وَڻُ جي سنڌي معنيٰ
بَنُ، درخت، ورک، جهنگ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A tree, a bush
وَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پَنُ،
تِئان ڇاڻي ڇَڳيُون، مَيي رَتو مَنُ،
تَنھِن وَلِ سَندو وَڻُ، ڪُوماڻو ڪوڙِ لَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 54 ]
تِئان ڇاڻي ڇَڳيُون، مَيي رَتو مَنُ،
تَنھِن وَلِ سَندو وَڻُ، ڪُوماڻو ڪوڙِ لَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 54 ]
ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ڪُڇِئائُون،
رَھِي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، اُنِهين وَٽِ ”آئُون“،
وَڍي وِڌائُون، ھُو جو وَڻُ ”ھُئَڻَ“ جو.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 4 ]
رَھِي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، اُنِهين وَٽِ ”آئُون“،
وَڍي وِڌائُون، ھُو جو وَڻُ ”ھُئَڻَ“ جو.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 4 ]
ڪيچان اوري ڪِٿَھِين، وَڻُ نَہ ويساھِين،
ڪَمِيڻِي ڪيچِيَنِ لاءِ، پُورِجِ پَراھِين،
تاڻِجِ تيڏاھِين، وارِجِ ڪا مَ وَرَڻَ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 4 ]
ڪَمِيڻِي ڪيچِيَنِ لاءِ، پُورِجِ پَراھِين،
تاڻِجِ تيڏاھِين، وارِجِ ڪا مَ وَرَڻَ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 4 ]
ڏُونگَرَ تُون ڏاڍو، ڏاڍو ڏاڍايُون ڪَرِين،
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَھين، جِيئَن وَڻُ وَڍي واڍو،
ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نَہ تَہ پَٿَرِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 1 ]
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَھين، جِيئَن وَڻُ وَڍي واڍو،
ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نَہ تَہ پَٿَرِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 1 ]
ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِي زَنانو جوڳُ،
سامِي سُڃاڻَڻُ پِئو، ايڪُ دُوئِي ٻِئو دَوڳُ،
جَنھِن وَڻُ ڀانيو ڦوڳُ، رامُ تَنھِين کي ريبئو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 23 ]
سامِي سُڃاڻَڻُ پِئو، ايڪُ دُوئِي ٻِئو دَوڳُ،
جَنھِن وَڻُ ڀانيو ڦوڳُ، رامُ تَنھِين کي ريبئو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 23 ]
ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ،
تو ۾ بُوءِ بَھارَ جِي، مُشڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ،
اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهجِ اَڱڻُ،
توکي پَسِي تَنُ، سُورنئِوُن صافُ ٿِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 19 ]
تو ۾ بُوءِ بَھارَ جِي، مُشڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ،
اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهجِ اَڱڻُ،
توکي پَسِي تَنُ، سُورنئِوُن صافُ ٿِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 19 ]
نَفِيءَ جي نانھِن سين، پَھِي پِڃِئائُون،
ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون،
ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون،
”اَسِين“ ۽ ”آئُون“، آتَڻِ اُنِ نَہ اُڄَھي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 16 ]
ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون،
ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون،
”اَسِين“ ۽ ”آئُون“، آتَڻِ اُنِ نَہ اُڄَھي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 16 ]
English Meaning
A tree, a bush