وِيرِ جي سنڌي معنيٰ
وھڪرو، پاڻيءَ جي ڇال
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The flood or rise of the tide, full tide.
وِيرِ جا بيتن ۾ حوالا
گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ مَھائِيين،
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نَہ وِڙِھي تَنِ سين،
ڏيئِي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرِ لَنگهِئا آسانُ،
توبَهَ جِي تَحصِيلَ سين، ترِي وِئا طُوفانُ،
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واھَرُو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 7 ]
ڏيئِي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرِ لَنگهِئا آسانُ،
توبَهَ جِي تَحصِيلَ سين، ترِي وِئا طُوفانُ،
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واھَرُو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 7 ]
دَنگِيءَ ۾ داڻا، وَٺِي وِجُهہ وَکَرَ جا،
وِيرِ وِڙَھِندَيِئِي ويسَرا، ويھُ مَ ويڳاڻا،
ھِيءَ نِنڊَ نِڄاڻا، ڪَڏِھِين ھَڻَندَيِئِي تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 13 ]
وِيرِ وِڙَھِندَيِئِي ويسَرا، ويھُ مَ ويڳاڻا،
ھِيءَ نِنڊَ نِڄاڻا، ڪَڏِھِين ھَڻَندَيِئِي تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 13 ]
تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ،
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
وَڻِجارا ويٺي، تو نَہ سَرَندِي شاھَ ري،
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،
پاسا پاکَڙِينَن جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،
جٖي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وِڙَھندِي تَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 15 ]
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،
پاسا پاکَڙِينَن جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،
جٖي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وِڙَھندِي تَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 15 ]
لَهِر لَڳيندَيِئِي نِتُ، وِيرِ چِيريِنِدَيِئِي مَڪُڙِي،
جَنِ جيڏاھِين چِتُ، تَنِ تيڏاھيِن ڍُڪَنديُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 18 ]
جَنِ جيڏاھِين چِتُ، تَنِ تيڏاھيِن ڍُڪَنديُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 18 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ،
گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ،
ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،
تارِ لَنَگهايو تَوَڪَلَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 5 ]
گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ،
ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،
تارِ لَنَگهايو تَوَڪَلَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 5 ]
ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي،
ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙِي، جِتي جِيءَ وِڻاھَ،
ڏِسِئو ڏوھَ ڏَڪي ھِينئُون، آرَ مَٿي اَرواحُ،
جَي توھُ ٿِئي تو ڏانھَن، تَہ وِيرِ وِھِيڻو ناھِ ڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 1 ]

ڪَنبي ھِنيُون ڪَماحَقَّہٗ، آرُ پَسِئو اَرواحُ،
دِلِاسي دارَينِ جي، سانچِئو سانچي ساھُ،
جَي توھُ ٿِئي تو ڏانھَن، تَہ وِيرِ وَھِيڻُو ناھِ ڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 2 ]
ڪَنبي ھِنيُون ڪَماحَقَّہٗ، آرُ پَسِئو اَرواحُ،
دِلِاسي دارَينِ جي، سانچِئو سانچي ساھُ،
جَي توھُ ٿِئي تو ڏانھَن، تَہ وِيرِ وَھِيڻُو ناھِ ڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 2 ]
لَهِريُنِ ليکو ناھِ ڪو، ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا،
آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،
اُٿِي اَسارا، وِيرِ وَرَندَيئِي ويسَرا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 2 ]
آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،
اُٿِي اَسارا، وِيرِ وَرَندَيئِي ويسَرا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 2 ]
English Meaning
The flood or rise of the tide, full tide.