مِلي جي سنڌي معنيٰ
گڏجي، مِڻي، ڀِڙي. گڏ ٿئي، ڀيڙو ٿئي. سنمک ٿئي، روبرو ٿئي، مقابل ٿئي. گڏجاڻي ٿئي، مُکا ميلو ٿئي، ملاقات ٿئي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be found, obtained, met with, mixed, to blend, correspond, match, tally, be joined, meet, mingle.
مِلي جا بيتن ۾ حوالا
توڏِيءَ کي تَعظِيمَ، ٻِيَنِ سَڀَنِئان اَڳِرِي،
اوڏِي ٿِي اَلِفَ کي، مَنُ گَڏَيائين سين مِيمَ،
جيلان ذاتِ حَلِيمَ، مِلي تي ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 11 ]

نَہ ڪا جهولَ جَهليسِ، نَہ تانگهو نَہ تارِ ڪِي،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَليس،
تانۡ تانۡ جِيءُ جَليسِ، مِلي جانۡ نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 17 ]

ميھاران مَھِي، پِيتائِين پِريمَ ڪِي،
اُرِڪَ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي، ڏِنِيَسِ ڏوتَ ڏَھِي،
سَگهي تان نَہ سَھِي، مِلي جانۡ نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 22 ]

اَڱُ پَسِي رَڱُ ٿِئو، ڪو جَو دَورُ دِلي،
ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نَہ ٿِئو، ڪَچو مَنجِهہ ڪِلي،
جِيئَن تَران تِيئَن تارِ گهَڻو، تُنھِنجو بَحرُ بَلي،
سو ميھارومِ مِلي، آھِيان جَنھِن جي آسِري.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 9 ]

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جِتِ جَهجها،
موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها،
پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 2 ]

پُورَڀَ پُورَڀَ تَب ڪَرُون، جَب ھِينئَڙي آوَنِ پُورَ،
سِڪَندِيءَ کي سَڄَڻين، نِڪُون لايُون نُورَ،
آئُون تَنھِن ماريس سُورَ، جِيئَن ساڄَنُ سُڄي نَہ مِلي.
[ سُر پورب، جوڳي، 7 ]