آگم ڪيو اچن...

سُر ڪلياڻ، ان جا موضوع ۽ ڪردار

ڪلياڻ ڀٽائيءَ جي رسالي جو پھريون سر آھي. ڪلياڻ جي معنيٰ آھي امن، اطمينان، سک. ڪلياڻ ۾ جن ڪردارن کي شامل ڪيو ويو آھي، تن ۾ سڀ کان اڳ اللہ تعاليٰ، تنھن کان پوءِ ان جو رسول حضرت محمد مصطفيٰ صلي اللہ عليہ وسلم، قيامت جو ڏينھن، بھشت، ايمان، ٻيائي، اللہ جي ھيڪڙائيءَ جي مڃتا ڪندي سر ڏيڻ، عضوا وڍي ڏيڻ، سر ڏيڻ جي سُڌ، وحدت مان ڪثرت، پاڻ ۾ اللہ پسڻ، مختلف صورتن ۾ اللہ پسڻ ۽ اللہ جي عبادت وغيره. 

 ڪلياڻ جي پھرئين داستان ۾ مٿين موضوعن ۽ ڪردارن بابت توڙي ايمان ۽ عقيدي تي بيت ملن ٿا. ايمان ۽ عقيدي جي معاملي ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جو موقف نھايت واضع، اڻ ٽٽ ۽ ٺوس آھي ۽ ان ۾ ھن وٽ شڪ گمان جي گنجائش ئي ڪانھي؛  

 چئو تون اللہ ھيڪڙو، ٻي وائي وساري ڇڏ، 

 اُو تان توسين گڏ، سڄڻ ساھ پساھ ۾. 

 رسالت تي ايمان بابت سندس موقف بہ نھايت واضح ۽ ٺوس آھي؛ 

 وحدہٗ لاشريڪ له، جن اُتوسين ايمان، 

 تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لسان، 

 اُوءِ فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنھن نہ اوليا. 

 ھتي ھڪ عجيب ورتاءَ جو ذڪر ڪرڻ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ وٽان ٿيندو ته، ايڇ ٽي سورلي جڏهن ڀٽائيءَ جي بيتن جو ترجمو آندو ته، ان کي اللہ جي رسول جو نالو کڻڻ ۾ عارُ محسوس ٿيو. ان ڪري ھن ھر بيت ۾، جتي محمد ﷺ جو نالو آيو، لفظ ”تعريف ڪيل“ يعني praised استعمال ڪيو. معنيٰ ۽ مفھوم جي لحاظ کان ڳالهہ ساڳي ٿي بيهي، پر اسين جڏهن مئڊم ايلسا قاضيءَ جي ڪيل ساڳي بيت جي ترجمي تي اچون ٿا تہ فرق ظاھر ٿيو پوي؛ 

 وحدہ لاشريڪ له، جان ٿو چئين ايئن، 

 تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجھان نينھن، 

 سو تون وڃيو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي. 

 ھن بيت جو سورلي اجهو ھيئن ترجمو ڪيو آھي؛ 

 He is the lord, one only one, 

 Sustainer and Compassionate, 

 Sing the praise of him who heals, 

 The true one, sing ye praise of him 

 Acknowledge ye the praised one, who 

 The causer of causes is. 

 Why go ye then and bow yourselves  

 In front of others, why go ye? 

 ساڳي بيت جو ترجمو علامہ آءِ آءِ قاضيءَ جي گهر واري ايلسا قاضيءَ ھن ريت ڪيو؛ 

 He is without a partner, when 

 This glorious news you break 

 With love and knowledge, Muhammad 

 Accept as cause him take 

 Why would you then obeisance make  

 to others after that?  

 ڪمپيوٽر جو ذڪر:- جيتوڻيڪ ڪمپيوٽر اسان جي ھن ويهين صديءَ جي صفا آخري چوٿائيءَ جي ايجاد آھي ۽ ڪمپيوٽر ترقي ڪري رهيو آھي. ڪمپيوٽر جي دنيا جي ماڻهن کي ۽ انهن سڄڻن کي جن وٽ پنھنجا ڪمپيوٽر پي سيز آھن، انهن کي ڄاڻ آھي ته، ڪمپيوٽر تان پاڻ لاءِ ڪنھن بہ پروگرام کي کولڻ لاءِ سڀ کان اڳ دري کولڻي پوندي آھي. دريءَ کي انگريزيءَ ۾ Window چئجي ٿو ۽ اھا ونڊو ئي ڪمپيوٽر جي خزانن جي تلاشيءَ لاءِ ڪارآمد ٿئي ٿي. ھر ڪمپيوٽر لاءِ ھاڻي ونڊو پروگرام سڄي دنيا ۾ ملن ٿا. اسان کي عجب ان ڳالهہ جو آھي تہ ٽي صديون اڳ جي ڀٽائيءَ ڪمپيوٽر جي ونڊو پروگرام بابت ھي بيت ڪيئن چيو آھي ۽ اھو ڪلياڻ ۾ ئي آھي؛ 

 ايڪ قصر در لک، ڪؤڙين ڪڻس ڳڙکيون، 

 جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامھون. 

 ۽ ھاڻي اچون ٿا سرڪلياڻ جي ٻئي داستان تي. 

 ڪلياڻ جي ٻئي داستان جا موضوع آھن، اگهائي معنيٰ بيماري، چڱائي معنيٰ چڱ ڀلائي، ويڄ، طبيب، سوريءَ جي سيڄ معنيٰ ڦاسي قبولڻ، محبت ۾ سسي ڌار ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ، ڪسڻ لاءِ ڪات ۽ اڏيون موجود ھجڻ، جيئن فرينچ انقلاب دوران ٻہ صديون اڳ چؤواٽن تي سسيون وڍڻ وارو عمل تاريخ جو ھڪ عجيب حوالو بڻجي ويو آھي. ڪلاڙڪو ھٽ، يعني مڌ سازي، شراب جو دوڪان، ڪلال يعني پياڪ وغيره. چوَن ٿا تہ مومل جي نوڪرياڻي ناتر مڌ سازي ءَ جي ماھر ھوندي ھئي ۽ جڏهن ڪاڪ تي مومل جي ماڙي ويران ٿي ۽ مومل ڏاگهه چڙهي ته، ناتر ڪراچيءَ جي اوڀر ۾ گڏاپ واري علائقي ۾ موجودہ سپر ھاءِ وي کان ڪجهہ ميل اتر طرف ڪلاڙڪو ھٽ قائم ڪيو، جتي اڻ ڄاتل ماڻهو ھلي ايندا ھئا. ھوءُ مٽ چڪائيندي ھئي ۽ سندس ڌيءُ موکي آيل متارن جي خدمت ڪندي ھئي؛  

 سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا ھلندي جيڏيون، 

 وڃڻ تن پيو، نالو نينھن ڳنھن جي. 

  

 اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنباھيا، 

 ڪاٽ تہ پوين قبول ۾، مڇڻ ڀانئين گهٽ، 

 مٿا مھاين جا، پيا نہ ڏسين پٽ، 

 ڪلاڙڪي ھٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وھي. 

 ڪلياڻ جي ٻئي داستان جو بغور مطالعو ٻڌائي ٿو تہ ڪسڻ لاءِ، جنھن اڏيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آھي سا، ڪا سياسي انقلاب يا ھلچل جو ڪارڻ نہ ھئي بلڪہ علامتي انداز ۾، ڪنھن بہ مقصد ماڻڻ لاءِ ان جو ذڪر ڪيو ويو آھي، جنھن لاءِ آخري ۽ قطعي طريقو آھي سر ڏيڻ. حقيقت بہ اھا آھي تہ سر ڏني کانسواءِ، يا ايڏي پختي ارادي کانسواءِ مقصد ملڻ ممڪن ئي ڪونہ ٿو رهي.  

 سر ڪلياڻ جو لاڳيتو مطالعو ڪندي ، جڏهن ان جي ٽئين داستان تي پھچجي ٿو ته، مٿئين ٻن داستانن جو تت ھن ٽئين داستان ۾ خلقڻھار ۽ بندي جي وچ ۾ تعلقات ان منزل تي پھچن ٿا، جڏهن بندو ٻڏتر جو شڪار ٿي خالق کان شرمائي ٿو ۽ سندس ويجھڙائيءَ جي شرطن کان لڄائي ۽ ڪترائي ٿو. اھا ڪيفيت تڏهن واضح ٿئي ٿي جڏهن ڀٽائي فرمائي ٿو؛ 

 سڪين ڪُھ سلام کي، ڪرين ڪُھ نہ سلام، 

 ٻيا در تن حرام، ھيءُ در جني ديکيو. 

 سر ڪلياڻ جي ھن ٽئين داستان ۾ خالق ۽ بندي جي وچ ۾ ازلي عشق جي ڪيفيت چوٽ تي چڙهيل نظر اچي ٿي. حجاب ۽ شرمساريءَ جا سڀ پردا ڏور ٿيو وڃن ۽ جڏهن حبيب سڏ ڪن ته، اھو سڏ ۽ دل ۾ پيدا ٿيل محبت وجود تي طاري ۽ حاوي ٿيو وڃي؛ 

 حبيبن ھيڪار، منجهان مھر سڏ ڪيو، 

 سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اھو ئي ٿيو. 

 جيڪي ماڻهو چون ٿا ته، ڀٽائيءَ کي سمجهڻ ڏکيو آھي، اھي اھا ڳالهہ وساري ڇڏين. ڀٽائيءَ کي پڙهڻ ڏکيو نہ بلڪہ تمام سولو ۽ آسان آھي. اھو ھيئن تہ اوھان رسالو کنيو ۽ وچو واڙي بيت پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اوھان کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ ايندو. ھيئن ڪريو، رسالو کڻو، منڍ کان ھر بيت نمبروار ضرور پڙهندا وڃو ۽ داستان جي پڄاڻيءَ تي بيهو. مڪمل ڪيل داستان جي انهن نقطن تي ٻيهر غور ڪريو جيڪي اوھان کي ڏکيا لڳا. اھي بيت ٻيهر پڙهو ۽ ان ئي رسالي ۾ ڏکين لفظن جي ڏنل معنائن کي ڏسي وٺو. داستان جا موضوع ۽ پيغام حاصل ڪرڻ کانپوءِ ئي اڳتي وڌو. فقط لڳاتار مطالعي سان ئي ڀٽائيءَ جو ڪلام اوھان کي آسان لڳندو ۽ سمجهہ ۾ ايندو.