لِڪَ لِڪوٽِيءَ جي سنڌي معنيٰ
لِڪ ڇپ راند جو هڪ قسم، هڪ راند جو نالو، جنهن ۾ هڪڙو اکيون پُوري تہ ٻيا لِڪن، پوءِ هو ٻين کي ڳولهي لھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a game. Hide and seek game.
لِڪَ لِڪوٽِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
سِڪَ سِڪائي سِکُ، سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي،
لِڪَ لِڪوٽِيءَ لِڪُ، تَہ خَبَرَ ٿِئي نَہ کَرَنِ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 2 ]
لِڪَ لِڪوٽِيءَ لِڪُ، تَہ خَبَرَ ٿِئي نَہ کَرَنِ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 2 ]
مُون مَريِندا لَڪَ يا والِي ڪيچُ نَہ اوڏِيءَ ڇَڪَ،
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪَري، نِينھَن وَھائِجي نِڪَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 8 ]
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪَري، نِينھَن وَھائِجي نِڪَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 8 ]
جَهنگُ کامِي پَٽُ ٿِئو، ويئِي چوران لِڪَ،
سيڪِڙُو ۽ سِڪَ، ٻيئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 10 ]
سيڪِڙُو ۽ سِڪَ، ٻيئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 10 ]
نانگا نانِيءَ ھَلِئا، لوڪان ڪَري لِڪَ،
ويئِي مُون وِھَڪَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 41 ]
ويئِي مُون وِھَڪَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 41 ]
English Meaning
Name of a game. Hide and seek game.