مُلِ جي سنڌي معنيٰ
وَٽِ، گڏ، ساڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Have, with, alongwith.
مُلِ جا بيتن ۾ حوالا
ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ،
آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ،
آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ،
گهَرِ گهَرِ گِلا جَا وَھي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
مَولا مُون کي ميڙيين، ڪُنڊِييَنِ جِيءَ قَطارَ،
مُون کي پِرِيَنِ ميڙيين، سَٻاجها سَتارَ،
ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا سانڀارا سَنڀارَ،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ کي، سَٻاجها سَتارَ،
تاڪُنِ تَڪِي آھِيان، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 13 ]

تاسِريءَ تيلُ پِئو، ڪوسو چَڙِهئو چُلِهہ،
راتِ ھُئين ڪَنھِن مُلِ، آءُ لِيلان جا وَلَها.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 26 ]
راتِ ھُئين ڪَنھِن مُلِ، آءُ لِيلان جا وَلَها.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 26 ]
جَا عُمَرَ تو مُلِ عِيدَ، سا اَسان سُوءَ وَرَتِي سُومَرا،
ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ،
سِڪَڻَ ڪِئا شَھِيدَ، مارُو جٖي مَلِيرَ جا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 11 ]
ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ،
سِڪَڻَ ڪِئا شَھِيدَ، مارُو جٖي مَلِيرَ جا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 11 ]
تَہ ڌُئارِئان ڌَٻَرا، ويندِيَسِ ڪَنھِن وِھانءِ،
مُون مُلِ مارُو ناھِ، اَڇا اوڍِيان ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 12 ]
مُون مُلِ مارُو ناھِ، اَڇا اوڍِيان ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 12 ]
سُھَمَ پَسان ٿِي سُومَرا، پِرِيَنِ ريءَ پيئِي،
مُلِ رَساڻي مارُئين، مُون کي ڪو نيئِي،
تَہ ساڻُنِ سَڀَيئِي، ڳُجُهہ ڳَرَهِيان ڳالِهڙِي.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 14 ]
مُلِ رَساڻي مارُئين، مُون کي ڪو نيئِي،
تَہ ساڻُنِ سَڀَيئِي، ڳُجُهہ ڳَرَهِيان ڳالِهڙِي.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 14 ]
دَرَ دَرِوازا دَرِيُون، هاڻي هِتي هُوءِ،
ڪوڙيِين مَنڊِئا ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تُو،
جي مُلِ نَہ آئِيا مارُئِي، تَنِي رَڙُ مَ رَو،
ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پُسِيءَ پَنوَهارَنِ ۾.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 10 ]
ڪوڙيِين مَنڊِئا ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تُو،
جي مُلِ نَہ آئِيا مارُئِي، تَنِي رَڙُ مَ رَو،
ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پُسِيءَ پَنوَهارَنِ ۾.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 10 ]
ڀَڪُلِئا ڀُڻَنِ، دَلَقَ گَڏِئو ڌُوڙِ ۾،
ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ،
ڪا مُلِ آھي تَنِ، مُون پِريان جِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 12 ]
ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ،
ڪا مُلِ آھي تَنِ، مُون پِريان جِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 12 ]
کاھوڙِي کِجَنِ، پَسِئو پورِھِيَتِ ويسَرا،
سي ڏوٿِيئَڙا ڏُورِ وِئا، رِڃُنِ جٖي رَھَنِ،
ڪا مُلِ آھي تَنِ، مُون پِريان جِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 13 ]
سي ڏوٿِيئَڙا ڏُورِ وِئا، رِڃُنِ جٖي رَھَنِ،
ڪا مُلِ آھي تَنِ، مُون پِريان جِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 13 ]
English Meaning
Have, with, alongwith.