آگم ڪيو اچن...

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح حيات

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ بابت تفصيلي تحقيق

هيءَ تفصيلي سوانح حيات شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حسب نسب، هجرتن، تعليم، تربيت، شخصيت، شادي ۽ فڪرن کي تفصيل سان رکي پئي وڃي.

 

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو حسب نسب:

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ پنھنجي ڪتاب ’احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ‘ ۾ ڄاڻايو آھي تہ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حسب نسب جو سلسلو حضرت محمدﷺ سان وڃي ملي ٿو. جڏهن تہ مير عبدالحسين خان سانگي، ’لطائف لطيفيءَ‘ ۾، مولانا دين محمد وفائيءَ ’لطفاللطيف‘۾، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’شاھ عبداللطيفؒ ‘ ۾ ڄاڻايو آھي تہ، سندس نسب جو سلسلو امام موسيٰ ڪاظمؒ سان ڳنڍجڻ بعد وڃي، حضرت علي ڪرم اللھ وجهہ سان ملي ٿو، جيڪو ھيٺينءَ ريت آھي:

شاھ عبداللطيف ڀٽائي بن سيد حبيب الله شاھ عرف سيد حبيب شاھ (شاھ حبيب) بن سيد عبدالقدوس شاھ بن سيدجمال شاھ بن سيد عبدالڪريم شاھ (شاھ ڪريم بُلڙيءَ وارو) بن سيدلعل محمد عرف لله شاھ بن سيد عبدالمومن شاھ (سيدعبدالمنعم) بن سيد ھاشم شاھ بن سيد حاجي شاھ بن سيدجلال محمود عرف جرار شاھ بن سيد شرف الدين شاھ بن سيد مير علي شاھ بن سيد حيدر شاھ ھراتي بن سيدميرعلي شاھ ھراتي بن سيد محمد شاھ بن سيد حسين شاھ بن سيد علي بن سيد احمد عرف يوسف شاھ بن سيد محمد عرف حسين شاھ بن سيد ابراھيم عرف يوسف شاھ بن سيد علي الحواري بن سيد حسين الاڪبري بن سيد جعفر ثاني بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر الصادق بن امام محمد باقر بن امام زين العابدينؒ بن امام حسينؓ بن حضرت علي ڪرم اللھ وجهہ بن ابي طالب. سيد جعفر ثانيءَ ۽ ان کان اڳ، ھي سيد عراق ۽ بغداد ۾ رهندا ھئا. سيد حسين الاڪبريءَ کان امام محمد تائين شيراز يا ترمذ ۾ رهيا ۽ ان کان پوءِ سيد مير علي شاھ ھراتي پھريون بزرگ ھو، جنھن اچي ھرات کي وسايو. سيد مير علي شاھ هراتيءَ جي فرزند سيد حيدر شاھ ھراتيءَ جي اولاد جي ھڪ شاخ سنڌ ۾ متعلوي يا مٽياروي سيد آھن، جن مان مشھور ولي ۽ عارف شاھ عبدالڪريم جنم ورتو. (شجرو اڳئين صفحي تي ڏنل آھي) شاھ عبداللطيف ھن بزرگ جو تڙپوٽو ھو. شاھ لطيف، انهن ’متعلوي‘ يا ’مٽياروي‘ سيدن جي ’ڪريمپوٽا‘ خاندان مان ھو، جيڪو ’متعلوي‘ يا ’مٽياروي‘ سيدن جي ھڪ وڏي پاڙي ’جرار‘ يا ’جراڙ پوٽا‘ جي شاخ آھي. انهيءَ پاڙي جو وڏو سيدجرار (جلال) ھو، جيڪو سيد شرف الدين جو فرزند ھو. انهيءَ لحاظ کان ’جراڙ پوٽا‘ ساڳئي وقت ’شرفپوٽا‘ بہ سڏجن ٿا، جو شرف الدين جو ڏاڏو سيد حيدر شاھ ھراتي، سيد مير علي ھراتيءَ جو پُٽ ھو، جيڪو مٿي ڄاڻايل شجري ۾ امام موسيٰ ڪاظمؒ جي اولاد مان ھو. انهيءَ لحاظ کان مٽياروي سيد، ھرات شھر جي سندن وڏي ڏاڏي سيدميرعلي ھراتيءَ جي اولاد سببان ’هراتي سيد‘ آھن، پر سيدميرعلي ھراتيءَ کان اڳ واري نسب نامي جي اعتبار کان ’ڪاظمي سيد‘ آھن.

سيد مير علي پنھنجي دور ۾، ھرات شھر جو نامور ۽ وڏي اثر رسوخ وارو شخص ھو. کيس ڇھ پُٽ: سيد مير عبدالباقي، سيد ميرعبدالواحد، سيد مير عبدالرزاق، سيد مير ابوبڪر، سيد مير شرف الدين ۽ سيد مير حيدر شاھ ھئا.

جڏهن امير تيمور 1398ع ۾، ھندستان تي ڪاھ ڪرڻ جي ارادي سان ھرات پھتو، تڏهن سيد مير علي ھراتيءَ سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي، لشڪر جي مھمانيءَ لاءِ ھڪ وڏي رقم نذراني طور پيش ڪئي. ھن، امير تيمور جي لشڪر جي آجيان ڪجهہ اھڙيءَ ريت ڪئي، جو سندس لشڪر، جنھن جو تعداد 262312 ھو، تنھن لاءِ ان حساب موجب 262312 (ٻہ لک ٻاھٺ ھزار ٽي سو ٻارنھن رُپيا) مھمانيءَ طور ڏنا، يعني ھر ھڪ سپاھيءَ واسطي ھڪ ھڪ روپيو پيش ڪيو. مھمان نوازيءَ جي انهيءَ عمل سبب، امير تيمور مٿس ڏاڍو راضي ٿيو، کيس ۽ سندس پٽن کي انعام اڪرام ڏنائين. گڏوگڏ سندس پُٽن کي وڏاوڏا عھدا ڏيئي، کين سنڌ جي جدا جدا پرڳڻن جو حاڪم مقرر ڪيائين، جن مان مير عبدالباقيءَ کي اجمير، مير عبدالواحد کي ملتان جو حاڪم مقرر ڪيو. مير عبدالرزاق کي بکر جي حڪومت ملي، مير ابوبڪر، سيوستان (سيوھڻ) جو والي مقرر ٿيو، جڏهن تہ مير شرف الدين ڪوبہ عھدو قبول نہ ڪيو ۽ پنھنجي قبيلي ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندي، خانگي ڪم ڪار ۾ مشغول رهيو. ميرحيدر شاھ، جيڪو سيد مير عليءَ جو سڀ کان ننڍو پٽ ھو، تنھن کي پڻ حڪومت آڇي وئي، پر ھن ڪابہ نوڪري قبول ڪرڻ بدران پيءُ سان گڏ، امير تيمور جي لشڪر ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو.

ڪجهہ عرصي کان پوءِ جڏهن امير تيمور ھرات مان ڪاھ ڪري، سن 801ه، محرم جي مھيني، مطابق 1398ع ۾ ھندوستان فتح ڪيو، تڏهن سيد مير علي ۽ سيد حيدر شاھ ساڻس گڏ ھئا. جڏهن تہ ھڪ ٻيءَ روايت موجب، سيد مير علي ۽ سندس ڇھ ئي پُٽ ساڻس گڏ ھئا. ان وقت دھليءَ تي سلطان محمود تغلق جي حڪومت ھئي. امير تيمور جي واپس وڃڻ کان پوءِ، سيد حيدر شاھ، سيد مير عليءَ کان اجازت وٺي، سنڌ جي سير تي نڪتو. ھن سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن جو سير ڪيو ۽ پڇاڙيءَ ۾ اچي ھالا ڪنڊيءَ (هالا پراڻا) ۾ پھتو. ڪجهہ وقت ھالا ڪنڊيءَ ۾، درويشن ۽ بزرگن جي صحبت ۾ رهيو. ھڪ ٻئي معزز شخص، شاھ محمد ولد دريا خان ھالي کيس پاڻ وٽ مھمان ڪري رهايو ۽ سندس خاطر خواھ خدمت پڻ ڪئي. سنڌ ۾ ان وقت سمن جي حڪومت جو دؤر (1351ع -1521ع) ھو ۽ سندن طرفان، ميران محمد ھالا ڪنڊيءَ جي علائقي جو حاڪم ھو، جنھن ڪنھن سبب جي ڪري، ھالا قبيلي جي ماڻهن تي 525 رُپين جو ڳرو ڏنڊ وڌو ھو، جيڪو اُھي مسڪينيءَ سبب ادا ڪري نہ ٿي سگهيا ۽ ڏاڍا پريشان ٿي پيا ھئا. سيد حيدر شاھ کي جڏهن اھا خبر پيئي ۽ ماڻهن جي مايوسيءَ واري حالت ڏٺي، تڏهن ھن اھا سموري رقم پنھنجي ھڙان ڀري، ھالا قبيلي وارن جي جند ڇڏائي. انهيءَ احسان جي عيوض، ھالا قبيلي جا ماڻهو سندس تمام گهڻا شُڪر گذار ٿيا ۽ ساڻس وڌيڪ ويجها ٿيڻ لڳا ۽ ھر طرح سندس خدمت ڪيائون. ان کان سواءِ سيد حيدر شاھ مقامي ماڻهن سان ٻيا بہ گهڻائي پير ڀريا ۽ اوکيءَ سوکيءَ ۾ سندن واھر ڪئي، جنھن ڪري ھُو سندس وڌيڪ نيازمند ٿي پيا. سندس بزرگيءَ ۽ پاڪدامنيءَ کي ڏسي ڪيترائي ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد بہ ٿيا.

ڪجهہ عرصي کان پوءِ، قبيلي جي ڪن بزرگن ساڻس مائٽي ڪرڻ جي خواھش ڏيکاري، جيڪا سيد حيدر شاھ قبول ڪئي ۽ جلدي سندس شادي ھالا قبيلي جي سربراھ شاھ محمد ولد درياخان ھالي جي نياڻيءَ فاطمہ سان ٿي ۽ ھو ھالن ۾ پنھنجن نون مائٽن وٽ رهڻ لڳو. جيئن تہ سيد حيدر شاھ جي والدہ جو نالو بہ بيبي فاطمہ ھو، ان ڪري پنھنجي گهر واريءَ جو نالو مٽائي بيبي سلطانہ رکيائين.

ھڪ روايت موجب، سيد حيدر شاھ، ھالا ڪنڊيءَ ۾ سترهن مھينا کن رهيو، جڏهن تہ ٻيءَ روايت موجب ھو اُتي ٽي سال اٺ مھينا رهيو. پاڻ ھالاڪنڊيءَ ۾ ئي رهيل ھو تہ کيس سندس والد جي وفات جي خبر پھتي. انهن ڏينھن ۾ سندس گهر واري اميد سان ھئي، تنھن ڪري کيس پيڪن ۾ ئي ڇڏي، اڪيلو ھرات جي سفر لاءِ تيار ٿيو. ويندي ويندي پنھنجي گهر واريءَ کي ٽي شيون نشانيءَ طور ڏيئي ويو: 

(1) قيمتي مُنڊي، جنھن جي ٽِڪ ۾ سندس نالو اڪريل ھو. 

(2) جڙادار خنجر ۽ 

(3) ھڪ ٻانهي، جا ھرات مان ساڻ آندي ھئائين، جا سمورو وقت ھمسفر ھيس. 

ويندي وقت وصيت ڪيائين تہ، جيڪڏھن پُٽ ڄمي تہ مٿس ڏاڏي جو نالو ’ميرعلي‘ رکجو ۽ جڏهن اھو وڏو ٿئي تہ کيس انهن ٽنهي نشانين سميت، ھرات روانو ڪجو، پر جي نياڻي ڄمي تہ ان کي منھنجي والدہ بيبي فاطمہ جي نالي سان سڏجو. سيد حيدر شاھ، ھرات منجھان، ھالا ڏانھن پنھنجي گهر واريءَ ۽ سندس مائٽن سان لکپڙه پيو ڪندو ھو. پاڻ پيءُ جي وفات سبب ھرات ۾ ئي رهي پيو ۽ اتي ئي ٽن سالن ۽ ستاويھ ڏينھن کان پوءِ وفات ڪيائين. روايتن موجب، پوين ڏينھن ۾ ارادو ڪيائين تہ موٽي سنڌ وڃان، پر اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ انهيءَ بيماريءَ ۾ ئي وفات ڪيائين. کيس ھالا ڪنڊيءَ ۾ اچڻ کان اڳ، ھرات ۾ بہ اھل عيال ھو ۽ اتي ھرات واري گهر واريءَ مان بہ کيس ٻہ پُٽ سيد محمد ۽ سيد حسين ھئا، جن پيءُ جي وفات کان پوءِ سڀ مال ملڪيت پاڻ ۾ ورھائي کنئي. سيد حيدر شاھ جي ھرات ڏانھن اُسھڻ کان پوءِ سندس ھالن واري گهر واريءَ کي پُٽ ڄائو، جنھن جو نالو سندس وصيت موجب ميرعلي (سنڌي) رکيو ويو. جڏهن سيد مير علي سنڌي ساماڻو ۽ سگهارو ٿيو، تڏهن سندس والد جون وصيت ڪيل ٽيئي شيون سندس حوالي ڪيون ويون. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ھو ٻڍڙي ھراتڻ ٻانهيءَ سان گڏجي، ھرات ڏانھن روانو ٿيو. اتي پھچڻ کان پوءِ پنھنجي والد جي ڇڏيل ملڪيت مان ڀائرن کان حصو ڇڪڻ لڳو، پر سندس ويڳن ڀائرن سندس حق تسليم ڪرڻ ۽ کيس حصو ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنھن تي ھن کين پنھنجي والد جي مُنڊي ۽ خنجر ڏيکاريو ۽ ٻانهيءَ پڻ اھڙي شاھدي ڏني، پر ھنن نہ مڃيو. آخر اھو معاملو ھرات جي قاضيءَ وٽ ويو، جنھن سيد حيدر شاھ جي ڇڏيل نشانين جي بنياد تي سيد مير عليءَ کي سيد حيدر شاھ جو پُٽ مڃيندي، سندس پيءُ جي ملڪيت مان کيس حصو ڏياريو.

ھڪ ٻيءَ روايت موجب، ھُن جڏهن پنھنجن ويڳن ڀائرن سان احوال اوريو ۽ نشانيون ڏيکاريون، تڏهن ھنن کيس پنھنجو ڪيو ۽ پيءُ جي ملڪيت مان کيس حصو پڻ ڏنو. ملڪيت مان حصي وٺڻ کان پوءِ، سيد مير علي ھرات ۾ گهڻو عرصو نہ ترسيو ۽ جلد ئي ’هالاڪنڊيءَ‘ موٽي آيو ۽ ھميشه لاءِ ھتي ئي رهيو. ھو پنھنجي چاچي، سيد شرف الدين کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي آيو، جنھن پوءِ ھتي ئي وفات ڪئي. ھتي اچڻ کان پوءِ، مير عليءَ ٻہ شاديون ڪيون: ھڪ شادي پنھنجي ناناڻن واري ھالا قبيلي مان ڪئي ۽ ٻي شادي ترڪن جي قبيلي مان ڪئي ۽ ٻنهي گهرن مان کيس اولاد ٿيو. جيئن شجري ۾ ڄاڻايل آھي. پھرئين ترڪ قبيلي جي گهر واريءَ مان کيس ٻہ پُٽ ٿيا: ھڪ جو نالو سيد مرتضيٰ عرف ڀِرئو ۽ ٻئي جو نالو سيدشرف الدين رکيائين ۽ ٻيءَ مان پڻ ھڪ پُٽ ٿيس، جنھن جو نالو سيد احمد رکيائين. اتان ئي ھي خاندان ٻن شاخن ۾ ورھائجي ويو. سيد شرف الدين جو اولاد، ’شرف پوٽا‘ ۽ سيد احمد جو اولاد، ’ميرڻ پوٽا‘ سڏجڻ لڳو. اھي ٻئي خاندان اڃا تائين مٽيارين جي شھر ۾ آباد آھن. ’شرفپوٽن‘ مان سنڌ جو مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر، شاھ عبدالڪريم بُلڙيءَ وارو پيدا ٿيو، جنھن جي ٽينءَ پيڙهيءَ مان شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جنم ورتو. ساداتن جو ھالا ڪنڊيءَ مان مٽياريءَ واري ماڳ تي اچڻ: سيد مير علي سنڌي، سن 802ھ- 803ھ مطابق 1400ع-1401ع ڌاري، ’هالا ڪنڊيءَ‘ ۾ ڄائو. ھُو ھالا ڪنڊيءَ ۾ پنھنجن ناناڻن ۾ نپنو ۽ وڏو ٿيو ۽ جڏهن شادي ڪيائين ۽ اولاد وارو ٿيو تہ ھالا ڪنڊيءَ مان لڏي اچي، ’متعلہ‘ يا ’مُتعالہ‘، يعني ’متهلو‘ (مُتھالو يا مَٽُ ھالو) شھر ۾ ويٺو، جيڪو ھالا قبيلي جي سربراھن جي زمينداريءَ ۾ ھو ۽ ھنن پنھنجي ڏوھٽي کي جاگير ڪري ڏنو. اھو شھر ھن وقت موجود نہ آھي، پر تعلقي شھدادپور کان اٽڪل 14 ڪلوميٽر اوڀر طرف، ’مُتهلو‘ ديھ ۽ تپو ان نالي جي يادگار طور اڃا موجود آھن. ھيءَ جاءِ ھالا پراڻا ۽ ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي. مقامي ماڻهن موجب انهيءَ ڳوٺ جي ايراضيءَ جا آثار گهڻي ڀاڱي درياءَ ۾ اچي ويا آھن، باقي ڪجهہ حصي تي کجين جو باغ آباد آھي. ھڪ ٻيءَ روايت موجب، سيد مير علي سنڌيءَ جي اولاد مان سڀ کان پھرين سندس پُٽ، شرف الدين پنھنجي ڪٽنب سميت لڏي وڃي مُتهلي (متعالہ) ۾ ويٺو، باقي سندس ٻيا ڀائر، پنھنجي پنھنجي ڪٽنب سميت، پيءُ سان گڏ رهيا، بعد ۾ سيد مير علي سنڌي بہ پنھنجي سڄي ڪٽنب سميت، مُتهلي (متعالہ) لڏي آيو. سيد مير علي سنڌي ۽ سندس اڪثر اولاد، پندرهين صدي عيسويءَ وارو گهڻو عرصو، ’مُتهلي‘ ۾ رهيا ۽ سيد مير عليءَ ’مُتهلي‘ ۾ ئي وفات ڪئي. ھنن سيدن پنھنجي دينداريءَ، ديانتداريءَ ۽ ڪامياب زمينداريءَ جي ڪري ڄام نظام الدين سمي جي حڪومت واري دؤر

(866ھ – 914ھ مطابق 1462ع -1508ع) ۾، وڏو اثر رسوخ پيدا ڪيو. ’مُتهلي‘ (متعالہ) طرف درياھ جي رُخ بدلائڻ سبب پاڻيءَ جي اڻاٺ ٿي پيئي ۽ ھنن ساداتن کي ٻين جاين تي زمينون مليون، جنھن ڪري سيد مير علي سنڌيءَ جو سڄو خاندان اٽڪل ڏهين ھجري صديءَ جي شروعات 900ھ -910ھ مطابق 1495ع -1504ع ڌاري، مُتهلي مان لڏي اچي موجودہ شھر ’مٽياريءَ‘ ۾ ويٺو، جتي کين ’مُتهلوي‘ سيد سڏيو ويندو ھو، ڇاڪاڻ تہ اڳ ھو ’مُتهلي‘ جا ويٺل ھئا.

ھي ھڪ علمي گهراڻو  ھو ۽ سندن لکڻين ۾ جيئن پوءِ تيئن ’مُتهلوي‘ کي ’متعلوي‘ ڪري لکيو ويو. مٽيارين وارو شھر اصل ۾ چانگن جو شھر، ’مٽ – آري‘ (آريءَ جو مٽ) ھو. سيد گهراڻي جي وڌندڙ اثر رسوخ جي ڪري سندن نالي پويان ’مُتهلوي‘ بہ سڏجڻ لڳو. جيتوڻيڪ عوام ۾ اصل نالو، ’مَٽُ - آري‘ مقبول ھو، جيڪو پوءِ ’مٽياري‘ وڌيڪ مشھور ٿيو، جو اڄ بہ ان نالي سان سڏجي پيو. مٽياريءَ مان ’سيد پور‘ (بلڙيءَ) لڏڻ ۽ ’ڪريم پوٽا‘ پاڙي جو آغاز:

مُتهلي مان چانگن جي شھر مٽياريءَ ۾ لڏي اچڻ کان ٽيھ – چاليھ سال پوءِ سيد شرف الدين جي اولاد (شرف پوٽن) مان سندس پُٽ سيد جلال عرف جراڙ جي اولاد (جراڙ پوٽن) مان سيد لال محمد عرف لَلٖي شاھ جي گهر، اٽڪل 944هه مطابق 1538ع ڌاري سيد عبدالڪريم ڄائو، جيڪو پنھنجي درويشيءَ ۽ دينداريءَ، فڪر ۽ فھم، تصوف ۽ توڪل جي ڪري تمام گهڻو مشھور ٿيو. سندس وڏو ڀاءُ جلال شاھ ھو. 

سيدلال محمد شاھ، عابد، زاھد ۽ سھروردي طريقي جو سالڪ ھو. سندس اچڻ وڃڻ اڪثر لاڙ طرف ٿيندو ھو ۽ وفات پڻ اتي ئي ڪيائين ۽ سھروردي سلسلي جي بزرگ شھاب الدين قريشيءَ جي مقام ۾ دفنايل آھي. اھو مقام، ضلعي بدين ۾، گولاڙچي روڊ تي آھي. جيئن تہ ھُو ھڪ وڏو درويش ھو، انهيءَ ڪري گهڻن ماڳن تي سندس معتقد ۽ مريد ٿيا، جن مان ڪي ’بلڙيءَ‘ واريءَ جُوءِ ۾ بہ ھئا.

شاھ ڪريم ننڍڙو ئي ھو، جو سندس پيءُ گذاري ويو. اُن کان پوءِ سندس امڙ ۽ وڏي ڀاءُ جلال شاھ کيس پاليو. سندس شادي مٽياريءَ ۾ ئي ٿي. پاڻ پوءِ پنھنجي پيءُ وانگر لاڙ طرف ايندو ويندو رهندو ھو ۽ نيٺ اتي جي مريدن ۽ معتقدن جي محبت ۾، مٽياري شھر ڇڏي، ھميشه لاءِ اوڏانھن لڏي ويو. ھڪ روايت موجب، پنھنجي وڏي ڀاءُ، جلال شاھ جي وفات کان پوءِ اٽڪل چاليھ - پنجاھ سالن جي عمر ۾ لڏيائين، ھڪ ٻيءَ روايت موجب، مخدوم نوح جي چوڻ تي بلڙيءَ طرف لڏيائين.

شاھ ڪريم، اُتي پنھنجو ڳوٺ ٻَڌو، جيڪو ’سيد پور‘ توڙي سندس پيءُ سيد لال محمد شاھ جي نالي پويان، ’لَلاڻي لَوءِ‘ سڏجڻ لڳو، پر جيئن تہ اھو بُلڙيءَ واري جُوءِ ۾ ھو، انهيءَ ڪري پوءِ اھو ماڳ، انهيءَ جُوءِ جي نالي سان ’بُلڙي‘ سڏجڻ لڳو. ميين شاھ ڪريم جي پاڇاٽي جواني توڙي پيري بُلڙيءَ ۾ گذري. پنھنجي گهرٻار سوڌو اُتي ئي رهيو ۽ وفات بہ 1032ھ/1623ع ۾ اتي ئي ڪيائين. اھڙيءَ ريت شاھ ڪريم ۽ سندس اولاد جو مرڪزي ماڳ مٽياريءَ مان ڦري بُلڙي ٿيو ۽ شاھ ڪريم پنھنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو اتي ئي رهيو. ھيءُ ماڳ اڳتي ھلي، ميين شاھ ڪريم جي ڪريم پوٽن ساداتن ۽ ميين شاھ ڪريم جي درگاھ جي ڪري توجھ جو مرڪز بڻيو. تصوف جي سلسلي ۾ ميين شاھ ڪريم والد جي سھروردي طريقي کي اختيار ڪرڻ بدران، قادري طريقي جو پيروڪار ٿيو. ميين شاھ ڪريم کي اَٺ پُٽ ٿيا، جن مان چئن کي اولاد ٿيو جيڪو وڌيو ويجهيو ۽ ڏاڏي جي نالي سان سندن پاڙو ’ڪريم پوٽا‘ ٿيو. سندس ٽئين نمبر فرزند، جلال شاھ عرف جمال شاھ جي اولاد مان شاھ لطيف جو والد شاھ حبيب پيدا ٿيو. جلال شاھ عرف جمال شاھ بن ميين شاھ ڪريم جو اولاد: جلال شاھ يا جمال شاھ، پنھنجي والد ميين شاھ ڪريم جي وقت ۾، مٽياريءَ ۽ ھالن طرف گهڻو ايندو ويندو ھو. ھڪ دفعي پاڻ ھالا طرف ھو جو ڦورن ڪنھن عورت جو مال ڦُريو ۽ جڏهن جمال شاھ پويان واھرو ٿي ويو، تڏهن ڦورن کيس شھيد ڪيو. سيد جمال شاھ ’گولي پير جي مقام‘ ۾ دفن ٿيل آھي. اھو مقام شاھ لطيف جي مقبري کان اتر طرف 11 کن ڪلوميٽر گولي پير موري ۽ گولي پير ڳوٺ جي اڀرندي پاسي، يو سي ملدسي، تعلقي شھدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ آھي. انهيءَ مقام ۾ جمال شاھ جي قبر، گولي پير جي قبر کان ٿورو پرڀرو الھندي پاسي آھي. سندس قبر تي وفات جو سن 1672ع لکيل آھي. قبر، ڳاڙهين سرن جي ٺھيل آھي. انهيءَ قبرستان تي پھچڻ لاءِ ڀٽ شاھ کان چؤدڳي ۽ چؤدڳي کان اتر طرف 6 کن ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري گولي پير جي ڳوٺ ۾ گولي پير جي مقام تي پھچبو.

ھي ماڳ، شھدادپور تعلقي جي ديھ ’جَما‘ ۾، ڀِٽ شاھ کان اٽڪل 11 ڪلوميٽر اُتر طرف آھي، جتي جمال شاھ جي تربت موجود آھي. جمال شاھ کي فقط ھڪ فرزند عبدالقدوس شاھ نالي ٿيو، جيڪو وڏو عابد ۽ درويش ھو. عبدالقدوس شاھ کي ٻہ پُٽ ٿيا: سيد حبيب شاھ، سيد عبدالرشيد شاھ. سيد عبدالرشيد شاھ کي پنج پُٽ ٿيا، جن جا نالا: عبدالقدوس شاھ ، نالي چڱو شاھ، شاھنواز شاھ عرف شھزادو، عبدالقدوس شاھ ۽ ڪبير محمد شاھ ھئا.

شاھ حبيب ۽ سندس ڪٽنب:

شاھ حبيب، ميين شاھ ڪريم جو پڙپوٽو ھو. سندس والد جو نالو سيد عبدالقدوس شاھ ۽ ڏاڏي جو نالو سيد جلال عرف جمال شاھ ھو. جمال شاھ جو فرزند، عبدالقدوس شاھ، عابد ۽ درويش ٿي گذريو آھي. کيس ٻہ پُٽ حبيب الله شاھ (شاھ حبيب) ۽ عبدالرشيد شاھ ٿيا، ٻنهي کي اولاد ٿيو. دينداري ۽ درويشي، شاھ حبيب جي حصّي ۾ آئي. ميين شاھ ڪريم کان پوءِ، جملي ڪريم پوٽن ۾، شاھ حبيب ئي زھد ۽ عبادت، فقر ۽ فضيلت جو صاحب ٿيو ۽ سندس اعليٰ اخلاق، فيض ۽ فقيريءَ جو خاص طرح سان، سندس پُٽ شاھ عبداللطيف جي تربيت تي وڏو اثر پيو. ڪريم پوٽن مان شاھ حبيب ئي شاعر ٿيو، جنھن ڪجهہ بيت چيا، جن مان ڪي ’شاھ جو رسالو‘ ۾ موجود آھن. نموني طور ڪي بيت ھيٺ ڏجن ٿا:

ڪِہ جِہُ نينهه نَنڌاھه، جي مون واجهائيندي نہ ورو، 

جيڪين مُئي ڪنداھ، سو جانب ڪَرِهو جيئري. 

(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (1993ع)، ’شاھ جو رسالو‘، شاھ جي سوانح عمري، ص: 35)

اھو مٿيون بيت شاھ حبيب سڪرات جي حالت ۾ نياپي طور شاھ لطيف کي موڪليو ھو.

ڪن روايتن ۾ آھي تہ، شاھ حبيب کي شاھ لطيف جي ھنگلاج وڃڻ واري ڳالهہ نہ وڻي، جنھن تي ھي بيت چيائين. (آڏواڻي، 1989ع، ص: 42) 

ناٿُ جَنھِين نِنڌِ، تِتِ نہ نِھارِيو جوڳِئين، 

ڪي ڪُوِيساھِيا ڪاپَڙي، پُرِيا پَراھين پَنڌِ،

ھو ھِنھَين ھَنڌِ، ٿي ھُنهَئيِن وِيا ھِنگِلاجِ ڏي. 

(ڪلياڻ آڏواڻي، (1976ع)، ’شاھ جو رسالو- معنيٰ سان‘، سُر رامڪلي، داستان 9، ص: 417)

شاھ حبيب پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ، ڪجهہ وقت لاءِ اچي مٽياري شھر ۾ رهيو ۽ پوءِ عزيزن جي اڻبڻت ڪري درويش ھاشم شاھ جي چوڻ تي، جيڪو کيس گهڻو گهرندو ھو، مٽياريءَ کي ڇڏيائين. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق موجب شاھ حبيب ٻہ شاديون ڪيون. ڪن روايتن موجب شاھ حبيب ھڪ شادي مائٽن مان ڪئي ۽ ٻي ٻاھران ڏيرن فقيرن مان ڪئي، جنھن مان شاھ لطيف ڄائو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق موجب مٽياروي سيدن جي پاڙن جي شجرن ۾، شاھ حبيب جي ان شاديءَ جو ڪو حوالو موجود نہ آھي. شاھ حبيب جي ٻيءَ شاديءَ جي باري ۾ ھڪڙن مؤرخن جو چوڻ آھي تہ، پاڻ ٻي شادي مخدوم عربي دياڻي جي خاندان مان ڪيائين ۽ ٻين مؤرخن جو چوڻ آھي تہ شاھ حبيب جي ٻي شادي مخدوم عربي دياڻي جي ڌيءَ سان ٿي. جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪيل تحقيق موجب شاھ حبيب ٻي شادي ڏيرن مان، عرس فقير ڏيري جي ڌيءَ سان ڪئي. روايتن موجب، ٻنهي گهرن مان کيس اولاد ٿيو. ھڪ گهر مان کيس ٽي فرزند ٿيا، جن مان فقط ھڪ شاھ لطيف حياتي ماڻي. ٻئي گهر مان، ھڪڙن حوالن موجب، کيس جمال شاھ نالي فرزند ٿيو ۽ ٻين حوالن موجب، کيس جمال شاھ ۽ مصري شاھ نالي ٻہ فرزند ٿيا. پٽن کان سواءِ شاھ حبيب کي ’بيبي بتول‘ نالي ھڪ نياڻي پڻ ھئي، جيڪا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق موجب شاھ لطيف جي سڳي ڀيڻ ھئي، پر مير عبدالحسين خان سانگيءَ ڄاڻايو آھي تہ شاھ حبيب کي ٻيون بہ ٻہ نياڻيون ھيون، پر اھا پڪ نہ آھي تہ اھي ڪھڙي گهر مان ھيون. انهن ٻنهي جي شادي شاھ حبيب جي حياتيءَ ۾ ئي ٿي. انهن مان ھڪ مٽياري سيدن جي ’موسيٰ‘ پاڙي ۾ ۽ ٻي ’سماباڻي‘ پاڙي ۾ ڏنل ھئي. شجرن جي تحقيق مطابق شاھ حبيب جي ھڪ نياڻي، سيد موسيٰ جي ڀاءُ سيد عيسيٰ جي اولاد ’عيسيٰ پوٽن‘ جي پاڙي ۾ محمدحافظ شاھ جي پٽ کي پرڻايل ھئي. سماباڻين ۾ ڏنل نياڻيءَ لاءِ ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ لکيو آھي: ”شجرن مان توڙي زباني روايتن مان اھا تصديق نہ ٿي سگهي تہ ڪو شاھ حبيب جي ڪا نياڻي سمهباڻين ۾ بہ ڏنل ھئي.“ (بلوچ، 2009ع، ص: 3-4)

شاھ عبداللطيف جي ولادت (1102ھ/1689ع):

عام روايتن ۾ آھي تہ، شاھ حبيب کي اولاد ڪونہ ٿيندو ھو. ڪنھن درويش کان دعا گهريائين، جنھن چيس تہ، توکي پُٽ ٿيندو، پر سندس نالو عبداللطيف رکجانءِ. روايتن ۾ آھي تہ، اھا دعا شاھ حبيب کي مٽياري شھر جي مست درويش ھاشم شاھ ڪئي ھئي، جيڪو پاڻ جراڙ پوٽو ھو ۽ شاھ حبيب جو عزيز ۽ ھمعصر بہ ھو. شاھ حبيب دل ۾ ارادو رکي، ھاشم شاھ وٽ ويو. جنھن کيس ڏسي چيو تہ: ”حبيب مان لطيف جي بوءِ ٿي اچي.“ شاھ حبيب کي ڄڻ واڌائي ملي تہ کيس عبداللطيف نالي پُٽ ٿيندو، جنھن جي خوشبوءِ ملڪ واسيندي. پوءِ کيس پُٽ ڄائو، جنھن جو نالو عبداللطيف رکيائين، پر اھو ٻارڙو گذاري ويو. ساڳئي گهر مان کيس ٻيو پُٽ ڄائو، تنھن جو نالو بہ عبداللطيف رکيائين، پر اھو بہ گذاري ويو. وري بہ ساڳئي گهر مان کيس ٽيون پُٽ ڄائو، جنھن جو نالو وري بہ عبداللطيف رکيائين، جيڪو بچيو ۽ اھو ئي شاھ عبداللطيف ٿيو. اھي ٽيئي ٻارڙا، کيس جنھن بيبيءَ مان ٿيا، سا عرس فقير ڏيري جي نياڻي ھئي.

عرس فقير ڏيري کي ٻہ نياڻيون ھيون: وڏي رب رکيي فقير ڏيري کي ڏنائين، جنھن مان محمد عالم ٿيو، جيڪو شاھ عبداللطيف جو سڳو ماسات ھو ۽ ننڍي نياڻي شاھ حبيب کي ڏنائين، جنھن مان شاھ عبداللطيف ٿيو.

شاھ لطيف جي ولادت سال 1102هه/1689ع ۾ ٿي. سيد غلام محمد شاھ ’گدا‘ سندس ولادت جو سال پنھنجي ھيٺئين ’تاريخي مادي‘ واري شعر ۾ ھن ريت لکيو آھي:

گدا، سال توليد سلطانِ ’ڀٽ‘، شُنيدم ز ھاتف ’عنايت شعار‘. 1102

شاھ عبداللطيف ڪٿي ڄائو، ان بابت مختلف عالمن ۽ محققن جا مختلف رايا آھن. انهن مان ڪن عالمن ۽ محققن جو چوڻ آھي تہ، شاھ حبيب جي گهرواري مخدوم عربي دياڻي جي خاندان مان ھئي يا خود مخدوم عربي دياڻي جي ڌيءَ ھئي. جيئن تہ مخدوم عربي دياڻيءَ جي رهائش ھالا (پراڻا) ۾ ھئي، انهيءَ ڪري قوي امڪان آھي تہ، شاھ لطيف جي ولادت بہ ان طرف ٿي ھوندي. انهيءَ حوالي سان ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ ليلا رام وطڻ مل لالواڻي لکن ٿا تہ: شاھ لطيف، ’هالا حويليءَ‘ ۾ ڄائو. ميرعبدالحسين خان سانگي ۽ مولانا دين محمد وفائي لکن ٿا تہ: سندس ولادت ’ڀئي پور‘ (ڀينءَ پور) ۾ ٿي. جڏهن تہ مرزاقليچبيگ، ’ڀينءَ پور‘ ۽ ’هالا حويلي‘ ٻنهي کي ڳنڍيندي لکي ٿو: ”شاھ عبداللطيف، جنھن کي گهڻو ڪري ’شاھ ڀٽائي‘ يا ’ڀٽائي گهوٽ‘ يا ’ڀٽائي بادشاھ‘ ڪري سڏيندا آھن، سو سال 1102ھ يا 1689ع ۾، حيدرآباد ضلعي جي ھالن جي تعلقي ۾، ’کٽياڻن جي ڳوٺ‘ جي ويجهو ’ڀئيءَ پور‘ ۾ ڄايو ھو. سندس ڄمڻ جي جاءِ ’هالا حويلي‘ ۾ ھئي، جا ’ڀئيءَ پور‘ سان لڳ ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ ڏي ھئي. جنھن گهر ۾ شاھ صاحب ڄايو ھو، اتي پوءِ ھڪڙي مسجد جوڙائي وئي ھئي، جا اڃا تائين ’نصير واھ‘ جي ڪلهي تي بيٺل آھي.“ (بيگ، 1989ع، ص: 9) ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ، مرزاصاحب جي انهيءَ عبارت جي ترديد ڪندي لکي ٿو: ”مرزا صاحب جي ٻي سڄي عبارت خيالي آھي ۽ سرزمين جي ڄاڻ کان سواءِ لکي ويئي آھي. شاھ لطيف ساڳئي وقت ھالا حويلي ۾ ۽ ڀينءَ پور لڳ، مسجد جي ڀر واري گهر ڳوٺ تولد ٿي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ جو ’ڀينءَ پور‘ کان ’هالا حويلي‘ ڪافي پري آھي، ٻيو تہ اھا ڏکڻ اوڀر طرف ڪانهي، پر اتر اوڀر طرف آھي.“ (بلوچ، 2009ع، ص: 6)

شاھ حبيب جي ڀينءَ پور واري مسجد، نصير واھ جي ڏاکڻئي ڪپ تي ھن وقت صحيح حالت ۾ موسيٰ کٽياڻ کان 2 ڪلوميٽر الھندي پاسي، ڳوٺ الهه بچايو سمون، يو سي موسيٰ کٽياڻ، تعلقي حيدرآباد ۾ آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھ لطيف جي ولادت جي باري ۾ لکي ٿو: ”سندس ماءُ ڏيرن فقيرن مان ھئي، جيڪي پنھنجي وقت جا درويش ھئا ۽ ’قندر‘ فقير ڏيري جي پوين مان ھئا، جيڪو ستين صدي ھجريءَ ۾ ٿي گذريو. قندر فقير ملتان جي ولي غوث بھاؤالدين ذڪريا جو خليفو ھو. سندس گهر واري ’مائي سُئي‘ يا ’سوئي‘ جيڪا ذات جي ھَڪِڙي ھئي، سا بہ وڏي پھتل درويش ھئي، ايتري قدر جو ھن مائيءَ جو نالو، سندس مُڙس جي نالي کان بہ اڳ ۾ اچڻ لڳو، ۽ سندن مقام بہ ’سئي قندر‘ وارو مقام سڏجي ٿو.“ (بلوچ، 2009ع، ص: 4)

انهن ڏيرن درويشن مان، عرس فقير ڏيرو بہ ھو، جيڪو پنھنجي وقت ۾ ھڪ وڏو نيڪ شخص ھو. عرس فقير، ڪُنڌر فقير ڏيري جي اولاد مان، ’ڌنؤنريات‘ لقب وارن ڏيرن فقيرن جي ’ثابت‘ يا ’ثابت پوٽا‘ پاڙي مان ھو. ھنن ڏيرن فقيرن جا ٻہ سلسلا ھئا: ھڪڙا ’سايات‘ يا سبز پوش (سائو ويس ڍڪيندڙ) ۽ ٻيا ’ڌئونريات‘ يا سفيد پوش. اھي وڏا پھتل درويش ھئا ۽ ’گنباٽ ڌڻي‘ (گنباٽ واري ايراضيءَ جا رکوال) ڪري سڏبا ھئا. ثابت فقير پاڻ وڏو درويش ٿي گذريو آھي، جو چيائون تہ:

سوالي سچيءَ سڪ مان، جي ’ثابت‘ کي سارينِ، تن نڪا تنگي تؤڻ جي، نڪي اُڌارينِ.

شاھ حبيب انهن ڏيرن فقيرن مان عرس فقير ڏيري جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي ۽ شاديءَ کان پوءِ ھو ساھرن جي پاڙي ۾ ٿي ويٺو، جتي سندس گهر ’سُئي/سوئي ڪُنڌر‘ واري تاريخي مقام جي بلڪل ويجهو اولهه طرف ھو. سندس گهر واري اھا جاءِ، روينيو رڪارڊ موجب سروي نمبر 134 ديھ ’سُئي/سوئي ڪُنڌر جاگير‘، تعلقي شھدادپور ۾ آھي. ’سُئي/سوئي ڪُنڌر مقام‘ کان ڪجهہ مفاصلي تي اُتر-اولهہ طرف شاھ حبيب جي گهر لڳ، ھڪ کڏ ھئي، جنھن کي ’ساياتن جي کَڙ‘ ڪري چوندا ھئا.

ساياتن جي کڙ، مقام کي ڏنل مٽيءَ جي ڊٺل ڪوٽ جي لڳ الهندي پاسي آھي، ھاڻي اِھا کڏ صرف ھڪ ايڪڙ زمين بچي آھي. ھن وقت ھتي شاھ حبيب جي حويليءَ جا آثار موجود ناھن.

انهيءَ جي ڀرسان 1930ع تائين، ڪنڊيءَ جا وڻ بيٺل ھوندا ھئا، جيڪي ’شاھ حبيب جا ڪنڊا‘ سڏبا ھئا. اُتي سندس حويلي ھئي. انهيءَ حويليءَ ۾ ئي شاھ حبيب جا پھريان ٻہ پُٽ ڄاوا جيڪي گذاري ويا ۽ ’سُئي/سوئي ڪُنڌر مقام‘ ۾ دفنايا ويا. ٻنهيءَ جون قبرون اڃا تائين اُتي موجود آھن، جن مان ھڪ تي عبداللطيف ۽ ٻيءَ تي عبدالرشيد نالي واريون سرون بہ لڳل آھن.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق مطابق شروع ۾ ٻنهي قبرن تي عبداللطيف جا نالا لکيل ھئا. سن 1959ع ۾ جڏهن انهن قبرن کي نئين سر ٻڌايو ويو تہ انهن مان ھڪ تي عبدالرشيد جي نالي واري سِر لڳائي وئي. موجودہ صورتحال موجب ٻنهي قبرن تي سندن وفات جا سن ھن ريت لکيل آھن تہ: ھڪ قبر تي مرحوم عبدالرشيد ولد حبيب شاھ جي وفات 1109ھ ۽ ٻئي تي مرحوم عبداللطيف شاھ ولد حبيب شاھ وفات 1110هه جا ڪتبا لڳل آھن، تحقيق موجب ٻئي ڄاڻايل سن غلط آھن. جيئن تہ شاھ لطيف جي ولادت 1102ھ ۾ ٿي ھئي، جڏهن تہ مختلف روايتن ۾ ڄاڻايل آھي تہ اھي ٻئي ڀائر شاھ لطيف جي ڄمڻ کان اڳ وفات ڪري ويا ھئا. ڊاڪٽر نبي بخش خان جي چوڻ موجب: ”ٽکڙ واري شجري ۾ شاھ عبداللطيف جي ٻين ٻن ڀائرن جا نالا ساڳيا عبداللطيف ڄاڻايل آھن.“ (بلوچ، 2009ع، ص: 5) ٽيون پُٽ، شاھ عبداللطيف بہ انهيءَ ساڳئي گهر ۾ ڄائو ۽ اتي ئي نپنو ۽ وڏو ٿيو. مقامي طور تي پڻ اھا ئي روايت مشھور آھي ۽ بيان ڪئي وڃي ٿي تہ، شاھ حبيب ڪي سال ’سُئي/سوئي ڪُنڌر‘ واري مقام لڳ اولهہ طرف واري ڳوٺڙي ۾ پنھنجي حويليءَ ۾ رهيو ۽ جڏهن اتان لڏيائون تہ پوءِ ڪوٽڙيءَ ويو. ٻي روايت جيڪا پوئين دور جي مصنفن جي لکتن کان متاثر ٿي بيان ڪئي وئي آھي سا ھيءَ تہ: ”ڇاڪاڻ جو پھريان ٻارڙا ڪين بچيا ھئا، انهيءَ ڪري جڏهن شاھ عبداللطيف پيٽ ۾ ٿيو تہ شاھ حبيب ماڳ مٽايو ۽ اتان لڏي ويو. پر اھو دليل ايڏو وزندار ڪونهي، ڇاڪاڻ جو شاھ حبيب پختي ارادي ۽ وڏي توڪل وارو بزرگ ھو، جي باوجود پھرين ٻن ٻارڙن جي فوت ٿي وڃڻ جي بہ، ٽئين ٻار جو نالو بہ عبداللطيف رکيائين، تہ پوءِ وھم ۽ وسوسي ۾ اچي، ھن ڪيئن پنھنجو گهر ڇڏيو ھوندو ۽ ماڳ مٽايو ھوندو! جيئن تہ شاھ حبيب جي گهر واري جاءِ توڙي پھرين ٻن ٻارڙن جي ولادت ۽ وفات بابت مقامي طور پڪيون پختيون شاھديون توڙي پڪا پختا آثار موجود آھن، انهيءَ ڪري پوري وثوق چئي سگهجي ٿو تہ ٽيون ٻار ’عبداللطيف‘ (شاھ عبداللطيف) پڻ اُتي ئي ان ساڳئي گهر ۾ ڄائو. ٿي سگهي ٿو تہ ٻارڙي جي خير سان صحيح سلامت ولادت بعد، سندس صحت، عافيت ۽ دوا درمل خاطر شاھ حبيب ڪي ڏينھن وڃي، ڪنھن ٻيءَ جاءِ تي رهيو ھجي، پر اھڙي گمان موجب پڻ سندس ’ڀينءَ پور‘ وڃڻ وڌيڪ مناسب نظر اچي ٿو جو اتي جا ڪي سما فقير غالباً سندس مريد ۽ معتقد ھئا، جن مان ميان اسماعيل فقير سمو پوءِ شاھ عبداللطيف جو خليفو ٿيو. بھرحال جيڪڏھن اُتي شاھ حبيب جو رهڻ ٿيو تہ بہ ٿوري وقت لاءِ ٿيو، جو ھو وري پنھنجي حويليءَ ۾ موٽي آيو.“ (بلوچ، 2009ع، ص: 6-7) ڀينءَ پور واريءَ ڀيڻيءَ تي ھن وقت بہ اسماعيل فقير سمي ۽ سندس ڀاءُ جون قبرون، شاھ حبيب ڏانھن منسوب ڪيل مسجد جي ڏاکڻين پاسي آھن. اھا مسجد پوءِ ٽالپرن واري دؤر ۾ لونگ فقير، پڪي ڪرائي. مقامي ماڻهن موجب، تقريباً 15 سال اڳ، ان مسجد جي اتر طرف شاھ جو ٿلهو، ھڪ اڌ لٽيل کوھ ۽ سامهون سڏ پنڌ اوڀر ۾ ڳاڙهين سِرن جي ڪٿي چار فوٽ تہ ڪٿي پنج فوٽ اوچائي ۽ ٽي فوٽ مٿئين ويڪر جي بنياد واري وڏي حويليءَ جا آثار موجود ھئا. ان ڦٽل جاءِ کي مقامي ماڻهو ’حبيب شاھ جي حويلي‘ چوندا ھئا. حويليءَ کان اوڀر طرف پرڀرو ڳاڙهين سِرن جي ھڪ ٻيءَ جاءِ جا بہ آثار ھئا، جنھن کي حبيب شاھ جي اوطاق سڏيندا ھئا. ھيءَ مسجد ھن تر ۾، شاھ حبيب جي شفا خاني جي حوالي سان مشھور آھي. ھن وقت اُتي شاھ حبيب جي اُنهيءَ مسجد کان سواءِ حويلي، اوطاق ۽ کوھ وغيرہ جا آثار مڪمل طور ميسارجي چڪا آھن.

ننڍپڻ، ابتدائي تعليم ۽ تربيت:

شاھ عبداللطيف جي تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان مختلف عالمن ۽ ليکڪن جي مختلف راءِ آھي. شاھ لطيف کي ولي ۽ بزرگ سمجهي، عقيدتمند ماڻهن مان ڪن جو چوڻ آھي تہ، ھُو اُمي يا اڻ پڙهيل ھو ۽ کيس علم لُدني حاصل ٿيل ھو، جيڪو قدرت طرفان ولين، بزرگن ۽ پيغمبرن کي عطا ٿيل ھوندو آھي، تہ وري ڪِن جو چوڻ آھي تہ شاھ لطيف باقاعدي مڪتب ۾ ويھي تعليم حاصل نہ ڪئي، پر ڪجهہ پنھنجي فھم، فڪر ۽ مشاھدي جي آڌار تي ۽ ڪجهہ پنھنجي استاد، آخوند نور محمد وانئينءَ واري جي رهنمائيءَ ۾ پڙهي، صرف اکر شناس ٿيو، پر تنھن ھوندي بہ لکڻ ڪونہ ڄاڻندو ھو.

انهيءَ حوالي سان عام طور تي ھيءَ روايت بيان ڪئي وڃي ٿي تہ، شاھ لطيف جڏهن پنجن ڇھن ورهين جو مس ٿيو، تڏهن سندس والد کيس آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ وِيھاريو. جڏهن آخوند ’الف بي‘ سيکارڻ شروع ڪيس ۽ چيائينس تہ: ’چئو الف‘، تڏهن شاھ لطيف ھڪدم چيو: ’الف‘، وري جڏهن آخوند چيس تہ: ’چئو ب‘، تڏهن شاھ لطيف وراڻيو تہ: ’سائين ’ب‘ تہ اصل آھي ئي ڪانہ. پوءِ ’ب‘ ڇا جي چوان!!‘ نيٺ گهڻيءَ ردڪد کان پوءِ ننڍڙي لطيف کي شاھ حبيب وٽ وٺي آيا ۽ کيس سمورو حال اچي ٻڌايائون تہ، ھي ٻار تہ الف کان اڳتي ھڪ اکر بہ نٿو چوي. سيد حبيب انهيءَ روحاني رمز کان واقف ھو، تنھن سموري مام کي پروڙي ورتو. پُٽ کي خوشي وچان ڳراٽڙي پائي، پيشاني چُمي چيائينس تہ: ’ابا، تون بيشڪ حق تي آھين، پر زماني ۾ پڙهڻ پڙهائڻ لاءِ ظاھري علم پرائڻ جو اھو ئي نمونو آھي، تنھن ڪري ’ب‘ کي بہ ڦٽو ڪين ڪيو ويندو!‘

شاھ لطيف مڪتب ۾ ان کان وڌيڪ ڪجهہ پڙهيو يا نہ ۽ آخوند نور محمد وٽ جيڪڏھن پڙهيو تہ ڪيترو وقت پڙهيو ۽ ڪيتري قدر درسي علم حاصل ڪيائين، ان بابت ڪا پختي شاھدي نہ ھئڻ سبب ڪجهہ بہ چئي نٿو سگهجي. عام اعتقاد آھي تہ، شاھ عبداللطيف کي رواجي درسي تعليم ڪانہ ملي، پر سندس رسالي ۾ موجود شاھدين کي ڏسندي ڪن عالمن جو چوڻ آھي تہ، شاھ لطيف وڏو عالم ھو، جنھن کي عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل ھو. ھڪ اڻ پڙهيل ۽ اُمي ماڻهو عربي ۽ فارسيءَ جا فقرا معنوي نزاڪت سان پنھنجي شعر ۾ ڪيئن پوئي سگهندو! جھڙيءَ ريت شاھ لطيف جي ڪلام ۾ آيتون، حديثون، عربي چوڻيون ۽ فارسيءَ جا بامعنيٰ فقرا درج ٿيل آھن. ڊاڪٽر گربخشاڻي پنھنجي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي جي مقدمي ۾ ڊاڪٽرارنيسٽ ٽرمپ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو تہ: ”ڊاڪٽر ٽرمپ پنھنجي ڇپايل رسالي جي مقدمي ۾ سچ چيو آھي تہ، اھڙي دعويٰ کي رد ڪرڻ لاءِ شاھ جو ديوان ئي ڪافي ثبوت آھي، جنھن ۾ ھن عربي ۽ فارسي زبانن جو اونهو محاورو ڏيکاريو آھي.“ (گربخشاڻي، 1993ع، ص: 27) وڌيڪ پنھنجي راءِ ڏيندي ڊاڪٽر گربخشاڻي شاھ لطيف جي اڻ پڙهيل ھجڻ جو انڪاري ٿيندي لکي ٿو: ”يقين سان چئي سگهجي ٿو تہ ڪي قدر درسي تعليم حاصل ڪري، ۽ ڪي قدر پنھنجي سر تجربي ۽ مطالع ڪري، شاھ عبداللطيف اُن زماني جي لياقت آھر، ھر علم ۾ چڱي مھارت حاصل ڪئي. ھو عربي ۽ فارسيءَ جو عالم ھو، ۽ پنھنجي مادري ٻوليءَ تي کيس ڪُلي ضابطو ھو. نہ فقط ايئن، پر ٻين ٻولين، جھڙوڪ: بلوچي، سرائڪي، ھندي ۽ پنجابي وغيرہ جي پڻ قدري ڄاڻ ھيس. ازنسواءِ، سنديس تاريخي معلومات بہ وسيع ھئي. سنڌ توڙي ھندستان جي ٻين ڀاڱن جي قصن ۽ ڪھاڻين کان بہ چڱيءَ طرح واقف ھو. قرآن ۽ حديث، فقه ۽ فلسفہ، تصوف ۽ ويدانت، صرف ۽ نحو وغيرہ جو بہ ڳوڙهو اڀياس ڪيو ٿو ڏسجيس. قرآن شريف، روميءَ جي مثنوي ۽ شاھ ڪريم جو رسالو اڪثر ساڻس ھمراھ ھوندا ھئا؛ ۽ روايت آھي تہ ميان نور محمد ڪلهوڙي مثنويءَ جو ھڪ نھايت عمدو سوناڪاري دستخط نسخو کيس تحفي طور ڏنو ھو. ھاڻ جيڪڏھن شاھ اُمي ھجي ھا تہ کيس اھڙي تحفي موڪلڻ جو ڪھڙو سُود؟ انهن ٽنهي ڪتابن ۽ مذڪور ڪيل علمن مان ڪيترا مضمون پنھنجي شعر ۾ پڻ داخل ڪيا اٿس؛ ۽ ڪٿي ڪٿي تہ قرآن جي ڪن آيتن ۽ مثنويءَ جي ڪن بيتن جو ھوبھو ترجمو ڏنو اٿس. اِھا لاجواب ثابتي آھي تہ شاھ عبداللطيف پنھنجي زماني جو ھڪ يگانو فاضل ۽ عالم شخص ھو.“ (گربخشاڻي، 1993ع، ص: 20-21) مير علي شير قانع، مير عبدالحسين سانگي ۽ مرزا قليچ بيگ، جيئن تہ لطيف بابت جيڪي لکيو، سو ٻُڌ سُڌ ۽ روايتن تي مبني ھو، ان ڪري ھنن عام عقيدتمند ماڻهن يا مريدن وغيرہ واتان ٻُڌل ڳالهيون پئي دھرايون، ان بابت دين محمد وفائي لکي ٿو: ” ڪن ٻين صاحبن جو چوڻ آھي تہ، ’شاھ ڀٽائي استاد وٽ فقط الف جو اکر پڙهيو، باقي جو ڪجهہ ھن حاصل ڪيو سو ڪرامت آھي يا الاھي ڏات آھي.‘

مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:

گهڻن ماڻهن جو چوڻ آھي تہ شاھ صاحب، ’الف - بي‘ کان وڌيڪ ڪي ڪين پڙهيل ھو. مير علي شير قانع ٺٽي واري جي پڻ اھا راءِ آھي. ھيتري بہ پڪ آھي تہ ڪنھن استاد وٽ ويھي ڪا تعليم حاصل ڪانہ ڪيائين، مگر پنھنجي منھن شوق ڪري علم پرايو ھوندائين تہ ڪو شڪ نہ آھي. ھُو پارسي ۽ عربي زبانن مان چڱيءَ طرح واقف ھو، سندس رسالي ۾ قرآن جون ڪيتريون ئي آيتون ۽ حديثون ۽ ٻيا قول ڏنل آھن جو علم واري کان سواءِ اھڙي نزاڪت سان بيھي ڪين سگهندا. اھڙي ڪابہ شيءِ اسان کي ھٿ نٿي لڳي جيڪا شاھدي ڏئي تہ شاھ صاحب پڙهيل آھي يا لکي ڄاڻندو ھو. جي لکي ڄاڻندو ھجي ھا تہ ٿورا ڪي لفظ سندس ھٿن جا موجود ھجن ھا. رسالو بہ پاڻ نہ لکيائين. شاھ صاحب وٽ ھڪڙا ٽي ڪتاب قلمي موجود ھوندا ھئا جـي اڃـا تـائين رکيل آھن: (1) قرآن مجيد، (2) مثنوي مولانا جلال الدين رومي، (3) شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو. انهن ڪتابن تي ڪنھن ھنڌ بہ حاشيہ وغيرہ تي ڪجهہ بہ لکيل نہ آھي، جنھن کي شاھ صاحب جا دستخط چئجن. مرزا قليچ بيگ ٻئي ھنڌ لکي ٿو: ”شعر جي ھن کي الاھي ڏات ڏنل ھئي. ان بابت ھن کي ڪا تعليم ورتل ڪانہ ھئي. جو پرايائين سو طبع جي چالاڪي ۽ فھم جي تيزيءَ سان پرايائين جا اصلي خدا تعاليٰ جي درگاھ مان مليل ھوس.“(وفائي، 1978ع، ص: 18-19) مولانا دين محمد وفائي موجب، مير علي شير قانع ٺٽوي، شاھ لطيف جو وڏو معتقد ھو، جيتوڻيڪ عمر جي لحاظ کان شاھ لطيف کان ننڍو ھو، پر ساڳئي دؤر جو ھو، سندس چوڻ آھي: شاھ لطيف بلڪل اُمي (يعني اڻ پڙهيل) ھو. مقالات الشعراء موجب: حضرت شاھ صاحب توڻي جو بالڪل اڻ پڙهيل (اُمي) ھو، پر تنھن ھوندي بہ سموري دنيا جو علم سندس دل واري لوح محفوظ تي ثبت ٿيل ھو. سچ تہ ھي بيت (فارسي) سندس شان جي لائق ۽ شايان آھي:

چو طفل غنچھ ناديدہ دبستان،

بہ بر سيپارہ اسرار رحمان. 

يعني: ھڪ ننڍي ٻارڙي وانگر، جو اڃا اسڪول ئي ڪونہ ڏٺو ھئائين تہ الله تعاليٰ جي رازن جا سيپارا کيس سمورا ياد ٿيل ھئا.

ھڪ روايت موجب مرزا بيگ ارغون، جڏهن فوت ٿيو تہ ڪنھن مريد شاھ لطيف جي سامهون ھيٺيون فقرو پيش ڪيو: ’بودِ خبيث‘ (يعني پليد ھو). ان مان مرزا جي وفات جي تاريخ ۽ سال حاصل ٿئي ٿو، پر شاھ لطيف بر وقت ان فقري کي پسند نہ ڪيو ۽ چيو: ’ائين چوڻ نہ گهرجي پر چئو تہ: ’يک مغل بہ بود‘ (هڪ مغل ھو).‘ ان جو ابجد موجب حساب ڪيو ويو تہ، وفات جي ساڳي تاريخ نڪتي. مير علي شير قانع موجب، شاھ لطيف اڻ پڙهيل ھو، پر الاھي ڏات موجب سمورن علمن جو عالم ھو ۽ ڪنھن ماڻهوءَ جي وفات جي تاريخ جا فقرا بہ بي اختيار چئي ويندو ھو، جنھن تي شاعرن ۽ عالمن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ مٿاڪُٽ ڪرڻي پوندي ھئي.

شاھ لطيف، ٺٽي ۾ مخدوم محمد معين عرف مخدوم ٺاري وٽ ايندو ويندو ھو ۽ مير علي شير قانع بہ مخدوم صاحب جي شاگردن مان ھو، تنھن ڪري ھن صاحب جي شاھدي، شاھ لطيف جي ظاھري نہ پڙهڻ بابت ھئڻ جي باوجود شاھ لطيف جو ڪلام ڏسجي ٿو تہ قرآن جي آيتن ۽ مثنويءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي اھڙيءَ ريت سنڌي زبان جي پوشاڪ پھرائي وئي آھي جو ڪو وڏو عالم بہ حيرت وچان حيران رهجي وڃي ٿو. ڇا اھو سڀ ڪجهہ لدني (باطني) علم جي ڪرامت آھي يا شاھ لطيف ڪجهہ ظاھري علم بہ پِرايو ھو؟ انهيءَ حوالي سان مولانا دينمحمد وفائي پنھنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”شاھ صاحب ظاھري استاد وٽ ننڍائي ۾ ڪجهہ ٿورڙو پڙهي فقط اکر شناس ٿيو آھي، باقي لکي ڪجهہ بہ نہ ڄاڻندو ھو پوءِ پنھنجي تجربن ۽ علمي صحبتن ۽ سنگت ۽ صحبت يا اِلاھي تجلي واري ڏات سان ھن تي علمي پالوٽ ٿي آھي. جنھن ڪري انهيءَ زماني جي سرڪاري زبان فارسيءَ ۾ پورو محاورو حاصل ڪيو اٿس ۽ صوفين سڳورن جا فارسيءَ ۾ ڪتاب سمجهڻ لڳو آھي ۽ قرآن شريف جو ھڪ نسخو جو ھميشه ساڻ ھوندو ھئس. ان ۾ بہ ھن صوفيانہ انداز ۾ ڪافي فڪر ۽ غور ڪيو آھي. جنھن ڪري پنھنجي ڪلام ۾ گهٽ ۾ گهٽ ھڪ سؤ کان بہ وڌيڪ قرآن جون آيتون، تلميح يا تضمين طور ڪم آنديون اٿس. اھا سموري مٿس خدائي ڏات ھئي جنھن کي صوفي ’لدني علم‘ چوندا آھن.“ (وفائي، 1978ع، ص: 22-23) قاضي ھدايت الله مشتاق متعلوي موجب، ڪو وقت طالب علميءَ ۾ بہ گذاريائين، مگر جذب الاھيءَ سان استاد ازليءَ جي سبق ڏي پاڻ سڄو ئي ورايائين ۽ باطني لدني علم جي قوت قوي ٿيس. رڳو ظاھري علم تي ھمت ڪوتاھ نہ رهيس.

مشتاق متعلوي بہ، شاھ لطيف جي ڪجهہ قدر علم يا تعليم وٺڻ جو قائل آھي، پر اھو ڪيترو علم ۽ ڪيترو وقت ھليو، ان جو ڪوبہ پتو پئجي نہ سگهيو آھي.

مٿينءَ ڳالهہ جي رد ۾ البت ھڪ ثبوت ضرورت مليو آھي، جنھن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو تہ شاھ لطيف پڙهيل ھو، اھو آھي مخدوم محمد معين ٺٽويءَ ڏانھن اويسي طريقي بابت وضاحت لاءِ فارسيءَ ۾ لکيل سندس خط، جيڪو ’رساله اويسيه‘ جي نالي سان شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ پاران نياز ھمايوني ترجمو ڪرائي، 2005ع ۾ ڇپرايو ويو آھي. .

شاھ لطيف جي تعليم ۽ تربيت جا مختلف مرحلا:

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھ لطيف جي تعليم ۽ تربيت کي چئن مختلف مرحلن ۾ ورھائي ٿو، جيڪي ترتيبوار ھيٺين ريت آھن:

1. ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم:

شاھ عبداللطيف جي ولادت کان اڳ، سندس ساڳئي نالي وارا ٻہ ڀائر فوت ٿي چڪا ھئا. ھي ٽيون عبداللطيف ھو جيڪو وڃي بچيو ھو، جنھن مان سندس والدين جي خوشي ۽ ساڻس پيار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪري ننڍڙو لطيف نہ فقط ننڍپڻ واري دور ۾ پنھنجي پيءُ ماءُ جي محبت ۽ شفقت ۾ نپنو، پر اھا نعمت وڏي ھوندي تائين ساڻس شامل حال رهي، جنھن سندس شخصيت کي سنواريو ۽ اُجاريو. ننڍپڻ ۾ ٻيو ٻارڙو جيڪو سندس ويجهو ساٿي ھو، سو ھو سندس ماسات محمدعالم ڏيرو، جنھن سان ھو کيڏيو ۽ پليو. ٻاراڻي وھيءَ واري دور ۾، شاھ لطيف جي اٿڻ، ويھڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جو مرڪز سندس پنھنجي گهر وارو ڳوٺڙو ھو، پر ان جو دائرو البت گنباٽ واري جُوءِ تائين پکڙيل ھو. ان وقت ننڍڙي عبداللطيف جي اچ وڃ پنھنجي ماسيءَ ۽ ٻين عزيزن جي گهرن تائين، يعني گنباٽ واري تر ۾ ڏيرن فقيرن جي راڄ وارن ڳوٺن ۾ ٿيندي رهي. نتيجي طور ننڍپڻ واري دور ۾، ھن تر جي ڏيرن فقيرن جي نج سنڌي ٻولي، جيڪا سندس مادري ٻولي پڻ ھئي، سا ننڍڙي عبداللطيف جي ذھن تي نقش ٿي، جنھن ڪري اڳتي ھلي کيس سنڌي ٻوليءَ تي دسترس ۽ ڪمال حاصل ٿيو. شاھ لطيف جي تربيت ۽ سار سنڀال شروع کان ئي اھڙي گهر ۾ ٿي، جيڪو صوفياڻو ۽ علمي گهراڻو  ھو. سندس والد شاھ حبيب، ھڪ الله لوڪ بزرگ ھو ۽ والدہ بہ درويش خاندان مان ھئي، جنھن ڪري شاھ لطيف کي ننڍپڻ ۾ ئي ڏاڍي سھڻي سکيا ملي ۽ گهر ۾ جيڪا تربيت پرايائين، سا سندس سعادتمنديءَ واري ستاري کي چمڪائڻ لاءِ اثرائتي ثابت ٿي. ان وقـت مڪـتـبي تـعلـيم جـو دور ھو، جنھن موجب قرآن شريف، سنڌي ۽ ابتدائي فارسي تعليم معياري سطح تي ڏني ويندي ھئي. والدين ننڍڙي لطيف کي پاڻ کان پري ڪري ڪنھن مڪتب ۾ ڪونہ ويھاريو، البت سندس تربيت گهر ۾ ئي ٿيندي رهي. عبداللطيف جڏهن ڪجهہ وڏو ٿيو تہ روايتن موجب شاھ حبيب کيس قرآن شريف پڙهڻ لاءِ اھڙن استادن وٽ ويھاريو جيڪي پاڻ وڏا نيڪ ۽ پرهيزگار عالم ھئا. انهن کيس اھڙي تہ توجھ سـان پڙهايو، جو قرآن شريف، شاھ عبداللطيف جي دل تي نقش ٿي ويو. انهن مان خاص استاد ميون نور محمد ڀٽي ھو، جنھن پوءِ کيس مڪتبي تعليم پڻ ڏني. ميون نور محمد گنباٽ جي ڏيرن واري راڄ جي ويجهو اٽڪل 13 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ’وانئين‘ جو ويٺل ھو ۽ شاھ حبيب جو محبتي ۽ معتقد ھو. شاھ لطيف جي پڙهائيءَ لاءِ شاھ حبيب کيس سڏي پاڻ وٽ رهايو. ميين نور محمد پنھنجي شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري ڪـرائي. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم جو سـلسلو جـاري نہ رهيو، پر ميون نور محمد ھميشه لاءِ شاھ حبيب وٽ ايندو رهيو ۽ شاھ لطيف جيئن تہ وڌيڪ ڄاڻ ڏانھن مائل ھو، سو ساڻس ملندو رهيو ۽ کانئس سکندو رهيو. نيٺ جڏهن شاھ عبداللطيف اچي ڀٽ کي وسايو تہ ميين صاحب کي اتي سندس اوطاق ليڪي ڏني ۽ ڀٽ تي پاڻ وٽ رهايو. اھڙيءَ طرح نوجوانيءَ واري دور ۾ توڙي پوءِ شاھ لطيف جو پنھنجي مشفق استاد سان ملڻ، وٽس ويھڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو.

شاھ لطيف جي ننڍپڻ وارا گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن سال پنھنجن ناناڻن، ڏيرن فقيرن ۾، گنباٽ واري تر ۾ گذريا. ان وھيءَ ۾ گنباٽ واري جُوءِ ۽ ڀرپاسي وارا ماڳ ۽ ڳوٺ ڏٺائين ۽ ٻارن توڙي وڏن جو پيار ماڻيائين. ننڍپڻ وارين انهن يادگيرين جو ئي نتيجو ھو، جو پوءِ وڏي ھوندي سر سارنگ جي ھڪ بيت ۾ ’گنباٽ‘ تي ڪرم جي ڪڪرن جي گونج جو ذڪر آندائين:

”واھُندَئان وِڄُ ٿي، گُڙيو ڏُونهه گنباٽ.“

انهيءَ ٻاراڻي وھيءَ ۾، سندس اٿڻ ويھڻ ۽ سنگت فطري طور ڏيرن فقيرن جي ٻارن سان ٿي، جن سان ھو کيڏيو ۽ پليو، جيڪي اڳتي ھلي سندس پيارا فقير ۽ معتقد ٿيا. 

2. والد جي رهنمائيءَ ھيٺ تربيت وارو دؤر (1115ھ -1120ھ/ 1703ع-1708ع): 

ننڍپڻ واري مڪتبي تعليم کان پوءِ، بلوغت توڙي نوجوانيءَ واري دور تائين شاھ لطيف جي تربيت پنھنجي والد شاھ حبيب جي شفقت ۽ ھدايت ھيٺ ٿي. شاھ حبيب پاڻ پڙهيل ھو ۽ دعا خاطر تعويذ بہ لکي ڏيندو ھو. بعضي ھو حال وارا بيت بہ چوندو ھو. عالمن ۽ عارفن جو صحبتي ھو. پنھنجي وقت جو وڏو فيض وارو بزرگ ھو. انهن لياقتن جو ننڍڙي لطيف تي گھرو اثر پيو. ٻئي طرف خود نوجوان لطيف ۾، عالم ۽ زاھد سان گڏ سوچڻ، اعليٰ اخلاق ۽ روحاني منزلن ماڻڻ جو ذوق ۽ جذبو موجزن ھو.

2. شاھ حبيب جو سُئي/سوئي ڪُنڌر مان لڏي ڪوٽڙي مغل ۾ ويھڻ:

شاھ لطيف ڏهن ٻارهن سالن جو ھوندو، جو شاھ حبيب ’سُئي/سوئي ڪُنڌر‘ واري ڳوٺڙي مان لڏي اٽڪل 14 ڪلوميٽر ڏکڻ-اولهه طرف ’ڪوٽڙي مغل‘ ۾ وڃي ويٺو. سندس گهر ڪوٽڙي مغل جي ٻاھران مرزا بيگ جي حويليءَ واري ڪوٽ جي الهندي طرف ھو. جنھن جا آثار لال لئي واري ماڳ تي ھئا، جن تي اڄڪلهہ پڪيون جايون جوڙيون ويون آھن.

لال لئي جي ماڳ کان اتر واري پاسي ڪوٽڙي مغل جو ڳوٺ ھو. ھينئر اھا زمين آباديءَ ھيٺ آھي. مقامي ماڻهن موجب سندن وڏڙن انهيءَ ڳوٺ جا آثار پنجاھ ورهيہ کن اڳ ڏٺا ھئا.

شاھ حبيب ھاڻي شاھ لطيف کي پنھنجي صحبت ۽ قربت ۾ رکي سڄو ڌيان سندس تربيت تي ڏنو تہ جيئن ھو ذھني، اخلاقي ۽ روحاني طور اعليٰ درجي کي پھچي. کيس ھميشه پاڻ سان گڏ پئي رکيائين ۽ جتي پئي ويو، اتي وقت جي عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ پئي وھاريائينس. کيس اباڻي ماڳ مٽياري ۽ خاص طرح تڙ ڏاڏي ميين شاھ ڪريم جي آخري آرامگاھ (بُلڙيءَ) تائين پاڻ سان گڏ نيائين، جتي کيس شاھ ڪريم جي فقيرن سان ملايائين. ٻئي طرف ميين شاھ عنات سان ملڻ لاءِ کيس شاھپور ۽ نصرپور تائين وٺي ويو. اھڙيءَ ريت بلوغت ڏانھن اُسرندڙ، سالم طبع ۽ ذھين لطيف پنھنجي والد سان گڏ انهن منزلن، مسافرين ۽ صحبتن مان گهڻو ڪجهہ پرايو. ھاڻي سندس ڏسڻ وائسڻ جو دائرو ويتر گهڻو وڌيو، يعني اتر ۾ ھالن کان وٺي ھيٺ لاڙ ۾ بلڙيءَ ۽ ٺٽي تائين ۽ اوڀر طرف گنباٽ کان اڳتي ڀينءَ پور، ھالا حويلي، شاھپور ۽ نصرپور تائين. البت سندس گهڻو وقت ڪوٽڙيءَ ۾ ئي پئي گذريو. شاھ حبيب جھڙي اھل دل درويش، پنھنجي پُٽ کي پاڻ جيڏن سان راند روند ڪرڻ کان ڪونہ ٿي جهليو، جو ان ننڍيءَ ٽہيءَ ۾ لطيف جو گز ڪمان کڻڻ يا ھڪ جيڏن سان لڪ لڪوٽي راند ڪرڻ جو ڪن روايتن ۾ ذڪر آيو آھي، پر شاھ حبيب ساڳئي وقت شاھ لطيف کي پنھنجي خاص توجھ، اعليٰ تربيت ۽ عارفاڻي نظر سان اعليٰ اخلاق ۽ نيڪ عقيدن ڏانھن مائل ڪيو. نوجوانيءَ واري دور ۾ قدم رکڻ سان گڏ کيس طريقت جي راھ ڏسي ۽ نفساني خواھشن تي ضابطي لاءِ زھد ۽ جھد جي تلقين ڪئي. مطلب تہ شاھ حبيب وڏي ڌيان ۽ پختي ارادي سان، پنھنجي پياري پُٽ جي تربيت پئي ڪئي تہ جيئن ھو، زھد ۽ رياضت ذريعي روحاني طور ڪماليت جي درجي کي پھچي. شاھ لطيف انهيءَ ڪمال تي پھچڻ لاءِ زھد ۽ عبادت ۾ رُڌل ھو. اڪيلائيءَ ۾ عبادت لاءِ ويھڻ کان پوءِ شاھ حبيب، سندس سار پيو لھندو ھو ۽ روحاني رياضتن بابت سندس حال ڀائي پڻ ٿيندو ھو. ھڪ ڀيري، پيءُ پُٽ جي ملاقات ۾ ھڪ ٻن ڏينھن جي وٿي پئجي وئي ۽ واءُ لڳڻ ڪري ڪنڊي واري جاءِ کي مٽيءَ لٽي ڇڏيو ۽ شاھ لطيف جي جسم تي پڻ لَٽُ چڙهي وئي. ان حالت ۾ کيس ڏسي شاھ حبيب جي دل ڀرجي آئي ۽ چيائين: ”لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي“ والد جو ھي دِل سوز آواز ٻڌي، شاھ لطيف پڻ ساڳئي جذبي سان جواب ڏنو: ”پيئي کڻي پساھ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.“

شاھ لطيف جو ھيءُ جواب، ان عمر ۾ سندس اعليٰ شاعراڻي شعور جو ساکي آھي، پر ان کان وڌيڪ اھو سندس اندر جي اوجر ۽ روحاني رتبي جو شاھد آھي، ڇاڪاڻ تہ ھن جي جواب ۾ سندس پنھنجي ’نيستي‘ ۽ ’ڀرپور سڪ ۽ صبر‘ ۽ ’عشق الاھيءَ ۾ رچي راس ٿيڻ‘ جا سڀ اھڃاڻ سمايل آھن.


4. تربيت ۽ فڪري ڪمال (1120ھ-1142ھ/ 1708ع-1730ع):

ھي دؤر، شاھ لطيف جو ’خود پاڻ پنھنجي تربيت وارو‘ دور ھو. ھي دور ويھ ٻاويھ سال کن لڳاتار ھلندو رهيو. اھو سندس زندگيءَ جو سڀ کان اھم تات ۽ طلب، پرجهہ ۽ پروڙ وارو دور ھو، جيتوڻيڪ سندس عارفانہ تحقيق جو سلسلو سڄي عمر تائين ھلندو رهيو. زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان ھيءُ دور ٻن حصن ۾ ورھايل نظر اچي ٿو: ھڪ پھرين پندرهن سالن (1120ھ-1135ھ/1708ع-1723ع) وارو دور، جنھن ۾ سندس طلب ۽ تحقيق وارا پنڌ ڪجهہ پرانھان ھئا ۽ ٻيـو پـوين پنـجن  ستن سالن وارو دؤر (1135ھ-1142ھ/1723ع-1730ع) جنھن ۾ شاھ لطيف ٻاھرين پنڌن سان گڏ ’ڀٽ واري ڀيڻيءَ‘ تي پڻ ڌيان ڌريو. ھن عرصي ۾ سندس عملي ۽ فڪري ڪشالي جو رخ خاص طرح ھن طرف رهيو:

1. ڏسڻ، پسڻ ۽ پرجهڻ پروڙڻ خاطر سير سفر جو سلسلو شروع ڪيائين.

2. شاديءَ جي رسم پوري ڪيائين.

3. عارفانہ زندگيءَ جي عملي راھ و رسم جي ڄاڻ لاءِ پنھنجي تڙ ڏاڏي ميين شاھ ڪريم جي سوانح ۽ طور طريقي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين. 

4. سلوڪ ۽ معرفت جي اعليٰ معنوي فڪر ۽ ڄاڻ لاءِ ميين شاھ ڪريم جي بيان ڪيل نڪتن ۽ حقيقتن توڙي مولانا روميءَ جي مثنويءَ ۾ سمايل رازن کي پروڙڻ طرف ڌيان ڌريائين.

5. ٻين جي تلقين لاءِ پنھنجي فڪر کي سنڌي بيتن ۽ وائين ذريعي ظاھر ڪيائين.

شاھ لطيف جي بامقصد مسافرين ۽ ملاقاتن جي شروعات انهن ماڳن سان ٿي، جتي اڳ ھو پنھنجي والد سان گڏجي ويندو ھو. سندس ھي سير سفر وارو عرصو، گهڻيءَ حد تائين سنڌ جي ماڳن مڪانن کي ڏسڻ، درويشن جي خانقاھن ۽ درگاھن جو ديدار ڪرڻ، مختلف پورهيتن وٽ ويھڻ ۽ عوامي زندگيءَ جي مطالعي ۾ گذريو. ھن عرصي اندر گهڻي ۾ گهڻا ڀيرا پنھنجي وڏي ڏاڏي ميين شاھ ڪريم جي درگاھ تي ڪيائين ۽ گهڻو ڪجهہ پرايائين. ھاڻي ھو پڪن پختن اڀرندڙ ارادن سان مالا مال ٿي ڪماليت طرف وِک وڌائڻ وارو ھو، جو کيس عملي زندگيءَ جي ھڪ اھم منزل ڏانھن موٽڻو پيو: اھا ھئي سندس شادي، جنھن ۾ سندس والد جي رضا ۽ خوشي شامل ھئي. ان وقت سندس عمر اٽڪل 24 سال ھئي.

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تعليم ۽ تربيت جي انهن چئن مرحلن کي بيان ڪرڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھ لطيف جي اُمي يا اڻ پڙهيل ھئڻ واري ڳالهہ جي ترديد ڪندي نموني طور ھڪ فارسي خط جو اختصار بہ ڏنو آھي. شاھ لطيف اھو خط مخدوم محمد معين ٺٽويءَ ڏانھن ’اويسي‘ طريقي بابت لکيو ھو، جنھن جو مخدوم صاحب تحقيق ۽ تفصيل سان جواب ڏنو ۽ پوءِ فارسيءَ ۾ لکيل انهن ٻنهي خطن جو متن ’رسالہ اويسيہ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو (’رسالہ اويسيہ‘ جو نياز ھمايونيءَ وارو سنڌيءَ ۾ ڪيل ترجمو شاھ عبداللطيف ڀٽشاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ 2005ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آھي). ھيٺ شاھ لطيف جو سڄو خط ۽ مخدوم محمد معين جي لکيل تفصيلي جواب جو اختصار ڏجي ٿو تہ جيئن ٻنهي جو موضوع ۽ مقصد معلوم ٿي سگهي ۽ پڻ شاھ لطيف جو ھيءُ تاريخي خط سامھون اچي وڃي. خط جيڪو فارسي متن ۾ ھو، تنھن جو سنڌي ترجمو ھيٺ ڏجي ٿو: حضرت شاھ لطيف جي خادمن جو سوال بسم الله 

”علماء ڪرام، جيڪي خلق جي رجوعات جا مرڪز آھن، ھن باري ۾ ڇا ٿا فرمائين تہ: لفظ ’اويسي‘ صوفي سڳورن الله جي رضامندي وارن جي جماعت جي ڪلام ۾ آيل آھي يا نہ؟ جيڪڏھن آيل آھي تہ ڪھڙي معنيٰ اٿس؟ جيڪڏھن ’اويسي‘ اھو شخص آھي، جيڪو روحاني فيض حاصل ڪري ٿو تہ (ان حالت ۾) ظاھري مرشد (وٺڻ سندس) ھن (عمل ۽ اعتقاد) سان مخالفت رکي ٿو يا نہ؟

۽ پڻ منھن ميت کان، جيڪو عالم – برزخ ۾ آھي، فيض وٺڻ کي عقل ۽ شريعت جائز ڏيکارين ٿا يا نہ؟

۽ پڻ فقر ۽ سلوڪ (جي نظرين) جي، ظاھري عالمن جي قولن سان مخالفت آھي يا نہ؟

۽ پڻ اولياء الله مان ڪو وڏو ولي، جو (سندس) عجيب ڪارنامن ۽ ڪرامتن سبب مشھور ھجي، مگر (پنھنجو) مريديءَ جو سلسلو ڪن خاص مشائخن، جھڙوڪ نقشبندين يا قادرين، سان رکندڙ نہ ھجي تہ پوءِ ان بزرگ جي طريقي کي ضعيف ۽ بيبنياد چئي سگهجي ٿو يا نہ؟

اوھان، دين جي مددگارن ۽ برائيءَ ۽ ڀلائيءَ جي بيان ڪندڙن کان پڇان ٿو تہ انهن مسئلن جو جواب ڪھڙو آھي؟  آءٌچاھيان ٿو تہ انهن (جوابن) کي سليس فارسيءَ ۾ قلمبند ڪندا تہ عام فائدو ٿئي ۽ اھو نفعو ھميشه لاءِ باقي رهي. شل ڌڻي تعاليٰ اوھان کي خير عطا ڪري ۽ بخشي جيئن پاڻ گهري  ۽ چاھي ۽ اوھان کي اجر ڏئي ۽ اوھان کان راضي رهي. آمين!“ (بلوچ، 2009ع، ص: 23) حضرت مخدوم جي خادمن جو جواب بسم الله

”پھرئين سوال جو جواب ھيءُ آھي تہ: لفظ ’اويسي‘ صوفي حضرات جي ڪلام ۾ آيو آھي ۽ عام استعمال ٿيو آھي، جيئن تہ ھنن بزرگن جي ڪتابن پڙهندڙن کان لڪل ۽ ڳجهو نہ آھي. ’اويسي‘ انهيءَ شخص کي چوندا آھن، جنھن جي تربيت ۽ تڪميل ۾ روح وارن کي دخل ھجي. ھيءَ (روحاني فيض وٺڻ) ظاھري مرشد وٺڻ جي مخالفت نہ آھي.

ٻئي سوال جو جواب ھيءُ آھي تہ: اھل مماتيءَ وارن کان فيض وٺڻ شرعاً خواھ عقلاً جائز آھي ۽ (اھو دستور) وڏن درويشن جي حالات ۾ پڻ موجود آھي جيڪي (حالات) معتبر ذريعن رستي نقل ٿي (اسان تائين) پھتا آھن ۽ پڻ صوفياء ڪرام وٽ اھا ڳالهہ عام طور تسليم ٿيل آھي.

ٽئين سوال جو جواب ھيءُ آھي تہ: عالمن جي متابعت، جا (حقيقت ۾) شرع محمديؐ جي متابعت آھي، فقر ۽ سلوڪ جو ھڪ خاص شرط آھي. انهيءَ ڪري (فقر ۽ سلوڪ جي نظرين ۽ ظاھري عالمن جي قولن ۾) مخالفت بي معنيٰ آھي.

چوٿين سوال جو جواب ھيءُ آھي تہ: ڪيئي ھزار الله جا پيارا اولياء ٿي گذريا آھن، جن جي مرشد جو سلسلو مشھور نہ ھو، انهن مڙني خدا جي دوستن ھن جھان ۽ ان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گمناميءَ جي زندگي گذاري، مگر ھئا اولياءَ. امام شافعي ’روضالرياحين‘ ۾ انهن ولين جو ذڪر ڪيو آھي جن جي کيس خبر ھئي تہ ڪھڙن سلسلن مان ھئا ۽ ڪھڙن مشائخن سان لاڳاپيل ھئا (ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ) خواجہ حافظ شيرازيءَ جي ڪنھن کي بہ خبر ناھي تہ ڪنھن کان باطني علم جو سبق پڙهيو ھئائين. جيئن جو (مولانا جاميءَ جي ڪتاب) ’نفحات الاُنس‘ ۾ آيو آھي، ھيءَ ڳالهہ (يعني ظاھري مرشد وٺڻ) ولايت جي لاءِ ڪو شرط نہ آھي ۽ انهيءَ ڪري طعنو ھڻڻ ۽ اھڙن (بزرگن) جي طريقي کي بي بنياد چوڻ جرئت ۽ گستاخي آھي.

تحقيق، الله پاڪ ئي غلطيءَ، خطا ۽ ويسر کان بچائيندو آھي، ان جي ئي مدد درڪار آھي ۽ انهيءَ تي ئي توڪل آھي. ھنن ورقن تي نظر ڪندڙ صاحبن کان ھيءَ اميد ڪجي ٿي تہ ھو ھن عاصي گنھگار محمد لقب ’معين‘ ولد محمد لقب ’امين‘ کي اسلام جي حقيقت جي حاصل ٿيڻ ۽ شريعت جي اسرارن تائين پھچڻ ۽ انهيءَ تي خاتمي ٿيڻ جي دعا ڪندا.“ (بلوچ، 2009ع، ص: 23-25)

شاھ لطيف، ھن خط ذريعي پنھنجي ڪا گهُرج پوري ڪرڻ کان وڌيڪ ٻين جي آٿت لاءِ وضاحت طلب ٿي ڪئي. ھن خط مان ظاھر آھي تہ سلوڪ ۽ طريقت جي راھ ۽ ٻين جي رهنمائيءَ خاطر ظاھري سببن طور پڻ شاھ لطيف قابل قدر قدم کنيو. خط جي عبارت ۽ سوالن جي سلسلي مان شاھ لطيف جي علم ۽ فڪر تي ڪافي روشني پوي ٿي. مخدوم محمد معين کي سندس خاص تاڪيد تہ: ’سليس فارسيءَ ۾ جواب ڏيو تہ جيئن ھر ڪو سمجهي سگهي‘، ظاھر ڪري ٿو تہ شاھ لطيف کي سليس ۽ ڳوڙھي فارسي عبارت جي فرق جي پوري ڄاڻ ھئي. اھا شاھدي شاھ لطيف جي فارسيءَ سان واقفيت ۽ اڻ پڙهيل نہ ھئڻ بابت ھڪ روشن دليل آھي. تنھن کان سواءِ پنھنجي والد سان گڏ ڪيل سفر ۽ وقت جي عالمن ۽ شاعرن سان ملڻ ۽ عام ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سبب شاھ لطيف پنھنجي سماج ۽ ملڪ جي حالتن بابت بہ چڱي ڄاڻ حاصل ڪئي ھوندي ۽ روحاني علم سان گڏوگڏ سياسي ۽ سماجي حالتن جو ادراڪ بہ حاصل ڪيو ھوندو، جنھن جو شعوري اظھار رسالي ۾ جابجا موجود آھي.

شاھ لطيف جي شادي:

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شادي، مرزا بيگ جي نياڻي، سعيدہ بيگم (يا سيدہ بيگم) سان ٿي. سندس شاديءَ بابت مختلف روايتون بيان ڪيل آھن.

ھڪ روايت موجب شاھ لطيف ننڍي ھوندي ڪڏهنڪڏهن تير ڪمان سان بہ راند کيڏندو ھو. لٺ جو نشان ٺاھي، گز ان کي ھڻندو ھو. ائين نشانِ بازي سکندو ھو. مرزابيگ ارغون، جيڪو سيد حبيب شاھ (شاھ حبيب) جو عقيدت مند ۽ سندس دعا جي تاثير جو وڏو معتقد ھو، اُھو سيد حبيب شاھ کان بيماريءَ وغيرہ جي صورت ۾ دعا ۽ تعويذ وغيرہ لکرائي ويندو ھو ۽ کيس دعاڦيڻي لاءِ پنھنجي گهر پڻ وٺي ويندو ھو. ھڪڙي ڏينھن سندس نياڻيءَ جون اکيون اُٿي پيون، جنھن ڪري اکين ۾ تمام گهڻو سور ھئس. مرزا بيگ، سيد حبيب شاھ سان پنھنجي ڌيءَ جي ناچاقيءَ جو احوال ڪري کانئس تعويذ گهريو.  ھو جڏهن پنھنجي ڌيءَ لاءِ سيد حبيب شاھ کان تعويذ لکرائي گهر ڏانھن کنيو ٿي ويو تہ ان وقت شاھ لطيف پريان تير ڪمان سان راند پئي ڪئي، تڏهن اوچتو شاھ لطيف جي ھٿان تير، ڪمان مان ڇٽي ويو ۽ سڌو تعويذ جي وچ ۾ وڃي لڳو، پر مرزا بيگ کي تير ڇھيو بہ ڪونہ ۽ سندس ھٿ کي ڪجهہ بہ ڪونہ ٿيو ۽ تعويذ جي وچ ۾ ٽُنگ ٿي پيو. اھو مامرو ڏسي شاھ لطيف فرمايو تہ: ”خدا جو حڪم خطا نٿو ٿئي.“ ان وقت ڪنھن کي گمان بہ ڪونہ ھو تہ ھي ڪھڙو فال آھي ۽ ڇا ٿيندو، پر گهڻي عرصي کان پوءِ اھا بيبي، شاھ لطيف جي نڪاح ۾ آئي. سندس عقيدتمندن جو خيال آھي تہ، گز جو تعويذ مان نڪرڻ ڄڻ ھڪ ايندڙ تقديري واقعي جي اڳڪٿي ھئي.

انهيءَ حوالي سان ھڪ ٻي روايت پڻ آھي تہ ھڪ دفعي وڏي ھوندي مرزا بيگ جي نياڻي بيمار ٿي پيئي، ان ڪري سيدحبيب شاھ کي خير جي دعا لاءِ وٺڻ آيا، پر سيد حبيب شاھ جيئن تہ ان وقت پاڻ بہ چاقُ نہ ھو، سو پنھنجي پُٽ سيد عبداللطيف کي دعا لاءِ موڪليائين. مغل اميرن ۾ پردي جو سخت رواج ھوندو ھو ۽ پنھنجين عورتن کي ڌارين ماڻهن جي منھن تي چڙهڻ نہ ڏيندا ھئا ۽ نہ ئي وري ڪو ڌاريو ماڻهو سندن عورتن جي منھن پئجي سگهندو ھو. رڳو سيدن سان اعتقاد ڪري، اھا خاص مھرباني ڪندا ھئا، جو گهر جي چائنٺ لنگهڻ ۽ پنھنجين عورتن وچ ۾ اچڻ ڏيندا ھئا.

شاھ عبداللطيف، مغلن جي حويليءَ پھتو تہ مغلن پنھنجي گهر پردو ڪرايو. ان کان پوءِ شاھ عبداللطيف کي اندر گهر ۾ وٺي آيا. نينگريءَ جو منھن ڍڪيل ھو، رڳو ھٿ ظاھر ھئا. شاھ لطيف نينگريءَ جي چيچ جهلي فرمايو تہ:

”جنھن جي چيچ سيد ھٿ ۾، تنھن کي لھر نہ لوڏو.“ ’لطائف لطيفي‘، ’احوال شاھ عبداللطيف‘، ’مقدمه لطيفي‘ ۽ ’لطف اللطيف‘ جا مصنف لکن ٿا تہ: شاھ عبداللطيف، نينگريءَ کي ڏسندي ئي مٿس عاشق ٿي پيو ۽ سندس مٿئين چيل گُفتي مان ظاھر ھو تہ ھن نينگريءَ جي ھٿ کي شاھ عبداللطيف کان سواءِ ٻيو ڪو بہ ھٿ ڪونہ لائيندو. اھو اڻ سڌيءَ ريت سڱ گهرڻ جو اشارو ھو.

شاھ لطيف جي واتان اھي لفظ ٻڌي، مرزا بيگ ۽ سندس عزيزن کي ڏاڍي مَٺيان لڳي ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باھ ٿي ويا. شاھ لطيف کي ان وقت تہ ڪجهہ بہ نہ چيائون ۽ ماٺ ڪري کيس روانو ڪيائون، پر پوءِ اچي ساڻن وير وڌائون.

شاھ لطيف جو کانئن سڱ گهرڻ، ھنن لاءِ ھڪ وڏي گار ھئي، جنھن ڪري ھنن جي شاھ لطيف سان دشمني ٿي پئي ۽ ھو شاھ لطيف جي مخالفت ڪرڻ ۽ کيس تڪليفون ڏيڻ لڳا. سيد حبيب شاھ کي بہ جيڪو اڳي مانُ ڏيندا ھئا ۽ ساڻس جيڪو اعتقاد ھئن سو بہ ويندو رهيو. سيدن کي ڏاڍو ستائڻ ۽ تنگ ڪرڻ لڳا. ھنن کي ايترو تہ آزاريائون، جو ھو مغلن جي حويليءَ وٽان بنه لنگهي بہ نہ سگهندا ھئا.

ڀَٽِي توڙي ٻيون ذاتيون، جن جو اڳي سيدن سان گھرو ناتو ھوندو ھو، سي بہ ھينئر کانئن منھن موڙڻ لڳا. مغلن جي اڻ سھپ ۽ مخالفت کان تنگ ٿي لاچار سيدن کي ڪوٽڙيءَ مان لڏي وڃڻو پيو. مغلن جي ڳوٺ کان پرڀرو، اتر طرف پنھنجو جدا پاڙو ٻَڌي ويٺا. مغلن جي شاھ لطيف ۽ سندس خاندان سان اڻبڻت کي ڪي ٿورا ڏينھن مس گذريا تہ ھڪ ڏينھن اوچتو ’دَل‘ ذات جا ڪي شاھينگ، وجهہ وٺي، مرزا بيگ جي حويليءَ تي ڪاھي آيا. مرزا بيگ پاڻ گهر ۾ موجود ڪونہ ھو ۽ ٻيا مرد ماڻهو بہ ڪم ڪار پٺيان ويل ھئا، سو چورن کي بہ جيڪو مال متاع ھٿ لڳو، اھو ٻُھاري کڻي ھليا ويا. جڏهن مرزا بيگ گهر پھتو، تڏهن کيس ان ڦُر جو سمورو احوال ٻڌايو ويو. ھُو پوءِ پنھنجن ساٿين سان گڏجي، ھٿيار ساڻ ڪري، چورن جي پٺيان ڪاھي پيو ۽ سندس سڄو لشڪر سيدن جي پاڙي کان اچي لنگهيو.

شاھ عبداللطيف کي جڏهن مغلن جي، ڦورن پٺيان وڃڻ جي خبر پيئي، تڏهن ھنن سان واھر ڪرڻ مناسب ڄاتائين، سو پاڻ سان گڏ ڪي ماڻهو وٺي، ھنن سان گڏجي وڃڻ لاءِ سنڀري آيو، پر مغلن سندس مدد وٺڻ کان صفا نابري واري. شاھ لطيف گهڻو ئي چين، پر ھو ھٺ کان ھيٺ نہ لٿا. نيٺ شاھ لطيف ايترو بہ چين تہ: ”جي آءٌ انهيءَ لڙائيءَ ۾ مري ويس، تہ اوھان بہ گهڻي قدر خوش ٿيندا، ۽ جي جيئرو موٽيس تہ گويا پاڙي جي ننگ جي حق ادائي ڪيم.“ (بيگ، 1978ع، ص: 24)، پر مرزا بيگ اصل رضامند نہ ٿيو، ويتر اجايو ڳالهائڻ لڳو ۽ شاھ لطيف کي گهٽ وڌ ڳالهايائين. شاھ لطيف کي تمام گهڻو ڏک ٿيو، جنھن ڪري چون ٿا تہ سندس زبان مان بياختيار ھيءُ پاراتو نڪتو: 

بيگ تنھنجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪانہ،

اٿم آس الله ۾، دَلَ مارينئي مانَ. 

چون ٿا تہ شاھ لطيف جو اھو پاراتو سچ ثابت ٿيو. مرزا بيگ ۽ سندس ساٿي جڏهن ڦورن جي پٺيان ويا تہ ڦورن سان سندن مقابلو ٿيو ۽ انهيءَ مقابلي ۾ مرزا بيگ پنھنجن ساٿين سميت ’دل‘ ذات جي ڦورن ھٿان مارجي ويو. مارجي وڃڻ ڪري سندس سمورو گهر ويران ٿي ويو. سندس خاندان جي مردن مان فقط سندس ھڪ صغير پُٽ وڃي بچيو، جنھن کي ’گولو‘ ڪري سڏيندا ھئا. انهيءَ واقعي کان پوءِ مرزا بيگ جي خاندان جي عورتن توڙي سندن ٻين عزيزن کي دل ۾ اچي خيال ٿيو تہ، ھي خوفناڪ واقعو سيدن کي رنجائڻ جي ڪري پيش آيو آھي، سو ڏاڍو پشيمان ٿي، اچي سيدن کي پيش پيا ۽ کانئن معافي ورتائون. آخر ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ پرچاءُ ٿيو ۽ مرزا بيگ جي نياڻيءَ جو سڱ، شاھ عبداللطيف کي ڏنو ويو. ھيءَ اُھا ساڳي بيبي ھئي، جنھن جي چيچ شاھ لطيف پنھنجي ھٿ ۾ جهلي ھئي.

مٿين روايت ۾ بہ عقيدتمنديءَ جو گهڻو عنصر موجود آھي ۽ شاھ صاحب کي پير فقير ثابت ڪرڻ ۽ سندس دعا يا بددعا جي پوري ٿيڻ واري ضعيف الاعتقادي ڏسڻ ۾ ٿي اچي جيڪا ان دؤر جي ماڻهن خاص ڪري مريدن ۾ ھئڻ ممڪن آھي.

ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي، شاھ لطيف پاران مرزا بيگ کي پاراتي ڏيڻ واري روايت سان اختلاف راءِ رکندي خيال ظاھر ڪيو آھي: پٽڻ ۽ پاراتا ڏيڻ ڪنھن بہ فقير، وليءَ يا بزرگ جي شان وٽان نہ آھي ۽ نہ ئي وري ان ڳالهہ تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو تہ، ”شاھ جھڙي بردبار ۽ رحمدل انسان جي واتان اھڙا لفظ نڪتا ھوندا. خدا طرفان ازل ۾، مرزا بيگ جي لاءِ موت لکيل ھو، جنھن ڪري پاڻ ۽ سندس ساٿي دَلن جي ھٿان مارجي ويا.“ (گربخشاڻي، 1983ع، ص: 35) ان واقعي جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري ساڳي راءِ رکي ٿو.

شاھ لطيف جي شاديءَ جي باري ۾، ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ جي راءِ سڀني کان مختلف آھي. ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ موجب، شاھ لطيف جي ڳڀورائيءَ ۽ بلوغت وارو دور اڳ ختم ٿي چڪو ھو ۽ 24 سالن جي ھن عمر ۾ سندس ڌيان، ڪماليت جي راھ ۾ لڳاتار جاکوڙ ۽ ڪشالي ۽ قدم اڳتي وڌائڻ طرف ھو، جو ڄاتائين ٿي تہ ويھڻ جو وقت ڪونهي ۽ تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھڻو آھي. شادي ۽ گهرٻار ڪري ويھي رهڻ سندس سالڪانہ جاکوڙ ۽ جستجؤَ جي خلاف ھو. شاديءَ بابت سندس خيال ساڳيا وڏي ڏاڏي ميين شاھ ڪريم وارا ھئا، جنھن شادي کي رنج ۽ آزار ٿي سمجهيو ۽ رڳو لوڪ لڄا جي ڪري شادي ڪئي ھئائين. تنھن ڪري سندس سڄو ڌيان اخلاق ۽ ڪردار جي معراج طرف ھو، زندگي جي ھن مرحلي تي ھڪ اھڙو واقعو پيش آيو، جو کيس شادي ڪرڻي پئي. ڪوٽڙيءَ جو رئيس مرزا بيگ ’دل‘ قبيلي جي ماڻهن ھٿان سنہ 1124ھ/1712ع ۾ مقابلي ۾ مارجي ويو. سندس ٻار ٻچا نڌڻڪا ٿي پيا ۽ سواءِ سيد حبيب شاھ جي ٻيو ڪو سندن اوھيواھي ڪونہ ھو. مرزا بيگ کي ھڪ ڇوڪرو ھو، جيڪو پڻ سگهو ئي فوت ٿيو ۽ باقي فقط ھڪ نياڻي سعيدھ/سيدہ بيگم نالي ھئي. سيدحبيب شاھ پنھنجي معتقد جي ھن بيواھ ڪٽنب جي عورتن کي سنڀالڻ ۽ مدد ڏيڻ ضروري ڄاتو ۽ سندن راضپي کان پوءِ پنھنجي پُٽ کي مڃايو ۽ بيبي سعيدہ بيگم سان سندس نڪاح ڪرايو. جيڪڏھن شاھ لطيف، ان کان اڳ بيبي صاحبہ کي ڏٺو ھو ۽ سندس دل ۾ محبت جي دونھھين دکيل ھئي تہ بہ ان کي ڍڪيو ھئائين ۽ ٻاھر ڪابہ ٻاڦ ڪانہ ڪڍي ھئائين.

اھڙيءَ ريت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھ لطيف جي بيبي سعيدہ بيگم جي چيچ جهلي دعا ڪرڻ واري روايت سان اختلاف راءِ رکندي لکيو آھي: ”شاھ لطيف جو مرزا مغل بيگ جي حويليءَ ۾ دعا لاءِ وڃڻ ۽ سعيدہ بيگم جي چيچ جهلڻ واري ڏند ڪٿا نہ فقط سنڌ جي تھذيب ۽ ريت رسم جي خلاف آھي، پر شاھ لطيف جي اعليٰ ڪردار (جنھن لاءِ سندس والد سالن جي توجھ سان سندس خاص تربيت ڪئي ھئي) جي پڻ ابتڙ آھي.

شاديءَ واري موقعي کان اڳ، ھو پنھنجي سالڪانہ صبر سان، ان خيال کي اورانگهي آجو ٿي چڪو ھو. ھن وقت والد جي رضا ۽ ھڪ بيواھ ۽ يتيم گهر کي سھاري ڏيڻ خاطر ئي شادي قبوليائين. ان جي تصديق شاھ لطيف جي ازدواجي زندگيءَ جي اھڃاڻن مان ٿئي ٿي. جيئن تہ زندگيءَ جي ھن مرحلي تي سندس سڄو توجھ حق ۽ حقيقت جي اعليٰ منزلن طرف ھو، انهيءَ ڪري ھن لاءِ شاديءَ جي ضرورت ۽ اھميت اسلامي شرعي رسم ھئي. ھن مرحلي تي سندس پرڻي ۾ نہ تہ ڪا عاشقي جي بُوءِ ھئي ۽ نہ ڪو افساني جو رنگ ھو. شاديءَ کان بعد بہ شاھ لطيف جو پنھنجي گهر سان جيڪو ورتاءُ رهيو سو بيشڪ شاھاڻو ۽ شريفاڻو ھو، پر عاشقاڻو نہ ھو.“ (بلوچ، 2009ع، ص: 14) مرزا قليچ بيگ، شاھ لطيف جي شاديءَ جي باري ۾ پنھنجي راءِ ڏني آھي: شوق جي پٺيان شادي ڪين ڪيائين. سندس بيبي گهر واريءَ سان اوتري محبت ڪانہ ھوندي ھيس. نڪا عشق پئي ڪا شادي ڪئي ھئائين. رڳو شرع شريف جي حڪم پوري ڪرڻ لاءِ ۽ ڪم ڪار جي سھنج لاءِ شادي ڪئي ھئائين. شادي ڪرڻ بہ ھڪڙي سنت ھئي، تنھن ڪري ھن اھا روا رکي. ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڪجهہ ٻيا محقق ان ڳالهہ سان اتفاق نہ ٿا ڪن، ڪنھن بہ شاعر کي سالڪانہ صبر وارو ثابت ڪرڻ لاءِ مجازي عشق کان انڪار ڪرڻ پڻ صوفياڻي روايت جي خلاف آھي تہ، ساڳئي وقت ھڪ حساس دل شاعر جي حيثيت ۾ بہ ممڪن نہ ٿو لڳي. ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو تہ: شڪ نہ آھي تہ سندس شاعراڻو شعور اول انهيءَ واقعي تي ظاھر ٿيو ھجي. شاعريءَ جا ھيل تائين دل ۾ ڇپيل ھئي جيئن باھ چقمق ۾ سا ھاڻ عشق جي تاثير ھيٺ ڀڙڪو کائي ٻاھر نڪتي. شيخ اياز بہ اھڙيءَ ساڳي راءِ رکي ٿو ۽ ڪجهہ ٻين جديد دؤر جي محققن پڻ ان قسم جي روايت کي رد ڪيو آھي، محض 24 سالن جي عمر ۾ ’حق ۽ حقيقت‘ جي اعليٰ منزلن خاطر، فطري تقاضائن کان انڪار واري روايت پڻ شاھ لطيف کي عملي زندگيءَ جو شاعر نہ پر ھڪ پير مُرشد ثابت ڪري ٿي، جيڪا ان دؤر جي ماڻهن جي عقيدتمنديءَ جو نتيجو چئي سگهجي ٿي.

شاھ لطيف کي ڪو اولاد ڪونہ ٿيو. روايتن موجب سندس گهر واريءَ کي ھڪ ڀيرو اميد واري ٿي ھئي. ھڪ ڀيري بيبي صاحبہ کي پَلي کائڻ جي سڌ ٿي شاھ لطيف جو ھڪ خدمتگار فقير وڏي تڪليف سان ڏورانھين پنڌ تان ڊوڙندو وڃي پلو وٺي آيو. ان کان پوءِ جڏهن تکو ھلندو ۽ سھڪندو شاھ لطيف جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، تڏهن شاھ لطيف پڇيس تہ: ”اي ابا! ٻيو تہ خير آھي؟ ايڏي ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳو پيو آھين؟“ فقير عرض ڪيو تہ: ”سائين! ٻيو مڙيئي خير آھي، بيبي صاحبہ کي اميدواري آھي، سو کين پلي کائڻ جي خواھش ٿي ھئي، جو ھاڻي آءٌ پرانھين پنڌ تان ڊوڙندو وٺي آيس.“ شاھ صاحب کي اھا ڳالهہ ٻُڌي ڏاڍي بڇان لڳي ۽ چيائين تہ: ”واھ جو اولاد آھي، جو اڃا ڄايو ئي ناھي تہ منھنجي فقيرن کي رُلائي خراب ڪيو آھي. جي ڄمندو تہ الاجي ڪھڙا ڪلور ڪندو. مون کي اھڙو ٻار ئي ڪين گهرجي. ھي سڀ فقير منھنجو اولاد آھن.“ (بيگ، 1978ع، ص: 26)

اھڙيءَ طرح ھڪ ڏينھن گَهرَ جي ٻڍڙي خدمتگار فقيرياڻيءَ تي بيبي صاحبہ ڪاوڙ ۽ ڏمر ڪيو، جيڪو شاھ لطيف کي ڏاڍو ڏکيو لڳو. ان کان پوءِ ڪو اھڙو سبب ٿيو، جو پوءِ بيبي صاحبہ کي اھو ٻار ڪونہ ڄائو ۽ پيٽ ۾ ئي سڪي ويو ۽ نہ وري ٻيھر ڪڏهن کيس اميدواري ٿي.

شاھ لطيف جي شخصيت

1) رحمدلي

شاھ لطيف پنھنجي سڀاءَ ۾، ڏاڍو رحمدل ۽ ٻاجهارو شخص ھو. ھُن انسانن کي تہ ڪڏهن بہ نہ رنجايو، پر حيوانن تي بہ کيس رحم ايندو ھو. نہ صرف انسان ذات لاءِ قرب ۽ ھمدردي ھئس، پر جانورن ۽ پکين سان پڻ پيار ھوس. ماڻهن کي تاڪيد ڪندو ھو تہ، پنھنجن جانورن کي بکيو نہ رکو ۽ انهن کان ڏکيو ڪم نہ وٺو. پاڻ پنھنجي سر نہ تہ ڪو شڪار ڪيو ھئائين ۽ نہ ئي وري ڪو جانور ذبح ڪيائين. ننڍپڻ ۾ جڏهن تيرڪمان سان راند کيڏندو ھو، تڏهن بہ ڪنھن پکيءَ پکڻ کي نہ ضربيائين. پٿرن تي، ڪاٺين تي ۽ ٻين بيجان شين تي نشان چُٽيندو ھو. جهنگ جي سھن لاءِ تہ ھيڪاري قياس پوندو ھوس. پنھنجن فقيرن توڙي ٻين ماڻهن کي سھي جي مارڻ کان منع ڪندو ھو تہ ھو ويچارو ڪمزور جهنگلي جانور آھي، تنھن ڪري ان کي نہ ايذائيو وڃي. چون ٿا تہ وٽس ٻہ ڪتا ھوندا ھئا، جن مان ھڪڙي کي ’موتي‘ ۽ ٻئي کي ’کينهو‘ ڪري سڏيندو ھو. انهن گُلرن جي ماءُ ننڍي ھوندي ئي مري وئي ھئي. انهن گُلرن جي نڌڻڪي حالت ڏسي، شاھ لطيف کي اھڙي ڪھل اچي وئي، جو پاڻ وٽ آڻي، پنھنجي نظرداري ھيٺ انهن جي پالنا ڪيائين.

2) رياضت

شاھ لطيف تمام وڏو پرهيزگار ھوندو ھو. تمام گهڻيون رياضتون ڪندو ھو. روزا بہ رکندو ھو ۽ فاقا بہ ڏاڍا ڪڍندو ھو. شاھ عبداللطيف جيترا پنھنجي تن کي تسيا ڏنا، جيترا فاقا ڪڍيا ۽ رياضتون ڪيون، اوتريون ڪنھن ورلي ڪيون ھونديون. جيئن جيئن وڌيڪ سختي درپيش ايندي ھئس، تيئن تيئن وڌيڪ وھسندو ھو. جڏهن لڏي وڃي ڀٽ وسايائين، تڏهن پنھنجن ھٿن سان مزورن وانگي پورھيو ڪيائين. مٿي تي تغاريون ڍويائين، ۽ ٻيا بہ طرح طرح جا ڪشالا ۽ محنتون ڄاڻي ٻجهي خوشيءَ سان سر تي سھايائين. ڳالهہ ٿا ڪن تہ، ھڪ ڀيري فقيرن کيس شڪايت ڪئي تہ: ”هتي ڪُتِ ۽ مڇر تمام گهڻا آھن ۽ انهن اسان کي اھڙو تنگ ڪيو آھي، جو ننڊ ۽ آرام ئي حرام آھي.“

تنھن تي فرمايائين تہ: ’ابا، مڇر تہ اوھان جا سڄڻ آھن، جو اوھان کي غافل ٿي سمھڻ نٿا ڏين. پاڻ اوھان کي جاڳائين ٿا تہ سستي ڇڏي، سجاڳ ٿيو ۽ اٿي پنھنجي رب سائينءَ کي ياد ڪريو تہ توھان جي لاءِ اھو چڱو ڪم آھي.‘.

3) نوڙت

شاھ لطيف، نوڙت ۽ نماڻائيءَ جو مجسمو ھو. ڪاوڙ جو تہ وٽس نالو بہ ڪونہ ھو ۽ نہ ئي وري گهڻي کِل يا ھلڪڙائي ھوندي ھئس. اڪثر ماٺ ۽ ڌيان ۾ گذاريندو ھو. ڪنھن کي بہ اجايو سجايو نہ ڳالهائيندو ھو ۽ نہ ئي وري ڪنھن جي عيب جوئي يا نڪتہ چيني ڪندو ھو. تحمل، بردباري ۽ ڌيرج، سندس سڄي ڪٽنب جي خاصيت ھوندي ھئي. سڀني کي اھا صلاح ڏيندو ھو تہ: ’نھٺائي، تواضح ۽ خاڪساري اختيار ڪريو.‘ چون ٿا تہ، ھڪ ڀيري ڪنھن ھنڌ ھڪڙو سڪل وڻ ڏٺائين. اھو وڻ جيتوڻيڪ تمام ڊگهو ۽ ڪشادو ھو ۽ بيٺل بہ ريج واريءَ زمين ۾ ھو، تڏهن بہ سُڪي ٺوٺ ٿي ويو ھو. شاھ لطيف کي اچرج لڳو ۽ پڇا ڪيائين تہ: ’هن وڻ جي سڪڻ جو سبب ڪھڙو آھي؟‘ ھڪڙي چيو تہ: ’سائين، ھن وڻ کي ڀاڻ تمام گهڻو ڏنو ويو ٿو ڏسجي، جنھن ڪري ھي وڻ سڪي ويو آھي.‘ تڏهن شاھ لطيف چيو، ’ادا! آھي بہ ائين، ڀاڻ اھڙي شيءِ آھي، جو ساون کي بہ سڪايو ڇڏي.‘ ھتي ’ڀاڻ‘ لفظ جون ٻہ معنائون آھن: ھڪڙو ڀاڻ، جيڪو زمين کي ڏنو ويندو آھي، ٻيو ڀاڻ يعني وڏاءُ، آپو يا انا.

4) ڪردار

شاھ لطيف، ڪردار جي حوالي سان نھايت ئي پاڪدامن ۽ پرهيزگار شخص ھو. ڦوھ جوانيءَ جي وقت ۾ بہ ڪڏهن ابتو پير نہ کنيائين. مجازي عشق بہ ماڻيائين، سير سفر بہ ڪيائين پر ھر حال ۾ ثابت قدم رهيو.

چون ٿا تہ، ھڪ ڀيري ميان نور محمد ڪلھوڙي سندس ڪردار جي پرک لهڻ لاءِ کيس دعوت ڏيئي، پنھنجي محلات ۾ گهرايو. ماني ٽڪي کائڻ کان پوءِ، ميان صاحب، شاھ لطيف کي پنھنجي حرم ۾ وٺي ويو، جتي ڪي حسين عورتون ھار سينگار ڪري ويٺيون ھيون. ميان صاحب ڪو بھانو ڪري، شاھ لطيف کي اُتي ڇڏي، پاڻ ٻاھر نڪري ويو. انهن حسين عورتن گهڻي ئي ناز نخرا ڏيکاريا ۽ ڪوشش ڪئي تہ شاھ لطيف کي پنھنجي ڦند ۾ ڦاسايون، پر شاھ لطيف ھنن ڏانھن نھاريو بہ ڪين. ڪافي دير کان پوءِ جڏهن ميان صاحب واپس آيو ۽ ڏٺائين تہ شاھ لطيف مراقبو وجهيو ويٺو آھي ۽ انهن حسين عورتن ڏانھن اک کڻي بہ ڪونہ ٿو نھاري، تڏهن کين چيائين تہ: ’قبلا، ھي سھڻيون ناريون اوھان جي وصال لاءِ واجهائينديون ٿيون وتن، پر اوھان کي ھنن جي پرواھ ئي نہ آھي!‘ تڏهن شاھ لطيف ورنديءَ ۾هي بيت چيو: 

ڪَاڪِ نہ جھَلِيا ڪَاپَڙي، موھِيا ڪِنھن نَه مالَ، 

سوڍِيُون سِجهائي وِيا، ھِهَڙا جَنِين حالَ، 

جي ڇورين ڏِنا ڇال، تَھ پِھ لاھوتي لنگهي وِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 3، بيت: 17، ص: 528) تصوف جي طريقي ۽ ذڪر فڪر ۾ بہ شاھ لطيف جو ساڳيو پنھنجي ڏاڏي وارو نمونو ھوندو ھو. ڪنھن بہ ماڻهوءَ کي عام رواج موجب مريد نہ ڪندو ھو، پر پنھنجي صحبت ۾ رهائي کيس اسم ذاتيءَ جا شغل سمجهائيندو ۽ سيکاريندو ھو. جيڪڏھن کانئس ڪو دعا گهرندو ھو تہ فرمائيندو ھو تہ: ” ’الله تعاليٰ ڄاڻندڙ ۽ سگهارو آھي، اھو چڱي ڪندو.‘ فيض جي طالبن کي فرمائيندو ھو تہ: ’پنھنجي سيني کي آئيني وانگي صاف ڪري رکو تہ ان تي الاھي حسن جو اولڙو ازخود پوندو رهندو.‘ سندس چوڻ ھوندو ھو تہ: ’الله تعاليٰ تي ڀاڙجي ۽ ان جي حڪمن تي ھلجي تہ سڀ مرادون پاڻ ئي حاصل ٿينديون.‘ ڇا کي وَڃِي ڇو، ٻيلِي ٿِئٖين ٻينِ جو، وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ جو والِي جو، سَوکو ھُوندو سو، جنھن جو عِشقُ اَللهَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر برؤو سنڌي، داستان 1، بيت: 1، ص: 762)

شاھ لطيف حاڪمن، عملدارن، پيرن ۽ زميندارن جي ڪاڻ نہ ڪڍندو ھو. البت حاڪمن سان سٺو سلوڪ ان ڪري ڪندو ھو تہ جيئن ماڻهن جو ڪو ڀلو ٿئي. ميرعبدالحسين خان سانگي لکي ٿو: ”اولياء صاحب حاڪمن جي واقفيت تي اعتراض نہ ڪندا ھئا، انهن سان سٺو سلوڪ ڪندا ھئا. ھن سبب ڪري جو حاڪم سان واقفيت يا تعلق ھوندو تہ، انهن جي ظلم کان ڪنھن غريب کي ڇڏائي سگهبو ۽ ان مان غريبن کي فائدو ٿيندو.“(سانگي، 1986ع، ص: 74)

زھد ۽ تقويٰ، عبادت ۽ رياضت کان علاوہ شاھ لطيف سماجي ڀلائي واري فلسفي ۾ پڻ يقين رکندو ھو. پاڻ فرمايائون تہ:

روزا ۽ نمازُون، اِيءُ پُڻ چَڱو ڪَمُ، 

اُو ڪو ٻيو فَھَمُ، جِنہِ ۾ پَسڻُ پِرينءَ کي. 

(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2009ع)، شاھ جو رسالو، سُر آسا، داستان 1، بيت 16،ص 332) 

جيئن تہ شاھ لطيف جي دور کان اڳ، سنڌ ڌارين جي قبضي ھيٺ اچي چُڪي ھئي. وڻج واپار، منڊيون ۽ مارڪيٽ ڌارين جي حوالي ھئا. ھو پنھنجي مرضيءَ مطابق سودو سلف وڪڻندا ھئا. مرضي پوندي ھين تہ اناج ۽ ٻيون جنسون ڪوٺين ۾ ڪٺو ڪري مھانگو ڪري وڪڻندا ھئا. عام سنڌي ماڻهو وٽ وسيلا بِنَهہ گهٽ ھئا. ان ڪري کين ضروري شين خريد ڪرڻ ۾ بہ ڏُکيائي ٿيندي ھئي. اھڙي حالت ڏسي شاھ لطيف فرمايو تہ:

جَنِ مھانگو لَھِي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ

پَنجن مَنجھان پندرَهن ٿيا، ايئن ٿا وَرَقَ وَرَنِ، 

ڏُڪارِيا ڏيھَنِ مان، شَلَ مُوذِي سَڀِ مَرَنِ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، شاھ جو رسالو، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 16،ص 701)

اھڙي ريت شاھ لطيف سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ويو ۽ ھوند وارن کي ھاڪاريو تہ اُٿو ۽ غريبن جي واھر ڪريو. عام ماڻهو ٻٽي ويل ۾ ھئا. ھڪ طرف ڌارين جا ڏاڍ تہ ٻئي طرف پنھنجن جون بہ ارڏايون، جيڪي معمولي لالچ تي سيڻ مٽائيندا ھئا. ٽئين طرف نيم خواندن (اڌ پڙهيلن) بہ عام ماڻهن جي زندگي زھر ڪري ڇڏي ھئي. نہ ڄاڻندي بہ کين اُبتا سُبتا ڏس ڏيندا ھئا، جنھن سان سندن سُور سوايا ٿي ويندا ھئا:

اَنڌا اُونڌا ويڄَ ! کَلَ ڪُڄاڙِيا کانئِيين؟ 

اسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِيارِيين پيڄَ، 

سُورِي جَنِين سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھدو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، شاھ جو رسالو، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 2، ص:71).

موسيقيءَ ۽ راڳ سان لڳاءُ:

اسلام جي مختلف مسلڪن مان ڪن موجب شريعت ۾ سرود ۽ سماع جي سخت منع آھي، پر شاھ لطيف جي سرود ۽ سماع کان سواءِ بنه ڪانہ سرندي ھئي. راڳ سندس جان جو جياپو ھو ۽ ساھ بہ سماع ۾ ڏنائين. ڪيترائي ڀيرا مولوين کيس ان کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن تي ڪوبہ اثر ڪونہ ٿيو. آخر ھڪ دفعي مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، جيڪو ان زماني جو وڏو عالم ۽ زاھد ھو، ڪجهہ مُلن کي ساڻ وٺي، شاھ لطيف کي ھدايت ڪرڻ لاءِ ڀٽ تي اچي نڪتو. سندن اچڻ تي شاھ لطيف سڀ ساز ۽ سرود ھڪڙي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري رکائي ڇڏيا. خوش خير عافيت کان پوءِ، مولوين شرعي دليل پيش ڪندي شاھ لطيف کي سرود ۽ سماع جي ترڪ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. شاھ لطيف سندن سڀ ڳالهيون غور سان ويٺي ٻڌيون ۽ آخر ۾ کانئن پڇيائين تہ: ’مثال طور، جيڪڏھن ڪو وڻ ھجي، جنھن مان خدا جي خلق کي گهڻو فائدو رسندو ھجي، پر اھو وڻ سوڪھڙي سبب سڙي وڃڻ تي آھي، ڀر ۾ ھڪ گندي پاڻيءَ جو تلاءُ بيٺو آھي. ھاڻي ٻڌايو تہ ان چشمي مان وڻ کي پاڻي ڏجي يا نہ؟‘ مولوين وراڻيو تہ: ’اھڙيءَ حالت ۾ وڻ کي گندو پاڻي ڏيڻ جائز آھي.‘ تنھن تي شاھ لطيف چيو تہ: ’منھنجيءَ دل ۾ بہ الاھي محبت جو ھڪ وڻ آھي، جيڪو سماع بنا سڪيو وڃي.‘ اڃا ايترو چئي بس ڪيائين تہ اندران ازغيبي سازن ۽ سرودن جو سريلو آواز اچڻ لڳو. مولوي اچرج ۾ پئجي ويا ۽ ماٺڙي ڪري اتان اٿي ھليا ويا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘ ۾ لکي ٿو: ”ميرعبدالحسين خان سانگيءَ ’لطائف لطيفي‘ ۾ اھو نُڪتو نروار ڪيو آھي تہ، شاھ صاحب کي راڳ ئي ڀٽ تي رهايو، نہ تہ پاڻ پنھنجي جذبي ۽ جوش ۾ ھتان کان ھُتي گهمندا ڦرندا رهيا. راڳ جي رس سان ئي سندن تسڪين ٿي ۽ راڳ خاطر ئي ڀٽ وسائي ويٺا.“(بلوچ، 2003ع، ص: 184) راڳ شاھ لطيف جي جيءَ جي جڙي ھو. شاھ صاحب لاءِ راڳ ڄڻ جيءَ جو جياپو ھو، روحاني خوراڪ ھو، اندروني سوز ۽ قلبي لوچ پيدا ڪندڙ ھو ۽ عرفان الاھي ڏانھن نيندڙ ھو. شاھ صاحب پنھنجي سليم طبع ۽ فني وسعت سببان، سماع، وجد ۽ رقص جي بدران سُڪوت ۽ صبر جو حامل ھو ۽ ٻاھرين لوڇ پوڇ بجاءِ اندروني وجد ۽ لوچ جو قائل ھو.

ڪڏهن ڪڏهن تہ ڏينھن جا ڏينھن سماع ۽ سرود ۾ صرف ٿي ويندا ھئس. اھڙيءَ حالت ۾ پنھنجي وجود جو بہ سماءُ نہ رهندو ھوس.

مير عبدالحسين خان سانگي لکي ٿو: ”اولياء صاحب ھڪ ھٿ جو ننھن ٻئي ھٿ جي ننھن تي ھڻي تنبوري جي سُر سان سُر ملائيندو ھو.“(سانگي، 2012ع، ص: 74) مير عبدالحسين خان سانگي وڌيڪ لکي ٿو: ”حضرت اولياء صاحب پاڻ ڪڏهن بہ بيت راڳ جي نموني ڪونہ ڳايا ۽ نہ ئي وري دنبورو وڄائڻ لاءِ ھٿ ۾ کنيو. البت اُن وقت سرود ٻڌڻ ۾ مستغرق ٿي ويندا ھئا.“(سانگي، 2012ع، ص: 74) مطلب تہ شاھ لطيف جي رهڻي ڪھڻي، ھر ھڪ ماڻهوءَ لاءِ ھڪ اعليٰ آدرش ھئي. منجهس ھر طرح جون خوبيون موجود ھيون. دنيا بہ ھيس دين بہ ھئس.

وھي مَ مَنجِهين وَڳَ، کَٿُوري ڏَارَ چَري، 

مَآءُ مُنھِنجي ڪَرَهي، پَڌَرِ پَڳَ نَه لَڳَ، 

جَڳَ سِين جِھو جَڳَ، ھِنيين، سين ھُتِ چَري. 

(شيخ، ٻانھون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرکنڀات، داستان 2، بيت 30، ص: 114).