مُلا جي سنڌي معنيٰ
وٽان، کان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
By, from.
مُلا جا بيتن ۾ حوالا
مَيو اَڳَ مَيو، چانگو چِني نَہ ڪِئو،
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
وَھَ تِکَ وَھَڪُرو، جِتَ لَنگَرَ نَہ ٺَهَرَنِ،
وَڏاندَرِيُون وَھَ سامُهُن، ٿِيُون جَهجهي زورِ جُنبَنِ،
نِينڊونءَ ۾ ناتارِيُون، ڪي وَڻِجارا وِجهَنِ،
مُلا معلِمَنِ، مُون ڳَرِي سُئِي ڳالَهَڙي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 17 ]
وَڏاندَرِيُون وَھَ سامُهُن، ٿِيُون جَهجهي زورِ جُنبَنِ،
نِينڊونءَ ۾ ناتارِيُون، ڪي وَڻِجارا وِجهَنِ،
مُلا معلِمَنِ، مُون ڳَرِي سُئِي ڳالَهَڙي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 17 ]
سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ،
سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ،
اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ،
سَتَ سُکاڻِيُون سَنباھِ تُون، ڇَھَ ڇَڄَھِرِيُون اَڏيجِ،
سَٽِ ساري سَيِّدُ چئَي، پُوري پُڄائيجِ،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پَرُوڙيجِ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، پاڻِي پاڪُ پِيئيجِ،
جَنھِن کي سِڪي سَڀَڪو، پِرِين سو پَسيجِ،
لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 1 ]

پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جٖي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون،
ڀَلِي ڪَري آيو، ٺاٺارو ڏيھان،
ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي جاکَ ڳَرا،
سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا، ھاڻي ھِنَ ھَنڌان،
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون ھَڏِ آڇِ مَ ماءُ،
تان ڪِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، جان ڪُڙِه اَندَرِ ساھُ،
تان ڪِي واسُ وِھائِيان، ٻاروچي مُلا.
[ سُر سامونڊي، وايون، 1 ]

سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون،
سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 16 ]
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون،
سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 16 ]
جَي ڄاڻان جَتَنِ، تَہ پوءِ پَٽاندَرُ ھيتِرو،
آئُون ڪِيئَن مُلا تَنِ، سَرَتِيُون سُورَ پِرايان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 6 ]
آئُون ڪِيئَن مُلا تَنِ، سَرَتِيُون سُورَ پِرايان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 6 ]
جِيئَن سي ھَرَڻُ ھُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،
ھُو پَڳُ نَہ ڌَري پَٽِيين، ھِيءُ ڌَرۡ سِر ڌَري نَہ ساھُ،
جيڪُسِ تَنِ مُلا، سَسُئِيءَ سُورُ پِرايو.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 1 ]
ھُو پَڳُ نَہ ڌَري پَٽِيين، ھِيءُ ڌَرۡ سِر ڌَري نَہ ساھُ،
جيڪُسِ تَنِ مُلا، سَسُئِيءَ سُورُ پِرايو.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 1 ]
ڏُکويُون ڏيھان، جيڪُسِ لَڏي وييُون،
ھاڻي ڪَنِ مُلا، پُڇان پِرِيَنِ خَبَرُون.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 26 ]
ھاڻي ڪَنِ مُلا، پُڇان پِرِيَنِ خَبَرُون.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 26 ]
ڀِنِيءَ ڀَڙَڳَ ڪَنِ، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون،
ھَلو تَہ سيڪِيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،
مُلا سَناسِيَنِ، نِينھَن جَڙَ لَڳِي جانِ کي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 11 ]
ھَلو تَہ سيڪِيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،
مُلا سَناسِيَنِ، نِينھَن جَڙَ لَڳِي جانِ کي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 11 ]
جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏِٺوسُون،
مُلا تَھِين مُون، حاصِلُ ڪِي حالُ ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 17 ]
مُلا تَھِين مُون، حاصِلُ ڪِي حالُ ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 17 ]
English Meaning
By, from.