ڪُوڙُ جي سنڌي معنيٰ
مَٺُ، جُوٺُ، ڪُپت، کوٽُ، خِلاف، ڪُساکَ. دروغ. دولابُ، ٺَڳي، بي ايماني، مَڪر، فريب، ڇَندُ، ڦَندُ. ڪُوٽَ بي بقا ڳالهہ، بي بُنياد ڳالهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A falsehood, lie, untruth. Base metal in counterfeit money. (adj) Evanescent, fleeting.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڪُوڙُ جا بيتن ۾ حوالا
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ چيتاريجِ،
ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ،
وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 6 ]
ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ،
وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 6 ]
ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَھَدَ اللهَ جا،
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائِين چُورُ،
مَعلُومُ اَٿيئِي مُورُ ڳُوڙھا اِنَهِيءَ ڳالِهہ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 7 ]
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائِين چُورُ،
مَعلُومُ اَٿيئِي مُورُ ڳُوڙھا اِنَهِيءَ ڳالِهہ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 7 ]
اُٿِي اورِ اللهَ سين، ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارِجِ مَچُ،
اِنَ پَرَ اُٿِي اَچُ، تَہ سودو ٿِئي سَفِرو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 8 ]
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارِجِ مَچُ،
اِنَ پَرَ اُٿِي اَچُ، تَہ سودو ٿِئي سَفِرو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 8 ]
وَکَرُ وِھايُئِي لُوڻُ، ٿو رُنگَ کَٿُورِيءَ گُهرين،
ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالَهائِين ڪُوڙُ،
جِمَ وِڃائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو رَسِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 8 ]
ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالَهائِين ڪُوڙُ،
جِمَ وِڃائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو رَسِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 8 ]
چوٿين ڏِينھِن چَوگانَ ۾، ڪَنھِن جَنھِن پَھِ پِئا،
اَندَرِ آديسِيَنِ جي، اَچَنِ جوشَ جِھا،
وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾ ڪُوڙُ ڪِئا،
سامِي سونُ ٿِئا، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 4 ]
اَندَرِ آديسِيَنِ جي، اَچَنِ جوشَ جِھا،
وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾ ڪُوڙُ ڪِئا،
سامِي سونُ ٿِئا، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 4 ]
مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين،
ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ،
اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،
جِيئَن سِڪَنِ تِيئَن سَچُ، جِيئَن سَڙَنِ تِيئَن سَنِرا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 9 ]
ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ،
اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،
جِيئَن سِڪَنِ تِيئَن سَچُ، جِيئَن سَڙَنِ تِيئَن سَنِرا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 9 ]
مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي.
اِلاهِي عِنايَتَ سين، سِيلُ نِباهِئو سَچي،
کَنڊون کائِي کِيرَ سين، مارُوءَ ريءَ ڪِيئَنِ مَچي،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، لَيءِ پَنوهارَنِ پَچي،
اَچَڻُ وَسِ نَہ مُنھِنجي، جي آڻايوسِ تَہ اَچي،
ڦوڳَ ڦِڪائِي جا ڪِي، ڪُوڙُ ڳالَهايو ڪَچي.
[ سُر مارئي، وايون، 11 ]