مَلارُ جي سنڌي معنيٰ
جُهڙ جُهڙالو، مينھوڳي، ٿڌڪار،جُهڙالي وارو ڏينھن .آسودگي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cloudiness. Misty weather.
مَلارُ جا بيتن ۾ حوالا
اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا،
سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ،
ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ جي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ،
اُڪَنڊِئا جي اَبُرَ کي، سي سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
موڪَلَ ٿِي مِينھَن کي، دوسِتَ ھَٿان دِلِدارَ،
قادِرَ پاڻِ قَسَمُ ڪِئو، خاڪِ قَدَمَنِ جي ڪَلتارَ،
آھِين ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمَدَ ساڻُ اَپارَ،
آگي آسِمانَ جو، ڪارِئو سَيرُ سَتارَ،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ، توسين قادِرَ ڪِئا قَرارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 5 ]

سَختِي شَھادَتَ جِي، مِڙيوئِي مَلارُ،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 9 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 9 ]
سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
قَضِيو ڪَربَلا جو، مِڙيوئِي مَلارُ،
ڳالِهہ سَڄِيائِي ڳُجَهہ جِي، اِلاھِي اِسرارُ،
مَولو ٿِئو مُختِيارُ، پَنھِنجَنِ جُون پَرَکُون لَھي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 14 ]
ڳالِهہ سَڄِيائِي ڳُجَهہ جِي، اِلاھِي اِسرارُ،
مَولو ٿِئو مُختِيارُ، پَنھِنجَنِ جُون پَرَکُون لَھي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 14 ]
English Meaning
Cloudiness. Misty weather.