مَلَ جي سنڌي معنيٰ
ملهہ، يوڌا، ٻلوان، پھلوان، بھادر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wrestlers, brave men. (adj) Courageous, athletic.
مَلَ جا بيتن ۾ حوالا
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ،
جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 14 ]
جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 14 ]
اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ،
جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رَکِين باجَهہ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 19 ]
جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رَکِين باجَهہ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 19 ]
چَنڊَ وِھاڻَيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا مِيرَ،
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 11 ]
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 11 ]
چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا گهوٽَ،
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪوٽَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 12 ]
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪوٽَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 12 ]
چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا ڄامَ،
اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان،
عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 13 ]
اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان،
عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 13 ]
مُومَلَ ماڙِيءَ جَهلَ، اُڀي پُڇي پَھِيَڙا،
ڪَنِي ريکوُن رَتِيُون، ڪَنِي ڳاڙھا ڳَلَ،
مَيسَرِيارا مَلَ، دانَھِ گَهڻا ڏَھوڙِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 25 ]
ڪَنِي ريکوُن رَتِيُون، ڪَنِي ڳاڙھا ڳَلَ،
مَيسَرِيارا مَلَ، دانَھِ گَهڻا ڏَھوڙِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 25 ]
جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي مَلَ،
سَمي جي سُھاڳَ جِي، ڪَنھِن نَہ پيئِي ڪَلَ،
مِٽِي اِيءَ مُرسَلَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 4 ]
سَمي جي سُھاڳَ جِي، ڪَنھِن نَہ پيئِي ڪَلَ،
مِٽِي اِيءَ مُرسَلَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 4 ]
English Meaning
Wrestlers, brave men. (adj) Courageous, athletic.