ڪُوڙو جي سنڌي معنيٰ
ڪُوڙُ ڪندڙ، ڪُوڙ ڳالهائيندڙ، جُوٺو، ڪُساکي، ڪَذاب، کوٽو. فريبي، دغابازُ. جعلي، مصنوعي، بناوتي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Untrue, lying, a liar, false, counterfeit, spurious, inconstant, insincere.
ڪُوڙو جا بيتن ۾ حوالا
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِجِ چورُ،
قَلبَ مان ڪَڍُ تُون، ماري ڪُوڙو ڪورُ،
ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿان تو مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 3 ]

ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 21 ]

ڪانگَلُ نَہ ڪُوڙو، جَو کُڏِ چَڙِهئو ڏي خَبَرُون،
اَچي وَڃي وِچَ ۾، مَٿي دَرَ دُوڙو،
جَو اَندَرِ اوسِيڙو، سو لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 23 ]

ڪُوڙو تُون ڪُفُرَ سين، ڪافِرُ مَ ڪوٺاءِ،
ھِندُو ھَڏِ نَہ آھِين، جَڻِيُو تو نَہ جُڳاءِ،
تِلِڪُ تَنِي لاءِ، سَچا جي شِرڪَ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 23 ]

ڪُوڙِي راندِ ڪُوڙو چَٽَڪو، لِکَ سِيئَن لَلو پتو،
لَنيو جِيئَن لامين چَڙِهي، ڪِئو ڪارايَلَ ڪَٽِڪو،
ڪِ تو ڪَنين نہ سُئو، شَهبازَ جو سَٽَڪو،
وَڻِ چَڙِهئو وائي ڪَري، لامُنِ ۾ لَٽِڪِئو،
ھاري ويھُ مَ ويسَرو، ڏِيندِيئِي جهارِ جَهٽَڪو.
[ سُر ڪارايل، وايون، 3 ]

جَو تو مَڻِيو ڀانيو، سو اَصلِ ڪُوڙو ڪَچُ،
ھِنَ دُتاري ھارَ کي، سوڀِي ڀانءِ مَ سَچُ،
ھِتِ ڳالِهيُون ڪَرِيين ڳَچُ، ھُتِ حَرَفُ نَہ ھَلَندُءِ ھِڪِڙو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 11 ]