وَڻين جي سنڌي معنيٰ
وڻن تي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
On trees.
وَڻين جا بيتن ۾ حوالا
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڪِي جو ڏِٺائِين،
مَوتُ مارِيائِين، پاڻُ تَنھِنجِيءَ پُٺِ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 13 ]
مَوتُ مارِيائِين، پاڻُ تَنھِنجِيءَ پُٺِ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 13 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، رَئِي پَسِئو ٿِي روءِ،
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 14 ]
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 14 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، اُوچَنِ مَٿي اَڄُ،
لالَڻَ ڪارَڻِ لَڄُ، باسِئائِين بَردارِ جِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 15 ]
لالَڻَ ڪارَڻِ لَڄُ، باسِئائِين بَردارِ جِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 15 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏِئو پَٽولي لانگَ،
سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِيئَن، ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ،
ڪانڌِي ٿِيندَسِ ڪانگَ، ھُو جي روڏَ رِڃُنِ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 16 ]
سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِيئَن، ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ،
ڪانڌِي ٿِيندَسِ ڪانگَ، ھُو جي روڏَ رِڃُنِ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 16 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهنِ ٿِيندِي ڳاھُ،
سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙِھِئو، پِريان لَئي پاساھُ،
ھُوءِ مِرُون ھِيءُ ماھُ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکئِو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 17 ]
سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙِھِئو، پِريان لَئي پاساھُ،
ھُوءِ مِرُون ھِيءُ ماھُ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکئِو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 17 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهون ڳارا ڏِينِ،
ماري اُڃَ ماندِي ڪِي، جهولا جَهڙَپِينِ،
ڦِرئو ڦيرا ڏِينِ، بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 18 ]
ماري اُڃَ ماندِي ڪِي، جهولا جَهڙَپِينِ،
ڦِرئو ڦيرا ڏِينِ، بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 18 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، ڳِجُهنِ ڪِئو ڳارو،
مَٿان اُلَھِي مُنڌَ جي، ڏيِنِ لَمِي لامارو،
مُٺِيَسِ مُون مارو، ڪَندا بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 19 ]
مَٿان اُلَھِي مُنڌَ جي، ڏيِنِ لَمِي لامارو،
مُٺِيَسِ مُون مارو، ڪَندا بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 19 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏُسڪِئو جَهلي ڏارَ،
ٻَھَ ٻَھَ ٻيلايَنِ جي، ڪانڀُوءَ ۾ قَطارَ،
لَڪَنِ مان لَطِيفُ چئَي، نُوڙِئو ڪَري نِھارَ،
سي شِينھَن پَسِئو شُڪرانا ڪَري، ڀانئي ڪَرَھَنِ جا ڪَپارَ،
ھُو گُهمَنِ ۾ گِنوارَ، ھِيءَ ڀانئي اُٺَ بَلوچَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 20 ]

وِلاڙِيو وَڻين چَرِھي، ڏُسڪي مَنجِهہ ڏارَنِ،
ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ،
ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،
لَسَ کان لُڙِڪَنِ، آڏو ڌُنڌُ اَچِي وِئو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 21 ]
ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ،
ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،
لَسَ کان لُڙِڪَنِ، آڏو ڌُنڌُ اَچِي وِئو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 21 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ،
مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ،
کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،
ويسَ لالائِي لِڱَنِ جِي، جهولي جِيءُ جَهڙپِيوسِ،
قُربانِي قَبُولِيوس، باسي مُنڌَ مَوتُ ھَلي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 22 ]