لَڪَ جي سنڌي معنيٰ
جبل يا ڀِٽَ يا ٽڪرين جي وچان ويندڙ لنگهہ، جبل جا رستا يا اڻانگا لنگهہ. ڀٽون، واٽون، لانگها.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Passways between hills or through a mountain, waist, loins.
لَڪَ جا بيتن ۾ حوالا
لَڪَ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڪاھِ،
آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، پوڄَ مَيي کي پاءِ،
ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو تَہ پِريِنءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 59 ]
آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، پوڄَ مَيي کي پاءِ،
ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪاءِ، پَلاڻِئو تَہ پِريِنءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 59 ]
مُون مَريِندا لَڪَ يا والِي ڪيچُ نَہ اوڏِيءَ ڇَڪَ،
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪَري، نِينھَن وَھائِجي نِڪَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 8 ]
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪَري، نِينھَن وَھائِجي نِڪَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 8 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳِئان سَفَرُ سَٽاڻو،
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو،
پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 7 ]
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو،
پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 7 ]
ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ،
اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ،
لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ،
پُرڻُ پُنهونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيامِ،
مَٿِسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 1 ]

ڏُھلا مُون ڏِينھَن ٿِئا، پييَمِ ڄامَ ڄَيُون،
ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾، ٿِئَڙُم رُوحُ رَيُون،
لُڇِئو ٿِئام لَطِيفُ چئَي، ڪارَڻِ دوسِتَ دَيُون،
ڀايان لَڪَ لَيُون، جٖي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 12 ]
ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾، ٿِئَڙُم رُوحُ رَيُون،
لُڇِئو ٿِئام لَطِيفُ چئَي، ڪارَڻِ دوسِتَ دَيُون،
ڀايان لَڪَ لَيُون، جٖي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 12 ]
ھيڪَلِيائِي ھيلَ، پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، سُورِيُون سُڄَنِ سيلَهہ،
تَہ ڪَرَ ٻِيلِيَنِ ٻِيلَهہ، جٖي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 14 ]
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، سُورِيُون سُڄَنِ سيلَهہ،
تَہ ڪَرَ ٻِيلِيَنِ ٻِيلَهہ، جٖي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 14 ]
اللهَ اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَھو ٿِئي،
پَسان مانَ پَرِ ڪَھِين، تَنِ جَتَنِ سَندِي جُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، سُڻِيان ھوتَنِ ھوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 14 ]
پَسان مانَ پَرِ ڪَھِين، تَنِ جَتَنِ سَندِي جُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، سُڻِيان ھوتَنِ ھوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 14 ]
ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچارِيءَ رُوءِ،
بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ ھُوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبُوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 15 ]
بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ ھُوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبُوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 15 ]
پَھَڻَ پُرياڌي پَٻَ جا، جَبَلَ جِتِ جاڏا،
توڏَنِ جا تَڙَ ڀِيڙَ ۾، کُپَنِ مَ کاڏا،
اَچَنِ جي آڏا، لَڪَ سَوَلا لَنگهِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 15 ]
توڏَنِ جا تَڙَ ڀِيڙَ ۾، کُپَنِ مَ کاڏا،
اَچَنِ جي آڏا، لَڪَ سَوَلا لَنگهِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 15 ]
ھِڪُ پاھَڻُ، ٻِيُون پَٽِيُون، ٽِئا جَبَلَ اُتِ جاڏا،
اَڳِئان اَڻَ سُونھِن کي، تَنگَ پُڇَنِ تاڏا،
جي مُٺِيءَ مُنھَن آڏا، سي ٽارِجِ لَڪَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 16 ]
اَڳِئان اَڻَ سُونھِن کي، تَنگَ پُڇَنِ تاڏا،
جي مُٺِيءَ مُنھَن آڏا، سي ٽارِجِ لَڪَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 16 ]
English Meaning
Passways between hills or through a mountain, waist, loins.