سُر ڪلياڻ
’ڪلياڻ‘، سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي، ۽ اصلي معنيٰ اٿس ’خير‘، ’سُک‘، ’شانتي‘. سُر ڪلياڻ، ھڪ راڳ جو نالو آھي. ھندستاني گَوَئين موجب، ديپڪ راڳن کي اٺ پُٽ آھن، جن مان ڪلياڻ ھڪ آھي. ڪلياڻ جا پنج مختلف قسم آھن:
- شام ڪلياڻ
- يمن ڪلياڻ
- ڀوپالي ڪلياڻي
- ھمير ڪلياڻ
- ڪيدار ڪلياڻ
’سُر ڪلياڻ‘، شآھ جي ڇاپي رسالن ۾، پھريون سُر آھي. شاھ لطيف جي فڪري عظمت ۽ اوج جي لحاظ کان، سُر ڪلياڻ نھايت ئي ڳُورھو سُر آھي. اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت حاصل ڪرڻ ۽ اعليٰ مقصد ماڻڻ لاءِ، ھن سُر ۾، سمايل فڪر، انسان کي شرڪ ۽ شڪ بدران يقين، آرام بدران بي آرامي، سُک بدران ڏُک، رسمي ڏيکاءَ بدران سچائي ۽ سَڌن بدران سِر ڏيڻ جي راھ ڏيکاري ٿو.
سُر ڪلياڻ کي، ’شُڌ ڪلياڻ‘ چوندا آھن ۽ اھو راڳ، ديپڪ راڳ کان پوءِ، ڏيئن ٻرڻ مھل ڳائبو آھي. چيو وڃي ٿو تہ ھِن سُر ڳائڻ جي ڪري، مَن کي سُک ۽ شانتي حاصل ٿيندي آھي.
ھِن سُر ۾، ’توحيد‘ ۽ ’رسالت‘ جي حوالي سان، انسان جي عقيدي جي سچائيءَ ۽ ڪائنات جي وحدت جو راز، سمجهايل آھي. اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت واري مقام تي پھچڻ خاطر، حقيقت جي ڳولا ڪندڙن کي تلقين ڏنل آھي. تہ ھو ٻيائي ٻوڙي، خوديءَ کي کائي، ھُئڻ ۽ ھستيءَ واري ڪلاه ڪاٽي، ٻاھرين لوڇ پوڇ بدران اندر ۾ لَوچي ۽ لُڇِي، ۽ پاڻَ کان پاڻَ پري ڪري، ايئن جو ڄڻ مرڻ کان اڳ مَرِي. سُر ۾، عشق جي حقيقت ۽ محبوب جي بي پرواھي، ۽ سختيءَ جي سلسلي ۾ ڪاتي ۽ ڪوس، کوري ۽ باھ جو ذڪر آھي. محبوب جي ڪُھڻ ۽ عاشق جي ڪُسجڻ جو بيان آھي، يعني عشق آسان ناھي، پر سوريءَ جي سيج آھي. عشق جي ڪيفيت ۽ واردات ضربن ۽ زخمن واري آھي. عشق جي آزامائش ۾ ڪاميابيءَ لاءِ سچي عاشق کي محبوب آڏو ڪُسجي قربان ٿيڻ ۽ سَرھو ٿي سوريءَ چڙھڻو آھي.
سُر ڪلياڻ، فڪر جي لحاظ کان يقين کي محڪم ۽ مستقل ڪندڙ، قربانيءَ لاءِ جوشق ۽ جذبو جاڳائيندڙ، اعليٰ منزل واءِ ولولو وڌائيندڙ ۽ ھمٿ حوصلو ڏيندڙ آھي. ھيءُ سُر خاص طرح حق ۽ حقيقت کي لوڏيندڙ ۽ لرزائيندڙ آھي، سک ۽ آرام وڃائيندڙ آھي، ۽ اعليٰ معرفت واري مقام جي حاصلات لاءِ اُتساھ ڏيندڙ آھي. انهيءَ لحاظ سان ’سُر ڪلياڻ‘ زورائتو سُر آھي، جنھن ۾ سانت ۽ سڪون بدران، ولولو ۽ ووڪ آھي، جنھن ۾ جرئت ۽ جولان آھي.
ھن سُر ۾، اِھا زوردار ترغيب ڏنل آھي تہ سُورُ ئي سَھُڄ آھي، سوز ئي سڪون ۽ آرام آڳ ٻرنديءَ ۾ ئي آھي، ۽ اعليٰ مقصد خاطر پنھنجون سموريون سَڌون ڀڃڻ، سک جا سانگا پلڻ، آرام ڦٽائڻ، ڏک ڏاکڙا سھڻ جي ھدايت ۽ تعليم ڏنل آھي. ڇو تہ قربانيءَ کان سواءِ، ڪابہ منزل حاصل ٿي نٿي سگهي. منزل تي پھچڻ جي ڪوشش ۽ راھ جي مشڪلاتن جي آگاھيءَ واري اصول مان، سڄو سُر ڪلياڻ ڀريو پيو آھي.
سُر ڪليان سڄو ئي ’معنوي‘ سُر آھي، جنھن ۾ شاھ لطيف، پنھنجي اعليٰ فڪر کي ڪنھن عشقيہ داستان، نيم تاريخي روايتن جي سانچي ۾ سموھڻ بدران، ان کي توحيد ۽ رسالت، تصوف ۽ طريقت، عشق ۽ فراق، بيخودي ۽ خودشناسيءَ جھڙن جامع مفھومن جي حوالي سان روشن ڪيو آھي.
سُر ڪلياڻ جو ڳُوڙھو اڀياس ڪبو تہ اُن ۾ حسين بن منصور حلاج ۽ شاھ عنايت جهوڪ واري جي شھادت جا ٽاڻا ۽ اھڃاڻ چٽيءَ ريت ملن ٿا.
ھن سُر جا مکيہ موضوع ٽي آھن:
- توحيد ۽ رسالت
- سوري جو سَھڄ
- حبيبن جو ھٿ
انهن موضوعن جي وضاحت ھن طرح ٿي سگهي ٿي:
-
توحيد ۽ رسالت:
گنج شريف سميت جيڪي بہ آڳاٽا قلمي نسخا ھٿ آيا آھن، تن سڀني جي شروعات، سُر سسئيءَ سان ٿيل آھي. اھو سُر، شاھ لطيف جو من پسند سُر ھو، ڇاڪاڻ تہ ھِن سُر ۾، جدوجھد ۽ پاڻ ارپڻ جو عنصر وڌيڪ آھي. اھو ئي سبب آھي، جو شاھ لطيف، سسئيءَ بابت لاڳيتو پنج سُر چيا آھن: سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوھياري ۽ حسيني.
ننڍي کنڊ ۾، ڪلام جي شروعات، ڌڻي سڳوري جي نالي سان ٿيندي رھي آھي. ڪھڙي بہ مذھب ۽ مسلڪ جو شاعر ھجي، پر ھو آغاز ھميشہ حمد، ڀڄن، گاٿا، گورٻاڻي، پوڙي، ھين، ڌماپت وغيرہ سان ڪندو آھي. ان روايت کي پاڙيندي، رسالي جي تقريباً سڀني مُرتبن، رسالي جي مُنڍ ۾، شاھ لطيف جا ڌڻي جي ھيڪڙائيءَ، رحمت، آفاقيت، خلقت ۽ قدرت وغيرہ بابت بيت ڏنا آھن، جيڪي ھن سر ۾ بہ آھن.
شاھ لطيف پاڻ توحيدر فڪر جو حامي ھو، ان ڪري جابجا رب پاڪ جي قدرت، قداميت، وحدانيت، لاشريڪ ھئڻ، ربوبيت، جھان جي جڙاوت ڪندڙ خالق ھر عمل ۾ خودمختيار مالڪ، والي ۽ سڄي عالم تي ڀلايون ڪندڙ، واري حيثيت بيان ٿيل آھي. ان ڪري ھر سوچ، عمل ۽ ارادي واري کي اعتقاد موجب، سندس من جون مرادون پوريون ڪرڻ، سڀ کي سڏ جو جواب ڏيڻ ۽ ان سڏ کي سمجهڻ جي سمجهاڻي ڏني آھي:
پَڙاڏو سو سَڏَ، وَرُ وائِيءَ جو جٖي لَھٖين
ھئا اَڳِھِين گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 11، ص: 70)
شاھ لطيف ڌڻي سڳوري کي عالم جو والي ۽ واھرو سمجهي ٿو. ان کي ڪنھن مخصوص مذھب تائين محدود نٿو ڪري، جيڪو بہ کيس سڏ ڪري ٿو. ان کي ان لھجي ۾ جواب ڏئي ٿو:
ڪوڙِيٖين ڪايائُون تُنھنجيون، لِکَن لَکَ ھزارَ،
جيءُ سَڀ ڪنھن جِيءَ سين، دَرسَن ڌارو ڌارُ،
پِريَمَ تُنھنجا پار، ڪِھڙا چَئي ڪيئن چُوئان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 24، ص: 70)
رب پاڪ جي آفاقي تصور کان پوءِ ھتي رائج دين اسلام موجب سندس محبوب، حضرت محمد ﷺ جي ذات صفات کي دل ۽ جان سان تسليم ڪرڻ بابت آگاھي ڏئي ٿو ڇاڪاڻ تہ اسلامي فڪر موجب، جن الله پاڪ کي ھڪ ڪري ڄاتو، سندس عمل ۾ ڪنھن ٻئي کي شريڪ نہ ڪيو تہ انھن تي لازم آھي تہ ھو سندس آخري پيغمبر حضور انورﷺ کي اڳئين جھان جو مھندار ڪري مڃين. خدا کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي بہ آڏو سر نہ جهُڪائين:
وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ، جان ٿو چَئين اِيَّ،
تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيهَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيَّ، نايين سِرُ ٻِيَنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 5، ص: 66)
-
سوريءَ جو سَھڄ:
تصوف ۾، ’سُوريءَ‘ کي ھڪ منزل جي علامت طور ڄاڻايو ويو آھي، جنھن تائين پھچڻ لاءِ، سڌ ڪرڻ، سڪڻ، وڌڻ، ڏورڻ، ھمٿ ٻڌڻ، ارادي ۾ پختگي آڻڻ، ٻين کي ڦاھيءَ تي ڦٿڪندو ڏسي، پير پوئتي نہ ڪرڻ وغيرہ جھڙا مرحلا پار ڪرڻا پون ٿا، جيڪي مرحلي وار ٿين ٿا.
مولانا روميءَ ان کي عشق جو معراج ڪوٺيو آھي. فرمائي ٿو تہ:
”دار قتل ما براق رحلتست
دار ملڪ تو غرور است
يعني: اھا سوري اسان لاءِ براق مثل آھي، جيڪا جلد پرينءَ سان ملائي ٿي ۽ تنھنجو تخت شاھي تنھنجي غرور جو سامان آھي“ (سومرو، عبدالغفار، 2005ع، ص:48)
سُوريءَ تائين رسڻ لاءِ تمام وڏو جگر گهرجي، ان منزل تي اُھي ئي رسندا آھن، جن آڏو مقصد اوليت رکندو ھُجي، اھي مقصد جا مامرا ٻئي ڪنھن سان نہ سليندا:
سُپيريان جي سُورَ جو، ماڙهُن ڏِجي نہ مَنجُهہ،
اَندرِ اِيُ اَھنجُ، سانڍج سُکائُون ڪري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 14، ص: 73)
قالو بليٰ جي قول کي رسڻ لاءِ، سوريءَ تي سر ڏيڻ بنھ رواجي عمل آھي، ڇاڪاڻ تہ، ’روح‘ ھميشہ بيقرار رھي ٿو، جڏھن اھو مختلف مرحلن مان گذري پار پوي ٿو تہ پوءِ ھو، پنھنجي محبوب سان ملڻ لاءِ بيچين رھي ٿو. شاھ لطيف ان منزل تائين رسڻ واريءَ واٽ کي ’سوري‘، ’ساز‘ ۽ ’دلي‘ وغيرہ سان تشبيه ڏئي ٿو. تصوف جي انھيءَ نڪتي کان سواءِ ھڪ خيال اھو بہ آھي تہ، شاھ لطيف سوريءَ جي علامت وطن تي سر ڏيڻ وارن سرويچن لاءِ ڪتب آندي آھي، جيڪي وطن جي آجپي لاءِ سر ڏيڻ لاءِ تيار آھن، جيڪي مختلف مرحلن مان گذري اچي ريٽا ٿيا آھن. ھو ڪاتيءَ کان ڪونہ ٿا ڪنبن پر ان کي ھميشہ پاڻ وٽ رکڻ پسند ڪن ٿا: ’ھي تنين جو ڏيھ، ڪاتي جنين ھٿ ۾.‘
شاھ لطيف ڄاتو ٿي تہ، سنڌ تي ارغونن، 1520ع ۾ قبضو ڪيو، جيڪو مغل اشرافيہ جي تسلط ھيٺ، 1715ع تائين جاري رھيو. تقريباً پوڻا ٽي سؤ سال، سنڌ جي ڌارين ھٿان ڀينگ ٿيندي رھي، خوشحال سنڌ مان، ڌرتيءَ ڌڻي، ڌڪي ڌار ڪيا ويا، جن وڃي ڳوٺ وسايا. شھرن سان سندن واسطو بنھ گهٽ ھو.
مالي وسيلن جي ڦرلٽ کي سُڄاڻ فردن سمجهي ورتو. ھنن وطن سان پيار، پنھنجي ضمير جو حصو ٿي سمجهيو: ’حب الوطن من جُز ايمان‘ جن کي وطن سان پيار ھو، ھو پاڻ کي وطن جا عاشق سڏائيندا ھئا، ۽ ھر وقت قربانيءَ لاءِ تيار ھوندا ھئا. ھو ھڪ جيڏن ساٿين کي ان سھڄ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏ پيا ڪندا ھُئا:
سُورِيءَ سَڏُ ٿِيو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون؟
وَڃَڻُ تَنِ پِيو، نالو نيِهُ ڳِنَنِ جي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 3، ص: 71)
عشق ھڪ اھڙو جذبو آھي، جيڪو عام رواجي، سماجي ۽ عقلي وھنوار کان مٿاھون ٿي سوچيندو آھي. پنھنجيءَ ان سوچ ۾ ڪنھن بہ قسم جي مداخلت برداشت نہ ڪندو آھي. پوءِ ڪُجهہ بہ ٿي پوي، پر ھو موٽڻ مھڻو سمجهندو آھي:
سُوري آھِ سِنگارُ، اَڳِھِين عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻون، ٿِئا نِظاري نِروار،
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشقن کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 5، ص: 71)
-
حبيبن جو ھٿ:
جيڏھن ڪي مَٿير مڙس، سر جي بازي لڳائين ٿا ۽ ڪنھن خاص مقصد خاطر سر تريءَ تي رکن ٿا ۽ ڪنھن بہ لالچ يا خوف کان سواءِ، سر ڏيڻ کي سرھائي سمجهن ٿا، انھن مٿان حبيبن جو ھٿ رھي ٿو:
عاشق اَجل سامھان اونچي ڳاٽ اچن،
پاٻوھيو پُڇن، ڪٿي ھٿ حبيب جو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، سُر ڪلياڻ، داستان 5، بيت 5، ص: 60)
سُر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ رسالن جي ابتدا، راڳ ’ڪلياڻ‘ سان ۽ پُڄاڻي راڳ ’بلاول‘ تي ڪيل آھي. حقيقت ۾ اھا ترتيب موسيقيءَ جي فن جي لحاظ کان صحيح آھي. شاھ لطيف، سامع کي گهڻو پسند ڪندو ھو، سندس پوئين دؤر ۾، سماع جي محفل شام جو شروع ٿيندي ھئي ۽ صبح تائين ھلندي ھُئي. ان ڪري ھن وقت سندن ڪلام جي جيڪا ترتيب ڏني وئي آھي، تہ شام واري محفل، شام جي ئي راڳ سان شروع ٿئي ٿي، جنھن ڪري ڪلياڻ راڳ جي چونڊ ڪئي وئي آھي.
شاھ لطيف جي سماع جي محفل ۾ ڳائجندڙ راڳ ڪلياڻ ۽ موسيقيءَ واري ڪلياڻ راڳ ۾، سُرن جي لحاظ کان ڪوبہ فرق ناھي، پر شاھ لطيف جي سماع ۾ ڳائجندڙ راڳ ڪلياڻ جي ادائگي ۽ چال ۾ فرق ضرور آھي. ڪلياڻ اوڊو-سمپورڻ راڳ آھي. ڪلياڻ جي وادِي ۽ سَموادي سُرن ۾ اختلاف آھي، پر ڪي موسيقيءَ جا ماھر، ھن راڳ جو وادي سُر رَيکَبُ ڳائين ٿا تہ ڪي گنڌار سُر کي وادي سُر تسليم ڪري ڳائين ٿا. سُر ڪلياڻ جي سُر گنڌار تي ڳائبو تہ رسالي ۾ ڏنل سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جي ترتيب ۾ ڦيرو اچي ويندو، ڇاڪاڻ تہ رسالي ۾ سُر ڪلياڻ، سُر يمن کان اڳ ۾ رکيل آھي، ۽ جيڪڏھن گنڌار کي وادي سُر تسليم ڪبو تہ ترتيب جي لحاظ سان سُر يمن ڪلياڻ، سُر ڪلياڻ کان اڳ ۾ ڳائبو. پر جيئن تہ رسالي ۾ سُر ڪلياڻ، شروعات ۾ ڏنل آھي، تہ پوءِ ڪلياڻ راڳ جو وادي سُر ريکب تسليم ڪرڻو پوندو.
رسالي جي ڏنل سُرن جي ترتيب مان اھو بہ ثابت ٿو ٿئي تہ، سنڌ ۾ قديم زماني کان راڳ ڪلياڻ ريکب کي وادي سُر بڻائي ڳايو ويندو ھو.
رسالي جي سُر ڪلياڻ ۽ راڳ ڪلياڻي جي سُرن جي ڀيٽ ڪبي تہ، ٻنهيءَ ۾ ھڪجھڙائي ملندي. سُر ڪلياڻ جو موضوع عبادت آھي، ۽ راڳ ڪلياڻ جي سُرن جو دؤر ھيٺين سُرن، يعني پُورُو اَنگَ تي آھي. يعني جيئن عبادت، ھيٺانھون ٿي ۽ نياز نوڙت سان جهيڻي آواز ۾ ڪبو آھي، بلڪل ايئن راڳ ڪلياڻ، وادي سُر ريکب ھئڻ ڪري، ھيٺين سُرن کي وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو آھي، جيئن راڳ جي شڪل مڪمل ظاھر ٿئي.
سُر ڪلياڻ ۾ ڪُل ٽي داستان آھن، داستان پھرين ۾ 24 بيت ۽ 1 وائي، داستان ٻئي ۾ 32 بيت ۽ 1 وائي، ۽ داستان ٽئين ۾ 20 بيت ۽ 1 وائي ڏني وئي آھي.
حوالو: ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا، صفحو 232 کان 235