ويراڳَ جي سنڌي معنيٰ
بيراڳ، قطع تعلق، تياڳ، سنياس، دنيا ترڪ ڪرڻ يا تارڪ الدنيا ٿيڻ واري حالت، دنيوي خواهش کان نفرت، دنيا کان ڪنارہ ڪشي. بي آرامي، عشق. فراق، وڇوڙا، غم، درد. روڳ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Freedom from passion or from worldly attachments, subjection of the appetites, renunciation of worldly pleasures, seclusion from the world, devotion, austerity, asceticism.
ويراڳَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا مَحَلَ ماڳَ،
سوڍي جي سَرَتِيُون، وِڌِيَسِ وَھَ ويراڳَ،
سُورَنِ لايا ساڳَ سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 19 ]

پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ،
مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ،
بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ نَہ ڌِيءَ،
پَسو جَلايا جِيءَ، ويراڳِيَنِ ويراڳَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 23 ]