وَڻِڪارَ جي سنڌي معنيٰ
ضلعي لسٻيلي جي کيرٿر جبل جي قطار سان گڏ هڪ ماڳ، اها جُوءِ جتان نئن باران اچي ٿي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A green area of district Lassbela.
وَڻِڪارَ جا بيتن ۾ حوالا
جيڪُسِ يادِ ڪِئاسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾،
جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ،
وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 3 ]
جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ،
وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 3 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳَ نَہ ڏيھُ ڏٺومِ،
ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ،
جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 4 ]
ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ،
جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 4 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، پاڻِي کَنيُمِ نَہ پاءُ،
جَبَلُ جَلِدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئَي، مَعذُورِنِ مَٿانءُ،
اُتي آڏو آءُ، جِتِ ھُوندِيَسِ ھوتَ ھيڪَلِي،
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 5 ]
جَبَلُ جَلِدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئَي، مَعذُورِنِ مَٿانءُ،
اُتي آڏو آءُ، جِتِ ھُوندِيَسِ ھوتَ ھيڪَلِي،
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 5 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، نَہ مُون ساڻُ سَمَرُ،
سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ،
جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ ڀَرُ،
وِلِهِيءَ ڪَري وَرُ، رَسجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 6 ]
سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ،
جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ ڀَرُ،
وِلِهِيءَ ڪَري وَرُ، رَسجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 6 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳِئان سَفَرُ سَٽاڻو،
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو،
پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 7 ]
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو،
پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 7 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، بارِي پُڇي بَرَ،
وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلِهِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 8 ]
وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلِهِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 8 ]
واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ،
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ جهائُو جهمَرُ جَهرَ،
ڪوسا تَپَنِ ڪَڪِرا، ٻِي ڌَمڌَمِ تَپي ڌَرَ،
ويچارِي ڏي وَرَ، پيرُ نَہ لَھي پِرِينءَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 11 ]
ڪوسا تَپَنِ ڪَڪِرا، ٻِي ڌَمڌَمِ تَپي ڌَرَ،
ويچارِي ڏي وَرَ، پيرُ نَہ لَھي پِرِينءَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 11 ]
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪِئا ھيڪَلِيُن حِيلا،
جِتِ ڪُڙِمَ نَہ قَبِيلا، تِتِ رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 12 ]
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪِئا ھيڪَلِيُن حِيلا،
جِتِ ڪُڙِمَ نَہ قَبِيلا، تِتِ رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 12 ]
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون ۽ چِيھا،
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
English Meaning
A green area of district Lassbela.