سر يمن ڪلياڻ جو فلسفو
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل
سر يمن ڪلياڻ جي مقرر ڪيل اٺن عنوانن مان، اسان ان جي فلسفي تي ڪجهه اظهار خيال ڪريون ٿا. ان جي فلسفي تي لکڻ کان اڳ، معلوم هئڻ گهرجي ته شاه صاحب جي رسالي جي سڄي فلسفي کان سر يمن ڪلياڻ جو فلسفو ڪا ڌار شيءِ نه آهي، بلڪه جدا جدا سرن جو فلسفو، ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ مشترڪه نظر ايندو، البته ايترو فرق ضرور آهي جو هر هڪ سر ۾ ان جو عنوان بدليل هوندو آهي.
سريمن ڪلياڻ جو فلسفو ڇا آهي، ۽ ڇو ان جي لاءِ اٺ داستان چونڊيا ويا آهن؟ تنهن جو بحث اڳتي ايندو، ليڪن اها خبر سڀني کي آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه هڪ پڪو مسلمان ۽ بلند پايه عارف ۽ صوفي هو، جنهن جي عمر جو وڏو ڀاڱو پنهنجي نفس جي تزڪيه ۽ قلب جي تصفيه ۾ گذريو. هن جو شمار دنيا جي اهڙن شخصيتن ۾ ٿيڻ گهرجي، جن جي تجربن کان ايندڙ نسلن هميشه فائدو حاصل ڪيوآهي. ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب پنهنجي زندگيءَ جو ڪافي حصو سنڌ ۽ ان جي پسگردائيءَ جي سياحيءَ ۾ گذاريو آهي، ۽ دنيا جي ٿڌي ڪوسي جو تجربو ڪيو آهي، ۽ آسپاس جي جاگرافيائي حالتن جو تجربو ذاتي طرح ڪيو اٿس، تنهن ڪري هن جي پاڪيزه زندگيءَ ۾ افاديت پيدا ٿي پيئي آهي. ايتري قدر جو اسان جي ائٽمي زماني ۾ به هن جا تجربا روحاني ۽ مادي زندگيءَ جي لاءِ شمع راهه جو ڪم ڏين ٿا.
شاهه صاحب جي نهايت قيمتي تجربن مان روحاني تجربو به هڪ آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ ۾ هن ڪڏهن به پنهنجا اصول ترڪ نه ڪيا، جيتوڻيڪ هندو ساڌن سان گڏجي ملڪ جي مختلف ڀاڱن جو سفر ڪيائين. هن سفر ۾ هن کي آيات الاهيه تي ذاتي غور ڪرڻ جو ڪافي موقعو مليو. خاص طرح هندو ساڌن سان رهي، هن ۾ هڪ اعليٰ درجي جي رواداري پيدا ٿي پئي، جنهن جي ڪري نوع انساني لاءِ هن جي دل م پيار پيدا ٿي پيو، ۽ عالمِ انساني سان هن کي محبت ٿي پيئي. جنهن حالت ۾ شاهه صاحب جي خيال جو مرڪز انسانيت گير وسعت رکندو هو، تنهن ڪري مختلف خيال رکندڙ ماڻهن سان گڏ رهي هن کي پنهنجي عقيدي جي پختگي، وسعت ۽ بلنديءَ جو تمام سٺو تجربو ٿيو. انهيءَ عقيدي جي روحانيت ۽ حقيقت هن کي انهيءَ ڳالهه تي مجبور ڪيو جو هو ٻين کي پنهنجن تجربن مان فائدو پهچائي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي ڪيفيت ۽ حال کي ابيات ۽ واين جي صورت ۾ نظم ڪيو ۽ موسيقيءَ جي سهاري هڪ قسم جي محفل سماع برپا ڪئي. جنهن مان هن جي محفل جا شريڪ فائدو پرائيندا رهيا.
مسلمان اهلِ حال صوفين ۽ عارفن جي هميشه اها حالت رهي آهي، جو انهن کي تجليات ۽ ڪيفيات جو مشاهدو ٿيندو هو، يا سندن وجدان ان جو اثر قبول ڪندا هئا. يعني هر تجليءَ جي مشاهدي جو اثر ۽ هر وجداني ڪيفيت جي تاثر کي ابيات يا وائي جي صورت ڏيندا هئا. ان ۾ انهن جي قصد ارادي کي بعض وقت بلڪل دخل نه هوندو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو، جو هو پنهنجي واردات قلبي ۽ ڪيفيات روحاني کي قصد ۽ ارادي سان نظم فرمائيندا هئا. انهن ٻنهي حالتن م ساڻن ويهڻ وارا ۽ عقيدتمند برابر فيضياب ٿيندا هئا. شاهه جي رسالي جو غور سان مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اهي ٻئي نُڪتا ڏاڍي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي وڃن ٿا.
شاهه جو فلسفو
اسلامي عارفن ۾ ٻن خيالن جا مڪتب نظر اچن ٿا: هڪڙو مڪتب وحدت الوجود وارن جو، ۽ ٻيو وحدت الشهود وارن جو. اهو رڳو لفظي ڦير گهير آهي، نه ته ٻنهي مقصدن جو مطلب وصول الي الحق آهي. انهيءَ بحث ۾ وڌيڪ پوڻ جي نڪا ضرورت آهي نه انهن مڪتبن مان ڪو غلط آهي. ٻنهي جو ۽ هر هڪ مسلمان جو مقصد رڳو عرفان ۽ خدا کي رسڻ آهي. تنهنڪري فروعي ڳالهين کي ڇڏيندي، ان اصول کي اختيار ڪريون ٿا جو شاهه صاحب جي سڀني سُرن ۾ برابر ملي ٿو ۽ سر يمن ڪلياڻ ۾ ان جي جلوهه گري خاص طرح نظر اچي ٿي.
شاهه صاحب جو فلسفو حقيقت ۾ وحدت الوجود جو فلسفو آهي. اهو پنهنجي طرفان فرض ڪو نه ڪيو ويو آهي بلڪه شاهه صاحب جي سڀني سرن جي مطالعي جو نتيجو آهي. شاهه صاحب قادريه سلسلي جو شيخ طريقت هو، جنهن جي تعليم هن پنهنجي والد بزرگوار کان حاصل ڪئي هئي. سندس جَد امجد شاهه عبدالڪريم بلڙي جي ڪري فقر و تصوف جي تعليم سندن سڄي خاندان ۽ گهر ۾ عام هئي. انهيءَ سلوڪ جون منزلون شاهه صاحب طئي ڪيون ۽ اهو ئي هن جي زندگيءَ جي غور و فڪر جو مرڪز هو.
اسان جو اهو مختصر بيان، شاهه صاحب جي سر يمن ڪلياڻ ۾ ملي ٿو ۽ اهو ئي شاهه صاحب جو فلسفو آهي. جنهن کي پيش ڪرڻ کان اڳي هڪ نڪتي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته، .اسلامي نظام حيات جو روحانيت ۽ ماديت جو جامع آهي، سو شريعت محمديه جي ماتحت اچي ٿو“ شريعت محمديه جا سڀ احڪام ۽ اعمال جي پابندي خدا جا ڏنل حڪم آهن ۽ حضرت خاتم النبين عليھ الصلوات والسلام خود هن تي عمل ڪيو آهي. احڪام ۽ اعمال جي اها پابندي اهڙي آهي جو اسان جي اٿڻ، ويهڻ، سمهڻ، جاڳڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ کي به عبادت ۾ داخل ڪريو ڇڏي.
شريعت ۾ سڀ کان پهرين ”توحيد“ تي زور ڏنل آهي ۽ شرڪ کان بچڻ جو سخت تاڪيد ڪيل آهي. اسلام جي پنجن رڪنن مان پهريون رڪن توحيد آهي، جو زبان سان اقرار ۽ قلب سان تصديق آهي. توحيد جي اهميت ايتري آهي جو اسان جا عقيدا، خيالات، اعمال ۽ سماجي ۽ انفرادي زندگيءَ تي ان جو اثر انداز هجڻ ضروري آهي. اسلامي اتحاد جي بنياد جو اصل مرڪز ئي توحيد آهي. توحيد جي بنياد تي جيڪو نظام حيات قائم ٿئي ٿو، تنهن جي ظاهر ۽ باطن ۾ مطابقت ٿئي ٿي، ضد ۽ اختلاف نٿو ٿئي، مثلا الله جل شانھ کي هڪ مڃڻ زبان جو ڪم آهي ۽ ان جي تصديق ڪرڻ ته اها ذات، صفات، افعال ۽ شين جي لحاظ کان به هڪ ئي آهي، دل جو فرض آهي. ظاهر آهي ته انهن ٻنهين ڳالهين ۾ يعني زبان سان الله جي هڪ هجڻ جي اقرار ڪرڻ ۾ ۽ دل سان هن کي ذات و صفات ۽ شين جي اعتبار کان هڪ مڃڻ ۾ نڪو پاڻ ۾ فرق آهي نه تضاد، فقر و سلوڪ جي هڪ وڏي مسئلي کي اسان تمام اختصار سان پيش ڪيو آهي ڇو ته انهيءَ کانسواءِ اسين شاهه جي فلسفي جي تشريح ڪري ڪين سگهنداسين. فلسفي جي اصطلاحي معنيٰ آهي، ”شيءِ جي انهيءَ حقيقت کي معلوم ڪرڻ، ان جو اصل بنياد ۽ وجود آهي، يعني شين جي ماهيت جو نالو فلسفو آهي.“
سر يمن ڪلياڻ بابت گهڻائي رايا نظر مان گذريا آهن، پر انهن مان رڳو ٻه رايا هتي بيان ڪرڻ مناسب سمجهون ٿا. هڪڙو رايو ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو آهي. هن سريمن ڪلياڻ جي هر داستان بابت هڪ جدا رايو ڏنو آهي، جنهن جو مرڪزي خيال هر هڪ داستان جي ئي ڪنهن نه ڪنهن شعر تي بيٺل آهي. تنهن ڪري هن جو بيان اٺن داستانن تي پکڙيل آهي. جيتوڻيڪ اهو بيان هر داستان جي لحاظ کان اهڙو آهي جو انهيءَ داستان مان ئي ماخوذ معلوم ٿو ٿئي، پر ان جي مجموعي مطالعي مان شاهه صاحب جي ڪنهن خاص فلسفي کي سمجهڻ نهايت مشڪل آهي، البته هر داستان جي فلسفي کي سمجهڻ ۾ ڪجهه نه ڪجهه آساني ضرور ٿئي ٿي.
ٻيو رايومرحوم غلام محمد شاهواڻيءَ جو آهي، جنهن جي بيان م جيتوڻيڪ هڪ تسلسل ملي ٿو، جنهن مان عقلي طرح هڪ نتيجو به ڪڍي سگهجي ٿو، پر اها ڳالهه ان ۾ به نٿي ملي ته شاهه صاحب جي سريمن ڪلياڻ جو اصل فلسفو ڇا آهي؟ شاهواڻي صاحب جي بيان مان جيڪي ڪي ثابت ٿئي ٿو تنهن جو خلاصو هي آهي ته شاهه صاحب هن سر ۾ عشق حقيقي جو بيان ڪيو آهي، يا هن تي زور ڏنو آهي. پر عشق حقيقي پنهنجي جاءِ تي ڪو فسلفو نه آهي. بلڪه ڪنهن فلسفيانه مقصد کي حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي. تنهن ڪري نهايت ضروري آهي ته شاهه صاحب جي سر يمن ڪلياڻ جو مطالعو اهڙي ريت ڪريون، جو ان مان سر يمن ڪلياڻ جي فلسفي جو پورو علم حاصل ٿي سگهي. انهيءَ انداز تحقيق مان اميد آهي ته ڪنهن کي به اختلاف نه رهندو.
شهواڻيءَ جي سر يمن ڪلياڻ جي پهرئين داستان جو پهريون بيت آهي:
تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
صاحب! ڏي شِفا، ميان! مريضن کي.
هيءُ بيت حمد ۾ آهي، پر هن حمد جا لفظ اهڙا آهن، جنهن مان شاهه صاحب جي روحني ميلانات ۽ وجدانيات جي نوعيت ۽ ڪيفيت ڪهڙي آهي، اڳتي خبر پوندي، ٻئي بيت جو مضمون اهو ئي آهي، جيڪو پهرئين بيت ۾ آندو ويو آهي:
تون حبيب، تون طبيب، تُنهم ڊٺن ڊبُ،
تون ڏيين، تون لاهيين،تُنهم هادي رب،
آهِم اي عجب، جن وارئو ويڄ وهاريين.
ٽئين بيت ۾ اها حيقت کلي سامهون اچي وڃي ٿي، ته اهي بيت باري تعاليٰ جي حمد ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته ٽئين بيت جي ٻي سٽ ۾ اسماءَ باري مان ٻه اسم آيا آهن، يعني هادي ۽ رب، جيتوڻيڪ هنن ٽنهي بيتن ۾ حمد جو مضمون آهي، انهيءَ جي باوجود چئي نٿو سگهجي ته هن سر جو فلسفو ڪهڙو آهي. اڃا اسان کي هن جي فلسفي جي ڳولا ڪرڻي آهي. چوٿين بيت م به حمد جو ئي بيان ڪيل آهي ۽ ساڳيو حال پنجين بيت جو آهي. هيستائين اسان جيڪي اشارا ڪيا آهن، جيتوڻيڪ اهي حمدِ الاهي کي ئي ظاهر ڪن ٿا، مگر هن حمد جو راز شاهه صاحب جي اندازِ بيان ۾ لڪل آهي، جنهن جي هي سمجهاڻي آهي ته هڪ محبت جي ماريل، ۽ عشق جي ڦٽيل پنهنجي خيال ۾ پنهنجي محبوب کي مخاطب ڪري چوي ٿي ته: ”اي محبوب! تون ئي پيارو آهين، تون ئي طبيب آهين، تون ئي درد جي دوا آهين، تنهنجو تذڪرو ئي دل جي دوا آهي، ۽ اي حبيب، تون ئي دل جي زخم جي دوا آهين، تون ئي هادي آهين ۽ تون ئي رب آهين.“
ٽئين بيت ۾ هادي ۽ رب جي استعمال سڄي داستان جو رخ بدلائي ڇڏيو آهي. هادي ۽ رب، محبوب ته ٿي سگهن ٿا پر ڪو مادي محبوب، هادي ۽ رب ٿي نٿو سگهي. هادي ۽ رب، انهن ٻنهي اسماءِ الاهي ظاهر ڪري ڇڏيو ته اها ڦٽيل جا فرياد ڪري رهي آهي، سا ڪنهن مادي محبوب تي عاشق نه آهي، بلڪه هن جو عشق هڪ اهري ذات سان آهي، جو پنهنجي ذات سان ٻين کي جيڪڏهن ڏک پهچائي ٿو ته انهن جو علاج به ڪري ٿو. ان مان ثابت ٿيو ته فرياد ڪرڻ واري يا عشق جي ماريل هستي، جنهن عشق جي شڪايت ڪري ٿي سو مادي عشق نه آهي.
شاهه صاحب جو هي انداز بيان هڪ اعليٰ درجي جو تغزل آهي. هڪ عاشق هستي آهي جا پنهنجي عاشق جي واردات ۽ ڪيفيات کي زخمن جي استعاري ۾ پيش ڪري ٿي، ۽ جنهن قسم جا لفظ هو پنهنجي بيان ۾ آڻي ٿي، جيتوڻيڪ اهي سڀئي لفظ عام طرح ٻوليءَ ۾ استعمال ٿين ٿا، پر شاهه صاحب جنهن مقام تي اهي لفظ ڪم آندا آهن، تن جي تاثير جو اهو حال آهي جو ٻڌڻ يا پڙهڻ وارا ان کان بيچين ٿيو پون.
غزل جي لفظن جي اهڙي حالت هوندي آهي جو ان ۾ وڏي لطيف ۽ نازڪ معنيٰ هوندي آهي. انهيءَ لطيف ۽ نازڪ معنيٰ جي ڪري غزل ۾ جوش ۽ زور پيدا ٿيندو آهي، بشرطيڪه پڙهڻ يا ٻڌڻ وارو لفظن جي انهيءَ لطيف ۽ نازڪ فرق کي محسوس به ڪندو هجي.
شاهه صاحب جي هن داستان جو هي حال آهي، جو سلوڪ جي منزلن مان رضا جو بيان ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري ڦٽيل جي واتان اهڙيون اهڙيون ڳالهيون چورايون ويون آهن جن مان زخمي ٿيل جو پنهنجن زخمن تي قناعت ڪرڻ ثابت ٿئي ٿو. اها ڦٽيل پنهنجن زخمن جي بي آراميءَ کي زبان تي به نٿي آڻي ۽ نه انهن زخمن جو علاج گهري ٿي. جيڪڏهن علاج گهري ٿي ته اهو به پنهنجي محبوب کان ئي گهري ٿي، خواهه اهو علاج وڌيڪ زخمن جي ڪري ئي ڇو نه هجي.
هڪ بيت ۾ شاهه صاحب انهيءَ عاشق هستي جي واتان چورايو آهي ته ”اي محبوب، ڪمان کڻي پنهنجن هٿن سان نشانو بناءِ! تاڪ بهانو ملي ته جهوليءَ ۾ اچي ڪران.“ هن ڦٿڪندڙ جو مطلب هيءُ آهي ته، محبوب ڪنهن طرح سان سامهون اچي، جو هن جي ديدار مان پنهنجي لوڇ پوڇ جو ڪجهه علاج ڪري سگهي. بيت هي آهي:
هڻ حبيب هٿ کڻي، ٻنگا لهي ٻاڻ،
ماڳهين مون منھ ٿئي، جهوليءَ وجهان پاڻ،
ان پر ساجن ساڻ، مانَ مقابلو مون ٿيي.
ڪهڙو نه دردناڪ انداز بيان آهي جو ڦٿڪايو ڇڏي، هڪ تير کائي جهولي ۾ ڪرڻ جي بيک گهري ٿي، ته انهيءَ ريت پنهنجي محبوب کي هڪ نظر ڏسي سگهي.
هن کان پوءِ شاهه صاحب هن ڳالهه تي روشني وڌي آهي ته جن جون دليون عشق کان گهايل ٿين ٿيون سي لک ڦٿڪن ۽ بيقرار ٿين ۽ هزارين آهه و فرياد ڪن پر پنهنجي دل جو ڳجهه ڪنهن کي به نٿا سلين، پر جيڪي اهو فرياد ڪري پنهنجو عشق ڏيکارين ٿا سي حوس پيشه ٿين ٿا. انهيءَ لاءِ شيخ سعدي رحه خوب چيو آهي.
اي مرغ سحر عشق ز پروانه بياموز،
ڪان سوخته را جان شد و آواز نيامد،
اين مديان در طلبش بي خبر آنند،
ڪان راڪه خبر شد خبرش باز نيامد
هڪ سچو عاشق پرواني وانگر پنهنجي زندگي قربان ڪريو ڇڏي، پر واتان ڪڇي ڪين ٿو، بلبل ۽ قمري، جي گل ۽ سرو تي عاشق آهن، سي رڳو ناله و فرياد ته ڪري سگهن ٿا، مگر جان قربان ڪري نٿا سگهن، هڪ هنڌ شاهه صاحب عاشق جو حال هن طرح ظاهر ڪيو آهي ته جن جي جگر تي عشق جو زخم لڳي ٿو سي آهه و زاري ڪن ٿا تنهن کي نه ڏينهن جو آرام آهي نه رات جو ننڊ، پر جي ماڻهو عشق کان بي بهره ٿين ٿا، تن کي عاشقن جي حالت جي خبر به نه هوندي آهي. نظيري چوي ٿو ته:
بزير شاخ گل افعي گزيده بلبل را،
نوا گران نخورده گزند را چه خبر.
حافظ شيرازي فرمائي ٿو:
شبِ تاريڪ بيم موج و گرداب چنين حائل،
ڪجا دانند حال ما ست کسارانِ سا حلها.
مٿين ٻنهي شعرن جو مطلب آهي ته عيش عشرت جي زندگي بسر ڪرڻ وارا مصيبت زده ماڻهن جي ڏک درد کان واقف نٿا ٿين. شاهه صاحب جو به هڪ بيت ملاحظه فرمايو:
سگهن سڌ نه سور جي، گهايل ڪيئن گهارين،
پيل پاسو پٽ تان، واڍوڙ نه وارين،
پر م پڇن پرين لئي، هئي! هنجون هارين،
سڄڻ جي سارين، تن رويو وهامي راتڙي.
ڪو شڪ نه آهي ته حافظ جي شعر ۾ مصيبت جو بيان نهايت درد انگيز لفظن ۾ بيان ڪيل آهي، مگر شاهه صاحب جي بيت جي جيڪڏهن تشريح ڪئي ويندي ته پٿر جو جگر به پاڻي ٿي ويندو. جنهن حالت ۾ اسان جو موضوع شاهه صاحب جو فلسفو آهي. تنهن ڪري اسين هن جي متغزلانه مضامين جي تشريح کان گريز ڪريون ٿا.
شاهه صاحب جو اهو سڄو داستان هڪ عاشق جي ڏک درد جي ڪهاڻي آهي، پوءِ سوال پيدا ٿو ٿئي، ته ڇا شاهه صاحب سچ پچ ان ۾ ڪو فلسفو بيان ڪيو آهي؟ ته جواب ڏيڻو پوندو ته هن داستان ۾ اهڙي قسم جا اشارات واضع طرح ملن ٿا، جن مان هڪ خاص قسم جو فلسفو سمجهه ۾ اچي ٿو. سڀ کان پهرين اهو سڄو داستان هڪ تمثيليه شاعري آهي، يعني حقيقت کي مجاز جي پيرايي ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ حقيقت هي آهي ته هڪ عورت آهي جا ڪنهن تي عاشق آهي ۽ پنهنجي درد ڀريل عشق جو احوال بيان ڪري ٿي، حقيقت ۾ عاشق عورت استعارو آهي ذات سان ۽ ذات جو مفهوم آهي ته هي سڄو عام ڪثرت، جيڪو ازل ۽ ابد جي وچ ۾ واقع آهي سو هڪ دوئي يا فرق جو عالم آهي، يعني اسماءَ متقابله ۽ صفات متضاده جو ظهور آهي. ظهور جو هر فرد هڪ ذات جي حيثيت رکي ٿو.
هن عالمِ ظهور جي اهميت هي آهي، ته پنهنجي حقيقت جي اعتبار کان هڪ وجودِ مطلق آهي ۽ ظهور جي اعتبار کان مجودات جو هڪ اهڙو مجموعو آهي، جنهن جو تفصيل معلوم ڪرڻ کان عقل انساني عاجز آهي. ڪائنات جو هر فرد وجود مطلق جو هڪ مقيد تعين آهي ۽ هر تعين هڪ ذات آهي جا ذاتِ مطلق جو مقيد مظهر آهي.
هن نقطه نظر کان شاهه صاحب جي هن فرياد ڪرڻ واري عاشق مان مراد اها ذات آهي، جا ذات مطلق جو هڪ مقيد تعين آهي، ڇاڪاڻ ته عالم تعينات ۾ هر موجود ٻئي موجود جو غير آهي ۽ هن کي پنهنجي حقيقت کان بُعد ۽ دوري آهي، پر هر شيءِ، هر موجود، هر تعين ۽ هر ذات ڇاڪاڻ ته پنهنجي حقيقت جي طرف مائل آهي. ۽ اهو تعين هن حقيقت سان واصل ٿيڻ ۾ روڪ آهي، تنهن ڪري هن کي هن کان ڏک رسي ٿو. انهيءَ ڏک سور کي شاهه صاحب تمثيلي طرح هڪ عاشق جي واتان بيان ڪيو آهي. مثنوي مولانا روم جو آغاز هن طرح ٿئي ٿو:
بشنو از ني چون حڪايات ميکند
وز جدائيها شڪايت ميکن
کزنيستان تامرا ببريده اند
از نفيرم مرد و زن ناليده اند
من بهر جمعيتي نالان شدم
جفتي خوشحالان و بدحالان شدم
هر ڪسي از ظن خود شد يار من
وز درون من نه جُست اسرار من
بلڪل اها ئي ڳالهه آهي جا شاهه صاحب سريمن ڪلياڻ جي پهرئين داستان ۾ بيان ڪئي آهي. هن ۾ فلسفه ذات ۽ هن جي مظاهر جو بيان ڪيو ويو آهي. اسان باقي داستانن تي روشني وجهڻ کان پوءِ موقعو مليو ته فلسفه ذات ۽ دوئي سان بحث ڪنداسين.
ٻيو داستان
شاهه صاحب جي سريمن ڪلياڻ جي داستانن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هن سڄي سر ۾ شاهه صاحب عشق ۽ ان جي واردات جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ هڪ شيخ طريقت جيان اهل محبت کي ڪجهه نصيحتون ڪيون آهن. انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پهرين چئن داستانن ۾عشق جو بيان آهي. تنهن ڪري ٻئي داستان جو خلاصو هي آهي ته عشق جي مريضن کي انهن طبيبن جي ڌيان ۽ محنت مان ڪو فائدو نٿو رسي. جي جسم جا معالج ٿين ٿا، بلڪه عشق جي مريضن جو علاج رڳو محبوب آهي.
ٽيون داستان،
هن ۾ شاهه صاحب عاشق تي عشق جي اثر جو بيان ڪيو آهي، ۽ ظاهر ڪيو اٿس ته عاشق جو مرض جسماني حڪيمن جي قابو کان ٻاهر آهي. انهن جو علاج فقط محبوب ئي ڪري سگهي ٿو.عاشق جي دل ۾ محبت جو اثر ائين ٿئي ٿو جيئن هڪ تير جو اثر جسم تي، جو هو بدن کي چيريندو هڪ طرف کان ٻئي طرف نڪري ويندو آهي. شاهه صاحب وري عشق جي تشبيهه کوري ۽ باهه سان ڪئي آهي. ڌوڻي سان باهه تيز ٿئي ٿي. ۽ ڌمڻ هلائڻ وارو ئي هن باهه کي تيز ڪري سگهي ٿو. هن مان شاهه صاحب جو مطلب هي آهي ته محبوب جو مثال ڌمڻ هلائڻ واري وانگر آهي ۽ محبت باهه جي مثال آهي. محبت جي باهه کي تيز ڪرڻ محبوب جي اختيار ۾ آهي. هن کانسواءِ شاهه صاحب عاشق جو مثال پرواني سان ڏنو آهي. پروانا ڄاڻي ٻجهي باهه م ٽپي پون ٿا، ۽ هن کي ئي هو پنهنجي زندگيءَ جو حاصل سمجهن ٿا. عشق کي به محبت جي باهه اهڙي پسند آهي جهڙي پرواني کي شمع جي باهه.
چوٿون داستان
هن ۾ شاه صاحب دوئي جو بيان ڪيو آهي ۽ فرمايو آهي ته دوئي جي غيريت عشق جي ئي باهه سان فنا ٿئي ٿي. عاشق ۽ معشوق ۾ دوئي نه آهي ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي جو وجود ئي عشق جي ڪري ثابت آهي، يعني عشق اهڙو مقام آهي جتي عاشق ۽ معشوق ٻئي هڪ ٿي وڃن ٿا. سر يمن ڪلياڻ جي سڀني داستانن جو مرڪز چوٿون داستان آهي. ۽ هن داستان ۾ شاهه صاحب جي سر ڪلياڻ جو اصل راز مضمر آهي.
پنجون داستان
هن داستان ۾ دوئي کي فنا ڪرڻ ۽ عاشق و معشوق جي هڪ ٿيڻ جي بيان کان پوءِ، صوفيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. صوفيءَ مان شاهه صاحب عاشق مطلب ورتو آهي.
ڇهون داستان
هن داستان ۾ شاهه صاحب ان ايذاءَ رسانيءَ جي لذت جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن سان عاشق ۽ معشوق ٻئي لاڳاپو رکن ٿا. معشوق کي ستائڻ ۾ لذت ملي ٿي ته عاشق کي ايذاءَ سهڻ ۾ مزو اچي ٿو.
ستون داستان
هن داستان ۾ شاهه صاحب انهن ڪيفيات ۽ وارداتن جو ذڪر ڪيو آهي جي عاشق تي گذرن ٿيون.
اٺون داستان
هن داستان ۾ شاهه صاحب هيءَ تعليم ڏني آهي ته عاشق کي هر حالت ۾ پنهنجي محبت جو راز لڪائڻ گهرجي، جيئن هو ٻئي داستان ۾ بيان ڪري آيو آهي ته عاشق کي گهٽ ۾ گهٽ چور کان سبق سکڻ گهرجي ته باوجود مار کائڻ جي ۽ هر قسم جي تڪليف ڏسڻ جي به هو پنهنجو راز ڪنهن کي به نٿو ٻڌائي.
اسان شاهه صاحب جي سر يمن ڪلياڻ جي اٺن ئي داستانن جو مٿي تفصيل ڏيئي آيا آهيون. ڏسڻ ۾ اهي داستان جدا جدا نظر ٿا اچن، پر حقيقت م هڪ ئي زنجير جون اٺ ڪڙيون آهن. هاڻي ان تي غور ڪرڻو آهي ته سر يمن ڪلياڻ جي اٺن داستانن ۾ شاهه صاحب ڪهڙو فلسفو بيان ڪيو آهي؟ تنهن ڪري اسان کي انهيءَ فلسفي جو پتو ڪڍڻو آهي، جو شاهه صاحب جو عام فلسفو آهي، يا هڪ اهڙو خاص فلسفو آهي جو سر يمن ڪلياڻ سان ئي واسطو رکي ٿو. هتي هڪ ڳالهه ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي ته صوفين جو عام عقيدو ڇا آهي، ۽ هر صوفيءَ جي فلسفي جو بنياد ڪنهن نه ڪنهن صادق عقيدي تي هوندو آهي.
محدثين م هڪ حديث آهي جا حديث جبرئيل جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جو تت صحيح مسلم شريف مان ڏجي ٿو. هڪ نهايت خوبصورت ۽ سهڻو شخص، ڪاري ڏاڙهي ۽ نوراني چهري سان سفيد پوشاڪ پهريل نهايت ادب ۽ احترام سان جناب رسول الله ﷺ جي سامهون اچي ويٺو، ۽ سوال ڪيائين ته، ”يا رسول الله اسلام ڇا آهي؟“ پاڻ سڳورنﷺ ان جو جواب ڏنو. هن وري سوال ڪيو ته يا رسول اللهﷺ ايمان ڇا آهي؟ پاڻ سڳورنﷺ ان جو جواب ڏنو. هن وري سوال ڪيو ته يا رسول اللهﷺ احسان ڇا آهي؟ ته پاڻ سڳورن جواب ۾ ارشاد فرمايو، جنهن جو هي ترجمو آهي ته: ”الله جي عبادت انهيءَ طرح ڪرين، ڄڻ تون هن کي پنهنجين اکين سان پيو ڏسين، ۽ جيڪڏهن اهو ممڪن نه هجي، ته تون ائين سمجهين، ته ڄڻ هو توکي ڏسي رهيو آهي.“
هن جواب جو پهريون ٽڪرو ثابت ٿو ڪري ته خدا کي اک سان ڏسڻ ممڪن آهي، جيڪڏهن اهو ناممڪن هجي ها ته جناب رسو ل اللهﷺ ائين ڪڏهن نه فرمائين ها ته، ”تون الله جي عبادت ان طرح ڪرين ڄڻ تون هن کي ڏسي رهيو آهين“ صوفين جي هڪ وڏي جماعت هن مبارڪ حديث مان هي عقيدو سمجهيو آهي ته انسان جو خدا کي ڏسڻ ممڪن آهي.
هن حديث کانسواءِ ٻيون ڪيتريون احاديث نبوي ۽ قرآن شريف جي گهڻين آيتن مان ثابت ٿو ٿئي ته جيتوڻيڪ هر جنتي جنت ۾ خدا کي پنهنجي سر اکين سان ڏسندو، مگر مومن هن دنيا ۾ به خدا کي پنهنجي سر اکين سان ڏسي سگهي ٿو. هي هڪ اهڙو مبسوط ۽ نازڪ عقيدو آهي جنهن کي مفسرين کولي گفتگو ڪئي آهي. جيتوڻيڪ ڪن سطحي نظر رکڻ وارن عالمن هن عقيدي سان اختلاف ڪيو آهي، مگر حق هي آهي ته توحيد باري کي صحيح سمجهڻ وارن سڀني عالمن جو اهو ئي عقيدو آهي جو مومن هن دنيا ۾ پنهنجي سر پنهنجي اکين سان الله تعاليٰ کي ڏسي سگهي ٿو، ۽ شاهه صاحب جو به اهو ئي مسلڪ آهي.
ٻي ڳالهه انهيءَ سلسلي م گهڻو ضروري اها آهي ته شاعريءَ ۾ هڪ قسم تمثيليه شاعريءَ جو آهي، مثلا رات ۽ ڏينهن جو مڪالمو، زمين ۽ آسمان جو مباحثو، شمع ۽ پرواني جو پاڻ ۾ مجادلو مثاليه شاعريءَ جو نمونو آهي. مثنوي مولانا روم ۽ شيخ عطار جو پندنامو مثاليه شاعريءَ جا سٺا نمونا آهن. شاهه ڀٽائي عليھ رحه به پنهنجي سڄي شاعريءَ ۾ مثاليه شاعريءَ کي پيش نظر رکيو آهي. انهن خاص ٻن نڪتن سمجهائڻ کان پوءِ هاڻي فلسفي تي ڌيان ڏيون ٿا.
پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، جيڪو شاهه صاحب جو رسالو مرتب ڪيو آهي، تنهن ۾ نهايت نڪته سنجي سان سر يمن ڪلياڻ تي روشني وڌي آهي، ۽ ذڪر ڪيل سُر جي اٺن ئي داستانن تي گهڻو تفصيل سان تبصرو ڪيو آهي، ۽ حقيقت هي آهي ته ڪلياڻ آڏواڻي صاحب هڪ هڪ داستان تي جدا جدا تبصرو ڪري، هر هڪ داستان جو خلاصو به پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جو ڪو نه ڪو بيت اهڙو رکيو اٿس جنهن مان داستان جي خلاصي جي تصديق ٿي وڃي ٿي.
اٺن ئي داستانن بابت ڪلياڻ آڏواڻيءَ چيو آهي ته سڄي سر يمن ڪلياڻ ۾ شاهه صاحب عشق جي پچار ڪئي آهي، ۽ ان بابت بيان لکيو آهي. اسان کي به ان کان انڪار ڪو نه آهي ته، سر يمن ڪلياڻ ۾ عشق ئي جو بيان آهي ۽ سچي ڳالهه به اهائي آهي ته هڪ هندو درويش صفت يا عارف کان هن کان وڌيڪ اميد نٿي رکي سگهياسين.
مگر انهيءَ ڳالهه جي سڀني کي ڄاڻ آهي ته عشق اصل مقصد نه آهي، بلڪه حصولِ مقصد جو هڪ ذريعو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عرفان جا مرتبا جيترو جلدي عشق جي ذريعي طيءِ ٿي سگهن ٿا، ڪنهن ٻئي ذريعي سان ايترو جلدي طي ڪري نٿا سگهن، مگر اصل مقصد ڪجهه ٻيو ئي هوندو آهي.
صوفين جي ويجهو وحدت جو تفصيل ڪثرت آهي ۽ ڪثرت جو اجمال وحدت آهي، ۽ هن وحدت ۽ ڪثرت جي جيڪا حقيقت آهي سا ئي عارف يا سالڪ جو مقصد آهي، هن مقصد کي سمجهڻ جي لاءِ ٿورو تفصيل جي ضرورت آهي. هن تفصيل کي اسان هڪ مثال جي ذريعي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
وحدت جو مثال هڪ ٻج جو آهي ۽ ڪثرت جو مثال ان وڻ وانگر آهي جو هن ٻج مان پيدا ٿو ٿئي يعني ٻج وڻ جي وحدت آهي ۽ وڻ ٻج جي ڪثرت آهي. وحدت ۽ ڪثرت جو اهوئي مفهوم اسان جي ذاتي هستي ۽ جيڪي ڪي اسان جي آسپاس موجود آهي سو ئي حقيقت آهي.
وحدت الاهيه بابت جيڪي ڪي صوفين قرآن حڪيم ۽ حديث مبارڪ مان سمجهيو آهي، سو هي آهي ته وحدت خدا جو هڪ شان آهي ۽ هي عالم ڪثرت به ذات باري جو هڪ شان آهي گويا وحدت حق ئي مان هي عالم ڪثرت ظاهر ٿيو آهي. يعني خود وحدت ئي ڪثرت بڻجي ويئي آهي يعني ٻج خود ئي وڻ بڻجي پيو آهي. انسان هڪ اهڙو موجود فرد آهي جنهن جو ظهور وحدت صرفه مان ٿيو آهي يعني انسان به انهيءَ وحدت جو هڪ شان آهي، جو وحدت ۾ اهڙي طرح لڪل هو، جيئن ٻج ۾ وڻ، ظاهر آهي ته وڻ ۽ ٻج ۾ باهم نه غيريت نه حلول نه اتحاد بلڪه انهن ۾ عينيت جو لاڳاپو آهي، يعني وڻ عين ٻج آهي ۽ ٻج عين وڻ آهي، ڇاڪاڻ ته انسان عالم ڪثرت جو هڪ فرد آهي ۽ عالم ڪثرت جا سڀئي افراد ظاهر ۾ هڪٻئي جا غير آهن ۽ عقل تسليم نٿو ڪري ته جيڪو زيد آهي سو ئي بڪر آهي يعني زيد ۽ بڪر ٻئي هڪ آهن، عقل هن ڳالهه کي ڪڏهن به ڪين مڃيندو.
انسان اسم الله جو مظهر آهي، يعني اسم مبارڪ الله انسان مان ئي سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن انسان اسم الله جو مظهر ٿيو ته ظهور، مظهر ۽ ظاهر ۾ باهم مغايرت نه آهي بلڪه ظهور جي لحاظ کان ظاهر ۽ مظهر هڪ ئي آهن ۽ اهو هڪ ٿيڻ ظاهر ۽ مظهر جي ماهيت جي لحاظ کان هڪ آهن ۽ صورت، صفات، افعال ۽ شين جي لحاظ کان باهم هڪ ٻئي کان مغاير آهن. سلوڪ ۽ طريقت جو اصل مطلب هي آهي ته عالم ڪثرت ۾ جيڪا دوئي محسوس ٿئي ٿي سا مرتفع ٿي وڃي ۽ رڳو هڪ وجود باقي رهجي وڃي. شاهه صاحب جي هن فلسفي جو تت هي آهي جو اسان پيش ڪيو آهي.
هي فلسفو شاهه صاحب جو عام فلسفو آهي. انهيءَ فلسفي کي شاهه صاحب مختلف سُرن ۾ خاص خاص ذريعن سان ثابت ڪيو آهي. ڪٿي هو انهيءَ مقصد کي ثابت ڪرڻ لاءِ عمر مارئي کي چوي ٿو ۽ ڪٿي سسئي پنهون کي ته ڪٿي ڄام تماچي ۽ نوريءَ کي ته ڪٿي سهڻي ميهار جي آڙ ۾ انهيءَ حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو. ساڳي طرح سُر يمن ڪلياڻ ۾ به شاهه صاحب عاشق و معشوق جي تشبيهه ۾ انهيءَ فلسفي جو بيان ڪيو آهي. شاهه صاحب سُر يمن ڪلياڻ جي چوٿين داستان ۾ فرمايوآهي.
ايڪ پيالو ٻه ڄڻا، عشقُ نه ڪري اِيُ،
ليکيا جي لِکڻ ۾، سي قرب رسندا ڪي؟
هُئڻَ ڪيا هي، وانجِئا، پسُ! وِصالَ کان.
*
ايڪ پيالو ٻه ڄڻا، عشق نه اي ڪري،
اٽي سي ايڪُ ٿئا، جي گتا نينهن ڳري،
دوئي ڌار ڌري، خُلت خنجر آئيو.
پهرئين بيت ۾ شاهه صاحب ارشاد فرمائي ٿو ته عشق ائين نٿو ڪري جو شراب جو هڪ پيالو ٻن شخصن جي وچ ۾ رکي يعني عشق هڪ پيالي مان ٻن شخصن کي شراب ڪڏهن نٿو پياري. هن جي سمجهاڻي هي آهي جو ماڻهو هڪ سان ئي عشق ڪري سگهي ٿو ۽ هڪ معشوق جو هڪڙو عاشق هوندو آهي. هي مسئلو صوفين جي اصطلاح ۾ نسبت جو مسئلو آهي. غير مناسب نه ٿيندو جيڪڏهن هتي هن جي تشريح ڪئي وڃي.
هر صفت ٻه نسبتون رکي ٿي مثلا سماعت (ٻڌڻ) جنهن جي هڪ نسبت سان سامع (يعني ٻڌڻ وارو) ٿئي ٿو. ٻيءَ نسبت سان مسموع (يعني آواز يا ڪلام) ساڳي طرح رزق جي نسبت سان هڪ رازق ٻيو مرزوق يعني هڪ رزق ڏيڻ وارو ۽ ٻيو رزق وٺن وارو. اهو ئي حال عشق جو آهي. ان جون به ٻه نسبتون آهن. هڪ عاشق ٻيو معشوق، شاهه صاحب، عشق کي شراب سان تشبيهه ڏني آهي ۽ ڏيکاريو آهي ته عاشق هڪڙي ئي پيالي مان رڳو هڪ شخص کي شراب پياري ٿو، ظاهر اهي ته عشق جي شراب پيئڻ واري کي عاشق ئي سڏبو، ۽ عاشق بنا معشوق جي ممڪن نه آهي، تنهن ڪري عشق جي نسبت سان ٻه فرد ٿيندا، هڪ عاشق ٻيو معشوق ۽ پوءِ هي به ظاهر آهي ته عاشق جي لاءِ حقيقي معشوق هڪڙوئي ٿئي ٿو. ساڳي طرح عشق جي نسبت سان عاشق به هڪڙوئي ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ افراد جي نسبت سان عاشق مختلف زمانن ۾ مختلف شخص ٿي سگهن ٿا، ليڪن عشق جي لحاط کان عاشقن ۾ ڪثرت نه آهي. هر عشق ڪرڻ وارو عاشق آهي، تنهن ڪري حقيقت جي لحاظ کان تمام عاشق هڪ ئي ٿيا. انهيءَ تي معشوق کي به قياس ڪرڻ گهرجي.
پهرئين بيت جي ٻي سٽ ۾ شاهه صاحب فرمائي ٿو ته جيڪڏهن عشق هڪ پيالي مان رڳو هڪ شخص کي نه پياري، ته ان ۾ دوئي پيدا ٿيندي، ۽ دوئي ڪثرت جو مفهوم آهي يعني جي ماڻهو پيالي جي وحدت کي نٿا سمجهن، سي ڪثرت ۾ ڦاٿا، تنهنڪري اهي ماڻهو جي ڪثرت ۾ ڦاسندا ۽ عددن کي ڳڻن لڳندا، سي محبوب جي حضور ۾ نه پهچندا يعني انهن کي مقام وحدت نصيب ڪين ٿي سگهندو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته معشوق کي نه ڏسڻ وارو ۽ عالم ڪثرت جي طرف ڌيان ڏيڻ وارو پنهنجي مقصد کي پهچي نٿو سگهي، ۽ مقصد جو مفهوم محبوب جي حضوري آهي. سنئين سڌي ڳالهه آهي ته جنهن ماڻهو جي نظر ڪثرت تي هوندي، تنهن جي نظر پنهنجي محبوب تي پئجي ڪين سگهندي. ائين کڻي چئجي ته ڪثرت تي نظر ڪرڻ وارو اصل ۾ عاشق ئي نه آهي.
همھ شهر پر ز خوبان منم و خيال ماهي
چه کنم که چشم بدخو نه کند به کس نگاهي
انهيءَ سڄي بيان جو هي نتيجو آهي ته عاشق هڪڙو ئي ٿئي ٿو ۽ عاشق جي نظر سواءِ محبوب جي ٻئي تي نٿي پوي.