لَڪُ جي سنڌي معنيٰ
جبل يا ڀِٽَ يا ٽڪرين جي وچان ويندڙ لنگهہ، جبل جو رستو يا اڻانگو لنگهہ. ڀٽ، واٽ، لانگهو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A pass between hills or through a mountain, waist, loins.
لَڪُ جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻَندي ٿَڪَمِ ھَٿَ، ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون،
لَڪُ لَهرِنِ گَڏِئو، مَوجُون وَرِيُون مَٿَ،
نِيَمِ ڪُنَ قُوَتَ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 23 ]

پَسِي ڏُونگَرَ ڏاھَ، جِمَ ھَلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين،
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِ،
پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باھِ،
اِنَ وَڙائِتي وَرَ جِي، آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ،
جَو اَکِينُون اوڏو آھِ، سو پِرِين پَراھُون مَ چَئُہ.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 1 ]

ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرا،
لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ،
رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
جَتُ وَڃي ٿو جورِ اُپُڙُ تَہ اوڏِي ٿِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 2 ]

جُٽَ پِٽي پِھُ جَهنگِ، ھاڙِھي پُڇُ مَ ھوتَ کي،
سُورُ سُٻيلِي سَسُئِي، لَڪُ تَھِين سين لَنگهِہ،
سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 3 ]

ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ مَ شَڪُ،
ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ،
وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ ٻارَھن وَرِھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 9 ]

دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرِچِي تان نَہ وِھي،
لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پَھَڻنِ مَنجِهہ پِھي،
سَندي نِينھَن نِھي، ڪِي سَرفِرازَ سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 10 ]

جَي رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِئو چَڙھي،
لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، ھَلي ڏانھَن حُضُورَ،
رَھِئا سَڀَ رِڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ جا سالُورَ،
ساڄَنُ ميڙِئُسِ سُورَ، سُکَ نَہ ميڙِئُسِ سُپِرِين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 16 ]

ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، وَسِ نَہ ويچارِي،
ھوتَ تُنھِنجِي ھَٿَ ري، پَھچي نَہ پارِي،
اَچين جي آرِي، پاندُ، جَهلي لَڪُ لَنگهِيان.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 10 ]

لَووَرياڙي آھِيان، وارِيان تان نَہ وَرَقُ،
سانڍِئُمِ سُپَيرِيَن لَيءِ، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ،
ڪَنڌِ ڪاسو پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ،
سَندو مارُوءَ حَقُ، جانۡ جِيئان تانۡ پارِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 3 ]

مُنڌَ نَہ مَنجهان تَنِ، پَسِي لَڪُ لُڏَنِ جي،
جَا پَرِ کاھوڙِيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 15 ]