءُالدين وٽ لفظن جو ذخيرو، لب ۽ لهجو، ضميري پڇاڙيون لاڙي لهجي واريون آھن. مخدوم ضياءُالدين جي سنڌي موجودہ صورتخطيءَ کي بنھ ويجهو ھئي، ان ۾ ھڪ جھڙائي پڻ ھئي. ٻين عالمن پنھنجن ڪتابن ۾ مختلف ھنڌن تي الف - ب حرفن تي مختلف نمونن سان نڪتا ڏنا آھن. مخدوم، ٺٽي جو رهاڪو ھو. اُن وقت علمي حلقن جي گفتگو جو انداز ۽ لفظ ڪھڙا بہ ھئا، پر ھن صاحب پنھنجي ’سنڌي‘ نج لاڙي لهجي ۾ لکي آھي:
ھنج ھڪلج اُن کي، جي اُو ٿئي اُمارو.
مخدوم جي، الف اشباع واري مذھبي حوالي سان شاعري بہ ججھي انداز ۾ ملي ٿي، جنھن ۾ نماز جي فرضن، سنتن ۽ واجبن کان سواءِ قضا، وضوءَ، غسل وغيرہ لاءِ بہ سمجهايل آھي. جيئن ھيٺين سٽن ۾ ڏنل آھي:
جي نہ رسين امام کي، تہ ڇڏج سنتا،
ڪج اقتدا امام سين، فرض کي رسجا،
ري فرض سنت کي، قضا ناھي روا،
ڏني انهي قول تي، عالمن فتويٰ.
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1739ع - 1778ع)
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. ھو تفسير، حديث ۽ فقہ جو عالم ۽ نقشبندي طريقي جو صوفي ھو. سندس مائٽ مڱريي قبيلي جا وڏا زميندار ھئا. مخدوم پنھنجي ڪلام ۾ ڪٿي پاڻ کي عبد، عبدالرحيم، گرهوڙي تہ ڪٿي وري مڱريو سڏيو آھي:
ڄاڻ وڃايو ٽاڻ، ڪيترن راھ گم ڪيو،
ان در مٿي، ’مڱريا‘، پاڻ مَ کڻج ساڻ،
روڄاڻي راڄاڻ، آھي اٻوجهن جو.
مخدوم کي گرهوڙي ان ڪري ٿا سڏين، جو گرهوڙ جو رهاڪو ھو. گرهوڙ، تعلقي ساماري (اڪڙي) ۾، پٿوري جي اسٽيشن کان ڇھ ميل پري آھي، جتي ھينئر سندس عاليشان قبو آھي. چيو وڃي ٿو تہ مخدوم گرهوڙي، پنھنجي ھمعصر عالمن کي ليکي ۾ ئي ڪين آڻيندو ھو ۽ وقت جي پيرن، فقيرن ۽ ساداتن جي پرواھ نہ ڪندو ھو. ھڪ ڀيري گرهوڙ کان ڪھي، لنواريءَ ۾ آيو ۽ محمد زمان لنواريءَ جو اچي مريد ٿيو ۽ پوءِ وڏي روحاني منزل تي وڃي پھتو. پوءِ چوندو ھو تہ، ’مون کي فخر ھوندو ھو تہ مون جھڙو عالم ملڪن ۾ ڪونہ لڀندو، پر جڏهن حضرت جن جي روبرو ٿيس، تڏهن سڀ ڪجهہ وسري ويو. سندن اڳيان پاڻ کي اھڙو ھيچ سمجھندو ھوس، جھڙو جاھل ڪنھن فاضل اڳيان.‘
ھڪ ٻي روايت آھي تہ، گرهوڙ کان 60 ميل جي مفاصلي تي ٿرپارڪر ضلعي ۾ ھڪڙو مئخانو ھوندو ھو، ان مئخاني جو سنڀاليندڙ ھڪڙو زبردست جادوگر جوڳي ھوندو ھو، جنھن جادوءَ جي زور ۽ ڪرتبن سان، ڪيترائي مسلمان ھندو ڪري ڇڏيا ھئا. مخدوم پنھنجي ويجھڙائيءَ ۾ ٿيندڙ اھا ڳالهہ سھي نہ سگهيو، تنھنڪري ان تي حملو ڪيائين. جوڳي مارجي ويو ۽ بتخانو ڀڃي زمين دوز ڪري ڇڏيائين. ان مقابلي ۾، مخدوم صاحب بہ تيرن ۽ تلوارن سان زخمي ٿيو ۽ اتي ئي وفات ٿيس. وفات کان اڳ، مخدوم صاحب فرمايو ھو تہ: ’جي ھيءَ مڙهي ڊٺي تہ بہ فتح فقير جي، جي ھوءَ مڙهي ڊٺي، تہ بہ فتح فقير جي.‘ گرهوڙيءَ جي مزار، گرهوڙ ۾ آھي. جتي سندس قبو، مير احمد خان شاھواڻيءَ ٺھرايو ھو.
مخدوم عبدالرئوف ڀٽي (1682ع - 1752ع)
مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو ۽ مولودن جو مشھور شاعر ھو. سندس ولادت 1682ع ڌاري ٿي ۽ وفات 1752ع ۾ ڪيائين. سندس مولود، ڪافيءَ جي سٽاءَ ۾ بہ آھن تہ علم عروض موجب بہ. ان کان سواءِ مدحون بہ چيون اٿس، جيڪي الف اشباع جي انداز ۾ آھن. ھيٺ علم عروض موجب چيل ھڪ مولود مثال طور ڏجي ٿو:
محمد ڏسي من ٺاريان، جنھن لاءِ اڪنڊيو آھيان،
سيد ڏسي سڪ لاھيان، جنھن لاءِ اڪنڊيو آھيان.
ھي مولود بحر ’رجز مثمن سالم‘ ۾ آھي. اھڙيءَ طرح جيتوڻيڪ ڪن مولودن ۾، علم عروض وارو وزن اختيار ڪيو اٿس، پر فني سٽاءَ ڪافين واري رکي اٿس. پاڻ ٻئي حج جي موقعي تي مديني منورہ ۾ 1752ع ۾ وفات ڪيائين. کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ ھو.
مخدوم عبدالله ’نرائي (نري وارو)‘ (1737ع-1821ع)
مخدوم عبدالله نرئي وارو، اصل ۾، بدين ضلعي جي ھڪ ڳوٺ، مانڌر ۾ ڄائو. تعليم ٺٽي ۾ ورتائين ۽ پوءِ ڪڇ ھليو ويو ۽ ڳوٺ نرئي ۾ رهڻ لڳو. ھي صاحب ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جو باڪمال عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آھي. ھي شاھ لطيف جو ھمعصر شاعر پڻ ھو. ڪڇ ضلعي جي ابڙاسي تعلقي ۾ ’سٿري‘ نالي ھڪڙو ڳوٺ آھي، جيڪو عربي سمنڊ جي ڪناري تي آباد آھي. اتي ھڪڙي ننڍڙي ورانڊي ۾ ٻہ قبرون جوڙيل آھن، جن مان چيو وڃي ٿو تہ، ھڪڙي قبر ميين عبدالله جي آھي. سيمنٽ جون ٺھيل ساديون قبرون آھن. سٿري ڳوٺ، ڪڇ جي ھيڊڪوارٽر ڀُڄ کان، الهندي طرف 92 ڪلوميٽر پري آھي. ابڙاسي تعلقي جي ھيڊ ڪوارٽر ’نليا‘ کان 27 ڪلوميٽر پري آھي. ھن ڳوٺ جي ويجهو ٻيو ھڪڙو وڏو ڳوٺ ’ڪوٺارو‘ آھي، جيڪو اوڀر ۾ 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. مخدوم عبدالله اسلامي تعليم ۽ تاريخ تي 14 ڪتاب لکيائين. جن ۾، ڪنزالعبرت، 1175ھ ۾ لکي پورو ڪيائين، ان کان سواءِ سندس ٻيا ڪتاب بدرالمنير، ’قمرالمنير‘، غذوات، خلفاءِ راشدين، قصص الانبياءَ، خزانااعظم، خزانة الابرار، خزانة الروايات، تنبيہ الغافلين، معيار سالڪان طريقت، نورالابصار، ھفت بهشت ۽ تفسير يوسف. انهن ۾ نعتيه بيت بہ ملن ٿا. جنھن ۾ ڪتاب ’قمرالمنير‘ سڄو ’ن‘ قافيه جو آھي. ان ۾ معراج جو واقعو بيان ڪندي براق جي واتان چوايو اٿس تہ:
جي گهڻو سياڻا گوهر، اي دادلو ڏڻين،
مولي سندو محبوب جو، سو سڀئي سڃاڻن،
اکين تي آءٌ کڻان، پيزارون پرين.
ڪتاب غذوات ’الف اشباع‘ ۾ آھي، جنھن ۾ پاڻ سڳورنؐ جي ساراھ ڪندي چوي ٿو تہ:
ورنہ سندي واکاڻ جي، ناھ نھايت ڪا،
آھي آڳاندو عاجزين، منجھ دين ۽ دنيا.
ان کان سواءِ، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پاڻ اُھو پھريون شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آھي، جنھن حضرت امام حسينؓ جي شھادت جو قصو، سنڌيءَ ۾ لکيو آھي. مطلب تہ مخدوم نہ صرف ھڪ باشرح ۽ پرهيزگار بزرگ ھو، پر ھن مذھبي ادب جي ھر صنف تي تحقيقي ڪتاب لکيا آھن، جنھن مان سندس عظمت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاڻ 1821ع ۾ وفات ڪيائين.
مخدوم عبدالله ’واعظ‘ (1736ع - 1763ع)
مخدوم عبدالله عرف ميان موريو، ميان عبدالقادر جو پُٽ، ٺٽي جو رهاڪو ھو. ميان عبدالقادر، مخدوم ابوالحسن جو سڳو سؤٽ ھو تہ، ھڪٻئي جا ڀيڻويا بہ ھئا. اھڙيءَ ريت مخدوم عبدالله ’واعظ‘، مخدوم ابوالحسن جو ڀاڻيجو ھو. شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. ديني تعليم، مخدوم ابوالحسن کان حاصل ڪيائين. سندس استاد، مخدوم ابوالحسن جو ساڻس ڏاڍو پيار ڪندو ھو، تنھن پنھنجي جيئري ئي کيس پيش اماميءَ جي پڳ ٻڌرائي ھئي. 1150هه /1736ع ۾ ڄائو ۽ 1177ھ/1763ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين. عام طرح واعظ ڪندو ھو. انهيءَ ڪري کيس ميان عبدالله واعظ ڪري سڏيندا ھئا. ’ڪنزالعبرت‘، ’بدرالمنير‘ وغيرہ ڪتاب ڏانهس منسوب آھن، پر اھي دراصل مخدوم عبدالله نرئي واري جا تصنيف ٿيل آھن. ھڪ ٽيھ اکري بہ ڏانهس منسوب ملي ٿي، جيڪا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ٽيهه اکريون، ڀاڱو پھريون ۾ نقل ڪيل آھي، ان مان ھڪ بيت نموني طور ھيٺ ڏجي ٿو:
دائم درماندن تي، نرمل نظر ڪريج،
اوکي ويل اڙين کي، راحم تون رسيج،
سڻي منھنجا سڏڙا، واھر ٿي وريج،
حسني منجهان ھيج، ڪا مدد ڪر مريد سان.
مخدوم غلام محمد بگائي (وفات: 1768ع)
مخدوم غلام محمد بگائي، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. وڏو عالم فاضل ۽ عاشق رسول ھو. سندس چيل مولود، معجزا ۽ مداحون سڄيءَ سنڌ ۾ مشھور آھن.
’بگائي‘، تعلقي موري جو ويٺل ھو. سندس ولادت، ٻارهينءَ صديءَ ھجريءَ جي بلڪل آخر ۾ ٿي. پاڻ 1182ھ/1768ع کان ڪجهہ پوءِ وفات ڪيائين. سندس مزار شاھ پور جھانيان لڳ مُقام ۾ سيد محمود شاھ جهانيان جي مقبري جي ڏکڻ طرف آھي.
جڏهن نور محمد ڪلهوڙي، مخدوم عبدالرحمان کي سن 1145ھ/1732ع ۾ 222 مريدن سميت شھيد ڪرايو، تہ مخدوم بگائيءَ سندس شھادت تي درد ڀريو مرثيو لکيو، جنھن ۾ شھادت جو واقعو نھايت درديلي انداز ۾ بيان ڪيائين. ميان نور محمد ڪلهوڙي تي ڇوھ ڇنڊيندي، کيس خوب ننديائين. اھو مرثيو محمودآباد (لڳ موري) ۾ جمع نماز کان پوءِ مسجد ۾ نور محمد ڪلهوڙي جي روبرو پڙهيائين. کيس مخاطب ٿي چيائين
جي ناحق بيديني ڪيئي - نورو نا وجها
خطا جو خون سڻي - تان ڪر تحقيقا
جي ھوند مارائيي حق تي - گذريو گواھ
ايئن شرع خون ٿبو ڪيو - موجب مسئلا
تہ پڻ ماريندڙ ماراءِ تون - ڪڍي ڪتابا
اِنّ النّفسَ با النفس - ڪارئو قصاصا
ٻہ سئو ٻاويھ ڪيئن - مومن ماراياءِ
خائن! ھڪڙي خون ۾ - اچي مت موڙهياءِ
جئن ھاڃو ڪن ھڪڙا - ڏجن ٻاڻ ٻيا
سي ساوائي سڪي وڃن - ٿين ڀينگ ڀونگا
جي قاضيءَ قريشيءَ سينءِ - تعصب تپت تاءُ
تہ ڇو ڪيائين دين جي - رونق روّا جا
تہ مارائي مخدوم کي - پنھنجي ڳالهہ پڄاءِ
ڇا کي غازي غربا - مؤمن مارياءِ
ثابت شرع جنھن تي - ڪاريو قصاصا
انهيءَ عيوض ۾ - اُھو ڪوٺي ھوند ڪُھاءِ
وَلاَ تَزِ رُ وذِرّة وِزِرَ اُخريٰ - ھوند پير پُرجهي پاءِ
ڇٽ ڇنئي طرحي - ٻيڙي ٻوڙاياءِ
شال نہ ھوندءِ سرخرو ئي - ڪوڙهيا ڪان پياءِ
پارئون پيغمبر پاڪَ جي - اوڀالا اينداءِ
شافع جي شرع ۾ - جيڏي جاڙ ڪڍياءِ
ويئي حڪومت ھٿ مان، پاپي پٽ مرنداءِ
ڊني ڊاءِ نہ ربّ جي - سوريا سيخ ڪياءِ
آبرو اسلام جي ڪوڙهيا - ڪوهه ڪڍاءِ
ھُل حاويليءَ ڇڏيو - سنڃي ٿيهءِ سراءِ
نورو ھٿان نڪري - ڳھلا ڳالهہ وياءِ
جي ٿي شمع شرع جا ٻريا - سي ڪيئن اجهاياءِ
مشعل مومنن جا - قاضي ڪوھ ڪُٺاءِ
ڪاتي پوندءِ قھر جي - ٻنڀئون ڪا ٻَرندياءِ
جيڏي ڪيئه جهان ۾ - آڏي سا ايندياءِ
اچي ڪڙڪي قھر جا - گهوڙا گهر پوندياءِ
ھيڏي ڦُر نہ ڦٻندئي - جي تو ڀيلارا ڀانياءِ
مارو مڱر ظلم جي - ٻارڻ ٻارياءِ
ظالم زور زيان سين - سنڌ ساري سڪاياءِ.
(مخدوم شبير احمد، پروفيسر، (2005ع)، ’تذڪرہ مخاديم کھڙا شريف‘، ص: 127-128)
مخدوم بگائيءَ مٿئين مرثيي کان سواءِ، پاڻ سڳورنﷺ جي ولادت بابت ھڪ ڊگهو نظم لکيو ۽ ’قصيدہ بردہ شريف‘ جي منظوم شرح پڻ لکي. ڪيترائي معجزا، مولود ۽ ٻيو نعتيه ڪلام لکيائين. سندس ڪلام ۾ سيرت نگاري ۽ ڪردار نگاريءَ جا نھايت اعليٰ نمونا ملن ٿا. ڪيترن ئي ھنڌن تي اندروني قافين سان، نظم ۾ وڏي خوبصورتي پيدا ڪئي اٿس. واقعاتي شاعريءَ ۾ مٿي ذڪر ڪيل مرثيو ھڪ شاھڪار جي حيثيت رکي ٿو. سندس ڪلام ۾ شاعراڻيون خوبيون بہ آھن، تہ رواني، رنگيني، دلڪشي ۽ اثر انگيزي بہ ملي ٿي. سندس نعتيه ڪلام جي سٽ سٽ مان عشقِ رسولﷺ جو جذبو نمايان نظر اچي ٿو. سندس ڪلام مان نمونو ڏجي ٿو:
ايڏيون ڪرم ڪرامتون، آھن نبيءَ نور سندا،
سو ڪيئن ڇڏيندو اُمتي، پيغمبر پنھنجا،
تن کي تِک تار مؤن، ڪاريندو احمدا،
مرسل سندي مدح کان، ماٺ مور نہ جُڳاءِ،
چوي ’غلام محمّدِي‘نالي غلاما،
ڪلام سان قبول پوي، منھنجي مدح مقبولا،
مخدوم محمد ابراھيم ڀٽي (ڄمڻ : 1690ع)
مخدوم محمد ابراھيم ڀٽي، شاھ لطيف جو ھمعصر ۽ مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ جو ڀاءُ ھو، سال 1690ع ۾ ڄائو. کيس شريعت سان چاھ ھو. پاڻ پراڻن ھالن جو رهواسي ھو. ھڪ مذھبي ڪتاب پڻ لکيائين، جنھن کي ’محمد ابراھيم جي سنڌي‘ سڏيو ويو. پنھنجي ان ڪتاب ۾، 350 مسئلا لکيائين. سندس وفات جو سال معلوم نہ ٿي سگهيو آھي.
مخدوم محمد صديقي قريشي:
مخدوم محمد صديقي قريشي، پنھنجي وقت جو وڏو عالم، درويش ۽ شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. ڪوٽڙي ڪبير (تعلقي ڪنڊياري) ۾، مخدومن جي پاڙي ۽ ’سوا لک مقام‘ جي وچ تي سندس مڪتب ھو. اتي ھڪ مسجد بہ ھئي، جتي شاھ لطيف اچي ٽڪندو ھو. اتي ھڪ لئيءَ جو وڻ ھو، جنھن کي ’ڀٽائي صاحب وارو لئو‘ ڪري سڏيو ويندو ھو. سندس قبر مخدومن واري مُقام ۾، مخدوم يار محمد جي مقبري ۾ آھي.
مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي (وفات: 1761ع)
مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي شرعي ۽ فقھي علمن جو وڏو ڄاڻو، ديندار ۽ خداپرست، جيد عالم، ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ٿي گذريو آھي. دين جي خدمت ۾ ان جي اصل روح کي عوام تائين پھچائڻ ۾ ھُن تمام گهڻو ڪم ڪيو. شاھ لطيف جيئن تہ راڳ جو زبردست عاشق ھو ۽ اڪثر وٽس ساز ۽ راڳ جون محفلون ٿينديون ھيون، ان ڪري ڪن ماڻهن جي شڪايت ڪرڻ تي، مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جي اڳواڻيءَ ۾، عالمن جو ھڪڙو وفد شاھ لطيف وٽ ويو. (وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو عنوان: واقعا صفحو 157)
مخدوم محمد ھاشم، 70 سالن جي عمر ۾ سن 1174ھ/1761ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مڪليءَ ۾ آھي.
مخدوم محمدي کھڙن وارو (1732ع - 1761ع)
مخدوم محمديءَ جي ولادت، 1145ھ/1732ع ۾ ٿي ھئي. ننڍيءَ عمر ۾ ئي ھوشيار ٻار ٿي پيدا ٿيو ھو، پر جڏهن ’کيس تعليم لاءِ ويهاريو ويو تہ ھن ستن ورهين جي ڄمار ۾, قرآن شريف حفظ ڪري ورتو. سندس استاد، وقت جو مشھور عالم عبدالمعالي، جنھن کي سڀ ڪتاب لفظ وار برزبان ياد ھئا، جڏهن مخدوم محمديءَ کي پڙهائيندو ھو تہ، شاگرد کيس اڳ ئي پڙهي ٻڌائيندو ھو ۽ انهن جي تشريح بہ ٻڌائيندو ھو، ان کان پوءِ عبارات، علم معقول، مسائل علم منقول، قرآن ڪريم جي آيتن جي تفسير ۽ تحقيق، احاديث نبوي مان ڏکيا مسئلا کانئس استاد پڇيا، جن کي فصاحت ۽ بلاغت سان استاد کي ٻڌايائين. اھو رنگ ڏسي، استاد چيو: ’هن نينگر کي خضري تعليم ۽ علم لُدني الله تعاليٰ کان عطا ٿيل آھي، اسان جي تعليم جي کيس ضرورت نہ آھي.‘
مخدوم محمدي عربي ۽ فارسي علم ۾ نقاد جي معيار جي فصاحت ۽ بلاغت رکندو ھو. سندس وفات 1174ھ/1760ع ۾ کھڙا ۾ ٿي. سندس قبر کھڙن ۾ مخدومن جي مُقام ۾ سندس والد شھيد عبدالرحمان کھڙن واري جي قبر جي ڀرسان آھي.
مخدوم مير محمد ’مخدوم مير پير‘ (1685ع - 1736ع)
مخدوم مير محمد ولد مخدوم محمد زمان ’اول‘، ھالا جي سھرورديه/سروري درگاھ، جنھن جو بنياد حضرت غوث الحق مخدوم نوح وڌو. پاڻ اُن جو ڇھون سجادہ نشين ھو. سندس ولادت سن 1099ھ/1685ع ۾ ٿي. ڪن ڪتابن ۾ سندس ولادت جو ھجري سن 1095ھ پڻ ڄاڻايل آھي.
مخدوم مير محمد، شاھ لطيف جي ھمعصرن مان ھو. شاھ لطيف جي سوانح تي لکيل ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ھالا جي مخدومن جي ساڻس اختلافن جو ذڪر ڪيل آھي. انهن سوانحي ڪتابن ۾ ’لطائف لطيفي‘، ’احوال شاھ لطيف‘ ۽ ’لطف اللطيف‘ نمايان آھن، جن مطابق مخدوم مير محمد عرف مخدوم مير پير، شاھ لطيف جو سخت مخالف ھو ۽ ھُن، شاھ لطيف جي ڪردار ڪشي ڪرڻ توڙي کيس جاني نقصان رسائڻ خاطر ڪيتريون ئي ڪارروائيون پڻ ڪيون.
مٿئين قصي جي بلڪل ابتڙ، ھڪ ٻي راءِ، مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ پنھنجي خانداني روايتن جي بنياد تي پيش ڪئي آھي تہ شاھ لطيف ۽ ھالا جي مخدومن، خاص طور مخدوم مير محمد جي وچ ۾ ڪي بہ اختلاف نہ ھئا ۽ اختلافن جا اھي قصا محض تاريخي مغالطا آھن.
مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جي تحقيق مطابق سروري درگاھ تي سماع جي محفلن جو سلسلو مخدوم نوح جي زماني کان شروع ٿيو. جڏهن مخدوم مير محمد درگاھ جو سجادہ نشين ٿيو، تہ ھُن شاھ لطيف جي ڪلام کي ڳارائڻ جو سلسلو شروع ڪرايو. ان منجھان اھا ڳالهہ ثابت ٿئي ٿي تہ مخدوم مير محمد ۽ شاھ لطيف جي وچ ۾ ڪي بہ اختلاف نہ ھئا ۽ ھو ٻئي سٺا ھمعصر ۽ ھميشه ھڪٻئي جي عزت ۽ تعظيم ڪندڙ رهيا.
مخدوم مير محمد کي ڪن تاريخي ڪتابن ۾ پنج پاڳيو پير ۽ ڪن ۾ ڇھ پاڳيو پير ڪري ڄاڻايو ويو آھي، جڏهن تہ سروري درگاھ جي تاريخ مطابق ھو ڇھون سجادہ نشين ھو. پاڻ ھجري سالن مطابق 50 ورهين جي عمر ماڻيائين. سندس وفات 1149ھ/1736ع ۾ ٿي. ان وقت شاھ لطيف جي عمر تقريباً 47 سال ھئي.
مدن ڀڳت
مدن ڀڳت، شاھ لطيف جو محبتي ۽ سنگتي ھو. ھن جو تعلق، ڪوٽڙي مغل سان ھو ۽ سندس وقت گهڻو ڪري، شاھ لطيف سان گڏ گذرندو ھو. مدن ڀڳت، ويدانت جو وڏو ودوان ھو ۽ سندس خاص خوبي اھا ھوندي ھئي تہ ھو وڏو حاضر جواب ھوندو ھو. کيس احترام ۽ عزت مان ’مدن ڀڳت‘ جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آھي. مدن، ھڪ سٺو شاعر بہ ھو ۽ ڪيترائي دفعا شاھ لطيف جي پڇيل سوالن جا جواب شعرن ۾ ڏيندو ھو. سندس شاعريءَ ۾، دنيا جي فاني ھجڻ ۽ آخرت بابت خيال شامل آھن. ھن جي شاعريءَ ۾ تصوف ۽ ويدانت جو بہ رنگ نظر اچي ٿو:
ڪالهه پڻ ڪالهه ھئي، اڄ پڻ ڏينھن ٻيو،
مڙهيءَ ۾ مدن چئي، ويھي ڪانگ ويو،
جنھن ۾ ماڻ پيو، سا رهي رهندي ڪيترو.
***
محبت مٺو ٿوڪ، ميون ۾ مدن چئي،
ڇا ڄاڻي لوڪ، قدر اُن ڪيميا جو.
سندس پوئيرن، سندس ياد ۾ ڀِٽ شاھ تي ھڪ گردوارو قائم ڪيو آھي.
مرزا تقي:
مرزا تقي، ٽکڙ جي اڳئين ڳوٺ ’وسي شھمير شاھ‘ جو ويٺل ھو ۽ نواب حفظ الله خان جي مصاحبن مان ھو. مير علي شير قانع ’مقالات الشعراءِ‘ ۾، فارسي شاعر جي حيثيت سان سندس ذڪر ڪيو آھي، پر سندس سنڌي غزل جو نمونو بہ مليو آھي. ھڪ سِٽ نموني طور ڏجي ٿي:
اچي محبوب گهر پيھي، پريان پوءِ ٿئي اجل پيدا.
مولوي عبدالخالق:
مولوي عبدالخالق، شاھ لطيف جو ھمعصر ۽ ٺٽي جو ويٺل ھو. ھو مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ۽ مريد ھو. سندس ولادت ۽ وفات جون تاريخون نہ ٿيون ملن. پنھنجي استاد جي پيروي ڪندي، 1744ع ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ مذھبي ڪتاب ’مطلوب المؤمنين‘ نظم ۾ لکيائين:
منجهہ تحقيق مسئلي جي، مون پڻ وس ڪيو،
پر انسان انهيءَ حال سين، آھي نسيان ڀريو.
مولوي محمد حسن:
مولوي محمد حسن، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. سن 1177 ھ / 1763ع ۾، فارسي ڪتاب ’قصص الانبياء‘ جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيائين:
خالق مڪيون خبرون، سچي سيد ڏانھن،
پر ڪين سمجهن تن کي، جي اُمي عواما.
ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي:
ميان محمد صادق نقشبندي، ٺٽي جو ھڪ وڏو عالم ۽ صوفي بزرگ ھو. پاڻ مخدوم معين ٺٽويءَ جو شاگرد ۽ خواجه محمد زمان لنواري واري جو استاد ھو. ميان محمد صادق، فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو ھو. مير علي شير قانع ’تحفتہ الڪرام‘ ۾ کيس ’جامع فنون ڪمال ظاھري و باطني‘ ڪري لکيو آھي. ميان محمد صادق نقشبندي، شاھ لطيف جو معتقد ۽ مريد ٿيو ۽ سندس اھا ارادتمندي آخر تائين قائم رهي. ھن پوءِ، شاھ لطيف جي چوڻ تي، شاھ حبيب جي وفات (1144ھ) ۽ شاھ ڪريم جي درگاھ جي اڏاوت (1156ھ) جون ابجد جي حساب سان فارسيءَ ۾ سهڻيون تاريخون ڪڍيون. سندس ولادت ۽ وفات جي تاريخ نٿي ملي.
شاھ حبيب جي وفات تاريخ ابجد جي حساب سان
”’اَلموتُ جِسر يُوصِل الحبيبَ لِلَقاءِ الحبيبِ‘
يعني: موت ھڪ پُل آھي، جيڪا ھڪ دوست (حبيب) کي ٻئي دوست سان ملائي ٿي.“ (بلوچ، 2009ع، ص: 21)
شاھ ڪريم بُلڙي واري جي درگاھ ٺھي راس ٿيڻ جي تاريخ ابجد جي حساب سان:
”هست درگاھ ڪريم و جلوه گاھ حق ابد - 1156هه“
ميان نور محمد وائيءَ وارو:
ميان نور محمد وائيءَ وارو، شاھ لطيف جو استاد ھو، جنھن وٽ شروع ۾ الف-ب پڙهيائين. اھو ھالن جي ڀٽي بزرگن جي خاندان مان ھو، پر ھالا ڇڏي اچي، وائيءَ جي ڳوٺ ۾ رهيو ۽ اھو ڳوٺ اڏيري لال جي لڳو لڳ آھي. ڊاڪٽر بلوچ مطابق، جڏهن شاھ لطيف اچي ڀٽ کي وسايو تہ ميين نور محمد کي پڻ سڏي اتي کيس اوطاق ليڪي ڏنائين ۽ ڀٽ تي پاڻ وٽ رهايائين. سندس ڄم ۽ موت جي ڄاڻ ملي نہ سگهي آھي.
مير نجم الدين بکري ’عزلت‘ (وفات: 1747ع)
مير نجم الدين بکري بن محمد رفيق رضوان، مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو شاگرد ۽ ڀاڻيجو ھو. جيئن تہ مخدوم محمد معين کي اولاد ڪونہ ھو، ان ڪري مير نجم الدين کي پٽ ڪري پاليائين ۽ سندس تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنائين. مير نجم الدين، نھايت باڪمال بزرگ ھو ۽ شاھ لطيف جو ھمعصر ھو ۽ سندس صحبت ۾ ڪافي وقت رهيو. ھُو ديني تعليم ۾ ڀڙُ ھئڻ سان گڏ، سٺو شاعر پڻ ھو ۽ ’عزلت‘ تخلص ھئس. ’ديوان عزلت‘ سندس يادگار ڪتاب آھي.
پنھنجي استاد، مخدوم محمد معين جي زندگيءَ ۾ ئي مدرسي جو انتظام نھايت خوش اسلوبيءَ سان سنڀاليندو ھو، سندس ڪافي تصنيفون آھن. جن مان ھڪ، ’رسالو يڪ روزي‘ نالي سان آھي، جيڪو رسالي جي جواب ۾ تحرير ڪيل آھي. ھن رسالي ۾، مختلف علم بيان ڪيل آھن ۽ ھڪ ئي ڏينھن ۾ لکيو ويو ھو. مير عزلت، علم جي ان درجي تي پھتو ھو جو، وقت جي وڏن عالمن جي تصنيفن جي رد ۾ مدلل تحرير آڻي، عالمن کي حيران ڪري ڇڏيندو ھو.
مخدوم محمد معين ۽ مخدوم ھاشم ٺٽويءَ جا پاڻ ۾ علمي ۽ نظرياتي بحث مباحثا ھلندا ھئا. مخدوم محمد معين سني ھوندي به، اھلبيت جو تمام گهڻو احترام ڪندو ھو ۽ محرم ۾ ماتم کي جائز سمجهندو ھو. ان جي سمجهاڻيءَ لاءِ مخدوم محمد ھاشم، ’عدم جواب ماتم حسين‘ لکيو. ان کي جواب مير نجم الدين ’عزلت‘ ڏنو. اھو رسالو پير سائين جهنڊي واري جي ڪتب خاني ۾ محفوظ ھو. مير نجم الدين، 1160 ھه/1747ع ۾ وفات ڪئي.
ميون شاھ عنات رضوي
ميون شاھ عنات الله رضوي ولد شاھ نصيرالدين، ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو شاعر ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آھي. سندس وڏا اصل بکر يا روهڙيءَ جا ويٺل ھئا. سندس وڏو ڏاڏو، سيد علاؤالدين بکري، بکر مان لڏي، نصرپور ۾ آيو. شاھ عنات جي ولادت نصرپور ۾، سن 35-1030 ھ / 26-1621ع جي وچ واري عرصي ۾ ٿي. وقت جي دستور موجب فارسي تعليم مدرسي مان حاصل ڪيائين. سندس روحاني استاد، ’شاھ خير الدين‘ سکر وارو ھو، جيڪو سندس پيءُ جو پڻ مرشد ھو. شاھ عنات کي پيري مريدي ورثي ۾ ملي.
ھي سنڌ جو پھريون شاعر آھي، جنھن جو مڪمل رسالو ملي ٿو. سندس ڪلام جو مڪمل متن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏنو ۽ سنڌي ادبي بورڊ اُن کي شايع ڪيو. سندس رسالي ۾ بيتن سان گڏ وايون پڻ شامل آھن. سندس شاعريءَ ۾ پرهيزگاري، موت، قبر ۽ نيڪ ڪمن جي تلقين ڪيل آھي. ان کان سواءِ تصوف، حسن ۽ عشق، ھجر ۽ وصال ۽ وطن دوستي جا مضمون پڻ سندس شاعريءَ ۾ شامل آھن.
شاھ لطيف جڏهن اڃا جوانيءَ ۾ پير پاتو ھو تہ ’ميون شاھ عنات‘ وڏي ڄمار جو ٿي چڪو ھو. جيتوڻيڪ ھو شاھ لطيف کان عمر ۾ گهڻو وڏو ھو، پر ٻنهيءَ جي وچ ۾ محبت جو رشتو ھو ۽ شاھ لطيف ساڻس ملڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا نصرپور ويو. شاھ لطيف تي شاھ عنات جي ڪلام جو وڏو اثر ٿيو، جيڪو شاھ لطيف جي شاعريءَ مان واضح انداز ۾ پرکي سگهجي ٿو:
چنڊ تنھنجي بات، مون کي آھي من ۾،
الله لڳ، عنات چئي، تون اڇو ۾ رات،
تن جنھن جي تات، سي ڏسي تون ڏيکار مون.
(شاھ عنات - سر کنڀات)
چنڊ تنھنجي ذات، پاڙيان تان نہ پرينءَ سين،
تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نِت سوجهرا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان 1، بيت 13، ص: 134)
ميين شاھ عنات جي وفات، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾، اٽڪل سن 1120ھ-1125ھ واري عرصي ۾ قرار ڏئي سگهجي ٿي، انهيءَ لحاظ سان وفات وقت سندس عمر لڳ ڀڳ نوي سال ھئي. سندس مقبرو ٽنڊوالهيار کان ٽنڊو آدم روڊ تي، ٽنڊي الهيار کان چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي شاھ پور رضوي اسٽاپ وٽ آھي.
ميون عيسيٰ:
ميون عيسيٰ، شاھ لطيف جو وڏو ھمعصر ھو ۽ يارهين صديءَ ھجريءَ جي آخر ۽ ٻارهين صدي ھجريءَ جي شروع ۾ ٿي گذريو آھي. اتر کان درياھ رستي، مرشد سان گڏ ھيٺ لاڙ ڏانھن ٿي آيو. جڏهن ٻيڙي کاڻوٽ وٽ بيٺي، تہ مرشد چيس تہ تنھنجي رهائش اِتي آھي. ان کان پوءِ اُتي رهي پيو. پوءِ سندس مريد، جيڪي ذات جا کوکر ھئا، کيس لڏائي پنھنجي ڳوٺ وٺي ويا. جيڪو ملاڪاتيار ۽ سيد پور ٽڪر جي وچ تي آھي. ان کان سواءِ، ڪلهوڙا بہ سندس مريد ھئا. سندس مزار نور واھ جي کاٻي ڪَپَ تي ڳوٺ جمال شورو کان ڏيڍ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ۽ ملاڪاتيار کان اڍائي ڪلوميٽر ڏکڻ جي مفاصلي تي ديهه ڪس، يونين ڪونسل ملاڪاتيار تعلقي بلڙي شاھ ڪريم ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي. طريقت جي لحاظ کان ھو قادري طريقي جو ھو. سندس سنڌي تصنيف ملي آھي. جنھن کي ’ميين عيسيٰ جي سنڌي‘ چيو وڃي ٿو. سندس ڪلام پختو ۽ ميٺاج وارو آھي. جنھن جي مضمون ۾ تصوف ۽ معرفت جو ذڪر ڪيو اٿس. ان کان سواءِ سندس ڪلام ۾ ھجر ۽ وصال جو ذڪر بہ دلگداز انداز ۾ بيان ٿيل آھي. جنھن مان نموني طور ھڪ بيت پيش ڪجي ٿو. سندس وڌيڪ ذڪر نٿو ملي:
سڪ ساھيڙي جن جي، سي اڪثر اُسھيون،
ڪُونجون قطارون ڪري، راتين روهه رميون،
اِن پر اُڏاڻيون، جيئن ڪلَ نہ پيئي پَکڻين.
ميون محمد صلاح بن ميون محمد عارف:
ميون محمد صلاح مٽياريءَ جو ھڪ وڏو عالم ھو. پاڻ فارسيءَ جو عالم ۽ مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ جو وڏو ڄاڻو ھو. کيس شاھ لطيف سان خاص محبت ۽ عقيدت ھئي، تنھن ڪري شاھ لطيف جو معتقد ۽ مريد ٿي، سفر ۾ ھميشه ساڻس گڏ رهندو ھو ۽ روزانو مثنويءَ جو واعظ ڪندو ھو. شاھ لطيف وٽ سندس وڏي عزت ھئي ۽ کيس ’خليفو محمد صلاح‘ جي نالي سان سڏيندو ھو. سنڌيءَ ۾ سندس جوڙيل ’بزغل جا ڪلما‘، ’محمد صلاح جي سنڌي‘ جي نالي سان مشھور ٿيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ميين محمد صلاح جي اولاد وٽ ھلندڙ ھڪ روايت بيان ڪئي آھي، جنھن مطابق ميين محمد صلاح، شاھ لطيف جي سير سفر تي ٻڌل ھڪ سفرنامو پڻ لکيو، جيڪو بعد ۾ ضايع ٿي ويو. سندس وڌيڪ ذڪر ڪتابن ۾ نہ ٿو ملي.
ميون محمد مبين ٿرائي:
ميون محمد مبين ٿرائي، شاھ لطيف جو ھمعصر ھو ۽ پنھنجي وقت جو وڏو عالم، فاضل ۽ سنڌ جي عالم ۽ مبلغ مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جو دوست ھو. سانگهڙ ضلعي ۾ چوٽياريون واري درس گاھ سندس ئي قائم ڪيل ھئي. شاھ لطيف اڪثر سانوڻ ۾ وٽس ويندو ھو. ھڪ ڀيري ماني کائي ڳالهين ۾ ويٺا تہ گهڻي دير تائين ويٺا رهيا. جڏهن شاھ لطيف موڪلائڻ لاءِ اٿيو تہ مبين ٿرائيءَ چيو تہ: ”جُهڙ ڦُڙ آھي ترسي پئو“. شاھ لطيف جواب ۾ ھيءَ مصرع چئي جيڪا سر رامڪلي جي ھڪ بيت جي آھي:
”رِدا جا رضا جي، سا اوڇڻ آديسين“
تنھن کان پوءِ شاھ لطيف موڪلائي روانو ٿيو.
نور محمد خستہ:
قديم قلمي بياضن ۾، نور محمد ’خسته‘ جو نالو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پاڻ (ٽکڙ وارن جو پھرئين ڳوٺ) وسي شھمير شاھ جو ويٺل ھو، ھيءُ شاعر، ٻارهين صدي ھجريءَ واري دؤر جو آھي. سندس زمانو 1130ھ/1718ع جو آھي. موجودہ ڄاڻ موجب سندس قبر، شاھ ميران جي مُقام ۾ آھي. ھي مُقام وسي ملوڪ شاھ (ٽکڙ) کان لڳ ڀڳ ٻہ ڪلوميٽر اُتر اولهہ طرف آھي، جنھن جي ايراضي اٽڪل 25 ايڪڙ آھي. مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ۽ شاھ لطيف جو ھمعصر ھو. سندس سنڌي غزل جو فارسيءَ ۾ لکيل نمونو مليو آھي. سنڌي غزل جو ھي پھريون نمونو سمجهيو وڃي ٿو. سندس ان غزل مان ھڪ شعر ھيٺ ڏجي ٿو
تا برافگندي از رخِ تو نقاب،
حشر ٿيو آفتاب لايو تاب.