مُلڪَ جي سنڌي معنيٰ
ديس، ڏيس، ڏيھ. وطن، ساڻيھ. ولايت، ڪِشوَر، دُيار، اَقلِيم. رياست، راڄ، سلطنت، بادشاهت، عِلائقا، عملداري، ملڪيت، سرڪار، حڪمراني. صُوبا، پرڳڻا، شھر، ننگر، ننگريون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Countries, regions.
مُلڪَ جا بيتن ۾ حوالا
مُون کي نَہ ٿا نِينِ، جَتَ مُلڪَ پانھِنجي،
جي گهَگهيرِنِ گَڏِينِ، تَہ گولِي ٿِي گُذارِئان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 27 ]
جي گهَگهيرِنِ گَڏِينِ، تَہ گولِي ٿِي گُذارِئان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 27 ]
ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ،
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]
جِيئَن سي عُمَرَ سُومَرا، تو وَٽِ تُوتَ پَچَنِ،
تِيئَن اَسان جي مُلڪَ ۾، جَهلِئا ڦُلَ اَڪَنِ،
ميوا کان مُرٽَنِ، مُورِ نَہ مِٺا ڀانيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 11 ]
تِيئَن اَسان جي مُلڪَ ۾، جَهلِئا ڦُلَ اَڪَنِ،
ميوا کان مُرٽَنِ، مُورِ نَہ مِٺا ڀانيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 11 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَتِ پييُون، وِڄُون ويسَ ڪَري،
مِينھَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري،
قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 12 ]
مِينھَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري،
قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 12 ]
English Meaning
Countries, regions.