ويراڳِي جي سنڌي معنيٰ
دنيائي خواهش کان پري، ويراڳ وارو، بيراڳي، سنياسي، فقير، تارڪ الدنيا. عابد. زاهد. جوڳي. عاشق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ascetic, devotee, recluse. One who has subdued his worldly desires and passions, one who abandons the pursuits of this world, separated from passion or worldly attachments. A class of Hindu faqirs who roam the country and practise certain austerities.
ويراڳِي جا بيتن ۾ حوالا
ڳولِيانِ ۽ ڳُنڌِيانِ، وِئا ويراڳِي نِڪِرِي،
صُحبَتَ جَا سَندِيانِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنَ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 4 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويراڳِي وِئا،
ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 42 ]

اللهَ ايڪِيھين ڏِينھَن تي، ويراڳِي وارِين،
ڪَڏِھِين اِيندا ڪاپَڙِي، گَنگا گِرنارِي،
لَقا لاھُوتِيَنِ کي، ڪَنھِن ڏُکَ ڏيکارِي،
اِھَڙا آچارِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 21 ]

ويراڳِي وارَنِ کي، ڇَوِيھِينءَ ڇوڙِينِ،
لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، جَٽائُون جوڙِينِ،
سِڱِيُون نِيو سُڃَ ۾، کاھوڙِي کوڙِينِ،
ويتَرِ ٿا ووڙِينِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 26 ]
لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، جَٽائُون جوڙِينِ،
سِڱِيُون نِيو سُڃَ ۾، کاھوڙِي کوڙِينِ،
ويتَرِ ٿا ووڙِينِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 26 ]
آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،
ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ،
ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 12 ]

ويراڳِي واري، اللهَ آڻِ وَطَنَ تي،
ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان، تُھَنِ جِيئَن تاري،
اِيندامِ اوتاري، کِيئَن جُون ڏِيندَمِ خَبَرُون.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 13 ]

ويراڳِي واڳِي، ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏِيلَ کي،
راوَلَ رَتين مولِهيين، سامِي سُھاڳِي،
لَنئُن جَنھِين لاڳِي، سو جوڳِي پَسان تَہ جِيئان.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 14 ]

پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کُوءِ راوَلَ ٻَنِ رُجاتُ،
لِباسان لَطِيفُ چئَي، پَلِ ويراڳِي واتُ،
مَنُ ماري ڪَرِ ماتُ، تَہ تيرَٿُ پَسِين تَڪِيي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 15 ]

ڪاپَڙِي ڪَنَ چيرَ، وِئا ويراڳِي نِڪِرِي،
دِلِ ھَڻِي وِئا دَلَقَ سين، ڦورُو ھُئَڙا فَقِيرَ،
سِڱِيُون مَنجِهہ سَرِيرَ، ھَڻِي وِئا حِلمَ جُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 26 ]

دَلَقُ ڍَڪائِجِ دِلِ کي، لائِجِ ڪو مَ لِباسُ،
پُوري کائِجِ پانھِنجو، مَڙِهئان اَندَرِ ماسُ،
ويراڳِي تو واسُ، سَرَ ۾ بُويُون موڪِلي.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 21 ]