سُڃَ جي سنڌي معنيٰ
اُجاڙ، ويراني، ڀينگ، تباهي، اَرَءُ، رڻ. ٻُڙِي. (جتان سنسڪرت يا ھنديءَ ۾ شنيہ ٿيو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Barren, waste, uninhabited, desolate. Desolation, waste, vacancy, void space. Zero, nothing.
سُڃَ جا بيتن ۾ حوالا
جُھ سي اَڱَڻِ آيا، سَرو ڪَندا سُڃَ،
سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 23 ]
سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 23 ]
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ،
پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ،
جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،
تيلاھَن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 7 ]
پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ،
جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،
تيلاھَن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 7 ]
سَدا سائِرَ سِيرَ ۾ اُنِ کي اَندَرِ لَھي نَہ اُڃَ،
پَسَڻُ جو پِرِينءَ جو، سو سَڀائي سُڃَ،
تيلاھَن مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 8 ]
پَسَڻُ جو پِرِينءَ جو، سو سَڀائي سُڃَ،
تيلاھَن مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 8 ]
ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي،
اَندَرِ جَنِي اُڃَ، پاڻِي اُڃِئو اُنِ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 9 ]
اَندَرِ جَنِي اُڃَ، پاڻِي اُڃِئو اُنِ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 9 ]
پُنهون ڇڏِئو پوءِ، جانِبُ جَبَلَ گهورِيين،
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
ساٿِيَنِ سَويرَ، آڻي اُٺَ اَويٽِئا،
اِيئَن نَہ ڀانيُمِ جيڏِيُون، تَہ ڪا ڏاڍِي ڪَندا ڏيرَ،
اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 2 ]
اِيئَن نَہ ڀانيُمِ جيڏِيُون، تَہ ڪا ڏاڍِي ڪَندا ڏيرَ،
اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 2 ]
وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري، ڀينَرُ راتِ ڀِنِي،
سُڌِ لَڏِيندي ساٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪانَہ ڏِنِي،
وِئَڙا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 3 ]
سُڌِ لَڏِيندي ساٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪانَہ ڏِنِي،
وِئَڙا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 3 ]
ڪَري سُڃَ سَنجهي وِئا، اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ،
لَڙِيي سِڄَ لَطِيفُ چئَي، پيئي کَڻان پيرَ،
ڀَلي ڏَمَرِئا ڏيرَ، جِنِ واري نِينھَن نَئُون ڪِئو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 5 ]
لَڙِيي سِڄَ لَطِيفُ چئَي، پيئي کَڻان پيرَ،
ڀَلي ڏَمَرِئا ڏيرَ، جِنِ واري نِينھَن نَئُون ڪِئو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 5 ]
سُڃَ وَسَندِي تَنِ کي، جوشَ جَلايا جي،
طالِبَ جي تَحقِيقَ جا، نِينھُن تَنِي وَٽِ ني،
ٽيڏِي پَسي ٽي، ھُو تان آھي ھيڪِڙو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 7 ]
طالِبَ جي تَحقِيقَ جا، نِينھُن تَنِي وَٽِ ني،
ٽيڏِي پَسي ٽي، ھُو تان آھي ھيڪِڙو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 7 ]
وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن،
سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 9 ]
سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 9 ]
English Meaning
Barren, waste, uninhabited, desolate. Desolation, waste, vacancy, void space. Zero, nothing.