لِڪائَي جي سنڌي معنيٰ
ڍڪي، نظرن کان وٿيرڪو ڪري، پري ڪري، گم ڪري، ڇُپائي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Surreptitiously, secretly, hide, conceal.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
لِڪائَي جا بيتن ۾ حوالا
رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ وَٽاءَ،
جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ،
لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 13 ]
جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ،
لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 13 ]
اَکِيُون پيرَ ڪَري وَڃِجي پَرَ وَڃِجي،
سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، ڪَنھِن سان ڪِينَ ڪِجي،
لِڪائَي لوڪَ کان، ڳوٺان ڳُجَهڙِي نِجي،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جو، سُورَ نَہ ڪَنھِن سَلِجي.
[ سُر سھڻي، وايون، 12 ]
سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، ڪَنھِن سان ڪِينَ ڪِجي،
لِڪائَي لوڪَ کان، ڳوٺان ڳُجَهڙِي نِجي،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جو، سُورَ نَہ ڪَنھِن سَلِجي.
[ سُر سھڻي، وايون، 12 ]
آءُ ڪانگا تو ڏِيان، چِٺِي چورائي،
سا وَڃِي ڏي مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائَي،
پِرِين پَڙَهائي، مانَ سُڌِ لَھَنِ سُورَ جِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 28 ]
سا وَڃِي ڏي مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائَي،
پِرِين پَڙَهائي، مانَ سُڌِ لَھَنِ سُورَ جِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 28 ]
تان وَنءُ ويھِي آءُ، اَڱَڻِ کاھوڙِيَنِ جي،
جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائَي لوڪان،
ڏوٿِيَنِ ڪَنھِن ڏُکان، سُمِهي سُکُ نَہ ماڻِئو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 5 ]
جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائَي لوڪان،
ڏوٿِيَنِ ڪَنھِن ڏُکان، سُمِهي سُکُ نَہ ماڻِئو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 5 ]
English Meaning
Surreptitiously, secretly, hide, conceal.