وَڻَ جي سنڌي معنيٰ
بَن، درخت، جهنگ، ورک
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Trees, bushes, forest, units of Jangal.
وَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪا مُون مُڇيجاھُ، گهَڻِيُون گهُربِيان اوٺِيا،
ھِي وَڻَ نَہ لَھَنداھُ ھُو وَڻَ اوڏاھِين گَهڻا.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 7 ]
ھِي وَڻَ نَہ لَھَنداھُ ھُو وَڻَ اوڏاھِين گَهڻا.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 7 ]
لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو،
آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ،
مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ ڏي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 8 ]
آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ،
مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ ڏي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 8 ]
گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾،
جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري،
لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان لايان ڳَري،
جَو سِينگارُ سَرَتِيين، سو مُون ناھِ ڳَري،
جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، وَڃان پيرَ ڀَري،
قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، ڪَنھِن کي ڪِينَ ٽَري،
جيڪِي لِکئو لوحَ قَلَمَ ۾، پارِيان سو پَري.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 1 ]

تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا،
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
ھِي ٻَہ ڳالِهڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرِينءَ سين،
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]
چانگي چَئِي چُڪِياسِ، مَٿان اَڪَ نَہ اُلَهي،
جَنھِن وَلَ گَهڻا وِھاٽِئا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ،
چَوڌارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پوڄ پِياسِ،
رُئاڙي رَتُ ڪِياسِ، اِنَ ڪُڌا توري ڪَرَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 44 ]
جَنھِن وَلَ گَهڻا وِھاٽِئا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ،
چَوڌارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پوڄ پِياسِ،
رُئاڙي رَتُ ڪِياسِ، اِنَ ڪُڌا توري ڪَرَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 44 ]
آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکِڙِيُون چَري،
ڪُڌا تُورو ڪَرَھو، لِڪِئو لَڻِي کاءِ،
اِنَ مَيي سَندي ماءَ، مُون کي ڳالِهڙِيُنِ ڳوِڙھا ڪِئا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 46 ]
ڪُڌا تُورو ڪَرَھو، لِڪِئو لَڻِي کاءِ،
اِنَ مَيي سَندي ماءَ، مُون کي ڳالِهڙِيُنِ ڳوِڙھا ڪِئا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 46 ]
جَرِ تَڙِ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون،
اَلا ڪانڌُ اَچي، آسائِتي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 23 ]
اَلا ڪانڌُ اَچي، آسائِتي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 23 ]
ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي،
ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي،
جَو پَسان سو ڀايان، پِريان جو پَھِي،
ڏِٺا وَڻَ ڪوھِيارَ جا، ويئِي اُڃَ لَھِي،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، رائي راتِ رھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 21 ]
ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي،
جَو پَسان سو ڀايان، پِريان جو پَھِي،
ڏِٺا وَڻَ ڪوھِيارَ جا، ويئِي اُڃَ لَھِي،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، رائي راتِ رھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 21 ]
ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون،
آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀانيو آئُون گهَرِ، آھِين آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 9 ]