لَڪِيُون جي سنڌي معنيٰ
جبل يا ڀِٽَ يا ٽڪرين جي وچان ويندڙ لنگهہ، جبل جا رستا يا اڻانگا لنگهہ. ڀٽون، واٽون، لانگها.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Passes between hills or through a mountain, waists, loins.
لَڪِيُون جا بيتن ۾ حوالا
سُتا سَڀَ پَئِي، سَندي مُعلِمَ آسِري،
اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي،
جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ لَنگهِيندا لَڪِيُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 5 ]

وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي،
پُڇان واٽَ پَنوَھارَ تو، ٻَيَڙَ آھِيان ٻيجِي وو ٻيجِي،
جَا نَہ ھَلَندِي ھوتَ ڏي، پيءُ تَھِين جو پازِي وو پازِي،
نَمُ گُهرِجي نِينھَن جو، آھِيان آئُون اَروجِي،
ڪَرَھا ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جا، جوڙي مَنجِهہ جَمازِي،
ويندِيَسِ تَھِين وَرَ ڏي، آھِيان زالَ جَھِين جِي،
جَا نَہ پُرَندِي پِرِينءَ ڏي، سا تان مِلڪَ مي جِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 12 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ،
اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ،
لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ،
پُرڻُ پُنهونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيامِ،
مَٿِسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 1 ]

ڇَڏي ڙي ھوتَ مَ وَڃُ، اي مِيان يارَ جَتَ،
آئُون اَوَھان جِي آھِيان،
پاڻان پَراھان وِئا، سُڻِي مُئِيءَ جا سَڏَ،
سگهو موٽِجِ سُپِرِين، اوڏِي لاھِي لَڏَ،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، ھاڙِھي ھَنيان ھَڏَ،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ڇوَرِي ھَڏِ مَ ڇَڏِ.
[ سُر معذوري، وايون، 6 ]

ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو،
مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو،
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،
رَھو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تا ڪا گهَڙِي ھِتِ گهارِئو،
سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو، تَنھِن مَعذُورِ کي اَئِين مَ چارَئو،
موڙي مَڃَرَ ڏارِيُون، چانگَنِ کي اَئِين چارِئو،
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ جو، آڳاندِو ڏَڍُ آھِيو،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، لَڪِيُون لَڪَ لنگهايو.
[ سُر ديسي، وايون، 4 ]

گَجئا ڪِينَ گَڙَنگَ، ٻَڌي مُنھِن پَلاڻِئا،
اوٺِيَڙا اَڙٻِنگَ، وِئا لَتاڙي لَڪِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 7 ]

مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙئان ڪيچِ وِئا،
پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ،
سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 19 ]

لَڪِيُون آن لَڳا، ڪِ پَلَؤَ پانڌِيَنِ جا،
تُھان گَهڻيرو ماءِ، رُوَندا اُوءِ رَتُ وِئا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 11 ]

لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِ ڪوھِيارا وِرمِئا،
جَنِي سَندِيءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 12 ]

ھُوءِ ڏوٿِي ھُوءِ ڏِينھَن، ھُوءِ ڏُونگَرَ ھُوءِ لَڪِيُون،
ڪَنھِن جَنھِن لَڌا نِينھَن، ڀُڻان لَهسَنِ لُڪَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 10 ]