مِلڪَ جي سنڌي معنيٰ
ملڪيت. زمينداري. جاگيرداري. جائداد. مال، اسباب. ڌن، دولت. حق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Property, possession.
مِلڪَ جا بيتن ۾ حوالا
ھَڏِ نَہ ساھُ سُڌِيرُ، دِلِ دَرماندِي دوسَ ري،
پائي وِئا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ،
جِيءُ جُسو جاڳِيرُ، ھاڻي مِلڪَ ھوتَ جِي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 11 ]
پائي وِئا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ،
جِيءُ جُسو جاڳِيرُ، ھاڻي مِلڪَ ھوتَ جِي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 11 ]
وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي،
پُڇان واٽَ پَنوَھارَ تو، ٻَيَڙَ آھِيان ٻيجِي وو ٻيجِي،
جَا نَہ ھَلَندِي ھوتَ ڏي، پيءُ تَھِين جو پازِي وو پازِي،
نَمُ گُهرِجي نِينھَن جو، آھِيان آئُون اَروجِي،
ڪَرَھا ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جا، جوڙي مَنجِهہ جَمازِي،
ويندِيَسِ تَھِين وَرَ ڏي، آھِيان زالَ جَھِين جِي،
جَا نَہ پُرَندِي پِرِينءَ ڏي، سا تان مِلڪَ مي جِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 12 ]

مَڱَ نَہ تُسي مَڱِڻو، نَڪِي مِلڪَ نَہ مالِ،
ڏَنَنِئُون ڏُورِ ٿِيي، ڪا جَا ڳَنِس ڳالِهہ،
آھي اِنَ خِيالِ، تَہ ڏيٺِي ٿِييمِ ڏاتارَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 21 ]
ڏَنَنِئُون ڏُورِ ٿِيي، ڪا جَا ڳَنِس ڳالِهہ،
آھي اِنَ خِيالِ، تَہ ڏيٺِي ٿِييمِ ڏاتارَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 21 ]
ڪَرِئو مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، رُوءِ اُڀِي چوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، زورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سو قَلبُ ڪوٽِ نَہ ھوءِ، جَو ھُتيجَنِ ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 8 ]
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، زورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سو قَلبُ ڪوٽِ نَہ ھوءِ، جَو ھُتيجَنِ ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 8 ]
جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو،
پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ،
پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو اُڀَڙِي چوءِ،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُئاڙي ۽ روءِ،
راڄُ پَرَتو رَبَ کي، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، جورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
ڪَڏِھِين سَئِيسُون ڪانَہ ڪا، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
پانڌِي پَنوَھارَنِ جو، ڪالَهہ نَہ آيو ڪوءِ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رُوحُ مُنھِنجو روءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 8 ]